; سنڌي شخصيتون: عبداش پنهور

20 September, 2026

عبداش پنهور

عبداش پنهور

بيمار صحافي جي مالڪي ڪريو

مختيار علي



سنڌ جي علمي، ادبي ۽ صحافتي تاريخ ۾ ڪجهه نالا اهڙا هوندا آهن، جيڪي هڪ الڳ سڃاڻپ جوڙي وٺندا آهن. اهي ماڻهو پنهنجي فڪر، اصولن ۽ خودداريءَ جي ڪري زماني کان مٿانهون مقام حاصل ڪري وٺندا آهن. اهڙن ئي نالن ۾ هڪ نالو سينئر صحافي، اديب ۽ کاٻي ڌر سان سلهاڙيل ساٿي عبداش پنهور به آهي. عبداش پنهور ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. هن نه رڳو صحافت جي ميدان ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو، پر ادبي دنيا ۾ به پنهنجي فڪر ۽ قلم ذريعي هڪ سڃاڻپ قائم ڪئي. هن پنهنجي قلم کي ڪڏهن به ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو، بلڪه هميشه ان کي مظلومن، پورهيتن ۽ عام ماڻهن جي حقن لاءِ استعمال ڪيو. عبداش پنهور جي سياسي شعور جي شروعات ننڍپڻ کان ٿي. هن ٻارڙا سنگت جهڙي ترقي پسند پليٽفارم تان سياست جي شروعات ڪئي، جتي هن سماجي برابري، انساني حقن ۽ انصاف جي قدرن کي سمجهيو. اهو ئي سبب آهي جو هو سڄي عمر کاٻي ڌر جي سياست سان سلهاڙيل رهيو. هن لاءِ سياست ڪو اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه هئي، پر اها هڪ اهڙي جدوجهد هئي جنهن جو مقصد سماج ۾ انصاف، برابري ۽ شعور پيدا ڪرڻ هو.


اڄ جي دور ۾ جڏهن سياست گهڻو ڪري ذاتي مفادن، مفاهمتن ۽ موقعا پرستيءَ جي ور چڙهيل آهي، عبداش پنهور جهڙا ماڻهو هڪ الڳ مثال پيش ڪن ٿا. هن ڪڏهن به ڪنهن نانيءَ ويڙهي يا طاقتور گروهه جو سهارو نه ورتو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڪا سرڪاري مراعت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نه ئي ڪنهن سياسي يا مالي فائدن لاءِ پنهنجا اصول وڪرو ڪيا. هن سڄي عمر خودداريءَ سان گذاري، جيڪا اڄ ناياب چڪي آهي. صحافت جي ميدان ۾ عبداش پنهور جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. هن پنهنجي رپورٽنگ ۽ ڪالمن ذريعي هميشه سچ کي ترجيح ڏني، هن جاگيردارن جي ڪرتوتن ۽ ناانصافين کي وائکو ڪيو.

ادبي ميدان ۾ به عبداش پنهور جو ڪردار قابلِ ذڪر آهي. سندس لکڻين ۾ سنڌي سماج جي مسئلن، ثقافتي قدرن ۽ سياسي حالتن جو گهرو جائزو ملندو آهي. هن پنهنجي تخليقن ذريعي نه رڳو حالتن جي عڪاسي ڪئي، پر ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور به ڪيو. سندس انداز سادو، پر اثرائتو هو اهو انداز جيڪو سڌو دل تائين پهچيو وڃي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙي شخصيت، جنهن پنهنجي سڄي زندگي سماج لاءِ وقف ڪئي، اڄ جڏهن بيماريءَ جي ور چڙهيل آهي، تڏهن هو بنيادي علاج جي سهولتن کان به محروم آهي. اها صورتحال نه رڳو افسوسناڪ آهي، ڇا اسان جو سماج ۽ اسان جا ادارا ايترا بيحس ٿي چڪا آهن، جو اهي پنهنجن محسنن کي به وساري ويهن ٿا؟

سرڪاري ادارن، خاص طور تي ثقافت، اطلاعات ۽ سماجي ڀلائي وارن کاتن جي ذميواري هئي ته هو عبداش پنهور جي مدد ڪن . پر عملي طور تي جيڪو ڪجهه نظر اچي رهيو آهي، اهو مڪمل بيحسيءَ جو عڪس آهي. وڏيون وڏيون دعوائون، ادبي ڪانفرنسون، ثقافتي ميلا ۽ تقريبون ته ٿين ٿيون، پر جڏهن ڪنهن اهل قلم کي عملي مدد جي ضرورت پوي ٿي، تڏهن اهي ادارا خاموش ٿي وڃن ٿا. هي رڳو عبداش پنهور جو مسئلو ناهي. پر سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا اديب، شاعر ۽ صحافي آهن، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جي آخري دور ۾ مالي مشڪلاتن ۽ بيمارين سان وڙهي رهيا آهن. انهن لاءِ نه ڪو موثر نظام موجود آهي، نه ئي ڪو مستقل فنڊ، جيڪو انهن جي مدد ڪري سگهي. نتيجي طور اهي ماڻهو، جيڪي سڄي عمر سماج کي شعور ڏيندا رهيا، پاڻ بي يار و مددگار ٿي وڃن ٿا. اسان جي معاشري ۾ فن ۽ فڪر جي ماڻهن کي انهن جي زندگيءَ ۾ اهو مقام نٿو ڏنو وڃي، جنهن جا هو حقدار هوندا آهن. جڏهن اهي ماڻهو دنيا مان هليا ويندا اهن ته تڏهن سندن واکاڻ جا دهل وڄايا وڃن ٿا، پر جيئري کين نظرانداز ڪيو ويندو آهي جيئن عبداش پنهور ۽ ذوالفقار راڄپر کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. ذوالفقار راڄپر پڻ ڪافي عرصي کان جگر جي مرض ۾ مبتلا آهي، جنهن جي بيماري مناسب علاج نه ٿيڻ سبب خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهي آهي، جنهن سينئر صحافي ۽ اديب ذوالفقار راڄپر کي نهوڙي صفا هيڻو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب پنڌ هلندي ڪري پوندو آهي.

سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو فوري طور تي عبداش پنهور جي علاج لاءِ مالي مدد فراهم ڪري. ان سان گڏ کيس هڪ اهڙو مستقل نظام پڻ قائم ڪرڻ گهرجي، جنهن تحت اديبن، صحافين ۽ فنڪارن جي ڀلائي لاءِ فنڊ موجود هجي، جيئن مستقبل ۾ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين. سماج جي ٻين طبقن کي به پنهنجي ذميواري سمجهڻ گهرجي. ڪاروباري ماڻهن، سماجي تنظيمن ۽ مخير حضرات کي اڳتي اچي اهڙن ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي زندگي سماج لاءِ وقف ڪن ٿا. صحافتي تنظيمن کي به گهرجي ته هو بيمار ۽ بيڪس صحافين جي ڀلائي لاءِ عملي ڪردار ادا ڪن، عبداش پنهور جي زندگي اسان لاءِ هڪ سبق آهي. اصولن تي قائم رهڻ جو، خودداريءَ سان جيئڻ جو ۽ سچ لاءِ وڙهڻ جو. پر ساڳئي وقت سندس موجوده حالت اسان لاءِ هڪ سوال به آهي ته ڇا اسان اهڙن ماڻهن جي قدر ڪرڻ ڪڏهن سکنداسين؟

جيڪڏهن اسان پنهنجي روين ۾ تبديلي نه آندي ته اسان وٽ اهڙا ماڻهو ئي نه رهندا، جيڪي سماج کي سچ جو آئينو ڏيکارين. عبداش پنهور جهڙا ماڻهو قومن جو سرمايو هوندا آهن ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي سرمايي کي ئي سنڀالي نه سگهنداسين، ته پوءِ اسان جي مستقبل جو تصور به ڌنڌلو ٿي ويندو.

رپورٽون آهن ته سنڌ جو سينئر صحافي، اڳوڻو شاگرد اڳواڻ عبداش پنهور ڳلي جي بيماري سبب دوڙ ويجهو پنهنجي اباڻي ڳوٺ دولو ۾ گهر اندر بستري تي پيل آهي. عبداش پنهور جي خاندان وارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت مدد ڪري ته اسان سندس ڪراچي ۾ علاج ڪرائڻ چاهيون ٿا. تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته سرڪاري خرچ تي ڪراچي جي ڪنهن بهتر اسپتال مان علاج ڪرائي. عبداش پنهور سان رپورٽن موجب ڪجهه صحافتي تنظيمن، سندس صحافي ۽ سياسي دوستن رابطو ڪيو آهي ۽ سندس وارثن کي خاطري ڪرائي آهي ته عبداش پنهور جو ڪراچي مان علاج ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهيون پر جيڪڏهن عبداش پنهور سان ڪنهن رابطو ناهي ڪيو ته اها سنڌ حڪومت آهي.

اسان جو خيال آهي ته سنڌ حڪومت کي سينئر، نظرياتي ۽ ڪميٽڊ صحافي عبداش پنهور جي علاج لاءِ فوري طور تي ساڻس رابطو ڪرائڻ گهرجي. جيڪڏهن علاج ۽ دوائون سستيون هجن ته جيڪر حڪومتن کي گذارش ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿئي پر حڪومتون ئي ان مهانگي علاج ۽ مهانگين ٽيسٽن ۽ دوائن جون ذميوار آهن. اها به حقيقت آهي ته عوام جي علاج جي آخري ذميواري به حڪومتن مٿان هوندي آهي. ان معيار تي به اهو حڪومت جو ئي ڪم آهي ته اها ماڻهن جي علاج کي يقيني بڻائڻ جو انتظام ڪري. ٻئي حوالي سان ڏسجي ته اڄ جي دور ۾ صرف علاج، دوائون ۽ ٽيسٽون ئي مهانگيون ناهن پر مجموعي طور تي مهانگائي به چوٽ چڙهيل آهي. ٻيو ته ڇڏيو پر اسپتالن ڏانهن اچڻ وڃڻ به مهانگو سفر ٿي ويو آهي. ان صورت حال ۾ جڏهن هڪ سينئر صحافي جيڪو علاج نه ڪرائي سگهڻ سبب هڪ ڳوٺ ۾ گهر جي کٽ تي پيل آهي تنهن جي مالڪي صحافتي ۽ سياسي تنظيمن جي ٿئي ٿي ته اهي سندس علاج لاءِ اڳڀرائي ڪن ۽ حڪومت کي مجبور ڪن ته اها پنهنجي سرڪاري خرچ تي صحافي جو علاج ڪرائي.

هن وقت تائين جيڪي رپورٽون مليون آهن تنهن ۾ سٺي اڳڀرائي اها نظر آئي آهي ته ڪجهه صحافتي تنظيمن، صحافين توڙي سياسي دوستن عبداش پنهور سان رابطو ڪيو آهي ۽ سندس علاج لاءِ ڪوششون ورتيون آهن جنهن بابت اميد آهي ته اهي ڪامياب ٿينديون. اهڙين ڪوششن ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ جو هي ايڊيٽوريل به شامل آهي. هن ايڊيٽوريل ذريعي عوامي آواز ميڊيا گروپ به سينئر، نظرياتي ۽ ترقي پسند صحافي جي علاج جو مطالبو ڪري ٿو. اسان هن ايڊيٽوريل ذريعي عبداش پنهور سان مخاطب ٿي نه صرف سندس عيادت ڪريون ٿا پر کيس اها به دلجاءِ ڏيون ٿا ته اسان سڀ ساڻس گڏ آهيون، ان ڪري عبداش پنهور کي ڪنهن به پل پاڻ کي اڪيلو نه سمجهڻ گهرجي.

سو اچو ته اسين سڀ عبداش پنهور جي مالڪي ڪريون. اسان سڀ مان مراد سڀ صحافتي تنظيمون، ميڊيا جا ادارا ۽ سنڌ حڪومت شامل آهي. سڀني کي عبداش پنهور جي علاج لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن جي يقينن شروعات سٺي ٿي آهي. باقي انفرادي طور تي اسان پنهنجن صحافين ۽ اديبن کي به اپيل ڪنداسين ته اهي پنهنجي حصي جي به ذميواري ادا ڪن ۽ ڪوشش ڪن ته پنهنجي صحت جو خاص خيال ڪن ۽ بيمارين جو فوري طور تي علاج ڪرائڻ جو سوچين ته جيئن دير نه ٿي وڃي. ٻيو ته خود حڪومتن کي به گهرجي ته اهي اهڙو انتظامي نظام جوڙين جو ملڪ جي وڏن اديبن، صحافين، فنڪارن، ڳائڻن ڳائڻين، اداڪارن، اداڪارائن، موسيقارن وغيره جي مالڪي جو احساس ٿئي. اسان هميشه سنڌ حڪومت کي تجويزون ڏيندا رهيا آهيون ته فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ اثاثن جي علاج لاءِ هڪ يا ٻه وڏيون اسپتالون سنڌ ۾ ٺاهڻ گهرجن جن ۾ صرف انهن ليکڪن ۽ فني شخصيتن جو ائين علاج ٿئي جيئن وڏا ادارا پنهنجن ملازمن کي ”ميڊيڪل پينل“ جي سهولت ڏيندا آهن پر اسان جي صحافين کي اهڙي سهولت ميڊيا جي ادارن طرفان به ناهي مليل. ٿيڻ ايئن گهرجي ته ميڊيا جا ادارا ميڊيڪل پينل جي سهولت ڏيڻ جو انتظام ڪن، اهڙو انتظام اهي ادارا سنڌ حڪومت سان گڏجي به ڪري سگهن ٿا. پر هتي عام طور تي ٿيندو ائين آهي ته حڪومت يا ثقافت کاتو علاج جا خيرات نما پيسا ڏئي ڇڏيندا آهن جيڪو عمل درست ناهي. ويجهڙ ۾ پنجاب حڪومت ملڪ جي نامياري صحافي امتياز عالم کي علاج لاءِ ڪجهه لک موڪليا ته هن اهي وٺڻ کان انڪار ڪيا ۽ چيو ته مون کي مالي مدد جي نه پر علاج جي ضرورت آهي. سو حڪومت کي منهنجو علاج ڪرائڻ گهرجي.

اسان سمجهون ٿا ته اها گهرج هر خود دار اديب، صحافي ۽ فنڪار جي هئڻ گهرجي ۽ ٻئي پاسي حڪومت جي به ان نوعيت جي پاليسي هئڻ گهرجي ته اها اهڙو صحت جو انتظام ڪري جيئن مهانگو علاج نه ڪرائي سگهندڙ صحافي،ا ديب، فنڪار ۽ اداڪار وغيره جو حڪومت ئي علاج ڪرائي سگهي. اهڙو مطالبو حڪومتن کان هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي پر حيرت آهي ته حڪومتن ان حوالي ۾ ڪو درست رخ ۾ انتظام نه ڪري سگهي آهي. علاج لاءِ پيسا ڏيڻ سان وري اهو فرق به ظاهر ٿيندو آهي ۽ شڪايت پيدا ٿيندي آهي ته ڦلاڻي ٻوليءَ يا صوبي سان تعلق رکندڙ صحافي ۽ اديب کي گهڻا پيسا ڏنا ويا جڏهن ته ڦلاڻي صوبي ۽ ٻولي سان تعلق رکندڙ صحافي، اديب يا فنڪار کي نظر انداز ڪيو ويو. اهڙين شڪايتن کي روڪڻ جو به اهو ئي طريقو آهي ته حڪومت پيسا ڏيڻ بدران پاڻ علاج جو ذمو کڻي.

سو اهي سڀ تجويزون پنهنجي جاءِ تي پر في الحال فوري طور تي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عبداش پنهور جو سنڌ حڪومت پاڻ علاج ڪرائڻ توڙي سندس سفري خرچ جا پيسا به پاڻ مهيا ڪري ته جيئن سندس وارث کيس ڪراچي آڻي سگهن ۽ سندس علاج ڪرائي سگهن.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ۽ ۲۸ اپريل ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


 

عبداش پنھور

پنھنجي ذات ۽ عمل ۾ به انقلاب ھو

ايڊيٽوريل

بيماريون ۽ موت ته اڻٽر آهن، پر ترقي پسند ۽ نظرياتي شخصيتون زندگين کي ئي زندگيون ڏئي وينديون آهن. عبداش پنھور به اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ هو، جيڪو ڪينسر جي بيماري سان به خودداري ۽ همت سان جهيڙيندو رهيو. بظاهر هو ڪالهه اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو آهي پر اهڙيون شخصيتون صرف پيدا ٿينديون آهن، مرنديون ناهن.

عبداش پنھور اشتراڪي نظريي سان سلهاڙيل هو ۽ سڄي ڄمار ان نظريي تحت سياسي، سماجي ۽ صحافتي طور جدوجهد ڪندو رهيو. اهڙا ماڻهو پنهنجي ذات ۽ عمل ۾ ئي انقلاب هوندا آهن ۽ پنهنجي عملن سان تبديليون آڻيندا آهن. دنيا کي اصل ۾ اهڙن ئي نظرياتي ۽ انقلابي ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي، باقي ٻيا سڀ ڄڻ ڌرتيءَ تي بار هوندا آهن.

عبداش پنھور جي زندگيءَ کي ڏسجي ته محسوس ٿيندو ته هن لاءِ سياسي نظريو ۽ عمل زندگي گذارڻ جو هڪ طريقو هو. هو جنهن فڪر سان وابسته ٿيو، ان کي پنهنجي عمل، صحافت، لکڻين ۽ سماجي روين وسيلي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. نظرياتي ماڻهوءَ جي اصل سڃاڻپ اها ئي هوندي آهي ته هو پنهنجي فڪر کي رڳو قول تائين محدود نه رکي، پر پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ به ان جا اثر ڏيکاري. عبداش پنھور اهڙي ئي سوچ جو ماڻهو هو. اشتراڪي فڪر سان وابسته ماڻهو دنيا کي هڪ اهڙي نظر سان ڏسندا آهن، جنهن ۾ انسان جي قدر جو تعين سندس دولت، طاقت يا سماجي حيثيت سان نه، پر انسان هجڻ جي بنياد تي ٿئي. برابري، سماجي انصاف، پورهيتن جا حق ۽ استحصال کان پاڪ سماج اهڙي فڪر جا اهم بنياد رهيا آهن. عبداش پنھور به پنهنجي فڪري وابستگيءَ وسيلي انهن ئي سوالن کي سماج جي آڏو رکندو رهيو. سندس جدوجهد جو مطلب اهو هو ته انسان کي انسان کان گهٽ نه سمجهيو وڃي ۽ سماج ۾ اهڙو نظام هجي، جنهن ۾ وسيلن ۽ موقعن تي چند ماڻهن جي اجاراداري نه هجي.

نظرياتي ماڻهو عام ماڻهن کان ان معنيٰ ۾ مختلف هوندا آهن ته هو پنهنجي ذات کان اڳتي سوچيندا آهن. هو رڳو پنهنجي گهر، پنهنجي روزگار، پنهنجي آرام ۽ پنهنجي مستقبل بابت نه سوچيندا آهن، پر ايندڙ نسلن لاءِ دنيا کي بهتر بڻائڻ جو خواب به ڏسندا آهن. انهن جي جدوجهد جو نتيجو شايد سندن حياتيءَ ۾ مڪمل طور ظاهر نه ٿئي، پر سندن خيال ماڻهن جي ذهنن ۾ زنده رهندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته فڪري ماڻهو جسماني طور دنيا مان هليا وڃڻ باوجود پنهنجي سوچ وسيلي سماج ۾ موجود رهندا آهن.

عبداش پنھور جو سياسي ورثو به سندس لکڻين، صحافتي جدوجهد، ساٿين سان لاڳاپن ۽ انهن ماڻهن جي يادگيرين ۾ موجود رهندو، جن سان هن گڏجي سماجي، سياسي ۽ صحافتي جدوجهد ڪئي. سندس زندگي اسان کي اهو سوال به ڏئي ٿي ته ڇا اسان جي سماج کي اڄ به اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي؟ جواب يقيناً ها ۾ آهي. بلڪه اڄ، جڏهن سياسي ۽ سماجي قدر گهڻو ڪري ذاتي مفادن، الزام تراشي ۽ اقتدار جي چوڌاري گهمن ٿا، تڏهن اصولن، نظرين ۽ اجتماعي مفادن لاءِ بيهندڙ ماڻهن جي ضرورت وڌي وئي آهي.

نظرياتي صحافت لاءِ به سندس وڇوڙو هڪ سانحو آهي سندس صحافتي زندگيءَ مان اهو سبق ملي ٿو ته صحافت ۽ سماجي جدوجهد کي ڪيئن عوام سان ڳنڍجي، فڪر کي ڪيئن عمل ۾ تبديل ڪجي ۽ اصولن تي ڪيئن بيهي رهجي. هن پنهنجي صحافت کي رڳو پنهنجي ذات لاءِ استعمال نه ڪيو. هن پنهنجي حصي جو وقت، قلم ۽ توانائي هڪ اهڙي سماج جي خواب لاءِ وقف ڪئي، جنهن ۾ انسان جي عزت، برابري ۽ انصاف کي بنيادي حيثيت حاصل هجي. اهڙن ماڻهن جي زندگيءَ جو قدر ان ڳالهه سان نه ڪيو ويندو آهي ته انهن ڪيترو مال گڏ ڪيو يا ڪيتري شهرت حاصل ڪئي، پر ان ڳالهه سان ڪيو ويندو آهي ته انهن پنهنجي سماج لاءِ ڇا ڇڏيو.هاڻي جڏهن عبداش پنهور جي مرتئي کان پوءِ سندس زندگي ۽ ڪارج تي ڳالهايو ۽ لکيو ويندو ته يقينن عبداش پنهور جي شخصي تاريخ قلمبند ٿي ويندي جنهن ۾ سندس زندگي جي حاصلات جا نتيجا ۽ سبق ملندا

عبداش جي زندگي اهو يقين به ڇڏي وڃي ٿي ته خيال، اصول ۽ جدوجهد ڪنهن هڪ ماڻهوءَ سان ختم ناهن ٿيندا.

اسان کي عبداش پنھور کي ياد رکڻ لاءِ سندس فڪري ورثي تي بحث ڪرڻ، سندس لکڻين کي محفوظ ڪرڻ ۽ نئين نسل تائين پهچائڻ گهرجي. ڇو ته نظرياتي ماڻهوءَ جي اصل زندگي سندس جسماني حياتيءَ کان گهڻي ڊگهي هوندي آهي. سندس جسم مٽيءَ ۾ ملي ويندو آهي، پر سندس خيال انهن ذهنن ۾ سفر ڪندا رهندا آهن، جيڪي سماج کي تبديل ڪرڻ جو خواب ڏسندا آهن. عبداش پنھور جو وڇوڙو به اهڙو ئي هڪ وڇوڙو آهي. هو هليو ويو، پر سوال ڇڏي ويو؛ هو خاموش ٿي ويو، پر سندس فڪر جو آواز موجود رهندو. بيماري ۽ موت اڻٽر سهي، پر انسان جي عظمت ان ۾ آهي ته هو پنهنجي مختصر زندگيءَ کي ڪنهن وڏي مقصد سان ڳنڍي وڃي. عبداش پنھور پنهنجي زندگيءَ کي هڪ نظريي، هڪ جدوجهد ۽ هڪ بهتر سماج جي خواب سان ڳنڍي ڇڏيو هو. ان ڪري سندس موت پڄاڻي نه، پر سندس فڪري ورثي جي نئين شروعات سمجهڻ گهرجي.

سو اهڙا ماڻهو حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي ذات ۾ ئي انقلاب هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي عمل سان ماڻهن کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ تبديليءَ لاءِ بيهڻ جو حوصلو ڏيندا آهن. ڌرتيءَ کي انهن ئي ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي، جيڪي ان کي صرف رهڻ جي جاءِ نه، پر بهتر بڻائڻ جي ذميواري به سمجهندا آهن. عبداش پنھور انهن ماڻهن مان هو. سندس جدوجهد، سندس فڪر ۽ سندس صحافتي ورثو ئي سندس اصل سڃاڻپ آهي، ۽ اهو ورثو سندس جسماني وڇوڙي کان پوءِ به يقينن زندهه رهندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۹ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


 

عبداش پنهور

هڪ صحافي، ليکڪ ۽ جدوجهد جي علامت

سخي غلام حسين خاصخيلي

سنڌ جي تاريخ ۾ ڪي اهڙيون شخصيتون به پيدا ٿينديون آهن، جيڪي پنهنجي زندگيءَ دوران خاموشي سان ڪم ڪندي ماڻهن جي دلين ۾ مستقل جاءِ ٺاهي وٺنديون آهن. اهڙيون شخصيتون پنهنجي عهدن، شهرت يا دولت جي ڪري نه، پر پنهنجي ڪردار، فڪر ۽ عوامي خدمتن جي ڪري سڃاتيون وينديون آهن. مرحوم عبداش پنهور به اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي قلم، شعور ۽ جدوجهد جي راهه تي هلندي گذاري. عبداش پنهور جو لاڏاڻو سنڌ جي صحافتي، ادبي ۽ سياسي حلقن لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي.

هن نه صرف صحافي طور پنهنجو نالو پيدا ڪيو، پر هڪ باشعور شاگرد اڳواڻ، ليکڪ، سماجي ڪارڪن ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ انسان طور به پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪئي. سندس وڇوڙي سان سنڌ هڪ اهڙو آواز وڃائي ڇڏيو آهي، جيڪو هميشه عوامي مسئلن، سماجي انصاف ۽ سچائي جي ڳالهه ڪندو رهيو.

شاگرد سياست کان صحافت تائين عبداش پنهور پنهنجي نوجوانيءَ ۾ شاگرد سياست سان لاڳاپيل رهيو. اهو دور سنڌ ۾ سياسي ۽ سماجي شعور جي واڌ جو دور هو. شاگرد تنظيمون صرف تعليمي مسئلن تائين محدود نه هيون، پر سماج جي وڏن مسئلن تي به آواز اٿارينديون هيون. عبداش پنهور به انهن نوجوانن مان هو، جن تعليم، جمهوريت، انساني حقن ۽ شاگردن جي جائز مطالبن لاءِ جدوجهد ڪئي. شاگردي واري دور ۾ حاصل ڪيل سياسي ۽ سماجي شعور سندس سڄي زندگيءَ تي اثرانداز رهيو. بعد ۾ جڏهن هن صحافت جي شعبي ۾ قدم رکيو ته سندس قلم ۾ به ساڳيو عوامي رنگ ۽ شعور نظر آيو. هن صحافت کي طاقتور ماڻهن جي تعريف ڪرڻ لاءِ نه، پر عام ماڻهن جي آواز کي اجاگر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو.

عبداش پنهور انهن صحافين مان هو، جيڪي خبر کي صرف خبر نه سمجهندا هئا، پر ان جي پويان لڪل سماجي حقيقتن کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هو مسئلن جي بنيادي سببن تي نظر رکندو هو ۽ انهن کي عوام آڏو پيش ڪرڻ کي پنهنجي ذميواري سمجهندو هو. سندس صحافتي زندگي سچائي، ايمانداري ۽ بيباڪي سان ڀرپور رهي. هن ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. صحافتي برادري ۾ کيس هڪ سنجيده، باوقار ۽ ذميوار صحافي طور سڃاتو ويندو هو. سندس تحريرن ۾ سنجيدگي، فڪري پختگي ۽ عوامي درد موجود هوندو هو.

هو هميشه سنڌ جي ڳوٺاڻن علائقن، هارين، مزدورن، شاگردن ۽ عام ماڻهن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سرگرم رهيو. سندس قلم انهن ماڻهن جو ترجمان بڻيو، جن جو آواز اڪثر اقتداري ايوانن تائين نه پهچندو آهي.ادب ۽ فڪر سان وابستگي صحافت سان گڏ عبداش پنهور ادب سان به گهري وابستگي رکندو هو. ڪتابن سان محبت، علم دوستي ۽ مطالعي جي عادت سندس شخصيت جو اهم حصو هئي. هو ادبي گڏجاڻين، علمي بحثن ۽ فڪري سرگرمين ۾ دلچسپي وٺندو هو.

سندس لکڻين ۾ صرف خبر نه هوندي هئي، پر فڪر، تجزيو ۽ سماجي شعور به شامل هوندو هو. هو سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ٻولي ۽ قومي سڃاڻپ بابت گهري دلچسپي رکندو هو. ادب ۽ صحافت جي گڏيل تجربن کيس هڪ منفرد شخصيت بڻائي ڇڏيو هو.انسان دوست شخصيت عبداش پنهور جي شخصيت جو سڀ کان خوبصورت پاسو سندس انسان دوستي هئي. هو دوستن سان محبت ڪندڙ، نوجوانن جي همت افزائي ڪندڙ ۽ هر ڪنهن سان خلوص سان پيش ايندڙ انسان هو. سندس دوستن جو دائرو تمام وسيع هو، جنهن ۾ صحافي، اديب، سياسي ڪارڪن، استاد ۽ شاگرد شامل هئا.ھو اختلاف راءِ کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو. سندس محفلن ۾ دليل، فڪر ۽ علم جي ڳالهه ٿيندي هئي. هو نفرت بدران محبت، تڪرار بدران گفتگو ۽ مايوسي بدران اميد جو پيغام ڏيندو هو.بيماري سان بهادريءَ وارو مقابلو

زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ عبداش پنهور ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا رهيو. پر هن بيماري کي پنهنجي حوصلي تي غالب نه اچڻ ڏنو. هن وڏي همت ۽ صبر سان علاج جاري رکيو. سندس دوستن ۽ ساٿين موجب هو سخت تڪليفن جي باوجود به زندگي بابت مثبت سوچ رکندو هو.ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج دوران به سندس دوست، ساٿي ۽ مداح سندس صحتيابي لاءِ دعائون ڪندا رهيا، پر آخرڪار هو پنهنجي هزارين چاهيندڙن کي سوڳوار ڇڏي راهه رباني اختيار ڪري ويو. عبداش پنهور جي لاڏاڻي سان سنڌ جي صحافت، ادب ۽ سماجي تحريڪن کي وڏو نقصان پهتو آهي. اهڙيون شخصيتون روز روز پيدا نه ٿينديون آهن. هو انهن ماڻهن مان هو، جيڪي پنهنجي عمل سان سڃاتا ويندا آهن ۽ پنهنجي پويان عزت، محبت ۽ سٺيون يادون ڇڏي ويندا آهن.

جڏهن سندس مڙهه ڪراچي کان دوڙ روانو ٿيو ۽ رستي ۾ صحافين، سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ دوستن سندس آخري ديدار ڪري کيس سرخ سلام پيش ڪيو، ته اهو منظر سندس عوامي محبت جو ثبوت هو. ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙها ۽ دلين ۾ ڏک ان ڳالهه جو اظهار هئا ته هڪ سچو ساٿي، فڪر جو ماڻهو ۽ عوامي آواز هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهي. عبداش پنهور جو جسم ته مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي ويندو، پر سندس فڪر، صحافتي خدمتون، ادبي ڪم ۽ عوامي جدوجهد هميشه زنده رهندي. هو انهن ماڻهن مان هو، جيڪي وقت گذرڻ سان وسرندا ناهن، پر سندن يادون وڌيڪ روشن ٿينديون آهن.سنڌ جي صحافت، ادب ۽ سماجي شعور جي تاريخ ۾ عبداش پنهور جو نالو احترام سان ياد ڪيو ويندو. سندس زندگي ايندڙ نسلن جي صحافين، ليکڪن ۽ سماجي ڪارڪنن لاءِ هڪ مثال ۽ مشعلِ راهه رهندي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۹ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


 

عبداش پنهور

غريب طبقي جي سياست ۽ صحافت جو سچو ڪردار

تصور سنديلو

غريب خاندان مان آيل، غريب طبقي جي حقن لاءِ سياست ڪندڙ ۽ پنهنجي آدرشن سان صحافت جو سفر طئي ڪندڙ عبداش پنهور هاڻي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ ابدي ننڊ سمهي رهيو آهي، پر سندس ڪردار ۽ سچائي اڃا تائين اسان جي وچ ۾ ساهه کڻي رهيا آهن.

عبداش سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۹ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ ڊي ايس ايف جي نائين ڪنوينشن دوران ٿي. تڏهن هو ساٿي ٻارڙا سنگت جو عهديدار هو ۽ مان ان جو ميمبر هئس. ان وقت کان ئي سندس شخصيت ۾ سادگي، سٻاجهائپ ۽ سياسي آدرش نمايان هئا. سندس هڪ ٻي خاص سڃاڻپ وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ هئي؛ هو کلندو هو ته ڄڻ ماحول جي سادگيءَ ۾ به خوشيءَ جي روشني پکڙجي ويندي هئي.

۱۹۹۳ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا دوران به ساڻس ملاقات ٿيندي رهي. هو ڄامشوري ڦاٽڪ وٽ ڪنهن ساٿي سان گڏ هڪ ڪوارٽر ۾ رهندو هو.

ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ڪيترائي شاگرد حيدرآباد مان نڪرندڙ سنڌي اخبارن ۾ شام جو ڪم ڪندا هئا. ڪن کي صحافت جو شوق هو ڪنهن کي روزگار جي ضرورت۔ڪنهن کي آدرش سان گڏ روزگار جي تلاش، ته ڪي وري پارٽ ٽائيم ڪم ذريعي پنهنجي تعليم جو خرچ ڪڍندا هئا.

عبداش به پنهنجي سياسي آدرشن، روزگار ۽ گذر سفر جي ضرورتن وچ ۾ صحافت جو سفر شروع ڪيو. حيدرآباد ۾ عبرت اخبار سان وابسته رهيو ۽ پوءِ ڪراچي اچي يونس مهر صاحب جي ساڳئي هلچل اخبار جو آخري وقت تائين حصو رهيو جنهن ۾ حيدرآباد ۾ ۹۵ع دوران سب ايڊيٽر هيس

ڪراچي ۾ هڪ ڀيري واٽ ويندي عبداش سان سالن بعد ملاقات ٿي. مون کانئس موبائيل فون نمبر گهريو ته سندس جواب اڄ به ياد آهي:

"مان فون رکندو ئي ناهيان."

هي هڪ معمولي جملو لڳي سگهي ٿو، پر عبداش جي سادي زندگيءَ جي وڏي تصوير ان هڪ جملي ۾ سمايل هئي.

سياست ۾ اچڻ کان پوءِ ڪيترائي ماڻهو وقت سان گڏ پنهنجا آدرش بدلائيندا آهن. ذاتي معاشي ترقي، عهدو، مفاد يا طاقت جي تلاش ۾ پارٽيون تبديل ڪندا رهندا آهن صحافت ۾ به ڪڏهن اصولن کان وڌيڪ ذاتي ترقي ۽ مفاد کي اوليت ڏني ويندي آهي. پر عبداش پنهور انهن اصلوڪن سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين مان هو جن لاءِ آدرش سنڀالي هلڻ زندگيءَ جو حصو هوندو آهي.

هو انهن ماڻهن مان هو جن لاء ڀٽائي لکيو

اي نه مارن ريت جي سيڻ مٽائن سون تي

عبداش غريب هو، پر سندس ڪردار غريب نه هو. وسيلا گهٽ هئا، پر اصولن ۾ دولتمند هو. زندگيءَ جون آسائشون نه هيون، پر پنهنجي سوچ ۽ آدرشن سان وفاداريءَ جي دولت وٽس موجود هئي.

اسان جي دور ۾ اهڙا ماڻهو آهستي آهستي گهٽ ٿيندا پيا وڃن جيڪي پنهنجي ذات کان وڌيڪ پنهنجي نظرئي پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي اهميت ڏين ٿا. عبداش پنهور انهن ئي اصلوڪن ماڻهن مان هڪ هو.

اڄ هو اسان جي وچ ۾ موجود ناهي. مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ ابدي ننڊ ۾ آهي، پر سندس سچو ڪردار، سندس سادگي، سندس وڏا ٽهڪ، سندس سياسي وابستگي ۽ صحافتي سفر اسان جي يادگيرين ۾ زنده رهندا.

دو رنگي دنيا ۾ عبداش جهڙا ماڻهو شايد گهڻا نه هوندا آهن، پر سندن موجودگي هڪ شاهد وانگر هوندي آهي—اهڙو شاهد، جيڪو ايندڙ نسلن کي ٻڌائيندو رهندو ته سياست ۽ صحافت صرف ذاتي مفادن ۽ منزلن تائين پهچڻ جا وسيلا ناهن اهي عوام، اصولن، سچ ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جا نالا به ٿي سگهن ٿا.

عبداش پنهور هليو ويو، پر سندس ڪردار رهجي ويو—۽ ڪردار ئي انسان جي اها ميراث آهي، جيڪا موت کان پوءِ به وقت جي رستن تي ساهه کڻندي رهندي آهي.

 

(تصور سنديلو جي فيسبڪ پوسٽ ۱۹ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع)


 

عبداش پنہور

گزشتہ روز انتقال کر جانے والے کراچی کے سینئر صحافی کون تھے؟

قاضی آصف

عبداش پنہور سندھ کے ایک ایسے متحرک کردار تھے جو کبھی تھک کر نہیں بیٹھے۔ ان کی سیاسی جدوجہد کا آغاز ضیا کی آمریت کے خلاف ایم آر ڈی تحریک سے ہوا، جب سکرنڈ کے گاؤں پنہل خان چانڈیو پر آمریت کا قہر نازل ہوا۔ ان دونوں واقعات میں تقریباً ۲۷ افراد نے اپنی جانوں کا نذرانہ پیش کیا۔

لوگ کہتے ہیں: غریب آٹے کی مٹھی نذرانے میں دیتا ہے، جب کہ صاحب حیثیت لوگ کالے بکرے صدقے میں دیتے ہیں۔ سندھ کے سیاسی کارکن جب بھی سندھ پر کوئی مشکل گھڑی آتی ہے تو اپنی جان کا نذرانہ پیش کرتے ہیں۔ یہ ہماری تاریخی روایت ہے۔

محققین کہتے ہیں کہ ایم آر ڈی تحریک میں تقریباً ۲۰۰ سندھیوں نے اپنی جانوں کا نذرانہ دیا، ہزاروں سیاسی رہنماؤں نے جیلیں اور سختیاں برداشت کیں، جبکہ سینکڑوں افراد کی پشت پر آمریت کے کوڑوں کی 'نوازشیں' ہوئیں۔

اس انتہائی پُرآشوب دور میں سندھ کے بچے، نوجوان اور خاندان گھروں سے نکل آئے۔ عبداش پنہور بھی اسی قافلے میں دوڑ اسٹیشن پر عوامی جلوس اور گھیراؤ میں شریک تھے۔ یہ احتجاج ان کے استاد اور پاکستان کی تاریخ کی سب سے پہلی اور انتہائی بااثر بائیں بازو کی ترقی پسند طلبہ تنظیم ڈیموکریٹک اسٹوڈنٹس فیڈریشن کے ساتھی کامریڈ علی حسن چانڈیو کی قیادت میں ہوا تھا، جس کی بازگشت بی بی سی لندن سے بھی لوگوں نے سنی تھی۔

اس کے بعد کامریڈ عبداش پنہور کے سیاسی سفر کا باقاعدہ آغاز ہوا۔ یہ اس کے بچپن کی عمر تھی۔ وہ 'ساتھی بارڑا سنگت' میں شامل ہوا اور آگے چل کر اس تنظیم کا مرکزی عہدیدار بھی رہا۔ 'ساتھی بارڑا سنگت' سندھ کے بچوں کی شعوری، نظریاتی اور تربیتی تنظیم تھی، جس کے ذریعے کئی ساتھی نظریاتی علم سے بہرہ مند ہوئے اور آگے چل کر سندھ کے سماجی میدان میں اپنا مثبت کردار ادا کیا۔

عبداش نے بھی اسی تنظیم کے پلیٹ فارم سے سندھ کے تمام شہروں، تعلقوں اور دیہات کے تنظیمی دورے کیے اور اپنی شناخت قائم کی۔

اس کا خاندانی نام عبدالرحمان ولد یار محمد پنہور تھا، لیکن روسی ادب کے انقلابی ناولوں سے متاثر ہو کر اس نے اپنا سیاسی تعارف 'کامریڈ عبداش پنہور' کے طور پر اختیار کیا۔

دبلا پتلا شخص، عمر میں چھوٹا، لیکن غیر معمولی ذہین تھا۔ سیاسی بحث میں منطق اور دلیل کے ساتھ اپنی بات ثابت کرتا تھا۔ اسی طرح آگے چل کر وہ شہید نذیر عباسی کے ساتھیوں کی انقلابی طلبہ تنظیم ڈیموکریٹک اسٹوڈنٹس فیڈریشن، ڈی ایس ایف، کا رکن اور رہنما رہا اور بعد ازاں کمیونسٹ پارٹی آف پاکستان تک جا پہنچا۔

۱۹۸۴ میں روہڑی میں ساتھی ٻارڑا سنگت کا سالانہ مرکزی کنونشن اور ۱۹۸۶ میں جیکب آباد فٹ بال گراؤنڈ میں ساتھی ٻارڑا سنگت کا کنونشن، سندھ بھر میں سندھ ہاری کمیٹی کے جلسے، چاہے وہ چمبڑ ہو، محراب پور، کنڈیارو یا رانی پور، عبداش پنہور ہر جگہ موجود ہوتا تھا۔

وہ سیاسی ادب کا گہرا مطالعہ رکھنے والا اور ردھم کے ساتھ سیاسی نعروں کی گونج پیدا کرنے کا ماہر تھا۔ ساتھی بارڑا سنگت کے مرکزی انچارج کامریڈ غلام رسول سہتو اور صالح بُلو تھے۔ وہ ان بچوں کے استاد اور گویا ان کے روحانی والد تھے، جو انہیں جہاں نظریاتی تعلیم دیتے تھے، وہیں سخت تنظیمی نظم و ضبط کا پابند بھی بناتے تھے۔

کامریڈ عبداش نے اگرچہ کامریڈ حیدر بخش جتوئی کو نہیں دیکھا تھا، لیکن اسے کامریڈ جام ساقی کی بے پناہ محبتیں حاصل رہیں۔ اسی طرح اس کی سیاسی اور انقلابی محبت بھی کامریڈ حیدر بخش جتوئی اور کامریڈ جام ساقی کے ساتھ تھی۔

جب جام ساقی نے کموں شہید سے کراچی تک پیدل امن مارچ کیا تو وہ ایک ریڑھی پر شاہ جو رسالو، قرآن شریف، گیتا اور انجیل لے کر سندھ کو امن، انسان دوستی اور سیکولرازم کا پیغام دے رہے تھے۔ کموں شہید سے کراچی تک ہاتھ سے چلنے والی اس ریڑھی کو عبداش پنہور نے دھکیلا تھا اور کامریڈ جام ساقی کے اس پیدل قافلے میں وہ ہم رکاب رہا۔ اسے اس پر فخر بھی تھا۔

عملی زندگی میں اس نے صحافت کو اپنا کیریئر منتخب کیا، جس میں بھی اس نے اپنی صلاحیتوں کا لوہا منوایا۔ اس کا صحافتی دل محنت کش طبقے اور سندھ دھرتی کے لیے دھڑکتا تھا۔ اس میدان میں اس نے سینکڑوں مضامین اور روزنامہ ہلچل کے اداریے لکھے۔

یہ تمام مواد اس کے پاس محفوظ تھا، لیکن قسمت کی ستم ظریفی یہ رہی کہ وہ اس پورے علمی، ادبی اور سیاسی خزانے کو کتاب کی شکل نہ دے سکا۔

عبداش ایک منفرد، باوقار اور بااصول انسان تھا۔ وہ ہمیشہ سندھی کہاوت:

'ڀلي بُک ڀرم جي، شل نه وڃي شان'

یعنی 'چاہے عزت نفس کی خاطر بھوک برداشت کرنی پڑے، مگر شان و وقار نہ جائے'

پر عمل کرنے والا شخص تھا۔

آج وہ ہمارے درمیان موجود نہیں۔ آج وہ اپنی مٹی، اپنی ماں، سندھ کی آغوش میں ابدی آرام کرے گا، لیکن اس کی صحافتی محنت، سیاسی، سماجی اور علمی جدوجہد ہمیشہ یاد رکھی جائے گی۔

سفر زندگی کا کٹھن تھا گدائی،

بہرحال گزرا، ہم نے گزار دیا۔

اگر زندگی کی شمع بجھ بھی گئی،

تو ہزاروں چراغ ہم نے جلا دیے۔ (عبدالکریم گدائی)

 

(قاضي آصف جي فيسبڪ پوسٽ ۱۹ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع)

No comments:

راءِ ڏيندا