شيخ محمد اسماعيل
شاهه جو پارکو، محقق ۽
تعليمي ماهر
طارق عزيز شيخ
شيخ محمد اسماعيل سنڌي
ادب ۽ لطيف شناسيءَ جي انهن عالمن منجهان هو جيڪي ڪنهن غرض کان سواءِ علمي پورهيو
ڪندا رهندا آهن. پاڻ سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، سنڌ جي تاريخ، درسي ڪتابن ۽ لطيف بابت
تحقيق تي مڪمل عبور رکندو هو. پاڻ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورد، سنڌي ادبي بورڊ، ثقافت
کاتي، لطيف چيئر ۽ سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جهڙن ادارن جي مختلف تحقيقي پروجيڪٽن ۾
دلجوئي سان ڪم ڪيائين.
شيخ اسماعيل 22 جنوري
2004ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. آخري ڏينهن به لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اهم پروجيڪٽ
سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا ۾ مصروف رهيو. فهميده جڏهن لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر هئي تڏهن
به ”سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت“ جي تياري لاءِ شيخ محمد اسماعيل کي پروجيڪٽ جي
نظرثاني لاءِ مقرر ڪيائين ۽ صلاح مشورا ڪيائين.
شيخ محمد اسماعيل سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪيترن ئي پروجيڪٽن کي مڪمل ڪيو جن ۾ اهم ترين ڪم لوڪ ادب اسڪيم جو
هو، هن اسڪيم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نگراني هئي. جڏهن ته ان جو معاون شيخ محمد
اسماعيل هو جنهن سان گڏ ٽيم ورڪ ۾ محمد بخش واصف، عبدالڪريم سنديلو، رشيد احمد
لاشاري، محمد يعقوب ميمڻ، ممتاز مرزا ۽ محمد حسين ڪاشف جهڙا سنڌي ادب جا خدمتگذار
هئا. اهڙي ريت جامع سنڌي لغت، لوڪ شاعري، لوڪ ڪهاڻيون ۽ ثقافت جي حوالي سان 40
جلدن تي ٻڌل ڪم ڪيو ويو جنهن جهڙو ريڪارڊ تاريخ ۾ نٿو ملي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي
نالي ۾ ٿيل جيڪو به ڪم آهي انهي ۾ شيخ محمد اسماعيل جو گهڻو تڻو هٿ رهيو. هو سنڌي
ادب جو خاموش خدمتگار هو، جنهن گاڏي کاتي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس ۾ قائم،
ڪنڊائتي آفيس ۾ منجهند کان وٺي رات ويندي تائين، ايترو ڪم ڪيو جو وڏا وڏا دفتر به
اڄ تائين پنهنجي ٽيمن کان هن اڪيلي شخص جيترو ڪم نه وٺي سگهيا آهن.
شاهه لطيف جي شاعري تي
کيس وڏو عبور حاصل هو، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران سندس ادبي
خدمتن ۽ خاص طور تي لطيف شناسي تي سال 2004ع ۾ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو جيڪو سندس وفات
بعد ممتاز مرزا جي فرزند سجاد مرزا ڀٽ شاهه جي ايڪسيلنسي سينٽر ۾ وصول ڪيو هو.
ممتاز مرزا سان شيخ
اسماعيل جي بيحد ويجهائپ هئي. ٻنهي اديبن جي سنگت جي ڪري گهرو لاڳاپا به ايترا
ويجها هئا جو حيدرآباد جا ماڻهو ٻنهي خاندانن کي هڪ خاندان سمجهندا هئا. ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ جي تحقيقي ڪمن لاءِ هڪ ٽيم جوڙڻ جو سوچيو ويو تڏهن شيخ اسماعيل انهي ٽيم
۾ هڪ نوجوان ممتاز مرزا کي ڊاڪٽر بلوچ سان ملاقات ڪرائي هئي، سندن وقت گذرڻ سان گڏ
محبت جو رشتو اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويو.
شيخ اسماعيل تعليمي ماهر
هئڻ جي حيثيت ۾ پرائمري تعليم ۽ استادن لاءِ پڻ ڪافي ڪشالا ڪيا. پ ٽ الف جو بنياد
وجهڻ جو يادگار ڪارنامو سندس سر تي آهي. هن استادن جي پگهارن ۾ اضافي لاءِ 70 واري
ڏهاڪي ۾ گورنر هائوس ڪراچيءَ جو گهيراءُ ڪري پنهنجي استاد برادريءَ جي مطالبن کي
مڃرايو. پرائمري سطح جي درسي ڪتابن جي جوڙجڪ لاءِ نياز همايوني، استاد بخاري ۽
عبدالڪريم سنديلي سان سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي پروجيڪٽن تي ڪم ڪيائين.
شيخ محمد اسماعيل مزاج ۽
طبيعت جو خوش باش انسان هو. سير سفر سان دلچسپي رهيس. سيٺ حافظ پرائمري اسڪول
حيدرآباد ۾ هيڊ ماستريءَ جي دؤر ۾ هن ڪيئي ڀيرا پنهنجي اسٽاف کي سنڌ جي تاريخي
ماڳن ۽ سيرگاهن تي وٺي ويندو هو. ڀنڀور، عمرڪوٽ، موئن جو دڙو، ڪراچيءَ جو ڪلفٽن ۽
شاهه لطيف جي ميلي تي ته عام طور تي گهمندو هو. اسڪول ۾ مختلف قومي ۽ يادگار ڏينهن
ملهائڻ جي روايت وڌائين جنهن سان شاگردن ۾ به جاڳرتا پيدا ٿي، نه صرف اهو پر اهڙن
موقعن تي ريڊيو پاڪستان ۽ اخباري نمائندن کان به ڪوريج ڪرائيندو هو.
هي صوفي منش انسان پنهنجن
پڇاڙڪن ڏينهن ۾ به 12 ڪلاڪ ذهني پورهئي جو ڪم ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌيانا
انسائيڪلوپيڊيا جي کيس ذميواري ڏنل هئي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ڊاڪٽر الانا جي
چيئرمين شپ ڇڏڻ بعد سندس وجود پويان اچڻ واري صاحب کي ڏکندو رهيو ۽ مرڻ گهڙيءَ
تائين اهو ڏک رهيس ته سندس محنت جو اجورو ملڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر انهي محنت کي
ئي ڇپائي مان روڪايو ويو. هاڻي جڏهن اها انسائيڪلو پيڊيا سنڌي لئنگئيج ڇپائي ته
اداري پاران هڪڙي ڪاپي به سندس حصي ۾ پونيرن کي نه ڏني وئي.
مرحوم شيخ اسماعيل جهڙيون
علمي ادبي پورهيو ڪندڙ شخصيتون ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿين ٿيون. هُو آخري وقت ۾ جگر جي تڪليف
۾ مبتلا ٿي ويو جنهن علالت آخرڪار 22 جنوري 2004 ۾ کيس حقيقي مالڪ سان وڃي ملايو.
سندس قبر حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا ۾ آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا