; سنڌي شخصيتون: قلندر بخش ڀٽي

13 September, 2026

قلندر بخش ڀٽي

قلندر بخش ڀٽي

سنڌي ٻولي جو لوڪ شاعر

اعظم ڀٽي



سنڌي ٻولي جو لوڪ ادب، ڏاهپ ۽ لوڪ شاعري تمام گهڻي اتساهيندڙ رهي آهي. اساسي شاعري توڙي لوڪ شاعري، سنڌي شاعريءَ جا ڄڻ ته بنياد آهن. اهي بنياد ئي اسان جي حقيقي سڃاڻپ جا مضبوط حوالا ۽ دليل آهن. انهن حوالن ۽ دليلن ۾ انيڪ نالا آهن، جن نالن انهيءَ تسلسل کي صدين تائين زنده ۽ جاويد پئي رکيو آهي. هڪڙي اڻ کٽ قطار آهي، انهن سرجڻهارن جي، جن جي تخيل تي اڄ به اسان کي فخر آهي. اهڙن ئي تخليقڪارن ۾ قلندر بخش ڀٽي جو به شمار ٿئي ٿو.


قلندر بخش ڀٽي ۱۹۰۵ع ڌاري ٽنڊي محمد خان جي ننڍڙي ڳوٺڙي وڏيرو محمد عثمان ڀٽي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو حاجي محمد اسماعيل ڀٽي هو. قلندر بخش ڀٽي ابتدائي تعليم جا ٻه ٽي درجا پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. بعد ۾ تعليم جاري رکي نه سگهيو ۽ کيتي ٻاڙي سميت واپار ڪرڻ لڳو. اهوئي سبب آهي جو پنهنجي ننڍڙي ڳوٺڙي جي اُجاڙ جهڙي صورتحال ڏسي، لڏي اچي ٽنڊي محمد خان شهر جي پير پاڙي ۾ رهائش پذير ٿيو. قلندر بخش ڀٽي، پنهنجي وقت جو صحتمند، سگهارو ۽ جوانمرد شخص هو، هن زندگيءَ جي رنگينيءَ جا ڪيئي لطف ماڻيا. جنهن سبب مٿس حملا به ٿيا، پر زندگيءَ جي رنگينين مان ڪڏهن به هٿ نه ڪڍيائين. سندس زندگيءَ جي انهن رنگينين جا انيڪ داستان اڄ به وڏڙن جي واتان ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. نه رڳو هو زندگيءَ کي سمورين رعنائين سان گذارڻ ۾ ڀڙ هو، پر کيس لوڪ ڏاهپ، لوڪ شاعري، علم ۽ ادب سان به وڏو چاهه هو. هو سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو سگهڙ شاعر ٿي گذريو، سندس شاعريءَ ۾ لوڪ داستانن جي حوالي سان سگهڙائپ جا شاندار رنگ رچيل هئا. ۱۹۳۰ع ڌاري پنجويهه سالن جي عمر ۾ بيت چوڻ شروع ڪيائين. سندس شاعري جو ڪافي ذخيرو ناپيد بڻجي ويو آهي. قلندر بخش ڀٽي کي راڳ رنگ جي محفلن سان به وڏو چاهه هو، ڪڏهن ڪڏهن ڳائيندو به هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، لوڪ ادب اسڪيم تحت پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب “بيت” ۾ سندس شاعري بيت جي صورت ۾ شامل ڪئي آهي، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، خود قلندر بخش ڀٽي سان ملي سندس شاعري قلمبند ڪئي. قلندر بخش ڀٽي ۱۹۷۵ع ڌاري لاڏاڻو ڪيو، کيس ٽنڊي محمد خان ۾ پنهنجي اباڻي قبرستان “پير شارفو” ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. کيس ٽن فرزندن ۽ چئن نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس فرزندن ۾ نائق دوست علي ڀٽي، محمد اسحاق ڀٽي ۽ محمد بخش ڀٽي شامل آهن، جيڪي به سڀ جا سڀ وفات ڪري چڪا آهن، انهن جو اولاد هن وقت ٽنڊي محمد خان پير پاڙي ۾ رهائش پذير آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سندس پونئرن مان هاڻ ڪنهن کي به علمي، ادبي ذوق سان ڪو سروڪار ناهي رهيو، پر چوندا آهن ته مڙسن جون ڳالهيون پيون ڳائبيون آهن، سو قلندر بخش ڀٽي هاڻ اسان وٽ جسماني طور موجود ناهي، پر سينا بسينا سندس زندگيءَ جا انيڪ داستان ۽ سندس بچي ويل ڪجهه شاعريءَ اسان جو ورثو بنيل آهي. قلندر بخش ڀٽي جي شاعري ۾ خارجي ۽ داخلي ڪيفيتن، تجنيس، داستان گوئي سميت ٻوليءَ جي سلاست ۽ مٺاس جا ڪيئي رنگ پوئيل آهن. (ا. ڀ)

قلندر بخش ڀٽي جي چونڊ شاعري هيٺ ڏجي ٿي:

مومل راڻو

۱.

سوڍي هن کي سيگهه مان، حڪم ڏنو هيڪار

ته هتان ڀڄ، آڻي اڄ، ڏي مون هٿ مهار

ڪري جت، جتي هٿ، ويو تان وير وڳار

وڃي اوڏو، جهليئين توڏو، رمز منجهان رخدار

پوءِ انهيءَ هٽ، راڻي وٽ، اچي ڏني مرد مهار

ڏسي توڏو، سرهو سوڍو، حال به ٿيو هيڪار

ڪرهر ڪچو، هوتان سچو، ڪياڙ وڏي ڪاپار

حال به هنڌ، بُهرن بند، ان گاهه پوکيا گلزار

کٻڙين کاريون، مٺيون ڄاريون، مڪن جي به مهار

ڪنڊن ڪور، مٿن ٻور، هينئين اندر هيڪار

چڙهيو نينگر، ڇنيو سڱر، آڻين وڻج وايار

گولن گولون، مٿن جهولون، ڪانبن جي ڪن ڪار

پٽ سٽ، گرڙ گؤنري وٽ، اچو مال به ڪن انبار

پوءِ سر وڃين سڃو، ڀڃيو نمون ڪن ٽالهين جي ٽمٽار

ڪويٽ ڪهڙا، ليمان اهڙا، ڪن انجيرن آپار

توت ترنج، ڪيوڙا ڪرنج، ٿئي بادامن بهار

ڊاک ڊگهي، وڃي سگهي، چمن چڙهيو چوڌار

ولهين ويڙهون، ڦوڳ ڦلهارون، ڏؤنرن منجهان ڏار

موتيا من، گلاب گلن، ٿيا چڪرن ۾ چوپار

ٿلهڙا ٿوهر، ميندي مؤئر، نازبوءِ نيڻن ٺار

اهي وڻ سڀيئي، ثابت سيئي، ٿيا تو ڏي لئي به تيار

تن مان جهٽيو جهاٽو، پٽيو پاٽو، اچيو ڪن انبار

سو چري چرندو ڪيتريون، لک ڀريون ليهار

پوءِ ڏيهاڻي ڏاتار، ان کي والي وير وڏو ڪندو.

۲.

ڪاهي هليو ڪاڪ تي هو جنگ رکي جولان

اٺ اٺائي هيلو، جيئن دور ڪري دوخان

نڪي کڏ کوٻو جهلي، نڪي دڙي نڪي دالان

نڪو پير پٽو ڪري نڪو پڌر ڪو نيشان

پٺيان واءُ ويڙها ڪري، اچي ميڙيو سڀ ميدان

ميو مٽي مهند ويو، ڪا منزل مهربان

پر اتي سئا هئائين اوچتا، ڪلاڪيئن ڪپتان

لهي پيو هو ليڙي تان، جلدي ڪري جوان

اتي مرد ڏٺائين مڻيادار، کٿو ڪلهيءَ سان خان

تنهن کان خان پڇيون ٿي خبرون، ظاهر ساڻ زبان

ته ڪٿي شهر ڪاڪ جو، ڪٿي مومل جو به مڪان

سي لنگهندي مونکي نظر نه چڙهيا، ڌريئون ڪيم نه ڌيان

اهي حال تو کان ٿو پڇا، اي ميان مهربان!

اهي حقيقتون سڻاءِ تون، ڇڏي غير گمان

ايڏا بحر بيان، ڌڱ پڇيا هن ڌر کان.

۳.

ٿو ڌڱ پڇي هن ڌر کان، کلي خبرچار

هاڻ مرد ٿو مذڪور ڪري، گوياڻي گفتار

ته يا منشي، يا معتبر، يا تون ڪڙم جو ڪمار

يا سوداگر، يا سرفراز، يا وڏو ڪو وينجهار!

سمجهان آءُ سچي ڪندين، مون وهاريو آه ويچار

ايڏي ٺاهه ٺڪر ڪن، ٻئي جي ناهي پچار

پردانه! سڻ دل لاءِ تون، مون کي اندروني اظهار

هتان گهوٽ ويندڙ گهوڙي تي ڏٺا مون ڏاتار

ڪارا ڪٺ ڪميت ڏسان، ڪي مشڪي ميا متار

ڪي بور بودلا بئنسرا، ڏسان ڪي نقرا نيڻن ٺار

ڪي سورج، سمنڊ، سنجاف ڏسان، ڪن سرخن تي سينگار

ڪي پورب پنج ڪلياڻ، ڪي ابلق هجن اپار

ڪي تمڻا تيرن گوش ڏسان، ڪي ڪنڍا منجه ڪپار

ڪي ظاهر زينون زور ڏسان، ڪن هاڏون منجه هڻڪار

ڪڏهن گهوگهٽ گوڙ گبوڙ ڏسان، ڪڏهن پلٽون منجهه پاتار

جي رازق رنگ بنائي ڇڏيا، آهن دنيا مٿي ديدار

سي ڳڻي ڳڻيندو ڪيترا، شاعر منجهه شمار

پر اها سڙڪ هلي وڃي ٿي، سڌي مٿي ڪاڪ ڪنار

اتي ناتر نخري باز ٻڌان ٿو، جنهن جو مومل ساڻ مدار

نينهن نار نهوڙي ڪئين ڇڏيا، اڙٻنگ جوان اپار

ٻيا کپائي ڇڏئا اٿس کوهه ۾، ڪئين نيرا نگهوسار

سي ڀانئج سڀ، “ڀٽي” چئي، اٿئي پرس پڪا پار

پوءِ موڪلايو مڻيهار، پيو وڃي وير وماس ۾.

۴.

چئي: ٿو وڃين وير وماس ۾، پر ڀلي ڪڇي ڀاءُ

پٺيان پنهنجيءَ پر ۾، دانا ڪجئين دعا

ائين چئي چڙهيو مرد ميي تي، ڪشي ڪام هڪا

گؤنرو هيلو گوڙ ڏيئي، لامون وڏي لاهه

انهيءَ وير وڃي ڏٺا ڪي ڪؤنر به ڪاڪ سندا

چوڏهين رات چنڊ جي، هئي سهڻي منجهه سهاءَ

لهي پيو ليڙي تان، هو در مٿي داناءِ

ٻڌي ٻاونگير هيلو، مهري محبت منجها

لاهي در لنگهي ويو، مير اندر محلا

بجليون ٻريون ٿي برهه جون، جن جا تاءُ گهڻا تجلا

ٻيون سوين ٻريون ٿي شمعون، ۽ ڪروڙين قنديلا

اتي گل ڦل گونٽا، چمن چمبيلي، نرگس نرالا

سورج مکي، سرخ، سفيدا، مغلا مقبولا

طرح طرح جا طول وهاڻا، طرزئون طبيلا

پلنگ پٿراڻيون پٽ جون، جن تي چڪم چلولا

مڇر مهاريون مقن سان، جن تي ڀرت ڀلا

ٻيا هار هزارين حور سندا، جن تي هرٻر ڪن هلا

پر مشڪ کٿوري مومل مٿان، هاريئون ٿي هڪلا

پر سومل مومل ساڻ ستي هئي، ڊوهه ڪري ڊؤلا

اتي راڻي کي روح ۾، ٿيو جوش گهڻو جولا

کپان ڪڍيئين کني کي ڪري ڪاوڙ ڪست منجها

هيڪر چئين هليو وڃان ڪري ٻنهي قتلا

پر شيطان مرد جي، من مان، کڻي ڪڍيو قادر ڪريما

پوءِ رکي نشانيون نالا، ويو ڏيئي ڪام مومل جي ڪڇ ۾.

 

(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد ۾ ۵ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي ڇپيل

No comments:

راءِ ڏيندا