ڪامريڊ محمد بخش سومرو
تاريخ جو وساريل ورق
س ب کوسو
ڪامريڊ محمد بخش سومرو وڪيل هڪ
سچو، کرو، سادو ۽ نظرياتي آدرشي انسان هيو. ھو سنڌ جو ڏاهو ۽ اصول پرست ماڻهو هيو.
۷۱/۱۹۷۰ع ۾ سائين قمر شهباز ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ پرنسپال هيو. جيڪب آباد جي ڪجهه
دوستن سنڌ بلوچستان جي نالي واري گائيڪ استاد ارباب خان کوسي جي هڪ ڪمري تي مشتمل
آرٽ سرڪل (سامهون سردار ظفر علي خان گولو بنگلو ٿرڊ فئملي لائين) ۾ هڪ ادبي گڏجاڻي
منعقد ڪئي هئي. عبدالغني چنا (سليم چنا سينيئر) مون کي ان گڏجاڻي ۾ وٺي هليو. مان
۽ سليم چنا ان وقت فئملي پلاننگ کاتي ۾ نوڪري ڪندا هئاسين. اها ادبي گڏجاڻي قمر
شهباز جي صدارت ۾ منعقد ٿي هئي. جنهن ۾ ڪامريڊ محمد بخش سومرو، بيدل مسرور شريڪ
هئا. ان گڏجاڻي ۾ محمد بخش سومري هڪ مضمون پيش ڪيو هيو. جنهن کي شرڪت ڪندڙن بي حد
پسند ڪيو. سندس مضمون مان آ به ڏاڍو متاثر ٿيو هيم. ڪامريڊ منهنجو پاڙيسري هيو،
سندس رهائش گاهه ٿرڊ فئملي لائين (لڳ ٺٺ مسجد -ٿرڊ جو بگڙيل لفظ) مسجد هئي ۽ مان
سيڪنڊ فئملي لائين ۾ رهندو هيس. محمد بخش سومرو هڪ ڪميونسٽ طور مشهور هيو. ڪميونسٽ
ڇا ٿيندو آهي؟ ان وقت اسان کي ان بابت ڪا خبر نه هئي. سنڌ جي نالي واري شاعر ڪهاڻيڪار
فتاح عابد مون کي سنڌي ادبي سنگت سان روشناس ڪرايو. اهڙي طرح ڪامريڊ محمد بخش
سومري سان ملاقاتن جو سلسلو به شروع ٿيو. ۷۷-۱۹۷۶ع ۾ ٻلهڙيجي واسي قربان پيرزادو
انفارميشن آفيسر مقرر ٿي آيو. ساڻس ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ پوءِ ويجهڙائپ وڌندي وئي.
