قربان جوڻيجو
تعليم جو روشن ڏياٽيون ٻاريندڙ
استاد
حفيظ چانڊيو
جيتوڻيڪ جو هُو عمر
جي ان حصي ۾ وڃي پهتو آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري ماڻهو مسجدون ۽ مندر وسائيندا آهن، يا
وري پيرن تي پڙ وجهندا آهن ۽ مسيتن ۾، نرڙ گسائي سجدن ۾ زندگيءَ جا بچيل ساهه پورا
ڪندا آهن، عمر جي انهن آخري ڏينهن ۾ اڪثر ڪري اهڙا ماڻهو پنهنجي زبانن تي ورد ۽ وظيفن
۾ مصروفِ عمل هوندا آهن، پر تعلقي ڏوڪري جو قربان جوڻيجو انهن مثالي استادن مان
آهي، جنهن سموري عمر ٻارن کي پڙهائڻ ۾ گذاريو آهي، هو سنڌي سماج جو اهو مثالي
استاد آهي، جيڪو پنهنجي پيرسنيءَ واري عمر ۾ ڏڪندڙ هٿن سان شاگردن کي پڙهائڻ کي
پنهنجو فرض سمجهندو ٿو رهي.
وڏي وهڻيءَ تعلقي ڏوڪريءَ
سان تعلق رکندڙ استاد قربان علي جوڻيجو به اهڙن مثالي استادن مان آهي، جنهن سموري ڄمار
پڙهائڻ کي عبادت سمجهيو آهي. هن استادي پيشي کي منافعي بخش ڪاروبار کان وڌ پيغمبري
پيشو سمجهيو ۽ ان کي عبادت جي حد تائين خوب نڀائيندو آيو آهي، سندس تعليمي ادارن ۾
رهندي اهو رڪارڊ رهيو آهي ته هن مشڪل ترين حالتن ۾ رهندي ڪڏهن اسڪول کان گسايو
ناهي. جنهن سماج ۾ تنظيمي عهدن جي آڙ ۾ استاد اسڪولن ۾ اچڻ ڇڏي ڏين، ان سماج ۾
قربان جوڻيجي جهڙن فرض شناس استادن جو هجڻ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي هوندو. هُن پڙهائڻ
واري پيشي کي عبادت سمجهي جنهن نموني قوم جي خدمت ڪئي آهي، تنهن کي ڏسي مٿس فخر ڪري
سگهجي پيو. هو اسان جي سماج جو اهو ايماندار استاد آهي جنهن ڪڏهن به پنهنجي فرضن ۾
ڪا ڪوتاهي نه ڪئي، توڙي جو هو مختلف وقتن تي سخت بيمار پڻ رهيو آهي، پر هن ان
بيمارين کي پنهنجي فرضن آڏو مجبوري طور استعمال ناهي ڪيو.
تعلقي ڏوڪري جا اهي
نوجوان سندس سچيتائي ۽ محنت جا اڄُ به شاهد آهن، جيڪي سندس شاگرد رهيا آهن اهي استاد جيڪي سماج ۾ پنهنجو ڪردار صحيح معنيٰ
۾ ادا ڪندا آهن، اهي ڪڏهن به سماج اندر پيغمبري پيشي سان بي ايماني ناهن ڪندا، سي
سماج اندر مان ۽ مرتبو حاصل ڪندا آهن. اڄُ اهو ئي سبب آهي جو آءِ بي اي ڪلسٽر اسڪول
وڏي وهڻي جي هن جهور پوڙهي استاد قربان جوڻيجي سان لاتعداد سندس شاگرد پيار ڪن ٿا
۽ کيس وڏي عزت ۽ احترام لائق سمجهن ٿا. هي انهن ڀاڳوند استادن منجهان هڪ آهي، جنهن
جا ڪيترا ئي پاڙهيل شاگرد مختلف شعبن جي اهم منصبن تي فائز آهن.
قربان جوڻيجي، جهڙا
فرض شناس استاد ئي صحتمند سماج جي جوڙ جڪ لاءِ نوجوانن جون کيپون تيار ڪندا آهن،
کين شاندار تربيت دراصل بيمار سماج جي مسيحائيءَ ۾ ڪم ايندي آهي، سائين قربان جوڻيجي
جهڙن آدرشي استادن تي سچ پڇو ته سنڌ جي شعور کي ناز آهي. سندس جنم پهرين جنوري ۱۹۶۴ع تي تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ سائينداد جوڻيجي
۾ ٿيو هو، سندس والدين نهايت مسڪين هئا، هارپو ڪندڙ سندس والدين هن کي پڙهايو ته
جيئن هو پڙهي لکي ڪنهن اهڙي منصف تي رسي ته جيئن سندن هڙئي ڏُک سکن ۾ تبديل ٿي وڃن.
هن پڙهائي واري دور ۾ پڻ خوب محنت ڪئي، ڪلاس ۾ پوزيشن هولڊر رهندي، استادن جي
شفقتن جي ڇانو پڙهيو ۽ سندس بهترين پرورش ٿي هئي. هو تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ اوترو
اتاولو رهندو هو، جو ڳرين ڳرين فين جي ڀرپائيءَ جي لاءِ شام جو محنت ۽ مزدوريون به
ڪرڻ کي عيب نه ٿي سمجهائين. هن ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪئي، جنهن بعد بي ايڊ ڪاليج
سکر مان پروفيشنل ڊگري حاصل ڪري سرڪاري طور پيغمبري پيشي سان وابسته ٿي ويو. ان
وقت سندس خوشيءَ کان حد ئي نه هئي، جنهن وقت هن کي سرڪاري ملازمت ملي هئي، سندس
اهي مٽ مائٽ هاڻي سندس عزت ڪرڻ لڳا هئا، جيڪي سندس پڙهڻ تي دل ئي دل ۾ پيا ڪڙهندا
هئا ۽ سندس والد کي ٽوڪ واري انداز ۾ چوندا رهندا هئا ته پٽهين پڙهي ڪهڙا اڪ ڪارا ڪندو،
ڇوڪري کي مال چارڻ ۽ ٻني ٻاري جي ڪم سان لڳائي ڇڏ. اڄ ساڳيو ئي قربان جوڻيجو، ساڳي
دنيا ۾، ساڳين مٽن مائٽن جي وچ ۾ عزت ۽ عظمتن جو اهو اهڃاڻ آهي، جنهن کي ڏسي، سندس
ڳوٺائي ماڻهن پنهنجن پُٽن سان گڏ پنهنجي نياڻين کي به پڙهائڻ ۾ فخر محسوس ڪندي
جهالت مان نجات پاتي آهي. ها واقعي به اهو دنيا جو سچ آهي ته دنيا ۾ وڏي ۾ وڏا
انقلاب فرض شناس استادن جي ڪري آيا آهن. قربان جوڻيجو صاحب به اهڙن باوقار استادن
منجهان آهي، جنهن تعليم جي فروغ لاءِ نوجوانن جي ذهنن جي شاندار تربيت ڪئي آهي،
منجهن سچ ڳالهائڻ جي سگهه پيدا ڪئي آهي، آسپاس ۾ تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ کان تعليمي
سرگرمين جو رجحان پيدا ڪرڻ سندس محبوب مشغلا رهيا آهن. هو انهن استادن منجهان آهي،
جنهن پنهنجي شاگردن لاءِ اتساهيندڙ ۽ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي.
عظيم آهي اها قوم
جنهن کي قربان جوڻيجي جهڙا آدرشي استاد هوندا آهن،جن پنهنجي مخلص محنتن سان آسپاس
جي جهالتن کي تعليم جي روشنائيءَ سان تڙي، سماج اندر تعليمي انقلاب برپا ڪندا آهن
۽ نوجوان نسلن جي لاءِ نوان نوان مثال قائم ڪندا آهن. سندس جوڙيل نت نون پيچرن تي
ايندڙ Generations
هلندي ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ڀٽڪنديون نه آهن. آءِ بي اي ڪلسٽر اسڪول وڏي وهڻيءَ جو هي
فقير منش ۽ عمر رسيده استاد قربان جوڻيجو، تعليم جو پرچم هٿ ۾ کڻي، تبديلي لئي
جاکوڙيندو رهيو آهي، جتي اسان جا اسڪول وڏيرن جا گدام هجن، ان جاگيرداراڻي ماحول ۾
قربان جوڻيجي جهڙا اڏول استاد ايمانداريءَ سان سنڌ جي پٺ تي پيل شاگردن کي پڙهائڻ
کي ايمان جو جز سمجهن ٿا. هونئن به صحتمند معاشرا اڏبا ئي ان وقت آهن جڏهن ان سماج
۾ استاد جو ڪردار اعليٰ ۽ اتم هجي. سندن ڪوششون ئي عظمتن جا مينار اڏينديون آهن، جن
کي ڏسي هر ماڻهو فخر پيو محسوس ڪندو آهي.
تعلقي ڏوڪريءَ سان
تعلق رکندڙ مثالي استاد قربان جوڻيجو، سنڌي سماج جو ھڪ اھم فرد آھي، جنهن جي مخلص
محنتن آسپاس ۾ تعليمي رجحان برپا ڪيو آهي، سندس رهنمائي ھيٺ وڏي وهڻيءَ جا سوين ننڌڻڪا
۽ مسڪين ٻارڙا تعليم جهڙي نعمت سان همڪنار ٿي ويا آهن. وڏي وهڻي ڳوٺ ۾ قائم آءِ بي
اي ڪلسٽر اسڪول ۾ وڃڻ ٿيو، جتي هن محنت ڪش استاد سان ملڻ نصيب ٿيو، جڏهن ساڻس هٿ
ملايو هيم ته هن جا ائين محسوس ٿيا، جهڙوڪ ٽانڊن تي هٿ پئجي ويو هجيم، پڇڻ تي ٻڌايائين
ته سائين: “ٽن ڏهاڙن کان وٺي بخار آهي...!!!”، جنهن تي مون کين چيو ته سائين موڪل ڪريو
ها... جواب ڏيندي چيائين ته هي قوم ڪنهن جي آسري ڇڏيان..!!! زندگيءَ ۾ مون موڪل کي
ڪبيرو گناهه سمجهيو آهي.. سندس ان اٽوٽ ڪمٽمينٽ کي ڏسي، سندس عظمت قوم ڏانهن نيڪ
نيتي جي پروڙ پئي هيم.. سچ ته اهڙا استاد اسان جي سماج ۾ بنهه گهٽ آهن. هونئن به مثالي
استاد قربان جوڻيجي جهڙا ڪميٽيڊ ماڻهو، قوم جا سونهان ۽ حقيقي رهبر ٿيندا آهن، جيڪي
مستقبل جي معمارن جون اهڙيون کيپون تيار ڪندا آهن، جيڪي ملڪ ۽ قوم جي جياپي جي جنگ
پنهنجي ذمي کڻندا آهن. ساڳي نموني سائين قربان جوڻيجو پڻ هن سينواريل سماج ۾ اهو ڪنول
آهي، جنھن زندگيءَ جو هر پل قوم جي خوشحاليءَ ۾ گهاريو آهي.
پوري دنيا گهمي ڏسو،
اوهان کي دنيا جون ترقيون استاد جي محنتن بغير بنهه ڇسيون محسو ٿينديون، اهو ان جي
ڪري ته هر سڌريل ۽ ترقي يافته معاشرو هڪ استاد جو جوڙيل هوندو آهي،جنهن جي تعمير ۾
ان عظيم استاد جو ڪردار انتهائي اهميت وارو هوندو آهي. قربان صاحب، هڪ محنت ڪش استاد
آهي، جيڪو ڪنهن خدائي نعمت کان گهٽ ناهي، سندس شفقت جي گهاٽي ڇانوري هيٺ وڏي وهڻيءَ
۽ آسپاس جا بي پهچ ٻارڙا تعليم پرائين ٿا. جن کي هو آءِ بي اي ڪلسٽر اسڪول ۾
پنهنجي اولاد وانگر پاڙهيندو ٿو رهي. هو تعلقي ڏوڪريءَ جو نهايت خوبصورت نالو آهي،
جيڪو تعليم سان سنڌ سنوارڻ چاهي ٿو. هو نهايت شفيق ۽ پيار ڏيندڙ استاد آهي. وٽس
خوبين جي اهڙي ته کاڻ آهي جو جيڪو به ساڻس ملندو ته سندس شخصيت جو قائل ٿي ويندو.
آءِ بي اي ڪلسٽر اسڪول
وڏي وهڻيءَ اهڙو تعليمي ادارو آهي، جتي هزار کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم پرائي رهيا آهن،
جن کان ڪنهن کي به قسم جي ڪا في ناهي ورتي ويندي. ان اداري ۾ پڙهائيندڙ محنتي
استاد آهن، جن مان قربان جوڻيجو نمايان آهي، سندس ڪيل خدمتون ڪنهن کان ڳُجهيون ناهن.
هو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو آهي. هو ذميواريءَ سان ۽ فرض شناسيءَ سان پڙهائيندو رهيو
آهي. سندس هڪ خوبي اها به آهي ته پڙهائڻ جي دوران هو اسڪول جي ٻين ڪلاسن جي مانٽيرنگ
پڻ ڪندو آهي ته آيا ڪلاسن ۾ استاد موجود آهي به يا نه..!! حقيقت ۾ استاد چئبو ئي
ان کي آهي، جيڪو پنهنجي ذميداريءَ سان گڏ پوري اداري کي اڳتي وڌائڻ لئي ڪوشان رهندو
هجي.سندس غير معمولي ذهانت، سندس تجربو، مضمون بابت مڪمل ڄاڻ سان گڏ موضوعاتي
حوالي سان مڪمل ڄاڻ ئي کيس ٻين استادن کان منفرد بيهاريو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا