امداد علي ڪلهوڙو
گهڻ رُخي شخصيت
لياقت راچپر
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪيترا
ئي ماڻهو آهن، جن پنهنجي زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، پر انهن کي عام ماڻهن تائين
نه پهچايو ويو آهي. اهڙن شخصن ۾ امداد علي ڪلهوڙو به آهي. جنهن سان واقفيت ته پراڻي
آهي پر ان جي زندگيءَ جي ڪيل ڪمن جي باري ۾ دير سان خبر پئي ۽ ساڻس ڳالهين دوران
گهڻو ڪجهه معلوم ٿيو. جيڪو مان سڀني سان Share ڪيان ٿو.
هن کي ڪتاب پڙهڻ جو
وڏو شوق هوندو هو، جنهن ۾ خاص ڪري ڪهاڻيون، لوڪ داستان، ابن صفيءَ جا ناول ۽ ڊائجسٽ
شامل هئا. پر اچانڪ هن جو شوق تاريخي ڪتابن پڙهڻ ڏانهن وڌي ويو ۽ خاص ڪري مسلم هسٽري.
ان سان گڏ هو موسيقي ٻڌڻ جو پڻ وڏو شوقين هو. خاص ڪري هندي گانا جن ۾ لتا منگيشڪر،
نورجهان ۽ نوشاد جون ڌنون شامل هيون. ان کان علاوه رشيد انور، رشيد عطري، تصدق
حسين جي موسيقي هن کي گهڻي پسند هئي. جيئن ته شروع ۾ سنڌي فلمون ڪو نه ٺهنديون
هيون، پر جڏهن ۱۹۵۰ع ۾ هڪ سنڌي فلم عمر ماروي، حسين شاهه فاضلاڻي ٺاهي ته پوءِ ڪيتريون ئي
فلمون ٺهڻ لڳيون. جيڪي ڏسڻ سان مزو ايندو هو. امداد کي موسيقيءَ جا ساز وڄائڻ جو ڏاڍو
شوق هو ۽ هُن اهي سکي وڄائڻ ٿي چاهيا. پر گهر جي ماحول ۽ پابندين جي ڪري هو ڪو به
ساز وڄائڻ سکي نه سگهيو. ان کان علاوه هن کي ڳائڻ جو پڻ شوق ٿيو، جيڪو پڻ پورو نه ڪري
سگهيو. هن کي Violin
تمام گهڻو وڻندو هيو. جنهن جي وڄائڻ سان هڪ پرسوز آواز نڪري ٿو، جيڪو هن جي دل ۽
دماغ کي جادوگر وانگر جڪڙي قابو ڪري وٺندو آهي. سنڌي سازن ۾ هن کي چنگ تمام گهڻو
پسند آهي، جنهن کي مرحوم عبدالڪريم بلوچ ڏاڍو ڀلو وڄائيندو هو.
ڪاليج ۾ پڙهائيءَ
واري دور ۾ هن کي پڻ سياست ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق پيدا ٿيو. پر والدين جي منع ڪرڻ
تي هن سياست ۾ حصو نه ورتو. جڏهن هو ڪراچيءَ جي ايس ايم ڪاليج پڙهندو هو ته اتي هو
ٽيبل ٽينس، ٽينس، بيڊ منٽن کيڏندو هو. جڏهن هو حيدرآباد آنرس ڪرڻ لاءِ ويو ته سندس
والد واپس لاڙڪاڻي گهرائي ورتس ۽ اهو زمانو ۱۹۶۳ع جو هو. پوءِ هن بي اي پارٽ ون ۾ گورنمينٽ ڊگري
ڪاليج ۾ داخلا ورتي. اتي هن شاگرد يونين جي لاءِ نائب صدر جي اليڪشن لاءِ فارم ڀريو
۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ عام اليڪشن آهي ۽ هر طرف شاگردن جي گهما گهمي هئي. ووٽ حاصل ڪرڻ
لاءِ در در وڃڻو پيو ۽ جيڪي ٻين ضلعن يا شهرن جا شاگرد هئا، انهن ڏانهن به انهن جي
گهرن تي وڃڻو پيو. نيٺ هو ڪامياب ٿيو ۽ قسم کڻڻ واري رسم لاءِ ڀُٽي صاحب کي دعوت ڏني
وئي، جيڪو ان وقت فارين منسٽر هو، جنهن اُن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. ڪاليج مان ۱۹۶۴ع ۾ بي اي ڪرڻ کان پوءِ هو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ويو، جتان هن ايم اي مسلم هسٽري ۾ ڪئي ۽ اتي به هو جوائنٽ سيڪريٽري جي پوسٽ لاءِ
بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو.
امداد ۲۰ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي ڳوٺ عالي کبڙ ۾ پنهنجي والد حاجي محمد
صديق جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن جي پيدائش وارو ڳوٺ لاڙڪاڻي شهر کان ۴۱ ڪلوميٽر وارهه جي طرف آهي. هن جا والدين پاڪستان ٺهڻ کان اڳ لاڙڪاڻي شهر لڏي
آيا هئا. سندس والد سنڌي استاد هو، جيڪو بدلي ڪرائي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آيو. ڪجهه عرصي
کان پوءِ جڏهن هندو انڊيا وڃن پيا ته انهن کان ٻنهي ڀائرن گڏجي هڪ Second Hand لاري (Lorry) ورتي جيڪا
سندس چاچو حاجي خان پاڻ هلائيندو هو. هن بزنس ۾ هو ڪامياب ويا ۽ هڪ لاريءَ (بس)
مان چار بسون ڪري ويا. هي بسون لاڙڪاڻي کان وڳڻ ۽ نصير آباد هلنديون هيون ۽ ان وقت
روڊ خاص نه هوندا هئا ۽ روڊ جي سواري گهٽ هئي ۽ ماڻهو جتي ريل گاڏيءَ جي سواري
هوندي هئي، ان تي سفر ڪرڻ پسند ڪندا هئا.
جڏهن امداد تعليم
مان فارغ ٿيو ته هو ڪراچيءَ ويو ۽ اتي ۱۹۶۷ع ۾ برما شيل ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ورتائين. هڪ سال کانپوءِ،
هن ايل ايل بي جو امتحان پڻ ۱۹۶۹ع ۾ پاس ڪري ورتو. هن کان سياست جو شوق نه ويو ۽ جڏهن به
جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ يا وري ڪهڙي به شهر ۾ جتي هو ويندو رهندو ھو، اتي جيڪي سياسي
جلسا ٿيندا هئا، اتي ليڊرن کي ٻڌڻ ويندو هو ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي جي سياسي شخصيتن سان
جنهن ۾ محمد ايوب کهڙو ۽ قاضي فضل الله سان به ساڻ هلندو رهندو هو. هڪ ڀيري جڏهن
اسڪندر مرزا ۽ شهيد حسين سهروردي لاڙڪاڻي آيا ته هي انهن سان وڃي مليو. پر جڏهن هن
ڏٺو ته سياست ۾ ڳالهائڻ ۽ عمل ۾ فرق ٿئي ٿو ته سياست جي باري ۾ هن جي ذهن ۾ جيڪو
خاڪو هيو، اهو پاش پاش ٿي ويو.
هڪ دفعي صدر محمد
ايوب خان جڏهن ٺٽي ضلعي ۾ آيو، جتي هنن جون زمينون هيون، اتي صدر ايوب سان هن جي
ملاقات ٿي، جيڪو علائقي ۾ تترن جي شڪار تي آيو هو ۽ پوءِ مسلسل چار سال هو اتي
ايندو هو ۽ هو ان سان ساڻ هوندو هو. هڪ دفعي ايوب خان هن کان پڇيو ته زندگيءَ ۾ هو
ڇا ٿيڻ ٿو چاهي؟ جڏهن هن ٻڌايو ته وڪيل، ته وري سوال ڪيائين ڇو؟ جنهن تي هن وري
چيو ته خبر ناهي ڇو. انهن ۴ سوالن دوران ايوب خان هن جي چاچي حاجي خان کان پڇندو
رهيو ته هن کي ڇا کپي؟ پر هن جو سدائين اهو ئي جواب هوندو هيو ته سنڌي ماڻهو،
مهمان کي ڏيندا آهن پر ان کان وٺندا ناهن. ايوب خان جي اچڻ ڪري، ٺٽي ضلعي ۾ ڪجهه
روڊ ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ٿيا، جنهن ڪري اتان جي ماڻهن کي بزنس ۽ ٻين ڪمن ۾ وڏو فائدو
مليو.
سندس چاچو هڪ متحرڪ
شخص هو، جنهن جا تعلقات ۽ دوستي، خاص ڪري قاضي فضل الله سان گهڻي هئي. سال ۱۹۵۳ع ۾، هن جو چاچو وارهه تعلقي مان اليڪشن وڙهيو
پر کٽي نه سگهيو. پر ان زماني ۾ اهو هيو جو اليڪشن کان پوءِ ماڻهن جي سماجي تعلقات
تي ڪو به اثر نه پوندو هو ۽ سندس چاچي جا محمد ايوب کهڙي سان سياسي اختلاف هوندي
به هو هر عيد جي موقعي تي ان سان بنگلي تي ملڻ ويندو هو. ان زماني ۾ ڪراچي وفاقي
يا وري مرڪزي حڪومت سان Attach
هو. ان لاءِ جڏهن به ڪو مسئلو سياستدانن کي ٿيندو هو ته هو ڪراچيءَ ۾ وڃي پناهه وٺندا
هئا. اتي سنڌ اسلاميه هوٽل، رهڻ جي خاص جاءِ هوندي هئي. خاص ڪري انھن ماڻھن لاءِ،
جيڪي سنڌ جي ٻين هنڌن کان ڪراچيءَ ايندا هئا.
هڪ دفعي حاجي خان
جي ملاقات، ڪراچيءَ ۾ ۵۵-۱۹۵۴ع ڌاري، نواب نبي بخش ڀُٽي سان ٿي، جيڪو پنهنجي زرعي زمين، جيڪا ٺٽي ۾ هئي،
کپائي رهيو هو ۽ هن اها حاجي خان کي وٺڻ جي آفر ڪئي، جيڪا هن خريد ڪري ورتي. ان
وقت ٺٽي جا روڊ پڪا نه هئا ۽ ٺٽي ۾ ترقياتي ڪم گهڻا نه ٿيا هئا. سندس چاچي حاجي
خان ان ورتل زمين تي ڪيلن جو فصل لڳايو، جنهن لاءِ ٻج بمبئي کان گهرايو ويو هو.
جنهن جو نالو هريشه هو. هي فصل اتان جي موسم لاءِ ڀلو هو. ڇو جو ڪيلن جي فصل کي
گهم کپندي هئي. هن جو چوڻ آهي ته ۱۹۵۵ع کان اڳ، پاڪستان ۾ ڪيلي جو فصل نظر ايندو هو. ٻئي ڀائرن
اتي وڌيڪ زمينون خريد ڪرڻ لڳا ۽ ٽرانسپورٽ جو ڪم به Progress ڪندو
ويو ۽ ان وقت تقريبن ۱۷ بسون هلڻ لڳيون، جن لاءِ هنن رپيئر لاءِ پنهنجو گيريج ٺاهي
ورتو، پيٽرول پمپ به لڳايو.
جڏهن هنن وٽ پئسو
گهڻو ٿي ويو ته هنن ٺيڪيداريءَ جو ڪم پڻ شروع ڪيو ۽ لاڙڪاڻي جو مشهور ٽائون هال ۽
سرڪٽ هائوس ٺاهي راس ڪيو ۽ انهن جي اڏاوت ڏسي لڳي ٿو ته ان وقت ڪم ۾ ڪيڏي سچائي ۽
ايمانداري هوندي هئي. ان وقت ٽائون جو نالو قاضي فضل الله رکيو ويو هو، پر پوءِ
اهو نالو ختم ڪيو ويو ۽ هاڻي ان کي ڊاهي ان تي نئين عمارت اڏي وئي آهي، جنهن جو
نالو نصرت ڀٽو وومين لائبرري رکيو ويو آهي. جنهن ۾ لائبرري لاءِ جاءِ گهٽ باقي
ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ضلع ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا اسيمبلي هال ٺاهيا ويا آهن. جڏهن پاڪستان
ٺهيو ۽ هندستان کان مسلمان لاڙڪاڻي پهتا ته انهن کي وسائڻ لاءِ هنن وڏي پيماني تي ڪم
ڪيو.
امداد، لاڙڪاڻي ۾ دڙي
محلي جي پرائمري اسڪول مان تعليم حاصل ڪري ۱۹۵۹ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ پاس ڪئي. ان
زماني ۾ هاڪي ۽ ڪرڪيٽ رانديون کڏيڻ جو وڏو Craze هو ۽ هن ڪرڪيٽ کيڏڻ ۾ ڀرپور حصو ورتو. هو بيٽنگ
ڪرڻ ۾ وڏو هوشيار هو. هن سان گڏ ان وقت عبدالحميد ابڙو گڏ پڙهندو هو، جيڪو سيشن جج
ٿي رٽائرڊ ٿيو ۽ سٺو ليکڪ هو. هو ڪڏهن ڪڏهن هاڪي به کيڏندو هو پر ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ
دلچسپي ڪري، هنن ينگ مجاهد ڪرڪيٽ ڪلب ٺاهيو، جنهن ۾ ضلعي ۽ ڊويزن ليول جا رانديگر
ميمبر هئا. هن وقت جتي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ آهي، ان جي ڀرسان ڪافي گرائونڊ هوندو هو،
جتي رانديگر اچي کيڏندا هئا. ان زماني ۾ منظور آرائين، نظر محمد، محمد ابراهيم شيخ
۽ ٽي ڀائر بشير احمد چانڊيو، منير احمد چانڊيو ۽ نظير احمد چانڊيو سٺا رانديگر
هوندا هئا.
جڏهن گورنمنيٽ هاءِ
اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر واحد بخش شيخ هو، جيڪو سخت ايڊمنسٽريٽر ۽ تعليمدان هو،
ان سڄي سنڌ لاءِ هاڪي، ڪرڪيٽ ۽ والي بال جون ٽي ٽيمون جوڙيون، جن کي ۱۹۵۷ع ۾ سڄي سنڌ جي دوري تي موڪليو. جڏهن هيڊماستر
ڏٺو ته امداد جو قد بت ننڍو آهي ۽ ٻين جي مقابلي ۾ گهٽ عمر وارو لڳي ٿو ته هن کان ٽيسٽ
ورتي وئي، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيو. ٽيسٽ دوران ان وقت جي فاسٽ بالرز ۾ نثار، قلندر
بخش، رسول بخش، نبي داد کي چيو ويو ته هو هن جي خلاف تيز ۽ خطرناڪ بالنگ ڪن پر
امداد جي اعتماد انهن بالرن کي ناڪام ڪيو ۽ ھيءُ ٽيم ۾ شامل ٿي ويو. هن دوري ۾ هنن
سئي، جيڪب آباد ۾ راند کٽي ورتي ته سکر ۾ راند Draw ٿي. ساڳي
طريقي سان خيرپورميرس ۽ نواب شاهه ۾ ساڳي صورتحال بڻي پر حيدرآباد ۾ هنن راند
هارائي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڊراما ڪيا ويندا هئا ۽ هن کي ان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو شوق
هو. پر گهر وارن طرفان اجازت نه ملي. سج لهڻ کان پوءِ، هنن کي اجازت نه هوندي هئي
ته هو گهر کان ٻاهر رهن.
امداد، سڀني دوستن
جو آئيڊيل هوندو هو. دوستن ۾ اعجاز پيرزادو پڻ دليپ ڪمار جي اسٽائل ڪاپي ڪندو هو،
جيڪو اڃا تائين ان اسٽائل ۾ هلندو اچي ٿو. ٻين اداڪارن ۾ ديوانند جو هيئر اسٽائل پڻ
مشهور هو. امداد کي گهڻي قدر غم جا ڪردار، گانا ۽ فلمون وڻندا هئا، جڏهن ته ٿوري پيماني
تي مزاح به پسند هئي. فلمي مشڪرن ۾ جاني واڪر، گوپ، يعقوب ۽ پاڪستاني ڪاميڊين ۾
نذر، دلجيت مرزا، ظريف، لهري، رنگيلا پسند هئا. سياستدانن ۾ امداد خاص ڪري محمد
علي جناح جي شخصيت کان متاثر آهي ۽ ان کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو کان تمام گهڻو
متاثر رهيو آهي. هڪ ڀيرو جڏهن هو ۱۹۷۱ع دوران آمريڪا جي هڪ شهر ۾ گهمي رهيو ته ڪنهن آمريڪن هن
کان پڇو ته هو ڪهڙي ملڪ مان آيو آهي، جڏهن هن ٻڌايس ته لاڙڪاڻي (پاڪستان) مان ته
هن هڪدم چيو ڀٽو جو ملڪ ۽ ان جو شهر لاڙڪاڻو. نه صرف آمريڪا پر هو جنهن به ملڪ ويو
اتي صرف ڀٽي ۽ موئن جي دڙي کي سڃاڻن پيا.
امداد جڏهن ۱۹۵۷ع ۾ پنهنجي ڀاءُ سان لاهور گهمڻ ويو ته اتي
هن جي ملاقات ڪجهه فلمي اداڪارن ۽ اداڪارائن سان ٿي؛ جن ۾ صبحيه خانم، سنتوش، سڌير،
درپن، اسلم پرويز شامل آھن. ھن اتي فلمي اسٽوڊيوز ۾، فلمن جي شوٽنگ پڻ ڏٺي. ان کان
علاوه جڏهن ۱۹۶۰ع ۾ هو ايس ايم ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته هندستان جو مشهور گلوڪار طلعت محمود
آيو هو، جنهن جو ڀاءُ ڪمال محمود ڪراچيءَ جي منسٽري آف ڊفينس ۾ نوڪري ڪندو هو. ھو
ان سان ملڻ آيو هو، جيڪو جناح اسپتال جي ڀرسان هڪ ڪوارٽر ۾ رهندو هو. هڪ دفعي طلعت
محمود جي پروگرام ۾ امداد جي ملاقات پاڪستاني مشهور اداڪار ساقيءَ سان ٿي ۽ پوءِ
هنن ۾ دوستي به ٿي وئي. ان کانپوءِ ساقيءَ جي ڪري ساڻس اڪثر ملڻ ويندو هو ۽ فلمي
اسٽوڊيو ۾ به وڃڻ ٿيندو هيس. ان کان علاوه جڏهن هڪ ڀيرو هن جي ملاقات قاضي
عبدالستار سان ٿي، جيڪو ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ انجنيئر هو ۽ شهدادپور ۾ قائم شاهين ٽاڪيز
جو مالڪ پڻ هو، جنهن کي فلم سان وڏو چاهه هو ۽ هڪ ڀيري هن امداد سان اظهار ڪيو ته
هو فلم ٺاهڻ چاهي ٿو ۽ ان اردو فلم ۾ محمد علي، زيبا، صبحيه، سنتوش ۽ رنگيلو ڪاسٽ
۾ شامل هجن ۽ ان جي هدايتڪاري ايس سليمان ڏني. نيٺ فلم محبت ٺاهڻ جو اعلان ٿيو ۽
شوٽنگ شروع ٿي، جنهن لاءِ هن کي قاضي ذميداري ڏني ته هو شوٽنگ ۽ ٻيا ڪم ڏسي. فلم
پوري ٿي ۽ رليز ڪئي وئي جيڪا ايوريڊي فلمز وارن رليز ڪئي ۽ ان جا سڀ حق ۽ واسطا
خريد ڪيا. فلم ته ڪامياب وئي پر ان تي خرچ ڪيل رقم پوري نه نڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو
خرچ جو حساب لڳايو ويو هو، ان جو اندازو نه ٿي سگهيو هو. هن فلم کان پوءِ قاضي ٻي
فلم ”ميري زندگي هي نغمه“ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا بليڪ اينڊ وائٽ هئي ۽ ان جي خاص
ڪاسٽ ۾ هئا سنگيتا، جيڪا پهريون ڀيرو بطور هيروئن ڪم ڪري رهي هئي، جنهن جي سامهون
رنگيلو هيرو جو رول ادا ڪيو هو ۽ اها فلم ڪامياب ٿي ۽ سٺو فائدو ٿيو. قاضي جي ڌيءَ
جي نالي تي عذره فلمز (موويز) قائم ڪئي وئي. هن فلم کان پوءِ امداد فلم بزنس کان
قاضي کان ڌار ٿي ويو. جڏھن ته قاضي فلمن ٺاهڻ جو ڪم جاري رکيو ۽ فلم مستاني محبوبه،
دل ڪا شهر ۽ دل ايڪ کلونه ٺاهيون، جيڪي سڀ فلاپ ويون ۽ انهن سڀني جي هيروئن اداڪاره
سنگيتا هئي. امداد جو چوڻ آهي ته شوبز جي دنيا ۾ دوستي گهڻو وقت نه هلندي آهي.
امداد جي دوستي مصطفيٰ قريشيءَ سان اداڪار ساقيءَ جي ڪري ٿي هئي، جيڪا اڄ تائين
هلي پئي. جڏهن ۱۹۶۵ع ۾ فلم ”آگ ڪا دريا“ جو يونٽ سنڌ ۾ شوٽنگ ڪرڻ لاءِ آيو ته ان جي ٽيم اورينٽ
هوٽل حيدرآباد ۾ ترسيل هئي ۽ ان فلم جو پروڊيوسر ڪيمره مين رضا مير هو، جيڪو هڪ ٻي
نئين فلم ٺاهي رهيو هو. هن کي هڪ جاندار نئين چهري جي ضرورت هئي ۽ امداد، مصطفيٰ
قريشيءَ جو نالو کنيو ۽ ٻڌايو ته هن جو آواز ڪڙڪيدار آهي، قداور نوجوان آهي ۽ ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد ۾ ڪم ڪري پيو. قريشي، ڪجهه اسٽيج ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو هو ۽ فلم
پرديسي ۾ ڪم ڪري چڪو هو. شرميلو هو پر پوءِ آخرڪار هن کي راضي ڪيو ويو. جڏهن رضا
مير هن کي ڏٺو ته هن لاءِ بيچين ٿي ويو. هن کي فلم ”لاکون ۾ ايڪ“ ۾ ڪاسٽ ڪيائين.
جنهن ۾ هن، هڪ هندو جو ڪردار ڪيو هو.
امداد جيئن ته
حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جي اولڊ ڪيمپس ۾ پڙهندو هو ۽ ان کان اڳ ئي ٿوري پنڌ تي ريڊيو
پاڪستان هوندو هو ۽ هو ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ ريڊيو اسٽيشن تي هليو ويندو هو، جتي
عبدالڪريم بلوچ پروڊيوسر هو ۽ ان کان علاوه هو مصطفيٰ قريشي سان ملندو هو ۽ پوءِ گڏجي
ڪري چانهه جي ڪوپ تي ڪچهري به ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سڀ گڏجي وڃي اورينٽ هوٽل تي وڃي
چانهه جو ڪپ به پي وٺندا هئا. هڪ ڀيرو جڏهن آگ ڪا دريا جي شوٽنگ دوران ان هوٽل تي
اداڪار ساقي به ترسيل هو ۽ ان سان گڏ فلم جو هدايتڪار ۽ پروڊيوسر به هئا. رضا مير ڏسندي
ئي مصطفيٰ قريشي کي پنهنجي فلم لاءِ ولين چونڊي ورتو ۽ جڏهن هن نئين فلم لاکون ۾
ايڪ جي رڪارڊنگ شروع ڪئي ته مصطفيٰ قريشي کي ٽيليگرام ڪيو ته هو گهربل ڊريسون کڻي
اسلام آباد پهچي ۽ پوءِ امداد هن کي ڪراچي ايئرپورٽ تان اسلام آباد لاءِ روانو ڪيو.
جڏهن عبدالڪريم بلوچ پي ٽي وي ڪراچي مرڪز ۾ پروڊيوسر ٿيو ته هن سان ملڻ لاءِ هو
اتي ويندو هو ۽ بلوچ چوندو هيس ته هن کي سنڌي ڊرامن لاءِ نوان چهرا ڳولهي ڏي. هن
سان گڏ يونيورسٽي ۾ فريد نواز بلوچ گڏ پڙهندو هو، جنهن کي امداد وٺي بلوچ سان
ملايو. ان کانپوءِ فريد نواز ڪراچي ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن پاڪستان ۾ به نوڪري ڪرڻ لڳو
۽ ڊرامن ۾ به ڪم ڪندو هو. اهڙي طريقي سان هن ڪيترن دوستن کي پي ٽي وي تي متعارف ڪرايو.
امداد پنهنجي
زندگيءَ جو هڪ وڏو حصو ٻاهرين ملڪن گهمڻ ۾ پڻ گذاريو آهي، جنهن دوران آمريڪا، آفريڪا
۽ يورپ جا سڀ وڏا ملڪ ڏٺا اٿائين. ان کان علاوه ايشيا جا ملڪ، نار، ايسٽ، هندستان
وغيره خاص ڪري ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۸ع تائين گهمي ڏٺا اٿائين. هندستان جي شهرن ۾ بمبئي، ڪلڪتو، انڊور، دهلي
وغيره شامل آهن، جتي هن تمام گهڻي غربت ڏٺي. هندستان ۾، هن جي ڪيترن سنڌي هندن سان
ملاقات ٿي، جيڪي هتان لڏي ويا هئا ۽ هن جي وڏي عزت ڪيائون. اھي سنڌ کي ياد ڪري
روئي ويٺا ۽ هن کان سنڌ جي ماڻهن، هنڌن، هوا ۽ ماحول جي باري ۾ هر هر پڇيائون پئي.
ان کان علاوه سنڌ مان جيڪي هندو سنڌي لڏي ويا هئا، انهن مان ڪجهه سنگاپور، قاهره،
وغيره ۾ هن سان مليا ۽ جڏهن اهي هن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائين پيا ته هنن جو چوڻ
هو ته انهن کي سنڌ جي خوشبو پئي اچي. انڊور جي آبهوا ٿڌي ۽ صحت بخش هئي. بمبئي ۾
هن جي ملاقات موسيقار نوشاد جي اسسٽنٽ محمد شفيع سان ٿي. ھن مهان اداڪار دليپ سان
ملاقات ڪئي، جيڪو اتي فلم ڪرانتي جي شوٽنگ ۾ مصروف هو. ششي ڪپور، راجيش کنا ۽ ٻين ڪيترن
اداڪارن سان به هو مليو.
امداد جو چوڻ آهي
ته؛ دنيا جا ملڪ گهمڻ سان ذهن کلي ٿو. مشاهدو ۽ تجربو، اعتماد کي مضبوط ڪري ٿو. ماڻھو
جڏهن ٻين ملڪن جي ماڻهن سان ملي ٿو، اتان جا تاريخي، مذهبي، ثقافتي هنڌ گهمي ڏسي ٿو،
کاڌا کائي ٿو، حڪومت جو نظام جو ويجهڙائي کان اندازو لڳائي ٿو ته ان لاءِ سوچڻ تي
مجبور ٿي پوي ٿو. الله جي ذات، هن ڌرتيءَ تي ڪيترن قسمن جا انسان، نسل، رنگ، پهاڙ،
گل، ٻوٽا، موسمون، برف، سمنڊ، ٻيلا، پهاڙ وغير پيدا ڪيا آهن. ڏسندي ئي، زبان هڪدم
چوي ٿي؛ سبحان الله!
جڏهن هن جرمني، اٽلي،
مصر، يو اي اِي، افعانستان، سعودي عرب، فرانس ڏٺا ته اتي به دنيا جا رنگ ۽ ڍنگ بلڪل
الڳ ۽ منفرد هئا. جيڪڏهن الله تعاليٰ انسان کي پئسو ڏنو آهي ته هو خدا جي قدرت جا
نظارا پسڻ لاءِ دنيا جا سڀ ملڪ گهمي ڏسي. هڪ هڪ ملڪ، پنهنجو پاڻ مٽ آهي. اتي مڇيون،
فروٽ، باغ، پاڻي، بازارون وغيره پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سفر ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، پر جيڪڏهن
ڪو سچو، پيارو ۽ وفادار دوست آهي ته پوءِ سفر نه صرف آسان پر مزيدار ٿئي ٿو. سڀ
کان وڌيڪ اهو ته هن حج ۽ عمره ڪيا آهن ۽ اها سعادت سڀ کان افضل ۽ پياري آهي، جتي
ماڻهو الله جو گهر ڏسي ٿو ۽ محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي روزي مبارڪ جو ديدار ڪري ٿو ۽ اهي
پرسڪون گهڙيون هونديون آهن. اڄڪلهه امداد پنهنجي گهر تائين پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيو
آهي. ڪڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي ويندو آهي پر وڏي عمر کيس گهڻو ڪم ڪرڻ نٿي ڏئي.
No comments:
راءِ ڏيندا