; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ محمد بخش سومرو

23 March, 2017

ڪامريڊ محمد بخش سومرو

ڪامريڊ محمد بخش سومرو

تاريخ جو وساريل ورق

س ب کوسو



ڪامريڊ محمد بخش سومرو وڪيل هڪ سچو، کرو، سادو ۽ نظرياتي آدرشي انسان هيو. ھو سنڌ جو ڏاهو ۽ اصول پرست ماڻهو هيو. ۷۱/۱۹۷۰ع ۾ سائين قمر شهباز ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ پرنسپال هيو. جيڪب آباد جي ڪجهه دوستن سنڌ بلوچستان جي نالي واري گائيڪ استاد ارباب خان کوسي جي هڪ ڪمري تي مشتمل آرٽ سرڪل (سامهون سردار ظفر علي خان گولو بنگلو ٿرڊ فئملي لائين) ۾ هڪ ادبي گڏجاڻي منعقد ڪئي هئي. عبدالغني چنا (سليم چنا سينيئر) مون کي ان گڏجاڻي ۾ وٺي هليو. مان ۽ سليم چنا ان وقت فئملي پلاننگ کاتي ۾ نوڪري ڪندا هئاسين. اها ادبي گڏجاڻي قمر شهباز جي صدارت ۾ منعقد ٿي هئي. جنهن ۾ ڪامريڊ محمد بخش سومرو، بيدل مسرور شريڪ هئا. ان گڏجاڻي ۾ محمد بخش سومري هڪ مضمون پيش ڪيو هيو. جنهن کي شرڪت ڪندڙن بي حد پسند ڪيو. سندس مضمون مان آ به ڏاڍو متاثر ٿيو هيم. ڪامريڊ منهنجو پاڙيسري هيو، سندس رهائش گاهه ٿرڊ فئملي لائين (لڳ ٺٺ مسجد -ٿرڊ جو بگڙيل لفظ) مسجد هئي ۽ مان سيڪنڊ فئملي لائين ۾ رهندو هيس. محمد بخش سومرو هڪ ڪميونسٽ طور مشهور هيو. ڪميونسٽ ڇا ٿيندو آهي؟ ان وقت اسان کي ان بابت ڪا خبر نه هئي. سنڌ جي نالي واري شاعر ڪهاڻيڪار فتاح عابد مون کي سنڌي ادبي سنگت سان روشناس ڪرايو. اهڙي طرح ڪامريڊ محمد بخش سومري سان ملاقاتن جو سلسلو به شروع ٿيو. ۷۷-۱۹۷۶ع ۾ ٻلهڙيجي واسي قربان پيرزادو انفارميشن آفيسر مقرر ٿي آيو. ساڻس ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ پوءِ ويجهڙائپ وڌندي وئي.


(اها ويجهڙائپ اڄ دوستي جي روپ ۾ برقرار آهي) سندس آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون، جنهن ۾ مرحوم فتاح عابد، مرحوم خدا بخش ناشاد، ڪامريڊ محمد بخش سومرو، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، محمد بخش جي سومرو، ڪامريڊ برڪت آزاد شامل هوندا هئا. اهڙي طرح سندس آدرشن، مزاج ۽ نظريي مان واقفيت ٿيندي رهي. ۱۹۸۱ع  ۾ آمر ضياءَ اسان جي نوڪري تيل ڪئي. زندگي جو گاڏو گڙڪائڻ لاءِ هٽ واڻيو ٿي ويم، امداد اوڍي سان به ياري هئي. امداد اوڍي مون کي هفتيوار سنڌ سجاڳ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. پيٽ گذر جو ذريعو هٽ ڀائيوار حوالي ڪري سنڌ سجاڳ جوائن ڪيم. ڪامريڊ محمد بخش سومرو اخبار جو ايڊيٽر هيو، هن جيڪب آباد ڇڏڻ جو ارادو ڪيو هيو. ان ڪري هن مون کي ايڊيٽر ڪري رکيو، اهڙي طرح صحافت واري راهه تي سفر جي ابتدا ٿي. ڪامريڊ محمد بخش سومرو سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد جو سيڪريٽري به هيو، سنگت کي فعال ڪرڻ، مرڪزي چونڊون ڪرائڻ لاءِ ايس جي ڀاڳيا ۽ سرور سيف ۽ ٻين دوستن ڪاوشون شروع ڪيون. سائين فتاح ملڪ جي جاءِ تي سکر ڊويزن جي سنگت جي شاخن جي گڏجاڻي رکي وئي. جيڪب آباد مان ڪامريڊ محمد بخش سومري ۽ مان شرڪت ڪئي هئي. جيڪا اتفاق سان منهنجي صدارت ۾ منعقد ٿي هئي ۽ سنگت جي سيڪريٽري ڪامريڊ محمد بخش سومري ٻي گڏجاڻي جيڪب آباد ۾ منعقد ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻي گڏجاڻي سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد جي ميزباني هيٺ ڪامريڊ محمد بخش سومري جي آفيس ۾ منعقد ٿي هئي. سنگت کي فعال ڪرڻ ۽ مرڪزي چونڊن جو وايو منڊل مچائڻ ۾ ڪامريڊ محمد بخش سومري جي ڪاوش به شامل رهي. ڪامريڊ محمد بخش سومرو سنڌي، اردو، انگريزي ٻولين تي دسترس رکندڙ هيو. منجهند جو سنڌ سجاڳ آفيس مان گهر موٽڻ تي ڪامريڊ مون کي پنهنجي گهر وٺي هلندو هيو ۽ جڳهه مٿان هڪ ننڍو ڪچو ڪمرو ٺهيل هيو، جتي مون کي فيڊل ڪاسترو جي تقريرن تي مشتمل ڪتاب تان ترجمو لکرائيندو هيو. ڪامريڊ ڪتاب پڙهي مون کي سنڌي ۾ ڊڪٽيٽ ڪرائيندو هيو. کيس انگريزي تي خاصو عبور هيو. سنڌ سجاڳ ۾ مان نيوز سيڪشن سنڀاريو ڇو ته مون کي ايڊيٽوريل لکڻ نه ايندو هيو. مان ڪامريڊ محمد بخش سومري ۽ امداد اوڍي کي چيم ته ايڊيٽوريل توهان پاڻ لکو، خبرن کي مان ڏسندس.

۱۹۸۲ع ۾ ڪامريڊ چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو. مقرر تاريخ تي ڪورم پورو نه  ٿيو. دوستن دلچسپي نه ورتي. ڪورم پورو نه هجڻ سبب چونڊن جو عمل مڪمل نه ٿيو ۽ ٻي تاريخ رکي وئي پر ٻئي اجلاس ۾ به ڪورم پورو نه ٿيو ۽ ڪامريڊ مون کي سيڪريٽري نامزد ڪيو. مان گهڻو ئي نٽايو، ادبي اداري جو عهدو سنڀالڻ جهڙو نه هيم ڇو ته مان ڪو اديب نه هيم، نه آهيان. مترجم جي حيثيت ۾ (اردو کان سنڌي) نالو اخبار ۾ ڇپجڻ لڳو. مون کيس چيو ته جيڪڏهن توهان هت هجو ها ته توهان جي سپرپستي ۾ ڪم ڪيان ها. هاڻي منهنجي لاءِ سنگت هلائڻ ڏکيو آهي پر سنگت اسان جي حوالي ڪري پاڻ ڪراچي هليو ويو. جيستائين سندس فئملي هت هئي تيستائين هو جيڪب آباد ايندو رهندو هيو ۽ گڏجاڻين ۾ به شرڪت ڪندو هيو. سندس ئي صلاح سان سندس ڀاڻيجي پروفيسر ڪشمير جي مڙس سنڌ جي شاعر ۽ اديب ساغر سميجي کان گدائي لائبريري ۾ ليڪچر ڪرايو ويو.

ڪامريڊ هڪ واقعي تي هڪ ڪهاڻي لکي، هڪ مرشد سڳوريَ اُمَتِڻ سان وهانءُ ڪيو. اُمَتِڻ شڪل شبيهه جي چڱڙي هئي. مرشد سندس هڏ پاڪ ڪندو هيو. پر بعد ۾ هن هميشه لاءِ کيس پنهنجي حويلي ۾ واڙي ڇڏيو. مرشد سڳورو عمر ۾ وڏو هيو، کيس نوجوان پٽ هئا. سندس غير موجودگي ۾ سندس هڪ پٽ ثواب جو ڪم ڪندو هيو. ان واقعي تي هن هڪ ڪهاڻي لکي ۽ سنگت جي هڪ گڏجاڻي ۾ هن اها ڪهاڻي پيش ڪئي. ڪهاڻي ايتري ته جاندار هئي جو ٻڌندڙ تي ڄڻ وجد طاري ٿي ويو. سندس لکڻيون؛ خوبصورت ٻوليءَ، عالماڻن گفتن ۽ دليلن جي ڪري جاندار هونديون هيون.

امداد اوڍو سنڌ سجاڳ ڪراچي شفٽ ڪري ويو ۽ ڪامريڊ محمد بخش سومرو ڪراچي ۾ امداد اوڍو سان ساٿ ڏنو ۽ وري جڏهن ”عوامي آواز“ جاري ٿي ته ڪامريڊ ان ۾ به سندس ٻانهن ٻيلي رهيو. هن اخبار ۾ سائنس فڪشن جو سلسلو شروع ڪيو. انگريزي مان ترجمو ڪندو هيو. هن ڪيترا ئي مضمون ۽ ڪتاب انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيا. مائيڪل ايڇ ھارٽ جي انگريزي ڪتابTHE 100; A RANKING OF THE MOST INFLUENTIAL PERSONS IN HISTORY جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. جيڪو ”تاريخ جا اڏيندڙ“ نالي سان شايع ٿيل آهي.

بنگالين جي قتل عام تي جتي سموري سنڌ پنهنجو رد عمل ڏيکاريو اتي جيڪب آباد جا باضمير ماڻهو به خاموش نه رهيا. جيڪب آباد مان هڪ پمفليٽ ليٿو مشين تي ڇاپي ورهايو ويو، پوءِ ته سرڪار حرڪت ۾ اچي وئي. ڪامريڊ نارائڻ داس وڪيل، اديب شاعر فتاح عابد ٻڌجي ويا. ڪامريڊ محمد بخش سومرو روپوش ٿي ويو. ڪافي عرصو خيرپور جي ڪنهن دوست وٽ ٻارن سميت روپوش رهيو. حالتن ۾ ٺاپر اچڻ کان پوءِ جيڪب آباد وريو. استاد سائين لطيف مهر روپوش نه ٿيو، هو درس ۽ تدريس واري عمل ۾ مصروف رهيو ۽ بچي ويو. ڪامريڊ روپوشي ۾ گهڻو ڀوڳيو.

ڪامريڊ هڪ اصول پرست انسان هيو، ڪڏهن به اصولن تي مصلحت کان ڪم نه ورتو. سرڪاري ٺيڪيدار به هيو، هن هڪ ٺيڪي ۾ نقصان برداشت ڪيو. سرڪار جي “اصلي” حاڪم سان اصولن تي مهاڏو اٽڪايو، جنهن ڪري سندس پيسا ٻڏي ويا. هن هميشه پنهنجن اصولن ۽ عزت کي اوليت ڏني. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته؛ ”هر ماڻهوءَ کي پنهنجي زندگي پياري هوندي آهي. پر انسان اهو جنهن کي عزت پياري هجي.“

ڪامريڊ سومرو، گهڻو پاڙهو هيو. سنڌي ادب، اردو ادب ۽ انگريزي لٽريچر جي کيس ججهي ڄاڻ هئي. ڪميونسٽن کي ڄاڻي ٻجهي ناستڪ ڪوٺيو ويو ته جيئن عام ماڻهو ان نظريي مان متاثر ٿي سندن ويجهو نه وڃن ۽ ڪامريڊ سومري کي به اٿيسٽ ڪوٺيو ويندو هيو پر ڪامريڊ کي ديني ڄاڻ به ججهي هئي. ڇو ته هن مارڪسزم سان گڏ جيد عالمن کي به پڙهيو هيو ۽ ماڻهن کي دليلن سان متاثر ڪندو هيو.

هن لوڪ ڪهاڻين جا تجزيا به لکيا. جيڪي مختلف وقتن تي شايع ٿيندا رهيا. هڪڙو تجزيو ۱۹۶۷ع ۾ ”امنگ“ جيڪب آباد ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو “گنجڙو ۽ ڏائڻ” سنڌ سجاڳ ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۸۱ع  ۾ شايع ٿيو. جيڪو “ڪک هيٺان لک” عنوان سان شايع ٿيو.

هڪڙو هيو ڇوڪرو جنهن جو نالو هيو گنجڙو، جيڪو جهنگ ۾ ٻڪريون چاريندو هيو. جيڪو هڪ ڏينهن ڏائڻ جي ور چڙهي ويو. ڏائڻ پنهنجي منافقي، چالاڪي ۽ ترڪ تالي سان گنجڙي کي ڳوٿري ۾ وجهي گهر کڻي وئي. پنهنجي ڌيءَ کي چيائين؛ ”تنهنجي لاءِ سٺو شڪار آندو اٿم. تون هن کي وڍي ٽڪي ٻوڙ چاڙهه! تيستائين مان ٻاهران ٿي اچان.“ ڌيڻس ڳوٿرو کولي گنجڙي کي ٻاهر ڪڍيو. گنجڙي جا سهڻا وار ڏسي ڇوڪري ھرکجي پئي. پڇيائين ته؛ ”تنهنجا وار سهڻا ۽ وڏا ڪيئن ٿيا؟ هن ٻڌايس ته؛ ”مان ننڍڙو هيس، منهنجي ماءُ اکري ۾ مٿو وجهي مهري هنئي ته منهنجا وار سهڻا ۽ وڏا ٿي ويا.“ ڪراڙي جي ڌيءَ اکري مهري کڻي آئي. گنجڙي سندس مٿو اکري ۾ وجهي، مٿانئس مهري هنئي ته سندس ميڄالو نڪري آيو ۽ گنجڙي کيس وڍي ٽڪي ٻوڙ چاڙهيو ۽ ڇوڪريءَ جو ويس پائي ويهي رهيو. ڪراڙي گهر پهتي ته گنجڙي کيس ٻوڙ کارايو ۽ پوءِ گنجڙو کيس بهاني سان تڙ ڪرڻ لاءِ درياهه تي وٺي آيو. ٻئي تڙ ڪرڻ لڳا، گنجڙو ترندي ترندي ٻي ڀر نڪري ويو ۽ رڙ ڪري ڏائڻ کي چيائين ته؛ ”پنهنجي ڌيءَ جو ماس پاڻ کاڌو اٿئي.“ پوءِ ڏائڻ مٿو پٽيندي رهجي وئي. گنجڙو ۽ سهڻا ۽ ڊگها وار؟ کوڙو نٿو لڳي!

ڪامريڊ طرفان ڪيل تجزيو: قصي جا ٻه ڪردار آهن، گنجڙو ۽ ڪراڙي، سندس گهر جو گذران ٻئي جي رت ماس کائڻ تي آهي، ڪراڙي جو ڪردار نمائندگي ڪري ٿو ظالم سماج جي جيڪو سرمائيداري نظام جي بنياد تي بيٺل تمام وڏي عمر جو آهي، جيڪو عياري ۽ طاقت جي آڌار تي هن لکن ڪروڙن انسانن جي رڳن مان رت چوسيو آهي. مطلب ته هڪڙن جي زندگي جو بنياد ٻين جي موت تي رکيل آهي. گنجڙي جو ڪردار نمائندگي ڪري ٿو اهڙي فرد جي جيڪو هر فن مولا ته آهي پر ساڳي وقت غريب به آهي. ڪراڙي کيس دغا فريب ۽ حيلن بهانن سان پنهنجي قبضي ۾ آڻي پنهنجي قوت بنائڻ چاهي ٿي، گنجڙو پنهنجي مضبوط قوت ارادي ۽ دانائي سان پاڻ تي حد کان زياده اعتماد رکي ٿو، ڊگهن ۽ سهڻن وارن واري کي گنجڙو سڏي قصي گو انهيءَ تضاد کي واضع پر لطيف طنز ڪئي آهي.

قصي مان مجموعي طور تي چند سبق ملن ٿا، پهريون سبق هي ته هن دنيا ۾ صرف قوت ارادي رکڻ ڪافي نه آهي، اردگرد وڇايل عياري ۽ چالاڪي جي ڄارن کان خبردار رهڻ به ضروري آهي.

ٻيو سبق اهو ٿو ملي ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ئي هٿيار استعمال ڪرڻ گهرجي جيڪو دشمن ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڪم آڻيندو آهي. ڪراڙي کيس حيلن بهانن سان ڦاسايو ته گنجڙي به ٺڳي سان سندس گهر تباهه ڪيو.

ٽيون سبق آهي ته جهڙيون حالتون پيدا ڪبيون، اهڙو ئي ڦل ملندو يعني جيڪو پوکبو سو لڻبو.

ڪامريڊ محمد بخش سومرو جيڪب آباد جي ادبي سنگت جي باني ڪارن مان هيو. اڄ ۲۲ مارچ تي سنگت طرفان سندس ادبي ۽ سياسي ڪاوشن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.

No comments:

راءِ ڏيندا