; سنڌي شخصيتون: اداڪار عبداللطيف ساقي صاحب - سيد يار محمد شاهه

15 January, 2012

اداڪار عبداللطيف ساقي صاحب - سيد يار محمد شاهه


اداڪار عبداللطيف ساقي صاحب
سيد يار محمد شاهه
پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ پهريون سنڌي اداڪار، جنهن اردو فلمن ۾ نمبر ون اداڪار طور پاڻ کي مڃرايو، سو فرشته صفت انسان مرحوم ساقي صاحب آهي. مون کيس پهريون دفعو ٻالڪپڻ ۾ پنهنجي چاچي ايس گل صاحب جن سان گڏ مٽياري جي ڄاموٽ هائوس گيٽ وٽ هڪ جيپ وٽ بيٺل ڏٺو. سنهڙو ڇوڪرو، پتلون ۽ چيڪ واري شرٽ پيل، گهنڊيدار وارن جي لٽ نرڙ تي، ان زماني ۾ اها لٽ دليپ صاحب جي به مشهور هوندي هئي ۽ گهڻو ڪري اداڪاري جا شوقين اهو اسٽائيل رکندا هئا. پر چاچا ساقي، جنهن سوٽ ۽ شرٽ ۾ ات موجود هو، اها ڊريس مون سندس ريليز ٿيل فلم ”بارهه بجي“ 12 O Clock ۾ ڏٺي هئي، جنهن ۾ ساقي صاحب هيرو ۽ شايد ادڪاره نيلو هيروئن هئي. فلم Cowboy ٽائيپ هئي ۽ تمام گهڻي ڪامياب ٿي هئي. مون ساقي صاحب کي چاچا سان گڏ ڏٺو، پر نه مليس ۽ نه کيس ڇهي سگهيس. ڇو ته منهنجي عمر ان وقت ٻارنهن سال هئي. ان کانپوءِ سندس فلمون وڏي شوق سان ڏسندو هوس. مرحوم هزارين فلمن ۽ سوين ٽي وي ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ڪيا، جن ۾ خاص ڪري فلم ”هزار داستان“، ”الادين ڪا بيٽا“ ۾ سامري جادوگر، ”ناگن“، ”شهيد“، ”فرنگي“، ”غرناطا“ ۽ سنڌي فلم ”بادل“ ۾ بادل جو ڪردار ۽ ڪجهه ٻين سنڌي فلمن کان علاوه ڪراچي ٽي وي اسٽيشن جي ڊرامن ۾ ”چهچٽو“ کان وٺي اسان سان گڏ ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. اڄڪلهه اسانجو مقبول ڊرامه سيريل نورالهدي شاهه جو لکيل ”جنگل“ ڪراچي ٽيليويزن تي پڻ ٻيهر ڏيکاريو پيو وڃي.


جڏهن ايس گل صاحب لاهور مان شفٽ ٿي ڪراچي آيو ته ساقي صاحب به ساڻن گڏ ڪراچي هليو آيو. ايس گل صاحب ۽ ساقي صاحب هر لمحو گڏ رهڻ چاهيندا هئا ۽ آخر رٽائرمنٽ ۽ انتقال تائين، هڪٻئي جي ويجهو رهيا هئا. اسان ڊرامي چهچٽي جي ڪري تمام گهڻي شهرت ماڻي هئي ۽ هُو ٻئي بزرگ جڏهن منهنجي ويجهو ٿيا ته ان وقت هو ٻئي شوبز جي ماضيءَ جي تاريخ هئا. هڪ ڏينهن آئون ۽ مشتاق جسڪاڻي مرحوم، چاچا جي زمين جيڪا ٽنڊوالهيار لڳ ريڇل ۾ آهي، ات چاچا سان ملڻ وياسين ته ٻئي بزرگ ڏاڍا خوش ٿيا. ايس گل صاحب مونکي ۽ ساقي صاحب جسڪاڻي صاحب کي، پنهنجي ماضيءَ جا داستان وڏي شوق سان ٻڌائي رهيا هئا. اوندهه ڏسي اسان موڪلايو ۽ ان کانپوءِ ساڻس ڪراچيءَ ۾ چاچا جي بنگلي تي ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون.
ڊرامي چهچٽي جي هڪ خاڪي جي منظر ۾ ساقي صاحب ۽ منظور قريشي، صلاح ڪري مونکي ڊيڄارڻ لاءِ هڪ جيئري بلا ڪوٽ ۾ لڪائي، منهنجي ڪڇ ۾ اچانڪ کڻي ڇڏي، وڏي مشڪل سان مون پنهنجي تاثرات تي ڪنٽرول ڪيو. مرحوم بعد ۾ مونکي تفصيل سان ٻڌايو ته فلم ”نانگن“ جي شوٽنگ دوران جوڳيءَ جو ڪردار ڪرڻ لاءِ مون هر قسم جي نانگن ۽ بلائن سان کيڏيو ۽ مونکي نانگن جي مڪمل ڄاڻ آهي ته ڪنهن ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو زهر آهي. مون ان کانپوءِ مرحوم جي ويجهو اچي پنهنجي لاءِ جيڪا شفقت ۽ سچائي محسوس ڪئي، سا مونکي هميشه ياد رهندي. ڊرامي ”جنگل“ ۾ شوٽنگ دوران يا شوٽنگ کانپوءِ، سندس پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ گهاريل گهڙيون، واقعا، قصا ۽ دوستن جا ذڪر ٻڌڻ لاءِ ملندا رهيا. محبت ۽ قربت ايڏي وڌي وئي جو پاڻ ۽ عبدالڪريم بلوچ جا ذاتي مسئلا ۽ معاملا حل ڪرڻ لاءِ مونکان معاونت به ڪرائيندا هئا. چاچا کي ته سمجهندا ئي وڏو هئا. پر ان خاندان جي فرد جي حيثيت ۾ مونکي به تمام گهڻو پيار ڪندا هئا. ساقي صاحب جن سان ويجهڙائپ، تمام گهڻي ٿي چڪي هئي. جن ڏينهن ۾ اسان چهچٽو شو ٽنڊي آدم، دادو، هالا ۽ حيدرآباد جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ ڪيا ته ساقي صاحب اسان جي هر اسٽيج شو ۾ اسان سان گڏ هوندو هو. اسانجي هڪ اسٽيج ڊرامي ”اچ ته خبر پئي“ جيڪو منهنجو لکيل ۽ منهنجي ئي هدايت ۾ ٽنڊي آدم ۾ ”لطيف گولڊ ميڊل“ جي تقريب ۾ پيش ڪيوسين، ان ۾ مون سان گڏ D.S.P جو رول به ڪيائين. انهيءَ تقريب ۾ ڪراچي ٽيليويزن جا سڀ ايوراڊ حاصل ڪندڙ اداڪار آيا هئا، تن کي اسان ”لطيف گولڊ ميڊل ايوارڊ“ سان نوازيو ۽ جن اداڪارن کي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو، انهن کي چانديءَ جا ميڊل ڏنا ويا. اھا ٻي ڳالھ آھي ته محمود صديقيءَ کي ڊرامي ”جنگل“ ۾ يادگار ڪردار ڪرڻ جي باوجود، به ايوارڊ کان محروم ڪيو ويو هو. ان کي به اسان ”لطيف گولڊ ميڊل“ شاهه ڪلچرل سوسائٽي طرفان ڏنو. ٻين اداڪارن ۾ عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا، شهزادي، روشن عطا، مرحوم يوسف علي، مرحوم نور محمد لاشاري ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي مرحوم ساقي صاحب کي سندس فني زندگيءَ جي مڃتا تي ”لطيف گولڊ ميڊل“ سان نوازيو ويو هو. مرحوم شفيع محمد شاهه ان پروگرام ۾ نه اچي سگهيو هو ۽ کيس بعد ۾ فلم ”محب شيدي“ جي شوٽنگ دوران، پنهنجي والد صاحب جي هٿان ”لطيف گولڊ ميڊل“ ڏياريم.
اسان جڏهن اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته نصرپور ۾ فلم ”آگ ڪا دريا“ جي شوٽنگ ڏسڻ لاءِ گهوڙن تي چڙهي وياسين. ڇو ته اسان ويڪيشن ۾ پنهنجي دوست نعيم شاهه ۽ حسيني شهاب الدين شاهه وارن جي زمينن تي ترسيل هئاسين. جت اسانکي خبر پئي ته نصرپور ۾ فلم جي شوٽنگ پئي ٿئي، جنهن ۾ محمد علي، شميم آرا، اسد جعفري، سلطان راهي (ايڪسٽرا جي حيثيت ۾) ۽ ساقي صاحب جي شوٽنگ هڪ گهٽيءَ ۾ ٿي رهي هئي. ان منظر ۾ اداڪار محمد علي کي اسد جعفري، گهوڙي جي واڳ جهلي حملو ڪرڻ کان روڪيندو آهي ۽ محمد علي ان کي بندوق جو قنداق هڻي، ڌڪو ڏئي هليو ويندو آهي. ۽ ان وقت ساقي صاحب مٿس گولي هلائي، فريم کان آئوٽ ٿي ويندو آهي. ان جي پٺيان هڪ مرضيل گهوڙي کي لتون هڻندي سلطان راهي به فريم کان آئوٽ ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو آهي. ان وقت ڊائريڪٽر همايون مرزا رڙ ڪري ”ڪٽ“ چيو ۽ سڀني جي سامهون سلطان راهيءَ کي بجو ڏئي چيائين ته؛ ”تنهنجي پيءَ به ڪڏهن فلم ۾ ڪم ڪيو آهي.“ ان منظر جي ساهيءَ دوران، اداڪار مصطفيٰ قريشي جيڪو ان وقت تائين صرف حسين علي شاهه فاضلاڻي جي فلم ”پرديسي“ ۾ ننڍو رول ڪري چڪو هو. مون ڏٺو ته مرحوم ساقي صاحب، مصطفيٰ قريشيءَ جو تعارف فلم جي ڪيميرامين ۽ مايه ناز هدايتڪار رضا مير سان ڪرائي رهيو هو. مصطفيٰ قريشي کي سفيد ڪپڙا ڪلف وارا ۽ ڪوٽي پيل هئي. شرميلي انداز ۾ خاموش بيٺو هو. رضا مير ان وقت مصطفيٰ قريشيءَ متعلق ڳالهائي رهيو هو ۽ اها ڳالهه ساقي صاحب مونکي 30 سالن کانپوءِ ساٿي اداڪار جي حيثيت ۾ ٻڌائي ته مون ئي سندس تعارف ڪرايو ۽ ان کانپوءِ هن کيس فلم ”لاکهون ۾ ايڪ“ ۾ بطور ولين کنيو ۽ مرحوم ساقي صاحب ان فلم ۾ پنهنجي جمع پونجي به لڳائي هئي، جنهنجو کيس فلم جي سپرهٽ ٿيڻ کانپوءِ منافعو به مليو.
ساقي صاحب لاءِ فلم انڊسٽري ڇا ڪيو...؟ ٽيليويزن وارن ۽ سنڌ جي ثقافت وارن ڇا ڪيو...؟ اهو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي. 36 ٻوليون ڄاڻيندڙ، ڪوٽڙي ڄائو فنڪار، جنهن پنهنجي خاندان کي به اڳيان آندو، بلوچ صاحب کي پڙهائي، جنرل منيجر جي عهدي تائين پهچايو، جنهن جي اڄ ڪراچي ٽي وي سينٽر تي تصوير به لڳل آهي، پر جڏهن به سنڌي فنڪارن جي تاريخ لکبي ته چاچا ساقي مرحوم جو نالو برصغير ۽ پاڪستان جي وڏن اداڪارن ۽ نيڪ انسانن ۾ هميشه نمايان رهندو. سندس آخري آرامگاهه سندس اباڻي قبرستان ڪوٽڙي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا