دولهه دريا خان
سنڌ جو سرويچ سپهه سالار
غلام جوڻيجو
سنڌ ملڪ جي مقامي حاڪمن سومرن جي
حڪومت جي زوال کانپوءِ سنڌ تي سمن جي خاندان جي حڪمراني شروع ٿي، سمن سنڌ ملڪ جي
حڪومت جون واڳون 1351ع ۾ سنڀاليون. سما خاندان جي هاڪاري حاڪم ڄام نظام الدين (ڄام
نندو) جي دؤر ۾ سنڌ جون اندروني ۽ سرحدي حدون صلح سانت ۾ رهيون ۽ سنڌ جو عوام سک ۽
امن سان زندگي بسر ڪري رهيو هو. ڄام نظام الدين مذهبي متڀيد کانسواءِ خدمت ڪندڙ هو
۽ پاڙيسري حاڪمن سان دوستاڻا رويا رکيائين. اهڙين پرامن حالتن ۾ حاڪم ڄام نظام
الدين تفريح خاطر شڪار تي روانو ٿي ويو، جهنگ ۾ گهمندي ڦرندي ڄام نظام الدين کي
سخت اڃ لڳي ۽ اچي پنهنجي پياري وزير لکدير (لکمير) وٽ پهتو ۽ کانئس پاڻيءَ جي گهر
ڪيائين، وزير پنهنجي نوڪر قبوليو کي بادشاهه کي پاڻي پيارڻ لاءِ چيو، قبولئي
بادشاهه کي پاڻي پيارڻ کان اڳ پاڻيءَ واري برتن ۾ ڪجهه ڪک وجهي ڇڏيا، پاڻي پيئڻ
کانپوءِ بادشاهه نوڪر قبولئي کان ڪک وجهڻ جو سبب پڇيو، قبولئي فرمانبرداريءَ سان
وراڻيو ته سائين مون سمجهيو ته بادشاهه سلامت کي ڏاڍي اڃ لڳي آهي، سو متان تڪڙ ڪري
هڪ ساهيءَ ۾ پاڻي پي وڃن، مون ڪک ان ڪري وڌا ته جيئن پاڻي هوريان هوريان آهستي آهستي
واپرايو وڃي، اها عقل واري ڳالهه ٻڌي ڄام نظام الدين پنهنجي وزير لکدير کان سندس
نوڪر ڇوڪري قبولئي جي گهر ڪئي، جيڪا وزير هڪدم پوري ڪئي. ڄام نظام الدين قبولئي کي
ساڻ ڪري پنهنجي محلات ۾ پهتو. (قبولئي کي ڄام نظام الدين وٽ پهچڻ لاءِ سنڌ جي
تاريخ ۾ ڪجهه ٻيون روايتون به اچن ٿيون)
جيئن ته سنڌ جي مستند تاريخ لکجي نه
سگهي آهي، تنهنڪري مٿين لکت کي اهميت ڏجي ٿي.
مردم شناس ڄام نظام الدين قبولئي جي
ذهانت ۽ سلڇڻائپ ڏسي سندس بهترين تربيت ڪئي ۽ قبوليو به ڄام نظام الدين جي معيار
تي پورو لٿو.
قبولئي جو نالو دريا خان رکيو ويو ۽
کيس لقب مليا، مبارڪ خان ۽ خان اعظم. ان کان به وڏي ڳالهه ته ڄام نظام الدين کيس
پنهنجو پٽ بڻايو. دريا خان ڄام نظام الدين جي سنڌ ملڪ جي فوج جو سپهه سالار بڻيو.
دريا خان پنهنجي دؤر ۾ سنڌ کي هرپاسي کان مضبوط ۽ آسودو ڪيو. فوجي، سياسي، سماجي ۽
اقتصادي صورتحال تي تاريخدان لکن ٿا ته اهڙو دؤر سنڌ ڪڏهن نه ڏٺو! اهڙين تعميري ۽
تاريخي صلاحيتن سان گڏ هن ۾ آزادي ۽ وطن پرستي به حد درجي جي هئي، جيڪا سنڌ جي
تاريخ ۾ کيس هميشه ياد رکندي. سر جو سانگو لاهي ملڪ کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ
لاءِ هن جيڪا جدوجهد ڪئي، اها وطن جي تاريخ ۾ مثالي آهي.
افغانستان جي حاڪم ارغونن ڪن به سببن
جي ڪري اتر سنڌ تي بنا ڪنهن اعلان جنگ جي اوچتو حملو ڪري سبي سنڌ جي حاڪم بهادر
خان کان کسي ويا. سنڌ جي تخت گاهه ٺٽي ۾ جيئن اها خبر پهتي ته ڄام نظام الدين،
دريا خان کي هدايت ڪئي ته هو هڪدم سبيءَ پهچي. دريا خان سبيءَ پهچندي پنهنجي سپهه
سالاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. والي سبي سلطان محمد بن امير ذوالنون مقابلي ۾ مارجي
ويو. دريا خان فاتح ٿي ٺٽي واپس وريو. جيستائين ڄام نظام الدين زندهه هو ته وري
ارغونن سنڌ تي حملي جي همت نه ڪئي. دريا خان بااختيار وزيراعظم ۽ فوج جو سپهه
سالار هو. جيئن ته سنڌ جي تاريخ تي مڻين مٽي پيل آهي ۽ جيڪا ڪجهه لکي وئي آهي، سا
به ڌارين لکي آهي ۽ ان ئي تاريخ تي انحصار ڪرڻو پوي ٿو. دريا خان لاڙ واري ساڪري
پرڳڻي ۾ آباديءَ جي لاءِ هڪ واهه کوٽايو هو، جيڪا سندس سنڌ سان سڄڻائپ ۽ هڪ زرعي
ماهر هئڻ جي نشاندهي آهي.
ڄام نظام الدين جو بهترين دؤرِ حڪومت
48 سال رهيو، پوءِ حڪومت ۽ اولاد جي وزيراعظم دريا خان کي پارت ڪندي پاڻ اڻ ڏٺل
جهان ڏانهن اطمينان سان روانو ٿي ويو. ڄام نظام الدين جو مقبرو فن عمارت جو گلدستو
آهي.
ڄام نظام الدين جو فرزند فيروز ننڍو
هو، ان ڪري حڪومت جو ڪاروهنوار دريا خان هلائيندو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ ڄام صلاح
الدين به حاڪم هئڻ جي دعويٰ ڪئي. دريا خان ٺٽي جي عوام جي حمايت سان کيس ڀڄائي
ڇڏيو. ڄام صلاح الدين گجرات جي سلطان مظفر وٽ وڃي ساهه پٽيو. ڄام فيروز جوان ٿيندي
حڪومت جون واڳو ورتيون، سندس گهڻو وقت زنانه خاني ۾ گذرندو هو، ٻاهر نڪرندو هو ته
چاپلوس سندس پٺيان هوندا هئا. اهڙين حالتن ۾ دريا خان حڪومت کان پاسيرو ٿي ويو ۽
پنهنجي ڳوٺ ڳاها ۾ اچي رهڻ لڳو. ڄام صلاح الدين به اهڙيءَ تاڙ ۾ هو، ورندو ماڻهن
به کيس خط موڪليا ته هاڻي اچي حڪومت وٺو. ڄام صلاح الدين گجرات کان لشڪر وٺي ٺٽي
تي چڙهائي ڪئي.
ڄام فيروز ماءُ سميت ڀڄي دريا خان وٽ
سندس ڳوٺ پهتو ۽ ڪيل گناهن جي معافي گهري ۽ کيس مدد لاءِ گذارش ڪئي. دريا خان حڪمت
عملي ذريعي ڄام فيروز کي تخت نشين ڪرايو، وري ٻيهر به دريا خان سان ساڳيو سلوڪ ڪيو
ويو. ارغونن، مغلن ۽ چاپلوسن کي ترجيح ڏني وئي. دريا خان واپس ڳوٺ هليو ويو،
اهڙيون غير يقيني ۽ افراتفريءَ واريون حالتون نظر ۾ رکندي شاهه بيگ، ارغون پنهنجي
ڀاءُ جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ سنڌ تي ڀرپور حملو ڪري ڏنو. دريا خان کي جيئن حملي
جي خبر پهتي ته پاڻ اچي پهتو. 11 محرم تي سنڌين ۽ پٺاڻن جو ساموئيءَ واري ميدان ۾
مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌين شڪست کاڌي، دريا خان تير ۽ تلوار هلائيندي ۽ سهندي سنڌ
تي قربان ٿي ويو. اها تاريخ 11 محرم 927 هجري ۽ 22 ڊسمبر 1520ع هئي، انهيءَ جنگ
واري واقعي جو نقشو چٽيندي تاريخ معصومي ۽ ترخان نامه ۾ اچي ٿو ته ٻنهي ڌرين ۾
اهڙي ته شديد ويڙهه وڙهي وئي جو قلم بيان ڪرڻ کان قاصر آهي، ٻيون تاريخون به دريا
خان جي دليري ۽ مردانگيءَ جون شاهديون ڏئي رهيون آهن ۽ لکن ٿيون ته سنڌ تي جڏهن به
ڏکيو وقت آيو ته دريا خان ڄام نظام الدين کانپوءِ 12 سال منهن ڏنو. دريا خان
کانپوءِ سنڌ سورن ۾ اچي وئي. دريا خان کي تاريخي قبرستان مڪليءَ ۾ دفنايو ويو. سندس مزار واري چؤديواريءَ جي اندر 17 ٻيون قبرون آهن، وڌيڪ خبر نه پئجي سگهي آهي
ته اهي ٻيون قبرون ڪنهن جون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪُتبا وغيره لکيل نه آهن. دريا خان کي
پنج سرويچ پٽ هئا. سارنگ خان، علاؤ الدين، احمد، محمود خان ۽ مٺڻ خان جيڪي بهادر ۽
وطن دوست هئا.
دريا خان جي شهادت جو ڏينهن سنڌ ۾
قومي ڏينهن ڪري ملهايو وڃي ٿو. زندهه، سڄاڻ ۽ غيرت مند قومون پنهنجن هيرن جا ڏينهن
انهيءَ ڪري ملهائينديون آهن ته جيئن ان مان سبق پرائي حال ۽ مستقبل لاءِ عملي ۽
عقلي بنيادن تي حڪمت عمليون جوڙي انهن تي عمل ڪيو وڃي. سنڌ کي هن ڏکئي وقت ۾ دريا
خان جهڙي وزيراعظم ۽ سپهه سالار جي ضرورت آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا