; سنڌي شخصيتون: عبدالستار رستماڻي - وحيدمحسن

18 February, 2020

عبدالستار رستماڻي - وحيدمحسن


عبدالستار رستماڻي
نامياري ڪمپيئر، انائونسر، شاعر ۽ ليکڪ کي ۶۷ ھين سالگرھ جي موقعي تي ڀيٽا
وحيدمحسن
عبدالستار رستماڻي ۱۵ فيبروري ۱۹۵۳ تي حاجي خان رند جي گھر ڳوٺ احمد خان رستماڻي تعلقو چمبڙ ضلعي ٽنڊوالھيار سنڌ ۾ جنم ورتو ھن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ احمد خان رستماڻي ۾ حاصل ڪئي جتي سندس استاد محمد ونھيل درس ۽ علي نواز رستماڻي جن ھئا تنهن کانپوء مئٽرڪ حبيبيا ھاء اسڪول لي مارڪيٽ ڪراچي مان ڪئي جتي سندس ھڪ استاد گلگت جو ھوندو ھو جنهن کان عبدالستار رستماڻي تمام گهڻو متاثر ھوندو ھو ۽ انٽر آرٽس جي شعبي ۾ ايس ايم آرٽس اينڊ ڪامرس ڊگري ڪاليج ڪراچي مان ڪئي ۽ ان کانپوء بي اي ساڳي ئي ڪاليج مان ڪئي. نوڪري جي حوالي سان ڪلارڪ سي ايم ھائوس سنڌ ڪراچي ڊسمبر ۱۹۷۶، ڪلارڪ سنڌ سيڪريٽريٽ ۱۹۷۷، ان کانپوء مختلف ڊپارٽمينٽ ۾ بدلي ٿيندي رھي جنهن ۾ سروسز اينڊ جنرل ايڊ منسٽريشن ڊپارٽمينٽ، فنانس ڊپارٽمينٽ، ھوم ڊپارٽمينٽ ۽ نوڪري جو آخري دؤر سروسز اينڊ جنرل ايڊ منسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ گذاريو جتان ۱۴ فيبروري ۲۰۱۳ تي رٽائرمينٽ ورتائين- ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان پارٽ ٽائيم نوڪري جي شروعات سال ۱۹۸۳ جي دوران پاڻ نوجوانن ۽ شاگردن لاء پروگرام جو انائونسر رھيو ان کانپوء ۱۹۸۵ ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو انائونسر رھيو جتي ۲ مھينا مسلسل پروگرام ڪندو رھيو تنهن کانپوء بدلي ڪرائي ريڊيو پاڪستان ڪراچي واپس آيو عبدالستار رستماڻي انيڪ خوبين جو مالڪ ٻھڳڻو شڪل وصورت ۾ سھڻو سيبتو ۽ ذھين انسان آهي ۽ الله تعالىٰ ان کي باصلاحيت بڻايو آهي ڪنهن به ڪم کي مشڪل ناھي سمجھندو پنهنجي ادراڪ ۽ فھم جي آڌار تي انهيَ سان نڀائيندو رھي ٿو ۽ ھن وٽ تخليقي صلاحيت تمام گهڻي آهي ۽ اظهار کي لفظن جو سھڻو ويس اوڍائي سندرتا جا سڀئي رنگ ان ۾ ڀري ٿو جنهن جي ڪري سندس تخليقون دل کي ڇھندڙ محسوس ٿين ٿيون اھو سندس نثر ھجي يا شاعري ٻنهي رنگن ۾ ان جون تحريرون اسان جي ذهن کي شعور جو دڳ ڏين ٿيون - ريڊيو تي ڪمپيئر، انائونسر، نيوز ڪاسٽر، ليکڪ ۽ ان کان علاوه پاڻ ڊرامن ۾ ڪردار به ادا ڪيا ۽ گيتن ڀريون ڪھاڻيون به تحرير ڪيون، عبدالستار رستماڻي ريڊيو پاڪستان ڪراچي کي تقريبا سال ۲۰۰۵ ۾ الوداع ڪئي ۽ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي جيڪي دوست ان سان گڏ ڪم ڪندا ھئا انهن ۾ ڊاڪٽر عابد مظهر، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، عبدالعزيز ابڙو، ستارڀٽي، راز شر، اياز گاد، مولابخش چنڊ، علي نواز سومرو، مرتضي خاصخيلي، سڪندر سرواڻ، مرحوم غلام محمد ٻگھيو، ڪلثوم قاضي، شھناز راڄپر ۽ ريحانا اختر شامل ھيون ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان پاڻ ”ھوندا سي حيات“ جو ريڊيو اسڪرپٽ به لکيا ۽ اتي تمام گهڻي محنت ڪئي جنهن جي ڪري رستماڻي جي ڪم کي سڀ پسند ڪندا ھئا ۽ ھڪ ٻي ڳالھ اوھان کي ٻڌائيندو ھلان ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ڊيوٽي دوران رمضان جي مھيني ۾ سڄو مڪمل مھينو صبح واري خصوصي مجلس به ڪئي ھيائين جنهن ۾ ھن کي روزانو ڪراچي کان حيدرآباد آئوٽ بيڪ ڪرڻو پوندو سندس ڪمٽمينٽ ۽ جستجو ڪمال جي ھئي ان وقت سندس پروڊيوسر اقبال فريدي ھو ۽ رستماڻي جي اتي اپانٽمينٽ به ان ئي ڪئي ھئي ۽ پوءِ اتان بدلي ڪرائي ڪراچي واپس آيو ھو اقبال فريدي سندس لاء چيو ھو ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي وڏي عرصي کانپوء سٺو ۽ قابل انائونسر مليو ھو ! اھا سندس ھن جي فن جي عزت ھئي.


عبدالستار رستماڻي جا جيڪي ڊراما پلي ٿيا انهن ۾ پھريون ٽي وي ڊرامو، ”دري ۽ دلبر“ ھڪ ڪردار ۽ ڊائيلاگ ڪلاسيڪل ادبي سڀ شاعري ۾ سنڌ ٽي وي تي ھليو ھن ڊرامي جي ڊائريڪشن نوجوان طارق رستماڻي ڏني ھئي ۽ ٻيو ٽي وي ڊرامو ”منزل محبوب ۽ ھو“ تصوف تي مشتمل جيڪو به سنڌ ٽي وي تي پيش ٿيو ۽ ان جي ڊائريڪشن به نوجوان طارق رستماڻي ڏني ھئي، ٽيون ٽي وي ڊرامو ”عجب عشق آهي“ ڪي بي ميتلو جي ڊائريڪشن ۾ پيش ٿيو ان جو مون کي اندازو آهي ته اھو ڊرامو آواز ٽي وي تان ھليو ھو ۽ ان کان علاوه پاڻ ھڪ ڊرامي ۾ اداڪاري به ڪئي اٿائون جنهن ۾ رستماڻي ليکڪ جو ڪردار ادا ڪيو ھو ۽ اھو ڊرامو به ڪي بي ميتلي جي ڊائريڪشن ۾ ٺھيو ھو - شاعري سان سندس سٻنڌ شاگردي واري دؤر ۾ ٿيو ۽ اڄ تائين قائم آهي وچ ۾ ڪجهه خال پيدا ٿيو پر ھينئر وري شاعري جي طرف واپسي ٿي آهي - عبدالستار رستماڻي کي ڪجهه ايوارڊ به مليا آهن انهن ۾ ۱- ريڊيو پاڪستان پروانشنل ايوارڊ بيسٽ ڪمپيئر ايوارڊ ۲ - مصري شاھ ايوارڊ پاران گادي نشين مصري شاھ نصرپور بيسٽ ڪمپيئر ايوارڊ سيد مرتضي شاھ ڏاڏاھي جي ھٿان وصول ڪيو، ۳- سنڌ سيڪريٽريٽ جي طرفان بيسٽ ڪمپيئر ايوارڊ ماڻي چڪو آهي. اڄ ۱۵ فيبروري تي سندس ۶۷ ھين سالگرھ آهي. ان موقعي تي مان پنهنجي دوست کي پيار پاٻوھ ۽ خلوص دل سان سالگرھ جون واڌايون ڏيان ٿو ۽ اھا ئي اميد رکان ٿو ته عبدالستار رستماڻي پنهنجي ادبي سفر کي جاري رکندو ۽ خوبصورت تخليقون لکي ادب جي جھوليءَ کي ڀريندو رھندو سندس ٻوليءَ سان پيار جي اھا ئي ثابتي ھوندي پاڻ ھن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن ٽائون جو خزانچي آهي سندس موجوده رھائش ڀٽائي آباد ڪراچي ۾ آهي تحرير جي آخر ۾ نموني طور سندس شاعري مان بيت ۽ وائي جو انتخاب ڪندي پڙھندڙن لاءِ ڏيان ٿو
مون مان اسان، اسين ڪين آھيون ڪجھ،
جن وڃايو سڀ ڪجھ، سي ئي لڏيا لاھوت ڏي.

پراڻا وھم ڇڏ لاھي،
سھائي اڄ پکيڙيون ڪا !

امڙ تنهنجي امڙ منهنجي،
اھائي جندڙي آهي،
سھائي اڄ پکيڙيون ڪا !

ٻڌائي ڳالهه جوڳين آ،
ورو گڏجي سڀئي ڪاھي،
سھائي اڄ پکيڙيون ڪا !

ٻڌو دودا سوين سڏڙا،
ڪيو ڪا روشني ٺاهي،
سھائي اڄ پکيڙيون ڪا!

"ستار" تون رند رندي آن،
غلامي ڳٽ اھو لاھي،
سھائي اڄ پکيڙيون ڪا!

No comments:

راءِ ڏيندا