; سنڌي شخصيتون: علي بابا

02 September, 2016

علي بابا


علي بابا
سنڌي ڪهاڻيءَ جي نڪ جي ڦُلي جهڙو
شوڪت لوهار
هن پنج ڪروڙ خاندانن ۾ انسان ٿي جيئڻ ڪيڏو ڏکيو هوندو. اِها ڳالهه ڪنهن انسان کان ئي پڇي سگهجي ٿي. چاهڻ جي باوجود ڪن ماڻهن کي خريدي نه سگهبو آهي، ڪي بي مُلها ماڻهو املهه ٿيندا آهن. مفادن جي لُٻيل دنيا ۾ رهندي ڪڏهن ڪڏهن احساس جا ڪاريهر ڏنگ هڻندا آهن، اسان کي واقعي ڪنهن به آدرش ۽ حقيقي سچي ۽ سادي سلوڻي ماڻهو جي ضرورت ڪو نه آهي، اسان وٽ اهي ئي اگهامجي وڃن ٿا، جيڪي خوشامد ڪرڻ، ڪي شارٽ ڪورس ڪيل ۽ ڪي ته وري عالماڻيون ڊگريون حاصل ڪيل هوندا آهن.


ادب زندگي جو آئينو آهي، الائي زندگي ادب جو آئينو آهي، خبر ناهي ڪهاڻي، ناول يا تخليقي لکڻي واقعي اڻ ڇهيو سچ ٿين ٿا يا ڪنهن جي تحقيق جا چوري ٿيل ڪجهه پنا پنهنجي نالي ڪرائڻ کي حقيقي سچ ڪوٺي سگهجي ٿو. اسان وٽ جهڙي نموني سنڌي ٻولي سان قيامت صغريٰ برپا ڪئي ويئي آهي، تهڙي نموني سنڌي ٻولي جو پورهيو ڪندڙن اديبن کي به آخر ۾ انتهائي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پون ٿا، ڪي ته ڪسمپرسي واري زندگي گذاري سڀ ميارون پنهنجي اندر ۾ سانڍي هن جهان لاءِ هڪ سواليه نشان ڇڏي وڃن ٿا، پر ڪي ڪي داد فرياد ڪري سرڪار نامدار کان ڪجهه نه ڪجهه وٺي پنهنجو علاج ڪرائي وري بيمار ٿيڻ جو انتظار ڪن ٿا.
مون کي خبر ناهي ته مان هي ميار لکان ٿو يا ڪنهن ارڏي اديب کي ڀيٽا لاءِ بيان ٺاهي رهيو آهيان. بهرحال، مون کي سنڌ جي سچي پچي، ٻهڪڻي ۽ ٻهڳڻي ليکڪ علي بابا جي مرتئي تي اهي خيال خبر ناهي ڇو ائين اسٽيل جا ڪوڪا ٿي معز ۾ لڳي رهيا آهن.
جيڪڏهن ماڻهو تخليقڪار، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس ٿي پئي ته ان لاءِ جيئڻ ڪيئن هوندو؟ وري جيڪڏهن طبيعت عجيب قسم  جي داخليت ۽ خارجيت جي جنگ ڪندي گذري ۽ ماڻهو جي رڳ رڳ ۾ ارڏائپ ۽ سمجهوتو نه ڪرڻ، گيسيون نه ڪرڻ، گوڏا نه کوڙڻ ۽ هروڀرو ڪاسميٽڪ محفلن جي ڪرسين تي برجمان نه ٿيڻ واري طبيعت هجي ته حقيقت ۾ هن هيڏي ساري خونخوار جاندارن ۾ جيئڻ ناممڪن ٿي پوي ٿو ۽ اهي سڀ تمثيلون ۽ استعمارا علي بابا جي طبيعت تي ائين سونهن ٿا ۽ فٽ اچن ٿا جيئن هُن دنگي منجهه درياهه کي فٽ ڪيو هو.
واسطن، رسمن، رابطن، سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل گٽر ۾ تبديل ٿي ويل دنيا جتي قبر ۾ لهندڙ پنهنجي مائٽ ميت سان سيليفون ورتيون وينديون هجن، جتي جديد سيليفين ۾ ڳاڙها نيرا دونهان ڦوڪيا ويندا هجن، اُتي علي بابا جهڙي طبيعت جو مالڪ ماڻهو ڀلا ڪٿي ٿو انهيءَ ڪڇ ماپ ۾ پورو اچي سگهي؟ خبر ناهي ته هو مري ويو آهي يا اسين مري ويا آهيون، اهو فيصلو ڪرڻ ڪو ايڏو مشڪل ڪو نه آهي. سنڌي ڪهاڻيڪار کي جڏهن گولي لڳي ر هي هئي اُتي خبر ناهي ڇو پر علي ۽ ماڻڪ جي ڪهاڻين کي ڪيئن نظرانداز ڪيو ويو هو؟ اهو هڪ سوال آهي، جنهن جو بهرحال جواب ملڻ ضرور گهرجي.
علي بابا اسان جي نظر ۾ ڀل غريب هُجي پر هو پنهنجي تخليقي پورهيي ۾ ڍنگ شاهوڪار هو ۽ هو اسان لاءِ پنهنجي تخليقي پورهئي جي اڻ ميي دولت ڇڏي ويو آهي. علي جون ڪهاڻيون نج اصلي، سڌي، سلوڻي ٻولي ۾ لکيل آهن، سندس ڪردار ۽ ڪهاڻين جي اڻت ۾ هن مِٽي جا ماڻهو ۽ سنڌو جل جي ميٽوڙي پاڻي جو ريج آهي. هن جي تخليق ڪنهن کان متاثر ٿيل ڪو نه آهي، هن جي انسپائريشن هي پوري ڪائنات هئي. هو ڇڙواڳ ۽ رولاڪ طبيعت جو مالڪ هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪي رولاڪ اهي شاهڪار ڇڏي ويندا آهن، جيڪي ايندڙ نسل لاءِ هڪ وڏو اتساهه ثابت ٿيندا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سٺ ۽ ستر وارو ڏهاڪو سنڌي ادب لاءِ هڪ سونهري دور جيان اڀريو، جن ۾ اُهي اُهي اديب اڀري آيا، جن جي لکڻين سنڌي قوم ۽ مڙني پڙهندڙن کي پنهنجي منزلن جا گس فراهم ڪيا، انهن ۾ علي بابا به هڪ هو.
علي بابا پنهنجي ٽيمپرامينٽ ۾ هڪ مڪمل ۽ ڪل وقتي اديب هو. عجيب ڳالهه آهي ته علي کي پنهنجون سموريون ڪهاڻيون برزبان ياد هيون ۽ پنهنجي ناول موهن جو دڙو جا مڪمل باب ياد هئا، جيڪي هو پنهنجي مخصوص سنگت جي هلڪي سان ونڊيندو رهندو هو. علي بابا هڪ ڪهاڻيڪار، ناول نگار هجڻ سان گڏ هڪ شاعر ۽ ناٽڪ نويس پڻ هو، سندس ناٽڪ ”دنگي منجهه درياهه“ پي ٽي وي تان نشر ٿيو ۽ جرمني تائين ان جي گونج وڃي پهتي جو اتان ان کي اعليٰ ايوارڊ پڻ مليو، جنهن جو مشهور گيت ”اسين ماڻهو لاڙ جا، درياهه جي پڇاڙ جا اترڙو ٿو لڳي“ پڻ علي بابا پاڻ سرجيو هو جيئن صدين تائين ياد رکيو ويندو.
ريٽنگ جي ريس ۾ ڦاٿل قومي ميڊيا کي ڪهڙي خبر ته علي بابا ڪير هو، پر ان کان به وڌ هن نئين نسل جو ڇا ڪجي جنهن لاءِ علي بابا جو کوڙ هپي ڇوڪرن تي ڪهاڻيون ۽ ڪهاڻين ۾ ذڪر ملي ٿو. اسان جي جڳاڙي اديب ۽ دانشور لاءِ فوٽن جا چمڪاٽ ۽ پنهنجي پيسن سان ملهايل سالگراهون ان لاءِ آڪسيجن هجن ٿيون ۽ هڪ اڌ ڪتاب ڪجهه ٽڪا پيسا خرچ ڪري لکرائي وچئين ڪرسي تي صدارتي مهمان بڻجي ويهن ٿا. بس اها ئي ڪل ڪمائي آهي پر هي جيڪو علي بابا هو اهو ته انهن سڀ ڇمڪڇلو لفظن جي ويڪائو واپارين کان گهڻو مٿي هو. هو ڪڏهن ڪنهن محفل ۾ ڪونه ويٺو ۽ جي آيو ته وري وڃي ڪا ڪنڊ جهليائين، هو فوٽن جي چمڪاٽن کان ائين پري رهيو جيئن ننڍڙا ٻار کنوڻين جي تجلن کان پري رهندا آهن.
اصل ۾ مسئلو اهو آهي ٻن مُنهن واري هن دنيا ۾ جيئڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، جيستائين پنڊال ۾ سرپرست اعليٰ جي آمد ۾ دير نه ٿئي ۽ هو ٿلهن ٽائرن واري گاڏي مان نه لهي ۽ ان سان گڏ ڪي هڪ ٽن کن ڪتاب ۽ ڪجهه واٺا نه هجن ته هُن کي هي معاشرو اديب قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. علي بابا ههڙن مصالحا اديبن کان الڳ هو. هُن جي مرتئي هروڀرو ڪنهن کي ڊسٽرب ڪو نه ڪيو آهي، بلڪه هن جي زندگي به ڪنهن کي سورن ۾ ڪو نه وڌو. اسان وٽ سوشل ميڊيا تي بس ٿوري گهڻي پرچار هلي آهي ته هڪڙو  اديب جنهن انيڪ ڀلوڙ ڪهاڻيون سرجيون، ناول ۽ ناٽڪ لکيا، اهو اڄ چپ چپ ۾ پنهنجي گهر ڪوٽڙي ۾ هي فاني جهان ڇڏي ويو آهي، پر پوءِ به ڪي لفطن جا جادوگر علي تي تعزيت ناما لکي کيس پنهنجي جگري دوست ۽ ساڻس گڏ وقت گذارڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهن، ڀلي ڪن مئي پڄاڻان ڀلي ڪهڙي به دعويٰ ڇو نه کڻي ڪجي مئل ماڻهو ڪهڙو مياري ٿيندو. ويجهڙائي ۾ انڊين مووي موهن جو دڙو ٺهي آهي، جنهن جي ٽريلر تي پڻ کوڙ اعتراض واريا ويا آهن پر ڪاش علي بابا جي ناول موهن جو دڙو تي اها فلم ٺهي ها ته اها هڪ بلاڪ بسٽر ثابت ٿئي ها پر ڇا ڪجي اسان وٽ ته اهڙو ادارو جڙيو ئي ناهي ۽ نه جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
علي بابا هڪ املهه انسان ۽ موجوده ٽهي جو مهندار ڪهاڻيڪار ۽ تخليقڪار هو. هن جي ادبي پورهئي کي گڏ ڪري ڇپائڻ ۽ ان تي تحقيق جي ضرورت آهي، هو انسان هو انهن پنج ڪروڙ جاندارن جي وچ ۾ جنهن ڪهاڻي سازي ڪرڻ ۽ ادب سازي ڪرڻ جو هنر ڄاتو ٿي، جيڪو گهٽ قلم ڌڻين جي حصي ۾ ايندو آهي. ڪهاڻي ڇا آهي؟ ڪهاڻي تنهنجي ۽ منهنجي اها قيامت آهي جيڪا ڪڏهن به ختم ڪو نه ٿئي ٿي. ڪهاڻي کي نه ئي گولي لڳي آهي، ڪهاڻي بس ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي نه مستطيل آهي، نه چورس نه ٽڪنڊي ڪهاڻي ته بس ڪچڙيءَ وهيءَ ۾ محبوب پاران موڪليل ڦوٽن ۽ سونهن سان ڀريل اهو رومال آهي جنهن جي سڳنڌ ڪڏهن جهڪي ٿي نه ٿي سگهي.
ڀلي اوهان خواب نگاري، حقيقت نگاري ۽ منظر نگاري جي چو واٽي تي ڪهاڻي جو قد ۽ ڪاٺ ماپيندا هجو، پر ڪهاڻي ته نمن ۾ نموري بڻجي نڪري اچي ٿي. ڪهاڻي هر ساهه جي ڌوڻي آهي. بس ڪهاڻي چونڊڻ وارو ڪوئي هجي. هر طرف ڪهاڻيون ئي ته پيون آهن، جيڪي بعد ۾ ڊرامو، فلم، شاعري ۽ پينٽنگ ٿي پون ٿيون، بس ڳالهه اها آهي ته ڪهاڻي ۾ ڪجهه ٿيڻ ڪجهه هجڻ جو احساس آخر تائين واري کي گهلي وڃي، آخر ۾ ڀلي ڪجهه به نه ٿئي پر پوءِ به ڪي ڪهاڻيون ڪي آکاڻيون ائين ختم ٿي وينديون آهن ۽ اهو به ڪهاڻي جو هڪ انداز آهي. جيئن سيمئوبيڪٽ جو ”ڪجهه به نه“ سڀ ڪجهه آهي. اصل ۾ هي پاپولر دنيا ۾ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ ۽ گهڻن جو پيٽ گذر بڻجندڙ ڪهاڻي آخر ۾ خود انهن جي ڳچين ۾ هٿ وجهي ڀڄي ٿي ته هي مون کي ڪٿي آڻي تو بيهاريو آهي؟
سنڌ جو سمرسيٽ ماهم ۽ جارج آرول جهڙو اديب علي بابا به ڪجهه اهڙي ئي ڪهاڻي جو سرجڻهار هو، جنهن جي ڪهاڻي ۾ اوهان کي ڪهاڻي پڻو ملندو ۽ هو انهيءَ هنر ۾ رولاڪ ۽ رمتو جوڳي بڻيو، جو ماڻهو کي مشاهدو آهي، اهي حقيقتون فراهم ڪندو آهي جنهن جو هو سوچي به نٿو سگهي. علي سنڌي ڪهاڻي جي ڪنوار جو گهوٽ هو ۽ هو جديد ڪهاڻي جي ليکڪن جو سردار هو. هو پنهنجو وقت ڪهاڻي کي ڏيئي ڪهاڻي کي جياري ويو آهي.
علي بابا
سِنڌوءَ جي سِيرَ، سائين علي بابا..!!
احمد شاڪر
اسان سِنڌيُن کي وڏن کان ٻَه ئي وَرِثا مليا آهن. اُهي هي آهن ته، هڪ سِنڌو درياهه ۽ ٻيو مُوهن جو دڙو! پر، اسان ٽيون به وڏن جو ورثو مِحسُوس ڪندا ٿا اچُون، ۽ پنهنجن اِيندڙ نسلُن ۾ نه به چاهيندي وِرڇيندا ٿا اچُون، اُهو ٽيون ورثو آهي، “سُورِ.!” جڏهن وقت جي بيدرد وِيرُن اسان جي وڏڙن جي اَثاثن کي مِٽائڻ شُروع ڪَيو، اُنهن جي وجُودي سُڃاڻپَ کي ڇِيهو رَسائڻ لَڳيُون ته، اُن وقتِ اسان خاموشيُن جي نازُڪ پَر، بيدرد سَنگهرن ۾ سوگها بڻجي پنهنجي شاندار ماضيءَ جو مُکِ چِهرو مِيسارجندي ڏِسي رَهيا هُئاسين ۽ اڄ سوڌو ڏِسي رَهيا آهيُون! سِنڌو درياهه جي بَرباديءَ، تَباهيءَ تي جيڪڏهن سِنڌ ۾ ڪو روئڻ وارو آهي ته، اُهو سائين علي بابا آهي! هُن پنهنجيءَ ذاتِ کي ڪِٿي ظاهر ناهي ڪَيو، پَر قومِيت کي ظاهِر ڪِيو آهي. هُو جيڪو رِندِ، بَلوچ سَڏائڻ تي نه پَر، سِنڌي سَڏائڻ تي فخُرِ ڪندو آهي. ۽ سِنڌ کي ماءُ مَڃيندو آهي ۽ سِنڌو درياهه کي پُوڄيندو آهي! سائين علي بابا سِنڌ جو اُهو اُداس رُوح آهي، جيڪو گامَ، گامَ، گليءَ، گليءَ، بَنَ، بَنَ مَنجهه اُنهيءَ سِنڌ کي ٿو ڳولهي، جا مَهاراجا شَهيد راجا ڏاهر جي دَورَ واري سِنڌ هُئي. ۽ شهيد دُولِهه درياهه خان جي وقتَ واري شانَ، شوڪتَ ۽ بَختَ واري سِنڌ هُئي. سائين علي بابا اُنهيءَ سِنڌو درياهه جو مُتلاشي آهي، جنهن جي ٻِنهيُن ڪنڌِيُن تي ٻيلا هُوندا هُئا، ۽ جنهن جو پاڻي آبِ حياتِ هُوندو هُيو. سائين علي بابا هميشه پنهنجي قلمَ منجهان جيڪي لِکڻِيُون تَخليِق ڪَيُون آهن، اُنهن جا ڪردارَ به “سِنڌ جا سُورِما!” آهن! اڄ وقتِ ڪيڏو نه بِيرَحم ٿي ويو آهي، يا کڻي اِيئن چَئجي ته ٿيندو ٿو وَڃي، ته جيئن سِنڌ ۽ سِنڌو درياهه سائين علي بابا کان ڏُورِ ٿيندا ٿا وڃن، ته اِيئن ئي ساڳي رَفتارِ تَحتِ اسان ۽ توهان کان سائين علي بابا ڏُورِ ٿيندو ٿو وڃي.! اسان کان سائين علي بابا جي دُوريءَ جا ڪِهڙا سَببَ آهِن؟ اِنهيءَ ڏُوريءَ جا پِيرا سُبتا به بَلڪي اُبتا کڻڻا پِوندا، اِها حقيقتِ سامهون ايندي ته، سائين علي بابا اسان کان نه، پَرَ اسان سندس کان ڏُورِ ٿي وَيا آهيُون.! ڏاها چوندا آهِن ته، “نظرِياتي يا سينيئر ساٿي ڪڏهن به مايُوس نه ٿيندو آهي، ۽ کين مايُوس ٿِيڻ به نه گُهرجي.!” سو اِها ڳالهه به پَڪَ تَحتِ چَئي سَگهجي ٿي ته، سائين علي بابا قطئي طورِ تي نه مايُوسِ ٿِيو هُيو، نه ٿِيو هُيو ۽ نه ئي وِري ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ، هُو (سائين علي بابا.) سِنڌ ۽ سِنڌو درياهه جو عاشِق آهي! ۽ عاشِقن جو اُصُولِ هُوندو آهي ته، هُو نه مايُوسِ ٿيندا آهن. ۽ نه ئي وري مايُوسِ ٿي ڪَري پاڻ کي مياري ثابِت ڪندا آهن.!
سائين علي بابا جي لِکڻِيُن منجهه اُهي سَڀِ معيارَ موجُودِ آهِن، جيڪي عالمي اديبن جي لِکڻِيُن منجهه هُوندا آهن. اِهو ثابِت ڪَرڻ جي لاءِ ڪِهڙي وضاحَتَ پِيش ڪَري سَگهجي ٿي! سائين علي بابا جي لِکڻِيُن جي مَعيارَ کي اُهو ئي سَمجهي سَگهي ٿو، جيڪو خُودِ سِنڌ ۽ سِنڌهو درياهه جو پُوڄاري هُجي. يعني، “جَلِ پُوڄاري!” ڇاڪاڻ ته ، سائين علي بابا سِنڌ جي زندهه ماضيءَ ۽ تَباهه حالَ کي نه صِرف پَرکي لِکيو. پَر، پُرجهي به لِکيو آهي. ۽ سائين علي بابا سِنڌو درياهه جي پاڻيءَ کي مَسِ بَڻائي لِکيو آهي. ۽ سِنڌو درياهه جي پاڻيءَ کي حَياتِ شَبيهه سَمجهي ڪَهاڻِيُن جي فُقرَنِ ۾ نَقِشَ چِٽيا آهن، اُهي نَقِشَ اَمرڪوٽ ۽ رَنيءَ ڪوٽ جي بُرجن جان ڀاري ۽ مُتوجهه ڪندڙ به آهن.!
هِڪڙا ماڻهو تارِيخ ٺاهيندڙ ٿيندا آهن، ته هِڪڙا وَري تارِيخ جو حِصو ٿيندا آهن، ته هِڪڙا وَري تارِيخ سازِ به ٿيندا آهن! سائين علي بابا تارِيخ ٺاهيندڙ به آهي ته، تارِيخ جو حِصو به آهي ته، تارِيخ سازِ به آهي! ڇاڪاڻ ته سائين علي بابا جي ناولن، ڊِرامَنِ ۽ ڪَهاڻِيُن ۾ سِنڌ جي شاندارِ تارِيخ جا بابَ به آهن ته، موجُوده وقتَ جي عڪِسِ بندي جا چِٽا، پِٽا عَڪِسَ به چِٽيل آهن. ڀَلا! لِکن ته هَزارين، لَکين رائِيٽر ٿا پر، اِهڙي ڪِهڙي ڪَمالِ ڪارِيگِري چَندِ رائِيٽرن جي قَلَمَ منجهه پَناهه ٿي وَٺي، جو هُو هَرِ اِيندَڙِ نَئين نَسُلَ جا جِينيئسِ ليکڪ بَڻجي وَڃن ٿا! جي جيڪڏهن اِن ڳالهه جي نُقطي کي ذِهنَ جي شاهراهه تي دَليلن سان ڊوڙائجي ته، اُنَ جو اِهو ئي نَتيجو نِڪرندو، اُهو نَتيجو اِهو هُوندو ته، اُهو ليکڪ هَرِ ايندڙ نئين نسُلَ جو ”جِينيئسِ رائِيٽر“ ٿو بَڻجي وڃي. جنهن جي لِکڻيُن منجهه پِهريان پنهنجي خِطي جي دَردن ۽ سندن دَرمانن جي عڪسِ بندي کان ويندي عاِلمي لِيول جي دَردن جِي عڪسِ بندي جا معيار هُجن! سو بُلا شُبا! سارا معيارَ سائين علي بابا جي لِکڻيُن منجهه آهن. ۽ سائين علي بابا جي قَلَمَ منجهه جا مَسِ آهي اُها سِنڌهُو درياهه جو آبِ حياتِ آهي. تڏهن ئي ته هر پڙهندڙ جي تَنَ ۾ سائين علي بابا جي لِکڻي ڇاتيءَ جي کاٻي پاسي بَسيرو ڪَري ويهِي ٿي رَهي!
وقت به وقت هڪڙيُون ننڍڙِيُون پَرَ پُر اَثرِ ڳالهيُون منظرِ عام تي آيُون ته سائين علي بابا سِنڌ جي ادبي پِروگرامن کان ڇو ڏُورِ آهي؟ يا وري ته سائين علي بابا اِنعامن، اِڪرامن ۽ اِعزازن کان ڇو پَري آهي؟ اُنَ ڏسَ منجهه سُهڻي صحافيءَ نِثار کوکر جو ڪالم به روزاني ڪاوش اخبار ۾ لڳو هُيو، ۽ ٻين سنڌ جي باشعُور دوستن به ڏاڍو سُهڻو لِکيو ته ، سائين علي بابا اسان کان پَري ناهي، پر اسان پَري آهيُون، سائين علي بابا کان! سو پاڻ کي ميارِي ٿِيڻو ناهي، متان تارِيخ ڪاريءَ مَسِ جي اکرن مَٿهان ڳاڙِهيءَ مَسِ سان ضَرِبِ جي نِشاني ڪَڍي اسان کي دوشي ٺِهرائي! سو وِکُون اڳتي وڌائِيُون، ۽ سائين علي بابا کي اڳيان ڪري بِيهارِيُون! سَچِ ته سِنڌي ادبَ منجهه سائين علي بابا چَمڪندڙَ سِتارو آهي.طارِق عالم ابڙي جي هيءَ راءِ به سائين علي بابا جي آدِرشن کي ڪيڏو نه چِٽو ڪري، صافِ، سُهڻو نَمُودارِ ڪَري ٿي بِيهاري ته، “علي بابا سِنڌي زِبان جو اُهو لِيکڪ آهي. جِنهن اِعزازن ڏانهن نه، پَرَ جنهن ڏانهن اِعزازن هميشه واجهايو آهي!”
مُون پِهريون ڀيرو جِيجي زَرينا بَلوچ جي سَنهڙي آوازَ ۾ ٻُڌو هُيو، سو گِيت هِيءُ هُيو، “اسِين ماڻهو لاڙَ جا_درياهه جي پاڇاڙَ جا.!” هاڻي جيڪڏهن ڪِنهن کان پُڇا ڪجي ته بابا! هِيءُ گِيت ڪِنهن جو ٿي سَگهي ٿو، يا ڀَلا! ته هِن گِيت جو سَرجڻهارِ_شاعِر ڪير آهي؟ ته جوابِ مايُوس ڪندڙ ملندو ته ، خبر ناهي، گُمنام شاعر.!هاڻي هِيءُ گيت نئين اندازَ ۾ ٻه ٻُڌِڻ ۾ آيو آهي. مُختلف فنڪارَ ۽ فنڪارائُون ڳائِن ٿِيُون. مَسئلو ڇا آهي، ته هُو گِيت هِيٺان لِکن ئي نه ٿا ته هِن گِيت جو شاعِر سائين علي بابا آهي. اسان جي سِينيئر لِيکڪن تي اِها ذِميواري ٿي ته، اُهي سائين علي بابا جي شاعري وٺي ڪِتابي صُورتِ ۾ عامَ تائين آڻِين. پوءِ اُها ڪِيتري به تعداد ۾ هُجي!


ڳالھيون علي بابا جون
نصير ميرزا
علي سڌرندي ڪو نه!؟ اهي لفظ منهنجا، ٿورو ئي آهن، هن جا پنهنجا آهن، ڪنهن جا؟ خود علي بابا جا ۽ ڪوٽڙي شهر اندر هي شايد ساڻس ئي رهاڻ جي ڪا محفل هئي. جو اسٽيج تي سندس ڀرسان ويٺي ويٺي، ڊائري کولي مون سندس گوڏن تي رکي، وينتي ڪئي هئي مانس آٽو گراف ڏيئي سگهو ٿا؟ يڪدم ئي پنهنجي سهڻن سهڻن هٿ اکرن ۾ لکي ڏنو هئائين ”علي سڌرندي ڪو نه... امان اڪثر چوندي اٿم.“ عليءَ جو ماءُ جي حوالي سان آٽوگراف طور ڏنل اهو اعتراف، ان وقت مون ڇا پڙهيو هو، يڪدم ئي اردو شاعر مِيرا جِي ياد اچي ويو هئم، جيڪو پڻ علي بابا وانگر ئي سيلاني سڀاءُ هوندو هو ۽ لاهور ۾ ماءُ کي اڪيلو ڇڏي دهلي ڏانهن نڪري ويو هو ۽ هُوءَ هئي جا لاهور مان آئي وئي هٿان ميرا جِيءَ کي نياپا پئي موڪليندي هئي ”او ٻچا موٽ... بابا موٽ“، پر ميرا جِي پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به موٽي لاهور نه آيو ۽ هند جي ڌرتيءَ ۾ ئي سدائين لاءِ سڪونت پذير ٿي ويو.
اجهو انهيءَ ڳالهه تي هاڻي علي بابا جي لکيل ڪهاڻي ’مان گدو بندر جو چريو‘، منجهان، سندس لکيل هي جملا سامهون اچي ويا اٿم ”سڀ چون ٿا تون چريو آهين، سڄي شهر، ڳوٺ وارا... ۽ ٻيا ته ٺهيو... پر خود منهنجي پنهنجي جيجل ماءُ به... ماتا...جنني... ڄڻيندڙ... پالڻهار به چوي پئي...‘ عليءَ جي ڪهاڻيءَ جو اهو پئراگراف پڙهي سوچڻ ٿو لڳان... لارڊن بائرن، ايڊگرالن پو، بودليئر ۽ منٽو وغيره جهڙن چرياڻ ۽ عظيم ليکڪن جون امڙيون به پنهنجي غيرمعمولي ذهين پٽن لاءِ، ڇا اهڙو ئي ڪجهه چونديون ۽ سوچينديون هونديون؟
ڪنهن وقت، عيني آپا ’ڪارِ جهان دراز هي‘ ۾ لکيو هو، گهر ۾ مهمانن جي آمد وقت، خدمتگار خاتون، پاڻيءَ جو جڳ آڻي ٽئبل تي رکيو هو ته رڙ نڪري وئي هئم، اڙي بابا! هي جڳ ته ڪريڪ آهي. تڏهن ڏٺم، منهنجي ننڍڙي ڀائٽي، جيڪا منهنجي ڀرسان ئي موجود هئي، اهو جملو ٻڌي، معصوميت منجهان چوڻ لڳي. آنٽي ڇا ’جڳ‘ به ’ماڻهن‘ وانگر ’ڪريڪ‘ ٿي سگهي ٿو!؟
نه! قسم علي پاڪ جو... آءٌ پنهنجي هن علي بابا کي ڪريڪ نه... جينيئس ڪريڪ ڪري ڄاڻندو هوس. بلڪل ’ايڊگرالن پو‘ ۽ ’سعادت حسن منٽو‘ وانگر ئي پاور فل ’پلي رائيٽر‘، ’منفرد ڪهاڻيڪار‘، ’عاليشان نثر نگار‘ ۽ سنڌي ادب جو بي مثل قلمڪار ۽ تخليقڪار... ۽ اهو ئي بي مثل قلمڪار... ڪنهن وقت روبرو هوندو هو، تڏهن دنيا جي هر موضوع تي ڳالهائڻ لڳندو هو، ته ڀاسندو هئم جهڙوڪر ڪوئي ماورائي روح پيو ڪائناتن کي خطاب فرمائي. ڪنهن محفل ۾ مون هن کي اڇي لباس تي ڪلهي مٿان رکيل ڪاري چادر ۾ ڏٺو، ته مون کي هُو بلڪل ئي ڪنهن شيعه ذاڪر وانگر نظر آيو هو. تازو کيس جانِ جگر طارق عالم جي ورسيءَ تي ڊگهي عرصي بعد روبرو جڏهن ڏٺم ته پنهنجي سائيڊ Look ۾ هاڻي هُو مون کي بلڪل شيڪسپيئر وانگر نظر آيو، برائون وار، ڪُوماڻل چهرو، اکين ۾ صدين جو ٿڪ ۽ چهرو ڄڻ ڏکن ڏوجهرن جي تاريخ.
چيائين پئي: اوهان سمجهندا هوندا ته آءٌ جدا ٿو گهاريان ۽ مون سڀني کي وساري ڇڏيو آهي، حالتون ماڻهوءَ کي الائجي ڇا مان ڇا ڪري ڇڏينديون آهن. آءٌ اوهان سڀني جو آهيان... سڀني جو ۽ هاڻي واعدو ٿو ڪريان نئين نموني جيئڻ جي ڪوشش ڪندس... ۽ پوري عزم سان... ۽ هي علي بابا جنهن هاڻي نئين عزم سان، جيئڻ جي نئين ڪوشش جو واعدو پئي ڪيو... ان شخص کي پهريون ڀيرو مون ڪٿي ڏٺو هو؟ ڦليليءَ واهه جي ڪناري سان، سائين نثار حسينيءَ جي ’پرڀات آرٽ سرڪل‘ واري آفيس ۾... ۽ اهو سن هو اوڻيهه سؤ ٻاهتر... پر رڳو علي بابا ئي ڪٿي! مون ته شوڪت حسين شوري، ڄام ساقي، مشتاق شوري، ماڻڪ ۽ مدد علي سنڌيءَ کي به پهريون ڀيرو ان ئي آرٽ سرڪل جي آشرم ۾ ايندي ويندي ڏٺو هو، جتي فري ٽيوشن سينٽر هوندو هو ۽ آءٌ اتي پڙهڻ لاءِ ويندو رهندو هوس. اجهو هاڻي سندس سڀني همعصرن کي تصور ۾ ٿو آڻيان، ته لڳيم پيو ته ان دور ۾ منجهائنس ڪوئي ماڊرنسٽ هو ته ڪو ڪميونسٽ، ڪو اٿيسٽ ته ڪو وري هيومنسٽ، ڪو مائوئسٽ ته وري ڪو ڪٽر نيشنلسٽ، پر ڀانت ڀانت جون ٻوليون ڳالهائيندڙ انهن سڀني همعصر ۽ همعمر دوستن ۾، علي بابا ان وقت به سڀني جي وچ ۾ مون کي ڪنهن ڏند ڪٿائي ڪردار وانگر نظر ايندو هو. بلڪل جدا ۽ صفا الڳ ٿلڳ... پوءِ ٿورو سُرت ڀريو ٿيس ۽ سندن لکيل ادب پڙهڻ جوڳو ٿيس ته انهن سڀني ليکڪن جون واري واري سان لکڻيون منهنجي نظر مان گذرڻ لڳيون ۽ ڏٺم ته ڪنهن ڪهاڻيڪار... ڪهاڻيون اُبتي ٻوليءَ ۾ پئي لکيون ته ڪنهن وري سبتي ٻوليءَ، ڪنهن علامتي نوع سان پئي لکيو ته، ڪنهن وري جنسي موضوعن تي پئي ڪؤنتل ڪُڏايا... پر انهن سڀني ۾ ان سطح تي به علي بابا جي روش اڃان ئي نرالي نظر آيم. پولار، پاتار، درياهه، قلعه، جبل، ڍنڍون، ڍورا، برپٽ، بيابان، ميدان ۽ الائي ڇا جو ڇا... وري مٿان سندس ڪهاڻين جا عنوان به جڳ جهان کان الڳ ۽ اڇوتا لڳم، ’آڌي رات اتر ۾ ڪانڀو‘، ’ڌرتيءَ ڌڪاڻا‘، ’رني ڪوٽ جا رکوال‘، ’ڪارونجهر جو قيدي‘، ’ٻاليشاهي‘ ۽ ان ئي دور ۾ ريڊيو تان نشر ٿيندڙ هُن جي ڊرامن جا نالا ٻڌم: ’تموچن‘، ’رُڃ جا راهي‘ ۽ پوءِ سگهو ئي ٽي ويءَ تي هن جو شاهڪار ٽيلي ناٽڪ به ڏٺم: ’دُنگي منجهه درياهه‘، ’منو‘، ’رانديڪو‘... ۽ سندس اهڙي هر تحرير ۾ نثر ۽ ڊائلاگس جي ٻولي به دنيا جهان کان بنهه ڌار ئي معلوم ٿيم. مثال طور ’رُساما‘، ’واساما‘، ’الاپ‘، ’ڪلاپ‘، ’ڪامڻ‘، ’ڀاشڻ‘، ’اچانگ‘، ’اُڇانگ‘، ’ٽيلارا‘، ’سيڪارا‘، ’مانجو، تانجو‘، ’ڪوهه‘، ’ڪُڄا‘ ۽ مٿان سندس هر ٻيءَ تحرير ۾ ’رِگ ويد‘، ’اپنشد جي ٻاڻين‘، ’اشلوڪن‘ جو ذڪر اذڪار پڙهڻ لڳس ته ڀاسيم، علي بابا ويهين صديءَ جو نه، ڄڻ پراچين يُگ جو ماڻهو آهي يا موهن جي دڙي واري مانواري ’پروهت‘ جي جُڳ جو. بلڪه مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن وهم به ٿيو ته هيءُ اسان جو علي بابا، ويهين صديءَ ۽ ايڪهين صديءَ بدران، موهن جي دڙي واري پنج هزار ساله پراڻي ’ڪنگ پريسٽ‘ جو متان ٻيو جنم ئي ته ڪونهي. هونئن هتي ڇا هرج آهي ته چئي ڏيان. سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪهاڻيڪار جمال ابڙو صاحب هجي يا پوءِ طارق عالم ابڙو، هي سڀ ۽ سمورا ليکڪ ڪنهن نه ڪنهن پنهنجي پيش رو ڪهاڻيڪار کان ضرور Inspired رهيا آهن، پر انهن ۾، هي علي بابا... نه بابا... پنهنجي افسانوي مطالعي آڌار آءٌ ويساهه سان چئي سگهان ٿو ته، هُو مون کي ڪنهن به پيش رو يا اغرب مغرب جي ڪنهن به ليکڪ کان قطعي به متاثر نه نظر آيو ۽ هن وٽ جيڪو ڪجهه به هو، اسلوب يا اظهار لاءِ شبداولي ۽ اهي سڀ ئي انداز هن جا پنهنجا هئا. علي بابا جي ڪهاڻين ۾ اجاڙ شهرن، ويران کنڊر، پراڻن مندرن، پوڙهن وڻن، پورنماسي راتين، اماوس جي اونداهين جا ٻه منظر به ڏسندا هلو ۽ آءٌ ڀانئيان ته ڀٽائي صاحب جي بيتن واين ۽ اياز صاحب جي شاعريءَ کان سواءِ، شايد ئي نثر ۾ ڪنهن ٻئي سنڌي ڪهاڻيڪار وٽ اهڙا منظر ۽ ان ريت ايئن پئنٽ ٿيل نظر ايندا.
سنڌي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪارن ۾ آءٌ علي بابا کي هڪڙو True وطن پرست قلمڪار ڄاڻندو آهيان. هُو سنڌ جو واحد ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جو پراچين اتهاس... موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، سنڌو درياهه، ٿر جو صحرا، ڪارونجهر ۽ هالار جبل، روپلو ڪولهي، دولهه دريا خان، هوشو شيدي... ۽ انهن سڀني کان سواءِ جڏهن اتساهه ۽ شديد حُب مان هُو ڳالهين ئي ڳالهين ۾ سائين جي ايم سيد جو ذڪر ڇيڙيندو آهي، ته هن جي گفتگوءَ ۾ ڄڻ سنڌو درياهه تارون تار وهڻ شروع ٿي ويندو آهي يا جڏهن هُو ڪارونجهر جبل ۽ روپلي ڪولهيءَ ۽ رني ڪوٽ جو ذڪر ڇيڙيندو آهي، ته نٻل ۽ نحيف هجڻ جي باوجود علي بابا ڄڻ ڪوئي اسٿر ڪارونجهر يا هالار جبل پيو ڏيکائي ڏيندو آهي.
اسان جو هي علي... علي بابا جنهن پوري ڄمار نه سرڪار جي نوڪري ڪئي ۽ نه ڪا ٻي چاڪري... ۽ سدائين صرف قلم جي ئي پورهيي تي فخر ڪيو ۽ آبرو سان زندگي گذاري ڇڏي. ريڊيو جو جڏهن عروج هئو ته هُن اِن اداري لاءِ، ’تموچن‘، ’رڃ جا راهي‘ ۽ ’موکي متارا‘ جهڙا شاندار اسڪرپٽ لکيا. پوءِ پي ٽي وي تي هن ’منو‘، ٻاليشاهي‘، ’روپ ٻهروپ‘ جهڙا ناٽڪ لکڻ بعد ’دنگي منجهه دريا‘ جهڙو ٽيلي ناٽڪ لکيو ته هن تي شهرت جو سج چڙهي آيو ۽ هن کي طرح طرح جي ايوارڊن سان نوازيو ويو (۽ ايوارڊ يافته هستين کي ادارن ۽ سرڪار پاران ايوارڊ ته ڪيئي ملي ٿا وڃن پر پوءِ افسوس پيريءَ ۾ ڪوئي به کين سهارو ڏيڻ ۽ سڀالڻ لاءِ تيار ئي  ناهي هوندو) ۽ ايئن علي بابا ۾ به جيستائين حال هئو، پي ٽي ويءَ جي بي وفا ڪمرشل دنيا هن تان نهال نهال نظر ايندي هئي، پوءِ جڏهن هارون رند، عبدالڪريم بلوچ ۽ محمد بخش سميجي جهڙا زبردست ڊراما پروڊيوسر ئي نه رهيا، ته کانئن پوءِ پتو ئي نٿو پوي ته علي بابا پاڻ ئي پي ٽي ويءَ کي ڇڏي ڏنو يا خود پي ٽي ويءَ هن تي دروازا بند ڪري ڇڏيا، سدائين لاءِ!
علي بابا هاڻي جڏهن پوئين دؤر ۾ مستقل طرح سان ڪراچيءَ ۾ وڃي رهيو، تڏهن ٻاهتر ورهين جو ڄڻ هڪڙو تنها شخص بڻجي چڪو. سندس محبوب ۽ مٺي امڙ ڪڏهوڪو دنيا مان وڃي چڪي آهي ۽ سندس انگل آرا کڻندڙ سَهندڙ اسان جي ڀاڄائي ’بگو‘ به هن کي هاڻي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. مٿان غلام شاهه، سندس اڪيلو ۽ سڪيلڌو پٽ چمڙيءَ جي ڪنهن لاعلاج مرض ۾ مبتلا ٿي، نفسياتي طرح سان ايترو ته ڊڄڻو ٿي چڪو آهي، جو عليءَ جي سهاري کان سواءِ هُو واش روم تائين به اڪيلو وڃڻ لاءِ تيار نظر نه ايندو هو. ٿورو وقت ٿيو ته ’منهنجي طارق‘ جي ورسيءَ تي، ڊگهي عرصي بعد مون هن کي روبرو ڏٺو. لڳم، ميڻ بتي ٻري ٻري هاڻي ڳري ئي چڪي آهي. تڏهن کيس ڏسي دل ۾ چيو هوم، هي علي بابا مصر ملڪ ۾ جي ڄمي ها ته اڄ نجيب محفوظ هجي ها، آوار روس ۾ پيدا ٿئي ها ته رسول حمزه توف سڏرائي ها. لئٽن آمريڪا ۾ ولادت ٿئيس ها ته پڪ سان گارشيا مارڪئيز هجي ها. چليءَ ۾ ڄمي ها ته ميلان ڪنڊيرا سڏرائي ها. هندستان ۾ جي ڪنهن بڙ جي وڻ هيٺان پلٿي ماري وڃي ويهي رهي ته ماڻهو سمجهن ها ته گوتم ٻڌ گيان ۾ گم آهي... ۽ گذريل سال جون ۾ مون هن کي طارق جي تڏي تي به اڪيلو اڪيلو ئي ويٺل ڏٺو هو ۽ ان وقت هُو پنهنجي مُنهن ڄڻ ڪائناتن سان ڳالهائي رهيو هو... ۽ هٿن جي اشارن سان ڄڻ هوائن ۽ درياهن ۽ ستارن جا رخ موڙي رهيو هو. تڏهن ياد آيم ڪنهن زماني ۾ مون هن کي ولر دوستن جي وچ ۾ چهڪندي به ڏٺو هو ۽ ٻهڪندي به. علي بابا يعني هي دراوڙ ۽ سپوت پُٽ پنهنجي حصي جي ڏُکي سُکي زندگي شديد مفلسي ۾ گذاري دنيا تياڳي تاريخ ۾ سدائين جاڳڻ لاءِ، ڪالهه بلا آخر سنڌ جي مٽيءَ ۾ سدائين لاءِ وڃي سمهي رهيو.


علي بابا
سندس وڇوڙو
گل مورو
اهو غريب گهراڻي جو علي محمد جيڪو مني صديءَ تائين تخليقي سفر ڪندي جاکوڙ ۽ جستجو جي تلاش ۾ مگن رهندڙ سنڌ، ڀٽائي ۽ سيد جي فڪر سان سڄي زندگي عشق نڀائيندڙ جيڪو اڳتي هلي ادبي آکاڙي ۾ ”علي بابا“ بڻيو. جنهن جي مزاج ۽ من ۾ ڌرتي جي خوشبوءِ سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي ۽ هر تخليق ۾ ڌرتيءَ جو احساس ۽ اظهار نظر ايندو هو. علي بابا جي سمورين ڪهاڻين ۾ سنڌ، وطن ۽ مٽي هاڻن ماڻهن سان ڪمينٽمينٽ فطري ۽ حقيقي سچن جذبن جو اظهار، سماجي تاريخي شعور جو ادراڪ، هن جي شخصي توڙي سنڌ شناسائي وطن پرستي، سنڌ جي مٽي، سنڌوءَ جي پاڪ پويتر پاڻي، ديس جي پهاڙين، ڪاڇي توڙي ٿر جي ٿوهرن، ڌرتي جي پياسن توڙي پيٽ بکايل ۽ ڏيهه جي ڏکويلن جو درد ڏک ۽ پيڙا سندس هرڪهاڻي جو مک موضوع آهي.
علي بابا پنهنجي غريبي جو بار بار ذڪر ڪندو چوندو هو ته آئون غريب گهراڻي سان تعلق رکندو آهيان ان ڪري منهنجون ڪهاڻيون به غريبن جونِ عڪس آهن هي فقير منش انسان هيڏو وڏو ڪهاڻيڪار، ناول نگار، اديب هوندي ڪڏهن به خواهشن جو غلام نه رهيو نه وري ٺلهي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن اداري جي چمچاگيري، نه وري سرڪار اڳيان جهولي جهلي، نه خيرات گهري نه چاليهه چورن جو هي سنڌ جو علي بابا ساٿي بڻيو. سدائين وطن ۽ ٻولي جي عشق ۾ هن سموري جهان کي پل صراط سان تعبير ڪندي پنهنجي فن ۽ فڪر سان نڀائڻ ۾ مشغول رهيو. هر گهڙي جدوجهد يعني عملي ماڻهو پنهنجي فن جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته؛
”ڪڏهن ڪڏهن خود پنهنجو جيون به پرايو لڳندو آهي ماڻهو ته سڀ هڪ جهڙا هوندا آهن پر ان سڀني تي ٻين جو غلبو هوندو آهي ڪو به ڪنهن جو ناهي هوندو، مان ڀلا پنهنجو ڪڏهن رهيو آهيان، مون پنهنجو پاڻ کي ايتري اهميت ڪڏهن ڏني آهي جو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ذات حوالي سان ڄاڻي سگهان؟ مان ته پنهنجي زال جو هان، پنهنجي پٽ، پنهنجي ڌيءَ جو هان! پوڙهي ماءُ ۽ پيءَ جو هان! ڳوٺ وارن جو هان! سنگتين ۽ ساٿين جو هان! الله الله زندگي به ته ڇا عذاب آ هر وقت ماڻهو ڪوڙ جي گورک ڌنڌي ۾ ڦاٿل رهن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي ائين مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏين ٿا،“. سنڌ جو نامور اديب پروفيسر عبدالغفور ميمڻ علي بابا جي ڪهاڻي واري فن تي لکي ٿو ته ”علي بابا جون ڪهاڻيون بنيادي طور تي ٽن پهلوئن تي جڙيل آهن هن جي ڪهاڻين جو پهريون عڪس اهو آهي ته ڪهاڻين جا جيڪي به ڪردار آهن انهن ۾ گهڻي قدر ديس ڀڳت ۽ وطن دوست اهي ڌرتي ڌڻي آهن جن جي پيرن هيٺان سندن ئي ڌرتي کسڪائي پئي وڃي هي اهي ماڻهو آهن جن تاريخ جي هر دور ۾ ڌرتي جي خوشحالي، امن ۽ آجپي لاءِ پنهنجي سرن جا نذرانا ڏنا پنهنجي لال لهو سان سنڌوءَ جي سينڌ کي سنڌور هڻي سيراب ڪيو جن جو فڪري ٽڪراءُ انهن قوتن سان رهيو آهي جيڪي هميشهه سنڌ وطن جو استحصال ڪندا رهيا آهن. هي اهي ڪردار آهن جيڪي وقت به وقت استحصالي ڌرين تهذيبن ۽ تمدن کي نيست و نابود ڪندڙن سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا آهن جيڪي مذهب جي نالي ۾ انسانيت جو قتل ڪندڙ تاريخ جي ڦيٿي کي پنهنجي مرضي سان هلائڻ ۽ قومن جي تاريخي حيثيت جا انڪاري رهيا آهن“ جڏهن ته علي بابا جي ڪهاڻين جو ٻيون رخ ڌرتي ڌڻين جا معاشي مسئلا جن جي لاءِ سڪل ڍوڍو به ڪائنات جيڏي اهميت رکي ٿو. جن جي زندگي پل پل اذيتن ۾ گذري ٿي، ۽ گگهه اوندهه هوندي روشني جا متلاشي هوندا آهن ۽ هن جي ڪهاڻين جو ٽيون خوبصورت لمحو اهو آهي جو جمالياتي احساسن جي جذبن جي اپٽار، سچ، سونهن، سک، سڀيتا سندس فڪري تخليقن ۾ نمايان آهن.
ڏٺو وڃي ته هي درويش صفت ڪهاڻيڪار علي بابا پنهنجي هر ڪهاڻي ۾ ڪيترين ئي ڪهاڻين ۽ ڪردارن جو ذڪر ڪري ويو آهي. اسين سندس ڪهاڻي ”ڀاڳان“ ڪيئن وساريون جيڪي ڀاڳن ڀري ڀاڳان غربت ۽ غريبي جي سموري تصوير پيش ڪري ٿي. ڀاڳان ۽ ان جي مسڪين امڙ پنهنجي بکئي پيٽ کي ڀرڻ لاءِ در در جون ٺوڪرون کائي ٿي، خيرات گهري ٿي، علي بابا هن ئي ڪهاڻي ۾ معاشري جا اهي اذيتي رنگ ڏيکاريا آهن جو غريب ۽ مفلوج هجڻ جي ڪري معاشي بدحالي، ڏک ۽ ڏوجهرا هئڻ جي ڪري لاچاري آهن انهن ماڻهن جي عزت دين ايمان ڪجهه به محفوظ ناهي، ڀاڳان ۽ ان جي پوڙهي ماءَ اهڙن ظلمن جي علامت بڻجي ٿي ته پوءِ اهڙن ماڻهن لاءِ معاشرتي اخلاقي تصورات، سماجي قدر، جيون جو مقصد آخر ڪهڙو رهي ٿو. نه رڳي ڀاڳان ۽ ان جي ڀون جي دردن جي ڳالهه آهي پر هن جي ڪهاڻي ”چنڊ ۽ ماني“ اهڙي درد ڀري ڪهاڻي آهي جنهن ۾ خوشحال ۽ دولت سان مالا مال سنڌ ڌرتي هوندي هڪ غريب ممتا، پنهنجي بکايل ٻچڙن کي لوريون ۽ دلاسا سڄي رات ڏيندي چوندي رهي ٿي ته، غريبن لاءِ ڳڀو ان مثل آهي جيئن چنڊ ٿورڙو ٽڪرو، ڪڏهن اڌ، ڪڏهن چوٿون حصو ته ڪڏهن وري اڀرندو ئي ناهي ته ڇا فاقا ڪشي واري زندگيءَ جي عڪاسي ٿيل آهي هونئن به ڏٺو وڃي ته ناٽڪ نويسي، ڪهاڻي يا ناول، جنهن ۾ درد جي عڪاسي ۽ سچ جي منظر نگاري نه هجي اها ڪهاڻي ٻسي لڳندي آهي. پر علي بابا نه رڳي ڪهاڻين ۾ ماڻهن جي زندگي جي هر پهلوءَ تي لکيو پر جانورن جي سڀني روپن کي به علامتي ڪردارن ۾ ڏاڍو خوبصورتي سان نڀايو آهي. هن سفر نامي جي صورت ۾ ”جانورن جي دنيا“ اها شاهڪار تفريحي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ مزاح کان وٺي کوڙ ساريون تکيون مٺيون ڳالهيون موجود آهن ان خوبصورت ڪهاڻي جو ننڍڙو حصو پڙهندڙن آڏو پيش آهي:
”مان ٽئين درجي ۾ پڙهندو هيس، مون کي رڍن ۽ ڀولڙن جي ڪهاڻي ڏاڍي پسند هوندي هئي، مون کي روزانو جانورن جي ڪا نه ڪا ڪهاڻي سڻائي ويندي هئي، ان وقت مون انهن جانورن جو ذڪر يا ته ڪهاڻين ۾ ٻڌو هو يا ڪتابن ۽ تصويرن ۾ ڏٺو هو. هڪ دفعي پنهنجي ماءُ سان گڏ ڪراچي پنهنجي نانا جي گهر ويس. منهنجو نانو انهن ئي ڏينهن ۾ حيدرآباد کان بدلي ٿي ڪراچي آيو هو جيڪو ادبي ۽ فلاسافر ماڻهو هو. ڪراچي پهچڻ جي ٻئي ڏينهن نانو مون کي ڪراچي جو چڙيا گهر گهمائڻ وٺي ويو، چڙيا گهر ۾ پهچڻ سان ئي منهنجي پهرين نظر زنجيرن ۾ ٻڌل هاٿي تي پئي، مون زندگي ۾ پهريون ڀيرو هيڏو وڏو جانور ڏٺو، ان جي ڪري هاٿي جي ويجهو اچڻ تي مون کي ڊپ ٿي رهيو هو، نانو به سمجهي ويو ۽ کلندي چوڻ لڳو! ڊڄين ٿو ڇا؟ مون ڪنڌ ڌوڻيندي ”نه“ چيو. ناني مون کي هاٿي جي ويجهو وٺي چيو ٻچا! هي هاٿي آهي، دنيا جو سڀ کان وڏو عظيم جانور، هي تمام وڏو هوشيار ۽ امن پسند جانور آهي، ان لاءِ توکي ڊڄڻ نه گهرجي، هي هميشهه وڏن جهنگن، چراگاهن، قدرتي چشمن ۽ ندين جي ڪنارن تي گهمندو رهندو آهي، سڀني ننڍن وڏن جانورن کي پيار جي نظر سان ڏسندو آهي ۽ سونڊ مٿي کڻي سڀني کي سلام ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته مان پنهنجي حصي جو گاهه کاوان ٿو، هرڻ، سها به پنهنجي پنهنجي حصي جي خوراڪ کائين ٿا ۽ سڀني جي سرواڻي به ڪندو آهي. ”سونڊ“ کڻي گجگوڙ ڪري دشمنن کي للڪاريندو آهي. شينهن هن جو سڀ کان وڏو دشمن آهي هميشهه لڪي حملو ڪندو آهي هن جو ميڄالو ڪڍي کائيندو آهي. مون ناني جي ڳالهه حيرت ۽ غور سان ٻڌي ۽ چيو، نانا اسان جي ملڪ ۾ به هاٿي پيدا ٿيندا آهن؟ نانا ڪجهه سوچيندي چيو، اسان جي ملڪ ۾ هاٿي سؤ سال کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن پر هتان جي آب و هوا کين راس ناهي ايندي، اهي جلد مري ويندا آهن.
هن جانورن واري ڪهاڻي جي پڇاڙي به ڏاڍي خوبصورت انداز سان پيش ڪندي بيان ڪري ٿو ته؛
”هن ڳالهه کي اڄ پندرنهن سال گذري ويا آهن هاڻي منهنجي عمر ۲۶ سال آهي مان نانا جي مرڻ کان پوءِ هڪ وڏي انڌيري ۽ گهاٽي جهنگ ۾ رهي آيو آهيان جيڪو خوفناڪ جانورن سان ڀريو پيو آهي منهنجي يادگيري ۾ ئي هن جهنگ ۾ هڪڙو هاٿي پيدا ٿيو آهي پر جهنگ جا ننڍا ننڍا جانور هن سان گهلي ملي ناهن سگهيا، خوفناڪ جانور هميشهه ڇتن ڪتن جيان گهمي رهيا آهن، جانور، پکي ۽ ڪيڙا ماڪوڙا پنهنجن گهرن ۾ لڪي وڃن ٿا ۽ سڄو جهنگ سنسان ٿي وڃي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن پري کان جهنگ جي ڪنهن ڪنڊ مان ”مور“ جي ڪوڪ سڻائي ڏئي ٿي، سڄو جهنگل گونجي پوي ٿو، ڀولڙا وڻن جي ٽارين تي چڙهي زور زور سان شور مچائين ٿا، مان پنهنجي انڌيري غار مان نڪري حيرت سان مور جو اڏامڻ ڏسان ٿو، ندي جي ڪناري بيٺل هاٿي سونڊ کڻي سلام ڪري سڀني ننڍڙن ننڍڙن جانور کي پاڻ وٽ گهرائي ٿو، ليڪن ويچارا ظلم جا ستايل ۱۲ سڱن وارا هرڻ، سها، هاٿي جي ويجهو اچڻ کان ڊڄن ٿا“ 
”ظاهري طرح ته علي بابا جانور جي دنيا جو سير ڪرايو آهي پر اصل ۾ ڏٺو وڃي ته هن آسپاس واري ماحول ۽ معاشري جو حال سڻايو آهي ڇو ته هاٿي ۽ ٻيا جانور صرف علامتي ڪردار آهن جن کي پنهنجو محور بڻائي اهو سمجهايو آهي ته اڄ به هن معاشري ۾ بدبودار بگهڙ ننڍڙن ننڍڙن جانورن مثل مسڪين ۽ اٻوجهه ماڻهن کي شڪار ڪرڻ چاهين ٿا شل ڪو هاٿي جهڙو امن پسند انسان پيدا ٿي پوي.“
ائين ئي هن جي ڪهاڻي ”زندگي“ جنهن ۾ معروضي حقيقتن جو آئينو آهي جنهن ۾ علي بابا جي ڀٽڪيل روح جي ڪٿا لکيل آهي جيڪا صدي به صدي هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي ڀٽڪندي هڪ نامعلوم هنڌ تي پهچي ٿي جڏهن ان جي اک کلي ٿي ته ڪنهن مهل ديوي جو مجسمو ته ڪنهن محل نيڻن ۾ نير ته وري ڪي خوشيون جون علامتون ظاهر ٿين ٿيون. علي بابا نه رڳي ڪهاڻين پر افسانوي ادب ۾ فڪر انگيز لکڻيون پنهنجي حياتي ۾ سنڌي ادب کي ارپيون. انهن فڪري ڪهاڻين ۾ قلم جي سچائي، بهادري ۽ پنهنجي ڌرتي سان عشق ڪرڻ جو نمايان عڪس سمايل آهي. علي بابا حقيقت پسند افسانه نويس، ڪهاڻيڪار ۽ بهترين ڊراما نويس هيو جنهن کي عالمي مڃتا سندس مشهور ڊرامي ”دنگي منجهه درياهه“ ٻيو ”ڪشتي اور منجهدار“ جي ڪري ميونخ يونيورسٽي جي عالمي ادبي مقابلي ۾ بهترين ڊرامي جو ايوارڊ مليو آهي. آيل ڙي اولاڻا ۽ ڌرتيءَ ڌڪاڻا، ڪهاڻيون، سندباد جو سفر، موهن جو دڙو، چنڊ ۽ ماني، پرين ۽ پيچرا، ٻالي شاهي، روشن تارا هن جي جيون جا بهترين ناول، افسانه ۽ ڪهاڻيون آهن، جيڪي اڄ به سماج جي عڪاسي ڪن ٿيون. علي بابا سان اها گهاريل گهڙي ڪيئن وسري جو ۹۲ع ڌاري منهنجي ڳوٺ هڪ هفتي تائين جنوري واري مهيني ۾ اچي آسڻ ٿيو اتي دردن ۽ سورن جون جيڪي ڪهاڻيون بيان ڪيائين، اهي اڄ به وساري نه ٿيون سگهجن. کيس ڪهڙن لفظن سان مڃتا ڏجي هي امن جو سفير ۽ آزادي جو پياسو هو جنهن ادبي دنيا ۾ نرالو نالو ڳڻايو آهي پر هن جي وڇوڙي ادبي دنيا کي ڏکارو بڻائي ڇڏيو آهي.


علي بابا
هڪ ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي
وينگس
قومن کي سهارو ڏيندڙ، ان مان جنم وٺندڙ بهادر قلمڪار هوندا آهن، جيڪي قومن کي جرئتمنداڻي زبان ڏين ٿا. جيڪڏهن قومن جي سيني مان قلمڪار ڪڍي ڇڏجن ته پوءِ اهي قومن پنهنجو ڪردار به بهادريءَ سان نڀائي نه سگهنديون آهن.
ڪنهن سچ ئي چيو آهي ته ”قوم جي زبان ۽ سوچ کي تالو هڻڻو آهي ته ان جا بهادر ۽ ذهين قلمڪار ختم ڪري ڇڏيو، قوم پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندي.“
جيڪڏهن اسان سنڌ جو ئي مثال وٺون ته اسان کي مٿين چوڻي سچ لڳندي. سنڌ جي ماضي کي کڻي ڏسو، جڏهن سنڌ وٽ ايترو ڪجهه به نه هو پر سنڌ جا قلمڪار پنهنجي زندگيءَ کي داءُ تي لڳائي، وقت جي ناحق کي پنهنجن لکڻين ذريعي ڪمزور ڪيو. ان وقت جي ميڊيا گهڻي بهادر هئي، ايستائين جو حڪمران به سنڌي ميڊيا ۽ لکندڙ هٿن کان پريشان ٿيندا هئا.
سنڌي معاشري کي شعور ڏيندڙ شاعري ۽ ناول هئا، جن ان وقت جي نوجوان نسل کي سهارو ڏنو، انهن جي اندر جرئت پيدا ڪئي. تاريخي پسمنظر ۾ مسئلن کي سمجهڻ جي سگهه ڏني.
پر هاڻي ائين ناهي. ٽي وي ميڊيا ۽ خصيص اسٽيج تي ويهڻ جي شوق ۾ سچ کي پاسيرو ڪيو ويو آهي. جيڪي سچ ڳالهائيندا، انهن کي اهي سهولتون نه ملنديون، ميڊيا جي چمڪ نه ملندي ۽ پراجيڪٽ به نه ملندا. ڇاڪاڻ جو انهن سڀني ڪمزور ذهنن کي خصيص شهرت گهرجي، انهن جي آڏو تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ بيهي جوابده رهڻ اهميت نه ٿو رکي؛ انهن لاءِ اها ڳالهه اهميت رکي ٿي ته اسٽيج تي ڪرسي ڪهڙي ملندي؟ انهن جي لاءِ سماج جي تباهي اهميت نه ٿي رکي، انهن لاءِ اهميت ڪجهه وقتي مفاد جي آهي ته اُهي تباهه نه ٿي وڃن.
پر انهن سڀني کان الڳ هڪڙو هو علي بابا! جنهن وقت جي چمڪ کي انڪار ڪري، پنهنجي زندگيءَ کي تڪليفن جي راهه تي ڏئي ڇڏيو. هن جي لکڻين ۾ درد ۽ سچائي هينئر به موجود آهي. هو موجوده سماج کي آئينو ڏيکاريندڙ هو.
هن لکڻين کي وقتي لالچ ۽ اسٽيج جي چمڪ تي تارازي ۾نه توريو. ان ڪري ئي هو هن دور ۾ به خاموش ڪنڊ وٺي رهيو، ڪڏهن به ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ، هڪ کي غلط ته ٻئي غلط ڪم ڪندڙ جي پٺي نه ٺپي.
علي بابا جيڪڏهن چاهي ها ته هو ڪنهن ٽي وي شو تي ويهي پاڻ کي اسڪالر پيش ڪري ليڪچر ڏئي پئي سگهيو پر هن کي خبر هئي، اهڙي اسٽيج تي سچ ڳالهائڻ پسند ڪير به نه ڪندو ۽ علي بابا پاڻ سمجهوتو ڪندڙ نه هو.
علي بابا درحقيقت سنڌ جو اعليٰ ۽ بهترين لکڻندڙ هو، صرف پنهنجن لکڻين ۾ ئي نه پر پنهنجي زندگي کي به اصولن تي هلايو. هو اسان جي موجوده دور جو هيرو آهي.
افسوس جو موبائيل دور ۾ نوجوان نسل علي بابا جي لکڻين کي پڙهي ناهي سگهيو، صرف فيس بڪ تي ڊي پي تبديل ڪرڻ سان علي بابا جي اهميت کي سمجهي نه سگهبو ۽ نه ئي ٻه اکر سوشل ميڊيا تي لکي، علي بابا جهڙي ليکڪ کي ڪا ڀيٽا ڏئي سگهبي؟
ايستائين جو اهو به ڪافي ناهي جو هڪ ٻه پروگرام منعقد ڪري ان ۾ علي بابا جون لکڻيون گهٽ، فوٽو سيشن گهڻو هجي؛ اهڙي انداز سان صرف پنهنجو پاڻ کي پروموٽ ڪري سگهجي ٿو پر ان سان علي بابا کي اصل ڀيٽا نه ٿي ڏئي سگهجي.
۽ سياسي پارٽيون جيڪي هر وقت سنڌ جي ڳالهه ڪندي ٿڪبيون ناهن, اهي به شايد علي بابا جي لاءِ ڪجهه بيان جاري ڪن، انهن کان ڪير وڃي اهو پڇي ته توهان جا ذاتي مفاد سنڌجي سياسي سگهه کي ڪمزور ڪري چڪا آهن, ڇا اهي پنهنجن پارٽين  ۾ علي بابا جي لکڻين کي پروميٽ ڪندا؟
جيڪي نوجوان سياسي اڳواڻن جي پٺيان هلن ٿا، انهن کي ڪير اڳواڻ اهو چوڻ جي جرئت ڪندو ته اسان جي پٺيان نه هلو پر علي بابا جي ڪتاب جي پٺيان هلو!
علي بابا کي اصل ڀيٽا ان وقت ملي سگهندي، جڏهن هن جي لکڻين کي وري ٻيهر زندهه ڪيو وڃي، وري ٻيهر ڪتابن جا ورق اُٿلائي، لکڻين کي پڙهيو ۽سمجهيو وڃي ته هو ڇا چاهي رهيو هو؟
علي بابا، هن دور جو هيرو هو ۽ آهي. ڪڏهن ڪڏهن دور واقعي ۾ به ناانصافي ڪري ويندا آهن، جو اهي پنهنجن هيروز کي ڀيٽا به نه ٿا ڏئي سگهن.
جڏهن علي بابا زندهه هو، ان وقت هو ڪنهن هوٽل جي ڪنڊ وٺي اڪيلو چانهه جو ڪوپ پيئندي نظر اچي ويو ته نوجوان نسل يا پنهنجي دور جا ڪجهه ماڻهو ملندي چوندا هئا، اڙي علي بابا، توهان هتي ڪيئن؟ ۽ جلدي ۾ موڪلائي هليو وڃڻ ... علي بابا! ڪجهه ته سوچيو هوندو ۽ پنهنجي زندگي جي ڪهاڻي جي ڪنهن سيٽ تي ڪا چڙ ڏياريندڙ تلخ ڳالهه به ڪئي هوندي، جيڪا اسان تائين پهچي نه سگهي ۽کڻي اسان تائين پهچي به وڃي ها ته سنڌي سماج ڇا ڪري ها، جيڪو مفادن جي ٽولي ۾ وڪوڙيل آهي، جنهن ۾ جرئت واري ڳالهه کُٽندي پئي وڃي.
علي بابا جهڙا ڪردار شايد ئي وري پيدا ٿين، جيڪي لفظن سان کيڏڻ نه پر انصاف ڪرڻ ڄاڻين ٿا. علي بابا! پنهنجين لکڻين ذريعي سماج ۾ جڳهه ٺاهي، نه ڪي انهن ليکڪن وانگر هو، جيڪي ڪجهه ماڻهن کي گهرائي چانهه ۽ ماني کارائي، پنهنجن لکڻين جي شهرت ڪرائڻ لاءِ اڻسڌي ڪوشش ڪن.
هن جون لکڻيون ئي سماج جي دل ۽ ذهن کي جنجهوڙي ڇڏيندڙ آهن. هو باغي دنيا جو ڪردار هو، جيڪي بظاهر تنها ۽ خاموش هلندا آهن، پر اهي ئي سماج جي خاموشي کي زبان ڏيندا آهن.
علي بابا جون اڄ به لکڻيون کڻي ڏسو، هو توهان جي سماج جي زبان ڳالهائيندو ۽ توهان ۽ اسان مان ڪير به اهو چوڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي ته ڪهاڻي ۾ بهتر پر ذاتي زندگي ۾ مختلف هو. علي بابا جيئن ذاتي زندگي ۾ هو اُئين ئي پنهنجن لکڻين جي دنيا ۾ هو. هن وٽ ٻٽا معيار نه هئا.
علي بابا جي ڪهاڻي کي هڪ ڏينهن ڪٿي فل اسٽاپ اچڻو هو ۽ ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. پر علي بابا ائين خاموشيءَ سان پنهنجي ڪهاڻي کي فل اسٽاپ ڏئي ويندو ۽ سنڌي سماج هن کي ياد ئي نه ڪندو، اهڙي سماج ۽ اُن جي ميڊيا تي ڇا لکجي؟
دانهن به ڏجي ته ڪهڙي پاسي وڃي؟ جتي هر چهري مٿان مفادن جا نقاب چڙهيل آهن، جيڪي لفظن کي تارازي ۾ تورن ۽ سماج کي ڪمزور ڪن. ان تي ڇا لکجي؟
ڪاش! اسان جو نوجوان ڪتابن ڏانهن ٻيهر واپس وڃي ۽ پنهنجن ذهنن کي جنجهوڙي، علي بابا جي ڪتابن کي هر هٿن تائين پهچائي، هُن کي ٻيهر پڙهجي. اسان مان ڪير ائين ڪري سگهي ٿو؟ جتي موبائيل فون جي لاءِ سپر ڪارڊ وٺڻ ۾ دير نه ٿي ٿئي، اتي ڪير آ جيڪو علي بابا جا ڪتاب خريد ڪري؟
علي بابا جي ڪهاڻي کي فل اسٽاپ ضرور آيو آهي پر هو پنهنجين ڪهاڻين ذريعي سماج  جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ خاموش دلين ۽ روحن کي ٻيهر جرئت ڏيڻ جي سگهه ان جي لکڻين ۾ آهي.
خاموش گهٽيءَ جي ڪنڊ ۾ويٺل ڪوئل،
هر وقت ڪوڪي ٿي،
۽ در تي ويٺل انڌو به ڪوئل جي ڪوڪ کي سڏ ڏئي ٿو.
ڪاش!
تون اکين هوندي به ائين ئي سڏ ڏئين ها!
۽ ڪوئل جي ڪوڪ ۾ لڪل دانهن کي سمجهين ها! (هلينا)
علي بابا به ان ڪوئل وانگر ئي هو، جيڪو پنهنجين لکڻين جي ڪوڪ ۾ دانهن ڪندو رهيو ۽ هي معاشرو در جي چانئٺ تي ويهندي به اکين ۽ ڪنن هوندي به هن جي دانهن کي ٻڌي نه سگهيو. هاڻي علي بابا جي لکڻين کي ڪتابن جي ڪٻٽ ۽ ڪتاب گهرن مان وڃي خريد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو جو جڏهن معاشرا تنها ۽ يتيم ٿيڻ لڳن، ان وقت لکڻيون ئي ماءُ وانگر سهارو ڏينديون آهن.
هو جيڪو اصول پرست ۽ جرئتمند هو، هن وٽ پر ۽ پوءِ جهڙا لفظ نه هئا ۽ نه ئي ڪا وقتي چمڪ هن جي لفظن کي ڪمزور ڪري سگهي. هن جي آخر ڪهاڻي به پنهنجن اصولن تي پڄاڻي ڪري وئي پر هو اسان جي سماج جو اصل هيرو هو ۽ آهي.

علي بابا
سدائين سفر ۾ رهندڙ
رکيل مورائي
هُو سدائين سفر ۾ رهيو، ڇاڪاڻ ته ڌڻي منجهس سيلاني روح وڌل هئو. کيس ڪنهن به وقت ڪنهن به سبب ڪري هٿ ڪرڻ سدائين دوستن لاءِ هڪ مسئلو رهيو، ٻيءَ طرح هو اچانڪ ڪنهن به هنڌ ڪنهن به ڪانفرنس ڪنهن به ميٽنگ، ڪنهن به ميڙاڪي ۾ ظاهر ٿيندو هئو ۽ ان کانپوءِ وري گم!
ادب ۾ به هن ڪنهن وقت گهڻي تيزيءَ سان لکيو، جنهن سبب هن جو نالو سنڌي جديد ڪهاڻي لکندڙ طور جلد ئي مٿي اڀري آيو ۽ هو پنهنجي اسلوب جو ڪهاڻيڪار ليکجڻ لڳو، سندس ڪهاڻي گهڻو تڻو ڪردارن جي حوالي ۾ سڃاپجڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته  هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ جيڪي ڪردار کنيان انهن جو وڏو حصو عجيب ۽ غريب آهي، هن جو ڪمال اهو آهي ته هن پنهنجي ڪردارن کي ممڪن حد تائين پرفيڪٽ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس ڪهاڻي “ٻاليشاهي” سنڌي ادب ۾ اهڙو مثال آهي ۽ اهڙا مثال هڪ کان وڌيڪ علي بابا جي حوالي ۾ سنڌي ادب کي نصيب آهن.
هو علي محمد بلوچ هئو، رند بلوچ، ائين هو پاڻ چوندو هئو، جيتوڻيڪ هن ۾ نسلي برتري بنهه نه هئي، علي محمد مان هو علي بابا ڪيئن بڻيو، اهو هڪ الڳ داستان آهي، مختصر ايئن ته هن کي نامياري براڊڪاسٽر ۽ ٽيليڪاسٽر عبدالڪريم بلوچ مرحوم هڪ ڏينهن سنڌي ٻوليءَ جي الستي شاعر شمشير الحيدريءَ سان ملايو ۽ چيو ته هيءَ منهنجو سوٽ آهي، کيس ڪهاڻي لکڻ جو شوق آهي. هن جي پهرين ڪهاڻي شمشير صاحب نئين زندگيءَ ۾ شايع ڪئي پر ان شرط سان ته علي محمد بلوچ هڪ ليکڪ اڳ ۾ ئي آهي، تنهن ڪري نالي ۾ علي رکي پٺيان بابا گڏائي علي بابا ٿا ڪريون ۽ ان ڏينهن کانپوءِ هو علي بابا بڻجي ويو، ساڳئي وقت هڪ منفرد ڪهاڻيڪار پڻ.
۽ پوءِ هن لڳاتار ڪهاڻيون لکيو، ڪهاڻيون تلاش ڪيون ۽ اڳتي هلي پاڻ هڪ اهڙي ڪهاڻي بڻجي ويو جنهن کي سنڌ ۽ سنڌي ادب ڪڏهن به وساري نه سگهندو. هن جي ڪهاڻي پويان ڪيل ڀٽڪاءَ تي الڳ لکڻ جي گهرج آهي، جيڪو لکڻ وڏو لکڻ هوندو.
علي بابا سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي اصلوب جو تخليقي ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻيون بيحد پيار مان پڙهيون ويو، ايئن سندس پهريون ڪهاڻي ڪتاب “ڌرتي ڌڪاڻا” ۱۹۸۳ ڌاري شايع ٿيو، هيءَ اهو ڪتاب هئو، جيڪو منهنجي مامي غلام سرور مون کي لاڙڪاڻي ۾ شاديءَ جو تحفو ڪري ڏنو هئو، جڏهن اسين سندس دعوت کائڻ لاءِ سندس گهر ۾ رهيل هئاسين، ستت سندس ٻيو ڪتاب “آيل ڙي اولاڻا” ڇپيو ۽ ٻن ڪتابن تي ئي هن سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيڪار طور اعليٰ مرتبو حاصل ڪري ورتو، چڱي موچاري عرصي کانپوءِ سندس ناول “موهن جو دڙو” آيو، جنهن ۾ هن جو تخيلقي شعور سان گڏ تاريخي شعور به نکري سامهون آيو، مان ڀايان ٿو ته ادب ۾ علي بابا لاءِ وڌيڪ فخر کڻي آيو سندس ناول ”موهن جو دڙو“ جنهن مان ظاهر ٿيو ته هن ۾ ڪهاڻي لکڻ جون قوتون ته آهن ئي پر منجهس ناول لکڻ جون قوتون به موجود آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته بار بار چوڻ جي به هو ان ناول جو ٻيو حصو لکي نه سگهيو.
مون سدائين ايئن سمجهيو آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي شاهوڪاريءَ جو اندازو ان ٻوليءَ جي ناول ان ئي لڳائي سگهجي ٿو ۽ سنڌي ٻولي ناول جي حوالي ۾ ايتري شاهوڪار نه آهي، جيتريون ننڍي کنڊ جون ٻيون اهم ٻوليون آهن. مثال طور بنگالي، تيلگو، مليالم، مراٺي، هندي ۽ گجراتي وغيره.
هن سان حالتن ساٿ نه ڏنو يا هن جون تخليقي صلاحيتون هيڻيون ٿي ويون يا هن جو ڌيان ناٽڪ ڏانهن هليو ويو ۽ هن کان ڪهاڻي پري هلي وئي، هن ناٽڪ برابر شاندار لکيا، جن کيس ڪجهه مالي آٿت به ڏنو ته ”دنگي منجهه درياھَ“ هڪ اهميت جوڳو ايوارڊ به کيس ڏياريو، پر پوءِ به ڪهاڻي ۽ ناول ڏانهس آخر تائين  واجهائيندا رهيا، جن ڏانهن هن وري مڙي نه ڏٺو ۽ لڳاتار پري ٿينديو ويو، ايترو پري جتان ماڻهو چاهيندي به ڪڏهن واپس نه ٿو اچي سگهي ۽ ايئن علي بابا اڄ ايترو ئي پري هليو ويو آهي پر سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ۽ سندس سڪيلڌي ناول “موهن جو دڙو” ۾ هن پاڻ کي ايترو مٿي اڀاريو، جو اڄ سنڌي ادب ۾ هن جو چهرو نمايان نظر اچي رهيو آهي ۽ سدائين لاءِ ڏسڻ ۾ ايندو.
ڪهاڻيءَ کان پري وڃڻ واري وقت ۾ ئي اسان جي دوست علي نواز گهانگهري ان اميد سان سندس ڪهاڻيون سهيڙي هڪ جلد ۾ “منهنجون ڪهاڻيون” نالي ڪتاب آندو ته ممڪن آهي اهو ڪتاب کيس وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساهه ڏئي پر ايئن نه ٿيڻو هو سو نه ٿيو. وچ ۾ هن ٻارڙن لاءِ هڪ ناوليٽ “سنڌ باد جو سفر” ضرور لکيو پر ان ۾ اهو علي بابا ڪو نه هئو جيڪو “موهن جو دڙو” ناول ۾ موجود هئو.
گذريل ڏهاڪو سالن کان هو ڪنهن به لکڻ يا ڪنهن به ادبي ميڙاڪي ۾ ڏسڻ ۾ گهٽ آيو. جيتوڻيڪ هڪ اديب طور هن جي موجودگي ڪنهن به ميڙاڪي لاءِ نه رڳو خوشگوار بڻجڻ واري هئي پر ان ۾ هن جي آبرو به ٿيندي هئي پر شايد سندس طبيعت جي آزاديءَ ڪنهن به پابنديءَ کان هن کي پري رکيو ۽ آخر تائين پري ئي رهيو. ايترو پري جنهن مان گم ٿيڻ جو گمان ٿئي.
هو گهڻو وقت ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو هئو. پوءِ به ادب کان ۽ ادبي ميڙاڪن کان پري رهڻ ئي هن وڌيڪ پسند ڪيو. ڇاڪاڻ ته هن اهو محسوس ڪري ورتو هئو ته ميڙاڪا جيڪي هڪ مهم جو ئي حصو بڻجي ويا آهن. جن ۾ اعليٰ تخليڪارن جي بجاءِ ميڊياڪرن جو حصو وڌيڪ آهي ۽ انهن کانپوءِ انهن وڏين ڪرسين تي ويٺل ڪامورن جو حصو آهي، جيڪي اديب نه آهن پر اديب ٿيڻ جو شوق رکن ٿا ۽ پنهنجي نالي سان اديب/ شاعر/ دانشور جوڙي خوش ٿين ٿا.
ٻئي پاسي ايئن به آهي ته هن هڪ ذميوار شخص توڻي هڪ لکيڪ طور پنهنجو شخصي ۽ طبعي ڪيترو تحفظ ڪيو ان باري ۾ ڄاڻي به  ڏک ئي پلئه پوندو، اديب جي اها ذميواري نه آهي ڇا ته هو پنهنجي زندگي سٺي نموني گذاري پنهنجي ذميوارين ڏانهن ڌيان ڏئي، پنهنجي صحت ڏانهن ڌيان ڏئي ساڳئي وقت پنهنجي ادب ڏانهن به ڌيان ڏئي، جيڪو ئي ان جي مرتبي جو سبب آهي، ايئن علي بابا پنهنجي صحت ڏانهن به بنهه بي پرواهه رهيو، ته پنهنجي ادب ڏانهن به! ڪنهن حد تائين ته ايئن به ٺيڪ آهي پر هن سماج ۾ مڪمل طور اڪيلو ٿي وڃڻ فرد لاءِ مناسب نه آهي. پڪ ايئن ٿيڻ ڪري نه فقط علي بابا پاڻ تڪليف ڏٺي ۽ سَٺي پر هن جي قلم مان سنڌي ادب کي جيڪو ۽ جيترو ملڻو هئو اهو نه ملي سگهيو. جيڪو سنڌ جو وڏي ۾ وڏي نقصان آهي. سنڌي ادب جو وڏي ۾ وڏو نقصان آهي. جنهن جو ازالو اسين سڀ نه ڪري سگهنداسين. وڏو ڏک ڏيندڙ ڳالهه اها آهي.
علي بابا ڪوٽڙيءَ جي مٽيءَ ۾ ملي ويو. هيءَ اها ئي مٽي آهي جنهن کيس هن ملڪ جي جنم کان ست سال اڳ جنم ڏنو هئو. جنهن سبب هو سدائين چوندو هئو ته؛ ”مان هن ملڪ جو شناختي ڪارڊ ڪو نه ٺهرائيندس ڇاڪاڻ ته مان هن ملڪ کان وڏو آهيان.“
موهن ڪلپنا سان بيحد پيار ڪندڙ علي بابا، پڪ سان رومانوادي ڌارا جو ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻيون جديد ڌارائن جي ڪيترن اثرن هيٺ ڏيکاريون وينديون پر محسوس ايئن ٿيندو آهي ته، علي بابا توڻي موهن ڪلپنا رومانوادي ڌارا جا ئي ليکڪ آهن، جنهن سبب ئي هو سموري عمر تخليق/ خوابن جي دنيا ۾ جيئندا رهيا. ڪيترا سال اڳ موهن ڪلپنا ڪوٽڙيءَ ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي هليو ويو، هن سان به نارائڻ شيام واري حالت هئي ته.
الائي ڪهڙيءَ گهڙي ان مان شيام نڪتاسين
وطن ورڻ ته ڇا سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
۽ هن پاسي، علي بابا موهن سان ڪڏهن به ملي سگهڻ جي آس دل ۾ سانڍي، اسان کان موڪلائي ويو.

علي بابا
موهن جي دڙي جو خالق غريب سمجهي سادگي سان دفنايو ويو
ڊاڪٽر ايوب شيخ
ننڍي هوندي عربي جي ديومالائي ڪهاڻي ۽ ڪردار ”علي بابا ۽ ۴۰ چور“ پڙهڻ ڪري علي بابا اسان جي ڪهاڻين جو ڪردار هوندو هيو. ڪنهن به فلمي هيري وانگر جيڪو بديءَ ۽ بي رحمي جي خلاف آهي، سچائي جي پاسي آهي. اهو علي بابا عربي مائرن وانگر سنڌ توڙي هند جون مائرون رات جو پنهنجي ٻارن کي سمهارڻ لاءِ لوليءَ بدران ڪهاڻي ٻڌائي انهن جي دماغن تي ان علي بابا جا نقش چٽينديون هيون، جيڪو غريب هيو، ڪاٺير هيو، ڪاٺيون ڪري پيٽ قوت ڪندو هيو. جيڪو هيرو هيو، اتم هيو، بهتر هيو ۽ سچ جي پاسي هيو.
ٿورا وڏا ٿياسين، قمبر ۾ ۱۹۷۵ع ۾ ٽي وي اچي ويئي هئي. اسان جي گهر ۾ ان زماني ۾ بلئڪ اينڊ وائيٽ ”رينا“ ٽي وي اچي ويئي هئي. شام جو پنجين وڳي کان رات ۱۲ وڳي تائين ست ڪلاڪ ٽي وي تي اردو ۽ انگريزي ۾ ڊراما، فلم ۽ گانن جا پروگرام هلندا هيا. سنڌ ۾ ٽي وي ان دور ۾ به انگريزي ۽ اردو جي ايئن ميزبان هئي جيئن اسان جا سنڌي ۱۹۴۷ع ۾ ميزبانيءَ جو شرف حاصل ڪري چڪا هيا. ڏينهن ۾ هڪ دفعو سنڌيءَ ۾ سرڪاري خبرون هلنديون هيون، جنهن ۾ بلوچ ويڙهاڪن جي جبلن تان لهڻ ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جا وڊيوز ڏيکاريا ويندا هئا ۽ اسان پاڪستان جي بچي وڃڻ تي ڪجهه چوڻ بنا خوش ٿيندا هياسي. هفتي ۾ هڪ ڀيرو سنڌي ڊرامو هلندو هيو.
قمبر ۾ ٿورن ماڻهن جي گهرن ۾ تي وي هوندي هئي، جنهن ڪري اسان جي گهر ۾ شام جو ئي ٻار ٽي وي ڏسڻ ايئن ايندا هيا، جيئن اڄڪلهه شام جو ٽيوشن پڙهائيندڙن جي گهرن ۾ ويندا آهن. ۱۹۷۵ع ۾، جڏهن ڊرامو ”دنگيءَ منجهه درياءَ“ هليو ته ان اسان کي جيجي زرينا ڏٺل هئي، نه وري نور محمد لاشاري صاحب. ڊرامو هليو. پورو ٿيو. پر اهو ڊرامو اسان جي گهرن ۾ رهجي ويو. اسان جي ڪهاڻين ۾ رات جو ٻڌائڻ لاءِ سنڌو درياءَ ۽ ان جي بدمسٽ ڇولين جا ذڪر شروع ٿيا هيا.
ٿورو پڙهي پياسي. پڙهائي بدران سياست کي وقت ڏيڻ لڳاسين. سياسي لٽريچر وسيلي ”محرومي“ کان واقف ٿياسين. محرومي ڪيئن ختم ٿيندي ان لاءِ جرمني، روس، چين، ويٽنام، ڪمبوڊيا ، ڪيوبا، چليءَ ۽ بوليويا جي عظيم انسانن جا نظريا، آتم ڪهاڻيون، ناول، قيد ڪهاڻيون، قربانيون پڙهندا پاڻ به اهڙا ٿيڻ جي خوابن ۾ شامل ٿي وياسين. سورمن جون مائرون ڪيئن ٿينديون آهن؟ اهو مئڪسم گورڪي جي ”ماءُ“ مان حاصل ڪيوسين. اهو سکيو سين ته صنعتي سماج ۾ انقلاب مزدور ۽ زرعي معاشرن ۾ هاري آڻيندا آهن، مڊل ڪلاس Middle Class يا ته زبردست ٿي سگهي ٿو جي نه ٿيو ته پوءِ اهو مُڏو ڪلاس Dull Class ڀاڙيو، ڪميڻو، ڪلڇڻو ۽ عوام دشمن ٿيندو. بس! رڳو بيٺو هجي، ترڪي Slip نه پئي.
جنرل ضيا الحق جو زمانو هجي. اسان جي سمورن دوستن جي گهرن تي ٻاهران پوليس جي نظر هوندي هئي ۽ اسان جي اوطاقن ۾ وري وطن دوست هارين، شاگردن جي آمد هوندي هئي. قمبر ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هوندو هيو، اسان جي قمبر ۾ هجڻ جو گهڻو وقت ان سان ڪچهرين ۾ گذرندو هيو. جيڪي ٻڌائيندو هيو اهو وري حيدرآباد ۽ ڄامشوري مان سکي اسان کي سيکاريندو هيو. اسان کي پليجي صاحب، غلام محمد گرامي صاحب، محمد ابراهيم جويو صاحب، ظفر حسن ۽ ٻين جا قصا ٻڌائيندو هو. ”سائنس“، ”مهراڻ“ ”پرک“ روسي رسالو ”اسپوٽنڪ“ ان معرفت ڏٺو ۽ پڙهيو. ان دور ۾ اسان ٻارن جي پڙهائي لاءِ ادبي بورڊ جو رسالو ”گل ڦل“ گهرائيندا هياسين، قمبر شهر ۾ ان جون ۱۷۵ ڪاپيون هٿو هٿ وڪرو ٿينديون هيون. هاڻي تي سڄي سنڌ لاءِ  به ۱۷۵ ڪاپيون نه ٿيون نڪرن.
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ هڪ فنڪشن ۾ علي بابا نالي سنڌي اديب آيو. جن شاگردن کي ان جي خبر هئي انهن جي لاءِ محترم هيو. جن کي خبر ڪانه هئي، انهن کي رڳو سندس ڪچهري نصيب ٿي. اسان جي دوست اسلم مري جيڪو پوءِ ڊاڪٽريون ڇڏي انڪم ٽئڪس وارو ٿي ويو، تنهن جي ڪمري ۾ رهڻ جي لاءِ علي بابا ڪنهن کان به نه پڇيو ته ”هو وڌيڪ رهي سگهي ٿو؟“ ڇو ته فنڪشن ختم ٿيڻ جو مطلب هوندو هيو، ”کيل ختم پئسا هضم“ جيڪي مهمان آيا، سي وري ڪنهن جا به مهمان نه هوندا، پنهنجي پنهنجي ماڳ تي هليا ويندا. پر، علي بابا رهي پيو. اسلم گهٽ نه ڪئي. جيڪا خدمت ڪري پئي سگهيو، جيترا دوست ميڙي پئي سگهيو اهي گڏ ڪيائين، سڄا سارا ڏهه ڏينهن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو مهمان هيو. هڪ ڏينهن بنا اطلاع ڏيڻ جي اٿيو، لاڙڪاڻو ڇڏي وڃي ڪوٽڙيءَ پهتو. ڊاڪٽر اسلم مري اهو حوال اوهان لاءِ لکي رهيو آهي.
******
زمانا گذري ويا. علي بابا پوءِ ڇا ڇا ڪيو، ڪيئن ڪيو؟ ان جي خبر کيس ئي رهي، اها ڄاڻ وٽس ئي رهي. اسان وٽ هو هڪ اهڙي ناول ليکڪ طور دلين ۾ سانڍيل رهيو، جنهن کي عالمي ميلي ۾ دنيا جو ٽيون نمبر انعام مليو هو. ميزبان ۽ مهربان سنڌ جي غريب ترين اولاد جي معرفت سڄو پاڪستان نامور ٿي پيو هو.
*******
هيءَ ڪجهه ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي. گلشن حديد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار محترم جمال ابڙي جي ورسي ملهائي وئي. اتي ڪيترا ئي اديب آيا. زمانن کان پوءِ علي بابا سان ملاقات ٿي. ان کي چيم ته ”مون سان فوٽو ڪڍائي“ هو ڪرسيءَ تي ويٺل رهيو. آئون سندس ساڄي پاسي کان ويهي رهيس. بدر ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ دانشور مليا. علي بابا کي چيم ته، ڪجهه وقت ڪڍي ۽ پنهنجون ساروڻيون لکي. منهنجي ڳالهه ٻڌي چپ رهيو. اوچتو پڇيائين: ” ڪنهن جي لاءِ؟“ وري پاڻ ئي جملي کي سڌو ڪري، پنهنجي ئي سوال ۾ موجود زهر ۾ امرت ملائي پڇيائين ” ڪهڙي رسالي لاء؟“ مون کيس چيو ته .سنڌي ادب لاءِ“ مون کيس ڪوٺ ڏني ته هو ڪراچي ۾ آرٽس ڪائونسل ۾ جيڪڏهن اچي ته هن سان ڪا وڏي رهاڻ ڪجي. ماڻهن کي گڏ ڪجي ۽ سڄي ملڪ کي ٻڌائجي ته علي بابا ڪهڙو پورهيو ڪيو آهي. هن جيڪو چُپ جو روزو رکيو هو، ان کي ٽوڙڻ نه پئي چاهيو. هو چُپ ئي رهيو. اسان کي چُپ ئي ڇڏي ڏنو، ڇوته، اديب پنهنجي فڪري مانڌاڻ جي ڪري خبر ناهي ڇا ڇا سوچيندا رهن ٿا، ان ڪري انهن جي فڪري اُڏام ۾ خلل نه هجڻ گهرجي. ڳالهه آئي وئي.
*******
آرٽس ڪائونسل ۾ اسان ۲۰۱۲ع ۾ سنڌ جي ٻئي غريب، خوددار، محنتي، اورچ ۽ شاندار اديب شمشيرالحيدري سان سندس جيئري رهاڻ ڪئي هئي. اها رهاڻ ويجهي ماضيءَ ۾ ڪنهن به اديب کي نصيب نه ٿي آهي. ايڏي عزت ڪنهن به اديب کي ان نموني نه ملي آهي، جيڪا شمشيرالحيدري کي ملي هئي، اهو مٿس احسان نه هيو، اهو هن جو ٿورو هيو، جو آيو، سرطان هوندي ويٺو. محبتون ونڊيائين. منهنجي ذهن ۾ اها رهاڻ تحت الشعور جي خاني Locker ۾ بند هوندي آهي ۽ جڏهن به ڪنهن شاندار اديب ۽ جاکوڙيءَ کي ڏسندو آهيان ته ان کي عرض ڪندو آهيان ته هو ”رهاڻ جي واسطي ٽائيم ڏئي“
*******
آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ هفتيوار سنڌي ادبي سنگت جي ڪچهريءَ ۾ مون تجويز رکي ته علي بابا سان شام ملهائي وڃي. اتي موجود سنڌي ادب ۾ نقاد اڪبر لعاري ويٺو هيو، تنهن چيو ته . اول علي بابا کي تاريخ ڏجو، فنڪشن کان ٻه ڏينهن اڳ کيس ڪراچي ۾ قابو ڪري ويهارجو، نه ته، عين ٽائيم تي هو ”نه تو ڏٺو ، نه مون ڏٺو“ وانگر هليو ويندو. رڳو علي بابا جا چاهيندڙ هوندا، پر چاهت جو سامان غائب هوندو، ان ڪري اوهان سرت مان ڪم وٺجو. آئون علي بابا سان ڳالهائي ان سان طئي ڪري اوهان کي ٻڌائيندس“. اڪبر لغاري ڪا ڪوشش ڪئي، پر سرڪاري نوڪرين، بدلين ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر جي ڪري اسان علي بابا کي هٿ ڪري نه سگهياسين.
******
هڪ ڏينهن ڊاڪٽر مظهر مون کي فون تي چيو ته ”علي بابا جو به شاندار فنڪشن ٿيڻ گهرجي“ مون کيس چيو ته اسان تيار آهيون. اڌ ڪم ٿي ويو، باقي علي بابا راضي ڪري ڏيو. مون کي اڪبر لغاري جي ڳالهه ٻڌائي ته هن چيو ته ان ۾ ڪجهه جملا وڌيڪ وجهندا ته به سچ اهي، پر مان ان کي سوگهو ڪري ان رهاڻ ۾ آڻيندس.
۱۵ نومبر ۲۰۱۵ع تي، ڊاڪٽر مظهر علي بابا سان گڏجي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ پهتو. هن سان گڏ شبير لاشاري هيو، جنهن جي گاڏي تي هو آيا هئا. انهن ٻنهي مون کي اهو ڪونه ٻڌايو ته اهي علي بابا جي ساڄي ۽ کاٻي ملائڪن وانگر هر وقت ساڻس گڏ آهن، پر علي بابا انهن ٻنهي جي ڳالهين کي وڌيڪ اهميت سان پئي ٻڌو ۽ هاڪار ڪيائين.
مون کيس ٻڌايو ته، علي بابا جي رهاڻ ڪهڙي نموني ٿيڻ گهرجي؟ مون هن اڳيان سنڌ جا ڪيئي اديب ۽ پاڪستان خاص ڪري لاهور ۾ رهندڙ ناولسٽ ۽ انهن جا نالا رکيا ته هو جنهن جي لاءِ چوي انهن کي گهرائجي ته جيئن اهي علي بابا تي ڳالهائين. هن سڀني نالن تي  منديئڙو پائي ڇڏيو. آئون هن کي ڏسندو رهيس. مون کيس چيو ته هو ئي ٻڌائي ته ڪير ڪير مٿس ڳالهائي؟ هن ڪجهه نالا کنيا ۽ پاڻ ئي انهن سان غيرحاضريءَ ۾ حجت ڪندي چيائين، ”انهن کي چئجو ته علي بابا چيو آهي، اهي لکي اچن يا ڳالهائين“ هن پهريان ٻه نالا شوڪت حسين شورو ۽ مدد علي سنڌيءَ جا اُچاريا. پوءِ، ادي مهتاب اڪبر راشديءَ جو نالو کنيائين. مون کانئس پڇيو ته ”ادي مهتاب محبوب؟“ هن ٺهه پهه وراڻيو ”منهنجي لاءِ رهاڻ جو ٻڌنڌي ته هلي ايندي، پر گهڻو بيمار آهي، کيس نه اچڻ گهرجي“.
مون علي بابا کي چيو ته فلاڻا فلاڻا ادارا، انهن کي چئجي ته اهي شيلڊ کڻي اچن. اها ڳالهه ٻڌي مونکي معنا خيز نظرن سان ڏسي انتهائي ڪنجوسيءَ منجهان مرڪي چيائين ته؛ ”انهن کي منهنجو نياپو ڏجان ته اهي پاڻ کي شيلڊ ڏئي ڇڏين.“ مون سندس ناول ”موهن جو دڙو“ ٻيهر ڇاپڻ جي ڳالهه مس چوري ته هن ان جو جواب ڏيڻ بدران چيو؛ ”هڪڙو ٻيو ناول مون لکيو هو. اهو مون کان عبدالڪريم بلوچ ورتو هيو ته ڇپائيندو، پوءِ هو جلد گذاري ويو، آئون ٽپڙن ۾ اهو مسودو ڳولي توڏانهن موڪليان ٿو، اهو به ڇپائجانءِ!“
علي بابا اڳيان پيل چانهن ٺري ويئي هئي. مون نئين چانهن ٺاهڻ جو چيو. هن پڇيو ته گهر آيل کي ڪجهه کارائيندا به آهيو؟ مون تڪڙ ۾ هن جي لاءِ ڪجهه بسڪيٽ ۽ پيٽيز گهرايا. هن هڪڙي پيٽيز کي مس کائڻ شروع  ڪيو، پر وري ان کي رکي ڳالهائڻ لڳو. ڪچهري پوري ڪرڻ کان سواءِ ٻن ڏينهن ۾ ناول آڻڻ يا موڪلڻ جو چئي هليو ويو.
******
مون شوڪت حسين. شوري، مدد علي سنڌي، ادي مهتاب کي لکڻ جو اطلاع ڏنو. انهن عليءَ جي فرمان اڳيان پنهنجا ڪنڌ ننوايا. مون انعام عباسيءَ کي ”موهن جو دڙو“ ناول ڪمپوز ڪرڻ جو چيو، جنهن ٽن ڏينهن ۾ ڪمپوز ڪري موڪليو. هفتو رکي، مون علي بابا ڏانهن فون ڪيو ته اهو بند هيو. مون علي بابا جي ٻنهي ملائڪن ڏانهن فون ڪيو، انهن حامي ڀري ته اهي علي بابا کي ڳولي ڦولهي وٺي ايندا يا مسودو کڻي ايندا.
ٻن هفتن کان پوءِ، علي بابا سان فون تي ڳالهه ٿي. هن چيو ته مون مسودو نه ڳوليو آهي نه وري لڀندو. ٽائيم هجي ها ته ڳوليان ها. اوهان ”موهن جو دڙو“ ڇپائي ڇڏيو.
ٻن مهينن کان پوءِ عليءَ جي ملائڪن چيو ته؛ ”هن کي ڳولڻ ڏکيو ڪم آهي، ڪوشش ڪريون ٿا، وڃي ٿو ته مائٽن کي به ٻڌائي نه ٿو وڃي.“
******
تنهن ڏينهن، عوامي آواز جي رپورٽر وقار شر جي پڇا ڪرڻ تي مون علي بابا جي ٻنهي ملائڪن کي ننڊ مان اٿاري پڇيو ته؛ ”خبر آئي اهي ته علي بابا مري ويو.“ ٻنهي ننڊاکڙا ڇرڪ ڀريا. ملائڪ جاڳي پيا. پر علي بابا سمهي پيو هو.
*******
آئون ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر ڪوٽڙيءَ ۾ سندس جنازي ۾ شرڪت لاءِ ٺٽي رستي نڪري پياسي، مظهر ٽائيم ڏسيو هو. اقبال ملاح کي عوامي آواز ۽ آرٽس ڪائونسل پاران گلن جون چادرون ٺهرائڻ جو عرض ڪيم. قائدآباد وٽ اسان جي گاڏيءَ جا بريڪ فيل ٿي ويا. ڀرسان مستريءَ چيو ته گاڏي تي وڃڻ خطرو آهي. واپس آياسين.
هن کي انتهائي سادگيءَ سان بقول مدد علي سنڌيءَ جي ته ”هڪ غريب جي جنازي ۾ ٿورڙا ماڻهو آيا هئا“ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
حالن احوالن مان خبر پيئي ته، رات جو کيس دست ٿيا هئا. هن جي بدن جو پاڻي سُڪي ويو هو. پاڻي کي کوٽ سبب جيئن سنڌ موهن جو دڙو بڻجي ويندي، تيئن جسم جي پاڻيءَ سڪڻ سبب موهن جي دڙي جو خالق مري ويو. ڪنهن کي به سڌ ڏيڻ کان سواءِ. ڪنهن جي به همدردي وٺڻ کان سواءِ هو مري ويو ۽ غريب جيئان دفنائجي ويو.

عاليشان علي بابا
ثريا ڪپري-آمريڪا
مون اهو ٻڌو آهي ته اسي واري ڏهاڪي تائين سنڌي ڊراما ٺاهڻ وارن کي طعنا ملندا هئا ته اهي ته فقط ڏوهاري طبقي جي ترجماني ڪن ٿا. مٿان وري هنن کي گهٽ بجيٽ ملندي هئي ۽ هو ٽن ڪئميرائن بدران هڪ ڪئميرا سان ڪم ڪندا هئا. سنڌي اداڪار، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر تڏهن به بهترين ڪم ڪندا هيا. جنهن پي ٽي ويءَ تان نشر ٿيندڙ اهي ڊراما مثال طور “ناٽڪ سڀا” جي سيريز، مزاحيه خاڪن وارو پروگرام “چهچٽو” ناهي ڏٺو، انهن کي خبر ئي ناهي ته هنن ڇا وڃايو آهي، ڇو ته اهي پروگرام محفوظ ناهن رهيا، اهو ان ڪري ته جنهن فلم (يا ريِل) تي هو فلمبند ٿيندا هيا اها وري هر هر استعمال ٿيندي هئي...
سو شايد قدرت کي انهن ماڻهن کي اهو ٻڌائڻو هو ته ڪنهن تي ٺٺول نه ڪريو نه ته مان زورآور آهيان ۽ علي بابا جو قلم هليو ۽ هن جو لکيل ڊرامو “دُنگي منجھه درياءَ” (درياءَ منجھه ٻيڙي) جي نالي سان پي ٽي وي تان نشر ٿيو. هي منڇر ڍنڍ تي ٻيڙي ۾ گهر ٺاهي ويهندڙ سنڌي مهاڻن جي زندگي تي هيو جنهن ۾ حقيقت جا رنگ ڀرڻ لاءِ جيجي زرينا بلوچ پاڻ وڃي ٻه هفتا کن ٻيڙي تي رهي ۽ هنن جي ٻولي، طور طريقا سکي اچي اهڙي ته اداڪاري جا جوهر ڏيکاريائين جو جڏهن اهو ڊرامو جرمني جي ڊراما فيسٽيوَل ۾ پيش ٿيو ته ججن هن کي ٻيانوي ملڪن جي پيش ڪشن مان ٽيون نمبر ڏيئي ڇڏيو ۽ ان سان ملڪ اندر واڄٽ وڄي ويو.
هي اهو زمانو هيو جو سنڌي چئنل ڪو نه هئا، نه ئي انگلش پروگرام وارا ڪئبل چئنل هيا. نه وري هندوستان جا ڪئبل اسٽار پلس وغيره هوندا هيا. پي ٽي وي هڪ ئي چئنل هيو ۽ ان تي روز هڪ سنڌي پروگرام ايندو هو جيڪو اڌ ڪلاڪ هلندو هو ۽ سنڌ جي اندر رهندڙ ماڻهن کي روز اهو چوڻو پوندو هو ته “ڪاش سنڌي پروگرامن جو وقت وڌي”.
علي بابا جي ان بين اقوامي ايوارڊيافتا ڊرامي ۾ ڌاڻو نالي هڪ  عورت جو رول هيو جيڪا مير بحر آهي ۽ منڇر ڍنڍ تي هڪ ٻيڙي جي اندر گهر ۾ رهي ٿي، ان جي اندر پچائي ٿي. هي هڪ لبرل عورت آهي جيڪا جڏهن ڪاوڙجي ٿي ته مردن کي سڌيون ٻڌائي ٿي. جيجي زرينا بلوچ محنت ڪئي ۽ علي بابا جي قلم مان نڪتل لفظن سان انصاف ڪيو، نتيجي ۾ جرمني جي شهر ميونخ جي ڊراما فئسٽيِوَل جا جج هن ڊرامي کي مڃتا ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا.
علي بابا سنڌ جي حقيقي ڪردران کي پردي تي آندو، سنڌ هڪ لبرل سوچ رکندڙ سر زمين آهي، هتي جا ماڻهو دولت جا پوڄاري ناهن، اسان وٽ ڪلاس سسٽم واري سوچ رکندڙن کي انسانيت کان عاري سمجهيو ويندو آهي، عورتن جي حقيقي معني ۾ عزت ڪئي ويندي آهي، يورپ جي معاشري جا جج اهو ڏسي حييران ٿي ويا ته هڪ ايشيائي عورت هينئن ٿي ڳالهائي ڇو ته هنن وٽ عورت کي اهو مقام اڃا به حاصل ناهي، خالي دعويٰ گهڻا ڪيا وڃن ٿا.
صرف هي ڊرامو نه پر علي بابا جون ٻيون لکڻيون به ڏسڻ لائق آهن، جهڙوڪ سندس ناول موئن جو دڙو جنهن جي اندر هن جو منفرد انداز، لاجواب تصور ۽ شاعري جا شاهڪار نمونا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مٿي ذڪر ڪيل ڊرامن کان علاوه هن ننڍيون ڪهاڻيون لکيون جن ۾ انهن ڪهاڻين جو مجموعو“ڌرتي ڌڪاڻا”، “لهندڙ سج جي لام”، “رڃ سڄو ئي رت ڦڙا”، “سند باد” ۽ “مسافر” وغيره شامل آهن. ان کان علاوه هن جا لکيل لازوال گيت به ٽي وي تي مشهور ٿيا جيڪو هن وقت مون کي هڪ ياد آ جيڪو پڻ جيجي زرينا جي سريلي آواز ۾ ڳايل آ، جنهن جا ٻول آهن ”اسين ماڻهو لاڙ جا، درياھ جي پاڇاڙ جا، اُترڙو ٿو لڳي“.
هيترو ٽئلنٽ هوندي به هو مغرور نه ٿيو ۽ پنهنجي فن کي ڪيش ڪو نه ڪرايائين ۽ آخر تائين ايمانداري سان روزي ڪمائي ٻچن کي کارائيندو رهيو. هي اها لولي آهي جيڪا هر سنڌي ماءُ پنهنجي ٻچن کي ڏيندي آهي، دنيا جي خاطر آخرت جو سودو متان ڪجو، پئسن جي خاطر ضمير کي نه وڪڻجو. سو علي بابا به پنهنجو ضمير جو فيصلو مڃيندي ايئن ڪيو ۽ پنهنجي دُنگيءِ کي پار لڳائي نوجوان نسل لاءِ هڪ مثال قائم ڪري ويو.


علي بابا جو پورٽريٽ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
منهنجي وڏي ڌيءُ اڄڪلهه انٽر انجنيئرنگ جي نتيجي واري اوسيئڙي ۾ رهڻ سبب پنهنجي ڀاءُ مهراڻ جوکيي جي ڏنل هدايتن هيٺ ويزئول آرٽ ۾ دلچسپي رکندي ڪجهه ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي...
آگسٽ ۰۸، علي بابا جي پهرين ورسيءَ جي نسبت، منهنجي آشا تي نور زهرا هيءُ پورٽريٽ، پينسل ۽ چار ڪول تي ٺاهيو آهي، جيڪو دوستن سان شيئر ڪجي ٿو...
علي بابا بابت نند ڇڳاڻي لکي ٿو ته:
اصلي نالو علي محمد، ادبي نالو علي بابا. سندس پتا جو نالو محمد يوسف بلوچ. ۱۹۴۰ع، ڪوٽڙيءَ ۾ سندس جنم ٿيو. سندس وڏا بلوچستان کان لڏي پهرين سيوهڻ، پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيا. سندس پتا ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي ملازم هو. پاڻ ڇهه درجا انگريزي پڙهيو. پهرين ريلوي ۾ ڪلارڪ طور گهڙيو. هڪ سال نوڪري ڪيائين. پوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور ۴ سال گذاريائين. ۱۹۶۵ع کان لکڻ شروع ڪيو اٿائين. اڄ سوڌو قلم هلي ٿو. شايد سنڌ ۾ اهو ئي ليکڪ/ ساهتيڪار آهي، جنهن کي پنهنجي ڪمائيءَ جو وسيلو فقط قلم آهي. ادب سندس پيٽ ڀرڻ جو ذريعو آهي. ڪلاڪار جون گهرجون اتي ڪڏهن ڪڏهن فن سان انصاف ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ٻيو رولڙو سندس نصيب ۾ لکيل آهي. ڪٿي به ٿر ٿانءِ نه ٿيو آهي.
پنهنجي ڪتاب ”منهنجون ڪهاڻيون“ ڀاڱو پهريون ۾ لکي ٿو ’هر ليکڪ سٺو پاٺڪ به هوندو آهي. مون کي شيام جئسنگهاڻي وڻندو آهي. لعل پشپ وڌيڪ وڻندو آهي. گنو سامتاڻي، ايشور چندر ۽ موهن ڪلپنا وڻندا آهن. ائين ته وڻڻ جي ڪا انتها ئي ڪونهي، ائين جيئن چيخوف، اوهينري. مارڪيز مون کي چيخوف جيترو نه وڻندو آهي ۽ نه لعل پشپ جيترو... “
”نسيم احمد کرل تمام وڏو ڪهاڻيڪار هو. جيئري عالماڻي جو به ڪو مٽ ڪين هو. اڃا هن ڪهاڻيون لکڻ ئي مس شروع ڪيون ته پاڻ ڪئنسر ڪهاڻي ٿي ويو. ساڳيءَ ريت ماڻڪ کي به موت جي پيئڻ بلا وقت کان اڳ پي وئي.“
ساڳئي لعل پشپ جو نائونمل ڪتاب پڙهي، ڏاڍي ڏکاري لهجي ۾ هن لکيو ’سنڌ جو درد ۽ بي خبر ماڻهو‘..... (سلسليوار سنديش ۲۰۰۶)” لعل پشپ تي لکيل اڀياس پڙهندي محسوس ٿيو ته لعل جي اندر ۾ به هڪ وياج خور واڻيو ويٺو آهي. جيڪو تاريخدان نه هوندي به تاريخي وياج وصول ڪرڻ ٿو چاهي ۽ پنهنجا ٻئي پير اُن گپ ۾ گپايو ويٺو آهي. سنڌ سڳوري ساري رُڃ ٿي ويئي. لعل پشپ جهڙا اٻوجهه ڏاها اديب جيڪي هيڏي وڏي ورهاڱي جي چوٽ کائڻ کان پوءِ به سنڌي هندو، سنڌي مسلمان جي چڪر مان ٻاهر نه نڪري سگهيا آهن. اسين سنڌ جا اديب روس، افغانستان، بينگال، ويٽنام، چين، عراق، چلي، فلسطين، گهانا بلڪ هر مظلوم لاءِ آواز اُٿاريندا آهيون، پر اسان لاءِ ڪنهن ملڪ جي اديب وٽ هڪ سٽ به نه هوندي آهي. سياستدان ته اڃا پري جي ڳالهه آهي..... اسين هينئر پنهنجي دولهه درياهه شاهه کي بچائڻ لاءِ بي هٿيار جنگ وڙهي رهيا آهيون. اسان کي ڪنهن جي به مدد ڪانه کپي. اسان کي ان ڳالهه جي پرواهه نه آهي ته ڪير اسان کي ڇا ٿو چئي ماري. اسان کي رڳو ايتري خبر آهي ته اسان حق تي آهيون. پنهنجي رب پاڪ پاران اسان جي ڦٽل نه هجي. باقي ڪير اسان جي نسل ڪشي ڇا ڪندو.“
علي بابا هڪ سٺو ناٽڪ ڪار ۽ ناول نويس به آهي. سندس ناٽڪ ”دنگيءَ منجهه درياهه“ ۱۹۸۱ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ واري ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام کٽيو، جنهن ۾ هن سنڌو درياهه جي مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ناول ”موهن جو دڙو“ ڪنهن مخزن ۾ قسطن ۾ هليل آهي. (بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي)
هن جي لکڻيءَ ۾ ماحول، موضوع ۽ مسئلا گهڻو ڪري سنڌ جا آهن. هو جيڪي لکي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن پسمنظر ۽ حقيقت تي مدار رکي ٿو. پنهنجن همعصرن کان بلڪل جدا، نرالو پر ناليوارو. هن جا ڪردار سامهون جيئرا انسان آهن. پڙهندي ڪڏهن همدردي ته ڪڏهن نظام (حڪومت) برخلاف نفرت جو ڀاؤ پيدا ٿيو پوي. ”سؤ رپيا نوٽ ماڻهو“ ڌرتيءَ ڌڪاڻا مان فقط ساڍا ڇهه پيج ڪهاڻي پڙهو. اڄ واري ٻوليءَ ۾ اُن کي سوپاري ڏيڻ – وٺڻ چوندا آهن. ڪهاڻيءَ جو مکه ڪردار ’ڀرام‘ سؤ رپيه نوٽ جو قائل ٿو ڏسجي. سؤ جو نوٽ وٺي ماڻهو ماريو ڇڏي.... ڪهاڻيءَ ۾ چست، تازا توانا، نوان ڊائلاگ، اُهو به اُنهن جي ٻوليءَ ۾.... سنڌ ۾ بدلي جي ڀاونا اڃا هلندي اچي.... ٿڃ پياڪ ٻار کي وات ۾ پستول جي گوليءَ سان مارائي چڱي خان کي پنهنجو اندر ٺارڻو آهي.... چڱي ردوبدل کان پوءِ سؤ روپين جو نوٽ ۽ پستول سيلنسر سوڌو چڱي خان کي وٺي، لوڊ ڪري ڀرام کيس ٻڌائي ٿو ته وڏيري رمضان کان مون سؤ روپيه ورتا آهن- چڱي خان جي ڀڀ ۾ سندس ئي پستول جي گولي هڻڻ لاءِ. ۽ لفٽ جو بٽڻ خوني کي ڳڙڪائي وڃي ٿو.
سنڌ جي هڪ عالم، تاريخ نويس پير حسام الدين راشديءَ علي بابا کي ”سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ“ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. تاج جويو لکي ٿو ته منهنجيءَ نظر ۾ هو ”سنڌ جي روح جو پارکو“ ڪهاڻيڪار آهي. تاج کيس امر جليل ۽ نسيم کرل کان پوءِ ٽيون نمبر بهترين ڪهاڻيڪار مڃي ٿو. نبض شناس، وقت جي نازڪ رڳ تي هن جا هٿ کپيل رهن ٿا ۽ دائما اثر ڇڏين ٿا. سندس ڪهاڻي ”ڪجلا تجلا ماڻهو“..... آمريڪن اسڪالر ليڊي سنڌ جا آرٽس ۽ ڪرافٽ ڏسڻ ٿي گهري. گائيڊ سڀ ڪجهه ڏيکاريندي سنڌ جي آرٽ ۽ ڪلچر کي ڄڻ پرٽي ڇڏي ٿو. موهن جي دڙي جي سڀيتا اکين آڏو آڻي بيهاري ٿو. سنڌ جي غريبيءَ جو تکو احساس ڪرائي ٿو. فراسن ٺاهڻ وارين عورتن جي مجبورين - جيڪي ڏينهن ۾ سورهن ڪلاڪ ڪم ڪري، اکين ۾ موتيو ٿيو پرائين. اُتي ڊاڪٽر جو نه هجڻ، پر پوءِ به اَملهه فراسين جو ٺهڻ ۽ آمريڪن ليڊي جو آڌرڀاءُ – حالتن انوسار اُن آمريڪن ليڊي کان زوردار اکر ٿا نڪرن ”او گاڊ! اِٽز ٽيريبل – اِٽز ٽارچرنگ!“ هر ڳوٺ، هر واهڻ ۾ آمريڪن ليڊيءَ کي ڌيءُ، ڀيڻ، نياڻي سمجهي ڳوٺاڻيون کيس خرچيون ٿيون ڏين ۽ اُهو سڀ ڏسندي گائيڊ همراهه پنهنجو معاوضو به نٿو وٺي ۽ کيس چوي ٿو، ”نو پيمينٽ – يو آر اِن ارٿ آف موهن جو دڙو.“ هن جي تحرير اهڙو آئينو آهي، جنهن منجهه ڪيترا مهانڊا ڏسي سگهجن ٿا.
جتي نسيم کرل جهڙو ماڻهو ائين چوي ٿو ته ڪهاڻي لکڻ لاءِ رت ولوڙڻو پوي ٿو. ڪڏهن ٻه ٻه – ٽي ٽي مهينا لڳيو وڃن ۽ هو اُن لاءِ پنهنجون ڪهاڻيون ’ڪافر‘ ۽ ’چوٽيهون در‘ ٻڌائي ٿو، اُتي علي بابا چوي ٿو ته ڪهاڻيون پاڻمرادو لکجي وڃن ٿيون. ان مان سندس مشاهدي جي قوت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پاڻ لکي ٿو ته ڪجهه نواڻ لاءِ جاکوڙ اُڌاري ورتل يا پاروٿي نه هوندي آهي. پنهنجي نرالي سوچ کي تخليق جو ڀرپور جوڀن ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو. ”نسيم نسيم کرل کرل“ ۾ چيو اٿس، ”هڪ فنڪار کي کوجي لهڻ ڏاڍو اهکو آهي. فنڪار کي ڏسڻ لاءِ هن جي هاٺي ڪاٺي، کائڻ پيئڻ، پهرڻ، ماڻهن سان وڙاءُ سڀ بيڪار آهن. فنڪار جي کوج سندس فن مان لڳائي ويندي آهي، سندس رچنائن ۾، پر ماڻهوءَ جي اندر ۾ ڪيڏي ڇولان ڇول هوندي! ان لاءِ اسان ڪابه سائنسي ايجاد نه ڪري سگهيا آهيون. سڀ ايڪسري مشينون بيڪار آهن.“
مونکي ۱۹۸۷ع ۾ علي بابا سان گڏجڻ جو موقعو مليو. سنڌ الاجي ۾ نند جويري ۽ هري موٽواڻيءَ سان گڏ سنمان وارو جلسو هو. اُن کان هڪ سال اڳ مرحوم هري موٽواڻي ڪوٽڙيءَ مان هن جي گهران موٽي آيو هو. هي خانه بدوش کيس ڪونه گڏيو. هاڻي اُن وقت لاءِ معافي وٺندي، هريءَ کي چيائين ته منهنجي پتا کي خبر ئي ڪونه آهي ته هري ڪير ٿيندو آهي. مون کيس تنهنجو آدرستڪار نه ڪرڻ تي ڏاڍو ڳالهايو، پر ۱۹۹۵ع ۾ ”منهنجون ڪهاڻيون“ ڪتاب هن مرحوم پتا جي نالي ارپڻ ڪيو. تازو گوبند خوشحالاڻيءَ جي ناول کي هن ناٽڪ ۾ روپانتر ڪيو، جيڪو سنڌ ۾ ڏيکاريو ويو. گوبند کان علي بابا بابت ڪجهه ڄاڻڻ چاهيم. چيائين مون سان روبرو ڪڏهن به ملاقات ڪونه ٿي اٿس. دوستن جي معرفت ڪم ٿيو آهي. موهن ڪلپنا جي علي بابا سان لکپڙهه. ٻئي ڪوٽڙيءَ جا. علي بابا لکيس ته ڪوٽڙيءَ جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ منهنجي ڪلاس ۾ برابر هڪ موهن هو، جنهن جا گوبا پيا وهندا هئا. موهن جواب ڏنس ته علي نالي ڇوڪرو پنهنجي چولي سان منهنجا گوبا پيو اُگهندو هو.... پر موهن ڪلپنا ۱۹۳۰ع ۾ ڄاول آهي ۽ علي بابا ۱۹۴۰ع ۾ ڄاول آهي.
’ڌرتيءَ ڌڪاڻا‘ ڪتاب ۾ ٻيون سترهن ڪهاڻيون آهن. ٽائيٽل ڪهاڻي ڌرتيءَ ڌڪاڻا ورهاڱي جو درد کڻي هلي ٿي. رام پٽ ساوتري هنڱوراڻي جڏهن ماءُ جي گرڀ ۾ اڃا چئن مهينن جو هو ته ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. اڄ پرڏيهه مان موٽندي هو خاص اُن هوائي جهاز ۾ ٻيڻو ڀاڙو ڏئي سفر ڪري رهيو آهي، جيڪو انڊيا وايا ڪراچيءَ ويندو. کيس اِها ڄاڻ آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز فقط ۴۵ منٽ ترسندو. ٽرانزٽ لائونج کان ٻاهر به نه وڃي سگهندو. ننڍڙي هوندي کان هن پيءُ ماءُ ۽ ناني واتان ور ور ڪيو، سنڌ – ڪراچيءَ جون الاهي ساريون ڳالهيون ٻڌيون. ماءُ کي اُن وقت ڳالهائيندي، هنجون هاريندي ڏٺو. چوندي هئس، رام، هي سياستدان سدائين پاڻ ۾ وڙهيو پيا پرچن. ڪڏهن ته پاسپورٽ کلندا، تون وڏو ٿين ته هڪ ڀيرو مونکي وطن جا وڻ ڏيکارجانءِ. آءٌ سنڌو ساگر جي پوڄا ڪندس. موهن جي دڙي کي سجدا ڪندس. شاهه تي پَڙ چاڙهيندس، نه ته منهنجي آتما ڀٽڪندي رهندي... ۽ هوءَ ايترو چوندي چوندي اچي سڏڪن ۾ پوندي هئي. ممبئي جي گيٽ آف انڊيا کي ڏسندي کيس ڪلاچي – ڪراچيءَ جو سنڌو ساگر سمونڊ ياد ايندو. هوءَ اهو به مڃڻ لاءِ تيار نه هوندي هئي ته هن کي عربي سمنڊ چوندا آهن. چوندي؛ راجا ڏاهر وقت به ڪو عربي سمنڊ هو ڇا؟ پاڻ اهو رام ور ور چوي ٿو ته آءٌ ڇا ڄاڻان وطن. آءٌ اُن جذبي کان ڪورو آهيان، خالي آهيان. آءٌ هڪ ڌرتيءَ ڌڪاڻو آهيان. ڪو ٿر ٿانءُ ڪونهي. ڪا ڌرتي، ڪو شهر، ڪو سُر سنگيت ڪونهي. مون کي ڪهڙي خبر شاهه جي سُرن جي. کيس ناني، جيڪا هاڻ وڏي ويشنو سڏائيندي آهي، زبان کي چشڪو ڏيئي چوندي هئي، ”اڙي، هل ڙي ڀيٽو، منهنجي ملڪ جو رڳو پلو کائي ڏسين ها ته هندستان جا ست طعام ڀلجي وڃين ها.“ هوءَ ڀلجي به پنهنجو وطن نه پر منهنجو وطن چوندي هئي. کيس اهو به سمجهه ۾ اچي ٿو ته ايئرپورٽ لائونج ۾ جي اهي ڳالهيون مليون به ته آءٌ اُنهن جو ساءُ – سواد – سونهن – رس رنگ اُن نموني ماڻي نه سگهندس جيئن منهنجي ماءُ محسوس ڪيو هو. ايئرپورٽ تي جهاز مان لهندي، هن جي من جي مونجهه – هوا جي جهونڪي لڳڻ سان ماءُ جي يادگيري ساريندي، پگهر ۾ شل ٿي وڃي ٿو. لائونج ۾ موهن جي دڙي جون تصويرون – سنڌي پينار ۽ اوٺين جون تصويرون – ڪئنٽين ۾ فقط پاڻيءَ جو گلاس، سنڌو جل لاءِ. اهي مڙيئي ڳالهيون ڏيئي، علي بابا جيئرو ڌرتيءَ ڌڪاڻيل ڪردار اکين آڏو ٿو بيهاري. اُن وقت جي پاڪستان جي حالت ڏسو، جو بوڪ اسٽال تان ڪوبه سنڌي ڪتاب کيس ڪونه ٿو ملي. کيس چوڻو پوي ٿو؛ ”يهان ڪي قومي زبان اڙدو هئه، يهان ڪوئي سنڌي ڪتاب نهين رکهتي....“ مهروان ممتاڻي ۽ ڀڳوان ڪپور جي ائبسٽرڪٽ مان سنڌي مهانڊا کيس بخوبي ياد ٿا اچن، پر هتي ته جيئرن انسانن مان ڪوبه سنڌي چهرو نظر نٿو اچي ۽ ائين رام پٽ ساوتري هنڱوراڻي واپس جهاز ۾ پنهنجو منهن لڪائي اچي سڏڪن ۾ پوي ٿو..... ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار جي مزاج، جذبن ۽ لاڙن جو وڏو دخل آهي. قلم سندس چيو ڪري ٿو. جيڪو لکيو اٿس ڄڻ حقيقتن جي سؤ سيڪڙو ترجماني ڪئي اٿس. مشاهدي جي قوت قدرت کيس اڻ مئي ڏني آهي.... جيڪو پاڻ محسوس ڪري ٿو، اُن کي پوري شڪل به اهڙي ڏني اٿس، جو اهوئي تاثير پڙهندڙن جي پلئه پوي ٿو. ڪتاب ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ اهڙي پر بهار ۽ رنگين شخصيت سان روشناس ڪرايو آهي، جنهن تي تحقيق ڪرڻ لاءِ وزندار سنڌي شخصيت گهرجي.
سنڌ جي هڪ عالم، تاريخ نويس پير حسام الدين راشديءَ علي بابا کي ’سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ‘ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي.
علي بابا، ۸ اگسٽ ۲۰۱۶ سومر ڏهاڙي وفات ڪري ويو.


علي بابا
سنڌ جو يگانو ليکڪ ۽ عظيم ڪهاڻيڪار
ابراهيم لاشاري
سونهاري سنڌ ڌرتي وقت به وقت ڪيترن ئي شاعرن، اديبن، ڪهاڻيڪارن ۽ اهل علم کي پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي جيڪي پنهنجي ڪيل ڪمن جي ڪري سڄي دنيا منجهه سڃاتا وڃن ٿا ،اهڙن انسان منجهه سونهاري سنڌ جي ضلعي ڄامشوري  جي شهر ڪوٽڙي ۾ علي بابا نالي شخص سال ۱۹۴۰ع ڌاري محمد رمضان رند بلوچ جي گهر کان پنهنجي زندگي جوسفر شروع ڪيو. سندس ڇٽيءَ جو نالو علي محمد رکيو ويو. علي محمد اڳتي هلي (علي بابا) جي نالي سان سڃاتو ويو ۽ مشهور پڻ ٿيو. علي بابا جا وڏڙا اصل بلوچستان صوبي منجهان اوڻيهين صدي ۾ لڏي اچي سيوهڻ شهر ۾ جهوپڙي اڏي اچي ويٺا ،علي بابا جو والد صاحب پڙهيل لکيل ۽ ريلوي کاتي ۾ شنٽنگ پائلٽ طور ملازم پڻ هو .علي بابا کي والد ڪوٽڙي شهر جي نانگو لائين ميونسپل اسڪول ۾ ڦرهي هٿ ۾ ڏئي داخل ڪرايو ، جتان هن پرائمري تعليم جا پنج درجا پاس ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شيردل خان هاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾ داخل ٿيو.
علي بابا جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ڏئي رهيو هو ته امتحان هال منجهه هڪ هڪ ٻار (ڇوڪر) کي علي بابا گهٽ وڌ ڳالهايو (ڀونڊو) ڏنائين جنهن جي ڪري سندس استاد  قاضي يار محمد امتحان هال منجهان کيس ڪڍي ڇڏيو، تنهن کان پوءِ علي بابا اسڪول وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو. علي بابا پنهنجي والد صاحب جي ڪرت جيان هن به پهريان ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ملازمت اختيار ڪئي، مسلسل ست سال کن هو ڪلارڪي جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. تنهن بعد علي محمد رند (علي بابا) هڪ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسٽنٽ مئنيجر طور ڪم ڪيو. سال ۱۹۶۵ع کانپوءِ علي بابا نوڪري منجهان هٿ ڪڍي آجو ٿي لکڻ پڙهڻ کي اچي ورتائين، بس هاڻ لکڻ پڙهڻ ئي علي بابا جو گذر سفر جو ذريعو بڻجي ويو .علي بابا جون شروع شروع ۾ ڪهاڻيون، شمشيرالحيدري (نئين زندگي) رسالي ۾ ۱۹۶۵ع ڌاري ڇپيون. علي بابا سنڌي ٻولي جو اهو پورهيت اديب هو جنهن هميشه سچائي سان پورهيو ڪيو. علي بابا سنڌ جي چپي چپي کي پرين جو شهر سمجهي گهميو.
حساس دل جو هي عظيم اربيلو مست الست ڪهاڻيڪار سنڌ جي حسن ڏسندي ڪڏهن به نه ٿڪو. سنڌ هن لاءِ سونهن ۽ حسن جو باڪمال نمونو آهي. هن جي ڪهاڻين منجهه سنڌ جي ثقافت ۽ لاجواب ٻولي جو جهجو استعمال پڻ آهي، هن پنهنجي سموري زندگي ۾ ريڊيو، ٽي وي، لاءِ ئي ڊراما لکيا جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا. علي بابا کي ڊراما لکڻ جو وڏو ڏانءُ هو. هن جي هڪ ٽي وي ڊرامي (دنگي منجهه درياهه ۱۹۷۶) کي ميونخ جرمني جي شهر جي بين الاقوامي ميلي منجهه (ٽيون نمبر) حاصل ٿيو هن ميلي منجهه دنيا جي ۹۷ ملڪن حصو ورتو هو. هي پاڪستان جو پهريون ڊرامو هو جنهن کي بين الاقوامي ايوارڊ سان نوازيو ويو. اهڙي طرح هن جي ٻين ڊرامن کي پاڪستان ٽيليويزن ڊرامي (عڪس ۽ اولڙا) کي پڻ ايوارڊ سان نوازيو ويو علي بابا ڊرامانگار کان سواءِ ناول نگار ، افسانه نگار جي حيثيت سان پاڻ مڃرائي چڪو آهي، سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن .
علي بابا جو هڪ ناول (موهن جو دڙو) مسلسل قسطوار ڇپجندو رهيو آهي، هي ناول وڏي مقبوليت پڻ ماڻي چڪو آهي علي بابا هن وقت تائين سنڌي ادب کي لڳ ڀڳ ٽي سئو کان مٿي ڪهاڻيون ڏنيون، سندس لکيل ڪهاڻين جي ڪتابن ۾ ڌرتي ڌڪاڻا، لهندڙ سج جي لام، رڻ سڃوئي رت ڦڙا، آيل ڙي اولاڻا، منهنجون ڪهاڻيون، سنڌباد جو سفر ۽ ناولن جي ڪتاب ۾ مسافر ۽ موهن جو ڌڙو اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه علي بابا ٽيلي ڊراما، فلم اسٽوريون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ ڏنا آهن، علي بابا جي پهريون ڪهاڻين جو مجموعو (ڌرتي ڌڪاڻا) سال ۱۹۸۳ع ڌاري ڇپيو، جنهن جو مهاڳ-نما مضمون ۾ سنڌ جو ناليوارو براڊڪاسٽر، اديب پيارو انسان محترم نصير مرزا صاحب لکي ٿو ته:
پهرين ڪهاڻي کان آخري ڪهاڻي تائين جي ارتقا جو ساٿ ڏيندي، مسلسل نئون علي بابا جنم وٺندو رهيو آهي. ان مجموعي منجهه علي بابا جون ارڙهن ڪهاڻيون شامل هيون، سندس ڪتاب (ڌرتي ڌڪاڻا) تي کيس سگا پاران ايوارڊ پڻ مليو هو ۽ هڪ هزار رپيا پڻ ۽ سنڌ الاجي طرفان پڻ کيس ايوارڊ ڏنو ويو هو ان کانسواءِ علي بابا کي مڃتا طور کيس مليل ايوارڊن ۾ شاهه لطيف  ايوارڊ، ڊرامئٽيڪ سوسائٽي پاران گولڊ ميڊل ۽ پاڪستان سرڪار پاران مليل صدارتي ايوارڊ پڻ شامل آهن، علي بابا  سنڌ جو اربيلو، سنڌ جو يگانو نثر نويس، افسانا نگار، ناٽڪ نگار، ۽ ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي زماني جو هي نرالو ۽ منفرد ليکڪ علي بابا ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ پنهنجي ڀائٽي محمد رفيق رند بلوچ جي گهر ۾ترسيل هو ته اوچتو سندس کي دل جي تڪليف ٿئي پئي هن عظيم اديب علي با با کي ترت اسپتال ته پهچايو. ويو مگر زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو اهڙي طرح هي سنڌ جو يگانو اديب ۸ آگسٽ سومر ڏينهن سوين اديبن، دوستن ۽ پنهنجي گهر واري ۵ نياڻين ۽ هڪ پٽ کي سوڳ ۾ ڇڏي زندگي جا ۸۰سال ۷ مهينا گذاري هميشه هميشه لائي راهه رباني ٿي ويو. سندس مڙهه کي ڪراچي کان منتقل ڪري ڪوٽڙي ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ محمد يوسف بلوچ آڻي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس ڪيل ادبي پورهيو صدين تائين ياد رهندو سندس اڄ ۸ آگسٽ تي هن اربيلي يگاڻي ڪهاڻيڪار، اديب جي پهرين ورسي ملهائي ويندي.


علي بابا
فقير صفت
آصف رزاق عمراڻي
علي محمد ولد محمد رمضان بلوچ ۱۹۴۰ع ۾ ڪوٽڙي ضلع دادو ۾ڄائو، سندس اصل نالو علي محمد پر پوءِ ادبي نالي علي بابا سان مشهور ٿيو، علي بابا جو والد جيڪو ريلوي ۾ ملازم هو، علي بابا پنهنجي شروعاتي تعليم ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي، علي بابا ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيون سندن حساس طبعيت جي ڪري هن کي انهن نوڪرين کي ڇڏڻو پيو پر ڪڏهن به نا اميد نه ٿيو هميشه پنهنجن اصولن تي قائم رهڻ ڪڏهن به پنهنجي موقف تان هٿ نه کنيائين چيو ٿو وڃي علي بابا هڪ دور جنهن جي پڃاڻي ڪڏهن! ڪڏهن به نه سادو صوفي منش هميشه ڪنهن خيال ۾ ڪنهن فڪر ۾ گم هر وقت اندر جي ان انسان کي جاڳ ۾ رکڻ وارو ڌرتي جي ذري ذري کي سوچڻ سمجهڻ پرکڻ وارو هن جي خيالن جي اڏام ته هماليا جي اونچائي کان به مٿانهين هئي، ارڏائي ۾ سڀني کان اتانهون جستجو ۾ به سڀني کان اڳرو وري نرم ته ڪنهن جي ننڍڙي ڏک به هن جي اندر جي تارن کي ته ٽوڙيو ٿي پر دل به ڦسي ٿي پيس هميشه ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ائين چئجي ته هو رولاڪ هو، پنهنجي مستي ۾ مگن پنهنجي ذات ۾ ڪي وڏا راز رکندڙ هو، هن جي سوچ ۾ ٽهڪ هوا ته ڏک به هوا هر طرح کان هڪ مڪمل ۽ سچو سادو صوفي منش هو ڪڏهن به نه جهڪڻ هن جي فطرت جو اهڃاڻ هو ۽ ان اهڃاڻي ڪيفيت جو به هن سان عشق هو، وقت جي  ڏاڍ ڏمر هن کي ٿڪائڻ جا ڪيترا ئي جتن ڪيا، هن تي ڪيترا ئي حملا ڪيا، پر هن وقت جي ڪاريهر کي منڍي مان وٺي مروڙي ٿي ڇڏيو، لکندي لکندي گم ٿي ويندڙ محسوس ٿي ٿيو ته ڄڻ ڪو رب هن سان مخاطب آهي.
هن جي اندر ۾ نه ڪا ٻيائي، هر ڳالهه سڌي منهن تي چوڻ ۾ ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو هو ۽ تڏهن ئي چوندو هو ته مان هڪ اهڙو ته سٺو پٽ آهيان جو پنهنجي ماءُ کي پنهنجي موت جي وڇوڙي جو صدمو نه ڏنم حيدرآباد کان ڪوٽڙي ۽ ڪوٽڙي کان حيدرآباد جي سفر دوران هن فقير منش ماڻهو سان ڪجهه گهڙيون گهارڻ عيوض ڪجهه اهڙا  پروانا فدا هئا، جو سندس سان ڪچهري جي ڪري گڏ سفر ڪندا هئا، منهنجو اهو يقين آهي ته علي بابا سائين هڪ درويش هو ڇو جو هن وٽ مير نه هو هن سنهڙي هاٺي، واري ماڻهو وٽ قرب جي ديوي جو واس هو، جنهن سان هو پيو ماڻهن جي دلين کي  کٽيندو هو هن جي ڪيل ادبي خدمتن کي ساڻيهه جا ماروئڙا ڪڏهن به قرض طور لاهي نه سگهندا هن ته ڌرتي ماءُ سان جيڪو پيچ پاتو ۽ واعدو نڀائي ڌرتي ماءُ جي ٿڃ جو قرض لاهي راهي رباني ٿيو هيءُ هن دنيا جو ته هو ئي ڪونه هن دنيا سان هن جو ٺاهه گھٽ هو ڇو جو هن کي اها اڻتڻ هئي ته پنهنجي گھر  واري بختاور عرف بگو سان ملان  ۽ اها خواهش هن جي ضرور پوري ٿي هوندي،
هن درويش سان ڪيترن ئي ماڻهن جي انسيت هئي پر هن درويش ڪڏهن به ڪنهن کان ڪا التجا نه ڪئي هو پنهنجي پاڻ ملهائي تاريخ ۾  امر ٿي ويو سندس گھٽ تعليم هوندي به دنگي منجهه درياهه جرمني جي شهر ميونخ ۾ ڊرامن جي عالمي ميلي ۾ ايوارڊ حاصل ڪرڻ هن لاءِ خاص ڪري سنڌ لاءِ وڏو اعزاز آهي، سندس ناول موهن جو دڙو  سنڌي ادب ۾ هڪ شاهڪار ناول جي حثيت رکي ٿو سندس چواڻي ته مونکي ٻاليشاهي ڊرامو ٿو وڻي ڇو جو ان ۾ هيٺِئين  سطح جي ماڻهن جو عڪس چٽيو هئائين، هن کي  سماج جي انهي طبقي سان انسيت هوندي هئي، جن کي اسان وٽ ڪا اهميت ئي نه آهي ڇو جو هو هو ئي درويش فقير ان ڪري ئي هن کي سماج جي پٺتي پيل طبقي سان محبت هئي سندس ڪهاڻيون ”آيل ڙي اولاڻا“ ”ڌرتي ڌڪاڻا“ ”چنڊ ۽ ماني“، مان ۽ ڪهاڻي ۾ جيئن چوي ٿو ته:
مان سٺو ڪهاڻيڪار آهيان ؟
مان اگهاڙو ڪهاڻيڪار آهيان؟
مان ڪهاڻيءَ ۾ عورت کي ذليل ڪندو آهيان؟
ڇا مونکان پاڻمرادو ڪجهه لازوال ڪهاڻيون لکجي ويون آهن ؟
يا منهنجيون ڪهاڻيون پنهنجي وقت سان پنهنجي فنا کي پهچي وينديون انهن ۾ ڪا دائميت ڪانهي؟ اهڙا ڪئي سوال منهنجي ذهن ۾ٻڏندا ترندا رهندا آهن مون ڪڏهن به هڪ ڪهاڻيڪار جيان سنجيدگيءَ سان انهن تي غور نه ڪيو آهي نه ئي مان پنهنجي لاءِمها ڪهاڻيڪار جي چتي لڳائڻ يا ليبل چنبڙائڻ لاءِ تيار آهيان ته علي بابا جي سوچ ٻين ليکڪن کان مڪمل طرح سان مختلف آهي، پاڻ سوال ٿا ڪن ۽ وري پاڻ پنهنجي پاڻ کي دنيا جي واهه واهه کان به پري رکن ٿا ته هڪ اهڙو ليکڪ جنهن کي نه وڏائي نه وري هٺ ته ان مان محسوس ٿئي ٿو ته اهي ادبي خدمتون  هن جي اندر جو آواز ثابت ٿيون سندس هڪ ڪهاڻي ڪارونجهر جو قيدي ۾،
“تنهنجو نالو؟” اهو ڪيپٽن تروٽ جو پهريون سوال هو.
“روپلو
“ٽون ڪنهن جي زور تي وڙهي رهيو هئين؟
“هر ماڻهو پنهنجي طاقتور ٻانهن جي زور تي وڙهندو آهي”
“مونجو مٽلب آ، تنهنجو پشٽ پناهه ۽ اڳواڻ ڪير آ؟
“ڪارونجهر جبل”
”ٽون ڇالاءِ وڙهي رهيو هئين؟”
“آئون پنهنجي پهاڙ، پنهنجي ڌرتي لاءِ وڙهي رهيو آهيان ”
“ٽوکي خبر آ ان جي سزا ڇا آهي؟”
”ها وڌ ۾ وڌ موت“
ته روپي جي بهادري جو عڪس علي بابا جي لفظن جي مٿانهين اڏار کي ظاهر ٿو ڪري ۽ هن جي ڪيل قلمي پورهئي هن جو ڳاٽ اونچو ڪيو آهي سندس ناول سندباد به هڪ بهترين ناول آهي پاڻ هن دنيا ۾ ڄڻ ته ڪو قيد هئا ۽ هن قيد مان آزاد ٿي هن حقيقي دنيا جتي نه ڪا ذات پات ننڍ وڏائي برابري محبت جنهن جي هن کي تمنا هئي اتي پهچي ويا پر پاڻ نڀائي ويا هاڻي ڌرتي ڌڻين تي آهي ته سندس شاهڪار قلمي پورهئي سان ڪيئن  ٿا نڀائين  علي  بابا هن دنيا ۾ ناهي پر سندن سوچ فڪر ۽ انهن جون عادتون اپنائڻ ۽ان جهڙي شخصيت جو اثر وٺڻ جهڙيون ڪوششون گهڻا تڻا ڪن پيا پر علي بابا هڪ ئي هو ۽ هڪ ئي رهندو ....


علي بابا
موھن جي دڙي مان لڏي آيل ماڻھو
شوڪت ميمڻ
ٿي سگهي ٿو ته هن جي ورسيءَ جي تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ اخباري دفتر ۾ ويٺل ادبي ذوق واري ڪنهن سب ايڊيٽر ڪوٽڙيءَ جي نمائندي کي فون ڪري چيو هجي، “اٺين تاريخ تي علي بابا  جي ورسيءَ جي حوالي سان ڪا رپورٽ ٺاهي موڪل” ۽ علي بابا جي شهر ڪوٽڙيءَ جي نمائندي پنهنجي موڪليل رپورٽ ۾ لکيو هوندو، “ورسيءَ واري ڏينهن تي عظيم ڪهاڻيڪار علي بابا کي ثقافت کاتي سميت سڀني وساري ڇڏيو.” جڏھن سندس ورسيءَ وارو ڏينهن خاموشيءَ سان گذري ويندو تڏھن  ٿي سگهي ٿو ته ٻيڙيءَ جي شڪل جهڙي قبر مان ڪنڌ کڻي هُو هڪ نظر سنڌ تي ڦيرائي، سمونڊ ۾ ڀٽڪي ويل ان ناکئي وانگر جنهن کي سج لهڻ واري وقت پري پري تائين ڪابه پَهِرَ نظر نه ايندي هجي ۽ پوءِ هُن جي روح جو آواز پنج هزار سال پراڻي دور سان پڙاڏي وانگر وڃي ملي.
ڇا انڊس اسڪرپٽ پڙھڻ جا جتن ڪندڙ محقق اهو ٻڌائي سگهندا ته اڄ کان هزارين سال پوءِ موهن جي دڙي جي هڪ ماڻھوءَ جي اها دانهن پڙاڏو بڻجي خلا ۾ گڏ ٿيل آوازن مان الڳ ٿي ان دور جي محققن کي سمجھ ۾ اچي سگهندي؟ انساني آوازن کي الڳ ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکڻ وارن ان دور جي روبوٽن جهڙا انسان ڇا علي بابا جي ان دانهن جو درد محسوس ڪري سگهندا جنهن ۾ سندس ورسيءَ واري ڏينهن تي ڪشتيءَ جهڙي قبر مان ڪنڌ کڻي هن جي روح رڙ ڪري چيو هو، “توهان جي ياد ڪرڻ يا وسارڻ جي مون کي ڪا پرواه ڪانهي ۽ توهين ڪير ٿيندا آهيو مون کي سارڻ ۽ وسارڻ وارا، وڃو، مون پاڻ اوهان کي وساري ڇڏيو آهي!”
ملڪ جي سڀ کان وڏي ايوارڊ کي لت هڻي آخري ايامن ۾ ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذارڻ واري البيلي انسان علي بابا جي ورسيءَ واري ڏينهن تي ثقافت کاتو کيس ساري يا نه ساري پر ڪوٽڙي شهر جي پاسي تي، بند جي ڀرسان سئو سالن کان جهوپڙين ۾ رهندڙ ٻاليشاهين جو چڱو مڙس اڄ به کيس ساري ٿو، “علي بابا اسان جي ٻارن لاءِ شيون وٺي ايندو هو ۽ انهن سان گڏجي راند ڪندو هو.” لالو شڪاريءَ مان سڄڻ شيخ ٿي ويل پيرسن اڌ اگهاڙن ٻارن ڏانهن ڏسندي چوي ٿو. هن چيو، “پوءِ هڪ ڏينهن هُو ڪراچيءَ مان دوربينن وارا ماڻھو وٺي آيو جن اسان تي ڊرامو ٺاهيو.” لالو شڪاري علي بابا جي لکيل ڊرامي “ٻاليشاهي” کي ڪوٽڙيءَ جي حاجي هوٽل تي رکيل هِٽاچيءَ جي ٽنگن واري ٽي ويءَ تي ڏسي هڪ دفعي روئي به پيو هو ۽ لالو شڪاري علي بابا جون ساروڻيون ساريندي به روئي پيو هو. هن چيو، “علي بابا کي بلوچن جي ٻارن کان به وڌيڪ  ٻاليشاهي جي ٻارن سان پيار هوندو هو.”
ڪوٽڙيءَ وٽان درياھ جي ڪناري تي انگريزن جي ڀڳل جهاز جي ڊيڪ تي ويهي ويهن روپين واري مهانگي پين سان هڪ دفعي هن لکيو، “اوچتو ئي اوچتو رِڻ گجيو، راڙو ٿيو، ڍڳو ٽُٽو، واٽھڙو ڊيھو ڀري جاڳي پيو، رات جي نوائيءَ ۾ ھڪ ڀيانڪ رڙ ڌرتيءَ کي ڏاريندي، انگاس چڙھي وئي، ۽ ان سان گڏ ئي ڪيئي ڀيانڪ آوازن جو پڙاڏو پيدا ٿي ويو ڄڻ ھڪ وقت ڪيئي بدروح ڌرتيءَ تي لھي واويلا مچائي رھيا ھئا. سارو اونداھو وايو منڊل اھڙو ته ڀيانڪ ۽ پراسرار ٿي ويو جو وڻ ٻوٽا ڀوت بڻجي کائڻ لاءِ ڊوڙي رھيا ھئا. واٽھڙو وائڙو ٿيو، ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري رھيو ھو ته ڇا جو ھُل ھلاچو آھي. ان ئي پٽي تي ان ئي پير تي ھڪ ٻي گھٽيل، سنھي، دل ڏاريندڙ ريھه اڀري ۽ ڀيانڪ آواز جي پڙاڏي ۾ ٻڏي ويئي.” پنج هزار سال پراڻي دور کي دل جي دُوربينيءَ سان ڏسڻ جي اها اک علي بابا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي ٿي سگهي ٿي؟
ڪوٽڙيءَ جي ادبي ذوق رکندڙ استاد سائين منظور پنهور جي دبئي ۾ ويٺل دوست موهن لال ڪوٽائيءَ کي ڪهڙي خبر ته موهن ڪلپنا جي وڇڙڻ جو سڀ کان گھڻو سُور ڪنهن کي ٿيو هو؟ اهو موهن ڪلپنا جنهن “بک، عشق ۽ ادب” ۾ هڪ هنڌ لکيو، “جھاز ھليو ۽ مان آھستي آھستي سنڌ جي ڌرتيءَ کان پري ٿيندو ويس، سڀ ته ياد اٿم، خيال آيم ته ھوا جو جُھوٽو بڻجي وڃان ۽ سنڌ جي زمين، مڪانن ۽ ماڻھن کي چمڻ شروع ڪريان ۽ ڪتو ٿي وڃان، سنڌ جي رستن تي ھلڻ شروع ڪريان. ڀنگي ٿيان ۽ سنڌ جي زمين تي ٻھاري ڏئي ان جي مٽيءَ سان سنانَ ڪريان، شايد چيز جو قدر وڃائڻ مھل پائبو آھي.”
پر علي بابا جي وڃڻ کان پوءِ به سندس قدر ڪري نه سگهندڙ  قوم  کي ڪهڙي ڪَلَ ته خدا جي بستيءَ واري قبرستان ۾ ڪشتيءَ جهڙي ننڍڙي قبر ۾ ستل انسان جو قد ڪيڏو وڏو آهي!
الطاف شيخ هڪ هنڌ لکيو، سڪندر اعظم جي قبر جي ڪتبي تي لکيل ھو، “ساڍن پنجن فوٽن جي هن قبر ۾ اهو انسان ستل آهي جنهن کي سڄي دنيا ننڍڙي لڳندي هئي!” ڇا اها عبارت علي بابا جي قبر واري ڪتبي لاءِ موزون نٿي لڳي؟ ميلا مچائيندڙ سنڌ جي ثقافت کاتي کي علي بابا کي وسارڻ جي ميار ڏيڻ ان ڪري به مناسب ناهي جو علي بابا اهو خوددار انسان هو جنهن ملڪ جي سڀ کان مهانگي ۽ وڏي ايوارڊ کي ان وقت لت هڻي ڇڏي هئي جڏهن وٽس ڪوٽڙيءَ کان حيدرآباد اچڻ لاءِ سوزوڪيءَ جو ڀاڙو به نه هوندو هو. علي بابا اهو خوددار انسان هو، جنهن پنهنجي نوجوان پٽ کي آهستي آهستي پنهنجي اکين اڳيان مرندي ڏٺو پر سرڪار کان سهائتا جي خيرات ڪونه گهري. وقت جا پادري هن تي ٽهڪ ڏيندا رهيا ۽ علي بابا جڏھن بي حسيءَ جي بازار ۾ صليب تي لٽڪايو ويو تڏھن ڪنهن به طوائف کيس ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس ڪونه آڇيو.
علي بابا جو اڄوڪي اٺين تاريخ تي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، اڄ کان ٻه ڏينهن اڳ واري تاريخ تي چوهتر سال اڳ هيروشيما تي پهريون ائٽم بم ڪريو. تاريخن جي تاريخ ۾ وڏي اهميت هجي ٿي، اڄوڪي تاريخ تي علامه آءِ آءِ قاضي ۽  ماٺيڻي اوٺي وانگر ماٺ ميٺ ۾ هالن پراڻن جي البيلي نوجوان عرفان مهديءَ المنظر وٽان پاڻ کي سنڌوءَ جي لهرن حوالي ڪري ڇڏيو هو ۽ سڀاڻڪي تاريخ تي وري ٽارچر سيلن ۾ ساه ڏيندڙ نذير عباسيءَ کي ساريو ويندو، پريهن ڪنهن ٻئي جي ورسي ملهائي ويندي.ڌرتيءَ ڌڪاڻا” جهڙي ڪتاب جي ليکڪ علي بابا سئو کان مٿي سنڌي ڊراما لکيا. گدو بندر واري چرين جي اسپتال جي صفا سامهون ڪوٽڙيءَ جي سنڌو ڪناري تي شِوِ مندر جي ٿلهي تي ۽ انگريزن جي ٻڏل جهاز جي ڊيڪ تي ويهي لکيل سندس ناول “موهن جو دڙو” جو ٻيو حصو هُو لکي نه سگهيو، ان ڪري انڊس اسڪرپٽ جهڙيون پنج هزار سال پراڻيون موهن جي دڙي جون ڪيئي مبهم ڪهاڻيون علي بابا سان گڏ ڪوٽڙيءَ واري قبرستان جي ڪَشتيءَ  واري قبر ۾ دفن ٿي ويون.

(روزاني پنھنجي اخبار، بتاريخ ۹ آگسٽ ۲۰۱۹ع)


علي بابا
تون ڇو هليو وئين!
ثريا مخدوم
سنڌ جو مان، سنڌ جو شان، سنڌ جي جان، سنڌ جي سونهن، سنڌ جي سڃاڻپ، سنڌ جي عظمت جو اهڄاڻ، سنڌ جو ارڏو پٽ، سنڌ جو درد دل ۾ سمائيندڙ، سنڌ جو منفرد ۽ سنڌي ادب جي سڀ کان مهان ليکڪن مان هڪ، ”دَنگي منجهه درياهه“ جهڙي املهه تخليق جو خالق، جنهن جرمنيءَ ۾ انعام حاصل ڪري، سنڌي ڊراما جي بين الاقوامي سطح تي ساک ڄمائي؛ ناول ”موهن جو دڙو“ جو خالق؛ ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ ۽ ٻين اڪيچار لافاني ڪهاڻين جو ليکڪ، بي انتها اعلي تخليقي ذهن رکندڙ، علم، ادب ۽ عقل جو ڀنـڊار؛ اعليٰ اصولن جو مالڪ ۽ انهن جي پوئواري ڪندڙ، هر قسم جي لوڀ ۽ لالچ کان مٿاهون، دنيا ۾ رهندي به دنيا جي موهه کان آجو، آمرن جا آڇيل انعام ۽ تغما ٿڏيندڙ، حق ۽سچ جو علمبردار، ڏتڙيل انسانن جو هڏ ڏوکي، بيحد سادو ۽ سلڇڻو، مخلص دوست، بي انتها وڻندڙ شخصيت رکندڙ، ڪنهن کي به ڪو به نقصان نه پهچائيندڙ، خود داريءَ جو پُتلو، نياز ۽ نِوِڙت جو مجسمو، ٻارن جيان معصوم ۽ وڏن جيان سڄاڻ، ميلي ۾ اڪيلو ۽ اڪيلائيءَ ۾ پنهنجو پاڻ ۾ مست، ڏک سک ۾ خوش رهندڙ،  شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالطيف ڀٽائي جو جکرو: ”جکري جهڙو جوان ڏسان نه ڪو ڏيهه ۾ .....“، دروييش صفت انسان علي بابا، ۸ آگسٽ ۲۰۱۶ تي اسان کان هميشا هميشا لاءِ جدا ٿي ويو.
اهو ڇو ٿيو. ڇا ٿيو. ڪيئن ٿيو. ٿيڻو ته هو، هلڻو ته هر ڪنهن کي آهي، پر اڄ ئي ڇو. هن مهل ئي ڇو. هاڻي ئي ڇو. جيڪڏهن قدرت، فطرت علي بابا کي هن ڌرتيءَ تي ڪجهه وڌيڪ پل، ڪجهه وڌيڪ ڏينهن، ڪجهه وڌيڪ وقت ڏئي هان ته ڪنهن جو ڪهڙو نقصان ٿئي ها! علي بابا ته هن ڌرتيءَ جي حسن ۾ واڌارو ئي ڪري ها. پنهنجي تخليقي عمل سان هو ته هن جڳ جي صدين پراڻي فن ۽ ڪلا جي باغيچي ۾ ڪجهه نوان ۽ اعلي درجي جا گل، ٻوٽا ئي پوکي ها! ڪنهن کان ڪجھ وٺي ته نه ها، ڪجھ ڏئي ئي وڃي ها. پوءِ ڇو هن کي هن گھڙيءَ ئي گھرايو ويو! علي بابا تون ڇو هليو وئين!
چَوَن ٿا هي دنيا ڪنهن ديواني جو خواب آهي. ۽ انهن ديوانن مان سنڌ جو علي بابا پڻ هڪُ آهي. هن پڻ هڪ خوبصورت دنيا جو خواب ڏٺو. هن هڪ اهڙي دنيا جو خواب ڏٺو جنهن ۾ برابري هجي، انصاف هجي، جنهن ۾ بک ۽ اُڃَ جو نالو به نه هجي، هر پاسي خوشحالي ئي خوسحالي هجي، هر انسان پنهنجي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏئي سگھي، جتي نينهن جي اُڇَل ۽ نفرت کي جھل  هجي.
هن هيڏي وڏي دنيا ۾ هُن جي حصي ۾ جيڪو ڌرتيءَ جو ٽڪرو آيو سنڌ، هن ان لاءِ به خواب ڏٺا. علي بابا اهو گھُريو ته هن جي ڌرتي پنهنجو اصلوڪو اوج ماڻي، پنهنجي منفرد سڃاڻپ سان سڃاتي وڃي. علي بابا هڪ اهڙي سنڌ گھري جنهن ۾ سکُ ۽ شانتي هجي، جتي ڪو به ڌرتيءَ ڌڪاڻو نه ٿئي، جتي شاهه سائينءَ جو رسالو ۽ ٻيو سنڌي ادب هر هنڌ دستياب هجي، جتي سنڌي ٻولي پنهنجو جوڳو مقام ماڻي، جتي انساني سوچ تي ڪي به پهرا نه هجن، جتي ڪا به جهل پل نه هجي ۽ هر انسان پنهنجي مرضيءَ پٽاندڙ پنهنجي زندگي گذاري سگھي. علي بابا جون لافاني تخليقون توڙي سندس عام سڀاءُ سندس انهن ئي خوابن جو اولڙو آهن. هن صحيح معنيٰ ۾ شاهه سائينءَ جي خوابن جي دنيا جي تعبير چاهي ۽ دنيا ۾ سندس پياري سنڌُ لاءِ خوشي ۽ آنند جي آسَ رکي:
سائين سدائيم ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
اڃا ته خوابن جي دنيا جوان هئي! علي بابا، تون ڇو ڇڏي وئين، تون ڇو هليو وئين! ڇو نيٺ توکي هيءَ ڀونءِ نه آئي ڀانءِ ۽ تون اڏري هليو وئين!
علي بابا، تون اسان کي ائين اوچتو ڇڏي، بنا موڪلائڻ جي ڇو هلو وئين! اسين ڄاڻون ٿا ته موڪلائڻ ۽ پروگرام پٽاندڙ اچڻ ڪڏهن به تنهنجا دستور نه هئا.  پر هي ته آخري سفر هئو، ان جي ته ڪا ڀڻڪ ڏين هان! ها، آخري ڏينهن ۾ تنهنجي طبيعت ڪجھ ناچاڪ هئي، پر تو هميشه جيان ڪنهن کان ڪا مدد نه گھري. تو ته سدائين ڏنو: پنهنجو رتُ، ستُ، لافاني تخليق، سڀ ڪجھ پنهنجي ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ وقف ڪيا. پوءِ به سنڌي سماج  مان ڪنهن به تنهنجو جوڳو علاج ڪرائڻ جي ڪا گھُر، ڪا جاکوڙ نه ڪئي. نه ئي سرڪار ان سلسلي ۾ ڪجھ ڪيو. ۽ اهڙيءَ طرح تو جهڙو املهه انسان به سنڌين ۽ سنڌ سرڪار جي بي حسيءَ جو شڪار ٿي ويو.
علي بابا، اسين تنهنجا ڏوهاري آهيون. پر اسين ڏوهاري ڪنهن جا نه آهيون؟ ڇا اسين شاهه جا، سچل سچل سائينءَ جا ڏوهاري نه آهيون؟ ڇا اسان خود ڌرتي، ان جي ماڻهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جا ڏوهاري نه آهيون؟ اسان ته ائين ئي اهيون ۽ شايد ائين ئي رهون. پر علي بابا، تو ته پوءِ به پنهنجي ڌرتيءَ جي ڏتڙيل ڏوٿين سان، اسان سڀني سان، اسان جي اٿاهه اوڻائين جي باوجود، پيار ڪيو. تو ته شاهه سائين چوائي،
”جيها سي تيها، مارو مون مڃيا“
تي عمل ڪندي هميشه ڏکايل ڌرتيءَ جي پيڙا کي محسوس ڪيو ۽ بي آواز انسانيت جي آواز کي اُٿاريو.
اهو به ٿي سگھي ٿو ته نيٺ تنهنجي صبر جي حد ختم ٿي وئي هجي ۽ توکي اسانجي بي حسي ۽ بي قدرائپ تي ناراضپو ٿيو هجي. اهڙيءَ صورت ۾ تنهنجي ڪاوڙ ته واجب آهي. پر تو ته ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا ڪاوڙ نه ڪئي، تو ته پنهنجي اٿاهه خذمتن جي عيوض ۾ ڪجھ به نه گھريو، نه ڪا اميد ڪئي. تو ته سماج جي بي حسيءَ کي هميشه نظر انداز ڪيو، ان جي ڪا به پرواهه نه ڪندي پنهنجي تخليقي عمل کي جاري رکيو، ۽ اسان سان ساٿ نه ڇڏيو.  تو ته ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا شڪايت نه ڪئي. تو ته سڄي ڄمار شاهه سائينءَ جي هيٺئين بيت تي عمل ڪيو:
منهنجي مَدايُنِ جِي، جي ڪَلَ پِرِيان پيئِي
ته ڪَڏهِن ڪوسا نه ٿِيا، ڏوراپو ڏيئِي
ساڄَنَ سَڀِيئي، ڍَڪِيم ڍول ڍِلائِيُون
پوءِ به تون ڇو هليو وئين! تو اهو نه سوچيو ته تنهنجي وڃڻ سان تنهنجي ساٿين ۽ اڪيچار چاهڻ وارن تي ڇا گذرندي. ڇا تو نه ڄاتو هو ته رڳو تنهنجي موجودگيءَ سان، اسان جون دليون ڪيتريون ڀريل، ڪيتريون مطمعن هيون، سنڌ ڪيتري سگھاري هئي، مظلوم عوام کي ڪيترو آٿت هو. هاڻي هنن جي پيڙا کي ڪيرُ محسوس ڪري، اهڙي انداز ۾ دنيا جي سامهون آڻيندو، جيئن تو ڪيو!
علي بابا، توکي ياد هونديون ڄام شوري جون اُهي شامون، جڏهن ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي جي آخري دور ۾ اسان سائين ظفر حسن جي صحبت ۾ سنڌي ادبي سنگت جون هفتيوار گڏجاڻيون ڪندا هئا سين ۽ انهن جي هڪ خاص ڳالهه اها به هئي ته انهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن تون به  اچي ويندو هئين!
سائين ظفر حسن وقت جو وڏو پابند هو. ڪير به دير سان ايندو هو ته هو ان کي ڏاڍو خراب سمجندو هو ۽ وقت جي پابنديءَ جي هميشه تاڪيد ڪندو هئو. پر تو سان خاص رعايت هئي. تو کي ڪڏهن به ڪنهن ڪونه چيو ته دير سان ڇو آيو آهين يا جلدي ڇو پيو وڃين. تون ائين ئي اوچتو اچي ويندو هئين ۽ جڏهن مرضي ٿي، اُٿي ويندو هئين! گڏجاڻي ڪڏهن شروع ٿي ۽ ڪڏهن ختم ٿيندي، ان سان تو کي ڪا دلچسپي نه هئي. پر تون جڏهن به آئين، جنهن وقت به آئين ۽ جيترو وقت به موجود رهئين، محفل کي مچائي رکيو. اسان پڻ ان ۾ ئي خوش هوندا هواسين ته علي بابا آيو ته آهي! ان وقت اهائي ڪوشش هوندي هئي ته تنهنجن رائين ۽ تجربن مان ڀرپور لاڀ وٺون ۽ تنهنجن سوچ ۾ ٻڏل، دلچسپ ڳالهين کي هئين سان هنڊايون ۽ انهن مان لطف اندوز پڻ ٿيون. ڇا ته ڏينهن هئا! هاڻي نه ته سائين ظفر حسن آهي ۽ نه ئي تون آهين! پر توهانجون يادون، توهان جون ڳالهيون هميشه زندگيءَ جو حصو هونديون.
پوءِ زمانو آيو فيسبڪ جو. ها، تو پڻ نئين ٽيڪنلوجي اختيار ڪئي ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجو جھنڊو کوڙيو. ڇا تو کي خبر هئي ته رڳو تنهنجي تصوير ڏسي، تنهنجو يا تنهنجي لاءِ ڪو نياپو ڏسي، دل ڪيڏي نه ٽڙي پوندي هئي. ڪيڏي نه ساهه کي سگھ ۽ اندر کي آٿت ملندو هو!  ايئن لڳندو هو ڄڻ فضائون، هوائون ۽ وڻ ٽڻ مستيءَ ۾ ناچ ڪندي، هڪ آواز ۾ ڳائيندا هئا:
اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي، اچي ٿي،
متان ايئن سمجھين مئا مور سارا
(اياز)
مونکي ياد آهي ته ڪيئن نه فيس بڪ تي تنهنجي تصوير ڏسي، مون هڪدم توکي ايڊ  (add) ڪري ڇڏيو هو، ۽ اهڙيءَ طرح فيس بڪ تي رابطو قائم ٿيو، جيڪي آخر تائين رهيو.  هن سال جولاءِ ۾، تنهنجي سالگرهه جي موقعي تي، فيس بڪ تي مون لکيو:
”مانوارا سائين علي بابا، سالگرهه مبارڪ!  توهان جي پيار ۽ تخليق جي
ڇانوَ شال هميشه ا سان جي سرن تي قائم رهي!“
پوءِ اڄُ وقت جي ظالم هَٿَن اسانجن سِرَن تان اِها ڇت ڇو سرڪائي چڏي! ڇو اُن رڃ ما ايندڙ رڙ کي چپ ڪرائي ڇڏيو! ڇو اسانجي املهه مورَ کي اسان کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيو!
فيس بڪ جي ساٿين بهرحال پنهنجو پاڻ ملهايو. اسان جي معاملي ۾ جيئن ٿيندو آهي، هر عظيم انسان جي جدائيءَ تي جوڳو ماتم ڪيو ويندو آهي، پوءِ ڀلي کڻي سندن حياتيءَ ۾ هنن سان ڪهڙا به هاڃا ڇو نه ٿيا هجن. تنهنجي معاملي ۾ به ايئن ئي ٿيو. پر جتي اخبارن ۽ رسالن وغيرهه۾ اڪيچار ليک ڇپيا، اُتي، فيس بڪ تي ڪيترن ئي عام دوستن تنهنجي باري ۾ مختصر، پر دل ۾ پيهي ويندڙ ۽ شاندار ويچار لکيا.  سو تو ماڻهن جي دلين تي راڄُ ڪيو، ڪري رهيو آهين ۽ ڪندو رهندين.
اڄُ فيس بڪ ويران آهي. سنڌي ادب جو هڪ شاندار بابُ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي ويو آهي. دوستن کان هڪ مخلص دوست کسجي ويو آهي. دنيا کان، اُن کي سهڻو ڏسڻ جو خواب لهندڙ هڪ ديوانو ڦريو ويو آهي، هڪ اهڙو ديوانو، جنهن جهڙا صدين ۾ مَسَ وڃي پيدا ٿيندا آهن. سماج مان هڪ سچو هڏ ڏوکي، بي غرض، سڀني جي پيڙا کي محسوس ڪندڙ هڪ املهه انسان موڪلائي ويو آهي.
علي بابا، تون ڇو هليو وئين! تو ڇو وئين!


علي بابا
سنڌي ادب جو سرموڙ ڪهاڻيڪار
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
اٺين آگسٽ ۲۰۱۶ع تي سنڌي ادب هڪ اعليٰ درجي جي اديب کان هميشه لاءِ محروم ٿي ويو. علي بابا علالت باعث ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ۸ آگسٽ تي وفات ڪئي آهي. سنڌي ساهت جي اڻٿڪ پورهيت اديب علي محمد ولد محمد رمضان بلوچ ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. کيس ننڍي لاڪون ”علي“ چوندا هئا ۽ اڳيان هلي ادبي نالي ”علي بابا“ سان سڃاتو ويو. سندس وڏا اوڻيهين صديءَ ۾، بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ ويٺا. علي بابا پرائمري تعليم ڪوٽڙيءَ مان حاصل ڪئي ۽ اڳيان ڪجهه وقت پڙهڻ کانپوءِ سندس تعليم جو سلسلو منقطع ٿي ويو. هُن ننڍيءَ عمر کان لکڻ شروع ڪيو، ڪجهه هنڌن تي نوڪريون به ڪيائين، پر پنهنجي طبيعت جي ميلان مطابق نه هئڻ سبب هُو نڀائي نه سگهيو ۽ مستقل ادب ڏي توجه ڏنائين.
علي بابا جو نالو هڪ بهترين ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ناول نويس شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس ٽڙيل پکڙيل مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل ڪهاڻين جو ڳاڻيٽو ٻه سؤ کان مٿي آهي. کيس لکڻ ۾ همٿائيندڙ شمشيرالحيدري صاحب هو، جنهن پهرين پهرين سندس ڪهاڻي ”نئين زندگي“ مخزن ۾ شايع ڪئي. هُن جي پنهنجي لفظن ۾ ته، جيڪڏهن شمشير نه هجي ها ته آئون اديب نه هجان ها.
هن عوامي ليکڪ جي ڪهاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا نظر اچن ٿا، هُن جو مشاهدو مضبوط ۽ ٻولي تُز ۽ اصلوڪي سنڌي آهي. هُو تمام محنت سان لکندو هو ۽ پنهنجي لکڻيءَ کان جلدي مطمئن نه ٿيندو هو ۽ اڪثر پنا ڦاڙي ٻيهر ۽ ٽيهر لکندو هو. سندس لفظن ۾ ته، ”مان فطري طور ڪهاڻيڪار آهيان ۽ ڪهاڻيءَ کي فطري بنائڻ ۾ تجربا ڪندو آهيان. ڪهاڻي ته ڪڏهن لکجي ويندي آهي، ڪڏهن پنا ڦاڙي ڇڏيندو آهيان. ڪهاڻي مون وٽ فلسفي، ناصحانه، اصلاح عامه وغيره جهڙن لفظن کان بلڪل جدا ۽ مٿانهين شيءِ آهي. ڪهاڻي فقط ڪهاڻي آهي ۽ ان کي ڪهاڻي ئي رهڻ گهرجي. مون ڪڏهن پاڻ کي ڪنهن اديب سان ڀيٽي نه ڏٺو آهي جو منهنجو مقابلو فقط پنهنجي پاڻ سان هوندو آهي.“
علي بابا جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ۱۹۸۳ع ۾ ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي عنوان سان آگم پبليڪيشن شايع ڪيو. ۲۰۰ صفحن جي هن ڪتاب ۾ ۱۸ ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ”ڀاڳان“، ”اسين ماڻهو“، ”چنڊ ۽ ماني“، ”جانورن جي دنيا“، ”سون ورنا روپا“، ”دي ايڊيٽر“، ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون هيون. انهيءَ کانپوءِ سندس ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”آيل ڙي اولاڻا“ ۱۹۸۴ع ۾ ڇپيو ۽ ۲۰۰۷ع ۾ روشني پبليڪيشن علي بابا جي اوڻهٺ ڪهاڻين کي ”منهنجون ڪهاڻيون“ جي عنوان سان شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ اڳين ٻنهي افسانوي مجموعن جون ڪهاڻيون پڻ شامل آهن ۽ ڪتاب جو انتساب ليکڪ جي والد رمضان رند جي نالي آهي. علي بابا هڪ ڪامياب ڪهاڻيڪار هو، وٽس سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو وڏو خزانو هو، هُو هنڌائتن لفظن جو استعمال سهڻي پَر ڄاڻندو هو. کيس سنڌي ٻولي، تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جي ڄاڻ هئي. هن عوامي ۽ غريب فنڪار پنهنجي قلم جو استعمال سچائيءَ سان ڪيو. فني صلاحيتن سان واڳيل سندس ڪهاڻيون ڪيترن اهم موضوعن جو احاطو ڪن ٿيون، جن ۾ عوامي ٻولي، غربت ۾ پيسجندڙ ڪردارن جي واتان حقيقت نگاريءَ وارا مڪالما آهن. ”چنڊ ۽ ماني“ انهيءَ جو هڪ سهڻو مثال آهي. هيءَ ڪهاڻي هڪ بيواهه ماءُ ۽ معصوم ٻار جي حالتن جو بيان آهي، جن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي، صدا هڻندڙ فقير سندن حالت ڏسي کين پنهنجي وِري مان مليل ماني ڏي ٿو جا خوددار ماءُ جي نڙيءَ مان هيٺ نٿي لهي، ليکڪ لکلي ٿو ته،
”ماءُ جون اکيون اونداهي آسمان مان هيٺ آيون، هُن ڀريل آواز سان چيو، ”ڏس پٽ! اڄ چنڊ ڪٿي نڪتو آهي؟ پاڻ غريب آهيون، پنهنجي مانيءَ جو حساب به چنڊ وانگي آهي، ڪڏهن چوٿو، ڪڏهن اڌ، ڪڏهن سڄي ته ڪڏهن آهي ته ڪڏهن ڪونهي.“ (ص- ۳۹)
اهڙين اڻ ملهه ڪهاڻين ۾ سندس ٻيون به ڪافي ڪهاڻيون آهن، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ موجب ته ”سندس ڪهاڻيون جديد لاڙن جي نمائندگي ڪن ٿيون، جي تاثراتي، علامتي ۽ وجوديت واريون هئڻ سان گڏ سنڌ جي سماجي پسمنظر تحت لکيون ويون آهن.“
هُن جي هڪ اهم سڃاڻپ سنڌي ڊرامانگاري آهي. علي بابا هڪ سؤ کان وڌيڪ ڊراما اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ لکيا، جيڪي ڪيترن ئي اهم سماجي مسئلن، تاريخ ۽ ثقافت جي نمائندگي ڪن ٿا. سندس ڊرامي ”دنگيءَ منجهه درياهه“ عالمي ڊرامي فيسٽيول ۾ ايوارڊ حاصل ڪيو ۽ اهو مقابلو ۷۹ ملڪن جو هو، جنهن ۾ هيءُ پهريون سنڌي اديب هو، جنهن اهو پرڏيهي ايوارڊ حاصل ڪيو. کيس، سگا، سنڌالاجي ۽ شاهه عبداللطيف ڊراميٽڪ سوسائٽيءَ طرفان ايوارڊ مليل آهن ته پاڪستان حڪومت طرفان صدارتي ايوارڊ لاءِ پڻ کيس نامزد ڪيو ويو، پاڻ ڪجهه رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس مشهور ڊرامن ۾ ”موکي ۽ متارا“، ”تموچن“، ”ٻاليشاهي“، ”مومل راڻو“، ”هوشو شيدي“، ”عاشق زهر پياڪ“، ”موتئي جهڙو من“، ”روپ ٻهروپ“، ”روشن تارا“، ”سؤ رپيا نوٽ“، ”رقص حيات“، ”شيشي جو گهر“، ”لهرون لس ليٽ“ ۽ ٻيا انيڪ ڊراما آهن، جن وڏي مقبوليت ماڻي.
علي بابا جو نالو سنڌي ادب جو هڪ ڪامياب نثر نگار طور شمار ٿئي ٿو. ناول نگاريءَ ۾ سندس ناول ”موهن جو دڙو“ جو پهرين قسطوار ”نئين زندگي“ مخزن ۾ شايع ٿيو، پوءِ ڪتابي صورت ۾ آيو. هيءُ ناول سنڌ جي پنج هزار سال تهذيب جو بيان آهي، جنهن جي ٻولي جيتري سجيل جڙيل سنڌي آهي، ايتري ئي ڏکي ۽ پيچيده پڻ آهي، جيئن مثال طور هيٺ ڪي حوالا پيش ڪيان ٿي، جيئن پڙهندڙ اهو اندازو ڪري سگهن ٿا.
”سون مياڻيءَ مٿان چوڏس چٽائي رات مور پکيءَ جيان پنهنجا خوبصور ت پک ڦهلايا هئا. اڄ سونمياڻيءَ جي وايومنڊل ۾ گهنڊن جي گونجار، سنکن جي ڪوڪار، ناد ۽ نگد جي استشين جي جهونگار هئي“ (ص- ۶۷)
”امر آهي اُها ڌرتي جنهن کي پنهنجا سورهيه سرويچ پهلواڻ آهن، مَهان آهي اُها قوم جا پنهنجي ڌرتيءَ تان پنهنجو رَت ست گهوري ڄاڻي ٿي. مَرَ تنهن ڌرتيءَ جون مائرون مَرَڪيو مَرڪن، جن جا دادلا پٽ پنهنجي ديس جي سرحدن تان سينا ساهي ڄاڻن، ڀل ته تنهن ڌرتيءَ جون سنگهاريون سؤ سؤ سينگار ڪن، جن جا سورهيه سوڍا ويرين سان راتاهي جون رانديون ڪن.“ (ص- ۹۵)
اهڙيءَ ريت ٻيا ڪيترا ئي مثال هن ناول جا ڏئي سگهجن ٿا. ڪجهه تنقيد نگارن هن ناول جي ٻوليءَ تي اعتراض پڻ ورايا، پر پوءِ اهو تسليم ڪيو ويو ته هيءُ ناول جنهن دور جي نمائندگي ڪري ٿو، انهيءَ حوالي سان ليکڪ هن ناول کي تاريخي ۽ حقيقي ڪري پيش ڪرڻ لاءِ ٻوليءَ جو اهو گڏيل استعمال ڪيو آهي. هن ناول جي منظرنگاري ۽ موضوع لاجواب آهي، ”موهن جو دڙو“ ناول موجوده وقت ۾ سي ايس ايس جي نئين نصاب ۲۰۱۶ع ۾ مقرر ڪيل آهي ۽ سندس ڪهاڻي ”چنڊ ۽ ماني“ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊگري ڪلاس جي سنڌي نصاب ۾ شامل آهي، ان کانسواءِ ٻاراڻي ادب ۾ ”سنڌ باد جو سفر“ ناول لکيائين جو پڻ مقبول پيو.
علي بابا جُز وقتي نه پر ڪُل وقتي ليکڪ هو ۽ اهڙو فل ٽائيم رائيٽر وارو تصور ئي اڄڪلهه جي دور ۾ ناممڪن ٿو نظر اچي، هُن فقط لکڻ کي زندگي ڄاتو ۽ زندگيءَ جي سُکن کي ثانوي حيثيت ڏني. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هُن ڄاڻايو ته، هُو مالدار هو، پر ”لکڻ جي ڌنڌي منهنجو ارڪو ترڪو چٽ ڪري ڇڏيو، جو مان اوڏي ڌيان نه ڏيندو هئس“ (سنڌي ادب: ص- ۲۶۱)
ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ ليکڪن کي انهيءَ لکڻ جي سفر ۾ وڏيون مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون. ڪيترن ئي وڏن ليکڪن کي لکڻ پڙهڻ جي ڪري هڪ طرف ڌيان هئڻ سبب گهڻن مسئلن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، خاص طور مالي مسئلو. اسان جي ملڪن ۾ اديبن ۽ شاعرن لاءِ نه آهن معاوضا ۽ نه مراعتون. جيڪڏهن سندن مالي حالتون خراب هجن ٿيون يا حالتن سبب ٿي وڃن ٿيون ته پوءِ لازمي آهي هُو هڪمنا ٿي ڪم ڪري نٿا سگهن ۽ ائين ڪيترائي سٺا اديب لکڻ کان محروم رهجي ويندا آهن. علي بابا جهڙي نامياري ليکڪ جنهن سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن لفظن کي جياريو، سهڻائيءَ سان تجنيس حرفيءَ جو استعمال ڪندي سنڌي نثر کي لازوال سونهن عطا ڪئي، سو غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندو رهيو، پر هُن همت نه هاري ۽ لکندو رهيو. کيس سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ هن ڌرتيءَ جي چپي چپي سان پيار هو، جيڪو هُن پنهنجي فَنَ ۾ لازوال طريقي سان اوتيو آهي.

ABOUT ALI BABA

Ali Baba

Sindhi : علي بابا

Born Ali Muhammad

1940

Kotri

Died 8 August 2016 (aged 76)

Karachi

Occupation Novelist, Drama Writer

Nationality: Pakistani

Ethnicity Sindhi Balouch

Genre Aesthetic

Subject Literature

Literary movement Progressive

Notable works Books, Drama

Notable awards German Award, Pride of Pakistan and many

Relatives Abdul Karim Balouch MD PTV ,Mehroz Karim Producer & Director , Farooq Rind

Ali Baba (Original Name: Ali Mohammad) (Sindhi: علي بابا) was born in 1940 in Kotri. He is the renowned dramatist, story writer, and literary figure of Sindhi language.

Early life

Parents of Ali Baba had migrated fromBalochistan to Sehwan Sharif and later shifted to Kotri. His father worked at Pakistan Railways. Ali Baba was appointed in Pakistan Railways as clerk and then he left the job and joined in a textile mill as Assistant Manager. He did a private job for four years then left and start to write since 1965 with pen name Ali Baba.

Education]

He received his primary education at Nango Line Municipal Primary School and from Sher Dil Khan Municipal High School in Kotri he did his matriculation. During matriculation examination he had a quarrel with a student in examination hall, subsequently the examiner expelled him from there. Since then he never turned to any school.[1]

Literary career

Ali Baba traveled throughout Sindh and portrayed every person from different walk of life in his stories and dramas.[2] He has written several dramas for Radio and Television. His one of the famous dramas Dungi Majh Darya (Sindhi: دنگيءَ منجھ دريا) got international fame. This drama was entitled as world’s 3rd number drama in the annual festival of Munich and received “German Award”.] In this celebration 92 countries participated. He was also editor of some magazines. His source of livelihood is writing of dramas.[4]

Publications

Ali Baba has written Mohan Jo Daro (1985) (Sindhi: موهن جو دڙو) a novel,[5][6] Dharti Dhikana (short Stories), Lahandar Sij Ji Laam, (Stories), Runj Sajo ee Rat Phura, Muhijoon Kahaniyun, Sindhbad, Musafir and many more.

Death

Ali Baba died on 8 August 2016.


Moments with Ali Baba

By Hafeez Tunio

Published: August 9, 2016

Literary world's loss: Sindhi drama writer Ali Baba passes away

KARACHI: Sindhi drama writer and novelist Ali Muhammad alias Ali Baba passed away on Monday in Karachi. The 76-year-old was suffering from multiple diseases and died due to brain hemorrhage.

Ali Baba was born in Kotri in 1940 and his father, Muhammad Yousuf Baloch, was a clerk in Pakistan Railways. After completing his secondary education, Ali Baba also joined the railways department as a clerk and later worked as an assistant manager at a textile mill.

He started writing short stories in 1965 and gained popularity after his dramas were telecast on radio and television.

The deceased political and Sindhi scholar Pir Hisamuddin Rashdi called him the ‘narrator of Sindh’s history’ in one of his books. Ali Baba traveled the entire province and depicted the essence of Sindhi culture in his dramas. His short story, titled Dharti Dhikana [Expelled from the soil], which narrates the plight of the mass migration [of Muslims and Hindus] after partition of the Subcontinent in 1947, is one of most the popular works in Sindhi literature, along with his novel, Mohenjo Daro.

One of his most famous dramas, titled Dungi Manjh Darya [Sailing boat in river], got international fame and in 1981 won the award for the third best drama during the annual drama festival in Munich, Germany.

Sindhi writer Sardar Shah, who has now been appointed as the provincial culture minister, expressed deep sorrow over the sad demise of Ali Baba. “His [Ali Baba] services for the promotion of Sindhi language and literature are unmatchable. He was a well-wisher of Sindhi language and will always remain in the heart of people,” he added.

In his condolence message, chief minister Syed Murad Ali Shah said, “Ali Baba was an asset of Sindh.”

Former Sindh culture minister Senator Sassui Palijo also grieved over his demise, terming it a big loss for Sindhi literature and drama.

The funeral prayers of the deceased writer were held in Yousuf Baloch village near Kotri Railway Station and he was laid to rest in his family graveyard.

Mourning the loss

The Sindhi Language Authority (SLA) suspended its official work on Monday to mourn the death of the Ali Baba. In a statement, SLA’s chairperson Sarfaraz Rajar said the deceased exquisitely highlighted the civilization of Sindh in his work. “His death will leave a big void on the literary landscape of Sindh,” he said.

The Sindhi Adabi Sangat [Sindhi Literary Fraternity], an association of Sindhi writers, novelists, poets and dramatists, has also announced three days of mourning.

Sindh has been deprived of a peerless playwright,” said the association’s secretary Dr Mushtaq Phul, adding that “He promoted Sindhi literature all through his lives.” Phul informed that all the offices of Sindhi Adabi Sangat will mourn his death by organizing condolence references for the deceased writer for three days.

 

 

Published in The Express Tribune, August 9th, 2016.

 


علي بابا جي ياد ۾

مير سردار چنڙ

علي بابا، ۱۹۴۵ع ڌاري نانگو لائين ڪوٽڙي ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري) ۾ محمد رمضان رند جي گھر جنم ورتو. سندس نالو علي محمد رکيو ويو. ڪنهن به نه ڄاتو هو ته هي ٻروچاڻو ٻار علي محمد وڏو ٿي “علي بابا “جي روپ ۾ چوٽي جي ڪهاڻيڪار طور سنڌي ادب جو نانءُ روشن ڪندو.

علي بابا ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو جنهن جو ذڪر “سنڌ باد جوسفر” ۾ ڪندي چوي ٿو ته مون تمام ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. ڏهن ٻارنهن سالن جي ان وهيءَ ۾ مون کي اديب بڻجڻ جو چٽو پختو خيال هو. مون وٽ ڪنهن وڏي آفيسر انجيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جو تصور ئي نه هو.

اهڙي طرح علي ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو پنهنجي منهن لکندو هو وري ڦاڙيندو هو لاڳاتار سلسلو هلائيندي ۱۹۶۵ع کان باقاعدي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳو سندس پهرين لکڻي شمشير الحيدري جي ميگزين “نئين زندگي” ۾ شايع ٿي ۽ رسالي جي آخر تائين شايع ٿيندو رهيو

علي بابا پنهنجي قلم کي سچي ۽ نيڪ نيتي سان هلايو. هن سماج لاءِ پاڻ پروڙيو هن سدائين سخت پورهيئي سان لکيو. نه ڪي ڪنهن سستي شهرت ڏانهن ڀڳو. علي بابا جا پسند جا موضوع موهن جو دڙو، سنڌو درياءُ ڪارونجھر جبل، ٻيڙي مهاڻا ۽ تاريخ هئي.

علي بابا ۳۰۰ کان مٿي ڪهاڻيون، ريڊيو ڊارما لکيا علي بابا جي ڪهاڻين جا ڪردار سگهارا ۽ واضع هئا هن پنهنجي ڪهاڻين ذريعي پٺ تي پيل ماڻهن جي دردن جو آواز بڻيو سندس ڪهاڻين ۾ غريبن باليشاهين جي زندگين جا داستان سنڌو درياھ رني ڪوٽ، ڪارونجھر جبل جا عڪس پسمنظر موجود آهن.

علي بابا هڪ حساس ڪهاڻيڪار هو، هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار هو جيڪو ڪنهن موسم يا وقت تائين محدود نه هو هر وقت پيو لکندو هو. سندس هر ڪهاڻي ۾ احساس سمايل آهي. شاعراڻي ڪهاڻي جو فن علي بابا لکڻ ڄاڻي سندس هر ڪهاڻي جي شروعات دلچسپ ۽ پڇاڙي ڇرڪائيندڙ هوندي آهي. اهي گڻ انهن ۾ هوندا آهن جيڪي پنهنجي پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ڄاڻيندا آهن. ايئن علي بابا جون ڪهاڻيون به سنڌ ۽ سنڌين جو روح آهن سنڌو کان ويندي ڪارونجهر ڪينجھر رني ڪوٽ کي علي بابا پنهنجي اصلي حيثيت سان ڏيکاريو آهي علي علي بابا اهي سنڌ جا اصل ڪردار ڳولي اسان آڏو پيش ڪيا آهن جن کي اسان لاپرواهي ۾ وساري چڪا آهيون. سندس ڪهاڻيون سماج جو چٽو پٽو عڪس آهن جنهن ۾ سماج جا سڀ رنگ جڙيل آهن. علي بابا، چنڊ ۽ ماني، جانورن جي دنيا، دي ايڊيٽر، ڪارونجهر جا قيدي، اسان ماڻهو، علي بابا جهڙيون ڪيتريون ئي شاندار ڪهاڻيون اسان کي سرجي ڏنيون. علي بابا، پي ٽي وي تي ڪيترا ئي ڊارما لکيا، ۱۰۰ کان مٿي ڊارما لکيا جن ۾ ٻالي شاهي، موکي ۽ متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات، (جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻي ۽ ان جي زندگي تي هو) ۽ دنگي منجھ دياھ ۽ ٻيا مشهور ٿيا.

دُنگي منجھ درياءُ علي بابا جو هيءُ هڪ اهڙو شاهڪار ڊارمو هو جنهن ڏسندڙ کي ڏندين اڱريون وجهي ڇڏيون هيون. اهو ڊرامو ۱۹۷۶ع ۾ جرمني جي شهر ميونخ جي عالمي ميلي ۾ پيش ڪيو ويو هو جتي ۷۹ ملڪن حصو ورتو هو. ان ميلي ۾ هن ڊارمي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي اهو پهريون سنڌي ڊارمو هو جيڪو مهاڻن تي لکيو ويو هو.

علي بابا هن ڊارمي جي لاءِ هڪ سدابهار گيت لکيو جيڪو جيڪي زرينه بلوچ جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو جهڙو سدابهار گيت تهڙو ئي سدا بهار آواز هو هي گيت درياھ جي درد تي سمايل گيت آهي جنهن ۾ علي درياھ جو درد پيش ڪري ٿو جنهن جو سٽون هن ريت آهن

اسين ماڻهو لاڙ جا

درياھ جي پڇاڙ جا

اُترڙو ٿو لڳي. . .

سنڌ باد جو سفر، علي بابا سنڌ باد جو سفر هي ناول خاص ڪري ٻاراڻي ادب جي کوٽ محسوس ڪندي ٻارن لاءِ لکيو هو هي ناول نه صرف ٻارن لاءِ آهي پر وڏن لاءِ به تمام ڪارائتو آهي.

علي بابا جو هي شاهڪار ناول موهن جو دڙو آهي جنهن هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي مڃتا ماڻي آهي.

علي بابا جو ۱۹۸۳ع ۾ پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ڌرتيءَ ڌڪاڻا شايع ٿيو. ان کان علاوه ۱۹۸۴ع ۾ ڪهاڻين جو آيل ڙي اولاڻا ۱۹۹۰ع ۾ موهن جو دڙو ناول ۱۹۹۳سنڌ باد جو سفر ٻارن لاءِ ناول ۽ ۱۹۹۶ ۾ منهنجون ڪهاڻيون نالي ڪتاب شايع ٿيا.

علي بابا کي ڌرتيءَ ڌڪاڻا تي سگا سنڌ هڪ هزار روڪ ۽ ايوارڊ ڏنو سنڌ الاجي پاران ساڳي ئي ڪتاب تي ايوارڊ سان نوازيو شاھ لطيف ڊوامئٽڪ سوسائٽي پاران گولڊ ۽ حڪومت پاڪستان پاران صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

سنڌ جو هي مست درويش ڪهاڻيڪار ۸ آگسٽ ۲۰۱۶ سومر جي ڏينهن ۷۱ سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري سنڌي ادب کي يتيم ڪري ويو. علي بابا جي وفات کان پوءِ سنڌ حڪومت پاران سندس ياد ۾ گورنميٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي جو نالو مٽائي “علي بابا گورنميٽ ڪاليج “رکيو ويو ۽ سندس وفات کان پوءِ مواد گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايا ويا افسوس ته اهو سڀ ٿيو اهو به تڏهن جڏهن علي بابا اسان کان وڇڙي ويو پر جيئري جيڪڏهن اسان ان کان ڪڏهن حال پڇن هان ته شايد علي اسان کي گھڻو ڪجھ اڃا ڏئي وڃي هان.


 

علي بابا

عالمي معيار جو افسانه نگار

غلام حسين خاصخيلي

“اونداھين کي ٽوڙي ڊاھي، چڙھيو آھي سج، اوڀر کان، کجين مٿان. روشن ٿي ويو آھي بند پٺيان، گرگلن جو ڏھاڪو جھوپا ڳوٺ.

اندر ھڪ جھوپي ۾، سنڀري پئي جاڳان. شھر پنڻ لاءِ، وڄنس پيون چوڙيون، وارن ۾ ڦڻوٽو ڪندي ۽ ٻاھر تڙڪي تي ويٺي آھي ماڻس ڀاڳان، اوجھڙ ۾، جھوپي جي ڪکاھينءَ ڀت جي اوٽ وٺيو، چؤڦيٿي گاڏيءَ ۾، جنھن کي گھريندا آھن ٻار، کيس شھر پنائڻ لاءِ. نست نماڻن، ڏرا ڏنل، آسوچ نيڻن سان پئي نھاري سج ۾. پر ڪن اٿس اندر، چوڙين جي ڇڻڪاٽ تي. پئي کنھي چيڙھ مٿو، پئي ڇنڀي اکيون سج ڏي نھاريو، بي فائدو.

اڳي، گھڻو اڳي، جڏھن جواڻي ھيس، سج گول گول ھو، وڻندو ھئس اکين کي، ھاڻ ڪونه وڻيس. ھاڻ ته سج به ڏسڻ ايندو اٿس جھڪو ۽ ڌنڌلو. باھ جو ڀڀڙ، ھان سج گول ڪونھي!” (ڪهاڻي: ڀاڳان)

. . . . . . . . .

“روپا. . . . ھي روپا. . . . . ” ڪولھڻ جو ھانءُ ڦسي پيو. نڪو جيل ياد رھيس، نڪي کليل در، نه ڪنڊا نه ڳڙکيون. ڊوڙي دٻڪو ڪري وڃي مڙس کي ٻک وڌائين ۽ ٽاڙھون ڏئي روئڻ لڳي. “ھي روپا. . . . ھي روڻيا. . . . ھي مھنڌرا. . . . ”

“ڇو آئي آھين؟” زنجيرن ۾ جڪڙيل رتوڇاڻ روپلي ڏانھس ڪنڌ جھڪائي نھارڻ کان سواءِ چيو.

“روپا، توکي آخري ڀيرو ڏسڻ آئي آھيان. متان موتان ڪارونجھر جون ڪولھاڻيون کلائين، متان سچي ڪرين، نه ته پوءِ مان به ڦري ويندي سانءِ. پيٽ تي ھٿ ھڻي چونديس ته ھي ٻار روپلي جو نه، ٻئي ڪنھن جو آھي. روپا، متان سچي ڪرين!” ڪولھڻ مڙس جي ويڪري ڇاتيءَ ۾ منھن وجھيو، ڍڪون ڀريو روئيندي رھي. روپي پھريون ڀيرو ڪنڌ کڻي زال ڏي نھاريو. سندس ڀنڀن وارن ڏانھن، عاج جي ٻانھينءَ ڏانھن، اڀريل ڇاتين ۽ پيٽ ڏانھن. سندس رت رتول مک مرڪي پيو. ” (ڪارونجهر جو قيدي)

نثر ۾ جيڪڏهن ڪو عالمي معيار تي پورو لهي ٿو ته اُهو علي بابا ئي آهي. مٿي سندس ٻن ڪهاڻين جون ٻه پيرائون ڏنيون آهن، جن مان پروڙ ڪري سگهجي ٿي ته حقيقت نگاريءَ جو وٽس ڪيڏو نه سهڻو ڏانءُ هو. ڀاڳان ڀلي ته نثر ۾ لکيل آهي، پر اُن ۾ نظم جهڙو ترنم آهي، جنهن انداز ۾ هُن گرگلن جي جهوپن ۽ اُن ۾ وسندڙ زندگيءَ کي قلمبند ڪيو آهي، سو فقط علي بابا ئي ڪري سگهي ٿو. روپلي جو ڪردار هونئن ته سنڌ جي تاريخ جو هڪ اڻ وسرندڙ ڪردار آهي، پر علي بابا سندس ونيءَ ۾ به ايتري ئي جرئت ڏيکاري آهي، ايستائين جو هُوءَ پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ تان گهور ٿيڻ لاءِ ميار جي اهڙي ڪسوٽي ۾ وجهي ٿي جو روپلي جو جوش، پڙهندڙن جي رڳن ۾ به ڀرجي اچي ٿو.

۱۹۴۰ع ڌاري ڪوٽڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ علي محمد رند اڳيان هلي علي بابا جي نالي سان سنڌي نثر جو وهائو تارو بڻجي اُڀريو. علي بابا لکڻ جي شروعات ۱۹۶۵ع کان ڪئي. علي بابا ۳۰۰ کان وڌيڪ ڪھاڻيون لکيون. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ۱۹۸۳ع ۾ ڇپيو ھو، جنھن ۾ ۱۸ ڪھاڻيون شامل آھن. علي بابا جو ٻيو ڪتاب ’آيل ڙي اولاڻا’۱۹۸۴ع ۾ شايع ٿيو ھو. ٽيون ڪتاب ’علي بابا جون ڪھاڻيو’۱۹۹۴ع ۾ ڇپيو ھو. علي بابا ۱۹۸۵ع ۾ ناول موھن جو دڙو لکيو ھو. اھڙي طرح علي بابا ٻارن لاءِ به ھڪ ناول ’سنڌ باد جو سفر’لکيو ھو. اھو ناول ۱۹۹۳ع ۾ ڇپيو ھو. علي بابا ڊراما به بھترين لکيا. سندس ڊرامن کي ملڪ سميت پوري دنيا ۾ زبردست موٽ ملي. علي بابا ٽي وي، ريڊيو ۽ اسٽيج لاءِ ڪيترا ئي شاھڪار ڊراما لکيا. ڪيتريون گيتن ڀريون ڪھاڻيون به لکيون، جن کي زبردست موٽ ملي. سندس مشھور ڊرامن ۾ ’دنگي منجھ درياھ‘، ھوشو شيدي، مومل راڻو، ٻاليشاھي، موکي متارا، رقص حيات سميت ڪيترا ئي مشھور آھن. علي بابا کي مڃتا طور صدارتي ايوارڊ به مليو ھو. علي بابا پنھنجين لکڻين وسيلي سنڌ سان گڏ پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو. علي بابا جسماني طور اسان وٽ موجود ناھي پر پنھنجي ڪھاڻين، ناول، ڊرامن وسيلي ان وقت تائين زندھ رھندو، جيستائين ھي دنيا موجود آھي. علي بابا پنھنجين ڪھاڻين، ناولن ۽ ڊرامن ۾ معاشري جي ھر مسئلي جي عڪاسي ڪئي آھي.

 

علي بابا

جوڳي جادو لائي ويا - ورسيءَ جي مناسبت سان

آزاد انور مھر

اڄ لاڙ جي پٽيءَ ۾ مينهوڳيءَ جي موسم آهي ڪوٽڙيءَ جي هيلوڪي ٿڌي هير وقت اڳ سرءُ ۾ ڇڻي ڪرندڙ سڪل پنن کي اڏاري ۽ ان شخص کي ساري ٿي جنهن کي نه دولت جي تمنا ۽ نه وري مشهور ٿيڻ جو مرض هو. پاپولرٽيءَ جي ڊوڙ واري دنيا جو عجيب ڪردار هو جنهن جو ڪل اثاثو ڪتاب لکيل ناول ۽ ڪجھ بي ترتيب ڪهاڻيون هيون جنهن وٽ صرف ڀڃ ڊاھ ۽ ٽوڙڦوڙ واريون ڪهاڻيون نه هيون پر هن وٽ جوڙجڪ ۽ ٺاھ ٺوھ جا ڪيترا ئي ڊراما ۽ ناول جنهن ۾ ڪيترا ئي تعميراتي ڪردار به شامل هئا. هو هن ديس جو درويش صفت انسان جنهن ۱۹۴۰ ۾ محمد يوسف بلوچ جي ڪوٽڙي واري غريباڻي گهر ۾ جنم ورتو جنهن کي پڙهڻ جا عادي سنڌي نوجوان علي بابا جي نالي سان سڃاڻيندا آهن. علي بابا جا وڏا بلوچستان کان لڏي پهرين سيوهڻ، پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيا سندس والد ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي جو ننڍڙو ملازم هو. پاڻ ڇھ درجا انگريزي پڙهيو پهرين ريلوي ۾ ڪلارڪ طور هڪ سال نوڪري ڪيائين پوءِ هڪ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور ۴ سال گذاريائين. ۱۹۶۵ع کان لکڻ شروع ڪيائين. علي بابا هڪ سٺو ناٽڪ نويس ۽ ناول نگار هو هن پهرين ڪهاڻي پڃري جا پکي ۱۹۵۴ ۾ لکي جيڪا ۱۹۶۰ ۾ شايع ٿي ته ان دور جي وڏن وڏن اديبن جا ڇرڪ نڪري ويا هئا ۽ پوءِ مسلسل لکڻ سبب سندس ڪهاڻين کي موٽ ملندي رهي. سندس ناٽڪ “دنگيءَ منجھ درياھ” ۱۹۸۱ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ واري ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام کٽيو، جنهن ۾ هن سنڌو درياھ جي مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ناول “موهن جو دڙو” قسطن ۾ هليل آهي جيڪو بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. هن جي لکڻيءَ ۾ ماحول، موضوع ۽ مسئلا گهڻو ڪري ديس ۽ ديس واسين جا ئي آهن. هو جيڪي لکندو هو ته سندس هر لکڻي ڪنهن نه ڪنهن پسمنظر ۽ حقيقت تي مدار رکندي هئي. پنهنجن همعصرن کان بلڪل جدا، نرالو انسان علي بابا جنهن شهرت کان پري ڀڄي گمناميءَ واري زندگي اختيار ڪئي. اديبن جي اليڪشنن گڏجاڻين، اعلانن احتجاجي گوڙ ۽ گمسان کان گهڻو پري رهندو هو هن نه ڪڏهن پاڻ پڏايو نه پنهنجي ذات بابت ڪا وڏي دعويٰ ڪئي توڙي سندس پڙهندڙ ۽ چاهيندڙن جي قطار تمام وڏي آهي پر هن عام اديبن وانگر پنهنجا مريد نه ٺاهيا نه وري ميڊيا جو سهارو وٺي اجائي شهرت واري مرض ۾ مبتلا ٿيو.

علي بابا بنيادي طور نثرنگار هو پر هن جي نثر ۾ شاعريءَ جو چس شامل هوندو هو تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته هن ٿوري گهڻي شاعري به ڪئي هن جي لکيل ڊرامي “دنگي منجھ درياءُ” ۾ سندس ئي لکيل گيت “اسين ماڻهو لاڙ جا، درياءُ جي پاڇاڙ جا، اترڙو ٿو لڳي” سنڌَ ۾ اڃا تائين مقبول آهي. موهن جو دڙو هن جو لازوال ناول هو پر هن ڪيتريون ڪمال جون اهڙيون ڪهاڻيون لکيون جيڪي عام طور سنڌي ادب جو سڀ کان ڏکيو سبجيڪٽ سمجهيون وينديون آهن پر هن تي ڪلا مهربان هئي ادب ۾ ڪهاڻيءَ بابت جتي نسيم کرل جهڙو بلا جو ڪهاڻيڪار پنهنجين ڪهاڻين “ڪافر” ۽ “چوٽيهون در” ۽ “پهرين مراد” بابت ڳالهائيندي اهو چوندو هو ڪهاڻي لکڻ لاءِ رت ولوڙڻو پوي ٿو ڪڏهن ٻه ٻه ڪڏهن وري ٽي ٽي ۽ چار مهينا به لڳي ٿا وڃن اُتي علي بابا سادگيءَ سان کلي چوندو هو ته مونکان ڪهاڻيون پاڻمرادو لکجي وڃن ٿيون ان ڳالھ مان سندس مشاهدي جي قوت ۽ سندس دور انديشيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ بابت سوچيندي هن کي محسوس ٿيندو هو ته سنڌ مٿان مذهبي تنگ نظري ۽ انتهاپسنديءَ جو خطرناڪ حملو ٿيندو ان لاءِ هو لفظن کي جملن جي مالها ۾ پوئي ڪتابي شڪليون ڏئي اڳواٽ اهي علمي ۽ ادبي هٿيار ڪٺا ڪري رهيو هو، جن جي سنڌ کي ڪالھ کان وڌيڪ اڄ ضرورت آهي، علي بابا سئو کان مٿي سنڌي ڊراما لکيا.

علي بابا جي سٺي ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ ڳالھ اها هئي ته هو کلي دل سان اعتراف ڪرڻ جو عادي هو وڏي فراخدليءَ سان چوندو هو ته اگر شمشيرالحيدري منهنجي ڪهاڻي مهراڻ رسالي ۾ نه ڇاپي ها ته منهنجي لکڻ جو جنون بي موت مري وڃي ها مان اديب نه هجان ها. علي بابا چوندو هو منهنجو ڪو به تعارف ناهي پر جيڪو ڪجھ آهيان سو پنهنجي ماءُ، چاچي ڇٽي خان، مامي عبدالله خان ۽ شمشيرالحيدريءَ جي ڪري ئي آهيان. انڪري علي بابا جي ڀيٽ انهن اديبن سان نه ٿي ڪري سگهجي جن سون تي سيڻ مٽايا جن مراعتن خاطر پاڻ کي سرڪار وٽ گروي رکيو هو اهڙو خوددار انسان هو جنهن ملڪ جي سڀ کان مهانگي ۽ وڏي ايوارڊ کي ان وقت لت هڻي ڇڏي هئي جڏهن وٽس ڪوٽڙيءَ کان حيدرآباد اچڻ لاءِ بس جو ڀاڙو به نه هو جڏهن هن هڪ انٽرويو ۾ ائين چيو هو ته مونکي اخبار پڙهڻ جو شوق هوندو آهي پر پئسا ناهن ته اخبار وٺي سگهان علي بابا اهو خوددار انسان هو جنهن پنهنجي نوجوان پٽ کي پنهنجي اکين اڳيان مرندي ڏٺو پر سرڪار کان سهائتا جي خيرات نه گهري اهڙا باڪردار فرد قومن جي ڳچيءَ ۾ نو لکا هار ٿيندا آهن جيترو سنڌ سان هن کي پيار آهي، ايترو پيار ته فقط هڪ عاشق پنهنجي محبوب سان ڪندو آهي ان جو چٽو ثبوت آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي ايوارڊ کي ٺوڪر هڻي ڇڏي ۽ آخري ڏينهن ۾ ڪسمپرسيءَ واري زندگي گذارڻ واري آدرشي انسان علي بابا جي ورسيءَ واري ڏينهن تي سنڌ سرڪار جو نالي ماتر ڪم ڪندڙ ثقافت کاتو کيس ياد ڪري يا نه پر ڪوٽڙيءَ لڳ خدا جي بستيءَ واري قبرستان ۾ آرامي هن قدآور انسان کي ياد ڪري سنڌ جي سيبتي شاعر ادل سومري چيو هو.

سنڌ جي مٽيءَ مان ڳوهيل آدمي،

ليکا چوکا لوڪ جا لاهي ويو.

ڪوٽڙيءَ مان موڪلائي ناکئو،

هو دنگي درياھ مان ڪاهي ويو

يا وري علي بابا جهڙن مست الست ڪردارن کي سامهون رکي لطيف سائين چيو هو ته

“جوڳي جادو لائي ويا”. . . . !!


 

علي بابا

سنڌيت جو پرچاري تخليق ڪار

هوش محمد ڀٽي

مونکي علي بابا سان ملڻ جو ڪڏهن موقعو نه مليو آهي بس هڪ دفعو مون کيس سن جي اسٽيج تي ڏٺو هو. ان کان اڳ مون علي بابا جون ڪهاڻيون ۽ ناول “موهن جو دڙو” ۽ ٻارن لاءِ لکيل ناول “سنڌ باد جو سفر” پڙهي چڪو هئس. باقي سندس ڊرامن تائين اڄ سڌو رسائي نه ٿي سگهي آهي، نه ئي ڪو موقعو مليو اٿم ته ڪٿي ڏسي وٺان. جڏهن مون علي بابا کي پهريون دفعو ڏٺو هو ته هن ۾ مون کي ان جا سڀ ڪردار جهلڪندا نظر آيا هئا. هو سنڌي ڏند ڪٿا جو ڪو شاندار ڪردار ۽ پرسرار شخص لڳي رهيو هو. علي بابا ۾ سندس ڪردارن جا روپ ڏسي مان حيران هيس/آهيان. رند قبيلي سان تعلق رکندڙ علي بابا مون کي شاھ سائين واري رندن جهڙو لڳندو آهي جئين شاھ سائين چيو آهي ته “رند پرڙوين راز. . . ” ها علي بابا ۾ سنڌ جي ڏکن سورن ۽ تاريخي ويساگهاتين جا ڪيترا ئي الميا لڪل آهن انهن ڳجهن کي پروڙري هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ آڻي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي هڪ وڏي عالم ۽ تاريخ نويس پير حسام الدين راشدي علي بابا کي “سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. ”

علي بابا ڪيترن ئي جاين تي لکي چڪو آهي ته هن لکڻ جي شروعات ننڍڙي عمر ۾ ڪئي. ڪجھ نه ڪجھ لکي وري ڦاڙي اڇلائي ڇڏيندڙ سنڌي ادب جو هي عظيم ڪردار سنڌي ادب ۾ بڙ جي وڻ جيڏي جاءِ ٺاهي ويندو اهو ته سندس سوچ ۾ به نه هوندو. ڪچي عمر ۾ لکڻ جي مشق علي بابا کان مضبوط ڪردارن واري تخليقن کي جنم ڏياريندي. ڪنهن ڇوڪري کي مئٽرڪ جي امتحان جي هال ۾ بجو ڏيڻ تان ٻاهر ڪڍيل علي بابا مئٽرڪ فيل هجڻ ڪري ڪا سڻڀي نوڪري حاصل نه ڪري سگهيو. علي بابا زندگيءَ ۾ ٻه نوڪريون ڪيون. هڪڙي ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪي ۽ ٻئي ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ مئينجري، جيڪي به گهڻو وقت نه هليون. سال ڪلارڪي ۽ چار سال مئينجري ۾ گذارڻ کان پوءِ علي بابا جي پيٽ گذر جو واحد ذريعو لکڻ ئي وڃي رهيو.

سنڌ ڌرتيءَ جو هي رولاڪ البيلو اديب ادبي ميڙاڪن ۾ غائب رهندو آهي، مشڪل سان ئي ڪٿي ديدار نصيب ٿيندو آهي. علي بابا جي باقاعده لکڻ جو سال ۱۹۶۵ع آهي جڏهن سندس شروعاتي ڪهاڻيون “نئين زندگي” رسالي ۾ ڇپيون. علي بابا جي تخليقن ۾ توهان کي صرف سنڌ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ڪردار به سنڌي نظر ايندا. سندس تخليقن ۾ خيالي دنيا کان حقيقت وڌيڪ آهي، ماحول ۽ منظر به سنڌ جا چٽيا اٿس.

سنڌ ادب جي هن يگاني مزدور علي بابا پنهنجي قلمي پورهئي مان ٽي سؤ ڪهاڻيون ۽ هڪ سؤ ڊراما ڏئي چڪو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ ڪيترا ئي ٽيلي ناٽڪ، فلم اسٽوريون به لکيا اٿس. علي بابا جي بهترين ڊرامه نويس جي قابليت تڏهن سامهون آئي جڏهن سندس ڊرامي “دنگي منجھ درياھ” کي جرمني جي شهر ميونخ ۾ ڊرامن جي عالمي ميلي ۾ ٽيون نمبر قرار ڏي انعام ڏنو ويو. انهيءَ ميلي ۾ ۹۷ ملڪن حصو ورتو. “دنگي منجھ درياھ” ڊرامو سنڌو درياھ جي مهاڻن جي زندگيءَ تي لکيل آهي جنهن جيجي زرينه ڪردار ادا ڪيو هو. ڊرامي ۾ مهاڻن جو درياهي ٺيڪيدار سان جهيڙو ٿئي ٿو ۽ مهاڻن سان جيڪي مسئلا درپيش اچن ٿا انهن کي اٿاريو ويو آهي. “دنگي منجھ درياھ” ناٽڪ جي لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اهو ناٽڪ ڏسڻ کان پوءِ درياهن تي ٺيڪيداري نظام کي ختم ڪرايو. علي بابا جو ٻيو اهم ناٽڪ “رقص حيات” آهي، جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻي جي زندگيءَ تي آهي. ان کان علاوه سندس ٻالي شاهي، موکي متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي به مقبول ناٽڪ اٿس.

علي بابا جو پهريتو ڪهاڻي ڪتاب ۱۹۸۳ع ۾، ٻيو “آيل ڙي اولاڻا” ۱۹۸۴ع ۾ ۽ ٽيون ڪتاب علي بابا جون ڪهاڻيون” آهن. تازو روشني پبليڪيشن پاران سندس ٽنهي ڪتابن کي گڏي “علي بابا جون ڪهاڻيون” جي نالي سان آندو ويو آهي. جنهن ۾ سندس رڳو اڌ ڪهاڻيون آهن ۽ ان جو ٻيو حصو نه آيو آهي.

سنڌي ماڻهو ازل کان حساس طبعيت رهيا آهن ان جو مثال توهان کي تاريخ ۾ به ملندو ته سنڌين تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن تي هلان ڪا نه ڪئي آهي نه ئي ڪنهن قوم جو بي گناھ رت وهايو آهي. سنڌين هر دؤر ۾ امن جو هوڪو ڏنو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي خمير مان جنم وٺندڙ علي بابا به پنهنجي حساس مزاج مان “ڌرتي ڌڪاڻا”، “ڪجلا تجلا ماڻهو” ۽ ٻين شاهڪار ڪهاڻين کي خليقيو آهي. جن کي پڙهي مان جذبات جي وهڪري ۾ وهي ويس ۽ منهنجي اکين جا بند ٽٽي پيا ۽ مان سڏڪن ۾ پئجي ويو هئس. هر حساس دل انسان/سنڌي تي به انجو اهڙو ئي اثر ٿيندو. علي بابا سراپا سنڌيت آهي. علي بابا کي سنڌ ۽ سنڌيت جو جيڪو جنون آهي ان ڪري سندس تخليقون سنڌي سماج، سنڌي ڪلچر ۽ ٻوليءَ جو عڪس آهن جن ۾ سنڌ نظر اچي ٿي اسين پاڻ کي ڏسون ٿا. علي بابا انهن ۾ اسان جي ڳالھ ڪئي آهي اسان سنڌين جي ڏکن ۽ پيڙائن کي چٽيو آهي.

موهن جو دڙو جنهنجي نالي سان اسان پوري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سڃاتا وڃون ٿا ۽ مختلف قومن جا ماڻهو اسان جي تهذيب کي احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. ان عظيم تهذيب تي علي بابا جو ناول “موهن جو دڙو” جو پهريون حصو ۱۹۸۵ع ۾ ڇپيو. جيڪو اڳ۾ “روح رهاڻ” ۽ پوءِ “نئين زندگيءَ” ۾ قسطوار ڇپيو هو. علي بابا کي ڪهاڻي کڻڻ جو ڪمال جو هنر آهي، سندس ڪردار، پلاٽ ۽ منظرن ۾ جيڪا جان آهي. اها کيس سگهارو قلمڪار ثابت ڪريس ٿي. هن ناول ۾ هن سنڌو سڀيتا کي اسان جي اڳيان آئيني جيان ڏيکاريو آهي. پر وڏي ڏک جي ڳالھ آهي ته ان ناول جو پهريون حصو پڙهي گذريل ڏهن سالن کان ٻئي حصي جي پڇا ڪندو رهان ٿو. مان سمجهندو هئم ته ان جو ٻيو حصو ڇپيل آهي شايد ڇپجي نه سگهيو آهي پر نه علي بابا خود پنهنجي ڪنهن انٽرويو ۾ ان جو اقرار ڪري ٿو ته مون کان هاڻي اهي ڪردار وڌيڪ تخليق نٿا ٿي سگهن. مون سميت سنڌ جي کوڙ سارن پاٺڪن کي هن ڪلاسيڪل ناول جي ٻئي حصي جو انتظار آهي پر ۳۲ سال گذرڻ باوجود علي بابا خبر ناهي ڇو ان جي ٻئي حصي لکڻ ۾ سنجيده نه هو. هاڻي علي بابا ڪڏهن لکي ب ن سگهندو. پر پوءِ به اسان کي انتظار آهي ۽ رهندو پوءِ ڇو نه ڪو ٻيو قلم ڌڻي ان تي قلم کڻي پورو ڪري. آء ب پنهنجي طرف کان ڪوشش ڪندس.

علي بابا جو ٻيو ناول “سنڌ باد جو سفر” جيڪو ٻارن لاءِ لکيو اٿس. اهو ناول ۱۹۹۳ع ۾ شايع ٿيو. سنڌ باد جي سفر ۽ ان ۾ موجود ڪردارن کي علي بابا سنڌي روپ ڏنو آهي جهڙوڪ اهو سنڌي قصو ٿي ويو آهي. اهو سندس فن ڪاريگري جو اعليٰ مثال آهي.

علي بابا سنڌ جو مسڪين ۽ سادي طبيعت رکندڙ پنهنجي جوهر ۾ هڪ حقيقي ۽ مڪمل سرجڻهار آهي. جنهن وٽ اڻ کٽ ڏات آهي جنهن سان هو پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ٻوليءَ ۽ عظيم ڪردارن کي دنيا جو آڏو پيش ڪري ٿو.


 

علي بابا

جبار آزاد منگي

علي بابا جو اصلي نالو علي محمد، سندس والد جو نالو محمد يوسف بلوچ. ۱۹۴۰ع، ۸ آگسٽ ۱۹۴۰ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ سندس جنم ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جو هو هڪ ناليوارو ناول نگار ۽ ڊراما نويس هو.

سندس وڏا بلوچستان کان لڏي پهرين سيوهڻ، پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيا. سندس والد ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي ملازم هو. پاڻ ڇھ درجا انگريزي پڙهيو.

علي بابا پھرين ريلوي ۾ ڪلارڪ طور گهڙيو. هڪ سال نوڪري ڪيائين. پوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور ۴ سال گذاريائين. ۱۹۶۵ع کان لکڻ شروع ڪيائين. علي بابا سنڌ ۾ اهو ئي ليکڪ/ ساهتيڪار هو، جنھن جو ڪمائيءَ جو وسيلو فقط قلم هو. ادب سندس پيٽ ڀرڻ جو ذريعو هو.

علي بابا هڪ سٺو جي لڳ ڀڳ ناٽڪ تخليق ڪيا. ڪھاڻيڪاري سان گڏ هو هڪ ناول نويس پڻ هو. سندس ناٽڪ “دنگيءَ منجھ درياھ” ۱۹۸۱ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ واري ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام کٽيو، جنهن ۾ هن سنڌو درياھ جي مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ناول “موهن جو دڙو” ڪنهن مخزن ۾ قسطن ۾ هليل آهي. جيڪو بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن جي لکڻيءَ ۾ ماحول، موضوع ۽ مسئلا گهڻو ڪري سنڌ جا آهن. هو جيڪي لکندو هو، سو ڪنهن نه ڪنهن پسمنظر ۽ حقيقت تي مدار رکي ٿو. پنهنجن همعصرن کان بلڪل جدا، نرالو پر ناليوارو. هن جا ڪردار سامهون جيئرا انسان آهن. پڙهندي ڪڏهن همدردي ته ڪڏهن نظام (حڪومت) برخلاف نفرت جو ڀاؤ پيدا ٿيو پوي.

علي بابا، ۸ اگسٽ ۲۰۱۶ سومر ڏهاڙي وفات ڪري ويو.

 

(جبار آزاد منگي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)


 

علي با با ۽ سرڪاري سول ايوارڊ

(علي بابا کي جنم ڏينھن مبارڪ - متان وسري نه وڃي)

رزاق سهتو

علي بابا. . سنڌ جي هن جينيس ليکڪ سان ڪجھ يادگيريون لاڳاپيل آهن. جيڪي واري واري سان لکندو رهندس ڏاڍودلبر ماڻهون هو. ڪراچي گلشن اقبال ڪالابورڊ يونيورسٽي روڊ علائقي ۾ حور پئليس جي فليٽ ۾ رهندو هئس. ٿوري پنڌ جي فاصلي تي ڳوٺ هيو جتي هزاري وارا گھڻائي ۾ آهن. خبرنه هئي ته ڪوعلي با با به ان ڳوٺ ۾ رهندو آهي. قاسم سيال نوجوان هو جيڪوادبي سنگت ڪراچيءَ جي گڏجاڻين ۾ ايندو هئو. هن سان جڏهن گھرائپ وڌي ته ٻڌايائين توهان جي ڀرسان جيڪو ڳوٺ آهي ان ۾ ئي رهندو آهيان علي بابا به اتي ئي رهندو آهي. مون پنهنجو ڪهاڻي ڪتاب “اڌ وهي” علي بابا ڏانهن ڏياري موڪليو. هڪ هفتي جي وٿيءَ کانپوءِ گهر جي ڊوربيل وڳي ته پٽ ٻاهر ويو هن اچي ٻڌايو ته ڳاڙهن وارن سان ڪو ڀائي آهي چويٿو رزاق سان ملڻو آهي. ٻاهر نڪري ڏسان ته علي بابا بيٺو آهي. خوشيءَ جي حد نه رهي اچي ڊرائنگ روم ۾ ويٺاسين. ڪچهري شروع ڪئي ته چيائين؛ “پهريون آءُ ڳالهائيندس تنهنجي ڪهاڻي ڪتاب جي باري ۾. “ کيس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون وڻيو ۽ جيڪي کيس وڻيون انهن ڪردارن جا نالا جملا سڀ ياد هيس مان حيران ٿيندو پئي ويس ته ڪيڏو نه گھرائي سان ڪهاڻي ڪتاب پڙهيو اٿائين کيس ڪهاڻي “نماءُ” ۽ “اڌ وهي” ڏاڍيون پسند آيون. اڌ ڪلاڪ کن منهنجي ڪهاڻين جي باري ۾ ڳالهائيندو رهيو.

پوءِ چيائين “هاڻ تون ڳالهاءِ” ائين ڪچهري هلندي رهي، چانهه شامي وغيره به کائيندا رهياسين. پوءِ اسان ٻنهي ۾ ويجھڙائپ وڌي، . گھرائپ ٿي. علي بابا خبر ناهي ڪنهن سان دل جون ڳالهيون ڪيون الائي نه پر مون سان ڪندو هئو ۽ صلاح به وٺندو هئو. مان حيران ٿيندو هيس ته پاڻ ڪيڏو وڏو ماڻهون آهي صلاح وري مون سان ٿو ڪري خير اهو ۲۰۰۲ يا ۲۰۰۳ جو زمانوهئو.

هڪ ڀيري ڇا ٿيوجو درتي بيل وڳي گھرواري دروازي وٽ وئي. علي جيئن ئي گھرواريءَ کي ڏٺو پٺي ڏئي بيهي رهيو ۽ ڏاڪڻيون هيٺ لهي ويو. منهنجو فليٽ ٻي ماڙ تي هوندو هئو. گھرواري دربند ڪري موٽي اچي چيو ته ڳاڙها وار هيس. ڪلين شيو هيو. ڳالهايائين ڪجھ ڪون هيٺ ڏاڪا لهندو هليو ويو. مان سمجھي ويس علي بابا ئي هوندو. تڪڙو گھر کان ٻاهر نڪري سڏ ڪيم. پاڻ جواب ڏنائين ته هيٺ بيٺو آهيان. لهي ويس پڇومانس؛ “پيارا هيٺ ڇو لهي آئين؟” چيائين؛ “ڀاڄائي ٻاهر نڪري آئي. ان جي سامهون ڪيئن ٿيان. ان ڪري خاموشيءَ سان هيٺ لهي آيس. ” مان کيس مٿي وٺي اچي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو. ڏاڍو پريشان ۽ سوچ ۾ پئي لڳو. چيومانس؛ “خيرته آهي ادا علي ڇو پريشان آهين؟” چيائين؛ “سرڪار سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي وٺڻ گھرجي يا نه” چيم؛ “ادا علي تو کي وٺڻ گھرجي! پئسا ڪي سرڪار پنهنجي گھران ٿورئي ٿي ڏئي اهي عوام جا آهن. توکي ضرورت به آهي. ڇو نه وٺين حقدار به آهين. تنهنجو حق آهي. ” پاڻ چيائين؛ “يار منجھي پيو آهيان. اسان وٽ ڪي اهڙا ادارا به ناهن جيڪي ليکڪن کي صلاح ڏين ته اهڙا سرڪاري سول ايوارڊ وٺڻ گھرجن يا نه!” پوءِ هو اداس ٿي ويو. بلڪل خاموش ٿورو گھڻو مان ڳالهائيندو رهيس. مانيءَ جووقت هئو اسان گڏجي ماني کاڌي پوءِ چيائين“ آنءُ هلان ٿو” ٻن ڏينهن کانپوءِ اخبار ۾ پڙهيو ته علي بابا سرڪاري سول ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ها سائين خوددار ليکڪ ائين ئي ڪندا آهن.

 

(رزاق سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

علي بابا

ھڪ باغي جوڳيسر!

رام اوڏ

ڪو زمانو هو ليکڪ ۽ شاعر درٻارن ۾ اُجرت يا وظيفي تي لکندا هئا. اهي واکاڻ جا واڄٽ ڪري ”روزي حلال ڪندا“ هئا. ايئن تاريخ ڄڻ حڪمرانن جي ويهاريل سُريت ٿي وئي ۽ آرٽسٽ گولن جا غلام ٿي انهن جي درن جي چائنٺ تي مري کپي ويندا هئا ۽ شاعر حضرات قافيا ۽ رديف ملائي بادشاھه ۽ راڻي جي جمالياتي حس کي مالش ڪندا هئا. قلم جو ڪنڌ جڏهن جُهڪي ويندو آهي، تڏهن ان جي لکندڙ جو ضمير به مري ويندو آهي. تاريخ جو اهو دور اڄ به جاري آهي. هي خوشامد، بوٽ پالش ۽ چمچاگيري جو دور آهي. هتي اڪثر اديب، شاعر ۽ صحافي بازار جي وکر جيان وڪرو ٿي رهيا آهن. سُر درٻاري ۾ هو جُهونگارين ٿا ۽ قصيده لکي مراعتون حاصل ڪن ٿا. سنڌ ۾ لکاري طبقي جي خسيس پڻي سبب سچايون دٻجي وڃن ٿيون ۽ حڪمران طبقي کي زيادتيون ڦٻي وڃن ٿيون. اهڙي ماحول ۾ علي بابا غريبي ۾ گذاريو پر ڪنهن مسند ۽ مفادن لاءِ نه لکيو. لکڻ جو هي اسٽائيل ارڏائپ ۽ خودداري سان ڀرپور هو. علي بابا جي زندگي ڪنهن لاڏائو قبيلي جي دربدري جهڙي هئي. هو هڪ جپسي هو. (سنڌ ۾ جيڪو اديب “حاڪماڻي بيهڪ” جو حصو ناهي ۽“سامراجي سرشٽيءَ” جي وڇايل نيٽ ورڪ يعني اين جي اوز کان ٻاهر آهي اهو جپسي ناهي ته ٻيو ڇا هي؟) هو ايئن ئي ڀٽڪندو رهندو هو جيئن هن جي ڪهاڻين جا ڪردار ڌرتيءَ ڌڪاڻا ٿي ڀٽڪندا هئا. هن جو وجود ۾ ڪٿي به ڪو ٺڪاڻو نه هو. هو پنهنجي ڪهاڻين جيان اڻپورو هو، وجودي ڪيفيت ۾ رهندو هو. هو ڪٿان کان ايندو هو ۽ ڪيڏانهن گم ٿي ويندو هو. هن جي ڪا ايڊريس نه هئي. هن جي زندگي جو هر پل درد جو احساس هو، اهو درد جيڪو هن جي جيون جو اٽوٽ حصو بنجي چڪو هو. علي بابا ۽ درد هڪ شيءَ جا ٻه نالا آهن. اهو درد هن جي لکيل ڪهاڻين ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. جيئن سنڌ جا دراوڙ هن جاگيرداراڻي سماج جي گهاڻي ۾ ڀوڳين ٿا، ايئن علي بابا به دراوڙ ٿي ڀوڳيندو هو ۽ جيئندو هو. هن سماج ۾ دراوڙ ٿي جيئڻ ۾ به ڪيڏو نه عذاب آهي! علي بابا منفي تاريخي ارتقا جو ڪرب جهاڳي ٿو، ايئن سنڌو ماٿر جي تهذيب موئن جو دڙو، سنڌو درياءَ ۽ دراوڙ هن جي ناول ۽ ناٽڪ ۾ عروج و زوال ڏسن ٿا. هو وقت جي جبر سان پيدا ٿيل ڌنڌ پاڇن جي ڪهاڻي ڏاڍي سچائي سان بيان ڪري ٿو: هڪڙي ڏهاڙي هڪڙو چٻ جهڙو پوڙهو تاريخدان منهنجي اونداهي ڪمري ۾ آيو ۽ حقي جهڙي بڙ بڙ ڪندي آواز سان چيائين:

“مون ٻڌو آهي ته تون دراوڙن جي تاريخ لکي رهيو آهين؟”

چيم، “ها، مان وقت جو نوجوان آهيان_ مان دراوڙن کان عبدالرزاق شهيد تائين تاريخ لکي رهيو آهيان. ” (نوان پيغامبر)

علي بابا جي پوري ٽهي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ جي دور سان تعلق رکي ٿي. ورهاڱي گهرا ۽ دردناڪ اثر مرتب ڪيا هئا. انهي پسمنظر جي ناسٽلجيا ۾ لکيل سندس هڪ ڪهاڻي“ڌرتيءَ ڌڪاڻا” آهي. هن ڪهاڻي ۾ پوسٽ_ ڪالونيل حالتن جي تشريح آهي. علي بابا سنڌو ندي جي ڪناري تي ويهي سنڌو جي ڦوھه جواني جا دور به ڏٺا ته سنڌو جي پيٽ ۾ اڏامندڙ واري جا طوفان به ڏٺا. هن ڄاتو ٿي ته دنيا جون قديم تهذيبون دجله فرات، نيل، هوانگ ۽ سنڌو جي ڪنارن تي آهن. سنڌو درياءَ هماليه جبل جي تبت کان ڪيلاش پربت جي مانسرو ڍنڍ مان نڪري يارنهن سئو ميل ڪشمير جي گلگت واري جابلو واري علائقي کي لتاڙيندي، ٻارنهن هزار فوٽن جي بلندي تان پنهنجو رخ اختيار ڪري، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن کان ٿيندي مٺن ڪوٽ کان ڪشمور وٽ ارڙهن سئو ميل وهي، ڪيٽي بندر وٽ ڇوڙ ڪري ٿو. انهي سنڌو تي وسندڙ سنڌ تي علي بابا جذباتي انداز ۾ لکي ٿو: “سنڌ ڪنهن نڌڻڪي ساوتري جو نالو ڪونهي جو جيڪو لئي مان لٺ ڀڄي ليڪو هڻي کيس ڊاهي ڇڏي. آهي ڪو ماءُ ڄائو جو ڀڳي ٺوڙهي کي پنهنجي جڳھه تان ڌوڏي سگهي، ڪو آهي جو ڪارونجھر، کير ٿر، هالار کي پنهنجي جڳهين تان اکوڙي سگهي، ڪو آهي جو پاراشر ۽ سورجاڻي کي پاڙان پٽي اڇلائي! اڃان گهڻا سڪندر ايندا، پر درياءَ شاهه وهندو رهندو. ” ( ڌرتيءَ ڌڪاڻا)

ڪي ليکڪ رڳو شهرت ۽ مفادن لاءِ لکندا آهن، ته ڪي وري پنهنجي آدرشن جي سچائي جي ڦهلاءُ لاءِ لکندا آهن. علي بابا پنهنجي لفظن، ڪردارن، ڪردارن جي نالن ۾ هڪ معنيٰ پوئي ٿو. هن سنڌ جي سيڪيولر ڪلچر ۽ تهذيب، ماڻهن جي وسيلن جي ڀيلاڙ ۽ رولاڪي جي حقيقت جو اسڪيچ چٽيو آهي. هو ڪهاڻين جي رڳن ۾ مسلسل سڃاڻپ جي بحران ۾ گذرندو رهي ٿو، شايد، هن جا لکيل ماسٽر پيس “موئن جو دڙو” ۽ “دنگي منجھه دريا” اهڙي ڪيفيت جو عڪس آهن. علي بابا هڪ غير روايتي ماڻهو هو. سندس سوچ جي اک اُلٽي هئي. هن جا ڪي خيال ۽ دليل هن سماج جو هاضمو خراب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. اهو اظهار جدلياتي آهي:

“مان دل تي وڏي واڪ هٿ هڻي چوان ٿو، آدجڳاد کان موسمون بدلڻ ويل، سج ڪراڪروم جي چوٽين کي وگهاريندو رهيو آهي. ڪنهن به شيءَ تي جمود طاري ٿيڻ جو سوال ئي نٿو پئدا ٿئي. ” ( اونداهيون ڏسائون ۽ مان”

حقيقت ۾ آرٽ جو اصل ڪم مروج مدي خارج سوچن ۽ تصورن کي ٽوڙڻ، نت نواڻ پيدا ڪرڻ، ريشنل ائپروچ جوڙڻ ۽ نئون سماج اڏڻ هوندو آهي. علي بابا پنهنجي لکڻ ۾ احتجاجي آهي، مڪمل باغي آهي. هو وڃايل شناخت، اُجاڙ کيتن، اُداس ملاحن، مظلوم ڪولهين ۽ دربدر نسلن تي بار بار ويچاري ٿو، اهڙي رڃ ۾ ڀٽڪڻ کانپوءِ هو گاريون به ڏيئي ٿو ۽ ڪاوڙ جي جلترنگ کي جهڪو ڪري ٿو. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار ڏتڙيل ۽ مظلوم پورهيت ماڻهن جي ڀوڳنا تي ڳالهائين ٿا، ته عورت جي سماجي ويڳاڻپ تي ويچار ڪن ٿا. جيئن حسن درس جي شاعري ۾ عورت ڇانيل آهي، ايئن علي بابا جي ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار به عورت آهي، پر فرق هي آهي ته حسن جو عورت سان رويو رومانوي آهي، جڏهن ته علي بابا انهن عورتن جي درد ۽ پيڙا تي لوچي ۽ لُڇي ٿو. ڪهاڻي جي روپ ۾ هي سنڌ شناسي آهي. تاريخ جي تشريح جو هي انداز غير روايتي ۽ دلچسپ آهي. اها تاريخ محلاتن جي عروج جي ساراھه ۽ بادشاهن جي ثناخواني نٿي ڪري، هي تاريخ غريب عوام جي پيڙاءُ جي تاريخ آهي، هو فڪشن ۾ سنڌ جي اِتهاس جي اُپٽار ڪري ٿو، ۽ اهڙي ماضي ۾ غوطا زن ٿي وطن جي مٽي ۾ مروي جهڙي هُٻڪار محسوس ڪري ٿو. هو سنبارا جهڙي سراپا سيڪيولر سوچ کڻي تاريخ ۽ تمدن جي ورقن ۾ گم ٿي ڪهاڻيون تخليق ڪري ٿو. تخيل جي اها پرواز پاتارن ۽ پولارن ۾ ڀٽڪي روشن خيال تصورن سان زندگي جي ڪٿا جو منطقي تجزيو ڪري ٿي. آرڪيسٽرا جي ڪرائي ۾ ڪلا جهڙو هي Spontaneous ڊائيلاگس جو اُڻت تجريدي آهي ته حقيقي به آهي. هڪ خوددار ۽ کرو آرٽسٽ ايئن ئي لکندو آهي. هن جي جيون جا پيچرا ريگزار هوندا آهن. سچائي جي موٽ ۾ بي قدري هن جو پيڇو ڪندي رهندي آهي. رڻ جهاڳندڙ اهڙين راهن ۾ ٿوهرن جا ڪنڊا وڇايل هوندا آهن، پوءِ به هو ڪارونجهر جي ڪور تي مور جي رڙ جو پڙاڏو هوندا آهن، هو ظالم، ڦورو، سفيد ڪالر رت پياڪ ۽ غنڊي جي ٻوٿ تي زوردار ٺونشو هوندا آهن. اڪثر “مها اديب”پوئتي هٽي ويندا آهن. ڪي علي بابا آڻ نه مڃيندا آهن. هو چوي ٿو:

“.... تون عجيب ڇوڪري آهين، اُهي ناڪيلي ڏيندڙ گيت ڪنهن لاءِ ٿي لکين؟”

“ڇا گيتن سان سر سنگيت موٽي نٿو سگهي. ”

“پرٿويءَ جي اتهاس ۾ ته ايئن ڪڏهن به ناهي ٿيو. ”

“ان جو ڪارڻ”

ڪارڻ... شايد ان جو ڪارڻ فقط هڪڙو آهي، فائن آرٽ جي دنيا جا ماڻهو هيڻا ۽ گيدي ٿيندا آهن.... . ” ( ساروڻا سارو جيون)

هن سماج ۾ جيڪو ماڻهو سرمائيدار ۽ جاگيردار ڪلاس جو حصو آهي، اهو موج مستين ۾ آهي ۽ جيڪو بي واجبين تي سوچي لوچي ٿو ۽ ان خلاف جهيڙي ٿو، سو ڪاٺ ۾ آهي. ڌرتي تي ڏکين حالتن ۾ علي بابا جهڙو جينيئس نارمل زندگي ڪيئن گذاري ؟ هن ٻهڳڻي ناولسٽ ۽ ڪهاڻيڪار جي ادبي ليگيسي (Legacy)۾ باغي نسل جو تسلسل آهي. اهي باغي جيڪي بک جي سبب تي لکن ٿا، جيڪي ناانصافي تي احتجاج ڪن ٿا، جيڪي ظلم جي انتها تي ڀرپور آواز بلند ڪن ٿا:

“امان جون اکيون اونداهي آسمان ڏانهن کڄي ويون، ڄڻ هن جو نظرون ڪجهھ تلاش ڪري رهيون هجن ۽ هن انتهائي ڀريل آواز سان چيو، “ڏس پٽ! اڄ چنڊ ڪٿي نڪتو آهي؟ پاڻ غريب آهيون. پنهنجي ماني جو حساب چنڊ وانگي آهي. ڪڏهن چوٿون، ڪڏهن اڌ، ڪڏهن سڄي ته ڪڏهن آهي ئي ڪونه. ” مون اونداهي آسمان ڏانهن نهاريو ۽ ماءُ جي ڪڇ ۾ اگهور ننڊ ۾ پئجي ويس. ” ( چنڊ ۽ ماني)

علي بابا جي لکڻ ۾ بي ربط خيالن جو وهڪرو آهي. هن جي افسانوي لکڻي پنهنجي مزاج، موضوع، هيئت ۽ ٻولي جي اعتبار کان کين سندن همعصر لکارين کان الڳ بيهاري ٿي. هو لفظن جي پولارن ۾ خوبصورت منظرڪشي ڪري ٿو:

تار ڪڻ ڪڻ، ندي ڪنارو، پورنماس اڱڻ ۽ نشي ۾ ڍرڪيل رات. ڪارا ڪارا بادل. ڀنڀا ڀنڀا وار. وٽڙيل وٽڙيل روشني. اڍڙيل اڍڙيل ساھه. ڇمر جمهر ۾. چنڊ ٽٻيءَ ۾. ارھه جو تجلو، آڳ بدن ۾. ڇنن... ڇنن... ڇم... ڇم... پائل جي جهنڪار.

_ او سرتا! ڇا پيو ڦولهين؟

_ ساهن جي سرهاڻ. ( ڪهاڻي: جيون ڪوئي جهوٽو آهي!)

علي بابا جي لکڻين جو جوهر هن جي زندگي جي آخري ڏهاڪي ۾ جهڪو ٿي چڪو هو. هن لکڻ گهٽائي ڇڏيو. هو مفلسي سامهون دل شڪستو ٿيو هو؟، يا هن جي لکڻين جي موٽ ۾ سماج جي بي حسي عروج تي هئي ۽ هو اهڙي بي حسي سامهون ڪنهن باغي جوڳيسر جيان خاموش هو؟، يا هو پنهنجو اظهار ڪري چڪو هو؟، ڇا به هو، پر اها هن جي بيباڪي، جرئت ۽ سچائي هئي جنهن جي ڪري هو ڀيڙ کان ٻاهر بيٺل هو. هو حشو ڪيولراماڻي جي زبردستي جلاوطن ڪيل درديلي زندگي جو اولڙو ٿي پيو هو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

علي بابا

مير سردار چنڙ

سنڌ ۾ ادبي هيرن جي ڪا کوٽ ناهي سنڌ ۾ سوين ستارا اڀريل آهن اڄ به جڳمڳ آهن جن سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو آهي. انهن مان سنڌوءُ جو سڪيلڌو علي بابا پڻ هڪ آهي. علي بابا ۷ جولاءِ ۱۹۴۵ع تي نانگو لائين ڪوٽڙي ضلعي دادو (هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري) ۾ محمد رمضان رند جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس نالو علي محمد رکيو ويو، ڪنهن به نه ڄاتو هو ته هي ٻروچاڻو ٻار علي محمد وڏو ٿي علي بابا جي روپ ۾ عالمي ليول جو ڪهاڻيڪار ٿي سنڌي ادب جو نانءُ روشن ڪندو.

علي بابا جا وڏا اصل بلوچستان جا هئا جيڪي بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ رهائش پذير ٿيا. علي بابا جو پيءُ محمد رمضان بلوچ ريلوي ۾ شنٽنگ پائليٽ هو، جيڪو ڪوٽڙي لڏي آيو. علي بابا پرائمري تعليم نانگو لائين ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ شير دل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. جڏهن ميٽرڪ جا امتحان ٿي رهيا هئا ته علي بابا هڪ ڇوڪري کي ڀونڊو ڏنو ته کيس هڪ استاد امتحان سينٽر مان ڪڍي ڇڏيو، پوءِ وري هن اسڪول جو منهن نه ڏٺو ۽ ميٽرڪ ۾ فيل ٿي ويو.

علي بابا پهرين ريلوي کاتي ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو جتي ست سال نوڪري ڪيائين. بعد ۾ ڪپڙي جي مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور ڪم ڪيائين، ۱۹۶۵ع ۾ نوڪري ڇڏي لکڻ پڙهڻ شروع ڪيائين.

علي بابا ننڍپڻ کان ئي لکڻ شروع ڪيو هو، جنهن جو ذڪر ”سنڌ باد جو سفر“ ۾ ڪندي چوي ٿو ته مون تمام ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. ڏهن ٻارنهن سالن ۾ ان وهيءَ ۾ منهنجو اديب بڻجڻ جو چٽو پختو خيال هو مون وٽ ڪنهن وڏي آفيسر انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جو تصور ئي نه هو پيو ڪاڳر ڪارا ڪندو هئس.

اهڙيءَ طرح علي بابا ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو، پنهنجي منهن لکندو هو وري ڦاڙيندو هو لڳاتار سلسلو هلائيندي ۱۹۶۵ع کان باقاعدي رسالن ۾ ڇپجڻ لڳو. سندس پهرين لکڻي شمشير الحيدري جي مئگزين ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿي ۽ انهيءَ رسالي ۾ آخر تائين شايع ٿيندو رهيو.

علي بابا پنهنجي قلم کي سچ ۽ نيڪ نيتي سان هلايو هن سماج لاءِ پاڻ پروڙيو هن سدائين سخت پورهئي سان لکيو نه ڪي ڪنهن سستي شهرت ڏانهن ڀڳو. علي بابا جا پسند جا موضوع موهن جو دڙو، سنڌو درياءُ، ڪارونجھر جبل، ٻيڙي، مهاڻا ۽ تاريخ هئا.

علي بابا جو هڪ عظيم خواب هو ته سنڌو درياءُ کي ماضي واري موجن ۾ ڏسي ان جي چوڌاري وڻ ٻيلا ڏسي سنڌ ۾ پاڪ پويتر پاڻي ڏسي نه ڪي پنجاب جي فيڪٽرين جو ڪيميائي پاڻي ۽ سکر حيدرآباد تائين جي گٽرن جو پاڻي ڏسي، علي بابا سنڌو کي ٻيهر موجن ۾ ڏسڻ چاهيو پئي.

علي پنهنجي جيون ۾ ۳۰۰ کان مٿي ڪهاڻيون ريڊيو ڊارما لکيا، علي بابا جي ڪهاڻين جا ڪردار سگهارا ۽ واضح هئا هو پنهنجي ڪهاڻين ذريعي پٺتي پيل ماڻهن جي دردن جو آواز بڻيو، سندس ڪهاڻين ۾ غريبن باليشاهين جي زندگين جا داستان سنڌو درياءُ رني ڪوٽ ڪارونجھر جبل جا عڪس پسمنظر موجود آهن. علي بابا جي ڪهاڻي جي موضوع حوالي سان مدد علي سنڌي پنهنجي مضمون ”ڪا ڳالهه هئي جيڪا مون نه سئي“ ۾ لکي ٿو ته، ”علي بابا جڏهن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون تڏهن سنڌي ڪهاڻي جو اهم دور هو، پر اسان جي ليکڪن جي ڪهاڻين جا گھڻو ڪري موضوع وڏيري ۽ هاري تائين محدود هوندا هئا. جيتوڻيڪ حفيظ شيخ، حميد سنڌي، غلام نبي مغل، نسيم کرل، نوان موضوع آندا هئا، پر علي بابا اهو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن سڀ کان پهرين قومي ڪهاڻين جو آغاز ڪيو. اها ڳالهه ۱۹۶۰ع جي آهي.

علي بابا هڪ حساس ڪهاڻيڪار هو هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار هو جيڪو ڪنهن موسم يا وقت تائين محدود نه هو، هر وقت پيو لکندو هو، سندس هر ڪهاڻي ۾ احساس سمايل آهي. شاعراڻي ڪهاڻي جو فن به علي بابا لکڻ ڄاڻي سندس هر ڪهاڻي جي شروعات دلچسپ ۽ پڇاڙي ڇرڪائيندڙ هوندي آهي، اهم گڻ انهن ۾ هوندا آهن جيڪي پنهنجي پڙهندڙن کي پاڻ طرف ڇڪڻ ڄاڻيندا آهن، ايئن علي بابا جون ڪهاڻيون به سنڌ ۽ سنڌين جو روح آهن. سنڌو کان ويندي ڪارونجهر، ڪينجھر ۽ رني ڪوٽ کي علي بابا پنهنجي اصل حيثيت سان ڏيکاريو آهي. علي بابا اهي سنڌ جا اصل ڪردار ڳولي اسان آڏو پيش ڪيا آهن جن کي اسان لاپرواهي ۾ وساري چڪا آهيون. سندس ڪهاڻيون سماج جو چٽو پٽو عڪس آهن جنهن ۾ سماج جا سڀ رنگ جڙيل آهن. علي بابا چنڊ ۽ ماني، جانورن جي دنيا، دي ايڊيٽر، ڪارونجهر جا قيدي، اسان ماڻهو لاڙ جا، جهڙيون ڪيتريون ئي شاندار ڪهاڻيون اسان کي سرجي ڏنيون. علي بابا پي ٽي وي تي ۱۰۰ کان مٿي ڊارما لکيا جن ۾ ٻالي شاهي، موکي ۽ متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات، (جيڪو موهن جي دڙي جي ناچڻي ۽ ان جي زندگي تي هو) ۽ دنگي منجهه دياهه ۽ ٻيا مشهور ٿيا.

دنگي منجهه درياهه:

دُنگي منجهه درياهه علي بابا جو هيءُ هڪ اهڙو شاهڪار ڊارمو هو جنهن ڏسندڙن کي ڏندين اڱريون ڏيئي ڇڏيون، سڀ ان ڳالهه تي حيران هئا ته علي بابا سنڌي ادب ۾ اهڙو ڊارمو ڪيئن سرجي سگھي ٿو. ۱۹۷۶ع ۾ جرمني جي شهر ميونخ شهر جي عالمي ميلي ۾ پيش ڪيو ويو هو، جتي ۷۹ ملڪن حصو ورتو هو. ان ميلي ۾ هن ڊارمي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي، اهو پهريون سنڌي ڊارمو هو جيڪو مهاڻن تي لکيو ويو هو. هن ڊارمي ۾ سنڌو درياهه جي جيون کي شاندار نموني سان پيش ڪيو ويو هو مهاڻن جي زندگي ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي ٻولي تي اعليٰ طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي. هن ڊارمي ۾ ٻولي جي حوالي سان به بهترين ڪم ڪيو آهي. سڀني ڪردارن سان ڀرپور نڀايو ٺيٺ سنڌي استعمال ڪئي آهي پهاڪا پڻ شامل آهن. هن ڊارمي ۾ ٽي مرڪزي ڪردار شامل آهن ڍانڍي (مڙس)، ڏاڻو (زال)، ساماڻو (پٽ). علي بابا ٽنهي سان برابر انصاف ڪيو آهي، انهن ٽنهي مان ڏاڻو تيز عورت جو ڪردار ادا ڪري ٿي. ڊارمي جو ڪجهه منظر هيٺ پيش ڪجن ٿا.

”ڍانڍي ڄار سولو ڪري سرهه سڌو ڪري ٿو. ٻيڙي درياهه ۾ چير وجھندي، هوائن جي زور تي ڪنهن طرف وڌندي ٿي نظر اچي، ڪئمرا ڏاڻو کي ٻنهي ٻارن جي وچ ۾ ليٽيل ٿي ڏيکاري، اوچتو ڏاڻو جو پٽُ ننڊ مان ڇرڪ ڀري روئڻ ٿو لڳي.

ٻار: آن آن... موندو ڦوتنو... آن... آن... آن....

(هيج مان)

ڏاڻو: الي الي توندو ڦوتنو خواب لڌو اٿئي ماٿلي ڪري سمهي پئُه لطيف اجهو آيو ڪيِن آيو پوءِ پانجي پت کي گالو گالو ڦوتنو وٿي ڏينديس ۽ رنگ برنگي ڳانو ڳچيءَ ۾ پائيندين نه...

***

ڍانڍي: رن، منڇر مان لڏائي، ڪينجهر مان لڏائي، هاڻ درياهه شاهه تان به ٿي تڙائين ڇا؟

ڏاڻو: ڇو، وات ڇو بند ڪريان؟ درياهه بادشاهه جي دُن ۾ ايتريون مڇيون به ڪونه هونديون جيتريون منهنجي پيٽ ۾ گاريون- او.... ڪوٽڙي واري پل تان بيهندي سانءِ

(منشي کي نهاري نماڻائيءَ مان)

ڍانڍي: سائين، دل ۾ مَ ڪجان هيءَ ٿوري واترادي آهي

(ڪجهه جھيڻو ٻوليندي ٿهمَر سان)

ڏاڻو: ڇو؟ آئون وڏي واترادي آهيان ڏيڍ هزار گاريون برزبان ياد اٿم.

هي سين نمبر ۱ مان ڪجهه ڊائلاگ کنيل آهن.

علي بابا هن ڊارمي جي لاءِ هڪ سدا بهار گيت لکيو جيڪو جيڪي زرينا بلوچ جي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو جهڙو سدا بهار گيت تهڙو ئي سدا بهار آواز هو. هي گيت درياهه جي درد تي سمايل گيت آهي، جنهن ۾ علي بابا درياهه جو درد پيش ڪري ٿو جنهن جو سٽون هن ريت آهن:

اسين ماڻهو لاڙ جا

درياهه جي پڇاڙ جا

اُترڙو ٿو لڳي

اُترڙو ٿو لڳي الا

واسرو ٿو لڳي

جھريل جھوپا پنهنجا

هانوَ به هڄيل پنهنجا

تو بن منهنجا ڙي راڻل

روحَڙو نه لڳي

اسين ماڻهو لاڙ جا

درياهه جي پڇاڙ جا

اُترڙو ٿو لڳي

توسين منهنجا جھيڙا

توسين منهنجا ميڙا

توکي ڏسيو ڙي راڻل

ساهڙو ٿو کڄي

ساهڙو ٿو کڄي ڙي الا

اسين ماڻهو لاڙ جا.

سنڌ باد جو سفر:

علي بابا سنڌ باد جو سفر هي ناول خاص ڪري ٻاراڻي ادب جي کوٽ محسوس ڪندي ٻارن لاءِ لکيو هو. هي ناول نه صرف ٻارن لاءِ آهي، پر وڏن لاءِ به تمام ڪارائتو آهي. هن ناول جي اها خوبي آهي ته علي بابا هن ناول ۾ ڪٿي به رت ناهي وهايو، هن ناول اندر سنڌ باد نالي هڪ ڇوڪري کي سنڌ ملڪ جي سيلاني (سفير) طور پيش ڪيو آهي جيڪو ٻيڙي ذريعي درياهه بادشاهه جو سير ڪري ٿو. هن ناول ۾ ۾ درياهه ۽ ڪارونجهر جي ڪور جي آسپاس جا ڪجهه منظر پيش آهن. ناول ۾ موجود سڀ ڪردار گوڪل گوڪان، هوٿل پري، ديو ۽ مهاڻو هن سڀني ڪردارن سان ٺهڪندڙ ڊائلاگ لکيا آهن. جيتوڻيڪ هي ناول اڻپورو هوندي به اڻپورت جي ڪمي محسوس نٿي ٿئي. علي بابا جي هن ناول ۾ علي بابا جو قلم ڪٿي ڪٿي وزنائتا لفظ کڻي آيو آهي ته ڪٿي تمام سادا سولا لفظ لکيا آهن. ڪاش اڄ علي بابا زنده هجي ها ته اسان کي هن ناول جو ٻيو حصو به پڙهڻ لاءِ ملي ها.

علي بابا ڏک وچان مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ڪاش اسان وٽ ايترا پئسا هجن ها ته آئون ان تي آزاد ٿي لکان ها ۽ آرٽسٽ کان پنهنجي مرضيءَ جون تصويرون ٺهرائي ناول سهڻي نموني ڏيان ها ته ناول وڌيڪ اثرائتو ٿئي ها.

موهن جو دڙو:

علي بابا جو هي شاهڪار ناول موهن جو دڙو آهي جنهن هن وقت تائين سنڌي ادب ۾ تمام گھڻي مڃتا ماڻي آهي. علي بابا جو هي ناول موهن جو دڙو تمام سٺي حيثيت رکندڙ ناول آهي. هن ناول ۾ به علي بابا سٺو نڀايو آهي. هي شاهڪار ناول ٻن حصن ۾ اچڻو هو، پر ٻيو حصو اڌورو رهجي ويو ۽ علي بابا به ڪوهين ڏور هليو ويو، باقي پهرين حصي جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن.

هن ناول جون ڪجهه قسطون ۱۹۶۸ع واري دور ۾ حميد سنڌي جي مئگزين ”روح رهاڻ“ جي آخري پرچن ۾ شايع ٿيون هيون. ”روح رهاڻ“ تي بندش کانپوءِ بقايا قسطون شمشير الحيدري جي ادارت ۾ ”نئين زندگي“ مئگزين ۾ شايع ٿيون. هن ناول بابت مدد علي سنڌي لکي ٿو ته ”تمام گھٽ پڙهندڙن کي اها خبر هوندي ته جڏهن علي بابا پنهنجو اهو شاندار ناول لکي رهيو هو ته ان وقت هن اکين سان موهن جو دڙو گھمي به نه ڏٺو هو، پر هن ناول ۾ جيڪا هن منظر ڪشي ڪئي آهي يا هن ۾ مطالعي ۽ آبزرويشن جو جيترو تعلق آهي اهو سندس اعليٰ ذهن جو اظهار آهي. ”سنبارا“ لفظ به اسان علي بابا جي واتان ٻڌي ۽ ناول ۾ پڙهي پوءِ واقف ٿياسين.

مدد علي سنڌي جي هن راءِ مان پاڻ ئي اندازو لڳائي سگهو ٿا ته علي بابا ڪيترو نه ذهين هو، هن پورو تجربو مشاهدو گھر ويٺي ڪتابن مان ڪيو ۽ اهڙو شاندار ناول لکي تاريخ رقم ڪيائين.

علي بابا ۱۹۸۳ع ۾ پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ڌرتيءَ ڌڪاڻا شايع ڪرايو. ان کان علاوه ۱۹۸۴ع ۾ ڪهاڻين جو آيل ڙي اولاڻا ۱۹۹۰ع ۾، موهن جو دڙو ناول ۱۹۹۳، سنڌ باد جو سفر ٻارن لاءِ ناول ۽ ۱۹۹۶ ۾ منهنجون ڪهاڻيون نالي ڪتاب شايع ٿيا. علي بابا جي ڪھاڻي ”چنڊ ۽ ماني“ يونيورسٽي جي نصاب ۾ شامل آھي. سنڌو جو هي مست درويش ڪهاڻيڪار ۸ آگسٽ ۲۰۱۶ تي سومر جي ڏينهن ۷۱ سال ۷ مهينا گذاري هميشه لاءِ سنڌي ادب کي يتيم ڪري ويو. علي بابا جي وفات کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران سندس ياد ۾ گورنميٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪوٽڙي جو نالو مٽائي علي بابا گورنمينٽ ڪاليج رکيو ويو ۽ سندس مرڻ کانپوءِ مواد گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايا ويا. افسوس! اهو سڀ ٿيو اهو به تڏهن جڏهن علي بابا اسان کان وڇڙي ويو، پر جيئري جيڪڏهن اسان ان کان ڪڏهن حال پڇون ها ته شايد علي بابا اسان کي گھڻو ڪجهه ڏيئي وڃي ها، پر ڏئي به ڇو ها؟ جيڪو علي بابا اسان کي ڏيئي ويو ان بدلي ۾ کيس اسان ڇا ڏنو آهي؟ دُنگي منجهه درياهه جهڙو ڊرامو يا موهن جو دڙو جهڙو ناول ڪنهن ٻئي ادب اردو يا انگلش ۾ لکجي ها ته ان ليکڪ کي ڇا ڇا ملي ها، توهان سوچي به نٿا سگهو، پر هن ليکڪ کي ايترا پئسا نه مليا جو هو پنهنجي مرضي مطابق هڪ ڪتاب ڇپرائي سگهي. بس هن جو ڏوهه اهو هو ته هي هڪ غريب سنڌي هو ۽ ڪنهن ادبي ٽولي جو ساٿي نه هو نه وٽس ڪو عهدو هو. علي بابا اڄ اسان جي دلين ۾ ميسارجڻ لڳو آهي.

احمد شاڪر مضمون ”سنڌوءَ جي سير ۽ علي بابا“ ۾ لکي ٿو ته:

جيئن سنڌ ۽ سنڌو علي بابا کان دور ٿيندا پيا وڃن ايئن علي بابا اسان توهان کان دور ٿيندو پيو وڃي. اسان جڏهن ابتا پيرا کڻنداسين ته علي بابا اسان کان نه پر اسان علي بابا کان ڏور ٿي پيا وڃون.

آئون علي بابا جي نانءُ هي سٽون ڪندس:

ڍونڍو گي اگر ملڪون ملڪون

ملني ڪي نهين ناياب هين هم

تعبير هي جس ڪي حسرت و غم

اي هم نفسو وه خواب هين هم.

 

(ھمسري آنلائين حيدرآباد جولاءِ ۲۰۲۲ع تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا