; سنڌي شخصيتون: عبدالسلام ٿهيم

13 March, 2017

عبدالسلام ٿهيم

عبدالسلام ٿهيم

خادمِ عوام

نور سنڌي



عبدالسلام ٿهيم سياسي دنيا جي قدآور شخصيت آهي، سياست ذريعي سڄي ڄمار عوام جي خدمت لاءِ ارپيندڙ عبدالسلام ٿهيم جا سياسي مخالف به سندس ساراهه ڪن ٿا. ان ڪري جو هن صاف سٿري سياست ڪري هڪ مثال قائم ڪيو. عوام جي بي لوث خدمت جي ڪري عوام کيس خادم عوام جو لقب ڏنو ۽ پاڻ ان لقب جو ڀرم رکيو. هن جيءَ جياري انسان پهرين جنوري ۱۹۵۰ع تي مشهور سماجي شخصيت رئيس گل محمد خان ٿهيم جي گهر ۾ جنم ورتو. 


سندس وڏا عربستان جا هئا، سندس خاندان جو وڏو طيب خان ٿهيم پهرين جيڪب آباد ضلعي ۾ رهائش پذير ٿيو. بعد ۾ شهدادپور سانگهڙ روڊ تي موجود لانڍي اسٽاپ ويجهو، پنهنجي نالي سان ڳوٺ طيب ٿهيم آباد ڪيو. اسلام ٿهيم پرائمري پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم حاصل ڪئي. سيڪنڊري ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادپور ۽ انٽر ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه مان پاس ڪيائين. 

گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين. جتي شاگرد سياست به ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان کان ڌار ٿي پ پ جو بنياد وڌو ته پاڻ ان کان متاثر ٿي پ پ ۾ شامل ٿيو. کيس اهو به اعزاز حاصل آهي ته پ پ جو ميمبر شپ فارم ذوالفقار علي ڀٽو سامهون ڀريو ۽ تعليم ختم ڪري عملي سياست شروع ڪئي. جڏهن ڀٽو صاحب پهريون دفعو سانگهڙ وڃي رهيو هو ته ناشتو عبدالسلام ٿهيم جي ڀاءُ وٽ ڪيو. سانگهڙ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو تي قاتلاڻي حملي مهل نه صرف ساڻس گڏ هو پر صف اول هو. پاڻ نه صرف تعلقه شهدادپور پر ضلعي سانگهڙ ۾ پ پ کي فعال ڪيو. مرحوم عبدالواحد بروهي جي وفات بعد کيس تعلقه شهدادپور جو صدر بڻايو ويو. ان بعد ضلعي سانگهڙ جو صدر، جنهن کانپوءِ ڊويزن حيدرآباد جو صدر بعد ۾ پ پ سنڌ جو سيڪريٽري انفارميشن ٿيو، انهن عهدن تي سندس ڪارڪردگي قابل تعريف آهي. پ پ پ جي بنياد پوڻ کان وٺي ذوالفقار علي ڀٽو جي اقتدار ۾ اچڻ تائين سنڌ ۾ ٿيل پروگرامن ۾ ساڻس گڏ رهيو. جنرل ضياءَ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار تان هٽائي سولي تي چاڙهيو ان ڏکئي وقت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جا ڪيترائي اهم ساٿي کيس ڇڏي ويا. ڪيترائي خاموش رهيا پر عبدالسلام ٿهيم ثابت قدم رهيو. هن پنهنجون سرگرميون جاري رکيون ۽ جنرل ضياءَ خلاف احتجاج به ڪيو. ان ڏوهه ۾ جنرل ضياءَ جي دور ۾ ۷ سال ٿاڻن جي لاڪپ ۾ سب جيل ڊسٽرڪٽ جيل ۽ سينٽرل جيل ۾ رهيو، جتي مٿس سختيون رهيون. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهيو. ۱۹۸۶ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سانگهڙ ضلعي اندر ايم آر ڊي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ عبدالسلام ٿهيم جي ڳوٺ طيب ٿهيم ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ سندس ٻه ذاتي ملازم ۽ هڪ معصوم نياڻي شهيد ٿي ويا. سندس ڪيترائي عزيز مائٽ زخمي ٿيا ۽ انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. جنرل ضياءَ جي ٽائيم ۾ عبدالسلام ٿهيم کي جيل ۾ ٽارچر ڏنا ويا. مٿس زور ڏنو ويو ته پ پ ڇڏي ۽ معافي نامو لکي ڏي ان جي عيوض کيس تصور کان وڌيڪ فائدو ڏيڻ نوازڻ جون آڇون ڪيون ويون پر پاڻ نه جهڪيو ۽ اٽل رهيو. ڄام صادق علي خان جي دور ۾ پ پ جا نالي وارا ليڊر پاڻ کي ڦني خان ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا جانثار سڏائيندڙ وڏيرا ڄام جي جوهه جلال جي سٽ نه جهلي سگهيا ۽ ڄام گروپ ۾ شامل ٿيڻ جا اعلان ڪيا پر سلام آهي عبدالسلام ٿهيم تي، جيڪو پهاڙ وانگر مضبوط رهيو ۽ پ پ ۾ ثابت قدم رهيو. ۸۸ع ۾ پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊيو ويو ۽ کيس ايڪسائيز ٽيڪسيشن جي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو، پاڻ ان سوچ تحت بيرڪس واري سائيڊ تي آفيس ورتي ته سندس ووٽر ۽ عوام انٽري پاس وٺڻ جي تڪليف ڪرڻ بجاءِ آساني سان هن وٽ پهچي سگهي. ۹۰ع وارين چونڊن ۾ کيس ڏنڊي جي زور تي هارايو ويو، ۹۳ع ۾ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو عبدالسلام ٿهيم جهڙي وفادار ۽ پارٽي ۾ ثابت قدم رهندڙ کي وزيراعليٰ سنڌ بڻائڻ پئي چاهيو پر گريجوئيٽ نه هئڻ ڪري وزير اعليٰ سنڌ نه ٿي سگهيو ۽ کيس تعليم کاتي جو قلمدان ڏنو ويو، ان بعد ٻه چونڊون هارايون ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. ۲۰۰۹ع ۾ کيس ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جو وزير بڻايو ويو، وفات وقت تائين اهو قلمدان وٽس رهيو. ۸۸ع، ۹۳ع ۽ ۲۰۰۹ع واري پ پ دور ۾ سڀني وزيرن کان وڌيڪ عوام ۾ مقبول هيو. هن پنهنجي کاتن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. هي واحد وزير هو، جنهن جي آفيس ۾ ٻين وزيرن جي آفيسن کان وڌيڪ رش هوندي هئي ۽ آفيس ٽائيم کانپوءِ گهر ويندو هو ته اتي به عوام جا ميڙ لڳل هوندا هئا ان ڪري گهر ۾ به کيس آفيس قائم ڪرڻي پئي. آفس مان ٿڪجي اچڻ جي باوجود گهر ۾ آرام ڪرڻ بجاءِ اتي قائم ڪيل آفيسن ۾ ويهي عوام جا مسئلا حل ڪرائيندو هو، کيس آفيس ۾ رات دير تائين عوام سان ملندو هو ۽ سندن ڪمن ڪارين لاءِ ڪوششون ڪندو هو، ٻين علائقن جا پ پ ورڪر به پنهنجي علائقي جي چونڊيل نمائندن کان وڌيڪ عبدالسلام ٿهيم ۾ وڌيڪ اُميد رکي ڪم ڪارين لاءِ ايندا هئا ۽ پاڻ وٽس ايندڙ ماڻهن جي اُميدن تي پورو لهندو هو. پ پ مخالف پارٽين سان لاڳاپيل ماڻهو به وٽس ايندا هئا ته انهن کي ڪڏهن به اهو احساس نه ڏياريو ته اوهان پ پ جا نه آهيو، ان ڪري اوهان جا ڪم ڇو ڪريان پر پاڻ انهن ماڻهن کي به لکين عزتون ڏيندو هو سندن ڪم ڪارين لاءِ ڪوششون ڪندو هو. پاڻ بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ يقين رکندو هو. عوام جي خدمت عين عبادت سمجهي ڪندو هو. ايم پي اي هاسٽل تي ڪم ڪارين لاءِ ايندڙ تڪ جي ماڻهن کي رهائيندو هو، ۳ دفعا وزير رهڻ دوران عوام جي بي لوث خدمت ڪئي ٻين وزارتن جن ۾ ماڻهن جا ڪم هوندا هئا ته پاڻ ماڻهن جي انهن مسئلن، ڪم ڪارين لاءِ گڏجي انهن وزيرن وٽ ويندو هو، ويهي ڪم ڪرائي پوءِ اٿندو هو. هن روايتي وزيرن وانگر مال نه ٺاهيو پر عزت ٺاهي، عوام جون دعائون حاصل ڪيون. عوام دوست ڪردار ڪري عوام جي دلين تي اڄ به سندس راڄ آهي. بي داغ ته رب سائين جي ذات آهي پر عبدالسلام ٿهيم جي سياسي، اقتداري زندگي بي داغ رهي. پ پ مخالف دورن ۾ اها ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته سندس ڪرپشن، غير قانوني ڪم هٿ ڪري مٿس ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو وڃي پر مخالفن جي ڪوشش باوجود هن جو ڪو به اهڙو غير قانوني عمل ۽ ڪرپشن ملي نه سگهي. ايترو بااصول جو غلط ڪم ڪرڻ ته پري ڪڏهن ان حوالي سان هن سوچيو به نه... پاڻ بااصول انسان هئا، ۳ دورن ۾ علائقي ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڪم ڪرايا. ۹۳ع ۾ تعليم جو وزير رهڻ دوران تڪ جو ڪو اهڙو ڳوٺ نه رهايو، جتي اسڪول ۽ بلڊنگ نه هجي. علائقي ۾ روڊ، رستا، بجلي، گئس، فون، واٽر سپلاءِ، ڊرينيج ۽ هزارين نوجوانن کي تعليم مطابق نوڪرين جا آرڊر ڏنا. شهدادپور ۾ پيئڻ جو پاڻي، جيڪو زهريلو ٿي ويو آهي، پاڻ ۵۰ ڪروڙن جي لاڳت سان شهدادپور کي صاف پاڻي ڏيڻ جي اسڪيم ڏياري، جيڪا آخري مرحلي ۾ آهي. ريلوي پل سندس خواهش هئي اها اسڪيم به منظور ڪرائي ۽ ان جو ڪم به هلندڙ آهي. راندين جو عظيم الشان اسٽيڊيم منظور ڪرايو، جيڪو سندس وفات بعد مڪمل ٿيو. پاڻ شهدادپور کي مثالي شهر بڻائڻ ۽ انڊسٽريل زون قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. ۲۰۱۱ع ۾ برساتن اڌ سنڌ ٻوڙي ڇڏي ان ۾ عبدالسلام ٿهيم جو تڪ به ٻڏي ويو، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، انهن ڏينهن ۾ سندس طبيعت ناساز هئي گردن جي تڪليف، شگر، ساهه جي تڪليف ۽ ٻيون بيماريون هيون، ڊاڪٽر کيس آرام جو مشورو ڏيندا رهيا پر پاڻ تڪ جي عوام تي آيل قدرتي مصيبت ۾ کين اڪيلو نه ڇڏيو، طبيعت جي ناسازي جي پرواهه نه ڪندي تڪ جي ٻڏل هر شهر، هر ڳوٺ ۾ پهتو، جتي ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍرائي ڪيمپن ۾ آندو، بنا فرق جي متاثرين جي هر طرح سان مدد ڪئي. امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ اين جي اوز سان رابطو ڪيو. پ پ جي يوسي ليول تي گڏجاڻيون ڪيون انتظاميه سان رابطي ۾ رهيو، جڏهن کيس ضلعي جو رليف ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ته هن پنهنجي تڪ سان گڏ ضلعي ليول تي متاثرين جي مدد لاءِ هر طرح سان ڪوششون ڪيون. وزيراعليٰ کي دورو ڪرائي ضلعي سانگهڙ کي متاثر علائقو قرار ڏياريو. مسلسل جدوجهد ڪرڻ جي ڪري وڌيڪ بيمار ٿي پيو ۽ اسپتال داخل ٿيو ٻه ٽي ڏينهن علاج ڪرائڻ بعد ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود اسپتال ۾ رهي علاج ڪرائڻ بجاءِ واپس شهدادپور پهتو ۽ رليف واري ڪم ۾ لڳي ويو. چيلهه جيڏي پاڻي ۾ گهڙي ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو، هُن ۱۲ اپريل ۲۰۱۲ع ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسپتال ۾ موت ۽ زندگي جي ڪشمڪش ۾ جتي موت نظر ايندو آهي ته سڀ وسري ويندا آهن پر هن موت کي اکين سان ڏسڻ جي باوجود کيس تڪ جي عوام سان سندس محبت رهي کيس متاثرين جي اون رهندي هئي ڳالهائڻ جهڙو ٿيڻ شرط فون تي ٻوڏ متاثرين جا حال احوال معلوم ڪندو هو ۽ انتظاميه کي هدايتون ڏيندو رهيو، جڏهن روزانه ڊائيلاسز تي ويندو هو تڏهن به عوام جي خدمت جاري رکي تڪ لاءِ ڏنل ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان فون تي سيڪريٽرين ۽ ٻين سان رابطو جاري رکيو. آفيس عملي کي اسپتال آڻائي ضروري فائيلن تي صحيحون ڪندو هو، پر هاڻ سانگهڙ ضلعي جو عوام يتيم ٿي چڪو آهي، سندس عوام ۾ مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس وڇوڙي تي هزارين ماڻهو روئي رهيا هئا، سندس خال ڪڏهن به نٿو ڀرجي سگهي. دعا آهي ته سندس موڀي پٽ شاهد خان ٿهيم ۽ سندس ڀاءُ نقش قدم تي هلندي عوام جي بي لوث خدمت ڪن. عبدالسلام ٿهيم وري پيدا نه ٿيندو، هو غريب ميرن ڦاٽل ڪپڙن وارن کي به ڀاڪر پائي ملندو هو. دوستن جو دوست، غريبن جو يار هو، زنده دل انسان هو، سندس آخري آرام گاهه درگاهه حضرت حسن بخش شاهه جي مزار جي احاطي ۾ والد جي پيرن ۾ آهي جتي پاڻ مڻين مٽي هيٺ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي آهي.


 

عبدالسلام ٿهيم

هڪڙو ماڻهو هو موتي داڻو هو

سجاد خاصخيلي

سنڌ ڌرتي پيار محبت امن ۽ ڀائيچاري واري ڌرتي آهي ڇاڪاڻ ته هن سهڻي ڌرتي تي عظيم بزرگ الله تعاليٰ جي پيارن ٻانهن، ولين حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، حضرت لال شهباز قلندر، حضرت مخدوم سرور نوح رحه، حضرت سچل سرمست رحه جن جون آخري آرامگاهون موجود آهن جن جي آستانن تان اڄ به فيض ۽ برڪت جو سلسلو جاري آهي پيار محبت امن ۽ ڀائيچاري جي درس کي عام ڪيو وڃي ٿو سنڌ ڌرتي جي اهڙي پرسڪون امن واري فضا ۾ پياري ڌرتي جي ڪک مان پهرين جنوري ۱۹۵۰ع ۾ فقيراڻي صابرين، خاندان ۾ گل محمد ٿهيم جي گھر جنم وٺندڙ مرحوم عبدالسلام ٿهيم آهي جنهن پنهنجي پوري زندگي ڏکي انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري ،پاڻ جڏهن هوش سنڀاليو تڏهن کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پرستار رهيو ۽ سندس پارٽي ۾ رهي اڻٿڪ محنت ڪندي غريبن مسڪينن جي وڌ کان وڌ خدمت ڪئي، جنهن ڪري هتان جي عوام کيس خادم عوام جي نعري سان نوازي ڇڏيو، جنهن نعري جو ايترو ته آواز گونججي ويو جو هتان جوعوام هر هنڌ خادم عوام جا نعرا هڻي سندس استقبال ڪندو هو، مرحوم عبدالسلام ٿهيم ۾ ڪڏهن به تڪبر۽ وڏ ماڻهپائي نه هوندي هئي، پاڻ غريبن مسڪينن جو يار هوندو هو.سهڻي ميهار جي شهر شهدادپور سميت ڪٿان کان به ماڻهو مسئلو کڻي ايندا هئا، پاڻ انهن جي حل لاءِ رات ڏينهن ڪوشان رهندو هو، ٽنڊوآدم تعلقي جي ڳوٺ طيب ٿهيم ۾ جنم وٺندڙ هڪ فقيراڻي گھر جي ادنٰي پ پ ڪارڪن جو قدر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي به تمام گھڻو رهيو، مرحوم کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ ٻاهرين ملڪ جي دوري تي پڻ ساڻ وٺي ويو هو ڀٽي صاحب سان مرحوم کي تمام گھڻو عشق رهيو، عبدالسلام ٿهيم جون پارٽي اندر ۽ ٻاهر تمام گھڻيون قربانيون رهيون آهن پاڻ هميشه هتان جي عوام سان هروقت رابطا ڪرڻ انهن جي آستانن تي بنا ڪنهن پروگرام اچي انهن وٽ چانهن پيئڻ ڪچهريون ڪرڻ انهن جا مسئلا ٻڌڻ حل ڪرڻ وارا عمل اعليٰ مثال آهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان سندس تمام گھڻو عشق ۽ چاهت هوندي هئي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جڏهن گرفتار ڪري مٿس تشدد ڪيو ويو ته ان وقت مرحوم عبدالسلام ٿهيم کي تمام گھڻو صدمو پهتو هن سخت احتجاج پڻ ڪيا، پر جڏهن رات جي اونداهيءَ ۾ جنرل ضياءُ ڀٽي صاحب کي ڦاهي چاڙهيو ته مرحوم جي اکين مان نير وهي آيا، پاڻ ڀُٽي صاحب جي شهادت تي چڪنا چور ٿي ويو، پاڻ ڪجهه وقت بيمار پڻ ٿي پيو، آمر ضياءَ جي مارشل لا دور ۾ مرحوم عبدالسلام ٿهيم  جي ڳوٺ طيب ٿهيم تي فوجي ڪاهه ڪري هڪ خطرناڪ آپريشن ڪيو ويو، گھرن لوڙهن،کي باهيون ڏنيون ويون، سڌيون گوليون هلايون ويون، جنهن ۾ ۱۲ سالن جي هڪ معصوم نياڻي سميت ٽي حياتيون ضايع ٿي ويون، ڪيترن ڳوٺاڻن کي ٽنگو ٽالي ڪري موبائلن ۾ اڇلايو ويو ۽ گرفتار ڪري کين ڪوڙا، ڦٽڪا هنيا ويا پر پوءِ به انهن جي زبان تي جيئي ڀٽو جو نعرو گونججي رهيو هو. مرحوم عبدالسلام ٿهيم کي سانگھڙ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي رکيو ويو، وفاداريون مٽائڻ لاءِ ٽارچر ڪيو ويو، پر آڻ نه مڃيائين، نيٺ جڙتو ڪيس لڳائي، حيدرآباد جيل موڪليو ويو، مرحوم عبدالسلام ٿهيم ۱۸ مهينا حيدرآباد جيل ۾ رهيو. ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي جنهن ۾ آمريت خلاف ڀرپور جدوجهد ڪرڻ تي مرحوم ۽ سندس ڀائيٽن مرحوم عبدالستار ٿهيم، حاجي انور خان ٿهيم کي گرفتار ڪري مٿن وفاداريون مٽائڻ لاءِ ٽارچر ڪيو ويو پر هنن نه مڃيو مرحوم عبدالسلام ٿهيم کي ۶ مهينن لاءِ جيل موڪليو ويو جتي پاڻ تمام گھڻيون سختيون برداشت ڪيون.

۱۹۸۸ ۾ اليڪشن جو اعلان ڪيو ويو مرحوم عبدالسلام ٿهيم صوبائي سيٽ تي بيهڻ لاءِ قائد شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي درخواست ڏني جيڪا قبول ٿي، پي ايس ۸۳ سانگھڙ شهدادپور تي مرحوم کي نامزد ڪيو ويو، عوام ۾ مقبول مرحوم عبدالسلام ٿهيم اليڪشن دوران هن سيٽ تي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، اسيمبلي ميمبر چونڊيو ويو، حلف کڻڻ بعد مرحوم کي ايڪسائيز کاتو ڏنو ويو جنهن دوران پاڻ نهايت سچائي ۽ مخلصي ڪندي عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪئي .ڄام صادق علي خان جو دور آيو جنهن ۾ پڻ وري پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي نشانو بڻايو ويو ۽ وفاداريون بدلائڻ لاءِ طرح طرح جا طريقا اپنايا ويا، مرحوم عبدالسلام ٿهيم کي پڻ گرفتار ڪيو ويو، ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي رکي مٿس وفاداري بدلائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو پر پاڻ وڏي آواز چيو ته ڀلي منهنجي جان مان ساهه نڪري وڃي پر پوءِ به نعرو ڀُٽي جو لڳندو، پاڻ ايڏي سخت دٻاءَ باوجود وفاداري نه مٽائي، ۱۹۹۳ ۾ اليڪشن جو اعلان ڪيو ويو. جنهن ۾ پڻ مرحوم حصو ورتو ۽ ڪاميابي ماڻي اليڪشن دوران مرحوم جي پيجارو گاڏي کي باهه ڏئي ساڙيو ويو پٽ شاهد ٿهيم مٿان گوليون هلايون ويون پر مرحوم کي جس آهي جو انهن کي معاف ڪري هتان جي وڌيڪ ماڻهن جون دليون موهي ورتيون اليڪشن ۾ ڪاميابي تي محترمه بي حد خوش ٿي، سانحي طيب ٿهيم جي تعزيت ۽ کيس مبارڪباد لاءِ طيب ٿهيم پهتي هئي، اليڪشن کٽڻ کانپوءِ مرحوم کي صوبائي وزير تعليم جون ذميواريون مليون پاڻ اڻٿڪ محنت ڪندي تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون ورتيون، پنهنجي وزارت دوران سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جيان سانگھڙ ضلعي جي واهڻ وستي ۾ اسڪولن جون بلڊنگون تعمير ڪرايون، ٻهراڙين ۾ اسڪول قائم ڪرڻ سان گڏ سوين بيروزگارن کي روزگار ڏياريو هزارين چلهن کي اجھامڻ کان بچايو، عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ يونين ڪائونسل. ٽائون ڪميٽين، ڳوٺن جي سطع تي کليون ڪچهريون ڪري انهن جا مسئلا ٻڌندو هو انهن کي حل ڪرڻ جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪندو هو، پاڻ ڪڏهن به ايڏي مضبوط طاقت هئڻ باوجود ڪنهن کان به انتقام نه وٺندو هو، چوندو هو ته بابا جن به مون سان ڪئي وري آئون به انهن سان ڪريان پوءِ مون ۾ ۽ انهن ۾ ڪهڙو فرق هوندو، آئون کين معاف ٿو ڪريان سندس اهڙي سوچ ۽ بهادري جي ڪري دشمن به سندس مريد ٿي ويندا هئا، اگر کانئس ڪوبه ناراض ٿي پوندو هو ته پارٽي جا ٻه چار دوست وٺي ان تائين پهچي کيس پرچائي وٺندو هو، پاڻ پارٽي ۽ ملڪ سان هميشه سچو رهيو اڄ تائين به مٿس ڪرپشن جو هڪ به الزام ناهي لڳو ،اڳوڻي صدر مشرف واري دور ۾ مرحوم عبدالسلام ٿهيم تي ڪيترائي دفعا قاتلاڻي حملا پڻ ڪيا ويا، جنهن ۾ پاڻ معجزاڻي طور بچي ويو،

وري شهيد راڻي جي پاڪستان جي موقعي تي شاندار ريلي ويلڪم بينظير تي، معروف ڏاهري وٽ حملو ڪيو ويو، مٿس ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ پ پ اڳواڻ فداحسين ڏيري جي پٽ پارس ڏيري سميت پارٽي جا اهم اڳواڻ شديد زخمي ٿي پيا هئا پر پاڻ اهڙي خطرناڪ صورتحال تي صبر ڪيو، ڪارڪنن جي جذبات تي ڪنٽرول ڪري وڏي تباهي کان بچائي ورتو، ۲۰۰۷ ۾ شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو تي راولپنڊي ۾ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي وئي، اهڙي شهادت جي خبر پوري ملڪ جي عوام جيان مرحوم لاءِ خطرناڪ خبر هئي شديد ڏک پهچڻ باوجود پاڻ هتان جي عوام کي آٿت ڏيندو رهيو سڄي سنڌ ۾ باهيون ڏنيون ويون، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان ڏنو ويو پر کيس سلام آهي، جو شهدادپور جي هرداس پوره چوڪ تي مرحومه جي غائباڻي نماز جنازا جو اهتمام ڪري ڪارڪنن کي صبر جي تلقين ڪئي محترمه جي ايثال ثواب لاءِ دعائن جي التجا ڪئي پر شهيد قائد جي موت مرحوم عبدالسلام ٿهيم کي جھوري وڌو پاڻ اندران مڪمل چڪنا چور ٿي ويو پاڻ بيحد رنو ۽ بيحال ٿي ويو، سندس طبيعت ناساز ٿي وڄڻ ڪري کيس ڪراچي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويوهتان جي غريبن مسڪينن جي دعائن جي اثر الله پاڪ کيس صحت عطا ڪئي . ۲۰۱۰ع -۱۱ ۾ آيل قدرتي برساتي تباهين به سڄي سنڌ جيان هتي به تباهي آندي ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويا ماڻهو شهر جي سمورن اسڪولن ۾ اچي آباد ٿيا مرحوم رات ڏينهن هڪ ڪري انهن ٻوڏ متاثرن جي سهائتا ڪئي غريبن مسڪينن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جا انتظام ڪيا، شهرن جا شهر ٻڏي رهيا هئا پر سلام آهي مرحوم عبدالسلام ٿهيم کي جنهن شهدادپور کي ٻڏڻ نه ڏنو پاڻ حفاطتي بندن جي سار سنڀال ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن شهر ٻڏو ته متاثرين جي رهائش سهوليت ڏيڻ به مشڪل بنجي ويندو شهرين جا ٻچا در بدر ٿي ويندا، شهدادپور جي سمورن ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرائي بيماري جي بستري تان اچي پنهنجي هٿن سان آرڊر ورهايا، ان تقريب دوران خطاب ڪرڻ وقت سندس اکين ۾ لڙڪ تري آيا ۽ هن چيو ته دوستو معاف ڪجو ڪا ڪوتاهي ٿي هجي ته، باقي هاڻ ڏيو اسان کي موڪلاڻي ”مون هتان جي غريبن مسڪينن، مظلوم ماڻهن جي خدمت الله پاڪ کي حاضر ناظر سمجھي ڪئي، ان جي صدقي الله تعاليٰ مونکي بخشش فرمائيندو. مرحوم جي اهڙي تقرير تي ڪافي ورڪرن روئي ڏنو ماحول صفا غمگين ٿي ويو مرحوم عبدالسلام ٿهيم ان تقريب کان پوءِ سخت بيمار ٿي پيو ڪراچي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو, محبوب ليڊر، عظيم رهنما، غريبن مسڪينن جو يار هميشه لاءِ وڇڙي ويو ۱۹ مارچ ۲۰۱۲ تي آيل اهڙي دردناڪ ڀيانڪ،خبر پهچڻ تي هر ماڻهو کان رڙ نڪري وئي ته اڄ اسان کان هڪ بهترين سياستدان، بهترين انسان، سچي ليڊر کان محروم ٿي وياسين.


 

عبدالسلام ٿهيم

عوام جو خادم

نور سنڌي

اڄ عوام جي بي لوث خدمت ڪرڻ ڪري خادمِ عوام جو لقب ماڻيندڙ، ھڪ ئي وقت لاتعداد خوبين جي مالڪ بيباڪ سياستدان، خلق خدا جي خدمت ڪندي خوشي محسوس ڪندڙ، زندگي جي آخري ڏينھن ۾ سخت بيماري واري حالت ۾ به ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود ٻوڏ متاثرن جي بحالي انھن جي مدد ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندڙ عبدالسلام ٿھيم جي اٺين ورسي سندس ابائي ڳوٺ طيب ٿھيم ۾ ملھائي پئي وڃي، ڪير سڏائي شھيد ڀٽو جو سچو سپاھي، جنهن بيباڪ سياستدان، سڄي حياتي بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي، انهن مان هڪ عبدالسلام ٿهيم به هو، جيڪو ماڻھن جون لکين عزتون ڪندڙ ھو، پاڻ سياسي دنيا جي قدآور شخصيت هو، سياست ذريعي سڄي ڄمار عوام جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏي، سياسي مخالف به سندس ساراهه ڪن ٿا.

پاڻ صاف سٿري سياست ڪري هڪ مثال قائم ڪيو، عوام جي بي لوث خدمت جي ڪري عوام کيس خادم عوام جو لقب ڏنو ۽ پاڻ ان لقب جو ڀرم رکيو. هن جيءَ جيارو انسان پهرين جنوري ۱۹۵۰ع تي مشهور سماجي شخصيت رئيس گل محمد خان ٿهيم جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس وڏا عربستان جا هئا، سندس خاندان جو وڏو طيب خان ٿهيم پهرين جيڪب آباد ضلعي ۾ رهائش پذير ٿيو، بعد ۾ شهدادپور سانگهڙ روڊ تي موجود لانڍي اسٽاپ ويجهو پنهنجي نالي سان ڳوٺ طيب ٿهيم آباد ڪيو، عبدالسلام ٿهيم پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ، سيڪنڊري ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادپور ۽ ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ پاس ڪئي. گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، جتي شاگرد سياست به ڪئي، انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان کان ڌار ٿي پ پ جو بنياد وڌو ته پاڻ ان کان متاثر ٿي پ پ ۾ شامل ٿيو، کيس اهو به اعزاز حاصل آهي ته پ پ جو ميمبر شپ فارم ذوالفقار علي ڀٽو سامهون ڀريو ۽ تعليم اڌ ۾ ڇڏي عملي سياست شروع ڪئي،

۱۹۸۶ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سانگهڙ ضلعي اندر ايم آر ڊي تحريڪ کي چٿڻ لاءِ عبدالسلام ٿهيم جي ڳوٺ طيب ٿهيم تي آرمي آپريشن ڪيو، جنهن ۾ سندس ۲ ذاتي ملازم ۽ هڪ معصوم نياڻي شهيد ٿي ويا. سندس ڪيترائي عزيز مائٽ زخمي ٿيا ۽ انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. جنرل ضياءُ جي دور ۾ عبدالسلام ٿهيم کي جيل ۾ ٽارچر ڏنو ويو. مٿس زور ڏنو ويو ته پ پ ڇڏي ۽ معافي نامو لکي ڏي، ان جي عيوض کيس تصور کان وڌيڪ فائدو ڏيڻ نوازڻ جون آڇون ڪيون ويون پر پاڻ نه جهڪيو نه وڪيو ۽ اٽل رهيو. ڄام صادق علي خان جي دور ۾ پ پ جا نالي وارا اڳواڻ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا جانثار سڏائيندڙ وڏيرا ڄام جي جوهه جلال جي سٽ نه جهلي سگهيا ۽ ڄام گروپ ۾ شامل ٿيڻ جا اعلان ڪيا پر سلام آهي، عبدالسلام ٿهيم کي، جيڪو پهاڙ وانگر مضبوط رهيو ۽ پ پ ۾ ثابت قدم رهيو. ۸۸ع ۾ پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊيو ۽ کيس ايڪسائيز ٽئڪس جي وزير جو قلمدان ڏنو ويو، پاڻ ان سوچ تحت بيرڪس واري سائيڊ تي آفيس ورتي ته سندس ووٽر ۽ عوام انٽري پاس وٺڻ جي تڪليف ڪرڻ بجاءِ آساني سان هن وٽ پهچي سگهي. ۹۰ع وارين چونڊن ۾ ڏنڊي جي زور تي هارايو. ۹۳ع ۾ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو عبدالسلام ٿهيم جهڙي وفادار ۽ پارٽي ۾ ثابت قدم رهندڙ کي وزيراعليٰ سنڌ بنائڻ پئي چاهيو پر گريجوئيٽ نه هئڻ ڪري وزير اعليٰ سنڌ نه ٿي سگهيو ۽ کيس تعليم کاتي وارو قلمدان ڏنو ويو ان بعد ٻن چونڊن ۾ هارايو. ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. ۲۰۰۹ع ۾ کيس ٽڪينيڪل ايجوڪيشن جو وزير بڻايو ويو. وفات تائين اهو قلمدان وٽس رهيو. ۸۸- ۹۳- ۲۰۰۹ع واري پ پ دور ۾ سڀني وزيرن کان وڌيڪ عوام ۾ مقبول رهيو. هن پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، هي واحد وزير هو جنهن جي آفيس ۾ ٻين وزيرن جي آفيسن کان وڌيڪ رش هوندي هئي ۽ آفيس ٽائيم کانپوءِ گهر ويندو هو ته اتي به عوام جا ميڙا لڳل هوندا هئا، ان ڪري گهر ۾ به کيس آفيس قائم ڪرڻي پئي. آفيس مان ٿڪجي اچڻ جي باوجود گهر ۾ آرام ڪرڻ بجاءِ اتي قائم ڪيل آفيس ۾ ويهي عوام جا مسئلا حل ڪندو هو، پاڻ آفيس ۾ رات دير تائين عوام سان ملندي سندن ڪمن ڪارين لاءِ ڪوشسون ڪندو هو. ٻين علائقن جا پ پ ورڪر ٿهيم صاحب ۾ وڌيڪ اميد رکي ڪم ڪارين لاءِ ايندا هئا، پاڻ انهن جي اعتماد تي لهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پ پ مخالف پارٽين سان لاڳاپيل ماڻهو به وٽس ايندا هئا ته انهن کي ڪڏهن به اهو احساس نه ڏياريو ته اوهان پ پ جا نه آهيون، اوهان جا ڪم ڇو ڪريان پر پاڻ انهن ماڻهن کي به لکين عزتون ڏيندو هو، سندن ڪمن ڪارين لاءِ ڪوششون ڪندو هو، پاڻ بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ يقين رکندو هو، عوام جي خدمت عين عبادت سمجهي ڪندو هو. ايم پي اي هاسٽل تي ڪمن ڪارين لاءِ ايندڙ تڪ جي ماڻهن کي رهائيندو هو. ٽي دفعا وزير رهڻ دوران عوام جي بي لوث خدمت ڪئي، ٻين وزيرن ۾ جن ماڻهن جا ڪم هوندا هئا ته پاڻ ماڻهن جي انهن مسئلن، ڪمن ڪارين لاءِ گڏجي انهن وزيرن وٽ ويندو هو، ويهي ڪم ڪرائي پوءِ اٿندو هو. هن روايتي وزيرن وانگر مال نه ٺاهيو پر عزت ٺاهي عوام جون دعائون حاصل ڪيون. عوام دوست ڪردار ادا ڪري عوام جي دلين تي راڄ ڪيو.

بي داغ ته رب سائين جي ذات آهي پر عبدالسلام ٿيهم جي سياسي، اقتداري زندگي بي داغ رهي، پ پ مخالف دورن ۾ اها ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته سندس ڪرپشن، غير قانوني ڪم هٿ ڪري مٿس ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو وڃي پر مخالفن جي باوجود ڪوشش جي هن جو ڪوبه اهڙو غير قانوني عمل ۽ ڪرپشن ملي نه سگهي، ايترو بااصول جو غلط ڪم ڪرڻ ته پري پر سوچيو به نه. پاڻ بااصول انسان هو. ٽن دورن ۾ علائقي ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڪم ڪرايا. ۹۳ع ۾ تعليم جو زوير رهڻ دوران تڪ جو ڪو اهڙو ڳوٺ نه رهايو، جتي اسڪول ۽ بلڊنگ نه ٺهرائي هجي، علائقي ۾ روڊ، رستا، بجلي، گئس، فون، واٽر سپلاءِ، ڊرينيج اسڪيمون ۽ هزارين نوجوانن کي تعليم مطابق نوڪرين جا آرڊر ڏنا. پاڻي جي اسڪيم منظور ڪرائي. راندين جو عظيم الشان اسٽيڊيم منظور ڪرايو. جيڪو سندس وفات بعد مڪمل ٿيو. پاڻ شهدادپور کي مثالي شهر بنائڻ ۽ انڊسٽريل زون قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. ۲۰۱۱ع ۾ برساتن اڌ سنڌ ٻوڙي ڇڏي، ان ۾ عبدالسلام ٿهيم جو تڪ به ٻڏي ويو. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، انهن ڏينهن ۾ سندس طبعيت ناساز هئي، گردن جي تڪليف، شگر، ساهه جي تڪليف ۽ ٻيون بيماريون هيون. ڊاڪٽر آرام جو مشورو ڏيندا هئا پر پاڻ تڪ جي عوام تي آيل قدرتي مصيبت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو. طبعيت جي ناسازي جي پرواهه نه ڪندي تڪ جي ٻڏل هر شهر هر ڳوٺ ۾ پهتو، جتي ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍرائي ڪئمپن ۾ آندو، بنا فرق جي متاثرين جي هر طرح سان مدد ڪئي. امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ۽ اين جي اوز سان به رابطو ڪيو. وزير اعليٰ کي دورو ڪرائي ضلعي سانگهڙ کي متاثر علائقو قرار ڏياريو. مسلسل جدوجهد ڪرڻ جي ڪري وڌيڪ بيمار ٿي پيو ۽ اسپتال داخل ٿيو، ٻه ٽي ڏينهن علاج ڪرائڻ بعد ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود اسپتال ۾ رهيو علاج ڪرائڻ بجاءِ واپس شهدادپور پهتو ۽ رليف واري ڪم ۾ لڳي ويو، بعد ۾ انتهائي نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي ۲۲ اپريل ۲۰۱۲ع ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس آخري آرام گاهه، درگاهه حضرت حسن بخش شاهه جي مزار جي احاطي ۾ والد جي پيرن ۾ آهي، اڄ ۶ مارچ تي سندن اباڻي ڳوٺ طيب ٿھيم ۾ اٺين ورسي ملھائي پئي وڃي.

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۶ مارچ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



عبدالسلام ٿهيم

ووٽرن جي مالڪي ڪندڙ

نواز ڪنڀر

هن وقت جڏهن اڪثر سياسي پارٽين جا اڳواڻ رڳو ووٽ وٺڻ مهل ئي تڪ ۾ ظاهر ٿيندا آهن يا ووٽرن کي منهن ڏيکاريندا آهن، ان حال ۾ چاچي عبدالسلام ٿهيم پاران تڪ جي ماڻهن سان نه صرف مسلسل رابطي ۾ رهڻ بلڪ ان جي سار سنڀال ۽ پرگهور لهڻ وارو ڪم واقعي ئي هڪ مثالي سياستدان جو ڪم لڳي ٿو. اهڙي مثالي سياستدان جو وڇوڙو، سو به سانگهڙ جهڙي ضلعي ۾، يقينًا پيپلز پارٽي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ وڏي نقصان برابر آهي. ضلعو سانگهڙ جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي تي ٿيل قاتلانه حملي کان وٺي، ڄام صادق علي پاران مختلف وقتن تي ڪيل ڪار گذارين سبب سنڌ ۾ هميشه پيپلز پارٽي لاءِ ڏکيو ضلعو رهيو آهي، ان ۾ پي پي پي جي پراڻي ۽ بنيادي ڪارڪن چاچي عبدالسلام ٿهيم جي وڇوڙي جو احساس مفاهمت جي ور چڙهيل پارٽي کي ته شاهد ايترو گهڻو نه به ٿئي پر ضلعي ۽ خاص ڪري پي ايس ۸۳ شهدادپور تعلقي جي پي پي پي ورڪرن توڙي ووٽرن لاءِ وڏو سانحو ضرور آهي. ڪجهه ئي عرصو اڳ گل جوڻيجي جي وفات بعد ٿهيم صاحب جي وفات ضلعي ۾ پي پي پي لاءِ وڏو ڌڪ آهي. عبدالسلام ۱۹۵۰ع-۰۱-۰۱ تي شهدادپور جي ڳوٺ طيب ٿهيم ۾ وڏيري گل محمد خان ٿهيم جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ستن ڀائرن ۽ ٻن ڀينرن ۾ هن جو نمبر پنجون هو. سندس وڇوڙي بعد هڪ ڀيڻ ۽ ٻه ڀائر هي صدمو سهڻ لاءِ باقي وڃي بچيا آهن. ڪرڪيٽ جا عالمي مقابلا ٽي وي تي ڏسڻ جو شوق رکندڙ ٿهيم صاحب شاگرد سياست ۾ ايڪٽوِ رهيو. هن ۶۷-۱۹۶۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن لاءِ داخلا ورتي پر قدرت کي شايد ڪجهه ٻيو منظور هو. ان دوران جڏهن ڀٽي صاحب پي پي پي جو بنياد وڌو ته چاچي ٿهيم کي به ڀٽي صاحب اڳيان پي پي پي جي بنيادي ميمبر ۽ ڪارڪن ٿيڻ جو اعزاز نصيب ٿيو، جنهن جي عيوض کيس بي اي پارٽ ون پاس ڪرڻ کانپوءِ ڀٽي صاحب جي محبت ۽ صحبت ماڻڻ لاءِ يونيورسٽي ۽ تعليم ڇڏڻي پئي. ان جون پارٽي لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون پڻ هيون، جنهن جي ڪري کيس تمام گهڻي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. اهو به هڪ عجيب اتفاق هو جو جڏهن ڀٽي صاحب تي سانگهڙ شهر ۾ قاتلانه حملو ٿيو، ان وقت ڀٽو صاحب ٿهيم صاحب جي ڳوٺان ناشتو ڪري سانگهڙ لاءِ نڪتو هو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران فورسز جو ضلعي ۾ پهريون آپريشن به سندس ئي ڳوٺ طيب ٿهيم تي ٿيو، جنهن ۾ سندس جان نثار ورڪرن ساجن ٿهيم، اسماعيل ٿهيم ۽ هڪ ۶/۵ سالن جي ننڍڙي نياڻي جامِ شهادت پيتو. ان آپريشن دوران ڳوٺاڻن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، جنهن ۾ جتي چار ٽريڪٽر گولين سان پروڻ ٿيا، اتي ۴۰/۳۰ بي زبان مينهون به آرمي جي گولين جو نشانو بڻجيون. انهن شهيد ٿيل ڳوٺاڻن جي تعزيت لاءِ ٻين ڪيترن ئي اڳواڻن سان گڏ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کان وٺي الطاف حسين تائين به ڳوٺ طيب ٿهيم آيا. ٿهيم صاحب پيپلز پارٽي تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ ۽ حيدرآباد ڊويزن جي صدر رهڻ کان علاوه پارٽي جو صوبائي سينئر نائب صدر به رهيو. هن وقت هو پارٽي جو صوبائي رابطه سيڪريٽري هو. هو ۱۹۸۸ع، ۱۹۹۳ع ۽ ۲۰۰۷ع جي چونڊن ۾ پي ايس ۸۳ شهدادپور تان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ۱۹۹۰ع ۾ هو انهيءَ سيٽ تان هارائي به ويو. ٿهيم صاحب تي ذاتي طرح توڙي پارٽي جي حوالي سان به ڪيترائي ڏکيا ڏينهن ۽ مرحلا آيا پر هن هميشه درگذر ۽ صبر کان ڪم ورتو ۽ انهن کي مڙسي سان منهن ڏنو. جيئن ۲۰۰۷ع واري اليڪشن ۾ معروف ڏاهري واري پولنگ اسٽيشن تي مٿس حملو ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. اهڙي طرح ۲۰۰۲ع ۾ اليڪشن دوران وري ڊگري ڪاليج شهدادپور ۾ به مٿس حملو ٿيو. پر هن ڪڏهن به قانون کان مٿانهون ٿي ڪو قدم نه کنيو. ٿهيم صاحب مختلف وقتن تي ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن، تعليم ۽ وائيلڊ لائيف جو صوبائي وزير به رهيو. هن وقت هو ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جو وزير هو. هن پارٽي لاءِ مختلف جيلن ۾ به گذاريو. جن ۾ اڊيالا، سکر، حيدرآباد، سانگهڙ ۽ منگلي ٿاڻو وغيره شامل آهن. ڄام صادق جي دور ۾ جڏهن پي پي پي جا وڏا ليڊر ۽ خاص ڪري ضلعي سانگهڙ جا اڳواڻ ٿڪجي پيا هئا، تڏهن به ٿهيم صاحب نه ته ٿڪجيو ۽ نه ئي ماٺ ڪري ويٺو. هو مهاڏو اٽڪائيندو ۽ جهيڙو جوٽيندو آيو. جيتوڻيڪ جو پي پي پي ضلعي سانگهڙ جي صدر، ضلعي ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، پر ضلعي ۾ پي پي پي جي نڌڻڪي ٿي ويل ورڪر لڏي لاءِ هن سوڳ جو مدو ٽن ڏينهن يا ٽن مهينن کان گهڻو مٿي هوندو. ٿي سگهي ٿو ته سياسي مفاهمت واري پاليسي جي هن ضلعي ۾ ٿهيم صاحب جي خالي پيل سيٽ، سندس سياسي وارث پٽ کي ملي پوي ۽ هو بنا مقابلي يا وڏي مارجن سان سيٽ کٽي به وڃي پر چاچي عبدالسلام ٿهيم جي جاءِ وٺڻ ڪنهن جي لاءِ ايترو جلد ممڪن نه هجي. سندس پاران هر ڏکي سکي ويل ۾ پنهنجي تر، حلقي، ووٽرن ۽ ورڪرن جو ساٿ ڏيڻ، آنڌي مانڌي سندن سڏ ۾ سڏ ڏيڻ، نه صرف پاڻ فون اٽينڊ ڪرڻ بلڪ ڪم ڪري بيڪ رِنگ ڪري ٻڌائڻ، پنهنجي آفيس جا در ۽ دل جا دروازا ڪڏهن به بند نه ڪرڻ سبب هو هميشه ياد رکيو ويندو.


 

عبدالسلام ٿهيم جو لاڏاڻو

نور سنڌي

عبدالسلام ٿهيم جو نالو سياسي دنيا ۾ چمڪندڙ ستاري وانگر آهي. پاڻ پ پ جو بنيادي ميمبر ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو سچو سپاهي رهيو. ڏکين دورن ۾ جڏهن پ پ سان تعلق رکندڙ وڏيون وڏيون شخصيتون پ پ ڇڏي ويون، پر انهن ڏکين دورن ۾ عبدالسلام ٿهيم پارٽي سان وفادار رهيو. پارٽي جي هر سڏ ۾ ثابت قدم رهيو. عبدالسلام ٿهيم ۱۹۵۵ع ۾ وقت جي مشهور زميندار، سخي مرد، علائقي ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ هڙان وڙان خرچ ڪري وڏي ڪوشش ڪندڙ رئيس گل محمد خان ٿهيم جي گهر  ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ڇهين کان ڏهين تائين گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادپور، فرسٽ ايئر انٽر  ڊي سي ڪاليج نوابشاهه، بي اي شهدادپور ڪاليج مان حاصل ڪئي. پاڻ ۱۹۷۹ع ۾ شهيد ڀٽو کان متاثر ٿي پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ علائقي ۾ پ پ جو ڄار وڇائڻ، پ پ کي هر لحاظ کان فعال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون بعد ۾ کيس پ پ تعلقه شهدادپور جو بعد ۾ سانگهڙ ضلع جو صدر بنايو ويو بعد ۾ حيدرآباد ڊويزن جو صدر ان بعد پ پ صوبي سنڌ جو انفارميشن سيڪريٽري بنايو ويو. انهن عهدن تي سندس ڪارڪردگي نمايان رهي. پاڻ شهيد ذوالفقار علي سان گڏ ڪيترن ئي ملڪي خاص طور سنڌ جي دورن ۾ گڏ رهيو. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي آمر جنرل ضياءَ اقتدار تان هٽائي جيل موڪليو ۽ بعد ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو ته عبدالسلام ٿهيم پنهنجي ساٿين سان گڏجي ان خلاف احتجاج ڪيو ۽ جڏهن شهيد ڀٽو جي شهادت بعد شهيد راڻي وطن موٽي ۽ بعد ۾ سنڌ جو دورو ڪيو ته ان ۾ عبدالسلام ٿهيم ساڻس گڏ رهيو. ايم آر ڊي تحريڪن ۾ عبدالسلام ٿهيم جو نمايان ڪردار رهيو. سانگهڙ ضلعي ۾ ايم آر ڊي تحريڪ تصور کان وڌيڪ ڪامياب رهي. ۸۶ع واري ايم آر ڊي تحريڪن ۾ سندس ڳوٺ طيب ٿهيم ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن جو مقصد عبدالسلام ٿهيم کي مارڻ هو پر هو ان کان ٿورو وقت اڳ نڪري ويو . ان آپريشن ۾ هڪ معصوم نياڻي سميت ۳ ماڻهو شهيد ٿيا، ڪيترائي زخمي ٿيا ۽ عبدالسلام ٿهيم جي گهر ڀاتين تي تشدد ڪيو ويو. ۵۰ کان وڌيڪ سندس مٽ مائٽن کي گرفتار ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو ويو. جڏهن ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ ۷ سالن کان وڌيڪ عرصو عبدالسلام ٿهيم  مختلف ٿاڻن، جيلن ۾ رهيو، جتي مٿس پارٽي تبديل ڪرڻ لاءِ تشدد ڪيو ويو ليڪن جيل، تشدد کيس وڌيڪ حوصلو ڏنو. ۱۹۸۸ع وارين چونڊن ۾ کيس شاندار ڪاميابي حاصل ٿي ۽ کيس ايڪسائيز جو وزير بڻايو ويو. پاڻ عوام سان سولائي سان رابطو رهڻ واري سوچ تحت آفيس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ وٺڻ بجاءِ بيرڪس واري سائيڊ تي ورتي ته جيئن عوام پاس وٺڻ کانسواءِ وٽس پهچي سگهي. پ پ پ جي ۸۸ع واري دور تي نظر وجهبي ته صوبائي وزيرن ۾ سڀ کان وڌيڪ عوام جي رش عبدالسلام ٿهيم وٽ هئي ڇاڪاڻ ته هڪ ته صبح کان شام تائين آفيس ۾ موجود رهندو هو ٻيو ته ڪم ڪارين لاءِ ايندڙ ماڻهو سندس تڪ جا هجن يا ڪٿي جا به پر انهن جي ڪم ڪارين لاءِ هر طرح سان ڪوشش ڪندو هو. ايم پي اي هاسٽل تي به سدنس روم اوطاق وانگر هر وقت ماڻهن سان ڀريل نظر ايندو هو. ۱۹۹۳ع جي چونڊن بعد ۱۹۹۴ع ۾ کيس تعليم کاتي جي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو ۽ پاڻ تعليم جو نظام بهتر بنائڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش ڪئي سندس ان دور ۾ تعليم کاتي ۾ هزارين نوجوانن کي سندن تعليمي لياقت موجب نوڪريون ڏنيون ويون. وڏي تعداد ۾ تعليمي ادارن جون عمارتون جوڙيون خاص طور شهدادپور تعلقي لاءِ اهو سونهري دور هو. چار سئو کان وڌيڪ تعليمي ادارن جون بلڊنگون ٺهيون ۽ سندس آفيس عوام لاءِ هر وقت کليل رهي. ۲۰۰۸ع ۾ ايم پي اي ٿيو. ۲۰۰۹ع ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۾ وزير طور حلف کنيو ۽ ان کاتي کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ وڏي تعداد ۾ نوجوانن کي روزگار سان لڳايو. عبدالسلام ٿهيم جي اها عوام دوستي رهي ته اقتدار ۾ هجي يا حزب اختلاف ۾ پر هن سدائين بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ ڪري عوام کيس خادم عوام جو لقب ڏنو ۽ تڪ جا ماڻهو کيس پيار وچان چاچا به سڏيندا هئا. سندس عوام سان مرڻ تائين اڻ ٽٽ رشتو رهيو. عوام جي ڏک سک ۾ ساڻن گڏ رهڻ جي ڪوشش ڪئي.

۲۰۱۱ع وارين برساتن اڌ سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو، اتي عبدالسلام ٿهيم جو تڪ شهدادپور تعلقو به شديد متاثر ٿيو. تعلقي اندر هر طرف تباهي آئي، انهن ڏينهن ۾ سندس طبيعت صحيح نه هئي شگر ڪنٽرول ۾ نه اچڻ، ڦڦرن جي تڪليف، گردن جي تڪليف، انهن بيمارين کيس نهوڙي وڌو ۽ ڪافي وقت کان انهن بيمارين سان جنگ لڙي رهيو هو. ڊاڪٽر کيس مڪمل طور آرام لاءِ هدايتون ڪندا هئا پر پاڻ انهن هدايتن کي هڪ طرف رکي صبح کان شام تائين عوام جي خدمت ۾ مصروف رهيو. برساتن واري ٽائيم ۾ سندس طبيعت وڌيڪ خراب رهڻ جي باوجود پاڻ صبح کان رات تائين ٻڏي ويل شهرن، ڳوٺن جا دورا ڪرڻ لڳو، ڪافي هنڌن تي ته چيلهه جيڏي پاڻي ۾ ڪيترو فاصلو هلڻ لڳو. ڏينهن جو متاثر علائقن ۾ دورا رات جو پارٽي وارن سان انتظاميه سان گڏجاڻيون ڪرڻ لڳو ۽ امدادي ڪم جي خود نگراني ڪرڻ لڳو. متاثرين جي بحالي لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪرڻ ڪري سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي ليڪن همٿ نه هاريائين، ايتري قدر جو هڪ دفعي تڪليف تمام وڌي ويس ڊاڪٽرن ابتدائي طبي امداد ڏئي کيس ڪراچي جي ڪنهن بهتر اسپتال ۾ وڃڻ جو مشورو ڏنو پر ابتدائي طبي امداد سان ٿوري طبيعت صحيح ٿيڻ بعد ڪراچي ۾ ڪنهن اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بجاءِ متاثر علائقن ۾ وڃڻ ۽ ٻڏل علائقن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ پلاننگ ڪرڻ لاءِ مختلف علائقن جي وزٽ تي روانو ٿي ويو. اهڙي حال ۾ به رات ڏينهن مصروف رهڻ ڪري سندس طبيعت خراب ٿي وئي ۽ کيس نازڪ حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ٿورڙو صحيح ٿيو ته ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود پاڻ کڻائي تڪ ۾ پهتو، جتي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪرڻ جو خيال ڪيو پر کيس خراب طبيعت اجازت نه ڏني ان جي باوجود ٻه ڏينهن ٿهيم هائوس تي ويهي عوام جا مسئلا ٻڌا. اسپتال کان ڪراچي واري گهر وري گهر کان اسپتال تائين آرام نه ڪيو اتي به عوام جي خدمت ڪئي فون ذريعي ڪم ڪارين لاءِ ايندڙن سان رابطي ۾ رهيو. گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سندس هفتي ۾ ٽي دفعا ڊائيلسز ٿيندي رهي اهو اهڙو مرحلو آهي جو ماڻهو موت کي اکين سان ڏسي ٿو ۽ سڀ ڪجهه وسري وڃي ٿو پر هن خادم عوام جي ڏنل لقب جو ڀرم رکيو. عبدالسلام ٿهيم جو وڇوڙو نه صرف شهدادپور يا سانگهڙ پر پ پ لاءِ وڏو نقصان آهي سندس وفات سان پ پ ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. سانگهڙ ضلع جا پ پ ورڪر ته پاڻ کي لاوارث سمجهي رهيا آهن سندس وڇوڙي تي نه فقط پ پ وارا پر هر ساڃاهه وند ماڻهو سوڳوار آهي . هر ماڻهو خادم عوام جي وڇوڙي تي غمگين هو نه صرف سندس پٽ شاهد خان، آصف خان، فراز، فهد خان، سندس ڀائر عزيز خان، عبدالرحمان خان، ڀائيٽا عبدالستار ٿهيم، انور خان ٿهيم ۽ ٻيا مٽ مائٽ غمگين هئا پر سندس هر ڪانڌي غمگين هو، بي حال هو. عبدالسلام ٿهيم جهڙي شخصيت وري پيدا نه ٿيندي عوام کي اُميد آهي ته سندس اولاد خاص طور شاهد خان والد جي مشن کي اڳتي وڌائيندو. علائقي جي عوام لاءِ ڇپر ڇانو بنبو، بي سهارا ماڻهن جو سهارو بڻبو، اسين سوڳوار خاندان سان تعزيت ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا.


 

پ پ جو سينئر اڳواڻ ۽ صوبائي وزير عبدالسلام ٿهيم لاڏاڻو ڪري ويو

 

سانگهڙ/ شهدادپور/سنجهورو/ملدسي/ٽنڊو آدم(نمائندن وٽان) صوبائي وزير فني ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن رئيس عبدالسلام ٿهيم ۶۳ سالن جي ڄمار ۾ ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد سنڌ کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو، سلام ٿهيم تقريبن هڪ مهيني کان گردن، ساهه ۽ شگر جي مرض ۾ مبتلا هجڻ سبب ڪراچي جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ زير علاج هو، جتي سندس ڊائلينس ڪيو پئي ويو ۽ ٻن ڏينهن کان کيس وينٽيلر تي هلايو پئي ويو ۽ فجر وقت هن موت سان جنگ جوٽيندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، عبدالسلام ٿهيم جي وڇوڙي جي خبر شهر،جهر جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، جڏهن ته سندس وڇوڙي جي سوڳ ۾ شهدادپور شهر، لانڍي، باگو وداداڻي، مقصودو رند، لنڊو، ملدسي سميت مختلف علائقا بند ٿي ويا، علائقن ۾ سناٽو ڇائنجي ويو، جڏهن ته سوين ماڻهن جو انگ ڳوٺ طيب ٿهيم ۾ پهچڻ شروع ٿي ويو، ٻئي طرف ماڻهو لڙڪ لاڙيندي نظر اچن پيا ۽ هر اک پ پ جي محبوب اڳواڻ جي وڇوڙي تي آلي آهي، کيس سوين آلين سکين سان اباڻي ڳوٺ طيب ٿهيم جي ڊٺڙو شريف قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته جنازي نماز مشهور عالم مولوي عبدالرزاق سڪندري پڙهائي، جنازي نماز ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، قانون جو صوبائي وزير اياز سومرو، وقار مهدي، آءِ جي سنڌ سيد مشتاق شاهه، ايم پي اي بچل شاهه، ايم اين اي فريال ٽالپر جو ڪوآرڊينيٽر ضياءُ الحسن لنجار، هنڱورو سرفراز راڄڙ، سابق ايم اين اي لياقت سري، سابق ايم اين اي عرفان جوڻيجو، ايم پي اي فدا حسين ڏيرو، ايم اين اي روشن دين جوڻيجو، اڳوڻو ايم پي اي فقير محمد بخش خاصخيلي، اڳوڻو ايم پي اي ماهر خان وساڻ، پ پ ضلعي صدر حاجي مختيار علي شوري، سافڪو چيف سليمان جي ابڙو، سنڌ صحافي سنگت چيئرمين نور سنڌي، شهدادپور پريس ڪلب صدر محمد رمضان پنهور، امن پسند پارٽي چيئرمين غلام، مصطفيٰ سومرو (ايڊووڪيٽ) صوبائي صلاحڪار ابوڀائي، سيد شاهه محمد شاهه، بابو رحيم ميمڻ، ڪمشنر ميرپور غلام حسين ميمڻ، ڊي پي او عبدالله شيخ، ڊي آءِ جي غلام حيدر جمالي، ڊي سي او غلام حيدر مڱريو، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، چيف سيڪريٽري حڪومت سنڌ راجا عباس سميت مختلف سياسي سماجي ادبي شخصيتن، اڳواڻن سندس برادري جي چڱن مڙسن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ت

 

 

سلام ٿهيم شاگردي جي دور کان سرگرم رهيو ۱۹۶۹ جو پ پ ۾ شامل ٿيو

 

شهدادپور: صوبائي وزير عبدالسلام ٿهيم ۱۴۴۹ ۾ ڳوٺ طيب ٿهيم ۾ رئيس گل محمد خان ٿهيم جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر نوابشاهه ۽ بي اي شهدادپور جي ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪيائين، سلام ٿجيم شاگردي دور ۾ سرگرم ڪارڪن هجڻ ڪري ڪاليج ۾ ۱۹۶۷۾ ڪاليج يونين جو جنرل سيڪريٽري ٿيو، جنهن بعد ۱۹۶۹ع ۾ پ پ ۾ شهيد ذواالفقار ڀٽو سان گڏ سياست ۾ قدم رکيائين ۽ سندس تمام ويجهو ساٿي رهيو، جنهن بعد ۱۹۷۱ع ۾ پ پ تعلقه ۽ پ پ سنڌ صوبي جو انفارميشن سيڪريٽري ٿيو ۽ پ پ جي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنائين، جنهن بعد  عبدالسلام ٿهيم صوبائي اسيمبلي سيٽ تي ۵ ڀيرا اليڪشن وڙهيو، جنهن ۾ ۳ دفعا ايجوڪيشن جو وزير ٿيو، جڏهن ته موجوده وقت ۾ صوبائي وزير فني ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن هو، عبدالسلام ٿهيم سياسي دور ۾ ۱۹۸۵ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، ايم آر ڊي تحريڪ ۾ فوجي آپريشن دوران ڳوٺ طيب ٿهيم ۾ سخت آپريشن ٿيو جنهن ۾ هڪ معصوم نينگري سميت ۳ ڄڻا شهيد ٿيا هئا، جڏهن ته سلام ٿهيم ۷ سال جيل ۾ ڪاٽيا ۽ ان کانسواءِ مختلف وقتن ۽ دورن ۾ پڻ جيلن ۾ رهيو، سندس مٿان ۳ قاتلاڻا حملا پڻ ٿيا.

 

ڪراچي/ شهدادپور/ مقصودو رند (اسٽاف رپورٽر/ نمائندا) پيپلزپارٽي جو سينيئر اڳواڻ ۽ فني تعليم جو وزير عبدالسلام ٿهيم ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. صوبائي وزير عبدالسلام ٿهيم گڙدن جي تڪليف ۽ بلڊ پريشر شگر جي تڪليف سبب ۶۲ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ سنڌ ڄنگهه جي هڏي به ٽٽي پئي هئي، جنهن بعد ڊاڪٽرن سندس آپريشن ڪيو، پر هو ٽن ڏينهن کان پوءِ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وفات تي شهدادپور، لنڊو، سهاري، لانڊي، مقصودو رند ۽ ٻيا شهر بند ٿي ويا. سندس جنازي نماز اباڻي ڳوٺ طيب ٿهيم ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه قانون واري وزير اياز سومرو، سينيٽر عاجز ڌامراهه، ايم اين اي روشن جوڻيجو، ايم اي پي راڻا عبدالستار راجپوت، غلام قادر چانڊيو، شاهه محمد شاهه، ماهي خان وساڻ، محمد خان جوڻيجو، فدا حسين ڏيرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. کيس درگاهه حسن بخش شاهه، ڊٺڙو شريف جي پيراندي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سلام ٿهيم ۱۹۶۸ع ۾ سياست ۾ آيو، شهيد ڀٽو کيس وڪيل سڏيندو هو

شهدادپور: پيپلزپارٽي جي باني ۽ برک اڳواڻ عبدالسلام ٿهيم شهدادپور لڳ ڳوٺ طيب ٿهيم ۾ زميندار گل محمد ٿهيم جي گهر اندر پهرين جنوري ۱۹۵۰ ڌاري اک کولي، پرائمري تعليم شهدادپور شهر جي مين سنڌي پرائمري اسڪول ۾ ورتائين، ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ هالا ڪاليج مان انٽر پاس ڪيو. مشرف حڪومت ۾ گريجوئيشن جو شرط ايم پي اي لاءِ هجڻ ڪري شهدادپور ۾ ڊگري ڪاليج مان بي اي جو امتحان پاس ڪري گريجوئيٽ ٿيو. عبدالسلام ٿهيم سياست جي شروعات ۱۹۶۸ع کان ڪئي، حيدرآباد ۾ هڪ شاگرد يونين جوائن ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان دوستي هئڻ ڪري جڏهن ڀٽي صاحب پيپلزپارٽي جو بنياد رکيو ته عبدالسلام ٿهيم جو بنيادي ميمبر بڻبو آخري پساهه تائين پيپلزپارٽيءَ سان وابسطه رهيو، عبدالسلام ٿهيم ۱۹۷۱ع ۾ پيپلزپارٽي تعلقه شهدادپور جو صدر، ضلعي سانگهڙ جو صدر  ۽ ان بعد حيدرآباد ڊويزن جو صدر ۽ ميمبر سنڌ ڪائونسل رهيو. ۴ ڀيرا چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ٽي دفعا ايم پي اي چونڊجي ۱۹۸۸ع ۾ ايڪسائيز جو وزير، ۱۹۹۳ع ۾ تعليم جو وزير ۽ ۲۰۰۹ع موجود حڪومت ۾ ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن جو وزير رهيو، رئيس عبدالسلام ٿهيم کي ذوالفقار علي ڀٽو وڪيل عبدالسلام ٿهيم ڪري ملندو هو.

عبدالسلام ٿهيم ۴ پٽ سوڳوار ڇڏيا

شهدادپور: عبدالسلام ٿهيم پنهنجي پويان چار پٽ شاهه خان ٿهيم، فراز، فهد، آصف ۽ هڪ بيوهه سوڳوار ڇڏيا. عبدالسلام ٿهيم، وزير تعليم بڻيون مخالفن سندس مٿان تنقيد ڪئي ته هو نان گريجوئيٽ آهي. ان لاءِ هن گريجوئيٽ جو امتحان شهدادپور ڪاليج ۾ ڏنو.

عبدالسلام ٿهيم پ پ جو بهادر سپاهي هو: سيد قائم علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه صوبائي وزير عبدالسلام ٿهيم جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عبدالسلام ٿهيم پ پ جو بهادر سپاهي هو. سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هوڏانهن صوبائي وزير اياز سومرو، شازيه مري، صوبائي وزير عبدالحسيب، زاهد ڀرڳڙي، خاص مددگار وقار مهدي، راشد رباني، صديق ابو ڀائي ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو.

ارباب رحيم جو ڏک جو اظهار

حيدرآباد: مسلم ليگ هم خيال جي مرڪزي صدر ۽ سابق وزير اعليٰ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم وائيس چانسلر لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي نوشاد شيخ جي پيءُ ۽ صوبائي وزير عبدالسلام ٿهيم جي وفات تي سندن پونيئرن سان ڏک ونڊيندي ڌڻي در دعا ڪئي آهي ته الله تعاليٰ سندن پونيئرن کي صبر عطا ڪري.



عبدالسلام ٿهيم

خلقِ خدا جو خادم ۽ بيباڪ سياستدان

نور سنڌي

عوام جي بي لوث خدمت ڪرڻ جي ڪري خادمِ عوام جو لقب ماڻيندڙ عبدالسلام ٿھيم بيباڪ سياستدان، سڄي حياتي بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي، پاڻ سياسي دنيا جي قدآور شخصيت هو، سياست ذريعي سڄي ڄمار عوام جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏي، سياسي مخالف به سندس ساراهه ڪن ٿا. پاڻ صاف سٿري سياست ڪري هڪ مثال قائم ڪيو، عوام جي بي لوث خدمت جي ڪري عوام کيس خادم عوام جو لقب ڏنو ۽ پاڻ ان لقب جو ڀرم رکيو. هن جيءَ جيئاري انسان پهرين جنوري ۱۹۵۰ع تي مشهور سماجي شخصيت رئيس گل محمد خان ٿهيم جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس وڏا عربستان جا هئا، سندس خاندان جو وڏو طيب خان ٿهيم پهرين جيڪب آباد ضلعي ۾ رهائش پذير ٿيو، بعد ۾ شهدادپور سانگهڙ روڊ تي موجود لانڍي اسٽاپ ويجهو پنهنجي نالي سان ڳوٺ طيب ٿهيم آباد ڪيو، عبدالسلام ٿهيم پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ، سيڪنڊري ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادپور ۽ ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ پاس ڪئي. گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، جتي شاگرد سياست به ڪئي، انهن ڏينهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان کان ڌار ٿي پ پ جو بنياد وڌو ته پاڻ ان کان متاثر ٿي پ پ ۾ شامل ٿيو، کيس اهو به اعزاز حاصل آهي ته پ پ جو ميمبر شپ فارم ذوالفقار علي ڀٽو سامهون ڀريو ۽ تعليم اڌ ۾ ڇڏي عملي سياست شروع ڪئي، جڏهن ڀٽو صاحب پهريون دفعو سانگهڙ وڃي رهيو هو ته ناشتو عبدالسلام ٿهيم جي ڀاءُ وٽ ڪيو. سانگهڙ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو تي قاتلاڻي حملي مهل عبدالسلام ٿهيم نه صرف گڏ هو پر اڳيان هو، پاڻ نه صرف تعلقي شهدادپور پر ضلعي سانگهڙ ۾ پ پ کي فعال ڪيو، کيس پ پ تعلقي جو صدر بنايو ويو، بعد ۾ عبدالواحد بروهي کي پ پ تعلقي جو صدر ڪيو، مرحوم عبدالواحد بروهي جي وفات بعد کيس ٻيهر تعلقي شهدادپور جو صدر بڻايو ويو. ان بعد ضلعي سانگهڙ جو ان بعد ڊويزن حيدرآباد جو صدر بعد ۾ پ پ سنڌ جو سيڪريٽري انفارميشن ٿيو، انهن عهدن تي سندس ڪارڪردگي قابل تعريف رهي. پ پ جو بنياد پوڻ کان وٺي ذوالفقار علي ڀٽو جي اقتدار ۾ اچڻ تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ ساڻس گڏ رهيو، جنرل ضياءُ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار تان هٽائي سولي تي چاڙهيو ته ان ڏکيئي وقت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جا ڪيترائي اهم ساٿي کيس ڇڏي ويا. ڪيترا خاموش رهيا پر عبدالسلام ٿهيم ثابت قدم رهيو. هن پنهنجون سرگرميون جاري رکيون ۽ جنرل ضياءُ خلاف احتجاج به ڪيو، ان ڏوهه ۾ جنرل ضياءُ جي دور ۾ ۷ سال ٿاڻن جي لاڪپ ۽ سب جيل، ڊسٽرڪٽ جيل ۽ سينٽرل جيل ۾ رهيو، جتي مٿس سختيون ٿيون. ايم آر ڊي تحريڪن ۾ ڀرپور ڪردار رهيو. ۱۹۸۶ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سانگهڙ ضلعي اندر ايم آر ڊي تحريڪ کي چٿڻ لاءِ عبدالسلام ٿهيم جي ڳوٺ طيب ٿهيم تي آرمي آپريشن ڪيو، جنهن ۾ سندس ۲ ذاتي ملازم ۽ هڪ معصوم نياڻي شهيد ٿي ويا. سندس ڪيترائي عزيز مائٽ زخمي ٿيا ۽ انهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. جنرل ضياءُ جي دور ۾ عبدالسلام ٿهيم کي جيل ۾ ٽارچر ڏنو ويو. مٿس زور ڏنو ويو ته پ پ ڇڏي ۽ معافي نامو لکي ڏي، ان جي عيوض کيس تصور کان وڌيڪ فائدو ڏيڻ نوازڻ جون آڇون ڪيون ويون پر پاڻ نه جهڪيو نه وڪيو ۽ اٽل رهيو. ڄام صادق علي خان جي دور ۾ پ پ جا نالي وارا اڳواڻ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا جانثار سڏائيندڙ وڏيرا ڄام جي جوهه جلال جي سٽ نه جهلي سگهيا ۽ ڄام گروپ ۾ شامل ٿيڻ جا اعلان ڪيا پر سلام آهي، عبدالسلام ٿهيم کي، جيڪو پهاڙ وانگر مضبوط رهيو ۽ پ پ ۾ ثابت قدم رهيو. ۸۸ع ۾ پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊيو ۽ کيس ايڪسائيز ٽئڪس جي وزير جو قلمدان ڏنو ويو، پاڻ ان سوچ تحت بيرڪس واري سائيڊ تي آفيس ورتي ته سندس ووٽر ۽ عوام انٽري پاس وٺڻ جي تڪليف ڪرڻ بجاءِ آساني سان هن وٽ پهچي سگهي. ۹۰ع وارين چونڊن ۾ ڏنڊي جي زور تي هارايو. ۹۳ع ۾ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو عبدالسلام ٿهيم جهڙي وفادار ۽ پارٽي ۾ ثابت قدم رهندڙ کي وزيراعليٰ سنڌ بنائڻ پئي چاهيو پر گريجوئيٽ نه هئڻ ڪري وزير اعليٰ سنڌ نه ٿي سگهيو ۽ کيس تعليم کاتي وارو قلمدان ڏنو ويو ان بعد ٻن چونڊن ۾ هارايو. ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. ۲۰۰۹ع ۾ کيس ٽڪينيڪل ايجوڪيشن جو وزير بڻايو ويو. وفات تائين اهو قلمدان وٽس رهيو. ۸۸- ۹۳- ۲۰۰۹ع واري پ پ دور ۾ سڀني وزيرن کان وڌيڪ عوام ۾ مقبول رهيو. هن پنهنجي کاتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، هي واحد وزير هو جنهن جي آفيس ۾ ٻين وزيرن جي آفيسن کان وڌيڪ رش هوندي هئي ۽ آفيس ٽائيم کانپوءِ گهر ويندو هو ته اتي به عوام جا ميڙا لڳل هوندا هئا، ان ڪري گهر ۾ به کيس آفيس قائم ڪرڻي پئي. آفيس مان ٿڪجي اچڻ جي باوجود گهر ۾ آرام ڪرڻ بجاءِ اتي قائم ڪيل آفيس ۾ ويهي عوام جا مسئلا حل ڪندو هو، پاڻ آفيس ۾ رات دير تائين عوام سان ملندي سندن ڪمن ڪارين لاءِ ڪوششون ڪندو هو. ٻين علائقن جا پ پ ورڪر ٿهيم صاحب ۾ وڌيڪ اميد رکي ڪم ڪارين لاءِ ايندا هئا، پاڻ انهن جي اعتماد تي لهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. پ پ مخالف پارٽين سان لاڳاپيل ماڻهو به وٽس ايندا هئا ته انهن کي ڪڏهن به اهو احساس نه ڏياريو ته اوهان پ پ جا نه آهيون، اوهان جا ڪم ڇو ڪريان پر پاڻ انهن ماڻهن کي به لکين عزتون ڏيندو هو، سندن ڪمن ڪارين لاءِ ڪوششون ڪندو هو، پاڻ بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ يقين رکندو هو، عوام جي خدمت عين عبادت سمجهي ڪندو هو. ايم پي اي هاسٽل تي ڪمن ڪارين لاءِ ايندڙ تڪ جي ماڻهن کي رهائيندو هو. ٽي دفعا وزير رهڻ دوران عوام جي بي لوث خدمت ڪئي، ٻين وزيرن ۾ جن ماڻهن جا ڪم هوندا هئا ته پاڻ ماڻهن جي انهن مسئلن، ڪمن ڪارين لاءِ گڏجي انهن وزيرن وٽ ويندو هو، ويهي ڪم ڪرائي پوءِ اٿندو هو. هن روايتي وزيرن وانگر مال نه ٺاهيو پر عزت ٺاهي عوام جون دعائون حاصل ڪيون. عوام دوست ڪردار ادا ڪري عوام جي دلين تي راڄ ڪيو.

بي داغ ته رب سائين جي ذات آهي پر عبدالسلام ٿيهم جي سياسي، اقتداري زندگي بي داغ رهي، پ پ مخالف دورن ۾ اها ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته سندس ڪرپشن، غير قانوني ڪم هٿ ڪري مٿس ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو وڃي پر مخالفن جي باوجود ڪوشش جي هن جو ڪوبه اهڙو غير قانوني عمل ۽ ڪرپشن ملي نه سگهي، ايترو بااصول جو غلط ڪم ڪرڻ ته پري پر سوچيو به نه. پاڻ بااصول انسان هو. ٽن دورن ۾ علائقي ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڪم ڪرايا. ۹۳ع ۾ تعليم جو زوير رهڻ دوران تڪ جو ڪو اهڙو ڳوٺ نه رهايو، جتي اسڪول ۽ بلڊنگ نه ٺهرائي هجي، علائقي ۾ روڊ،ر ستا، بجلي، گئس، فون، واٽر سپلاءِ ، ڊرينيج اسڪيمون ۽ هزارين نوجوانن کي تعليم مطابق نوڪرين جا آرڊر ڏنا. پاڻي جي اسڪيم منظور ڪرائي. راندين جو عظيم الشان اسٽيڊيم منظور ڪرايو. جيڪو سندس وفات بعد مڪمل ٿيو. پاڻ شهدادپور کي مثالي شهر بنائڻ ۽ انڊسٽريل زون قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. ۲۰۱۱ع ۾ برساتن اڌ سنڌ ٻوڙي ڇڏي، ان ۾ عبدالسلام ٿهيم جو تڪ به ٻڏي ويو. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، انهن ڏينهن ۾ سندس طبعيت ناساز هئي، گردن جي تڪليف، شگر، ساهه جي تڪليف ۽ ٻيون بيماريون هيون. ڊاڪٽر آرام جو مشورو ڏيندا هئا پر پاڻ تڪ جي عوام تي آيل قدرتي مصيبت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو. طبعيت جي ناسازي جي پرواهه نه ڪندي تڪ جي ٻڏل هر شهر هر ڳوٺ ۾ پهتو، جتي ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍرائي ڪئمپن ۾ آندو، بنا فرق جي متاثرين جي هر طرح سان مدد ڪئي. امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي ۽ اين جي اوز سان به رابطو ڪيو. وزير اعليٰ کي دورو ڪرائي ضلعي سانگهڙ کي متاثر علائقو قرار ڏياريو. مسلسل جدوجهد ڪرڻ جي ڪري وڌيڪ بيمار ٿي پيو ۽ اسپتال داخل ٿيو، ٻه ٽي ڏينهن علاج ڪرائڻ بعد ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود اسپتال ۾ رهيو علاج ڪرائڻ بجاءِ واپس شهدادپور پهتو ۽ رليف واري ڪم ۾ لڳي ويو، بعد ۾ انتهائي نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

پاڻ سانگهڙ ضلعي جو ننڍڙو ذوالفقار علي ڀٽو هو، سندس وصال بعد علائقي جي عوام جهڙو سياسي يتيم ٿي وئي آهي. سندس عوام ۾ مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس آخري سفر ۾ هزارين ماڻهو روئي رهيا هئا. سندس خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهي، دعا آهي ته سندس موڀي پٽ شاهد خان ٿهيم، ڀاءُ عبدالرحمان خان ٿهيم سندس نقش قدم تي هلن ۽ عوام جي بي لوث خدمت ڪن. عبدالسلام ٿهيم وري پيدا نه ٿيندو. هو ته غريب ميرن ڦاٽل ڪپڙن وارن کي به ڀاڪر پائي ملندو هو، دوستن جو دوست، غريبن جو يار هو، زندهه دل انسان هو، سندس آخري آرام گاهه، درگاهه حضرت حسن بخش شاهه جي مزار جي احاطي ۾ والد جي پيرن ۾ آهي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۰ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا