; سنڌي شخصيتون: راڳي اُميد علي ڀٽ - اختر درگاهي

22 January, 2012

راڳي اُميد علي ڀٽ - اختر درگاهي


راڳي اُميد علي ڀٽ
هيءَ نه وَيلَ وَڃڻ جي
اختر درگاهي
گذريل ڪجهه ڏينهن کان هُو مون سان اڪثر روزانو فون تي ڳالهائيندو رهيو؛ ”ادا، آ اُميد علي ڀٽ پيو ڳالهايان.“ نهايت مِٺو ۽ معصوم آواز ۽ منهنجو هميشه جيان کيس ايئن چوڻ؛ ”ها، اُستاد ڇا حال آ!“ هُو سنڌ جو شايد اڪيلو راڳي هو، جنهن کي اُستاد سڏيندي خوشي محسوس ٿيندي هُئي. نهايت ئي مسڪين حال ۽ مسڪين طبيعت جو مالڪ، جنهن وٽ سنڌي راڳ ۽ فن جي حوالي سان انيڪ خواب هئا، جيڪي اڪثر ملاقاتن ۽ فون ذريعي ڳالهه ٻولهه ۾ اسان سان شيئر ڪندو هو. پر چند ڏينهن کان هو گهڻو پريشان ۽ ڏکايل نظر اچي رهيو هو. مون کي چيائين؛ ”ادا، شاهه لطيف جو عُرس اچي ويو آهي، منهنجي ڪافي سالن کان خواهش آهي ته آءٌ لطيف سائين جي عُرس تي ڳايان، ان لاءِ مون ثقافت کاتي جي هڪ اهم آفيسر سان ڳالهايو آهي، وڌيڪ دُعا ڪندا.“ هو ڪافي ڏينهن کان ان لاءِ به گهڻو پريشان هو جو سندس ثقافت کاتي سنڌ پاران ملندڙ ساليانو وظيفو ٻن سالن کان بند ڪيو ويو هو. ان سلسلي ۾ گذريل 13 آڪٽوبر 2011ع تي روهڙيءَ ۾ بيدل سائينءَ جي سالياني عورس مُبارڪ جي موقعي تي مون کيس ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عقيلي صاحب ۽ ڊي جي اعواڻ صاحب سان به ملايو هو، جن کيس وظيفي جاري ٿيڻ جي خاطري ڪرائي هُئي. بهرحال هُو پنهنجو هر مسئلو ۽ پريشاني مون کي ئي ٻڌائيندو هو ۽ آخري ڀيرو به ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين؛ ”ادا، مان ته تو کي ئي چوندس، تون ويٺو آهين اسان جي لاءِ.“ اهڙي گفتگو مون سان پنهنجي لاڏاڻي کان صرف ٻه ڏينهن پهريان تاريخ 8 جنوري 2012ع تي ڪئي هُئائين ۽ 10 جنوري تي هُو اُن ڏينهن اوچتو وفات ڪري ويو، جنهن ڏينهن شاهه لطيف جي عُرس تي ٿيندڙ محفل ۾ مختيار ملڪ سندس انتظار ڪري رهيو هو، جتي اُميد علي پاڻ ته نه پهچي سگهيو پر سندس لاڏاڻي جي انتهائي ڏکوئيندڙ خبر پهتي. اسان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اسانجو هي پيارو ۽ نوجوان سُريلو راڳي، ايتري ننڍي عُمر ۾ ۽ ايترو جلد اسان کي ڇڏي ويندو، ڀلا چاليهه سال به ڪا عمر آهي!


اُميد علي ڀٽ جو تعلق سکر جي هڪ فنڪار گهراڻي سان هو. اُهو سکر جو شهر جنهن بابا منور علي شاهه، استاد سينگار علي سليم ۽ اُستاد رسول بخش ڀٽ جهڙا ناميارا راڳي پيدا ڪيا ۽ اُميد علي ڀٽ به سندن ئي تسلسل هو، جيڪو سنڌ جي نامياري راڳي ”برڪت علي ڀٽ“ سان گڏوگڏ پنهنجي فنڪار گهراڻي جو نالو روشن ڪري رهيو هو. اهو فنڪار گهرانو جيڪو روهڙي شهر لڳ سنڌ جي تاريخي ڳوٺ ”هَڪڙا“ مان اُسريو ۽ ماضيءَ ۾ راڳ جي ميدان ۾ زوار محمد جُمن ڀٽ، ننگر خان ڀٽ، استاد ٻُڍو ڀٽ ۽ غلام علي ڀٽ جهڙا فنڪار پيدا ڪيا. اُميد علي ڀٽ جو والد مرحوم امداد حسين عرف عيدن ڀٽ پاڻ به ڀلو راڳي هو، جنهن ريڊيو توڙي ٽي وي تي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. مرحوم عيدن ڀٽ برصغير جي برک ۽ نهايت سُريلي ۽ مٺي راڳي اُستاد اميد علي خان کان تمام گهڻو متاثر هيو ۽ اڪثر سندس ڳايل ڪافيون ”منهنجا ڪيچي قول ڪري ويا“ ۽ ”جاني رات رهه پؤ“ ڏاڍي شوق سان ڳائيندو هو ۽ اُنهن ۾ اُستاد اميد علي خان جي انگ کي پيش ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو هو. مرحوم عيدن ڀٽ جي پنهنجي ڳايل ڪافي ”آيو لالڻ ليئڙو پائڻ ڪاڻ“ به ريڊيو تي گهڻي مشهور ٿي. انهيءَ مرحوم امداد حُسين عرف عيدن ڀٽ کي 1971ع ۾ جڏهن اڪيلو فرزند ڄائو ته اُستاد اميد علي خان جي نسبت سان مٿس نالو به ”اُميد علي“ رکيائين ان خواهش طور تي سندس پُٽُ اميد علي وڏو ٿي استاد اميد علي خان وانگر سنڌ جو وڏڳو راڳي بڻجي. ان لاءِ هُن کيس راڳ جي تربيت ۽ سکيا لاءِ پنهنجي مامي اُستاد زوار محمد جُمن ڀٽ جي حوالي ڪيو. اهو زوار محمد جُمن ڀٽ، جيڪو بابا منور علي شاهه جو شاگرد هو. مست ۽ خوددار طبيعت جو مالڪ، راڳ جو وڏو ڄاڻو ۽ پنهنجي انداز ۽ انگ جو عجيب ڪلاسيڪل راڳي. زوار محمد جُمن جو آواز سندس عُمر جي پڇاڙڪن ڏينهن تائين به تازو، سُريلو ۽ مِٺو رهيو. زوار محمد جُمن ڀٽ، پنهنجي ڏوهٽي اُميد علي کي اهڙي طرح راڳ جي سکيا ڏني جو اميد علي ننڍي عُمر ۾ ئي ڪلاسيڪل انگ اختيار ڪيو ۽ سندس ڳلي مان تانون، پلٽا ۽ سرگم پڪا، پختا ۽ سُريلا نموندار ٿيا. اميد عليءَ جي اهڙي فني تربيت ۽ ٿوري عرصي ۽ ننڍي عُمر ۾ سندس محفلون ٻڌي سندس والد ”عيدن ڀٽ“ ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ کيس گهڻيون دعائون ڏيندو هو. مگر خدا جي قدرت جو اُميد علي اڃا راڳ جي شروعاتي سفر ۾ ئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو ۽ وري جلد سندس نانو ۽ اُستاد زوار محمد جُمن ڀٽ به لاڏاڻو ڪري ويو. اُميد علي پنهنجي فن جو سفر اڪيلي سر جاري رکيو ۽ ڏينهن رات رياض ڪري پنهنجي اُستاد زوار محمد جُمن جي ڪلاسيڪل انگ ۽ لهجي کي نه صرف زنده رکيو بلڪ پنهنجي سُريلي ۽ مٺي آواز سان پنهنجو هڪ الڳ ٿلڳ حلقو به ٺاهي ورتو ۽ نوجواني ۾ ئي هن سنڌ جي چند سُريلن ۽ ڪلاسيڪل راڳين ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو. اهو ئي سبب هو جو سنڌ جي برک راڳي اُستاد سينگار علي سليم ڪي ٽي اين جي مقبول ڊرامي ”بالي“ ۾ کانئس مير علي نواز ناز جي ڪافي ”دلبر ملسي ڪهڙي وار“ ڳارايو. اُستاد سينگار علي سليم سنڌ ۾ تمام وڏي پائي جو گائڪ ۽ موسيقار هو ۽ هُن انهيءَ ڪلام لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي سُريلن ۽ سينئر راڳين کي ڇڏي اُميد عليءَ جي جيڪا چونڊ ڪئي اها وڏي معنيٰ رکي پئي. اُستاد سينگار علي سليم اهو سمجهيو ٿي ته اها ڪافي، اميد علي ئي بهتر انداز ۾ ڳائي سگهندو ۽ سچ پچ اُستاد سينگار علي سليم جو انتخاب ۽ اندازو بلڪل صحيح نڪتو. اميد عليءَ ان ڪافيءَ سان ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ نڀايو، جيڪا تمام گهڻو پسند ڪئي وئي.
اُميد علي ريڊيو، پي ٽي وي، اسٽيج ۽ مختلف ٽي وي چينلز تي به پنهنجي آواز جو جادو جڳايو ۽ ننڍي عُمر ۾ ئي فن جا جوهر ڏيکاريا سو به ڪلاسيڪل انداز ۾. سنڌي ڪافي هُجي يا غزل سندس ڳائڻ جو انگ اڻانگو هو، جنهن کي هو سُريلي ۽ مٺي آواز ۾ پيش ڪري گهڻو داد حاصل ڪندو هو. البت سُرَ ۽ لئه جي ماهر، انهيءَ مسڪين ۽ غريب راڳيءَ وٽ، اُهي گُرَ نه هئا جن سان هو وڏو مقام ماڻي سگهي. سدائين قدردانن جي تلاش ۾ رهيو ۽ انصاف جي گُهرَ ڪندو رهيو، جيڪا ڳالهه هن مُلڪ ۾ ”رڍن اڳيان رباب وڄائڻ“ جي برابر آهي.
اميد علي نهايت معياري شاعري ڳائي ۽ ڪيتريون ئي خوبصورت ڌُنون تخليق ڪيون. هُن منهنجي شاعري به نهايت پيار ۽ شوق ۾ خوبصورت انداز ۾ ڳائي رڪارڊ ڪرائي. اهڙن اسمن ۾ سندس ڳايل منهنجا غزل ”دل جو دلبر ياد اچي ٿو“، ”اي زمانان قرار ڳولي ڏيو“ ۽ ”خوب نظرن سان نهاري ٿا ڇڏيو“ گهڻو مقبول ٿيا. سندس ٻين ڪمپوزيشن ۾ اياز گل جي وائي. ”کسجي ويندي اوچتو آهي هر خوشبو“ ۽ غلام نبي ناشاد جو غزل ”اکڙيون ته مٺا تنهنجون منهنجي جان جلائن ٿيون“ به گهڻو مشهور ٿيا.
هڪ دفعي مون کي ٻڌايائين ته هُن شاهه لطيف جي ڪلام ”پرچن شال پنهوار“ جي نئين ڌُن ٺاهي آهي. مون کيس چيو ته؛ ”اُستاد اها ته اُستاد منظور علي خان جي ڏاڍي خوبصورت انداز ۾ ڳايل هڪ مقبول ڪافي آهي، توهان شاهه لطيف جي ڪنهن ٻي ڪلام جي ڌُن ٺاهيو.“ پر پوءِ جڏهن مون کي اها ڌُن ٻڌايائين ته منهنجي راءِ ساڳي نه رهي ”پرچن شال پنهوار“ ڪافيءَ جي نئين ڌُن ۾ هن وڏي محنت ڪئي هُئي ۽ اُنکي ڪورس جي انداز ۾ پيش ڪيو هئائين. اصل ۾ اُميد علي هڪ تخليقي ذهن رکندڙ فنڪار هو پر افسوس سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي. اُميد علي ڀٽ سنڌ جي اڪثر درگاهن تي منعقد ٿيندر چونڪين ۽ ساليانن ميڙاڪن ۾ باقاعده حاضري ڏيندڙ هو. اسان وٽ روهڙيءَ ۾ بيدل سائينءَ جي درگاهه تي ته هفتيوار توڙي ماهوار محفلن ۾ به اچي ڳائيندو هو. بيدل سائينءَ جي سالياني عُرس مبارڪ جي موقعي تي ته هو منهنجو ٻانهن ٻيلي هُيو. ميلي جي تقريبن جي ڪاميابيءَ لاءِ هُو منهنجو سدائين دعاگو رهندو هو. اُميد علي منهنجي چوڻ تي هر سال بيدل سائين جي ميڙي ۾ بيدل سائينءَ جو نئون ڪلام نئين ڌُن، ڪمپوز ڪري پيش ڪندو ۽ تمام گهڻو داد حاصل ڪندو هو. اهو ئي سبب هو جو سال 2006ع ۾ عُرس جي موقعي تي، سندس فن جي مڃتا طور، بيدل يادگار ڪاميٽيءَ پاران کيس ”بيدل ايوارڊ“ ڏنو ويو. اميد عليءَ جون ڳايل نين ڌُنن ۾ بيدل سائينءَ جون ڪافيون؛ صورت جو سردار، جوڳي والي ويس ۾، لُٽ ڏتئي دل ساڏي، جاني جوڳي دا ڪر بهانا، نئون نياپو آيو، عشق دا اعليٰ شان، ڪونه ڏٺو سي جڳ منجهه جيڏيون ۽ آوس نيڙي يار تمام گهڻيون مقبول ويون ۽ پسند ڪيون ويون.
بهرحال اُميد علي ڀٽ پنهنجي آواز ۽ فقيري طبيعت جي واس سان سدا حيات رهندو. هن پنهنجي ننڍي عُمر ۾ ئي سنڌي راڳ جي جيڪا خدمت ڪئي. ان سان سندس نالو روشن رهندو. گذريل سال روهڙيءَ ۾ بيڪس سائين جي سالياني عُرس جي موقعي تي ٿيندڙ محفل، منهنجي اکين آڏو اُميد علي جي هڪ سدا حيات ياد بڻجي ڦري رهي آهي، جنهن ۾ اسان جي بزرگ سائين فقير مٺل مسرور کانئس اُستاد اُميد علي خان جي ڳايل ڪافيءَ ”منهنجا ڪيچي قول ڪري ويا“ ڳائڻ جي فرمائش ڪئي ته پوءِ اُميد علي خان جي نسبت سان سندس نالي جو اثر هو يا اُميد عليءَ جي پنهنجي مٺي ۽ سُريلي آواز جو تاثير جو هن اهڙي ته خوبصورت انداز ۾ اها ڪافي ڳائي جو اسين سڀ سندس آواز ۽ انداز ۾ محو ٿي ويا هئاسون. اڄ اسين پاڻ اُميد علي جي جوانيءَ ۾ وڇڙي وڃڻ تي، اهو چئي رهيا آهيون ته: ”منهنجا ڪيچي قول ڪري ويا، هيءَ نه ويل وڃڻ جي.“

No comments:

راءِ ڏيندا