; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر پير سيد امتياز علي شاهه - غلام مصطفيٰ ٻٻر

18 January, 2012

ڊاڪٽر پير سيد امتياز علي شاهه - غلام مصطفيٰ ٻٻر


ڊاڪٽر پير سيد امتياز علي شاهه
(واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو)
غلام مصطفيٰ ٻٻر
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
ڊاڪٽر پير سيد امتياز علي شاهه عرف پير سيد محمد علي شاهه جيلاني ٽنڊوالهيار ضلعي جي ڳوٺ مڪان شريف جي مذهبي گهراڻي جي گادي نشين الحاج پير سيد غلام رسول شاهه جيلاني جي گهر ۾ 1961-11-29 تي جنم ورتو.


سندس پيدائش حيدرآباد جي هوائن واري شهر جي هڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ ٿي. سندن خاندان جا سنڌ ۽ انڊيا ۾ پڻ مريد آهن. ڊاڪٽر پير سيد امتياز علي شاهه جي ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول خالقڏنو ڪاتيار ۾ ٿي. بعد ۾ حيدرآباد جي پبلڪ اسڪول ۾ انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي.
سندن والد هر هفتي کيس ملڻ لاءِ ڳوٺان اسڪول ايندو هو. ماکيءَ ۾ پيل بادام، مٺيون مانيون کڻي ايندو هو. اسڪول ۽ ٽيوشن کانپوءِ کيس وٺي شهر گهمائيندا هئا، بهترين هوٽلن تي ماني کارائي پوءِ فلم ڏيکاري رات جو اسڪول ڇڏي ايندا هئا. جنهن شيءِ جي خواهش ڪندا هئا، کين ملندي هئي. ان وقت سائين وارن وٽ وليز جيپ هوندي هئي.
منهنجو واسطو سائين وارن سان سندس طهر (سنت) جيڪا اسان جي گهر حيدرآباد جي ٻٻرن جي پڙ ۾ 1974ع ۾ ٿي، ان وقت کان مرڻ گهڙيءَ تائين رهيو.
پڙهائي دوران هفتو کن اسان جي گهر اچي رهيا. اسين روزانو فلمون ڏسندا هئاسين. سندس والد جڏهن اسڪول پهتو، خبر پئي ته هفتي کان اسڪول نه آيو آهي، غير حاضر آهي. جنهن جي سزا کيس اها ملي جو ڪمري ۾ بند ڪري دونهون ڏنو ويو ۽ ماني بند ڪئي وئي. هٿ پير ٻڌا ويا. ان سزا کانپوءِ ڪڏهن غير حاضر نه رهيو. اسڪول کان فارغ ٿي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾، بي ڊي ايس ڏندن جي ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ داخل ڪيو ويو. محنتي ۽ هوشيار هئڻ ڪري، سدائين سٺن نمبر ۾ پاس ٿيو.
ڪاليج ۾ هاسٽل هئڻ جي باوجود، کيس والد حيدرآباد شهر ۾ جاءِ ڪرائي تي وٺي ڏني هئي، جنهن ۾ هر آرائش هوندي هئي.
سندس دوستن جو حلقو ٿورو ۽ محدود پر باوقار هوندو هو. سندس رحمدلي اها هئي جو ڳوٺان ايندڙ مريضن کي پاڻ وٽ رهائيندو هو ۽ سندن پٽي وغيره به پاڻ ڪندو هو. ننڍپڻ کان گهوڙي سواري، شڪار ۽ گاڏين جو شوقين هوندو هو.
درگاهه مڪان شريف تي ربيع الثاني جي 9 تاريخ کان 11 تاريخ تائين ميلو لڳندو آهي. نائين تاريخ جو دونهون مشهور آهي. لنگر کائڻ لاءِ ماڻهن کي اڪي عددن ۾ ويهاريو ويندو آهي. حيرانيءَ جي ڳالهه اها آهي جو ڪيترا به ماڻهو ويهاريا وڃن، پر انهن ٿانون وارا ڪڏهن به ٻي ماني نه گهرندا. پر ان ۾ اها ماني بچندي آهي. ڪوس ۽ لنگر واري هنڌ، ڪڏهن به ڪا ماڪوڙي نظر نه ايندي ۽ ڪو به پکي ان جاءِ تي نه هوندو آهي.
ڊاڪٽر امتياز وارن جي درگاهه ۽ مسجد جي چوديواري، سنڌ جي بادشاهه ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڀيڻ بيبي شهر بانو ٺهرائي هئي. سائين ڊاڪٽر پير سيد امتياز علي شاهه جي 1987ع ڌاري شادي به تواريخي هئي. سندس شاديءَ جا ٻه ڪاڄ ٿيا. هڪ ڳوٺ مڪان شريف ۾، ٻيو مٽياريءَ ۾. سندس لاءِ سونو تاج ٺهرايو ويو. مٽياريءَ جي، هيءَ هڪ يادگار شادي هئي.
ڊاڪٽر پير سيد امتياز علي شاهه سرڪاري اسپتال ۾ تمام پابنديءَ سان ڊيوٽي ڏني. سائين 2007-5-28 تي هڪ خطرناڪ ايڪسيڊنٽ وگهي هن فاني جهان مان، پنهنجي عزيزن دوستن کي ڇڏي دارالبقا جي راهه اختيار ڪئي ۽ پٺيان لاتعداد ۽ نه وسرندڙ يادون ڇڏي ويا.
ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾،
واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏيندو ڪيترو.

No comments:

راءِ ڏيندا