; سنڌي شخصيتون: January 2012

31 January, 2012

مفتي خان محمد رحماني - شبير احمد عباسي


مفتي خان محمد رحماني
مشهور عالم ۽ سماجي اڳواڻ
شبير احمد عباسي / ٻانڌي
سنڌ ڌرتيءَ، زندگيءَ جي هر شعبي ۾، اهڙيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن سنڌ جو مان مٿانهون ڪيو آهي. جنهن سبب سندن نالو، ڪيل خدمتن عيوض، ماڻهن جي دلين تي نقش ٿي ويو آهي. اهڙين شخصيتن ۾ مفتي خان محمد رحماني به هڪ هو.

سگهڙ حاجي خان جمالي - محسن رحيم جمالي


سگهڙ حاجي خان جمالي
محسن رحيم جمالي
ڳوٺ سعيد خان جمالي (نوابشاهه)
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ چواڻي؛
”هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،
هر ڪا دل هيرن جي کاڻ“.
بيشڪ ان ڳالهه ۾ ڪوبه واڌءُ ڪونهي، ڇو ته سونهاري سنڌ امڙ جي ڪک مان هميشه اهڙن املهه ماڻڪن جنم ورتو آهي، جن نه صرف پنهنجو پر پنهنجي سنڌ امڙ جو پڻ، مان مٿانهون ڪيو آهي. اهڙن ئي موتيءَ داڻن مان هڪ ”حاجي جانب جمالي“ پڻ هو. هن درويش-صفت انسان 1870ع ڌاري ڳوٺ شير محمد جمالي، تعلقي نواب شاهه ۾ جنم ورتو. هو اڃا ٻن سالن جو مس هو ته سندس سِر تان والد جو شفقت ڀريو هٿ کڄي ويو. ان بعد سندس سار سنڀال سندس چاچي ڪئي. حاجي جانب جي ڄمار جڏهن پنجن سالن جي قريب ٿي ته کيس تعليم پرائڻ خاطر هڪ مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي سندس معلم خليفو محمد خان هو. هو هڪ وڏو لوڪ شاعر ۽ سگهڙ ٿي اڀريو. سندس شاعريءَ ۾ دين جو درس ۽ ذڪر ملي ٿو. ان کان علاوه لوڪ داستان جهڙوڪ عمر مارئي، مومل راڻو، سورٺ وغيره ۽ انبياءِ ڪرام جا قصا ملن ٿا. لوڪ ادب جو هي لاجواب شاعر، لاڙ جي لاڏلي شاعر سانوڻ فقير جو همعصر ۽ دوست هو. جڏهن ٻئي سگهڙ ڪنهن جاءِ گڏ ٿيندا هئا ته پوءِ ڄڻ ميلو مچي پوندو هو ۽ لڳاتار چار پنج راتيون ڪچهري هلندي رهندي هئي. سندن موجودگيءَ جو ٻڌي پري پري کان ماڻهو ڪَهي ايندا هئا.
سنڌ جا مشهور بيتائي جهڙوڪ، ساجن چانگ، علي بخش مري ۽ فقير رمضان وڏي چاهه مان حاجي جانب جمالي جا بيت ميلن ۽ ڪچهرين ۾ اڄ به پڙهن ٿا ۽ کين ڀرپور داد ملي ٿو.
نواب شاهه سان تعلق رکندڙ لوڪ ادب جو هي سگهڙ تاريخ 31 جنوري 1990ع تي هميشه لاءِ موڪلائي ويو پر سندس شاعري هميشه اسان کي سندس ياد ڏياريندي رهندي. پر افسوس ته هن ڀلوڙ سگهڙ جي وڏي تعداد ۾ تخليق ٿيل شاعري اڄ تائين ڪتابي صورت ۾ ڇپجي ناهي سگهي.

ھائيڊ پارڪ روزاني ڪاوش ۳۱/۰۱/۲۰۱۲ تان کنيل

23 January, 2012

ليکراج ڪشنچند ”عزيز“- ڊاڪٽر اياز قادري


ليکراج ڪشنچند ”عزيز“
۱۹ ڊسمبر ۱۸۹۷ع- ۱۹ آگسٽ ۱۹۷۱ع
ڊاڪٽر اياز قادري
ليکراج ڪشنچند ميرچنداڻي تخلص ”عزيز“ جا وڏا زميندار هئا. هن جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين. ٽيون انگريزي پڙهندو هو ته هن کي شاعري سان چاهه پيدا ٿيو، جنهن ڪري هن فارسي ۽ عربي جي تعليم مولوي امام بخش ۽ عبدالحي کان حاصل ڪئي.

22 January, 2012

راڳي اُميد علي ڀٽ - اختر درگاهي


راڳي اُميد علي ڀٽ
هيءَ نه وَيلَ وَڃڻ جي
اختر درگاهي
گذريل ڪجهه ڏينهن کان هُو مون سان اڪثر روزانو فون تي ڳالهائيندو رهيو؛ ”ادا، آ اُميد علي ڀٽ پيو ڳالهايان.“ نهايت مِٺو ۽ معصوم آواز ۽ منهنجو هميشه جيان کيس ايئن چوڻ؛ ”ها، اُستاد ڇا حال آ!“ هُو سنڌ جو شايد اڪيلو راڳي هو، جنهن کي اُستاد سڏيندي خوشي محسوس ٿيندي هُئي. نهايت ئي مسڪين حال ۽ مسڪين طبيعت جو مالڪ، جنهن وٽ سنڌي راڳ ۽ فن جي حوالي سان انيڪ خواب هئا، جيڪي اڪثر ملاقاتن ۽ فون ذريعي ڳالهه ٻولهه ۾ اسان سان شيئر ڪندو هو. پر چند ڏينهن کان هو گهڻو پريشان ۽ ڏکايل نظر اچي رهيو هو. مون کي چيائين؛ ”ادا، شاهه لطيف جو عُرس اچي ويو آهي، منهنجي ڪافي سالن کان خواهش آهي ته آءٌ لطيف سائين جي عُرس تي ڳايان، ان لاءِ مون ثقافت کاتي جي هڪ اهم آفيسر سان ڳالهايو آهي، وڌيڪ دُعا ڪندا.“ هو ڪافي ڏينهن کان ان لاءِ به گهڻو پريشان هو جو سندس ثقافت کاتي سنڌ پاران ملندڙ ساليانو وظيفو ٻن سالن کان بند ڪيو ويو هو. ان سلسلي ۾ گذريل 13 آڪٽوبر 2011ع تي روهڙيءَ ۾ بيدل سائينءَ جي سالياني عورس مُبارڪ جي موقعي تي مون کيس ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عقيلي صاحب ۽ ڊي جي اعواڻ صاحب سان به ملايو هو، جن کيس وظيفي جاري ٿيڻ جي خاطري ڪرائي هُئي. بهرحال هُو پنهنجو هر مسئلو ۽ پريشاني مون کي ئي ٻڌائيندو هو ۽ آخري ڀيرو به ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين؛ ”ادا، مان ته تو کي ئي چوندس، تون ويٺو آهين اسان جي لاءِ.“ اهڙي گفتگو مون سان پنهنجي لاڏاڻي کان صرف ٻه ڏينهن پهريان تاريخ 8 جنوري 2012ع تي ڪئي هُئائين ۽ 10 جنوري تي هُو اُن ڏينهن اوچتو وفات ڪري ويو، جنهن ڏينهن شاهه لطيف جي عُرس تي ٿيندڙ محفل ۾ مختيار ملڪ سندس انتظار ڪري رهيو هو، جتي اُميد علي پاڻ ته نه پهچي سگهيو پر سندس لاڏاڻي جي انتهائي ڏکوئيندڙ خبر پهتي. اسان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اسانجو هي پيارو ۽ نوجوان سُريلو راڳي، ايتري ننڍي عُمر ۾ ۽ ايترو جلد اسان کي ڇڏي ويندو، ڀلا چاليهه سال به ڪا عمر آهي!

شيخ محمد اسماعيل - طارق عزيز شيخ


شيخ محمد اسماعيل
شاهه جو پارکو، محقق ۽ تعليمي ماهر
طارق عزيز شيخ
شيخ محمد اسماعيل سنڌي ادب ۽ لطيف شناسيءَ جي انهن عالمن منجهان هو جيڪي ڪنهن غرض کان سواءِ علمي پورهيو ڪندا رهندا آهن. پاڻ سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، سنڌ جي تاريخ، درسي ڪتابن ۽ لطيف بابت تحقيق تي مڪمل عبور رکندو هو. پاڻ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورد، سنڌي ادبي بورڊ، ثقافت کاتي، لطيف چيئر ۽ سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جهڙن ادارن جي مختلف تحقيقي پروجيڪٽن ۾ دلجوئي سان ڪم ڪيائين.

ويرومل بيگراج - جي ايم سيد


ويرومل بيگراج
سنڌ جو خدمتگار
جي ايم سيد
هن جو والد، ڀائي بيگراج، سوامي هرنامداس جي چوڻ مطابق، ساڌ ٻيلي ۾ پاڻيءَ جا مٽ ڀرڻ جي شيوا ڪندو هو. ماني به گهران کائي ايندو هو ۽ پاڻي دريا مان پيئندو هو. چي؛ پنهنجي ڀريل انهن مَٽن مان، پاڻي پيئڻ جي معنيٰ ٿيندي اُجورو وٺڻ!
سمربيت ويرومل، 24 جنوري 1874ع تي رات جو نائين بجي، ڀائي هيمنداس جي ٽڪاڻي جي ڀر واري پنهنجي گهر ۾ جنم ورتو.

19 January, 2012

ريٽا شهاڻي - الطاف شيخ


ريٽا شهاڻي
انڊيا جي سنڌي برک ليکڪا
الطاف شيخ
ريٽا شهاڻيءَ انڊيا ۾ سنڌيءَ جي برک ليکڪا آهي، سندس ڪيترا ئي ڪتاب هند ۽ سنڌ ۾ ڇپيا آهن، مون به ويجهڙائيءَ ۾ سندس حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪشن طرفان ڇپايل ٽي کن ڪتاب پڙهيا آهن، جن ۾ هڪ سندس يادگيرين (Memories) جو ڪتاب ”سڄاڻ جون سمرتيون“ آهي، ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ”رشتن جو رقص“ آهي ۽ ٽيون سندس آتم ڪٿا جو ڪتاب ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“ آهي. سندس ٽيهه کن ڪتاب ٿيندا، جن ۾ ڪجهه سفرناما به آهن، سندس هڪ سفرنامو ”سفر در سفر“، جنهن جو مهاڳ مون لکيو آهي، اڄڪلهه حيدرآباد ۾ ڇپائيءَ هيٺ آهي، سندس ڪيترائي مضمون، ڪهاڻيون ۽ سفرناما سنڌ جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا.

18 January, 2012

ڊاڪٽر پير سيد امتياز علي شاهه - غلام مصطفيٰ ٻٻر


ڊاڪٽر پير سيد امتياز علي شاهه
(واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو)
غلام مصطفيٰ ٻٻر
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
ڊاڪٽر پير سيد امتياز علي شاهه عرف پير سيد محمد علي شاهه جيلاني ٽنڊوالهيار ضلعي جي ڳوٺ مڪان شريف جي مذهبي گهراڻي جي گادي نشين الحاج پير سيد غلام رسول شاهه جيلاني جي گهر ۾ 1961-11-29 تي جنم ورتو.

15 January, 2012

اداڪار عبداللطيف ساقي صاحب - سيد يار محمد شاهه


اداڪار عبداللطيف ساقي صاحب
سيد يار محمد شاهه
پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ پهريون سنڌي اداڪار، جنهن اردو فلمن ۾ نمبر ون اداڪار طور پاڻ کي مڃرايو، سو فرشته صفت انسان مرحوم ساقي صاحب آهي. مون کيس پهريون دفعو ٻالڪپڻ ۾ پنهنجي چاچي ايس گل صاحب جن سان گڏ مٽياري جي ڄاموٽ هائوس گيٽ وٽ هڪ جيپ وٽ بيٺل ڏٺو. سنهڙو ڇوڪرو، پتلون ۽ چيڪ واري شرٽ پيل، گهنڊيدار وارن جي لٽ نرڙ تي، ان زماني ۾ اها لٽ دليپ صاحب جي به مشهور هوندي هئي ۽ گهڻو ڪري اداڪاري جا شوقين اهو اسٽائيل رکندا هئا. پر چاچا ساقي، جنهن سوٽ ۽ شرٽ ۾ ات موجود هو، اها ڊريس مون سندس ريليز ٿيل فلم ”بارهه بجي“ 12 O Clock ۾ ڏٺي هئي، جنهن ۾ ساقي صاحب هيرو ۽ شايد ادڪاره نيلو هيروئن هئي. فلم Cowboy ٽائيپ هئي ۽ تمام گهڻي ڪامياب ٿي هئي. مون ساقي صاحب کي چاچا سان گڏ ڏٺو، پر نه مليس ۽ نه کيس ڇهي سگهيس. ڇو ته منهنجي عمر ان وقت ٻارنهن سال هئي. ان کانپوءِ سندس فلمون وڏي شوق سان ڏسندو هوس. مرحوم هزارين فلمن ۽ سوين ٽي وي ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ڪيا، جن ۾ خاص ڪري فلم ”هزار داستان“، ”الادين ڪا بيٽا“ ۾ سامري جادوگر، ”ناگن“، ”شهيد“، ”فرنگي“، ”غرناطا“ ۽ سنڌي فلم ”بادل“ ۾ بادل جو ڪردار ۽ ڪجهه ٻين سنڌي فلمن کان علاوه ڪراچي ٽي وي اسٽيشن جي ڊرامن ۾ ”چهچٽو“ کان وٺي اسان سان گڏ ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. اڄڪلهه اسانجو مقبول ڊرامه سيريل نورالهدي شاهه جو لکيل ”جنگل“ ڪراچي ٽيليويزن تي پڻ ٻيهر ڏيکاريو پيو وڃي.

14 January, 2012

محمد اسماعيل زونر - پير علي محمد راشدي


محمد اسماعيل زونر

پير علي محمد راشدي
مون سان ته مولا سائين هميشـہ ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا آهن. ساري زندگي بنا ڪوشش، بنا محنت، بنا لياقت، لـِـڏ مان لعل لهندو رهيو آهيان.  انهن ڏينهن ۾ عام چوڻي هوندي هئي ته: “ميان جيئن پوءِ تيئن سڀ شئي گهٽ آهي”، پر  مون کي ته انهن ڏينهن ۾ به گهٽين گهمندي ناگهان، ناگمان، پاڻهرتو ماڻهپي  جا ماڻڪ ميسر ٿيندا رهيا.
مثلاً:
اڄ کان پنجيتاليهه سال اڳ، آءٌ هڪ ڏينهن صبح ويلي گهاڙي واهه جي ڀڪ واري چونڪ وٽان لنگهي رهيو هوس، هڪ ڳوٺاڻو مهانڊو سامهون اچي ويو. قد وچولو، بت هلڪو، شهپر ايتري قدر وڏا جو کيس غير معمولي ماڻهو سمجهي آءٌ خود بخود ڏانهس ڇڪجي ويس. هٿ ملاياسين، خوش خير عافيت ائين ڪئيسين جيئن ورهين جا واقف هئاسين. خوش خيرعافيت کان بعد ئي هڪ ٻئي جا نالا ۽ نشان پتا پڇياسين. سندس نالو محمد اسماعيل ۽ ذات زونر هئس. دادو اسٽيشن جي ڀر ۾ زونرن جي ڳوٺ جو رهندڙ هو. ڳوٺ جي وڏيري بلاول خان جو پٽ هو. معمولي سنڌي لکڻ پڙهڻ ڄاڻندو هو. ڪرت پوک ۽ معمولي کاتيداري هئس.
آءٌ ساڻس ملڻ بعد آفيسن ڏانهن رڙهڻ لڳس. هي به بنا چئي  بنا پڇئي مون سان گڏ اوڏانهن هلندو رهيو. جيترو وقت آءٌ ات ترسيس هيءُ به ويٺو رهيو. ساڳيءَ طرح واپسيءَ ۾ به سنگت ڪيو آياسين. بس ان ملاقات کان پوءِ مرندي گهڙيءَ تائين محمد اسماعيل گهر  ٻار وساري مون سان گڏ رهيو. هر مصيبت ۾ منهنجو ساٿي، هر ڪم ۾ منهنجو ٻانهن ٻيلي، خطري جي گهڙي آئي ته سر تريءَ تي. نه غرض نه مطلب، نه پگهار، نه ڏيڻ وٺڻ،  محض محبت، جنهن ۾ ويهن سال گذري وڃڻ بعد به ماٺائي  ڪا نه آئي. جيڪڏهن ڪو فڪر رهيس ته اهو ته مون سان گڏ رهي، هر وقت سامهون هجي، دم ڌار نه ٿئي. حقيقت هيءَ هئي ته:

محبت وڌو هوس مامري، نه ته ڪير ڪشالا ڪري؟

13 January, 2012

عبدالعزيز ٻرڙو - عبدالرزاق ٻرڙو


عبدالعزيز ٻرڙو
(اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين)
عبدالرزاق ٻرڙو
سنڌ جو اديب، محقق، دانشور ۽ سياسي سماجي اڳواڻ عبدالعزيز ٻرڙو تعلقه ميهڙ ضلع دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻلهڙا ۾ 1937ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ گوزو تعلقو خيرپور ناٿن شاهه ۾ ورتي ۽ اين اي ڊي ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مان بي اي سول انجنيئرنگ ۾ ڪئي ۽ جلد ئي کيس پاڪستان ريلويز ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي نوڪري ملي وئي، جتي هن پنهنجي عمر جو وڏو حصو خدمت ڪندي گذاريو.

12 January, 2012

اداڪار يحيٰ ڀُٽو - مصطفيٰ ملاح


اداڪار يحيٰ ڀُٽو
(سندس ياد ۾)
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي جو اداڪار يحيٰ ڀٽو، جيڪڏهن اداڪار محمد علي کي نه ڏسي ها ته ڪڏهن به شوبز جي دنيا ۾ نه اچي ها. يحيٰ ڀٽو، محمد عليءَ کان تمام گهڻو متاثر هوندو هو. ايستائين جو محمد عليءَ جون تصويرون، وهاڻي هيٺان رکي پوءِ سمهندو هو. پاڻ ان جو ايترو ته مداح هوندو هو، جو ان جا انٽرويوز ۽ فوٽو سنڀالي رکندو هو. هڪ ڏينهن هن محمد عليءَ سان ملاقات ڪئي ۽ ان کي پاڻ وٽ رکيل ڪليڪشن ڏيکاري ته محمد علي حيران ٿي ويو ته ننڍي عمر جو ڇوڪرو منهنجو ايترو مداح آهي. اهڙيءَ طرح يحيٰ ڀٽو جي، محمد عليءَ سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو ۽ محمد علي جي محبت ۾ يحيٰ ڀٽو ان وٽ لاهور به پهتو. اتي محمد عليءَ هن کي فلمن ۾ اداڪاري ڪرڻ لاءِ چيو پر يحيٰ ڀٽو محمد علي کي چيو ته؛ مان صرف توهان جو مداح آهيان، مون کي اداڪاري ڪرڻ جو شوق نه آهي. يحيٰ ڀٽو، محمد علي جي محبت ۾، علي زيب فائونڊيشن جو بنياد وڌو ۽ ان جو چيئرمين رهيو. محمد علي جي صحبت ۾ رهڻ ڪري نيٺ يحيٰ ڀٽو، ريڊيو پاڪستان خيرپور تي صداڪاري جو آڊيشن ڏنو ۽ پاس ٿي ويو. اهڙيءَ طرح فني سفر جي هن شروعات ڪئي. پاڻ هر سال خيرپور ۾ اسٽيج پروگرام ڪرائيندو هو. هن ريڊيو ڊراما آرٽسٽ فورم جو بنياد وڌو ۽ پاڻ صدر بڻيو. ڊرامن جي شروعات پي ٽي وي کان ڪندڙ مرحوم يحيٰ ڀٽو چوندو هو ته؛ “منهنجي ڪاميابيءَ ۾ ريڊيو پاڪستان جو هٿ آهي ۽ ريڊيو ئي سنڌي ڊرامي جي سکيا ڏني ۽ تلفظ سنڌي گرامر کي سڃاڻڻ جو موقعو ڏنو”.

دولهه دريا خان - غلام جوڻيجو


دولهه دريا خان
سنڌ جو سرويچ سپهه سالار
غلام جوڻيجو
سنڌ ملڪ جي مقامي حاڪمن سومرن جي حڪومت جي زوال کانپوءِ سنڌ تي سمن جي خاندان جي حڪمراني شروع ٿي، سمن سنڌ ملڪ جي حڪومت جون واڳون 1351ع ۾ سنڀاليون. سما خاندان جي هاڪاري حاڪم ڄام نظام الدين (ڄام نندو) جي دؤر ۾ سنڌ جون اندروني ۽ سرحدي حدون صلح سانت ۾ رهيون ۽ سنڌ جو عوام سک ۽ امن سان زندگي بسر ڪري رهيو هو. ڄام نظام الدين مذهبي متڀيد کانسواءِ خدمت ڪندڙ هو ۽ پاڙيسري حاڪمن سان دوستاڻا رويا رکيائين. اهڙين پرامن حالتن ۾ حاڪم ڄام نظام الدين تفريح خاطر شڪار تي روانو ٿي ويو، جهنگ ۾ گهمندي ڦرندي ڄام نظام الدين کي سخت اڃ لڳي ۽ اچي پنهنجي پياري وزير لکدير (لکمير) وٽ پهتو ۽ کانئس پاڻيءَ جي گهر ڪيائين، وزير پنهنجي نوڪر قبوليو کي بادشاهه کي پاڻي پيارڻ لاءِ چيو، قبولئي بادشاهه کي پاڻي پيارڻ کان اڳ پاڻيءَ واري برتن ۾ ڪجهه ڪک وجهي ڇڏيا، پاڻي پيئڻ کانپوءِ بادشاهه نوڪر قبولئي کان ڪک وجهڻ جو سبب پڇيو، قبولئي فرمانبرداريءَ سان وراڻيو ته سائين مون سمجهيو ته بادشاهه سلامت کي ڏاڍي اڃ لڳي آهي، سو متان تڪڙ ڪري هڪ ساهيءَ ۾ پاڻي پي وڃن، مون ڪک ان ڪري وڌا ته جيئن پاڻي هوريان هوريان آهستي آهستي واپرايو وڃي، اها عقل واري ڳالهه ٻڌي ڄام نظام الدين پنهنجي وزير لکدير کان سندس نوڪر ڇوڪري قبولئي جي گهر ڪئي، جيڪا وزير هڪدم پوري ڪئي. ڄام نظام الدين قبولئي کي ساڻ ڪري پنهنجي محلات ۾ پهتو. (قبولئي کي ڄام نظام الدين وٽ پهچڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪجهه ٻيون روايتون به اچن ٿيون)