; سنڌي شخصيتون: March 2017

23 March, 2017

شهيد سورهيہ بادشاھ

شهيد سورهيہ بادشاھ

پير صاحب پاڳارو - امام انقلاب، مرد حق.

جاويد احمد چانڊيو



وادي مهراڻ سنڌ کي اصل کان اهو اعزاز رهيو آهي ته هن ڌرتيءَ اهڙن عظيم فرزندن کي جنم ڏنو آهي، جن جو تاريخ ساز ڪردار هجڻ ڪري اهي امر ڪردار ٿي ويا، وطن خاطر وفا عشق جو بي مثال ناتو نڀايو، ۽ وطن جو حقيقي حق ادا ڪيو، اهڙن عظيم ڪردارن تي فخر آهي، جيڪي تاريخ جو حصو بڻجي ويا، سنڌ جي فخر جو سبب بڻيا، اهڙن عظيم تاريخ ساز جدوجهد جاکوڙي ڪردارن جنهن دنيا جي تاريخ جا رخ موڙي ڇڏيا هئا، تاريخ جي سونهري ورقن ۾ عظيم ڪارناما محفوظ بڻيل آهن، سنڌ جا اهي عظيم امر ڪردار دنيا ۾ وڏو مثال آهن، وادي مهراڻ سنڌ جي به اها وڏي خوشنصيبي آهي جو امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي (شهيد سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳارو) جن جو تعلق به وادي مهراڻ سنڌ سان آهي، امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي شهيد سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳارو حرن جو روحاني رهبر پڻ آهي، امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳاري جن جي خاندان جون ديني، علمي، ادبي، سياسي، ملڪي قومي خدمتون هڪ سونهري ۽ روشن باب مثال ۽ قابل احترام آهن.

ڪامريڊ محمد بخش سومرو

ڪامريڊ محمد بخش سومرو

تاريخ جو وساريل ورق

س ب کوسو



ڪامريڊ محمد بخش سومرو وڪيل هڪ سچو، کرو، سادو ۽ نظرياتي آدرشي انسان هيو. ھو سنڌ جو ڏاهو ۽ اصول پرست ماڻهو هيو. ۷۱/۱۹۷۰ع ۾ سائين قمر شهباز ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ پرنسپال هيو. جيڪب آباد جي ڪجهه دوستن سنڌ بلوچستان جي نالي واري گائيڪ استاد ارباب خان کوسي جي هڪ ڪمري تي مشتمل آرٽ سرڪل (سامهون سردار ظفر علي خان گولو بنگلو ٿرڊ فئملي لائين) ۾ هڪ ادبي گڏجاڻي منعقد ڪئي هئي. عبدالغني چنا (سليم چنا سينيئر) مون کي ان گڏجاڻي ۾ وٺي هليو. مان ۽ سليم چنا ان وقت فئملي پلاننگ کاتي ۾ نوڪري ڪندا هئاسين. اها ادبي گڏجاڻي قمر شهباز جي صدارت ۾ منعقد ٿي هئي. جنهن ۾ ڪامريڊ محمد بخش سومرو، بيدل مسرور شريڪ هئا. ان گڏجاڻي ۾ محمد بخش سومري هڪ مضمون پيش ڪيو هيو. جنهن کي شرڪت ڪندڙن بي حد پسند ڪيو. سندس مضمون مان آ به ڏاڍو متاثر ٿيو هيم. ڪامريڊ منهنجو پاڙيسري هيو، سندس رهائش گاهه ٿرڊ فئملي لائين (لڳ ٺٺ مسجد -ٿرڊ جو بگڙيل لفظ) مسجد هئي ۽ مان سيڪنڊ فئملي لائين ۾ رهندو هيس. محمد بخش سومرو هڪ ڪميونسٽ طور مشهور هيو. ڪميونسٽ ڇا ٿيندو آهي؟ ان وقت اسان کي ان بابت ڪا خبر نه هئي. سنڌ جي نالي واري شاعر ڪهاڻيڪار فتاح عابد مون کي سنڌي ادبي سنگت سان روشناس ڪرايو. اهڙي طرح ڪامريڊ محمد بخش سومري سان ملاقاتن جو سلسلو به شروع ٿيو. ۷۷-۱۹۷۶ع ۾ ٻلهڙيجي واسي قربان پيرزادو انفارميشن آفيسر مقرر ٿي آيو. ساڻس ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ پوءِ ويجهڙائپ وڌندي وئي.

22 March, 2017

وحيد علي - ابراهيم لاشاري

وحيد علي
سنڌ جو ناميارو راڳي
ابراهيم لاشاري
سونهاري سنڌ کي علم ادب جو گهر سڏيو ويندو آهي، هن خطي جي ڪنهن به حصي تي نظر ڪبي ته ڪٿي علم، ادب ته ڪٿي وري شاعر، سگهڙ ڪٿي وري عالم، فاضل ڪٿي وري هنرمند ۽ فنڪار نظر پيا ايندا هن سر سبز زمين فنڪارن کي وقت به وقت پنهنجي ڪُکِ ۾ جنم پئي ڏنو آهي، سنڌ ۾ ڪئي سر سنگيت جا ڄاڻو پيدا ٿيا ڪي انهن منجهان جئيرا ۽ ڪئي وري مرحيات پيا سڏجن، مگر سنڌي فنڪارن پنهنجي فن، ڏات ۽ آ واز سان سدائين پنهنجو پنهنجي سنڌڙي جو نالو ڏيهان ڏيهه نروار ڪرايو، اهڙن فنڪار جي موتين جي مالها ۾ هڪ سهڻو ۽ سريلو فنڪار وحيد علي جو نالو پڻ سر سنگيت جي فن ۾ هڪ وڏو نالو پڻ آهي.

13 March, 2017

طاهره علي شاھ آ - اياز سومرو

طاهره علي شاھ
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي..!
اياز سومرو
سنڌ ڌرتي جي ڪُک مان سدا کان سرويچ ۽ سٻاجها ڪردار جنم وٺندا رهيا آهن، جن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيئي ڀٽائي سرڪار جي هنن سٽن ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ کي ساڀيان بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنڌ کي سُڪار بڻائڻ لاءِ وطن تان وارجي تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويا. اهڙن ئي امر ڪردارن منجهان هڪ نالو ايڪويهين صديءَ جي ان مهان عورت جو به آهي جنهن کي سنڌ جا مسڪين ماروئڙا (خاص ڪري ساحلي پٽي جا ماهيگير ۽ هاري) سڪ ۽ اُڪير منجهان ڪڏهن امي ته ڪڏهن جيجي جي نالي سان پُڪاريندا هئا، پر ان جي مسلسل جدوجهد ۽ انهيءَ جدوجهد جي راھ ۾ پنهنجي زندگي جي نذراني ڏيڻ جي مڃتا طوراڄ کيس کي ”شهيدِ سنڌو درياءَ“ جي لقب سان ياد ڪن ٿا.

عبدالسلام ٿهيم

عبدالسلام ٿهيم

خادمِ عوام

نور سنڌي



عبدالسلام ٿهيم سياسي دنيا جي قدآور شخصيت آهي، سياست ذريعي سڄي ڄمار عوام جي خدمت لاءِ ارپيندڙ عبدالسلام ٿهيم جا سياسي مخالف به سندس ساراهه ڪن ٿا. ان ڪري جو هن صاف سٿري سياست ڪري هڪ مثال قائم ڪيو. عوام جي بي لوث خدمت جي ڪري عوام کيس خادم عوام جو لقب ڏنو ۽ پاڻ ان لقب جو ڀرم رکيو. هن جيءَ جياري انسان پهرين جنوري ۱۹۵۰ع تي مشهور سماجي شخصيت رئيس گل محمد خان ٿهيم جي گهر ۾ جنم ورتو. 

اڪبر خان لغاري - محمد اشرف ملاڻو

اڪبر خان لغاري
ڪاڇي جي عوام دوست شخصيت
محمد اشرف ملاڻو
جيئن ته سنڌ سونهاري ڪيترا ئي وڏا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن ۾ عالم، ڏاها، اديب ۽ شاعر شامل آهن، انهن ماڻهن ۾ رئيس اڪبر خان لغاري به ڳڻجي ٿو، جنهن جو تعلق جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي سان آهي. رئيس اڪبر خان لغاري 9 سيپٽمبر 1939ع تي ڳوٺ حاجي خان لغاري تعلقي جوهي ۾ سردار علڻ خان لغاري جي گهر پيدا ٿيو.