; سنڌي شخصيتون: عبدالعزيز ٻرڙو - عبدالرزاق ٻرڙو

13 January, 2012

عبدالعزيز ٻرڙو - عبدالرزاق ٻرڙو


عبدالعزيز ٻرڙو
(اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين)
عبدالرزاق ٻرڙو
سنڌ جو اديب، محقق، دانشور ۽ سياسي سماجي اڳواڻ عبدالعزيز ٻرڙو تعلقه ميهڙ ضلع دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻلهڙا ۾ 1937ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڳوٺ گوزو تعلقو خيرپور ناٿن شاهه ۾ ورتي ۽ اين اي ڊي ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مان بي اي سول انجنيئرنگ ۾ ڪئي ۽ جلد ئي کيس پاڪستان ريلويز ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي نوڪري ملي وئي، جتي هن پنهنجي عمر جو وڏو حصو خدمت ڪندي گذاريو.


عبدالعزيز ٻرڙو ننڍپڻ کان وٺي خدا ترس ۽ انساني همدردي ۽ هڏ ڏوکائپ ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو. ڪنهن انسان جي غربت، مسڪيني، لاچارگي واري زندگي کي ڏسي ۽ سهي نه سگهندو هو. ان ڪري هن نوڪريءَ ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ جي هزارين ماڻهن کي ريلويز ۾ نوڪريون ڏياريون. اڄ جيڪي به سنڌي ماڻهو ريلويز کاتي اندر نوڪريءَ ۾ آهن، انهن جو ڳچ حصو ٻرڙي صاحب جي ڪري آهي. هن جو هڪ خواب هو ته سنڌي ماڻهن کي مرڪزي ادارن ۾ پنهنجو حق ملي ۽ انهن جي ڪوٽا تي پنجاب ۽ سرحد جا ماڻهو نه پر خود سنڌي اچن. سندس اهو به خيال هو ته ريلوي واحد ادارو آهي، جيڪو سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهي ۽ ان ذريعي سنڌي ماڻهو، سڄي ملڪ اندر پکڙجي ويندا. ان جي پاداش ۾ ڀٽو صاحب جي دور ۾ هڪ مقامي ايم اين اي جو ناجائز حڪم نه مڃڻ ڪري، کيس نوڪريءَ مان خارج ڪيو ويو هو. ڇو ته هن پنهنجي علائقي ۾ عوامي نمائندن کان وڌيڪ نوڪريون ڏياريون ۽ خدمت ڪئي هئي. بعد ۾ عبدالله شاهه جيڪو سنڌ ۾ وزير بلديه هو، دوستي جو ناتو نڀائي نوڪري تي بحال ڪيائين.
هن سڄي سنڌ اندر نوجوانن ۾ جديد تعليمي سهوليتون ڏيارڻ لاءِ پنهنجي ذاتي وسيلن توڙي حڪومتي سطح تي ڪوششون ورتيون. خاص ڪري جڏهن ڪمپيوٽر هن سماج جو لازمي حصو بڻجي ويو ته هن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي ٻارن کي ڪمپيوٽر جي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ ڳوٺن ۾ سماجي تنظيمون قائم ڪري ڳوٺن اندر غريب شاگردن لاءِ لائبريريون قائم ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ پاڻ به پنهنجي ڪراچيءَ واري بنگلي ۾ هڪ شاندار لائبريري قائم ڪئي. هن ملڪي ۽ دنيا جي ادب، سائنس، تاريخ ۽ ٻين علمن جا شاهڪار ڪتاب گڏ ڪري هڪ ريسرچ ۽ ريفرنس لائبريري ۾ تبديل ڪيو. جيڪا اڄ به هڪ بهترين لائبريري آهي، جنهن ۾ دنيا جي مختلف اهم موضوعن فن، فلسفي، سائنس، تاريخ، ادب، سياست، سماجيات، اقتصاديات علم انسان ۽ ڪائناتي علمن تي ڪيترا ئي اهم ۽ ناياب ڪتاب موجود آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا سمورا ڇپيل رسالا ۽ سائين جي ايم سيد جا سمورا ڪتاب موجود آهن. ان کانسواءِ دنيا جون مختلف ڇپيل انسائيڪلوپيڊياز ۽ مذهبن متعلق ڪتاب موجود آهن. هن جو تمام وسيع مطالعو هو ۽ ڪيترن علمن جو ڄاڻو هو.
ان کانسواءِ عبدالعزيز ٻرڙي سوين غريبن ۽ مسڪين ماڻهن جي ٻارن کي نه رڳو پنهنجي ذاتي خرچ تي پڙهايو پر اعليٰ تعليم ڏيارڻ ۾ پڻ مدد ڪندو هو ۽ ڪيترن شاگردن کي سي ايس ايس ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽاڀيٽي وارن امتحانن لاءِ کين پنهنجي بنگلي تي رهائش، کاڌو ۽ خرچ فراهم ڪندو هو ۽ کين اهي امتحان ڏيڻ لاءِ همٿائيندو هو.
12 آگسٽ 1987ع تي پنهنجي هم خيال دوستن ۽ ساٿين سان گڏجي آل ٻرڙا ويلفيئر ايسوسيئيشن (اٻوا) جو مبارڪ ٻرڙي ۾ بنياد رکيائين، جنهن جو آخري دم تائين قائد اڳواڻ هو. ڏکڻ پنجاب سرائيڪي بيلٽ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هر ٻرڙا برادري جي ڳوٺ ۾ يونٽ قائم ڪيائين. فري ٽيوشن سينٽر ۽ لائبريريون قائم ڪيائين. 1 مارچ 1992ع پنهنجي ذات کان هٽي معاشي ۽ سماجي بنياد تي خدمت ڪرڻ جي خيال سان مهراڻ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن (مسوا) جو بنياد رکيائين.
محترم عبدالعزيز ٻرڙو صاحب 1992ع ۾ پنهنجي سموري ٻرڙا برادري سميت پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. ان دور ۾ جڏهن بينظير ڀٽو صاحبه مخالف ڌر ۾ هئي ۽ ڄام صادق علي سنڌ ۾ وزيراعليٰ هو ته موري لڳ ڳوٺ مبارڪ ٻرڙو ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جلسو ڪرڻ پئي چاهيو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون وڌيون ويون ۽ ان کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وئي. ان وقت عزيز ٻرڙو چند ڏينهن اندر پنهنجي پئسن سان زمين خريد ڪري ان تي جلسه عام ڪرايو، جنهن ۾ هن محترمه بينظير ڀٽو کي سونا گلدسته پيش ڪيا، سونو تاج پارايو. سائين جي ايم سيد جي نظريي ۽ شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي تحريڪ کان به ڏاڍو متاثر رهيو هو. ڪيترن موقعن تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي پڻ شريڪ ٿيندو هو.
هن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي رستي تي هلندي رٽائرمينٽ کان 5 سال اڳ 15 اپريل 1992ع تي 20 گريڊ جي نوڪري ڇڏي سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جي مسئلن ۽ حقن جي حاصلات لاءِ سڄي سنڌ جو دورو ڪيو ۽ ان دور ۾ هن سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳيءَ جي تحريڪ پڻ هلائي ۽ ماڻهن ۾ مسئلن جي ڄاڻ ۽ پنهنجن حقن جو شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ڪتاب ۽ پمفليٽ شايع ڪرايا، جيڪي پاڻ کڻي وڃي واهڻ واهڻ ۽ وستي وستي ورهايا. هن چيو ته اهو ڪم نوڪريءَ ۾ رهي ڪري نٿو سگهجي، تنهن ڪري هن نوڪريءَ کي ٿڏي ڇڏيو. بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي ٻئي دور ۾ هن کي سنڌ حڪومت ۾ وزيراعليٰ سنڌ جو ايڊوائيزر مقرر ڪيو، جنهن ۾ پڻ هن ڪيترن ئي سنڌي نوجوانن کي نوڪريون ڏياريون ۽ اعليٰ تعليم ۾ سندن مدد ڪئي.
عزيز ٻرڙو صاحب 4 جولاءِ 2010ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. هن وصيت ڪئي هئي ته مرتئي کانپوءِ کيس سنڌ جي تاريخي قبرستان چوکنڊي ۾ دفن ڪيو وڃي ۽ کيس وصيت مطابق، اتي ئي سندس آخري آرام گاهه آهي. ان وصيت جو تمام وڏو مقصد جيڪو زنده هوندي پنهنجي ڪچهرين ۾ ٻڌائيندو رهندو هو ته ان سان سنڌي ماڻهن کي اهو احساس ٿيندو ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ اهو اسان جو ئي تاريخي شهر آهي. جيئڻ ۽ مرڻ، پنهنجي ڌرتيءَ سان رهڻ کپي ۽ سندس ان سوچ سنڌ جي نوجوانن ۾ ڪراچيءَ کي پنهنجو ڪرڻ جو روح ڦوڪيو آهي ۽ سندس اهو پيغام سنڌ واسين لاءِ تمام وڏو پيغام آهي.

1 comment: