; سنڌي شخصيتون: February 2020

19 February, 2020

قربان جوڻيجو - حفيظ چانڊيو


قربان جوڻيجو
تعليم جو روشن ڏياٽيون ٻاريندڙ استاد
حفيظ چانڊيو
جيتوڻيڪ جو هُو عمر جي ان حصي ۾ وڃي پهتو آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري ماڻهو مسجدون ۽ مندر وسائيندا آهن، يا وري پيرن تي پڙ وجهندا آهن ۽ مسيتن ۾، نرڙ گسائي سجدن ۾ زندگيءَ جا بچيل ساهه پورا ڪندا آهن، عمر جي انهن آخري ڏينهن ۾ اڪثر ڪري اهڙا ماڻهو پنهنجي زبانن تي ورد ۽ وظيفن ۾ مصروفِ عمل هوندا آهن، پر تعلقي ڏوڪري جو قربان جوڻيجو انهن مثالي استادن مان آهي، جنهن سموري عمر ٻارن کي پڙهائڻ ۾ گذاريو آهي، هو سنڌي سماج جو اهو مثالي استاد آهي، جيڪو پنهنجي پيرسنيءَ واري عمر ۾ ڏڪندڙ هٿن سان شاگردن کي پڙهائڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو ٿو رهي.

18 February, 2020

عبدالستار رستماڻي - وحيدمحسن


عبدالستار رستماڻي
نامياري ڪمپيئر، انائونسر، شاعر ۽ ليکڪ کي ۶۷ ھين سالگرھ جي موقعي تي ڀيٽا
وحيدمحسن
عبدالستار رستماڻي ۱۵ فيبروري ۱۹۵۳ تي حاجي خان رند جي گھر ڳوٺ احمد خان رستماڻي تعلقو چمبڙ ضلعي ٽنڊوالھيار سنڌ ۾ جنم ورتو ھن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ احمد خان رستماڻي ۾ حاصل ڪئي جتي سندس استاد محمد ونھيل درس ۽ علي نواز رستماڻي جن ھئا تنهن کانپوء مئٽرڪ حبيبيا ھاء اسڪول لي مارڪيٽ ڪراچي مان ڪئي جتي سندس ھڪ استاد گلگت جو ھوندو ھو جنهن کان عبدالستار رستماڻي تمام گهڻو متاثر ھوندو ھو ۽ انٽر آرٽس جي شعبي ۾ ايس ايم آرٽس اينڊ ڪامرس ڊگري ڪاليج ڪراچي مان ڪئي ۽ ان کانپوء بي اي ساڳي ئي ڪاليج مان ڪئي. نوڪري جي حوالي سان ڪلارڪ سي ايم ھائوس سنڌ ڪراچي ڊسمبر ۱۹۷۶، ڪلارڪ سنڌ سيڪريٽريٽ ۱۹۷۷، ان کانپوء مختلف ڊپارٽمينٽ ۾ بدلي ٿيندي رھي جنهن ۾ سروسز اينڊ جنرل ايڊ منسٽريشن ڊپارٽمينٽ، فنانس ڊپارٽمينٽ، ھوم ڊپارٽمينٽ ۽ نوڪري جو آخري دؤر سروسز اينڊ جنرل ايڊ منسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ گذاريو جتان ۱۴ فيبروري ۲۰۱۳ تي رٽائرمينٽ ورتائين- ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان پارٽ ٽائيم نوڪري جي شروعات سال ۱۹۸۳ جي دوران پاڻ نوجوانن ۽ شاگردن لاء پروگرام جو انائونسر رھيو ان کانپوء ۱۹۸۵ ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو انائونسر رھيو جتي ۲ مھينا مسلسل پروگرام ڪندو رھيو تنهن کانپوء بدلي ڪرائي ريڊيو پاڪستان ڪراچي واپس آيو عبدالستار رستماڻي انيڪ خوبين جو مالڪ ٻھڳڻو شڪل وصورت ۾ سھڻو سيبتو ۽ ذھين انسان آهي ۽ الله تعالىٰ ان کي باصلاحيت بڻايو آهي ڪنهن به ڪم کي مشڪل ناھي سمجھندو پنهنجي ادراڪ ۽ فھم جي آڌار تي انهيَ سان نڀائيندو رھي ٿو ۽ ھن وٽ تخليقي صلاحيت تمام گهڻي آهي ۽ اظهار کي لفظن جو سھڻو ويس اوڍائي سندرتا جا سڀئي رنگ ان ۾ ڀري ٿو جنهن جي ڪري سندس تخليقون دل کي ڇھندڙ محسوس ٿين ٿيون اھو سندس نثر ھجي يا شاعري ٻنهي رنگن ۾ ان جون تحريرون اسان جي ذهن کي شعور جو دڳ ڏين ٿيون - ريڊيو تي ڪمپيئر، انائونسر، نيوز ڪاسٽر، ليکڪ ۽ ان کان علاوه پاڻ ڊرامن ۾ ڪردار به ادا ڪيا ۽ گيتن ڀريون ڪھاڻيون به تحرير ڪيون، عبدالستار رستماڻي ريڊيو پاڪستان ڪراچي کي تقريبا سال ۲۰۰۵ ۾ الوداع ڪئي ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي جيڪي دوست ان سان گڏ ڪم ڪندا ھئا انهن ۾ ڊاڪٽر عابد مظهر، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، عبدالعزيز ابڙو، ستارڀٽي، راز شر، اياز گاد، مولابخش چنڊ، علي نواز سومرو، مرتضي خاصخيلي، سڪندر سرواڻ، مرحوم غلام محمد ٻگھيو، ڪلثوم قاضي، شھناز راڄپر ۽ ريحانا اختر شامل ھيون ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان پاڻ ”ھوندا سي حيات“ جو ريڊيو اسڪرپٽ به لکيا ۽ اتي تمام گهڻي محنت ڪئي جنهن جي ڪري رستماڻي جي ڪم کي سڀ پسند ڪندا ھئا ۽ ھڪ ٻي ڳالھ اوھان کي ٻڌائيندو ھلان ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ڊيوٽي دوران رمضان جي مھيني ۾ سڄو مڪمل مھينو صبح واري خصوصي مجلس به ڪئي ھيائين جنهن ۾ ھن کي روزانو ڪراچي کان حيدرآباد آئوٽ بيڪ ڪرڻو پوندو سندس ڪمٽمينٽ ۽ جستجو ڪمال جي ھئي ان وقت سندس پروڊيوسر اقبال فريدي ھو ۽ رستماڻي جي اتي اپانٽمينٽ به ان ئي ڪئي ھئي ۽ پوءِ اتان بدلي ڪرائي ڪراچي واپس آيو ھو اقبال فريدي سندس لاء چيو ھو ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي وڏي عرصي کانپوء سٺو ۽ قابل انائونسر مليو ھو ! اھا سندس ھن جي فن جي عزت ھئي.

08 February, 2020

امداد علي ڪلهوڙو - لياقت راچپر


امداد علي ڪلهوڙو
گهڻ رُخي شخصيت
لياقت راچپر
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪيترا ئي ماڻهو آهن، جن پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، پر انهن کي عام ماڻهن تائين نه پهچايو ويو آهي. اهڙن شخصن ۾ امداد علي ڪلهوڙو به آهي. جنهن سان واقفيت ته پراڻي آهي پر ان جي زندگيءَ جي ڪيل ڪمن جي باري ۾ دير سان خبر پئي ۽ ساڻس ڳالهين دوران گهڻو ڪجهه معلوم ٿيو. جيڪو مان سڀني سان Share ڪيان ٿو.