; سنڌي شخصيتون: شمشير الحيدري

02 September, 2016

شمشير الحيدري

شمشير

هڪ ادارو هئو

ابورافع



سنڌي ٻوليءَ جي نرالي تخليقيار، سائين شميشر الحيدريءَ جي چوٿين ورسي سگا پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جي سهڪار سان منظر اڪبر هال ۾ ملهائي وئي، شميشير سائين کي اسان کان جدا ٿئي چار سال گذري ويا، پتو ئي نه پيو آهي، برابر چئين سالن جو عرصو گذري ويو آهي پر هو اسان کان ڪٿي وسريو آهي؟ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪيل هن جون خدمتون ته سدائين رهيون آهن.


ملهايل تقريب ۾ مک مهمان طور تازو ئي ثقافت واري کاتي جو وزير بڻيل نوجوان شاعر ۽ ڪالمسٽ سيد سردار شاهه هئو، گمان آهي ته ورهاڱي کانپوءِ هيءُ اسان جو دوست شاعر پهريون شخص  آهي جيڪو شاعر ۽ اديب به آهي ۽ ساڳئي وقت ثقافت جو وزير به آهي، سياسي  طور سنڌ لاءِ هي هڪ خوشگوار معجزو آهي، اسان جڏهن  بابلو نرودا جي آتم ڪٿا پڙهي هئي ته حسرت ٿيندي هئي ته سنڌي شاعر، اديب هن ملڪ جو نمائندو تي ٻاهر وڃي يا ڪو شاعر اديب ثقافت جو وزير ٿئي ۽ اهڙي گهڙي اکين آڏو اچي وئي، ۽ هيءَ شمشير سائين جي چوٿين ورسي هن جي وزير ٿيڻ کانپوءِ پهرين ادبي ويهڪ هئي جنهن ۾ هن شرڪت ڪئي هئي، اهو هن پاڻ چيو هو اسٽيج تي.

صدارتي ڪرسي، سگا جي باني ڊاڪٽر سلمان شيخ صاحب لاءِ  هئي ۽ ٻين مهمانن ۾ سگا جو چيئرمين رفيق احمد جعفري، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، شوڪت شورو، هدايت بلوچ، دستگير ڀٽي، ڊاڪٽر ايوب شيخ،رکيل مورائي ۽ شمشير صاحب  جي نياڻي نسيم حيدري ويٺل هئا، جڏهن ته ڪارروائي سگا جي سيڪريٽري جنرل منظور حسين اڄڻ هلائي.

سگا پاران هن مند جي ٽڙيل گلاب جو تحفو سردار شاهه صاحب کي ڏنو ويو، ساڳئي وقت سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ پڻ  آرٽس ڪائونسل پاران شميشير سائين جو سڪيلڌو شاعراڻي ڪتاب ”لاٽ“ جو نئون ڇاپو، جيڪو آرٽس ڪائونسل پاران ئي ڇپايو ويو هئو، سڀني آيل مهانن  کي سوکڙي ڪري ڏنو ويو، گهڻي ۾ گهڻي خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها هئي.

سنڌي ٻولي جي جديد ڪهاڻيڪار علي بابا جي وفات تي هڪ منٽ اٿي بيهي کيس ڀيٽا ڏني وئي، اها يادگيري ڊاڪٽر ايوب شيخ ڏياري.

اسٽيج تي ويٺلن سڀني کي ڳالهائڻو هئو، انهن کانسواءِ جن شمشير سائين بابت پنهنجا ويچار ونڊيا انهن ۾ ناميارو ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل، ڊاڪٽر مسرت خواجه پروفيسر نور احمد جنجهي ،رحمت الله پيرزادو ۽ محمد سلمان وساڻ شامل آهن. جن سڀني شمشير سائين جي زندگي ۽ ان جي فن بابت الڳ الڳ گوشا ظاهر ڪندي کيس هڪ ادارو ڪوٺيو سندس زندگي ادب ۽ آرٽ ۾ ڪيل ڪم کي سيهڙڻ تي زور ڏنو ويو، جنهن سڀ کي ڇپران جي ذميواري ثقافت جي وزير پاڻ مٿان هموار ڪئي، ساڳئي وقت هن برنس گارڊن ۾ نيشنل ميوزيم جي نئين آڊيٽوريم جو نالو شميشير الحيدري رکڻ جو به اعلان ڪيو، اعلان  ڪيا ويندا آهن، سياست جي گهرج آهي، ان اعلان تي ڪيترو عمل ڪيو ويندو، اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو، بحرحال سردار شاهه نوجوان  آهي، پاڻ شاعر اديب آهي، ان ڪري اديبن شاعرن جون منجهس اميدون ته آهن ئي.

شمشير الحيدري صاحب جي  هيءَ ورسي سگا طرفان هئي. ساڳئي وقت سگا پاران اهو به چيو ويو ته اهي سڀ ڪتاب جيڪي شميشير صاحب سگا جي حوالي ۾ لکيا آهن اهي سڀ سگا ڇپائيندي ڇاڪاڻ ته هو سگا جي بانين مان هڪ هئو، سگا جي ٻين ڪيترئي ئي ساراهڻ جهڙن ڪمن مان هيءُ به هڪ ساراهڻ جهڙو ڪم هوندو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شمشير صاحب جو سمورو علمي ادبي پورهيو، ڇپجڻ گهرجي، کيس اصلي ڀيٽا اها ئي هوندي.

سگا ۽ آرٽس ڪائونسل جي سڏ تي ڪراچيءَ جا لڳ ڀڳ سڀئي اديب شاعر ۽ زندگي جي الڳ الڳ شعبن سان واسطو رکندڙ شخصن جي شرڪت اهو  ثابت ڪيو ته شمشير صاحب سان گهڻي محبت ڪن ٿا پڪ سان انهن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ محمد اسماعيل پنهور جون محنتون شامل آهن، ڇاڪاڻ ته هو ٻئي، ٻنهي سهڪاري ادارن جا نمائندا  آهن، ماڻهن جي وڏي شرڪت سان جيڪا ڀيٽا شمشير صاحب کي ڏني وئي اها ياد رکي ويندي، ويندي ويندي مهمانن ٻي چانهه بسڪيٽن سان تواضح ڪئي وئي، اڄوڪي تقريب ڏسي اُتساھ وڌيو ۽  ڪراچيءُ ۾ سنڌين جي موجودگيءَ جو احساس خوشي ڏيندڙ رهيو.


 

هڪڙو شمشير هو زماني ۾.....

محمد سليمان وساڻ

ڏھ آگسٽ ۲۰۱۲ع جو صبح سنڌ ۽ سنڌي ادب لاء هڪ ايڏي ڏکائتي خبر کڻي آيو جو اکيون اشڪبار ٿي ويون. سنڌي ادب جو ستارو سائين شمشيرالحيدري ڊگهي علالت کانپوء آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ سندس چوٿين ورسي آهي، وقت گذري پيو پر شمشير الحيدري وسري ئي نٿو. شمشير الحيدري جو تعارف ڪهڙن لفظن سان ڪجي، هو دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر، سنڌي ٻوليءَ ۾ آزاد نظم جو بنيادڪار، منفرد گيتڪار، با شعور ناٽڪ نگار، باوقار اسٽيج سيڪريٽري، خود دار انسان، سماجي ورڪر ۽ ان سان گڏ سند يافته حڪيم پڻ هيو. هو هر فن مولا هو، هو مست هو، ملنگ هو، ڀوڳائي هو، محفل جو مور هو، تڏهن ئي ته چيائين:

شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي

محفل کي مچائيندو هن جو ئي سخن شايد

اين جي وي ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول ۾ داخلا نه ڏيڻ وارن کي ھيءَ خبر نه ھئي ته هي ٻار اڳتي هلي وقت جو وڏو شاعر ٿيندو ۽ سنڌي ادب جو هڪ روشن منارو ثابت ٿيندو. شمشير علي ولد رسول بخش جعفري، ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع ۾ بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس پرورش سندس مامي نذير حسين حيدري ڪئي، جيڪو بدين جو تمام گهڻو سماجي ۽ سياسي حيثيت رکندڙ ماڻهو هو. جنھن کان متاثر ٿي پاڻ حيدري سڏرائڻ لڳو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول بدين چار درجا پڙھيو ۽ پنجين درجي ۾ سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ داخلا ورتي پر اتان تنظيمي سرگرمين ڪري مدرسه ۽ بورڊنگ ھائوس مان بيدخل ڪيو ويو. جنھن ڪري ست درجا پاس نه ڪري سگھيو. ان دوران اين جي وي ۾ داخلا لاءِ پھتو ته کيس داخلا کان جواب ڏنو ويو، نور محمد ھاءِ اسڪول ۾ به کيس داخلا نه ملي. سندس چواڻي ته نور محمد هاء اسڪول ۾ بغير داخله جي، ڪجھ ڏينھن ويٺو رھيس. آخر ٽنڊي باگي واري لارينس مدرسي ۾ داخلا ملي، جتان ميٽرڪ ۾ فيل ٿيس. وري سپليمينٽري امتحان ۾ به فيل ٿيس. جنھن ڪري ۱۹۵۰ع ۾ پڙھائي کي خيرباد ڪيم. اھڙيءَ طرح ميٽرڪ نه ڪري سگھيس. پوء حيدرآباد ۾ نوڪري دوران ئي محمد عثمان ڏيپلائي صاحب سان گڏ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان پهريان اديب سنڌي ۽ پوءِ اديب عالم سنڌيءَ جا امتحان پاس ڪيائين بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان سنڌي ادب ۾ بي اي آنرس ۽ ايم اي ڪيائين.

روزگار جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي کاتن ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندڙ شمشير شروعات منشيءَ جي حيثيت ۾ ۱۹۵۰ع ۾ رائيس مل بدين مان شروعات ڪئي. ھن بعد ۾ ٽيليفون آپريٽر، ريونيو ۾ ڊويزنل ڪلارڪ، ايگريڪلچر ڪو آپريٽو ڪريڊٽ بينڪ ۾ مئنيجر جي نوڪري ڪئي. روزانه ھلال پاڪستان کان ادبي لکڻين جي شروعات ڪيائين ۽ اتان ئي ادبي بورڊ ۾ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو پوءِ ٽه-ماهي مھراڻ رسالي جو اسٽنٽ ايڊيٽر پڻ، نئين زندگي جو ۱۱ سال ايڊيٽر ۱۹۷۷ تائين رھيو. نوڪري جي آخري وقت ۾ يوٿ افيئرس ڊويزن جو ۱۹ گريڊ ۾ پراونشل چيف رھيو ۽ ۲۰ گريڊ جي لاءِ سندس سمري وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو وٽ ويل هئي، جيڪا محترمه جي حڪومت ختم ٿيڻ ڪري رولڙي جو شڪار ٿي وئي ۽ ايئن ان عھدي تان ۱۹۹۱ع ۾ رٽائر ٿيا.

شمشير سنڌ جي ترقي پسند ادب جو شهسوار هو. هو نه ڪنهن جي اڳيان جهڪيو نه وري سندس قلم لکڻ کان رڪيو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جڏهن هو مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ته اها اخبار جنهن جو مالڪ آمرن سان گڏ حڪومت ۾ ويٺو هو ان اخبار جي پرچي اچڻ جو ماڻهو انتظار ڪندا هئا ۽ اخبار هٿو هٿ وڪامجي ويندي هئي. اهو اخبار جو نه پر شمشير جو ڪمال هو. ۵۰ پئسن جي اخبار ۵۰ رپين ۾ وڪامبي هئي ۽ اخبار جون ڪاپيون وڪامجڻ بعد فوٽو ڪاپيون ڪرائي هاڪر وڪڻندا هئا. مهراڻ ۾ پاڻ ڀيڙ تي ڏونڪو جي عنوان سان ڪالم لکندا هئا ۽ صدر ضياء جي مارشلا خلاف لکندا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ستت ئي کيس اخبار ڇڏرائي وئي پر هن اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪئي. هو سدائين سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جي خلاف لڙيو آهي ۽ لکندو رهيو آهي ۽ هو سچ جو ساٿاري رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهندي هن ٽه ماهي مهراڻ جي اسٽنٽ ايديٽر جا انتطام سنڀاليا ۽ ترقي پسند ليکڪن خاص ڪري شيخ اياز جي شاعري کي تمام سٺي نموني ڇاپيو. انکاسواء پاڻ ادبي سنگت ۾ رهندي ون يونٽ جي خلاف مئوثر تحريڪ جو حصو رهيو خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ تي لڳايل پابندين خلاف هنن انڊر گرائونڊ تحريڪ هلائي. سنڌي ادبي سنگت کي جياپو ڏيڻ ۾ سندس نالو اڳ کان اڳرو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بنيادي ميمبرن مان هجڻ سان گڏ تنظيم جي آئين ۽ ڍانچي کي ٺاهڻ ۾ به سندن وڏو ڪردار رهيو آهي.

سندس شاعري جي شروعات آزاد نطم سان ٿي ۽ پاڻ کان جڏهن به پڇبو هيس ته چوندو هو ته مان شاعر ناهيان بس ضرورت تحت شاعر ٿي ويو آهيان. هو چوندو هو ته هن کان شاعري لکرائي وئي آهي. خاص ڪري ٽي وي پروڊيوسر ڪو ٽائٽل گيت يا ڪو نظم جي فرمائش ڪري کيس لکڻ تي مجبور ڪندا رهيا هئا. جڏهن شمشير کان پڇبو هو ته سندس پسنديده شاعر ڪهڙو آهي ته سندس جواب عجيب ملندو هو، هو چوندو هو ته منهنجو پسند جو شاعر ڪوبه ناهي مان ئي پنهنجو پسنديده شاعر آهيان.

شمشير اعليٰ پائي جو ڊرامه نگار پڻ هو. سندس ڊرامه خاص ڪري پي ٽي وي تي گهڻو مقبول ٿيا. شمشير جي ڊرامن ۾ تفريح سان گڏ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي روايتن جو عڪس نظر ايندو آهي. ٽيليوزن تي هو سچ ته ڄڻ سنڌي جو بانيڪار آهي، هن ئي سنڌي پروگرامن جي شروعات لاء فنڪار، سازندا، شاعر هٿ ڪري محترم عبدالڪريم بلوچ جي حوالي ڪيا هئا. شمشير ٽي وي جي سنڌي پروگرامن جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر ۽ پهريون ڪمپيئر پڻ آهي.

سندس ڇپيل ڪتابن ۾ انسان ڪامل (شخصيتون) ۱۹۵۳ع، ڪاروان ڪربلا (تاريخ) ۱۹۵۴ع، لاٽ (شاعري) ۱۹۶۲ ع، تنهنجون ڳالهيون سڄڻ (ترتيب) ۱۹۶۱ع، تاريخ سنڌ : ڪلهوڙا دور (ترجمو) ۱۹۶۳ع، سوکڙي (ترتيب) ۱۹۶۴ع، آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو) ۱۹۶۳ع، بهترين سنڌي ادب (افسانا) ۱۶۶۹ع، سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر: ۱۹۸۴ع، سنڌي شاعريءَ جو اڀياس، تاريخ جو ڪچرو: شاعري ۱۹۹۵ع، سجاڳ سانگهڙ: گزيٽيئر، (Sindh Update انور پيرزادي سان گڏ: انگريزي ۾) ۲۰۰۳ع Flame & Flute: انگريزي ۾ شاهه بابت سهيڙ، پيار جا نو گيت (جرمن شاعري جو منظوم ترجمو)، ڪاڪ محل (ڊرامو)، ٻارن جا گيت (روشن تارا پروگرام)، پاڻ پاڪستان ٽيليويزن لاء ۱۵۰ کان مٿي ڊرامه، اسڪرٽ، ڊاڪيومينٽريز ۽ گيت لکيا اٿس.

کيس مليل اوارڊن ۾ پاڪستان ٽيليوزن ٽي اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌي اڪيڊمي: دهلي، مارئي: دهلي. سمبارا ٽاپ ٽين، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل، عوامي آواز سٿ، ماهوار نئين زندگي، بزمِ جنگ، پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل ۲ اوارڊ ۽ صدارتي اوارڊ (پرائڊ آف پرفارمنس) شامل آهن.

شمشير الحيدري اڄ اسان ۾ ناهي پر سندس ادبي ڪم سان گڏ سندس ڪردار تي سنڌ سدائين ناز ڪندي رهندي. هو خوددار انسان ڊگهي عرصي تائين ڪينسر جهڙي موذي مرض سان مقابلو ڪندي نيٺ ۱۰ آگسٽ ۲۰۱۲ع تي ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ اسان کان موڪلائي ويو. سندس تدفين ڪراچي جي تاريخي قبرستان چوکنڊي ۾ تاجل بيوس جي قبر جي ڀر ۾ ڪئي وئي.


شمشير الحيدري

ڏات ڌڻي

نسيم حيدري

هند سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهڙي ڪابه شخصيت نظر نٿي اچي جيڪا هڪ ئي وقت شاعر، اديب، محقق، بيباڪ صحافي، ايڊيٽر، ڪمپيئر، ڪهاڻيڪار، نيوز ڪاسٽر، مفڪر، ناٽڪ نويس، ڪالم نگار، دانشور، نقاد، اسڪرپٽ رائٽر، فلسفي، سماج سڌارڪ، مصور ۽ حڪيم هجي... انهن سڀني صلاحيتن کي گڏ ڪجي ته ذهن ۾ شمشير الحيدريءَ جو نالو ايندو، جيڪو هر فن مولا، انوکو، مثالي، جاکوڙي، آدرشي، خوددار، باشعور، باضمير، اصول پرست، درويش، بهادر ۽ سٻاجهڙي شخصيت جو مالڪ هيو. ڏسڻ ۾ غريب پر من جو مير هئو ...

شمشير الحيدري پنهنجي سموري ڄمار سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ واڌاري، سنڌ جي خوشحالي، قومي جاڳرتا، حب الوطني، سنڌي ماڻهن ۾ ترقي پسنديءَ جي جاڳرتا پيدا ڪرڻ، ادب ۾ جدت ۽ نواڻ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.. جنهن آمريت جي دور ۾ به حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ ۽ آواز بلند ڪرڻ، مطلب ته پنهنجو سڀ ڪجهه سنڌ ڌرتيءَ کي ارپي ڇڏيو هو ... پنهنجو فڪر، سوچ، جواني، عشق، ننڊ ۽ آرام، سڪون، حوصلو، وقت ۽ اولاد جو مستقبل ايتري حد تائين جو آخري عمر ۾ پنهنجي اکين جو نور به بغير اجرت جي ارپي ڇڏيائين ...

ٻالڪپڻي کان ئي ذهين ۽ هوشيار هيو ... کيس شروع ۾ ئي قدآور شخصيتون مليون، جن جي صحبت ۾ منجهس علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ انقلابي سوچ پيدا ٿي. خاص طور تي سندن مامي نذير حسين حيدري جيڪو پڻ، شاعر، نثر نويس، صحافي، سماجي سڌارڪ ۽ جاکوڙي انسان هيو ... اڳتي کيس محمد ابراهيم جويي صاحب جهڙا قابل ۽ ڏاها استاد مليا، جن سندن شخصيت ۾ نکار پيدا ڪيو ...

شاگردي واري زماني کان ئي تنظيم سازيءَ ۾ حصو وٺڻ، شاگردن ۽ استادن جي مسئلن کي حل ڪرڻ، جنهن جو شعر و شاعري، ڪهاڻين ۽ مضمون نويسي جي طرف لاڙو رهيو، شروع کان منجهس هڪ اديب ۽ ايڊيٽر ٿيڻ واريون صلاحيتون موجود هيون جنهن تمام ننڍي عمر کان شاعري ڪئي، ۱۵ سالن جي عمر ۾ غزل لکڻ شروع ڪيائون ...جيڪا سگهاري ۽ پختگي، بحر وزن جي لحاظ کان شاهڪار شاعري آهي ... جيڪو ڪجهه لکيائون اهو ضرورت تحت لکيو. هو پنهنجي شاعريءَ کي به اٽل ٿو چوي، سندس شاعري جاندار ۽ فڪر انگيز آهي، جيتوڻيڪ تمام گهڻي شاعري ڪونه ڪئي اٿن، پر جيڪا به ڪئي اٿن اها رومانوي، جمالياتي، مزاحيا، قومي جاڳرتا جي پيغام ۽ بيداري واري آهي، جنهن ۾ ترنم ۽ موسيقي آهي، آزاد نظم ۾ نوان تجربا ڪيا ۽ جديد سنڌي شاعري جو بنياد رکيو ... هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته؛

”۽ صدين کان مان

پنهنجي فڪروعمل سان

حياتيءَ جي هڏ کي

تحريڪ جو رت روح ڏيندو رهان ٿو

مصور جي دست هنر جو ڪرشمو

اهو منهنجو خون جگر ئي ته آهي“

شمشير الحيدري ٻارن لاءِ ڪيترائي گيت ۽ ريڊيو لاءِ گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکيون، پاڻ سنڌي ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو باني ۽ محرڪ رڪن ٿي رهيو ... سنڌ جي هر مشاعري ۽ ادبي پروگرامن جو پاڻ نه فقط حصو رهيو بلڪه انهن جي ڪاميابين جي علامت رهيو ...

شمشير الحيدري پاڪستان ٽيليويزن جي سنڌي پروگرامن جو روح روان ۽ بنيادي ڪم ڪندڙ رهيو... ڪراچي ٽيليويزن تان عبدالڪريم بلوچ جي پروڊيوسري ۾ ۲۵ منٽن جو سنڌي پروگرام شروع ٿيو ته ان جو سهرو به سندن مٿي تي هيو ... پهريون سنڌي ڪمپيئر ۽ جنهن پهرئين سنڌي ڊرامي زينت جي ڊرامائي تشڪيل ڏنائين ان کان پوءِ ٻيا به ڪئي ڊراما سندس ئي قلم جا شاهڪار هيا، سنڌي پروگرام جهڙوڪ روح رهاڻ، لطيفي لات، موتين مالها، ادبي مشاعرا، شخصي انٽرويو، خط و ڪتابت ۽ خبرون پيش ڪرڻ، گيت، عزل ۽ وايون ڳارائڻ مطلب ته ٽي ويءَ تي پيش ٿيندڙ سڀني سنڌي پروگرامن جي جان هيو ...

شمشير الحيدري جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو مقصد نوجوانن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اتساهه پئدا ڪرڻ هو سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ ايوبي آمريت جي دور ۾ سختيون سٺيون ۽ جاکوڙي ڪردار ادا ڪيو، ترقي پسند اديبن جي راهن ۾ جڏهن رڪاوٽون وڌيون ويون ته پاڻ سندرو ٻڌي عملي ميدان ۾ نڪري پيو ...

“هر هر ٿيون اچن وقت جي سوريءَ جون صدائون

افسوس، اناالحق جو آواز نه آهي”

سائين شمشير ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن جا ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر ۽ سربراهه ٿي رهيو ... جنهن ۾ پنجتني، خادم وطن، هلال پاڪستان، هلچل، هدايت، پارس، اعلان حق، مهراڻ، خلق، حياتي، نئين زندگي، ساڻيهه ۽ مومل وغيرهه شامل آهن.

هو ڏات جو ڌڻي هو، ڏاتر کيس بي انتها صلاحيتن سان نوازيو هيو. سندن شخصيت جا ڪيترائي پهلو ۽ روپ رنگ آهن، ڪهڙي ڪهڙي روپ تي لکجي. اسان اولاد تي پاڻ گهٽ وقت ۽ ڌيان ڏنو. سندس گهڻو وقت گهر کان ٻاهر ادبي، سماجي ۽ سياسي انقلابي دوستن سان ڪمن ڪارين ۾ گذريو. پوءِ به پيءُ جي روپ ۾ اسان کيس نهايت سٻاجهڙو ۽ مخلص دل رکڻ وارو ڏٺوسين . پاڻ پنهنجي نالي ۽ تخلص “حيدري” جو هميشه ڀرم رکيائون، مونکي فخر آهي ته منهنجو بابا ڪڏهن ڪنهن اڳيان نه جهڪيو نه وڪيو ... پنهنجن اصولن تي ڪڏهن سوديبازي نه ڪئي ... عمر جي آخري گهڙيءَ تائين باهمٿ ۽ خوددار رهيو .. جيڪڏهن اکين جي روشني کان محروم ۽ بيماريءَ ۾ مبتلا نه ٿين ها ته نوجوانن کان به وڌي سگهه رکڻ وارو منهنجو بابا، الائي ڪيترا گيت، ڊراما ۽ پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ ٻيا تخليقي عمل جاري رکي سگهي ها ...

اڄ منهنجي اڱڻ، منهنجا محبوب اچن شايد،

ورهين جي وڇوڙي جا، سڀ سور لهن شايد،

“شمشير” کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي،

محفل کي مچائيندو ان جو ئي سخن شايد.

(ليکڪا شمشير الحيدري جي نياڻي آهي)


 

شمشيرالحيدري

ديو مالائي اديب

ابراهيم لاشاري

ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، انهن املهه ماڻڪ انسان منجهان رسول بخش خواجه (جعفري) اهو خوشنصيب شخص هيو جنهنجي گهر ۾ سمورن صفتن جو باڪمال نينگر شمشير علي پرهه ڦٽي مهل ۱۵ سيپٽمبر خميس ڏينهن سال ۱۹۳۲ع ڌاري شهر ڪڍڻ ضلعي بدين منجهان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو، ان وقت مٽن مائٽن ۽ پاڙي وارن کين مبارڪون سان پئي نوازيو سنڌ ڌرتي تي ڪيترا ئي سنڌي اديب پيدا ٿيا ۽ ٿيندا رهندا جن پنهنجي ڪيل ڪمن ۽ ڪردار ڪري ادبي دنيا ۾ چمڪندڙ ستاري جي حيثيت رکندا پيا اچن انهن چمڪندڙ ستارن جي لڙي ۾ شمشير علي پڻ هڪ هيو جنهن جي زندگي ۾ سندس پروش سندس مامي ڊاڪٽر نظير حسين حيدري ڪئي، جنهن جي شفقت هيٺ سندس ادبي رهنمائي پڻ ٿي ۽ پاڻ کي (حيدري) جي لقب سان مشهور ڪرايائين، جيڪو زندگي جي پهرين گهڙي کان وٺي هميشه هميشه شمشير الحيدري سڏجندو رهندو، شمشير علي کي ابتدائي تعليم مدرسي منجهان ملي، اهو مدرسو بدين شهر جي غريب آباد محلي ۾ واقع هيو، جيڪو مولوي احمد ملاح قائم ڪرايو هو، چار درجن جي تعليم هن نينگر حاصل ڪئي.

انگريزي تعليم ورنيڪيولر اسڪول بدين منجهان حاصل ڪيائين، وڌيڪ تعليم جي شوق ۾ والدين کيس ڪراچي سنڌ مدرسي ۾ داخلا وٺي ڏني پر اتي تعليم پوري ڪري نه سگهيو ۽ گهر جو رخ اختيار ڪيائين، بعد ۾ وري کيس تعليم لاءِ شوق جاڳيو ۽ ٽنڊي باگي جي (مير غلامحمد ٽالپر) مان تعليم حاصل ڪيائين تنهن بعد بي اي ۽ بعد ۾ ايم اي سنڌي ادب جا امتحان پاس ڪري پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري سال ۱۹۶۳ع ڌاري حاصل ڪيائين. شمشير الحيدري صاحب سال ۱۹۵۰ ڌاري شادي ڪئي پوءِ جلدي نوڪري سان سلهاڙجي ويو هن ڪيتريون نوڪريون ڪيون پهريان پهريان هن پاڪستان رائيس مل ۾ منشي ٿي نوڪري ڪئي بعد ۾ وري آب پاشي کاتي ۾ ٽيلي فون آپريٽر مقرر ٿيو، اها نوڪري ڇڏي وري ڪلارڪ بڻجي ويو ۽ اڳتي ترقي ڪندي شمشير صاحب بدين ڪو آپريٽر سوشائٽي ڪمرشل بئنڪ بدين جو مئنيجر مقرر ٿيو، سال ۱۹۶۴ع ڌاري اها بنئڪ بند ٿي وئي، شمشير صاحب نوڪري منجهان پڻ فارغ ٿي گهر ويٺو ٿورڙي عرصي گذرڻ بعد شمشير الحيدري صاحب حيدرآباد ڏانهن رخ رکيو، اتي اچي سنڌي ادبي بورڊ منجهه ڪلارڪي ڪيائين ،مهراڻ ٽماهي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر، ماهوار نئين زندگي جو ايڊيٽر، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ پبلشنگ مئنيجر، روزاني مهراڻ جو ايڊيٽر، ۽ روزاني اخبار هلال پاڪستان جو ايڊيٽر ۽ بعد ۾ چيف ايڊيٽر جهڙن اهم عهدن تي خوش اسلوبي سان فرض سر انجام ڏيندو رهيو، سنڌ جي هن سٻاجهڙي اديب، باڪمال شاعر کي ۹ مئي ۱۹۹۳ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ بڻايو ويو هو، سنڌ جي هن سٻاجهڙي اديب کي ننڍي هوندي ادبي لڳا نه هيو پر سندس مامي ڊاڪٽر نظير حسين حيدري هن جي بهترين علمي، ادبي تربيت ڪئي اهڙي نموني سان سندس لائبري منجهان کيس ادبي، سياسي، مذهبي، سماجي، سائنسي ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا ته شمشير الحيدري جي دلچسپي ادب ڏانهن وڌڻ لڳي، سندس ويجهي دوست اختر رضوي صاحب به سندس تمام گهڻي رهنمائي ڪئي، مهراڻ رسالي واري زماني ۾ سونهاري سنڌ جي نامياري اديب بزرگ شخصيت محترم محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ محترم مولانا غلام محمد گرامي صاحب پڻ وقت به وقت کيس ادبي گس ڏيندا روشناس ڪرائيندا رهيا، تنهن بعد شمشير الحيدري ادبي ميدان ۾ مشهوري ماڻڻ لڳو، پهريان پهريان شمشير الحيدري اردو ۾ شاعري ڪئي ۽ اردو زبان کي علمي زبان سمجهندو هو ۽ ننڍي ڄمار ۾ اخبارن ۾ اردو (ٻارڙن جي ٻاري) لاءِ اردو مان شعر ۽ ڪهاڻيون ترجما پڻ ڪندو هو، سندس شروع ۾ الوحيد ڪراچي مان ٻاراڻي ڪهاڻي (ٽي رٺل گڏيون) ڇپجي شايع ٿيون، هيون بعد ۾ هن جي دلچسپي سنڌي ادب ڏانهن وڌي ۽ پوي آهستي آهستي سنڌي شاعري جي هر صنف ۾ پاڻ مڃرايائين ۽ آزاد نظم لکڻ جو ڪوڏيو هو هن غزل واري صنف سان پڻ پاڻ مڃرايو، سندس شعر ۾ لفظن جو استعمال سادو ۽ بهترين نظر ايندو آهي، پاڻ شعر جي صورت ۾ ٻڌائي ٿو ته:

اسين حال هيڻا اوهان جي خدائي، وڏي ڳالهه آهي،

هلي پئي اڃا زندگي جي لڙائي، وڏي ڳالهه آهي.

شمشير الحيدري غزل، گيت، آزاد نظم، تمام گهڻي انداز ۾ لکيا. هو هن سماج جي پيڙهيل انسانن ۽ فرسوده رسمن جي خلاف ۽ جاگيرداري نظام کي ننديندي پنهنجي شعر جي صورت ۾ ٻڌائي ٿو ته:

اچ اچ گڏجي ڌوم مچايون،

پنهنجو پاڻ ملهايون،

عمريون گذريون روئندي رڙندي،

گيت خوشي جا ڳايون،

هر هنڌ زر جو زور ٽٽي پيو،

انسان ڪشمڪش مان نڪري پيو،

اچ همت سان پاڻ به ساٿي،

پنهنجو ڀڳ ورايون،

شمشير الحيدري  غزل ۾ درد، فراق، هجر، وصال جي ڪيفيت کي  واهه جو رنگ ڏئي ٻڌائي ٿو

اچ منهنجي اڱڻ تي منهنجا محبوب اچن شايد،

ورهين جي وڇوڙي جا سڀ سور لهن شايد.

ابليس کي چئي ڇڏيو، سجدي جي تياري ڪري،

دنيا تي انا الحق جا اسرار کلن شايد ،

سوري تي سڏڻ وارا، هڪ ڳالهه ته سوچي ڇڏ،

مقتل ۾ اچڻ وارا منصور هجن شايد.

شمشير الحيدري جي شاعري جو پهريون مجموعو (لاٽ) سال ۱۹۶۱ع ڌاري ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو. شمشير الحيدري ۲۵ کان مٿي سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪتاب ڏئي سنڌي ادب کي آسود ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي ۽ سندس ٻيا ڪجهه ڪتاب جنهن ۾ انسان ڪامل، ڪاروان ڪربلا، پورس جا هاٿي، تنهنجون ڳالهيون سڄڻ، تاريخ  سنڌ ڪلهوڙا دور، بهترين سنڌي ادب، جر ٿر تک تنوار، فليم اينڊ فليوٽ آمريڪا جو سياسي سرشتو، سوکڙي، سنڌي ادب ۾ آزاد نظم جي اوسر، ڪاڪ محل، تاريخ جو ڪچرو ان کان علاوه ڪيترائي ٽي وي ڊراما جهڙوڪ منزل، علاج، ٺاهه، پلٽڻ، شامل آهن شمشير الحيدري کي کي سنڌي ادب جي خدمت عيوض ۶ جون ۲۰۱۰ع  تي سنڌي ادبي سنگت طرفان (لائيف ٽائيم اچيومنٽ) ايوارڊ سان نوازيو ويو. سنڌ جو هي باڪمال شاعر ۷۹ سال ۱۰ مهينا ۲۶ ڏينهن زندگي جا گذاري هن فاني جهان سوين شاعرن اديبن ۵ پٽن ۳ نياڻين  کي الوداع چئي جمعي جي ڀلاري ڏينهن ڪينسر جهڙي موضي مرض سان وڙهندي زندگي جي جنگ هاري لاڏاڻو ڪري هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو سندس مزار سنڌ جي مشهور شاعر تاجل بيوس جي ڀر سان چوڪنڊي قبرستان ۾ واقع آهي سندس نموني طور غزل عرض ڪجي ٿو.

تنهنجي نيڻ ۾ جو نهاري ويو،

ڄڻ ته سنڌو جي ٻئي ڪناري ويو.

تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو،

وقت جي سينڌ کي سنواري ويو.

تنهنجي چپڙن جي چوس جنهن کي پئي،

جام امرت جا ڪيئي هاري ويو.

اهڙي مفلس نه ڪنهن ڏٺو هوندو،

هڪڙي دل سا به ڪٽ وساري ويو،

هڪڙو شمشير هو زماني ۾،

سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.


 

 

شمشير الحيدري

ھڪ اعليٰ ظرف انسان

پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ

سنڌ جا اديب ۽ شاعر به هڪ ٻئي سان ائين سلهاڙيل آهن جيئن مالها ۾ موتي. جيئري يا مري وڃڻ کانپوءِ ۽ هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ هوندا آهن.

ادبي لڏي جو سرواڻ، برک ڏاهو، شاعر، اديب، صحافي ۽ سماجي اڳواڻ سائين شمشير کي اسان کان وڇڙئي پورو هڪ سال ٿيو آهي. سائين شمشير جي خدمتن کي ياد ڪرڻ هر سنڌي جو فرض آهي. سنڌ جي ڪلچرل سوسائٽي به ۳۱ آگسٽ تي، سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۾، شمشير جي ورسي ملهائي ۽ اسان جيڪي اڃا ادب سکون پيا، انهن کي به ٻه اکر ڳالهائڻ جو موقعو مليو. سائين شمشير تي ڳالهائڻ لاءِ وڏي همت ۽ جرئت جي ضرورت آهي.

هڪ دانهن دُکي، هڪ آهه اُٿي، وئي باهه لڳي بازارن ۾،

تون زور ته ڏي، زنجيرن کي، ڏس ڏار پيا ديوارن ۾.

دنيا ۾ اسان جي آسپاس ڪيترا ئي اهڙا رشتا موجود آهن، جيڪي اسان جي زندگي تي گهرو اثر ڇڏين ٿا ۽ انهن کانسواءِ انسان اڻپورو آهي. ڪڏهن به پاڻ کي اُتامرو نه سمجهڻ گهرجي، بلڪ وڏن چيو آهي ته پنهنجو پاڻ کي ”زير“ سمجهڻ گهرجي ”زبر“ ڪڏهن به نه سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سڀاڻي تو کي ”پيش“ به ٿيڻو آهي. پاڻيءَ جو وهڪرو سدائين هيٺانهين ڏانهن هلندو آهي.

قومن جي بقا جي ضمانت، سندن ادب، ٻولي ۽ ثقافت ۾ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب و ثقافت جو محافظ، عظيم ڪردار، خوددار انسان جنهن پنهنجي ۸۰ ساله زندگيءَ جو هڪ هڪ پل، پنهنجي ڌرتيءَ سان نينهن نڀايو. دوستن جو دوست، سڄڻن جو سڄڻ، جنهن کي سنڌ، شمشير جي نالي سان ياد ڪري ٿي، جنهن پنهنجي وجود کي سميٽي مختصر ڪيو پر ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪيترا ئي ڪتاب لکي، علمي ذخيري ۾ بي پناهه اضافو ڪيو. هيڏي وڏي زندگيءَ ۾ هُن پنهنجو حصو صرف، ”بقدرِ اشڪ چشم بلبل“ جيترو کنيو پر قلم کي ايترو ته سگهارو استعمال ڪيائين جو هزارين صفحن تي مشتمل علمي خزانو لِکي، اسان کي ورثي ۾ ڏنائين.

شاهه سائين، اهڙن ئي املهه ماڻهن لاءِ چيو آهي ته،

نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ،

اهڙا جن اُهڃاڻ، آئون نه جيئندي اُن رِي.“

شمشير، هڪ ئي وقت سٺو اديب، باڪمال شاعر، بهادر صحافي سنڌي ٻوليءَ جو ماهر، نقاد ۽ دانشور هو. هو اهو واحد ماڻهو هو، جنهن انهن سڀني شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪندي پاڻ مڃرايو.

مولانا رومي رحه، فرمايو آهي ته انسان هڪ نوراني مسافر آهي جيڪو لامڪاني بُلندين کان هن خاڪي عالم ۾ لٿو، قدم قدم تي اُنهيءَ منزل ڏانهن واپس وڃي رهيو آهي. ڪيڏو نادان آ اُهو مسافر، جيڪو دنيا جي عارضي بهارن ۾ گم ٿي، پنهنجي حقيقي ۽ دائمي منزل کي وساري ڇڏي پر اسان جو هي منفرد قلمڪار، عارضي بهارن ۾ گم ٿيڻ وارو نه هو. هُن هر حال ۾ قلم جي رفتار کي سست ٿيڻ نه ڏنو. هُن شاعري توڙي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. هو بهادر ۽ بيباڪ صحافي هو. ڪا به آزمائش هُن جي اڏول ارادن کي ڪمزور ڪري نه سگهي. هو رهڻي ڪهڻي ۾ سادو، اعليٰ ظرف جو مالڪ هو. هُن پنهنجي اعليٰ ذهن کي ڌرتيءَ جي خدمت ۾ صرف ڪيو، قومي مفادن تي، پنهنجي ذات کي ڪڏهن به ترجيح نه ڏنائين. اصولن جو پڪو، ارادن جو صاف، اعليٰ خوابن جو مالڪ هو. منافقن کان ڪوهين ڏور، هُن زندگيءَ ۾ ڪيترائي نشيب و فراز ڏٺا، جتي زندگيءَ ۾ وڏا عهدا ماڻيا، اُتي وقت جي بدلجندڙ سختين کي به بهادري سان مُنهن ڏنائين.

سائين شمشير جي زندگيءَ ۾ جتي سندس دوستن ساٿ ڏنو، اُتي ڪجهه اهڙا به ڏيکاءَ جا دوست هئا جيڪي مشڪل وقت ۾ کيس ائين ڇڏي ويا جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

”ملاڪر خاڪ مين مجهه ڪو، وه اس انداز سي بولا،

کلونا ٿا يه مٽي ڪا، ڪهان رکني ڪي قابل ٿا.“

پر هي مست ملنگ ماڻهو ”مولا تي ننگ آ“ جو نعرو هڻندڙ ڪڏهن به مايوس ۽ نااُميد نه هو.

شمشير ڪڏهن به ڪم ۽ روزگار جي ڪڍ نه لڳو،  هُن جي Level جو ڪم، هُن کي پاڻ ڳولهي وٺندو هو. ادارن جي مضبوطيءَ لاءِ هميشه شمشير اڻٿڪ محنت ڪندو هو. ادارن کي گمنامي جي دنيا مان ڪڍي، معياري ادارن جي قطار ۾ بيهاريندو هو. سندس ڪالم، ”ڀير تي ڏونڪو“ پڙهندڙن جي دماغ جا بند دروازا کولي ڇڏيندو هو. پاڻ هر محاذ تي قلم کان علم جو ڪم ورتائين. هُن جيترو ۽ جيڪو لکيو اُن ۾ ڌرتيءَ جو درد ڇوليون هڻندي نظر آيو پوءِ اُهو نثر هجي يا نظم هُو خوبين جي کاڻ هو. پاڻ جڏهن نئين زندگيءَ جو ايڊيٽر ٿيو هو ته نئين زندگيءَ جي مُئل وجود ۾ نه صرف ساهه وڌو هئائين. پر اُن کي ڌڙڪن به ڏني هئائين. هُن مختلف اخبارن ۾ جيڪي به ايڊيٽوريل لکيا تن ۾ وقت جي يزيد کي للڪاريندو هو. هو حيدري ته هو پر اناالحق جو نعرو هڻي جڏهن قلم کڻندو هو ته مضبوط ايوانن جي ديوارن جا بُرج لُڏڻ لڳندا هئا. هُن اخبارن ۾ رهي ڪاروباري صحافت جا سڀ Trend بدلائي ڇڏيا. انهن سڀني ڳڻن سميت، اسان غور ڪريون ته هو هڪ بهترين منتظم ۽ محبت ڪندڙ انسان هو.

هُن سنڌي ادبي سنگت کي جنرل سيڪريٽري جي حيثيت سان مسلسل ۱۱ سال ڪاميابي سان هلايو ۽ هن کي ادبي جماعت جي حيثيت سان قائم رکيو ۽ سنڌي ادبي سنگت کي ترقي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هُن کي جيئڻ جو سليقو ايندو هو. هزارين ڏکن کي به سگريٽ جي دونهين ۾ تحليل ڪري ڇڏيندو هو. پر چپن تي زندگي بابت شڪايت نه آندائين. هو يارن جو يار هو. شايد اهڙي پرينءَ لاءِ شيڪسپيئر چيو آهي ته:

One best book is equal to ۱۰۰ friends, but one good friend is equal to a library.”

واقعي هو پنهنجي ذات ۾ لامحدود خزانو رکندڙ هڪ ادارو هو.

اڄ هو جسماني طور، اسان وٽ موجود نه آهي پر روحاني طور، تحريرن وسيلي، اسان سان سدائين گڏ آهي ۽ گڏ رهندو. هُن جيڪا شعور جي شمع روشن ڪئي هئي اُها سدائين ٻرندي رهندي. سندس زندگي، هڪ مثال وانگر آهي.

”ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،

ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وِسرن نه مُور،

جيئن مينهن ڪُنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل تي.


 

شمشير الحيدريءَ جي ياد ۾

ممتاز مهر

هر اديب ۽ شاعر پنهنجي دور جي پيداوار هوندو آهي، شاهه لطيف جو دور بادشاهت جو زمانو هو، ٺيٺ زرعي پيداوار ۽ حملاآورن جو زمانو هو:

جڏهن ڪڏهن سنڌڙي،

تو کي قنڌار کان دوکو. (چوڻي)

اها صورتحال شاهه جي ڪلام ۾ نظر اچي ٿي، انگريزن جي اچڻ کانپوءِ سنڌ هند ۾ جديد صنعتي سماج جي اوسر ٿيڻ لڳي، انگريزي  ٻوليءَ  تي عبور حاصل ڪرڻ جي نتيجي ۾ مقامي اديبن ۽ شاعرن کي نين ادبي صنفن کان واقفيت ٿي. آکاڻي ارتقا ڪري ڪهاڻي بڻجي وئي، دستان ارتقا ڪري ناول بڻجي ويو. شاعريءَ ۾ نظم، سانيٽ، ترائيل ۽ آزادم نظم جو اضافو  ٿيو، ڪافي، وائي ۽ غزل ۾ به نيون ترڪيبون استعمال ٿيڻ لڳيون. تخليقي ادب ۾ نوان تجربا ٿيڻ لڳا ۽ نواڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ اڃان به جاري آهي، جيئن انگريزي ۾ چوڻي آهي life is change تبديليءَ جو نالو زندگي آهي. ان تبديلي زندگيءَ جي هر زاويي تي اثر ڇڏيو آهي.

پيار ۽ محبت انساني فطرت ۾ شامل آهي، تنهن ڪري پيار جو موضوع  فن ۽ ادب ۾ اظهار جو لازمي حصو آهي، پيار ۽  محبت جو جذبو جڏهن تخليقي فن، خاص ڪري شاعريءَ ۾ اظهارجي  ٿو تڏهن اهو ساڳيو جذبو پڙهندڙ، ٻڌندڙ جي من ۾ اڀري ٿو، آرٽ سچ تان مسلسل پرودو مٿي ڪري ان کي ظاهر ڪندو رهي ٿو، سچ  وسيع ۽ لامتناهي آهي، آرٽ يعني تخليقي فن مسلسل  ان لامتناهي  سچ جي کوجنا جو عمل آهي.

آرٽ يعني ادب، شاعري، نقش نگاري، مجسمه سازي ۽ موسيقي ان ٽڙيل گل مثل آهي، جيڪو جيڪڏهن تازو نه هوندو ته مرجهائجي ويندو، تازگيءَ جو مطلب نواڻ آهي. لافاني تخليق ڪنهن به دور جي هجي ان ۾ هميشه تازگي ۽ نواڻ نظر ايندي ۽ ڪلاسيڪيت جو درجو رکندي، مغربي علمي ۽ تخليقي روايتن ۾ فلاسافي ۽ آرٽ  قديم زماني کان برابريءَ جو درجو رکن ٿا، پرمغربي فلاسافرن ۽ رچناڪارن جي وچ ۾ اختلاف ۽ جهيڙو به پراڻو آهي.

فلاسافرن جو زور سوچ ويچار ۽ منطق تي هوندو آهي ۽ رچنا ڪارن يعني تخليقڪارن جو زور داخلي جذبن جي اظهار تي افلاطون plato جو خيال هو ته شاعر تصورتاتي دنيا ۾ رهندڙ عام خيالن جو نقال هوندو آهي ۽ وڌاءُ ڪندو آهي، جيئن هومر پنهنجي طويل جنگنامي او ڊي سي ۾ ڪيو. افلاطون سياسي معاملن ۽ ٻارن جي سٺي تربيت لاءِ شاعرن کي پري رکي ٿو ۽ سٺي  اخلاقي سوچ رکندڙ فلاسافرن کي حڪومت ڪرڻ ۽ ٻارن جي تربيت لاءِ موزون  سمجهي ٿو. پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته تخليقي فنڪارن، خاص ڪري شاعرن سچ چوڻ  تي سختيون سٺيون آهن. مثال طور اطالوي شاعر دانتيdante  ويهه سال جلاوطنيءَ ۾ گذاريا، ان دوران پنهنجي شاهڪار رچناdinne conedy  رچيائين، مشهور روسي شاعر پشڪن عزت  خاطر ڊوئيل يعني دوبدو تلوار بازيءَ ۾ جان ڏني. اسٽالين جي زماني ۾ ڪيئي روسي اديب ۽ شاعر نظربند ڪيا ويا، مزاحمتي شاعري ڪرڻ جي الزام تحت فيض احمد فيض، شيخ اياز قيدي بڻيا، پرافلاطون جي مثالي يا يوٽو پيائي ريپبلڪ جمهوريه  ۾ مشڪل سان  مذڪوره شاعرن کي جاءِ ملندي بقول، افلاطون جي يوٽو پيائي جمهوريه آزاد سماج ڪونهي. افلاطون آزاد سماج جو ويري ٿو نظر اچي

شميشيرالحيدري جيتوڻيڪ گهڻي مزاحمتي شاعري ڪانه ڪئي، سندس مزاج انتهائي رومانوي ۽ مولائي قسم جو هو، تنهن ڪري پڪ سان کيس به افلاطون جي مثالي جمهوريه ۾ جاءِ ڪانه ملندي البت افلاطون جو شاگرد ارسطوaristotle  شمشير الحديريءَ جو نظماڻو گيت “ تون ياد وري آئين” چپڙن جي ڪنارن تي ڄڻ  باهه ٻري آئي، تون ياد وري  آئين” ٻڌي مٿو ڌڻيندو ۽ چوندو ته اهو نغمو سندس “ڪئٿارسس” واري ٿيوريءَ تي پوريءَ ريت ٺهي ٿو اچي، جنهن مطابق  ڪابه اعليٰ  تخليق، چاهي اها دردواري غمناڪtragic  هجي يا کلائيندڙ طربناڪ conic پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي من ماڌاڻ کي ٿڌو ڪري، تسڪين ۽ راحت پهچائي ته پوءِ اهڙي رچنا جو اهو ڪارج مثبت ۽ ساراهه جوڳو آهي. ارسطوان ذهني ۽ نفسي تسڪين لاءِ “ڪئٿارسس” جو ٽرم استعمال ڪيو آهي.

مطلب ته شمشير الحيدريءَ کي ارسطو طرفان سٺو  سرٽيفيڪٽ ملندو، جيتوڻيڪ شمشير جهڙي آزاد  مزاج شاعر کي ڪنهن به سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ڪانهي. ياد رهي ته ارسطو، افلاطون جي برعڪس عام راءِ کي اهميت ڏيندو هو ۽ اظهار جي آزاديءَ  جو قائل هو. سندس چوڻ هو ته مخصوص ٽولي يا آپي شاهي جي حڪومت عوام کان خائف هوندي آهي ۽ کين هٿياربند ٿيڻ کان روڪيندي آهي.

اها مڃيل ڳالهه آهي ته شميشير الحيدري شيخ اياز کان بعد  جي اسريل سنڌي شاعرن ۾ اهم نالو آهي. سندس نظم  ۽ آزاد نظم ردم ۽ نغمگيءَ سان ڀرپور آهن، سندس غزل به جديد  سنڌي شاعريءَ ۾ اهم  جاءِ والارين ٿا، افسوس ته سندس حياتيءَ ۾ رڳو هڪ ئي مختصر شعري  مجموعو “ لاٽ”  ڇپجي پڌرو ٿيو، يقينن سندس  ٻي به انيڪ شاعري مختلف رسالن يا نوٽ بوڪن ۾ ٽڙيل پکڙيل موجود هوندي، جنهن کي ڳولي هٿ ڪري ڇپرائن جي ضرورت آهي.

شمشير الحيدري پنهنجي دور ۾ ماهوار “نئين زندگي “ جي ڪامياب ايڊيٽر طور اڀري آيو هو جنهن ان سرڪاري رسالي جو ادبي معيار ايترو ته بلند ڪيو جو ۱۹۷۰- ۱۹۶۰ جي ڏهاڪن ۾ ٽماهي “ مهراڻ”  کان پوءِ “ نئين زندگي “ جو معيار ۽ مرتبو مڃڻ جوڳو ۽ مقبول عام هو. خاص طور ۱۹۷۰ع ۾ ون يونٽ جي ٽٽڻ  تي شمشيرالحيدري نئين زندگيءَ جو جيڪو سنڌ نمبر ڪڍيو هو، اهو بمبئي پريزيڊينسيءَ کان ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ جي الڳ  صوبائي حيثيت بحال ٿيڻ تي مولانا دين محمد روفائي  روزاني اخبار “ الوحيد”  جو جيڪو سنڌ نمبر ڪڍيو  هو. ان جون سڪون ٿي لاٿيون.

شمشير الحيدري جديد شاعريءَ  جي صنفن “جديد نظم” ۽ “آزاد نظم” متعلق به وضاحت سان لکيو. سندس اهڙا متعلقه مضمون به جيڪر هٿ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ گهرجن. سندس لکيل ڪجهه مضمونن ۽ مقالن کي سهيڙي سنڌ ثقافت کاتي طرفان  ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو آهي. سندس شعري مجموعي “ لاٽ” جو  ٻيو ڇاپو پڻ

شمشير الحيدري سنڌي ادبي سنگت جو ساٿاري، ادبي محفلن ۽ مشاعرن جو مورو، ريڊيو ۽ ٽي وي جي سنڌي پروگرامن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندڙ ۽ سيکڙاٽ اديبن ۽ شاعرن کي همٿائيندڙ ۽ اتساهيندڙ شخص هو. تمام سادي زندگي گذاريندڙ، لوڀ لالچ کان پري، هٺ ۽ اڀمان کان عاري، هڪ قسم جو درويش صفت انسان هو، کيس ڪڏهن به ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ڪونه  ڏٺم، سندس چهري تي هميشه مٺي مرڪ نمايان هوندي هئي، هو تمام پيارو ۽ دلبر ماڻهو هو، دوستن جو دوست ۽ دشمني ڪنهن سان به نه، ڪل جهان جو خير، اهڙا درويش صفت  انسان ورلي ملندا.

“تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو، ڄڻ ته سنڌوءَ  جي ٻئي  ڪناري ويو”. (شميشير)

ڪنهن به تخليقي رچنا کي پروڙڻ جو عمل داخلي نوعيت جو هوندو آهي. اهڙي رچنا ڪيتري قدر جمالياتي حظ کي وڌائي ٿي، جذباتي ڪيفيت کي محسوس ڪرائي ٿي، نفسياتي رد عمل پيدا ڪري ٿي، تڏهن  اهڙو شعر يا ٻيو ڪو به فن، مثلن موسيقي، ڪامياب ڄاڻائجي. ان قسم جو مسلسل جمالياتي مشاهدو ۽ تجربو نه صرف فرد جي جذباتي زندگيءَ کي سنواري ٿو ذوق ۽ شوق ۾ اضافو ڪري ٿو، بلڪ فرد جي ڏسڻ،  ٻڌڻ ۽ چکڻ جي زاوين کي به وسيع ڪري ٿو. اهڙو فرد پاڻ کي ڪڏهن به خالي خالي محسوس نه ڪندو، ڇو ته سونهن ۽ سڪ کي ماڻڻ  جو طريقو کيس اچي وڃي ٿو، هو به تخليقڪار جي سفر ۾ هميشه ساڻ رهي ٿو، فن (آرٽ) جي دنيا کي فناڪانهي هوندي،انساني ثقافتculture  جو بنياد ئي فن (آرٽ) تي ٻڌل هوندو آهي. فني اظهار جا نمونا وقت سان گڏ ضرور بدلجن ٿا، پر سونهن ۽ سڪ جا جزا ان ۾ هميشه موجود هجن ٿا.

“دل جي پر شوق دلاسن تي هليا آياسين.

سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسسين.

ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسن تي نه هليو.

نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين. (شمشير)

“حيدر يئم، قلندريئم، مستم، مستم، مي رقص کنم، رقص کنم”.

هيءَ ڪائنات ڦري پئي، گردش ڪري پئي، زندگي به ڦري پئي، گردش ڪري پئي، زندگي به هڪ قسم جو رقص آهي، ناچ آهيlife is a dance  قلندري ڌمال آهي، شمشير پنهنجو وارو وڄائي ويو، خوب وڄائي ويو.


هڪڙو شمشير هو زماني ۾

ناصر بلوچ

بدين ضلعي جي شهر ڪڍڻ ۾ ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع تي حڪيم رسول بخش خواجه جي گهر جنم وٺندڙ شمشير علي خواجه ۱۰ آگسٽ ۲۰۱۲ع جمعي ڏينهن مطابق ۲۱ رمضان صبح ۶ بجي پنهنجي زندگي جو تعلق اسان سان ٽوڙي درگاهه حيدر ۾ حاضر ٿيو. هو جيڪو جهانِ عشق جو آخري سردار هو. مست، الست، قلندري ۽ هزارن ۾ حيدري، شمشير الحيدري.

جهانِ عشق جو سردار آخري آهيان

حضور حسن ۾ حاضر وري وري آهيان

ملنگ، مست، الستي قلندري آهيان

عجيب آهيان هزارن ۾ حيدري آهيان.

سنڌ جو هي املهه موتي هميشه اصول جو پڪو، نه وڪيو ۽ نه ڪنهن کيس خريد ڪرڻ جو سوچيو، نه ملڪيتون ٺاهيائين، نه انهن لاءِ سوچيائين. هميشه سنڌ ۽ سنڌين جي خوشحالي سندس ترجيح رهي ۽ انهيءَ لاءِ پنهنجي ڏات ۽ قلم استعمال ڪيائين. سنڌ جي حقن لاءِ ڪيل جدوجهد تي نظر وجهو، شمشير ضرور نظر ايندو. ون يونٽ تحريڪ ۾ سندس حصو ڏسڻو هجي ته سنڌيالاجي جو رڪارڊ ڏسو ۽ ظالم آمر جنرل ضياءَ جي مارشل لا واري دور ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران بطور ايڊيٽر روزانه مهراڻ سندس اصولي ۽ مضبوط ڪردار کي سنڌ جي تاريخ ڪڏهن به ڀلائي نه سگهندي.

شمشير الحيدري جي شاعري ۾ محور سنڌ آهي. محبوب جي نيڻن جي خوبصورتي به ڏسو ته ڪيئن نه سنڌ جي سونهن ٿو چوي.

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو

ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو.

هيٺين گيت ۾ سنڌ ۽ سانگين سان پنهنجي عشق جو اظهار اجهو هيئن ٿو ڪري.

اڄ موج آئي من تي

پهراڻ پيا پٽن تي

گل گاهه ٿيا گسن تي

سانگي وريا وطن تي

نغما چُريا چپن تي

هن ڪڏهن به همت نه هاري هميشه جدوجهد جو سبق ڏنو.

اٿو اٿو بکن جا ماريل اٿو!

اٿو اٿو ڏکن جا ڏاريل اٿو!

اي ڳڻتين جا ڳاريل، مصيبتن جا ماريل

صدين جي ساز باز سان صليب تي سمهاريل

اٿو اي وقت جا وساريل اٿو!

اٿو جو هاڻ پنهنجي هيءَ جنگ آهي آخري

سنڀاليو پنهنجا مورچا، محاذ تي وري وري

اٿو اي ڳڻتين جا ڳاريل اٿو!

شمشير جي بلند ڪردار جي ڇا ڳالهه ڪجي. سچ هر حال ۾ چئبو پوءِ ڪو ڪيترو ئي دٻائي، ڌتاري.

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين

سرِ عام هر بات چوندا رهياسين

اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو دٻايو

اسين رات کي رات چوندا رهياسين.

اهو شمشير جنهن تي ڪنهن شهنشاهه جو فرمان نٿو هلي، پر سونهن وارن جي سلامن ۽ نينهن وارن جي نياپن تي اچيو حاضر ٿئي.

دل جي پر شوق دلاسن تي هليا آياسين

سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين

نه هليو زور ڪنهن شاهه شهنشاهه جو اسان تي،

نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.

اڄ شمشير الحيدري کي وڇڙي ڇهه سال گذري چڪا آهن پر هو پنهنجي اصول پرستي، وطن وفاداري، سنڌ سان عشق و محبت سبب سدائين اسان جي دلين ۾ زنده رهندو.

توکي وسارڻ اوکو هوندو

پاڻ سان پاڻ دوکو هوندو

جيسين موت نه ماري سائين

توکي ڪير وساري سائين.


شمشير الحيدري

ادب، صحافت ۽ عوامي هلچل جو سالار

علي محمد ميمڻ

ماٿريءَ جي عوامي هلچل جو فڪري سالار، صحافت، علم ۽ ادب جي سرواڻ شمشير الحيدري جي زندگي ۽ سندس علم ۽ عملي جدوجهد يقينن حيرت انگيز رهي آهي. هو انسان دوست ۽ فڪري جوهر ۾ وطن پرست بهادر ۽ سرويچ جرنيل وانگر هئا، جنهن جي قلم، تلوار بنجي آمرن سان جنگ جوٽي، قوم۽ وطن جي جاڳرتا ۽ حفاظت لاءِ ڪيئي ادارا ۽ شخصيتون تيار ڪيون، جيڪي ماروئڙن جي واهر ، سهائتا ۾ مصروف عمل آهن. جنهن ۾ سنڌ گريجويٽس ايسوسيئشن، سنڌي ادبي سنگت، مختلف صحافتي ادارا، نئين زندگي، حياتي پي ٽي وي تي ڊراما، گانا، غزل ۽ نغما ڏنا ۽ علمي ۽ ادبي مرڪزن کي پنهنجي ڏات جي لاٽ سان روشن ڪري بي مثال ورثو  ڏنو آهي، جيڪو صدين تائين معاشري کي روشني مهيا ڪندو رهندو.

جي وڇوڙي ۽ ڇهين ورسي جي موقعي تي اڄ  اسين  جنهن پاسي نظر ڊوڙايون ٿا هر پاسي شمشير جا روپ ۽ جرئت وارا ساٿي موجود آهن، ڄڻ ته شمشير جي خوشبوء ۽ ڏات، ماڻهن جو روپ ڌاري اچي حاضر ٿي آهي ۽ سنڌو ماٿريء جي محبوب هستين  جي لکڻين ، لفظن ۽ سرن ۽ آوازن جو ويس مٽائي انساني آزادي، ظلم ۽ ڏهڪاء  کي اسان سان هم ڪلام آهي.

شمشير الحيدري جي دوست ۽ سگا جي بانيڪار سٿ جي ساٿي  ڊاڪٽر سليمان شيخ پنهنجي لکڻين ۾ شمشير الحيدري  بابت  تاريخي واقعا ۽ ساٿ ۾ گهاريل  ساعتن  ۽ جاکوڙ جو اڪثر وڏي اڪير ۽ محبت سان ذڪر ڪيو آهي. سندس تحرير موجب “     “ هر لمحي پيدا ٿيندڙ نئون ٻار پاڻ سان هڪ نئون عزم، آسرو ۽ ويساهه کڻي ايندو آهي. هن ڀونءِ جي ڪک خالي رهڻي ناهي. پر ڪو ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو، جيڪو ڪونه وڪاڻو، اهو املهه داڻو شمشيرالحيدري هو”.

هن عظيم انسان سان منهنجي سڃاڻپ ۱۹۶۳ع ۾ سنڌي ٻولي تحريڪ دوران ٿي. آئون شاگرد هوس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي سنڌي شاگردن پاران سنڌي ٻولي ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. مون کي سنڌ جي نامور اديبن سان لاڳپو ڪرڻ جو فرض سونپيو ويو. شمشير سان ملاقات مون کي اعتماد ڏنو. اسان آڪٽوبر ۱۹۶۳ع ۾ بسنت هال حيدرآباد ۾ هڪ ڏهاڙي ملهائڻ جو بندوبست ڪيو.۱۹۷۰ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ تعليم دوران شمشير سان گهڻو لاڳاپو رهيو. ان عرصي ۾ اسان گهڻو ڪري روزانو ۳ وڳي ڌاري ڪيفي نيويارڪ ۾ ملندا هئاسين. سائين بخش ڪلهوڙو، مراد علي جوڻيجو، ڪڏهن محبوب شيخ ۽ ٻيا دوست جيڪي به ڪراچيءَ ۾ ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ آيا ته انهن لاءِ ملڻ جي جاءِ ڪيفي نيويارڪ ٿي وئي ۽ شمشير اسان جو ميزبان بنجي ويو. انهن ئي گڏجاڻين وسيلي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جو خاڪو جوڙيو ويو ۽ ان تي ٽن ماڻهن بنيادي طور اتفاق ڪيو، جن ۾ شمشيرالحيدري، سائين بخش ڪلهوڙو ۽ ڊاڪٽر سليمان شيخ شامل هئا. شمشير هن اداري جي بنيادي آئين لاءِ مشورا ڏنا. سگا جو مونوگرام شمشير جي تصور جو عڪس آهي.

سگا، ۱۹۷۸ ع کي ”شاهه جو سال“ ڪري ملهايو. ان سلسلي ۾ قومي ڪانفرنس دائود ڪاليج ڪراچيءَ جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي. لطيفي قافلو ان سال جو هڪ ٻيو وڏو معرڪو هو. جنهن ۾ اٽڪل ۱۵۰ ساٿي اديب، شاعر، فنڪار، عورتون مرد گڏجي ريل جي بوگي ڪري ڪراچيءَ کان روانا ٿياسين. مارشل لا جو ڏاڍ وارو دور هو ۽ ڪئين وسوسا اسان سان سلهاڙيل هئا. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فتويٰ  ذوالفقار علي ڀٽي صاحب خلاف اچي چڪي هئي. اسان جيئي لطيف جي نعرن ۾ ملتان رسياسين، فدوي ورائي ويا، شمشير پختا جواب ڏنا ۽ سڄي قافلي جي ادبي سٽاءَ ۾ حصو ورتو. اسان ملتان، راولپنڊي، پشاور کان ٿيندا لاهور جو دورو ڪري واپس پهتاسين. ان تاريخي سفر ۾ محترمه سلطانه صديقي، زرينه بلوچ، استاد منظور علي خان، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ٻيا ڪافي دوست گڏ هئا. شمشير مارشل لا جي دور ۾ روزانه مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر بڻيو ۽ هن اخبار کي سنڌ جي ماڻهن جي ڌڙڪن بنائي ڇڏيو. ضرورت آهي ته سندس اهي ايڊيٽوريل ڪتاب جي صورت ۾ ڇپجڻ گهرجن. شمشير سگا جي گهڻو ڪري سڀني ڪنوينشن جا ٺهراءَ ترتيب ڏيندو هو ائين چئجي ته هو سگا جي نيتيءَ جو ترجمان هو.

بيشڪ ! شمشير لاءِ حياتي حسن بانوءَ جو روپ ڌاري وارد ٿي هئي، جنهن سان هن کي اڻ ميو عشق هو. حياتيءَ جي تند ڪنهن بهاني سان ٽٽيو پوي ته ان کي اميري سان جوڙي نٿو سگهجي. ڪهڙا پيارا پيارا ماڻهو موت اسان کان کسي ويو. موت جي لڪ ڇپ راند هلي پئي ڪوبه ان کان بچي نٿو سگهي. شمشير جي چواڻي ”قدرت (نيچر) پنهنجو پاڻ خال ڀريندي ويندي آهي، هڪڙا ويا ٻيا ايندا سنڌ جو هڪ مڻيادار خوددار ۽ خود آگاهه، ارڏو ۽ آڙٻنگ، اديب شاعر، صحافي، ايڊيٽر ۽ سماج سيوڪ شمشير الحيدري پنهنجي حسن بانوءَ کي الوداع چئي هليو ويو، ويندي ويندي چئي ويو ،

“اهي پي ٽي وي جا اُهي ڏينهن هئا جڏهن مان سلطانه صديقي جو پروگرام موتين مالها ڪندي هئس، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علمي، ادبي ۽ فن جي ميدان جي شهسوار شخصيتن سان انٽرويو ڪيا ويندا هئا. ان پروگرام جو محقق ۽ اسڪرپٽ رائيٽر شمشيرالحيدري هوندو هو. سنهڙو، سيپڪڙو، جهڙو آڄ آهي تڏهن به اهڙوئي هو، اڪثر فل سوٽ ۾ نظر ايندو هو. اسڪرپٽ لکڻ ته هن جي کاٻي هٿ جي راند هئي، ويٺي ويٺي، کل کل ۾ اسڪرپٽ لکجي ويندو هو. جن شخصيتن متعلق مون کي گهڻي ڄاڻ نه هوندي هئي، مان شمشير سان ان متعلق نهايت  تفصيل سان گفتگو ڪندي هئس ته جيئن انٽرويو ڪرڻ وقت ان جي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي نه رهجي وڃي. مون کي ان ڳالهه جو اعتراف ڪرڻ ۾ ڪو عار ناهي ته سنڌ جي ناميارين شخصيتن متعلق شمشير جي معلومات، منهنجي علم ۽ سمجهه ۾ بي انتها اضافو ڪيو. پير حسام الدين راشدي، ڪريم بخش نظاماڻي ۽ ظفر ڪاظمي کان وٺي مائي ڀاڳي، عابده پروين، سليمان شاهه ۽ جلال چانڊيي تائين نه ڄاڻ ڪيترين شخصيتن جا انٽرويو ورتا هوندم، جن جا اسڪرپٽس شمشير الحيدري لکيا، بس انٽرويو نه ڪيم ته شمشير جو پنهنجو شايد ان ڪري ته ان جو اسڪرپٽ ڪير لکي ڏئي ها؟ يا وري جيئن چئبو آهي ته چراغ تلي انڌيرا....”

بيشڪ ! “ڪنهن به شخصيت تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ سولو ڪم نه آهي. خاص ڪري ادبي شخصيت تي لکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. اسان وٽ سنڌي اديب هونئن ئي ڏچن ۾ هوندو آهي. آس پاس جون نراسايون ڏيندڙ ماحول، اديب جي وجود ۾ بيچيني پيدا ڪندو آهي. ڪجهه اديب جهڙوڪر شمشير الحيدري فطرتن ارڏا هوندا آهن. پاڻمرادو بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ڦٽي ڪري تحرڪ پيدا ڪندا آهن. انهن جي وجود جي بيچيني انهن جي لکڻين ۾ موجود هوندي آهي هروڀرو پنهنجو پاڻ کي پتنگن جيان اچي آڳ ۾ وجهندا آهن.

سنڌي ادبي سنگت جنهن سان شمشير الحيدري جو روح وارو ڳانڍاپو ۽ بنيادي واسطو هو ان جي تاريخ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم مان پيدا ٿي، اڳتي وڌندڙ اديب نه صرف پنهنجي خاندان پر سنڌ جي عوام جي به گڏيل ملڪيت آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شيخ اياز پنهنجي شاعري ۽ نثر جي ذريعي احساس ڏياري ٿو. سائين جي ايم سيد پاڪستان جي نفي ڪري ڪيترائي ڪتاب لکي ٿو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين نظربند رهي ٿو. هڪ قافلو آهي جنهن ۾ شمشيرالحيدري، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، طارق اشرف، آغا سليم، سراج ميمڻ ۽ حميد سنڌيءَ جي رسالي روح رهاڻ ۽ طارق اشرف جي سهڻي ۾ لکيل ايڊيٽوريل ۽ ٻيو مواد، اها ئي سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي جي ادبي ويڙهاند آهي، جنهن سنڌي عوام ۾ شعور پيدا ڪيو.

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين، سرعام هر بات چوندا رهياسين،

اوهان ڪيترو ئي دٻايو، ڌتاريو، اسين رات کي رات چوندا رهياسين.


 

شمشير الحيدري

شهنشاهن جا فرمان نه مڃيندڙ – ۲۸ اپريل ۲۰۱۹

ڊاڪٽر ايوب شيخ

سنڌ جي نامياري شاعر، اديب، ايڊيٽر ۽ صحافي، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بانيڪار، ماهوار ”نئين زندگي“، ٽماهي ”مهراڻ“، هلال پاڪستان ۽ روزاني ”مهراڻ“ حيدرآباد جو ايڊيٽر، روشن خيال ليکڪ شمشيرالحيدري جمعي ڏينهن صبح جو گذاري ويو. هن پنهنجي زندگي کل خوشي، زبردست محنت، سنڌي ادب جي بيش بها خدمت ڪندي گذاري. هن جي زندگي زبردست گذري، اها هن شعوري طور زبردست گذاري. اصل ۾ انسانن جي اڪثريت زندگيءَ کي گهاريندي آهي، پر هن ان کي گذاريو ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو. هو سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن توڙي صحافين ۽ شاعرن ۾ پري کان نظر ايندڙ اڪيلو شخص هو، جيڪو زندگيءَ جي سمورين مجبورين کي بنا رڙ دانهن جي پُٺيءَ تي کڻي هلندڙ هو. ايستائين جو ڪئنسر مٿس اڍائي ورهيه اڳ حملو ڪيو هو ته هن ان کي به ساڳئي وهنوار ۽ صبر سان تسليم ڪندي ان سان پاڻ منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪندي ڪنهن کي به تڪيلف ڪانه ڏني هئي. شمشيرالحيدري سنڌ جي انهن اديبن ۽ ليکڪن ۽ ايڊيٽرن مان هو، جيڪي پنهنجي ويهڻ لاءِ ٽيڪ استعمال نه ڪندا هئا. بنا ٽيڪ ويهڻ ۽ هلڻ ۽ زندگيءَ جا مزا وٺڻ جا اهي فن رڳو ڪجهه ماڻهن سکيا آهن. شمشير انهن ۾ شاندار هو. سندس زندگيءَ جا آخري ڪجهه مهينا هن سان گهڻي حجت رهي، گهڻيون ڳالهيون ڪيائين. ڳالهائڻ ۾ بيباڪ هو، آهستي آهستي ماڻهن جي کل لاهي، پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيندو هو. تمام گهڻن ماڻهن سان سندس ملاقاتون، واقفيتون، رهاڻيون، رشتا هئا. هن جو خيال هو ته انهن سمورن ماڻهن کان هڪ ڳالهه وسري ويئي هئي ته انهن کي سمورو وقت سنڌ جي ادب ۽ سماج لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو هو. هن کي ڪنهن به ٿڙي ويل، ڀُليل، ڀٽڪيل ماڻهوءَ تي ڪو به افسوس نه ٿيندو هو. هو انهن مامرن ۾ پنهنجو وقت وڃائڻ بدران پنهنجي ڪم تي لڳو پيو هوندو هو.

سنڌي ادبي بورڊ ۾ هن جو اوائلي زماني ۾ هڪ مرحوم سينيٽر مرحوم سان ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿي پيو. سينيٽر صاحب چڙي پيو. هو چڙڻ تي ۽ شمشير صبر تي. اوچتو پنهنجي شهنشاهي فرمان سان، شمشير کي ”هاڻي جو هاڻي“ گهر خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ٿيو. شمشير گهر اندر وڃي پنهنجي گهر واريءَ کي هلڻ جو چيو. ٻئي ادبي بورڊ جي بلڊنگ کي هٿ لوڏيندا، ڄامشوري جي مين هاءِ وي تي پنڌ ڪندا، زماني جي ”ادائن“ ۽ ”دلربائين“ تي ٽهڪندا، پيٽاري جي پراڻي روڊ تان پنڌ ڪندا، دوائن جي ڪمپنيءَ ۾ موجود پنهنجي عزيز وٽ وڃي ترسيا. هڪ هفتي کانپوءِ، سينيٽر صاحب ماڻهن کي وچ ۾ آڻي شمشيرالحيدري کان ”ڦڪي معافي“ عرف ”معذرت“ گهري. شمشيرالحيدري  اهڙي سخاوت کان انڪار ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي ”باءِ باءِ“ چئي ڇڏيو. تاريخ جي سيني تي شمشيرالحيدري سان اها ”حڪمران ڏاڍائي“ اڄ به پنهنجي مٿان چٿرون ڪري، شمشير کي وڌيڪ مانوارو پئي بڻائي.

شمشيرالحيدري کي سندس عزيز ۽ اسان جو دوست ڊاڪٽر مسرت خواجا  سندس گهران ڪلفٽن جي اسپتال ۾ وٺي آيو. اتي ايترو ٿيو، جو ڪئنسر ۾ مبتلا شمشيرالحيدري آرام سان دوستن سان ڳالهائڻ، فون ڪرڻ ۽ خصوصي طور ٽي وي چينلن سان نه ڳالهائڻ جي ورزش ۾ لڳي ويو. مون کيس ڪي ٽي اين يا ٻين دوستن سان ٻه چار لفظ ڳالهائڻ جي حجت ۽ فرمائش ڪئي ته، هن چيو ته، ”اها گارنٽي ڪير ڏيندو ته چينلن تان  بيوس حالت،  حالتِ زار، منهنجي مفلسي جون عجيب ۽ هوش ربا ڪهاڻيون نه اينديون“. ڪي ٽي اين رپورٽر قادر لاشاري کيس چيو ته، ”اوهان جيڪي چوندا، اهو سڀ ڏينداسين، اوهان رڳو اسان تي مهرباني ڪريو“. پوءِ اخبارن ۽ چينلن سندس مرضيءَ سان خبرون هلايون. عمر جي ان حصي ۾، موت جي واديءَ جي ان مسافر کي پنهنجي مسڪيني حال تي ناز هو، ان تي ڪنهن کي به چٿر ڪرڻ جو مجاز ۽ مالڪ نه بڻائي سگهندو هو. ان اسپتال ۾ سندس جسم ۾ موجود ڪئنسر سندس جسم جي هڏين کي جڪڙي ڇڏيو هو. سرطان جسم جي ٻين عضون جي سموري سسٽم کي ختم ڪرڻ لاءِ خرابيون وڌائي رهيو هو. ان حالت ۾ مونکي کانئس ڪيئي ڳالهيون پڇڻيون هيون، ڪيئي اهم تاريخي گواهيون وٺڻيون هيون، ڪيئي رڪارڊنگس ڪرڻيون هيون. اهو سڀ ڪجهه پهرين ٿيڻ گهرجي ها، جڏهن سندس صحت به هئي ته يادداشت به هئي. مونکي ڪجهه سنڌ جي وڏيرن، انهن جي سنڌ دشمنين جا ڪي حوال پڇڻا هئا. هڪڙي ڏينهن چيائين ته، ”ٻه ڏينهن ترس، سڀني جا ليکا صاف ڪنداسين“.  سندس صحت بحال ٿي نه سگهي. تاريخ جي باري ۾، ارهه زوراين جي باري ۾، سنڌ جي سڄڻ نما دشمنن جي باري ۾ هن کي ڪيئي يادگيريون ٻڌائڻيون هيون، پر اهو سڀ ڪجهه نه ٿي سگهيو.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، ڪلچر کاتي وارا کيس آغا خان اسپتال وٺي ويا، جتي ساڻس ڪيئي دفعا ملاقاتون ٿيون. اتي سندس ڳالهائڻ، کائڻ پيئڻ بند ٿيندو ويو. شمشيرالحيدري سرطان مخالف دوائن جي ڪري آهستي آهستي ڳهرجي پيو. سندس جسم تان ماس قرض وانگر لهڻ لڳو. هن جمعي ڏينهن ساهه ڏنو پر ويساهه نه ڏنو. هن جي بيباڪي، هن جي مسڪيني حال ۾ خوش رهڻ جي ادا ۽ سنڌي ادب کي سوين ڪتاب ڏيندڙ شمشيرالحيدري اڄ اسان  جي وچ ۾ ناهي رهيو. هن موقعي تي ، سنڌ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن کي اها گذارش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ”محنت“ اوتري ڪرڻ سکن، جيتري شمشيرالحيدري ۽ ان زماني جا اديب ڪندا هئا. هاڻي وري محنت جو زمانو اچي پيو. اچو ته ”گوگلي اديبن“ ۽ ”کڻو ۽ ڇاپيو“ Cut & Paste واري روش ڌاريندڙ رواجي اديبن جي قلعن کي ڊاهي شمشيرالحيدري جي محنت ۽ ساک سان ٺهيل قلعن کي آباد ڪريون.

سنڌو نديءَ جي بچاءَ ۽ ان کي سنڌو سڀيتا جو بنياد ۽ دائمي نشان سڏيندي ان جي حفاظت لاءِ لکيل نظم ۾ شمشير چئي ٿو:

اڙي راڄ وارا،

اڙي راڄ وارا،

اچو ۽ ڏسو، منهنجي هٿ تي هي تهذيب دشمن

خبيثن کي شهه مات جي چال آهي لکيل

اوهانجي، جا شاهڪار تهذيب آهي قديم ۽ عظيم

ڪرشمو فقط آهي سنڌوءَ جو پاڻيءَ سندو

جي پاڻي نه آهي ته سنڌو ڪٿي؟

جي سنڌو نه آهي ته تهذيب ڇا؟

ته اي راڄ وارا،

وڃي پنهنجي تهذيب جي لاءِ سنڌو بچايو،

۽ سنڌوءَ جي لئه اُن جو پاڻي بچايو

نجات آهي پاڻي،

حيات آهي پاڻي،

هي پيغام آهي مُهين جي دڙي جي ٻڍي نرتڪيءَ جو، اوهان جي امڙ جو.


 

شمشيرالحيدري

پروفائل

سليم چنا

تاريخ ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۲ع تي ضلعي بدين جي ننڍي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ شمشيرالحيدري جو جنم امام ڏنو خواجه جي گهر ۾ ٿيو. هِن شروعاتي تعليم بدين ۾ حاصل ڪئي، ان کانپوءِ سنڌ مدرسي ڪراچي ويو، جتي تعليم مڪمل نه ڪري سگهيو هن پوءِ اديب سنڌي ۽ سنڌي عالم جا امتحان پاس ڪري ميٽرڪ جو امتحان به ڏنو.

ٿورو وقت پي ڊبليو ڊي ۾ نوڪري ڪري، تعليم به اڳتي وڌايائين. ان کانپوءِ هن کي بدين ڪوآپريٽو بينڪ جو مئنيجر ڪري رکيو ويو. ۱۹۵۶ع ۾ شمشير سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل جيڪو عهدو وٽس يارنهن سال هو. ۱۹۶۳ع ۾ هن سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪئي ۽ آزاد نظم تي مونوگراف لکيو.

شمشير ۱۹۵۶ع کان ۱۹۶۶ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي مهراڻ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون. سائين محمد ابراهيم جويو ۽ سائين غلام محمد گرامي جي ادبي صحبت مان گهڻو ڪجهه سکيو. اڳتي هلي شمشير ۱۱ سال نئين زندگي رسالي جو ايڊيٽر ٿي پاڻ ملهايو.

انهيءَ کانسواءِ مختلف وقتن تي شمشير الحيدري بحيثيت صحافي، هفتيوار اعلان حق، هفتيوار پنجتني، هفتيوار هلچل، هفتيوار هدايت، روزاني هلال پاڪستان، روزاني خادم وطن ۽ روزاني مهراڻ ۾ به ڪم ڪيو. پاڻ نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ به نوڪري ڪيائين. ۹ مئي ۱۹۹۳ع تي کيس سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ڪري رکيو ويو.

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي لاءِ به سندس تمام گهڻيون خدمتون آهن جيڪي وسارڻ جوڳيون ناهن. پاڻ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي جي سنڌي پروگرامن لاءِ پهريون ڪمپيئر، ڊرامه ليکڪ ۽ گيت لکندڙ طور به اعزاز ماڻي چڪو هو. پاڻ بهترين شاعر، صحافي، ايڊيٽر، اديب ۽ حڪيم به هو. پاڻ روشن تارا پي ٽي وي تان هلندڙ ٻارن جي پروگرامن لاءِ به تمام گهڻا گيٽ لکيائين.

شمشير الحيدري جي پرورش سندس مامي ڊاڪٽر نظير حيدري ڪئي، جنهن کان هو تمام گهڻو متاثر هو.

شمشير جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: انسان ڪامل، ڪاروانِ ڪربلا، لاٽ، تنهنجون ڳالهيون سڄڻ، تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور، آمريڪا جو سياسي سرشتو، سوکڙي، سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر، سنڌي شاعري جو اڀياس، سجاڳ سانگهڙ، تاريخ جو ڪچرو، پيار جا نَو گيت، ڪاڪ محل، روشن تارا ۽ ٻيا.

سنڌ جي هن محنتي، قابل ۽ سچي سپوت ۱۰ آگسٽ ۲۰۱۲ع مطابق جمعي جي ڀلاري ڏينهن ۲۱ رمضان شريف ۱۴۳۳ هجري تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. کيس ملير جي تاريخي قبرستان چوڪنڊي ۾ مشهور شاعر ۽ سندس گهاٽي دوست تاجل بيوس جي ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


 

شمشير الحيدري

نويهين سالگرهه ۽ ڪليات جي اشاعت

علي محمد ميمڻ

سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي عظيم شاعر، اديب، صحافي شمشير الحيدريءَ جي ۹۰ هين سالگرهه اڄ ۱۵ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ملهائي پئي وڃي. ان موقعي تي شمشير صاحب جي شاعري جي وڏي ذخيري تي مشتمل پهريون ضخيم ڪتاب ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ...!“ ڪليات شمشير جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو آهي ۽ ان جي مهورت پڻ ڪئي پئي وڃي. شمشير صاحب يقينن هڪ غيرمعمولي انسان هو، جيڪو پنهنجي دور ۽ هڪ صدي اڳتي جي دور جو مفڪر ۽ سالار هو. پنهنجي وصف ۾ هو هڪ سرواڻ، علم۽ ادب جو روشن ڏيئو ۽ ادارا ساز شخصيت هو. ڪيترن ئي سماجي جاڳرتا وارن علمي ادارن جو پايو وجهڻ ۽ ڪيترن ئي قومي ادارن کي سگهارو ڪرڻ جهڙا معجزا ۽ ڪارناما شمشير جا ئي اثاثا آهن. شمشير صاحب جي پنهنجي فڪري ۽ قلمي ويڙهه چؤمکي هئي. سندس تحريرن، لکيل ٽي وي ڊرامن، صحافت، فن ۽ هنر جي تلوار هميشه رڪ وهندي راند ۾ تيز ۽ تکي تلوار وانگر وهندي رهي ۽ سندس وار وِڄن وانگر ڪڙڪندڙ ۽ برق رفتار هئا. شمشير صاحب جي شخصيت جو جائزو وٺندڙ دانشورن، ساڃهه وندن طرفان اهڙيون ئي ساکون ۽ تجزيا پيش ڪيا ويندا آهن.

نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،

اها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،

هي ظلم آهي اسان سان اوهانجي محفل ۾،

اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي!

(شمشير الحيدري)

 شمشير الحيدري جو پورو نالو شمشير علي خواجه هو. سندس جنم ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع تي شهر ڪڍڻ، ضلعي بدين ۾ ٿيو. شمشيرالحيدري ابتدائي تعليم بدين مان حاصل ڪئي، وڌيڪ تعليم وٺڻ لاءِ ۱۹۴۸ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان هڙتال ڪرائڻ جي الزام ۾ کيس اسڪول مان ڪڍيو ويو. سال ۱۹۵۰ع ۾ تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو ۽ مئٽرڪ ڪري نه سگهيو. ڪجھه وقت کانپوءِ وري تعليم وٺڻ شروع ڪيائين. ڪجهه وقت اين جي وي اسڪول ڪراچي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ لارينس اسڪول ٽنڊي باگي ۾ پڙهيو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان بي اي ۽ پوءِ ۱۹۶۳ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب) ۾ ڪيائين. ايم اي آخري سال لاءِ هن ’پوئٽ فار آل ٽائمز ۽ سنڌ جي آزاد شاعري‘ جي عنوان سان مونوگراف لکيو. ان کان سواءِ ديني تعليم، حاجي احمد ملاح جي مدرسي، بدين مان حاصل ڪيائين.

شمشيرالحيدري، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جو هڪ باني، پهريون ۽ بنيادي ميمبر هو. ۲۲ فيبروري ۱۹۷۱ع تي ڪيفي نيويارڪ ڪراچيءَ ۾ سندس ميزبانيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ سائين بخش عباسيءَ جي ساٿ سان ڪوٺايل گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن جو نالو رکيو ويو ۽ بنيادي مول متا طئي ڪيا ويا. ٻي گڏجاڻي ۶ اپريل ۱۹۷۱ع تي ساڳي جاءِ ڪيفي نيويارڪ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ سگا جي پهرين تنظيم سازي ڪئي وئي ۽ شمشير الحيدريءَ کي عبوري باڊي جو سيڪريٽري جنرل نامزد ڪيو ويو. شمشير صاحب، سگا جي روشن تارا اسڪولن جي سرشتي جو پهريون ائڊمنسٽريٽر ۽ ماحوليات بابت سگا جي رسالي ’حياتي‘ جو باني ۽ ايڊيٽر رهيو.

شمشيرالحيدري سنڌي ادبي سنگت جي بنياد وجهندڙن مان هو. ۱۹۵۶ع ۾ سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيو. هيءُ پهرين شخصيت هو، جنهن مسلسل ۱۰ سال ان عهدي تان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪئي. هن تنظيم کي منظم ڪيو. هن، سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي بنيادي مسئلن لاءِ آواز اٿاريو، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو جائز مقام ڏيارڻ لاءِ مختلف ادارن جو قيام ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ريڊيو، ٽيليويزن، تعليمي ادارن ۽ روڊن رستن تي استعمال شامل آهن. شمشير صاحب ۱۹۹۳ع کان ۱۹۹۵ع تائين ٻه سال سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. شمشير الحيدريءَ کي سندس خدمتن جي مڃتا ۾ ڪيترائي ايوارڊ مليا، جن ۾ پي ٽي وي ايوارڊ (چار ڀيرا)، پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل جا ٻه مڃتا ايوارڊ، سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران مڃتا شيلڊ، مارئي دهلي مڃتا ايوارڊ، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل، ڪراچي پريس ڪلب پاران مڃتا ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ طرفان گولڊن جوبلي شيلڊ ۽ لائيف اچيومينٽ ايوارڊ، سنڌ اسيمبليءَ طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ شيلڊ، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ طرفان مڃتا شيلڊ، ثقافت کاتي سنڌ طرفان مڃتا شيلڊ، سنڌ اطلاعات کاتي طرفان مڃتا ايوارڊ، ماهوار نئين زندگيءَ طرفان مڃتا ايوارڊ، اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان مڃتا شيلڊ، شاهه لطيف ايوارڊ (۲۰۱۲)، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان مڃتا ايوارڊ، سنڌ مدرسي طرفان مڃتا ايوارڊ، ايراني ڪلچرل سينٽر اينڊ اڪيڊميءَ طرفان مڃتا ايوارڊ ۽ پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن.

صحافت، علم ۽ ادب جي سرواڻ شمشير الحيدريءَ جي زندگي، سندس علم ۽ عملي جدوجهد يقينن حيرت انگيز رهي. هو انسان دوست ۽ فڪري جوهر ۾ وطن پرست بهادر ۽ سرويچ جرنيل وانگر هو، جنهن جي قلم، تلوار بنجي آمرن سان جنگ جوٽي. قوم ۽ وطن جي جاڳرتا ۽ حفاظت لاءِ ڪيئي ادارا ۽ شخصيتون تيار ڪيون، جيڪي ماروئڙن جي واهر/ سهائتا ۾ مصروف عمل آهن. جنهن ۾ سنڌ گريجويٽس ايسوسيئشن، سنڌي ادبي سنگت، مختلف صحافتي ادارا، نئين زندگي، حياتي، پي ٽي وي تي ڊراما، گانا، غزل، نغما ۽ علمي توڙي ادبي مرڪزن کي پنهنجي ڏات جي لاٽ سان روشن ڪري بي مثال ورثو ڏنو آهي. جيڪو صدين تائين معاشري کي رهنمائي، ساڃهه ۽ روشني مهيا ڪندو رهندو. اڄ اسين جنهن پاسي نظر ڊوڙايون ٿا، هر پاسي شمشير جا روپ ۽ جرئت وارا ساٿي موجود آهن، ڄڻ ته شمشير جي خوشبوءَ ۽ ڏات، ماڻهن جو روپ ڌاري اچي حاضر ٿي آهي ۽ سنڌو ماٿريءَ جي محبوب هستين جي لکڻين، لفظن ۽ سرن ۽ آوازن جو ويس مٽائي اسان سان هم ڪلام آهن.

شمشير الحيدري جي زندگي، علم، فن ۽ ڏات جي حسن جي پرستارن سان هونئن ته دنيا ڀري پيئي آهي پر هن حيدريءَ کي هن دنيا ۾ پنهنجي حصي جا جيڪي ڪم ڪرڻا هئا، ڏيئا ٻارڻا هئا ۽ مشعلون روشن ڪرڻيون هيون، سي خوب ڪيون ۽ پنهنجي ڏات، ڏاهپ، علم، تحريرن، ڪالمن، قلمي فن پارن، شاعري، خطابن ۽ فڪر جي صورت ۾هن هستيءَ جيڪي ڪجهه اسان جي ملڪ، قوم ۽ سماج کي ورثي ۾ ڏنو آهي اهو صدين تائين اسان جي نسلن جي رهنمائي ڪندو رهندو ۽ انهن جي فڪري اڃ اجهائيندو رهندو.

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،

سر عام هر بات چوندا رهياسين،

اوهان ڪيترو ئي دٻايو، ڌتاريو،

اسين رات کي رات چوندا رهياسين.

(شمشيرالحيدري)

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۵ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


هڪڙو شمشير هو زماني ۾.

سليمان وساڻ

۱۰ آگسٽ ۲۰۱۲ع جو صبح سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ  ڏکائتي خبر کڻي آيو. سنڌي ادب جو ستارو سائين شمشيرالحيدري لاڏاڻو ڪري ويو.

شمشير الحيدري جو شان ڪهڙن لفظن سان ادا ڪجي، هو دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر، آزاد نظم جو بنيادڪار، منفرد گيتڪار، با شعور ناٽڪ نگار، باوقار اسٽيج سيڪريٽري، خود دار انسان، سماجي ورڪر ۽ ان سان گڏ سند يافته حڪيم پڻ هيو. هو هر فن مولا هو، هو مست هو، ملنگ هو، ڀوڳائي هو، محفل جو مور هو، تڏهن ئي ته چيائين:

شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي

محفل کي مچائيندو هن جو ئي سخن شايد

اين جي وي ۽ نور محمد ھائي اسڪول ۾ داخلا نه ڏيڻ وارن کي ھي خبر نه ھئي ته هي ٻار اڳتي هلي وقت جو وڏو شاعر ٿيندو ۽ سنڌي ادب جو هڪ روشن منارو ثابت ٿيندو.

شمشير علي ولد رسول بخش جعفري، ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ ۾ بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس پرورش سندس مامي نذير حسين حيدري ڪئي جيڪو بدين جو تمام گهڻو سماجي ۽سياسي حيثيت رکندڙ ماڻهو هو. جنھن کان متاثر ٿي پاڻ حيدري سڏرائڻ لڳو.

روزگار جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي کاتن ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندڙ شمشير شروعات منشي جي حيثيت ۾ ۱۹۵۰ ۾ رائيس مل بدين مان شروعات ڪئي.ھن بعد ۾ ٽيليفون آپريٽر، ريونيو ۾ ڊويزنل ڪلارڪ، ايگريڪلچر ڪوآپريٽوڪريڊٽ بينڪ ۾ مئنيجر جي نوڪري ڪئي. روزانه ھلال پاڪستان کان ادبي لکڻين جي شروعات ڪيائين ۽ اتان ئي ادبي بورڊ ۾ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو پوءِ  ٽه ماهي مھراڻ رسالي جو اسٽنٽ ايڊيٽر پڻ، نئين زندگي جو ۱۱ سال ايڊيٽر ۱۹۷۷ تائين رھيو،ان کانپوءِ يوٿ افيئرس ڊويزن جو پراونشل چيف گريڊ ۾ ۱۹ رھيو ۽ ۲۰ گريڊ جي لاءِ  سندس سمري وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو وٽ ويل هئي وئي جيڪا محترمه جي حڪومت ختم ٿيڻ ڪري رولڙي جو شڪار ٿي وئي ۽ ايئن ان عھدي تان ۱۹۹۱ ۾ پاڻ رٽائر ٿيا.

شمشير سنڌ جي ترقي پسند ادب جو شهسوار هو. هو نه ڪنهن جي اڳيان جهڪيو نه وري سندس قلم لکڻ کان رڪيو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جڏهن هو مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ته اها اخبار جنهن جو مالڪ آمرن سان گڏ حڪومت ۾ ويٺو هو ان اخبار جي پرچي اچڻ جو ماڻهو انتظار ڪندا هئا ۽ اخبار هٿو هٿ وڪامجي ويندي هئي. اهو اخبار جو نه پر شمشير جو ڪمال هو. ۵۰ پئسن جي اخبار ۵۰ رپين ۾ وڪامبي هئي ۽ اخبار جون ڪاپيون وڪامجڻ بعد فوٽو ڪاپيون ڪرائي هاڪر وڪڻندا هئا. مهراڻ ۾ پاڻ ڀيڙ تي ڏونڪو جي عنوان سان ڪالم لکندا هئا ۽ صدر ضياء جي مارشلا خلاف لکندا هئا.

اها ٻي ڳالهه آهي ته ستت ئي کيس اخبار ڇڏرائي وئي پر هن اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪئي. هو سدائين سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جي خلاف لڙيو آهي ۽ لکندو رهيو آهي ۽ هو سچ جو ساٿاري رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهندي هن ٽه ماهي مهراڻ جي اسٽنٽ ايديٽر جا انتطام سنڀاليا ۽ ترقي پسند ليکڪن خاص ڪري شيخ اياز جي شاعري کي تمام سٺي نموني ڇاپيو. انکاسواءِ پاڻ ادبي سنگت ۾ رهندي ون يونٽ جي خلاف مئوثر تحريڪ جو حصو رهيو خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ تي لڳايل پابندين خلاف هنن انڊر گرائونڊ تحريڪ هلائي. سنڌي ادبي سنگت کي جياپو ڏيڻ ۾ سندس نالو اڳ کان اڳرو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بنيادي ميمبرن مان هجڻ سان گڏ تنظيم جي آئين ۽ ڍانچي کي ٺاهڻ ۾ به سندن وڏو ڪردار رهيو آهي.

سندس شاعري جي شروعات آزاد نظم سان ٿي ۽ پاڻ کان جڏهن به پڇبو هيس ته چوندو هو ته مان شاعر ناهيان بس ضرورت تحت شاعر ٿي ويو آهيان. هو چوندو هو ته هن کان شاعري لکرائي وئي آهي. خاص ڪري ٽي وي پروڊيوسر ڪو ٽائٽل گيت يا ڪو نظم جي فرمائش ڪري کيس لکڻ تي مجبور ڪندا رهيا هئا. جڏهن شمشير کان پڇبو هو ته سندس پسنديده شاعر ڪهڙو آهي ته سندس جواب عجيب ملندو هو، هو چوندو هو ته منهنجو پسند جو شاعر ڪوبه ناهي، مان ئي پنهنجو پسنديده شاعر آهيان.

شمشير اعليٰ پائي جو ڊرامه نگار پڻ هو. سندس ڊرامه خاص ڪري پي ٽي وي تي گهڻو مقبول ٿيا. شمشير جي ڊرامن ۾ تفريح سان گڏ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي روايتن جو عڪس نظر ايندو آهي. ٽيليوزن تي هو سچ ته ڄڻ سنڌي جو بانيڪار آهي، هن ئي سنڌي پروگرامن جي شروعات لاءِ  فنڪار، سازندا، شاعر هٿ ڪري محترم عبدالڪريم بلوچ جي حوالي ڪيا هئا. شمشير ٽي وي جي سنڌي پروگرامن جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر ۽ پهريون ڪمپيئر پڻ آهي.

شمشير اڄ اسان ۾ ناهي پر سندس ادبي ڪم سان گڏ سندس ڪردار تي سنڌ سدائين ناز ڪندي رهندي. هو خوددار انسان ڊگهي عرصي تائين ڪينسر جهڙي موذي مرض سان مقابلو ڪندي نيٺ ۱۰ آگسٽ ۲۰۱۲ع تي ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ اسان کان موڪلائي ويو. سندس تدفين ڪراچي جي تاريخي قبرستان چوکنڊي ۾ تاجل بيوس جي قبر جي ڀر ۾ ٿيل آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۰ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شمشير الحيدري

شعور جو شاعر

علي محمد ميمڻ

سنڌ ۽ سنڌو ماٿريء جي عظيم شاعر، ترقي پسند اديب ۽ دانشور شمشير الحيدري جي انقلابي فڪر واري شاعري تي مشتمل ڪليات ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو“ ڊگهي انتظار بعد آخرڪار شايع ٿي ويو. هن ڪليات ۾ شمشير صاحب جي چپيل ۽ اڻ ڇپيل شاعري جو وڏو خزانو پهريون ڀيرو شايع ٿي منظر عام تي آيو آهي.

جنهن ۾ ۱۹۶۲ع ۽ ۲۰۱۷ع تائين سندس لکيل شاعري، ريڊيو، ٽي وي چينلن، اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾شايع ٿيل مختلف صنفن جي شاعري، سندس شاعريءَ جا ڇپيل ٻه ننڍڙا ڪتاب” لاٽ“، ”تاريخ جو ڪچرو“ (پيروڊيز)، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو ڇپيل ”روشن تارا“ ٻارن جي شاعري جو ڪتابچو ۽ ان کان علاوه ڪتاب ۾ شامل وڏو حصو اڻ ڇپيل شاعري جو پڻ شامل آهي.

رنگارنگ ٽائيٽل، پڪي جلد ۽ ۴۴۶ صفحن تي مشتمل آفسيٽ واري قيمتي ڪاغذ تي شايع ڪيل هن ڪتاب ۾ نظم، غزل، گيت، وايون، قطعا، دوها، ڪافيون، بيت، ٻارڙن جي شاعري ۽ پيروڊيز سميت مختلف ادارن طرفان شايع ڪيل ڪتابن ۽ سهڪاري ذريعن کان مليل ۽ هٿ آيل سمورو مواد  هن ”ڪليات“ ۾ شايع ڪيو ويو آهي. سنڌ گريجويٽس ائسوسئيشن طرفان ”ڪليات شمشير الحيدري“ کي سگا جي ۵۰ هين سالگره ۽ گولڊن جوبلي واري موقعي تي شايع ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۽ سگا جي روح روان شمشير الحيدريء کي اسان کان وڇڙئي به ۹ سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي ۽ سالن مٿان سال ان مٿان وري رهيا آهن. شمشير الحيدري جي سموري حياتي ائين گذري وڃڻ بعد سندس ڪلام، فن ۽ هنر جا ڪتاب شايع ڪرڻ يقينن شمشير الحيدري جهڙي محسن جي سگا مٿان ميار ۽ ڪنهن حد تائين قرض لاهڻ ۽ فرض نڀائڻ وارو معاملو آهي.

شمشير الحيدري جي سخن ۽ شاعريء جو ڪتاب ”تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو“، يقينن هڪ شاهڪار ڪتاب آهي. هن، ڪتاب جو علمي نگران سنڌ جو عظيم شاعر ۽ شمشير الحيدريءَ جو ساٿي امداد حسيني آهي، جنهن هن ڪتاب کي فني ۽ علمي لحاظ کان شاهوڪار بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪتاب تي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، امداد حسيني جو لکيل مهاڳ، رفيق احمد جعفري، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، پروفيسر خالد حسين چنا ۽ سليم حيدريء جا لکيل اهم نوٽ شامل آهن.

”ڪليات شمشير الحيدري“ جي اڄ ۲۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع جو شام آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي ۾ مهورت آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، محمد اسماعيل راهو صوبائي وزير خاص مهمان، صدارت رفيق احمد جعفري چيئرمين سگا ۽ اعزازي مهمانن ۾ امداد حسيني، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، تاج جويو، جامي چانڊيو، پروفيسر سليم ميمڻ، هدايت بلوچ شامل آهن.

شمشير الحيدري يقينن، باڪمال شخصيت هو ۽ سندس همت ۽ بردباري واري زندگي، فن ۽ فڪر جا سج وانگر انيڪ رخ آهن. پاڻ، اونداهين ۾ روشني کي ڪيئن پاليو ۽ سچائي وقت کي ڪيئن ڳولهيو؟. اهو عمل پڻ دلچسپ ۽ اچرج ۾ وجهڻ وارو آهي. شمشير صاحب، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن کي ساٿين سان گڏجي ٺاهيو.

سگا جي تاريخ جي ڪتابن موجب؛ ”ڪراچي جي صدر واري علائقي جي ڪيفي نيويارڪ ۾ شمشيرالحيدري صاحب جو مهمان خانو سندس سمورن هم خيال دوستن جي گڏجاڻين جو مرڪز هو. ۱۹۷۱ع وارا سمورا مهينا فڪري محفلون ۽ ساڃهه وندن جا ميڙاڪا ٿيندا رهيا ۽ هر جمعي تي ۳ وڳي گهڻو ملندڙ دوستن ۾ شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، سائين بخش عباسي، مراد علي جوڻيجو، محبوب شيخ گهڻو ڪري هر گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا. اهڙيءَ ريت، جاڳرتا وارو اهو ڏيئو آخرڪار انهن محفلن مان ئي ٻري اٿيو ۽ ۲ اپريل ۱۹۷۱ع تي سنڌ گريجويئيٽس ائسوسئيشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان جا مول متا طئي ڪيا ويا.“

ان موقعي تي سگا جي اولين ۽ عبوري تنظيم قائم ڪئي وئي، جنهن جو سيڪريٽري جنرل شمشير الحيدري کي نامزد ڪيو ويو. اهڙي ريت، اڌ صدي گذرڻ بعد سگا ڏيئي مان وڌي سنڌ جي روشن مشعل بنجي چڪي آهي.

بيشڪ! وطن ۽ قوم جي محترم هستين ۽ محسنن جي ڪاوشن، تحريرن، قلمي شهپارن، لکڻين، شاعري، ڪلام ۽ سخنن کي قلمبند ڪرڻ ۽ ڪتابن جي صورت ۾ شايع ڪري علمي مرڪزن، ساڃهه وندن ۽ هر دور جي پنهنجن نسلن ۽ دنيا تائين پهچائڻ تمام وڏو قيمتي ۽ ذميواري وارو ڪم آهي. ڪتاب جي پبلشر نوٽ موجب: شمشير الحيدري جي سمورين تحريرن، شاعري، ڪالمن ۽ فني شهپارن کي هٿ ڪري، سهيڙي هڪ ضخيم ڪتاب ”گنج شمشير الحيدري“ جي صورت ۾ شايع ڪرڻ واري رٿ، اداري، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن جي ايڊيٽر علي محمد ميمڻ طرفان پيش ڪئي وئي هئي، جنهن جي اداري منظوري ڏني پر شمشير الحيدري جو سمورو مواد دستياب نه هئڻ ڪري پهرين مرحلي ۾ شمشير الحيدري جي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ”ڪليات شمشير” شايع ڪرڻ واري رٿ کي عملي جامو پارايو ويو. ايڊيٽر سگا طرفان ڪتاب جي هيڏي وڏي ڪم کي تيزي سان مڪمل ڪري شايع ڪرڻ ۾يقينن ڏينهن رات هڪ ڪري سموري اداري کي سوڀارو بڻائڻ وارو ڪارنامو انجام ڏنو آهي هي ڪم اداري سگا لاء فخر ۽ سرخروئي جو باعث بڻيو آهي. .

”ڪليات شمشير الحيدري“ جي اشاعت واري هيڏي وڏي ڪم جي سربراهي اداري جي چيرمين رفيق احمد جعفري ۽ ڪاميٽي ۾ پروفيسر خالد حسين چنا سيڪريٽري جنرل سگا، عبداللطيف ڪرٽيو، ولي محمد روشن، ڪرم الاهي چنا پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. شمشير الحيدري اڪيڊمي طرفان سگا کي ڪتاب جي اشاعت لاء شمشير صاحب جي شاعري وارو وڌ ۾ وڌ مواد مهيا ڪيو ويو ۽ هن ڪتاب جا پروف سينئر اديب ۽ شاعر رکيل مورائي ڏٺا ۽ اداري سگا جي سموري ٽيم طرفان ڀرپور سهڪار مهيا ڪيو ويو. اهڙي ريت هن ڪتاب کي فني لحاظ کان هر صورت ۾ شاهوڪار ۽ جامع بنائڻ جون ڪاوشون ڪيون ويون آهن، اميد ته، هن ڪتاب کي پسند ڪيو ويندو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

شمشيرالحيدري

هڪ دؤر جيڏو وڏو ماڻهو

اظهار سومرو

’سڄي رات سرگوشين ۾ گذري، صبح جو هلياسين ستارا سمهاري‘

هڪ شخص جيڪو پاڻ ۾ هڪ د‏ؤر سمايو ويٺو هو سو خاموشيءَ سان وڃي چوکنڊيءَ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿي ويو. هو جيڪو پنهنجي مزاج ۽ انداز ۾ انتهائي سادو ۽ سڌو ماڻهو هيو، جنهن وٽ دنياوي ڏيکاءُ پري پري تائين نظر نه ايندو هو، جنهن کي مايا جي موهه ڪڏهن به نه موهيو، جيڪو زندگيءَ کي جدوجهد جي روپ ۾ ڏسندو رهيو ۽ پنهنجو حصو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اهو ڪو ٻيو نه پر بدين جي علائقي ڪڍڻ جي مٽيءَ مان جڙيل شمشيرالحيدري هو، جيڪو ذات جو خواجه هو پر سڄي سنڌ کيس شمشير يا شمشيرالحيدريءَ طور سڃاڻندي هئي. هن جي شروعاتي تعليم ڪراچي جي سنڌ مدرسة الاسلام مان ٿي ۽ ائين هو انهن ٿورن سنڌي مسلمانن ۾ شامل هو جيڪي ورهاڱي کان اڳ ڪراچي جا رهواسي هئا، ڪراچي سان هن جو قرب حياتي جي آخري گهڙيءَ تائين جاري رهيو.

شمشيرالحيدري جنهن پنهنجي شاعري جي شروعات روايتي انداز ۾ شعر لکڻ سان ڪئي پر وقت سان گڏ هن جي شاعري جو موضوع ۽ لهجو تبديل ٿيندو ويو. هن عشق ۽ محبت کان شروع ڪيل شاعري جي شغف کي ڌرتيءَ سان پيار ۽ ظالم لاءِ ڌڪار تائين پهچايو. هن جي دل ۾ ويٺل باغي سدائين کيس وقت جي حڪمرانن کي للڪارڻ لاءِ سڏ ڪندو رهيو ۽ هن سدائين پنهنجي دل جي سڏ کي ورنايو. اهو ۶۰ع جي ڏهاڪي جو ايوبي آمريتي وارو دؤر هيو، جڏهن هن ون يونٽ خلاف پمفليٽ ڇپرايو ته کيس جيل موڪليو ويو. پر شمشير انهن کان ڊڄڻ وارو نه هيو، ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ هن سرگرم ڪردار ادا ڪيو، سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکڻ سان گڏ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) جو باني به هو. شاعريءَ سان گڏ هن جي ٻي سڃاڻپ هڪ صحافيءَ واري هئي، هو پنهنجي دور جي مشهور ترين سنڌي اخبار هلال پاڪستان جو پنهنجي دؤر جو مقبول سرگرم ايڊيٽر رهيو هو. هن سنڌي صحافت کي نئون روپ ڏيڻ ۾ ۽ متحرڪ ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هلال پاڪستان کان علاوه هو سنڌي ادب جي ٻن قدآور رسالن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر به رهيو. شمشير جي اندر جو صحافي سچ چوڻ وارو هو، جنهن ڪري هن پنهنجي قلم ذريعي انالحق جو آواز اٿاريو ۽ ڪڏهن به لفظن تي سوديبازي نه ڪئي. جمهوريت سان پيار جي نتيجي ۾ کيس ضياء جي آمريت واري دؤر ۾ به سختيون سهڻيون پيون، پر هو هميشه اهو چوندو رهيو:

”جمهور جو آهنگ، بي آواز نه آهي“

شمشير جي ٽين سڃاڻپ ڊراما نگار ۽ ناول نگار واري هئي، جيتوڻيڪ هن سفرناما به لکيا پر ٽي وي لاءِ لکيل سندس ڊراما گهڻا مشهور ٿيا، خاص طور تي تاريخي موضوع تي لکيل سندس ڊرامو ڪاڪ محل پنهنجي دؤر جو مقبول ڊرامو هو، جيڪو اصل ۾ سندس ناول هو، جنهن کي هن ڊرامي جي صورت ڏني هئي. پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن سان ۽ ريڊيو پاڪستان سان شروع کان ئي سلهاڙيل رهيو، کيس اهو به اعزاز هو ته هو پي ٽي وي جي سنڌي نشريات جو پهريون ميزبان هو.

شمشير جي چوٿين سڃاڻپ نقاد ۽ محقق واري به هئي، سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ دوران هن آزاد نظم تي جيڪو تحقيقي مقالو لکيو هو اهو سندس تحقيق وارين صلاحيتن کي ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ وک ثابت ٿيو. شمشير لاءِ اهو مشهور هو ته ڪنهن به مشاعري يا ادبي گڏجاڻي ۾ جيڪڏهن ڪو شاعر غلط اُچار يا غلط لفظ ۽ گرامر جو استعمال ڪندو هو ته ان کي شمشير جي سڌي تنقيد کي برداشت ڪرڻو پوندو هو، ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ جي معاملي ۾ هو انتهائي سنجيده هو ۽ تنقيد ڪرڻ مهل هو ڪوبه رک رکاءُ ڪرڻ بدران سڌو، کرو ۽ بي حجاب رويو اختيار ڪندو هو. اها بي باڪي رڳو تنقيد تائين محدود نه هئي، پر هڪ بي لوث کري ۽ سچي ماڻهوءَ وانگر هن سدائين اهو چيو ۽ اهو ڪيو جيڪو هن کي درست لڳو ۽ هن کي پنهنجن فيصلن جي چونڊ تي ڪڏهن به پڇتاءَ نه رهيو. زندگيءَ کي ائين پنهنجي مرضيءَ سان ۽ ڀرپور اطمينان وچان گذارن ڪا معمولي ڳالهه نه آهي ۽ اهو شايد شمشير جهڙن وڏن ماڻهن جو ئي ظرف آهي جو هو هر قسم جي حالتن کي منهن ڏيڻ باوجود هميشه زنده دل رهيا جيئن سندس هي شعر آهي ته:

”ميخانهء جهان ۾، لٽائي شرابِ زيست

اي دوست، زندگيءَ جي بهارن جي ڳالهه ڪر!“

وري هڪ ٻي جاءِ تي هو پنهنجي ڪشاده دلي ۽ زندگيءَ سان هر حالت ۾ پيار ڪرڻ واري رويي جو اظهار ڪجهه هيئن ڪري ٿو:

”آئي نه راس مهر و محبت جي زندگي،

ڇا ٿي پيو، تون چنڊ ۽ تارن جي ڳالهه ڪر.“

شمشير جي حيات انڊلٺ جي رنگن جهڙي آهي، جنهن ۾ هن جي شخصيت جو هر پاسو هڪ ڌار رنگ وانگر چمڪي رهيو آهي، هن جي شاعري ڪڏهن به هن کي سٺو صحافي ٿيڻ کان نه روڪيو ۽ هن جي ناول نگاري هميشه هن کي سٺو ڊراما نگار بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. هن جي سفرنامن جو سلسلو اصل ۾ سندس تحقيق واري مزاج جو تسلسل هيو، ائين هو ادبي ڪارڪن به هو ته سماجي ورڪر به هو. پنهنجي دؤر جي سچ سان سدائين گڏ رهيو ۽ وقت جي آمرن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو. هن جي حياتي هڪ ڀرپور ماڻهو جي حياتي هئي، جنهن زندگيءَ جي هر هڪ لمحي کي پوريءَ ريت محسوس ڪيو ۽ ان جو مڪمل ڪارج به ڪيو. هو پنهنجي شاعري ۾ به ائين سڌي ڳالهه ڪرڻ وارو ماڻهو هيو، هن جي ٻولي سڌي، سادي ۽ سهڻي هئي ته وري سندس خيال ڪائنات جا سمورا رنگ سهيڙي آڻي سندس شعرن ۾ پوئيندا هئا:

”شمشير کي سڏ ڪيو، شمشير ڪٿي آهي؟

محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد.“

يقيني طور سنڌي ٻولي جي سرموڙ شاعر شيخ اياز جي همعصر ٽهيءَ جو مقبول شاعر اياز، نياز، تنوير ۽ امداد جهڙن شاعرن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌي ٻوليءَ جي رلهيءَ ۾ نوان رنگ ٽاڪيندو رهيو. هو ان وقت به سچ ڳالهه ۽ حق ڳالهه ڪرڻ ۾ نه ڪيٻائيندو هو، جڏهن سنڌ جو نانءُ وٺڻ ڪنهن پاپ وانگر هو ۽ وطن سان پيار ڪرڻ وارو احساس مڪمل طور تي ممنوع هو. هو پنهنجي شاعري ۾ ان دؤر جو اظهار ڪجهه هن ريت ڪري ٿو:

”هر هر ٿيون اچن، وقت جي سوريءَ جون صدائون

افسوس اناالحق جو آواز نه آهي.“

شمشير پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪنهن به خوش فهميءَ جو شڪار نه هيو، نه وري هن ڪڏهن اهڙي ڪا دعويٰ ڪئي، ڪو تمغو، ڪو ميڊل طلبيو، هن ته پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ پاڻ ئي ايتري حقيقت پسنديءَ واري ڳالهه ڪري ڇڏي جيڪا گهڻا ماڻهو صرف سوچڻ مهل ئي شايد ڪنن تي هٿ رکي توبهه ڪرڻ شروع ڪندا هجن. شمشير چوي ٿو ته:

”خيال توبهه جو مون کي به آهي، اي ناصح،

ڪرڻ ڏي مون کي گناهن کي بيشمار اڃان.“

زندگي جي گناهن ۽ ثوابن کي کڻي ساڻ هلندڙ شمشير جي شخصيت جو سڀ کان قدآور پاسو هن جي علم سان محبت هئي، هو سنڌي سماج ۾ علم جي ذريعي هڪ اهڙي تبديلي ڏسي رهيو هو جيڪا جاگيرداريءَ جي بدبودار سماج مان نڪرڻ جو واحد هٿيار هئي. لاڙ جي ڪنهن قدر جدت پسند ۽ ترقي پسند ماحول مان اُسريل شمشيرالحيدري جيڪو سنڌي ادب جي آسمان تي سدائين چمڪندو رهيو، جنهن پنهنجي لفطن ۽ گيتن ذريعي پنهنجي ماڻهن کي جاڳائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، جنهن صحافت جي قلم کي صحيفي جيترو مقدس بڻايو، جنهن ضمير کي ڪڏهن به وڪرو نه ٿيندڙ وکر سمجهيو، جنهن وطن تان سودو ڪرڻ ماءُ جي ٿڃ تان سودو ڪرڻ جهڙو اڙانگو سمجهيو، اهو شخص جيترو سنجيده هو اوترو ئي حسين، رنگين ۽ دل نشين به هو، هن جي شاعري شمشير جي اندر جي حسناڪيءَ جي چغلي کائي ٿي:

”نگاهون کڻي داد جي لاءِ مرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت،

اوهين آهيو سهڻا اوهان جي اهائي ڀلي ڳالهه آهي.“

هو بي مقصد زندگي گذارڻ بدران سدائين هڪ ڪارج تحت جاکوڙيندو رهيو، هن پنهنجي حياتي ۾ ڪيئي روين جا خنجر سٺا، دلبر دوستن جا دوکا برداشت ڪيا، نفسانفسي واري دؤر ۾ معاشي تنگدستيءَ کي به منهن ڏنو، پر اکين جي ديد وڃڻ باوجود ان جي دل جي ديد باقي هئي، جڏهن هن اسلام آباد ۾ ساڻس ملهايل شام دوران حياتي جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ اهو چيو هو ته ”منهنجي لاءِ سرڪار کان ڪا مدد نه گهرو.“ اهو شمشير هميشه ائين ئي رهيو جيئن هڪ ارڏو اجگر هوندو آهي. هو سنڌي سماج لاءِ اتساهه ڏيندڙ رول ماڊل هو، جنهن وچولي طبقي ۾ اک کولڻ باوجود ۱۹۳۲ع کان ۲۰۱۲ع جو سفر مسلسل همت سان ڪٽيو ۽ ڪيئي ڪاميابيون ماڻيون. هو پنهنجي زندگي جي ترجماني ڪجهه هنن لفظن ۾ ڪري ٿو:

”زندگي ڪاڪ محل آهي، ڪو رنگا رنگي،

جنهن ۾ مقصد ٿو سدا ناز ڪري مومل جيان.“

شمشير جي مومل ڪير هئي، ان کي زندگيءَ جي ڪاڪ محل ۾ ڪهڙي مومل جي تلاش هئي، هو حياتيءَ جي پراسراريت مان ڇا ڳولهي رهيو هو، اهو به سندس لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:

”لامڪاني جي فساني کان وٺي

لازماني جي زماني کان وٺي،

جسم جي بي انتها تاريڪين ۾

جاودانيءَ جو سفر سرگرم آهي ازل جي آرزو

تون به ڪنهنجي ابتدا،

مان به ڪنهن جي انتها

تنهنجي منهنجي زندگي

تنهنجي منهنجي ماءُ جي دم دم دعائن جو اثر

تنهنجي منهنجي زندگي جا صبح شام

تنهنجي منهنجي پيءُ جي اڻکٽ اميدن جو ثمر

جسم جو هر هڪ جنم

ڪئين ڪروڙين آرزومندن جو موجوده مقام

بس ازل جي آرزو آهي مدام

جاودانيءَ جي سفر ۾ تيز گام

اي سندم دمدم دعائن جا نرالا شاهڪار

زندگي تابندگي جا رزدار!

اچ ته مان توکان ڪريان اڄ الوداع

جسم جي تاريڪ راهن کان جدا

مان ازل جي انتها تون ابد جي ابتدا

اي سندم اميد جا براق، صد صد مرحبا.“

ڪراچي جي گهميل هوائن ۾ هن زندگيءَ جي سفر ۾ جسم جي تاريڪ راهن کان جدائي لاءِ جنهن ڏينهن جي چونڊ ڪئي، اهو سندس حياتيءَ ۾ آئيڊيل شخصيت واري حيثيت رکندڙ مولا علي جي شهادت جو ڏينهن هو. شمشير ڄڻ ته زندگيءَ ۾ به پنهنجي ڳالهه سان وفا ڪئي ۽ موت ۾ به هو سچو ۽ ثابت قدم رهيو.


 

شمشير

هڪڙو شمشير هو زماني ۾

سليمان وساڻ

۱۰ آگسٽ جو صبح سنڌ ۽ سنڌي ادب لاء هڪ ايڏي ڏکائتي خبر کڻي آيو جو اکيون اشڪبار ٿي ويون. سنڌي ادب جو ستارو سائين شمشيرالحيدري ڊگهي علالت کانپوء آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. شمشير الحيدري جو تعارف ڪهڙن لفظن سان ڪجي، هو دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر، آزاد نظم جو بنيادڪار، منفرد گيتڪار، با شعور ناٽڪ نگار، باوقار اسٽيج سيڪريٽري، خود دار انسان، سماجي ورڪر ۽ ان سان گڏ سند يافته حڪيم پڻ هيو. هو هر فن مولا هو، هو مست هو، ملنگ هو، ڀوڳائي هو، محفل جو مور هو، تڏهن ئي ته چيائين:

شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي

محفل کي مچائيندو هن جو ئي سخن شايد

اين جي وي ۽ نور محمد ھائي اسڪول ۾ داخلا نه ڏيڻ وارن کي ھي خبر نه ھئي ته هي ٻار اڳتي هلي وقت جو وڏو شاعر ٿيندو ۽ سنڌي ادب جو هڪ روشن منارو ثابت ٿيندو. شمشير علي ولد رسول بخش جعفري، ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ ۾ بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس پرورش سندس مامي نذير حسين حيدري ڪئي جيڪو بدين جو تمام گهڻو سماجي ۽سياسي حيثيت رکندڙ ماڻهو هو. جنھن کان متاثر ٿي پاڻ حيدري سڏرائڻ لڳو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول بدين چار درجا پڙھيو ۽ پنجين درجي ۾ سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ داخلا ورتي پر اتان تنظيمي سرگرمين ڪري مدرسه ۽ بورڊنگ ھائوس مان بيدخل ڪيو ويو جنھن ڪري ست درجا پاس نه ڪري سگھيو. ان دوران اين جي وي ۾ داخلا لاءِ پھتو ته کيس داخلا کان جواب ڏنو ويو، نور محمد ھائي اسڪول ۾ به کيس داخلا نه ملي سندس چواڻي ته نور محمد هاء اسڪول ۾ بغير داخله جي ڪجھ ڏينھن ويٺو رھيس، آخر ٽنڊي باگي واري لارينس مدرسي ۾ داخلا ملي جتان ميٽرڪ ۾ فيل ٿيس وري سپليمينٽري امتحان ۾ به فيل ٿيس جنھن ڪري ۱۹۵۰ ۾ پڙھائي کي خيرباد ڪيم اھڙي طرح ميٽرڪ نه ڪري سگھيس. پوء حيدرآباد ۾ نوڪري دوران ئي محمد عثمان ڏيپلائي صاحب سان گڏ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان پهريان اديب سنڌي ۽ پوء اديب عالم سنڌيء جا امتحان پاس ڪيا بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان سنڌي ادب ۾ بي اي آنرس ۽ ايم اي ڪيائين.

روزگار جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي کاتن ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندڙ شمشير شروعات منشيء جي حيثيت ۾ ۱۹۵۰ ۾ رائيس مل بدين مان شروعات ڪئي.ھن بعد ۾ ٽيليفون آپريٽر، ريونيو ۾ ڊويزنل ڪلارڪ، ايگريڪلچر ڪوآپريٽوڪريڊٽ بينڪ ۾ مئنيجر جي نوڪري ڪئي. روزانه ھلال پاڪستان کان ادبي لکڻين جي شروعات ڪيائين ۽ اتان ئي ادبي بورڊ ۾ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو پوء ٽه ماهي مھراڻ رسالي جو اسٽنٽ ايڊيٽر پڻ، نئين زندگي جو ۱۱ سال ايڊيٽر ۱۹۷۷ تائين رھيو،ان بعد يوٿ افيئرس ڊويزن جو پراونشل چيف گريڊ ۾ ۱۹ رھيو ۽ ۲۰ گريڊ جي لاءِ سندس سمري وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو وٽ ويل هئي وئي جيڪا محترمه جي حڪومت ختم ٿيڻ ڪري رولڙي جو شڪار ٿي وئي ۽ ايئن ان عھدي تان ۱۹۹۱ ۾ پاڻ رٽائر ٿيا.

شمشير سنڌ جي ترقي پسند ادب جو شهسوار هو. هو نه ڪنهنجي اڳيان جهڪيو نه وري سندس قلم لکڻ کان رڪيو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جڏهن هو مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ته اها اخبار جنهن جو مالڪ آمرن سان گڏ حڪومت ۾ ويٺو هو ان اخبار جي پرچي اچڻ جو ماڻهو انتظار ڪندا هئا ۽ اخبار هٿو هٿ وڪامجي ويندي هئي. اهو اخبار جو نه پر شمشير جو ڪمال هو. ۵۰ پئسن جي اخبار ۵۰ رپين ۾ وڪامبي هئي ۽ اخبار جون ڪاپيون وڪامجڻ بعد فوٽو ڪاپيون ڪرائي هاڪر وڪڻندا هئا. مهراڻ ۾ پاڻ ڀيڙ تي ڏونڪو جي عنوان سان ڪالم لکندا هئا ۽ صدر ضياء جي مارشلا خلاف لکندا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ستت ئي کيس اخبار ڇڏرائي وئي پر هن اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪئي. هو سدائين سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جي خلاف لڙيو آهي ۽ لکندو رهيو آهي ۽ هو سچ جو ساٿاري رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهندي هن ٽه ماهي مهراڻ جي اسٽنٽ ايديٽر جا انتطام سنڀاليا ۽ ترقي پسند ليکڪن خاص ڪري شيخ اياز جي شاعري کي تمام سٺي نموني ڇاپيو. انکاسواء پاڻ ادبي سنگت ۾ رهندي ون يونٽ جي خلاف مئوثر تحريڪ جو حصو رهيو خاص ڪري سنڌي بوليء تي لڳايل پابندين خلاف هنن انڊر گرائونڊ تحريڪ هلائي. سنڌي ادبي سنگت کي جياپو ڏيڻ ۾ سندس نالو اڳ کان اڳرو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بنيادي ميمبرن مان هجڻ سان گڏ تنظيم جي آئين ۽ ڍانچي کي ٺاهڻ ۾ به سندن وڏو ڪردار رهيو آهي.

سندس شاعري جي شروعات آزاد نطم سان ٿي ۽ پاڻ کان جڏهن به پڇبو هيس ته چوندو هو ته مان شاعر ناهيان بس ضرورت تحت شاعر ٿي ويو آهيان. هو چوندو هو ته هن کان شاعري لکرائي وئي آهي. خاص ڪري ٽي وي پروڊيوسر ڪو ٽائٽل گيت يا ڪو نظم جي فرمائش ڪري کيس لکڻ تي مجبور ڪندا رهيا هئا. جڏهن شمشير کان پڇبو هو ته سندس پسنديده شاعر ڪهڙو آهي ته سندس جواب عجيب ملندو هو، هو چوندو هو ته منهنجو پسند جو شاعر ڪوبه ناهي مان ئي پنهنجو پسنديده شاعر آهيان.

شمشير اعليٰ پائي جو ڊرامه نگار پڻ هو. سندس ڊرامه خاص ڪري پي ٽي وي تي گهڻو مقبول ٿيا. شمشير جي ڊرامن ۾ تفريح سان گڏ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي روايتن جو عڪس نظر ايندو آهي. ٽيليوزن تي هو سچ ته ڄڻ سنڌي جو بانيڪار آهي، هن ئي سنڌي پروگرامن جي شروعات لاء فنڪار، سازندا، شاعر هٿ ڪري محترم عبدالڪريم بلوچ جي حوالي ڪيا هئا. شمشير ٽي وي جي سنڌي پروگرامن جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر ۽ پهريون ڪمپيئر پڻ آهي.

 

حيثيتون:

سيڪريٽري: سنڌي ادبي بورڊ، ۳ سال

سيڪريٽري: سنڌي ادبي سنگت، ۱۱ سال

ميمبر: فلم سينسر بورڊ، ۳ سال

ميمبر: اردو ڊڪشنري بورڊ، ۳ سال

باني ميمبر: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن

ميمبر: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان

ميمبر: پريس ڪلب ڪراچي

ميمبر: پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل

سرپرست: سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ

 

ڇپيل ڪتاب :

انسان ڪامل (شخصيتون) ۱۹۵۳ع

ڪاروان ڪربلا (تاريخ) ۱۹۵۴ع

لاٽ (شاعري) ۱۹۶۲ ع

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ (ترتيب) ۱۹۶۱ع

تاريخ سنڌ : ڪلهوڙا دور (ترجمو) ۱۹۶۳ع

سوکڙي (ترتيب) ۱۹۶۴ع

آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو) ۱۹۶۳ع

بهترين سنڌي ادب (افسانا) ۱۶۶۹ع

سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر : ۱۹۸۴ع

سنڌي شاعريء جو اڀياس

تاريخ جو ڪچرو : شاعري ۱۹۹۵ع

سجاڳ سانگهڙ: گزيٽيئر

Sindh Update (انور پيرزادي سان گڏ: انگريزي ۾) ۲۰۰۳ع Flame & Flute : انگريزي ۾ شاهه بابت سهيڙ

پيار جا نو گيت (جرمن شاعري جو منظوم ترجمو)

ڪاڪ محل (ڊرامو) Poet for all Time (سهيڙ ۽ ترتيب)

ٻارن جا گيت(روشن تارا پروگرام)

لاٽ : ٻيو حصو (تياريء هيٺ)

ٽيليويزن لاء ۱۵۰ کان مٿي ڊرامه، اسڪرٽ ، ڊاڪيومينٽريز ۽ گيت لکيا اٿس.

 

مليل اوارڊ :

پاڪستان ٽيليوزن ٽي اوارڊ

سنڌي ادبي سنگت سنڌ

سنڌي اڪيڊمي: دهلي

مارئي: دهلي

سمبارا ٽاپ ٽين

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل

عوامي آواز سٿ

ماهوار نئين زندگي

بزمِ جنگ

پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل ۲ اوارڊ

صدارتي اوارڊ (پرائڊ آف پرفارمنس)

شمشير اڄ اسان ۾ ناهي پر سندس ادبي ڪم سان گڏ سندس ڪردار تي سنڌ سدائين ناز ڪندي رهندي. هو خوددار انسان ڊگهي عرصي تائين ڪينسر جهڙي موذي مرض سان مقابلو ڪندي نيٺ اسان کان موڪلائي ويو.

 

(روزانه هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۱۱ آگسٽ ۲۰۱۲ تي ڇپيل)


 

شمشير

گهڻ رخي شخصيت

رضوان گل

شاعر صرف لفظن جا ئي ڪاريگر نه پر انساني جذبن جا به عڪاس هجن ٿا. شاعري، جنهن جو تعلق شعور سان آهي. اها شاعري جنهن ۾ ساحري به هجي سا يقينن پڙهندڙن جي دلين ۾ جايون جوڙي ٿي. شاعر پنهنجي شعرن وسيلي قومن ۾ جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪرڻ جي حوالي سان نئون جوش ۽ ولولو پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. اهڙا شاعر جن پنهنجي سموري ڄمار پنهنجي ڌرتيءَ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، ڏکين حالتن ۾ به مخالفن سان اکيون اکين ۾ وجھي مهاڏو اٽڪايو ۽ سچ لکڻ کان نه ڪڏهن ڪيٻايو ۽ نه ئي ڪا سوديبازي ڪئي سنڌ جي اهڙن ارڏن ۽ بيباڪ ليکڪن ۾ تمام اهم نانءُ شمشير الحيدري جو به آهي جنهن پنهنجي حياتيءَ جا اسي سال هڪ ئي نظريي ۽ اصول تحت گذاريا، ۽ سندس اصول جو بنيادي نقطو هو پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين سان سچائي.

شمشيرالحيدري هڪ دور جو نالو آهي، اهو دور جنهن ۾ سنڌ جون سياسي، سماجي، ادبي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تحريڪون وجود ۾ آيون. هي اهو شخص هو جنهن پنهنجي ساٿين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش جو مقابلو ڪيو. ڌرتيءَ ڌڻين کي سندن حقن جي آگاهي واري مهم کان ويندي اقتداري ايوانن تائين پنهنجو آواز پهچائڻ واري عمل ۾ شمشير سدائين اڳڀرو رهيو. هو نه وڏيرو هو نه ڪو تمام گھڻو شاهوڪار پر هن اهي سمورا ڪم پنهنجي لکڻين ۽ عملي جدوجهد وسيلي ئي ڪيا. سندس شخصيت جا ڪيترا ئي پهلو آهن. هو هڪ ئي وقت آزاد نظم ۽ گيت جو سهڻو شاعر به آهي ته بهترين ڊرامه نگار، برجستو ڪالم نويس، بيباڪ صحافي ۽ ارڏو ايڊيٽر پڻ. جيتوڻيڪ پاڻ ڪيترن ئي سرڪاري عهدن تي به رهيو پر پنهنجي مؤقف تان ڪڏهن به پٺتي نه هٽيو.

شمشير الحيدري سموري حياتي لکندو ۽ ظالم قوتن کي للڪاريندو رهيو. هن ترقي پسند ادب جو نه فقط گھرو مطالعو ڪيو پر پاڻ آخر تائين ترقي پسند ادب جو حصو رهيو. اهو سبب آهي جو سندس لکڻيون ماڻهن جي دلين جي ترجماني ڪندڙ آهن. وقت جي آمرن سان قلم ذريعي جنگ جوٽيائين، ضياءَ جي مارشلائي دور ۾ هن جا ڪالم ۽ ايڊيٽوريل بمن، بارودن ۽ شعلن کان گھٽ نه هئا جن کي پڙهڻ لاءِ ماڻهو انتظار ڪندا هئا. ان دور ۾ جڏهن ماڻهو حڪومت خلاف پاڻ ۾ گفتگو به آهستگيءَ سان ڪندا هئا اهڙي صورتحال ۾ هن پنهنجو صحافتي ڪردار انتهائي بهادري ۽ برجستگيءَ سان ادا ڪيو. پاڻ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو اسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو ته هن رسالي کي باقائدگيءَ سان وقت ڏئي معياري لکڻين کي جاءِ ڏني. ترقي پسند ادب ڇاپڻ کان علاوه هن ان دور ۾ جهڙي ريت مهراڻ جي سهيڙ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو سو يقينن قابلِ تعريف آهي. سندس لکيل ايڊيٽوريل پڻ هڪ دور جي تاريخ آهن. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو بنيادي ۽ پهريون ميمبر به آهي ته هن تنظيم جي مول متن ۽ مقصدن کي آئيني شڪل ڏيڻ ۾ به سندس ڪردار اهم رهيو. ون يونٽ جي تحريڪ هجي يا سنڌ خلاف ٿيندڙ ٻي ڪابه سازش هجي هن حيدريءَ پنهنجي هر هنڌ پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ضرور ڏياريو. سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري ٿيڻ کان اڳ، ان دوران ۽ ان کانپوءِ پاڻ سمورو وقت هي ادبي سنگت سان ئي سلهاڙيل رهيو. ادبي سنگت جي سيڪريٽري رهڻ دوران هن سموري سنڌ جي اديبن سان خط و ڪتابت ذريعي رابطو رکيو ۽ ڪيترين ئي شاخن کي ٻيهر سرگرم پڻ ڪرايو.

شمشير الحيدري جي شاعر واري حيثيت وڌيڪ آهي يا سندس نثر وڌيڪ اثرائتو آهي! ان جو فيصلو ڪرڻ ته مشڪل آهي. البته گھڻي قدر کيس هڪ شاعر واري سڃاڻپ مليل آهي . اهو شايد ان ڪري به ته سندس شاعري مختلف ڳائڻن جي ذريعي عام ماڻهن تائين رسائي حاصل ڪري چڪي آهي جنهن سبب کيس عام ماڻهو هڪ شاعر جي حيثيت ۾ وڌيڪ سڃاڻن ٿا. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي هو نظم جو تمام سهڻو شاعر آهي پر سندس غزل به ڪمال جو آهي:

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،

ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو.

هڪڙو ”شمشير“ هو زماني ۾،

سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.

شمشير جي سڃاڻپ جي حوالن مان هڪ اهم حوالو اهو به آهي ته هن پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان سنڌي ۾ پيش ٿيندڙ پروگرامن ۽ ڊرامن جا ڪيترائي اسڪرپٽس لکيا، بلڪه کيس اهو به اعزاز آهي ته هو ڪراچي ٽي وي جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر آهي ۽ ڪمپيئر آهي.

شمشير بنيادي طور تي غريب ماڻهو هو، هن پنهنجي پهرين نوڪري جو آغاز  هڪ رائيس مل تي منشيءَ جي نوڪري سان ڪيو، جنهن کانپوءِ ٽيليفون آپريٽر، روينو کاتي ۾ ڪلارڪ ۽ ايگريڪلچر ڪوآپريٽوڪريڊٽ بينڪ ۾ مئنيجر ٿيو. ادبي بورڊ ۾ ڪجهه وقت ڪلارڪ جي حيثيت ڪم ڪيائين پوءِ ٽه ماهي مھراڻ رسالي جو اسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو. ”مهراڻ“ کان علاوه ستر واري ڏهاڪي ۾ ”نئين زندگي“ جهڙي معياري رسالي جو لڳ ڀڳ يارنهن سال مسلسل ايڊيٽر رھيو، جنهن کانپوءِ يوٿ افيئرس ڊويزن جو پراونشل چيف پڻ رهيو جتان هن ۱۹ گريڊ ۾ رٽائرمينٽ ورتي.

شمشير الحيدري جھڙا انسان جن پنهنجيون زندگيون سڦل، مقصدن جي حاصلات ڪندي گذاريون ۽ عام ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ جايون جوڙيون انهن لاءِ تمغا ۽ اعزاز جيتوڻيڪ ڪا به اهميت رکندڙ نه ٿا هجن پر سندن مانَ ۽ مڃتا ۾ کين ايوارڊ ۽ تمغن سان به نوازيو وڃي ٿو. حيدريءَ پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي ايوارڊ حاصل ڪيا انهن ۾: پاڪستان ٽيليوزن پاران ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ايوارڊ، سنڌي اڪيڊمي: دهلي پاران ايوارڊ، مارئي: دهلي، سمبارا ٽاپ ٽين، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل، عوامي آواز سٿ، ماهوار نئين زندگي پاران ايوارڊ، بزمِ جنگ، پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل پاران ايوارڊ ۽ صدارتي ايوارڊ (پرائڊ آف پرفارمنس) شامل آهن.

شمشير الحيدري ۱۱ آگسٽ ۲۰۱۲ تي جيتوڻيڪ اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو آهي پر سندس تخليقون سدائين سندس هئڻ جو احساس ڏيارينديون رهنديون. محفلن ۾ سندس غير موجودگيءَ جو احساس ضرور ٿيندو. ڇالاءِ ته هو محفلن کي مچائيندڙ سهڻو ڪوي هو ۽ ان ڳالهه جو احساس کيس به هو جو هن پاڻ ئي چيو هو ته:

’شمشير‘ کي سڏ ڪريو، ’شمشير‘ ڪٿي آهي؟

محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد


 

شمشير جي زندگي تي هڪ نظر

شمشير علي ولد امام ڏنو خواجه تخلص ”شمشير“ شمشير الحيدري جي نالي سان مشهور آهي. سندس جنم ضلع بدين جي ڪڍڻ ڳوٺ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم بدين مان ورتائين پوءِ سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ پڙهڻ لاءِ آيو مگر گهرو حالتن کان مجبور ٿي واپس ڳوٺ هليو ويو. ڪجهه وقت پي. ڊبليو. ڊي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ بدين ڪوآپريٽو بئنڪ جو مئنيجر ٿي رهيو. شمشير ۱۹۶۳ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪئي ۽ آزاد نظم تي هڪ تحقيقي مقالو لکيو.

شمشيرالحيدري سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو سرگرم رڪن هيو، اياز قادري جي سنڌي ادبي سنگت تان استعيفا کان پوءِ هو سندس جاءِ تي سيڪريٽري مقرر ٿيو.

شمشيرالحيدري جي زندگيءَ جو وڏو حصو صحافت سان وابسته رهيو آهي. پهريان هو هلال پاڪستان (حيدرآباد) ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو، ۱۹۵۶ع ۾ ٽه ماهي مهراڻ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ۱۹۶۸ع کان نئين زندگي پاڪستان پبليڪيشن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو جتان هو شپنگ ڪارپوريشن ۾ هليو ويو.

شمشير ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل تي گهٽ طبع آزمائي ڪئي آهي. هو غزل ۾ جديد لاڙن ۽ قدرن پيش ڪندڙن مان هڪ آهي. سندس غزل ۾ غم هجران گهٽ غمِ دوران زيادهه آهي. هن پنهنجي زندگي ۽ سماج جي تلخين کي تلخ انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ”لاٽ“ جي نالي سان ۱۹۶۱ع ۾ شايع ٿيو آهي.

حيثيتون:

۱.      سيڪريٽري: سنڌي ادبي بورڊ، ۳ سال

۲.      سيڪريٽري: سنڌي ادبي سنگت، ۱۱ سال

۳.      ميمبر: فلم سينسر بورڊ، ۳ سال

۴.      ميمبر: اردو ڊڪشنري بورڊ، ۳ سال

۵.      باني ميمبر: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن

۶.      ميمبر: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان

۷.      ميمبر: پريس ڪلب ڪراچي

۸.      ميمبر: پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل

 

ڇپيل ڪتاب:

۱.      انسان ڪامل (شخصيتون) ۱۹۵۳ع

۲.      ڪاروان ڪربلا (تاريخ) ۱۹۵۴ع

۳.      لاٽ (شاعري) ۱۹۶۲ ع

۴.      تنهنجون ڳالهيون سڄڻ (ترتيب) ۱۹۶۱ع

۵.      تاريخ سنڌ : ڪلهوڙا دور (ترجمو) ۱۹۶۳ع

۶.      سوکڙي (ترتيب) ۱۹۶۴ع

۷.      آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو) ۱۹۶۳ع

۸.      بهترين سنڌي ادب (افسانا) ۱۶۶۹ع

۹.      سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر : ۱۹۸۴ع

۱۰. سنڌي شاعريء جو اڀياس

۱۱. تاريخ جو ڪچرو : شاعري ۱۹۹۵ع

۱۲. سجاڳ سانگهڙ : گزيٽيئر

۱۳. Sindh Update (انور پيرزادي سان گڏ: انگريزي ۾) ۲۰۰۳ع

۱۴. Flame & Flute : انگريزي ۾ شاهه بابت سهيڙ

۱۵. پيار جا نو گيت (جرمن شاعري جو منظوم ترجمو)

۱۶. ڪاڪ محل (ڊرامو)

۱۷. Poet for all Time (سهيڙ ۽ ترتيب)

۱۸. ٻارن جا گيت(روشن تارا پروگرام)

۱۹. لاٽ : ٻيو حصو (تياريء هيٺ)

۲۰. ٽيليويزن لاءِ ۱۵۰ کان مٿي ڊرامه، اسڪرپٽ ، ڊاڪيومينٽريز ۽ گيت لکيا اٿس.

مليل اوارڊ :

۱.      پاڪستان ٽيليوزن ٽي ايوارڊ

۲.      سنڌي ادبي سنگت سنڌ

۳.      سنڌي اڪيڊمي : دهلي

۴.      مارئي : دهلي

۵.      سمبارا ٽاپ ٽين

۶.      سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل

۷.      ماهوار نئين زندگي

۸.      بزمِ جنگ

۹.      پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل ۲ ايوارڊ


 

سـگـا ۽ شـمـشـيـر

پروفيسرخالد حسين چنا

شمشير الحيدري جي باڪمال شخصيت ۽ سندس همت ۽ بردباري واري زندگي، فن ۽ فڪر جا سج وانگر انيڪ رخ آهن. جن تي اديبن ۽ عالمن طرفان ڪيترا ئي مضمون ۽ ليک لکيا ويا آهن، جن ۾ ملڪ جي برک عالمن، وڏن شاعرن، عزيز ساٿين ۽ ويجهن مائٽن طرفان شمشير بابت پنهنجا پنهنجا واقعا، احساس، خيال ۽ رايا پيش ڪيا آهن. عام طور تي اهو ته لکيل ملي ٿو ته شمشير الحيدري بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع تي پيدا ٿيو. شمشير جي امڙ هن جي ڄمڻ کان ۶ مهينن بعد وفات ڪري وئي. شمشير جي والد جو نالو رسول بخش جعفري هو. پيءُ جي ٻي شادي ڪرڻ بعد شمشير الحيدري ننڍي عمر کان ئي اچي پنهنجي مامي نذير حسين حيدري وٽ رهيو جنهن جا سنڌ جي وڏي انقلابي ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان تمام گهرا لاڳاپا هئا ۽ هو سندس تحريڪي ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي هو. اهڙي قسم جي انقلابي مرڪز ۾ شمشير جي پرورش ٿيڻ سان انهي انقلابي گهر ۾ نئين نسل جي انقلابي جو نسرڻ، نپائجڻ جو عمل پڻ جاري ٿيندو نظر ٿو اچي. اهڙي ريت، شمشير تي مامي جي تربيت ۽ محبت جو اهڙو ته اثر ٿيو جو، شمشير پاڻ کي جعفري بدران حيدري چوائڻ لڳو.

شمشير جي زندگي جو احوال ته ڳولهڻ سان ملي ٿو وڃي پر، سر عام هر ڳالهه چوڻ وارو ۽ رات کي رات چوڻ واري شمشير، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن کي ساٿين سان گڏجي ڪيئن ٺاهيو ۽ ڪيئن هلايو؟. شمشير سان گڏجي سگا ۾ ڪم ڪندڙ ساٿي ئي اهو وڌيڪ چٽائي سان لکي سگهن ٿا ته شمشيرالحيدري، انڌيرن ۾ روشنائي کي ڪيئن پاليو ۽ سچائي وقت کي ڪيئن پئي ڳوليو؟. اهو عمل پڻ دلچسپ ۽ اچرج ۾ وجهڻ وارو آهي. پرانهيء بابت ڪوبه پيرائتو مضمون منهنجي نظرن مان ڪونه گذريو آهي. تنهن هوندي به، هي هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سگا ۽ شمشير تي ڪجهه لکجي. شمشير موجب،

انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي، وڏي ڳالهه آهي!

اڃا وقت کي پئي ڳولي سچائي، وڏي ڳالهه آهي.

هي مضمون سگا طرفان ڇپيل دستاويزن، ڪتابن ۽ رپورٽن جي روشني ۾ لکيو ويو آهي. جنهن ۾ معزز پڙهندڙن کي اهو عڪس ملندو ته شمشير، جو هميشه”مولا تي ننگ“ هوندو هو، مفلسي اهڙي جو هڪڙي دل سا به ڪٿ وساري ويو. ڪمال اهڙو جو، نيڻن ۾ نهارڻ سان ئي سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري تي پهچي ٿي ويو. هو زندگي جي للڪارن، طوفانن، وڄن جي ڪرڪاٽ ۽ وسڪارن ۾ سموري حياتي ڪيئن جدوجهد ڪئي. جڳ مشهور ليکڪ جارج هرمين رُٿ چئي ٿو؛

It is hard to beat a person who never gives up.

(اُن ماڻهوءَ کي شڪست ڏيڻ ڏکيو آهي، جيڪو ڪڏهن به هٿيار ڦٽا نه ٿو ڪري).

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين، سرعام هر بات چوندا رهياسين،

اوهان ڪيترو ئي دٻايو ڌتاريو، اسين رات کي رات چوندا رهيا سين،

(شمشير الحيدري)

بيشڪ! سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن جي سماج سڌاڪ ۽ سماجي جاڳرتا وارو فڪر ۽ ڪڍيل ڪشالا لڳ ڀڳ اڌ صديء تائين پکڙيل آهن. سگا، ۱۹۷۰ع کان وٺي ۲۰۱۹ تائين مختلف مرحلن مان گذري اڳتي وڌندي رهي آهي جنهن جي پهرين مرحلي ۾ ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۳ع تائين چار سال بنيادي عرصو آهي جڏهن سگا جو بنياد پيو ۽ اڄ تائين جو باضابطا ادارو ٺهڻ تائين بي شمار سماج سڌارڪن ۽ سماجي ساڃهه وندن جي بي پناهه جاکوڙ تي مشتمل آهي. جنهن جو جيڪر سگا جي تاريخ جي ڪتابن ۾ جهاتي پائي ڏسجي ٿو ته، اسان کي جيڪو منظر نظر اچي ٿو ان موجب،

“ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ڪيفي نيويارڪ ۾شمشير جي مهمان خاني تي هر جمعي تي ۳ وڳي گهڻو ملندڙ دوستن ۾ شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، سائين بخش عباسي، مراد علي جوڻيجو، محبوب شيخ پڻ ساڳئي ڏيئي واري لاٽ مان روح کي روشن ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪري هر گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، اهڙي ريت، اميدن ۽ جاڳرتا جي اها لاٽ ٻرندي رهي.

ڪتاب سگا سڪ سمونڊ ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ پنهنجي لکيل مضمون موجب، ”۲۲ فيبروري ۱۹۷۱ع تي ۳ وڳي واري روح رهاڻ ۾ٽي دوست شمشير الحيدري جي مهمان خاني تي، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشيرالحيدري ۽ سائين بخش عباسي گڏيا ۽ ان ئي سڳوري ڏينهن، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن نالي هڪ سماجي ۽ ثقافتي جماعت قائم ڪرڻ ۽ جماعت جي بنيادي نقطن تي اتفاق ڪيو ويو. اهو پيغام ٻين هم خيال دوستن ۽ ساڃهه وندن تائين پهچائڻ تي اتفاق ٿيو“.

سگا واري اوائلي تنظيم جي گڏجاڻي ۲ اپريل ۱۹۷۱ع تي ڪيفي نيويارڪ ۾ هڪ وڳي پنج دوست ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشيرالحيدري، سائين بخش عباسي، مراد علي جوڻيجو ۽ حاڪم علي ڀٽو گڏ ٿيا. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي جي پايي وجهڻ لاءِ اهم رٿن تي ويچار ۽ اپاء کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهڙي ريت، جماعت، سگا جي عبوري انتظام هلائڻ لاءِ پهرين تنظيمي جوڙجڪ ڪئي ويئي. جنهن لاءِ جناب شمشيرالحيدريءَ کي عبوري سيڪريٽري جنرل ۽ سائين بخش عباسي کي خزانچي نامزد ڪيو ويو ۽ مشاورتي ڪائونسل ۾ مراد علي جوڻيجو، حاڪم علي ڀٽو ۽ ڊاڪٽر سليمان شيخ کنيا ويا. (حوالو: سنڌ گريجويٽس ايسوسئيشن جو اوائلي دستاويز، سگا سهائي، سگا جي سالياني رپورٽن جو ڪتاب).

ڪجهه عرصي بعد اوڀر پاڪستان جو ڌار ٿي بنگلا ديش بنجڻ واري حالتن سبب، جماعت (سگا) جون سرگرميون محدود رهيون. عام گڏجاڻيون ڪوٺائڻ ممڪن نه هو پر دفترن ۾ لک پڙهه وارا ڪم جاري رهيا ۽ ڪجهه فارم سائڪلو سٽائيل ڪرائي ميمبرشپ جو بنياد وڌو ويو. ان دوران، ملڪ ۾ جنگي صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ اوڀر پاڪستان ڌار ٿي بنگلا ديش بنجي ويو، ان صورتحال ۾جماعت (سگا) جو گهڻو ڪم ته رڪجي ويو، پر سگا جي رجسٽريشن لاءِ آئين سازي ۽ تنظيم سازي جون ڪارروائيون جاري رهيون. جنهن عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ساٿين جون سهڪاري ۽ مددي سرگرميون جاري رهيون. جنهن جي نتيجي ۾ سگا جو آئين تيار ٿيو ۽ تنظيم سازي لاءِ گهربل ڪاوشون برقرار رهيون. اهڙي ريت، ۴ جون ۱۹۷۲ع تي مختيار مغل جي جاءِ تي جماعت سنڌ گريجويٽس ايسوسئيشن جو جون پهريون چونڊون ٿيون. جنهن لاءِ جناب محمد بخش شاهاڻي، صدر اليڪشن ڪميٽيءَ جي صدارت هيٺ پهريون چونڊون ٿيون. جنهن ۾شمشير الحيدري کي نائب صدر چونڊيو ويو.

اهڙي ريت، جماعت (سگا) جي رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ رجسٽرار سوسائٽيز وٽ درخواست ۽ ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. ۲۹ سيپٽمبر ۱۹۷۲ع تي جماعت کي ۱۸۶۰ع جي ائڪٽ هيٺ رجسٽرار، جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز طرفان رجسٽريشن جو ليٽر رجسٽرار طرفان جاري ڪيو ويو. جنهن ۾سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن جي رجسٽريشن لاءمنظور ٿيل آئين ۽ رجسٽريشن جي دستاويز ۾ پڻ شمشير الحيدري نائب صدر جي حيثيت ۾ درج آهي.اهڙي ريت، اها پڻ حقيقت آهي ته شمشير الحيدري سگا جي بانيڪار شخصيتن ۾ شمار هئڻ سان گڏو گڏ سگا جو باقاعدي پهريون ميمبر هئڻ پڻ ريڪارڊ تي موجود آهي.

۱۸ نومبر ۱۹۷۳ع تي فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي آڊيٽوريم ۾ ائسوسيئيشن جو ٻيو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين پروفيسرمظهرالدين ميمڻ جي نگراني هيٺ چونڊون ٿيون. جنهن ۾ شمشير الحيدري، ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي چونڊيو ويو. (حوالو، ڪتاب سگا سڪ سمونڊ).

شمشير الحيدري جي سگا جي صف بندي ۾ پڻ سائنسي ۽ عقلي رٿابندي هر جاء تي واضح طور نظر اچي ٿي، جنهن ۾ هو، سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن جي مفڪر، باني ۽ مک سربراهه جي حيثيت ۾ جماعت کي اڳتي وڌائڻ ۽ سندس، تنظيمي، آئيني ۽ قانوني بنيادن ۽ سرشتي کي قائم ڪرڻ واري عمل کي مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ جماعت کي پيرن تي بيهارڻ ۽ وسعت ڏيڻ جي عمل دوران هر محاذ ۽ ذميواري لاءِ سگا جي سالار هئڻ کان ويندي، هر چيلنج ۽ للڪار واري مقام تي شمشير سينو تاڻي اڳواڻي ڪندي نظر ٿو اچي. اهڙي ريت، فن، ثقافت، موسيقي ۽ تعليمي ڪانفرنسن جهڙي جي اهتمام ۽ هر محفل پويان شمشير جا نظريا، نظم ۽ فڪر جي اپٽار ۽ هٻڪار ۽ ڪمال نظر ٿو اڃي. مطلب ته شمشير پنهنجي سموري شخصيت، روپ، رنگ ۽ ڍنگ ۾ سنڌ جي سجاڳي واري تحريڪ جو روپ هو. جنهن پنهنجي نظريئي ۽ فڪر پکيڙڻ ۽ عام ماڻهو کي به فن لطيف جي تندن ۽ تارن ذريعي مست ڪري تحريڪي بنائڻ وارا اهڙا ڪارناما انجام ڏنا آهن جنهن تي جيترو غور ۽ تحقيقات ڪجي ٿي اوتري اڃ ۽ اتساهه جا آبشار پالوٽ ڪن ٿا ۽ شمشير جون يادون ۽ انهيءَ هستي جي پيڙاهه ۽ وڇوڙي کي محسوس ڪندي پاڻ کي شمشير جي بنا محسوس ڪندي روح سوڳوار ۽ ساهه ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو احساس ورائي ٿو وڃي.

شميشر صاحب جي حوالي سان وڏي ڪمال جي ڳالھ، اها آهي ته، اهو وقت، دنيا ۾ هلندڙ انقلابن وارو دور ئي ته هو. جنهن جا اسان جي خطي تي پڻ سڌا اثر پئجي چڪا هئا. هڪ پاسي ملڪ ۾ انقلابي تحريڪون هلي رهيون هيون ته ٻئي پاسي، مارشل لاءِ وارا ڏاڍ ۽ ڏمر جا ڏينهن پڻ پنهنجو ننهن ۽ چوٽيء جو زور لڳائي رهيا هئا. جتي انسان تي ڳالهائڻ تي بندش ۽ لکڻ تي تعزيرون ۽ قيد ۽ڪوڙن جي وسڪارن جا مينهن وسي رهيا هئا. مارشل لائن وارن اهڙن ڏينهن ۾ جڏهن هر ڪنهن کي شمشير جي طلب، سرواڻي جي چاهت ۽ دلداري ۽ ساٿ جو اعزاز حاصل ڪرڻ جي سڪ، اڪيرهوندي هئي ته، شمشير وري دنيا جي طلب کان بي نياز ٿي چڪو هو. ڌرتي ۽ عوام جي بقاء جي جنگ جي سموري ذميواري لاءِ پاڻ کي سموري جو سمورو ارپي چڪو هو.

يقينن، شمشير، هر قسم جي صاحبي کان مٿاهون هو، هن جي نظر ۾ پنهنجا اندر جا اڌما ۽ روح وارا جذبا وڄن وانگر چمڪاٽ ڪندي نظر ٿا اچن. جنهن لاءِ شعور واري هر شعبي جو سالار ۽ رٿابندي جي هر هڪ ويهڪ جو منتظم شمشير کان سواءِ ٻيو ڪو ڄڻ ڪر سونهندو ئي نه هو. پر پاڻ پنهنجا ڪم ۽ انهن ۾ڪردار پاڻ ئي چونڊيندو هو. چاهي اهو هر اول دستي وارو ڪم هجي يا پوئين صفن ۾ صف بندي ڪرڻي هجي. پاڻ هر ضرورت ۽ اهميت واري محاذ تي هڪ ماهر ڪمانڊر ۽ انقلابي وانگر پنهنجي جوڙيل جماعت (سگا) جي نظرياتي جوڙجڪ ۽ صف بندي کي مضبوط ڪندو رهيو. اهڙي ريت، اسين شمشير کي سمجهڻ لاءِ سندس هرڪردار ۽ ڪيل ڪمن جي ڪرشمن جا اڻ ڳڻيا مثال آهن. جن کي شمشير جي سرگرمين ۽ مصروفيتن ۾ آساني سان مشاهدو ڪري سگهون ٿا.

ائسوسيئيشن جو ٽيون ساليانو اجلاس ۵ جنوري ۱۹۷۵ع تي ٿيو. جناب غلام اڪبر منگيءَ جي صدارت ۾ چونڊون ٿيون، جنهن ۾ شمشيرالحيدري نائب صدر چونڊيو ويو.

سگا جي سال ۱۹۷۵ع جي سالياني رپورٽ ۲۱ مارچ ۱۹۷۶ع تي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ پيش ڪئي جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته، هن سال کان هڪ نمايان ميمبر جو ايوارڊ ۽ بهترين ڪارڪن جو سرٽيڪفيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جن لاءِ ۶ ساٿي هئا، جيڪي الڳ سان امداد ڪندا، انهن مان شمشيرالحيدري به هڪ هو. (حوالو، سگا سهائي، صفحو ۰۸)

سگا جي مرڪزي ڪاميٽي جون چونڊون ۴ آگسٽ ۱۹۷۸ع تي حيدرآباد ۾ ٿيون، جنهن ۾ شمشيرالحيدري کي ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.

سگا جي مرڪزي ڪاميٽي جي سال ۱۹۷۸ع جي ڪارڪردگي پڙهندي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۲۴ نومبر ۱۹۷۸ع تي دادو ۾ سگا مرڪز طرفان ثقافتي ڪاميٽي جي ميمبر طور جناب شمشيرالحيدري کي مقرر ڪيو ويو.

سگا جي مرڪزي ڪاميٽي طرفان سيپٽمبر ۱۹۷۸ع ۾ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دانشورن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن تي مشتمل هڪ وفد، لطيفي قافلي جي صورت ۾ ملڪ جو دورو ڪيو. هن قافلي جي پهرين منزل اسلام آباد هئي، جتي رات جو راڳ جي محفل جي صدارت وزير دفاع پاڪستان ڪرڻ فرمائي. اها راڳ جي محفل جناب شمشيرالحيدري ترتيب ڏني ۽ محترمه سلطانه صديقيءَ اها پيش ڪئي.

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ پنهنجي مضمون ”شمشير ۽ حسن بانو“ ۾ لکي ٿو ته ۱۹۷۸ع تي سگا “شاهه جو سال” ڪري ملهايو. ان سلسلي ۾ قومي ڪانفرنس دائود ڪاليج ڪراچيءَ جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي. ان ڪانفرنس لاءِ علمي ۽ ادبي تياريءَ ۾ شمشير سرگرم رهيو. ان ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن کي شمشير ترتيب ڏنو. جنهن ۾ پيش ڪيل مقالن ۽ ڪلام تي مشتمل ۲ ڪتاب “جر ٿر تک تنوار” ۽ Flame & Flute ٻئي ڪتاب شايع ٿيا.

۱۹۷۸ع ۾ لطيفي قافلو ۱۵۰ ساٿي اديبن، شاعرن، فنڪار عورتون ۽ مرد گڏجي ريل جي بوگي ڪري ڪراچي کان روانا ٿياسين. مارشل لا جي ڏاڍ وارو دور هو ۽ ڪئين وسوسا اسان سان سلهاڙيل هئا، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فتويٰ ڀٽي صاحب خلاف اچي چڪي هئي. اسان جيئي لطيف جي نعرن ۾ ملتان رسياسين ته فدوي ورائي ويا پر شمشير پختا جواب ڏنا ۽ سڄي قافلي جي ادبي سٽاءَ ۾ حصو ورتو. اسان ملتان، راولپنڊي، پشاور کان ٿيندا لاهور جو دورو ڪري واپس پهتاسين. (مضمون، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ (شمشير الحيدري-فن ۽ شخصيت پيج ۴۸).

۱۹۷۸ع جي سالياني ٽئين ڪنوينشن ۾ جناب شمشيرالحيدري هر سال هڪ حيدري ٽرافي ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هي ٽرافي اڄ تائين هڪ نمايان ڪارڪردگي ڪندڙ ساٿيءَ کي هر سال ڪنوينشن ۾ ڏني وڃي ٿي.

سگا مرڪز ڪاميٽي جي سال ۱۹۷۸ع ۽ ۱۹۷۹ع جي ڪارڪردگي رپورٽ، چوٿين ڪنوينشن تاريخ ۲۸ مارچ ۱۹۸ع تي هالا ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ شمشيرالحيدري کي سگا پبليڪيشن بورڊ جو چيئرمين چونڊيو ويو.۱۱

اپريل ۱۹۸۰ع جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ پبليڪيسن بورڊ جو چيئرمين محترم شمشيرالحيدري چونڊيو ويو. پهرين حيدري ٽرافي ۱۹۸۰ع ۾ سيوهڻ جي ساٿي مير محمد اوٺو کي ڏني وئي.۲۶ مارچ ۱۹۸۱ع تي راڻيپور ۾ سگا جي پنجين سالياني ڪنوينشن جي موقعي تي مرڪز جون ترميم ٿيل آئين تحت چونڊون ٿيون، جن ۾ جناب شمشيرالحيدري کي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.

سگا سهائي ڪتاب، جنهن ۾ سگا جون ۱۹۷۲ع کان ۲۰۰۷ع تائين جون سالياني ڪارڪردگي رپورٽون شامل آهن. ان ڪتاب ۾ ۱۹۷۲ع کان ۱۹۸۱ع تائين مختلف ڪارگذارين ۽ ڪمن بابت ڪاميٽين ۾ شمشيرالحيدري جو نالو ملي ٿو.

اهڙي ريت، جناب شمشيرالحيدري ۱۹۷۶ ۱۹۷۷ ۽ ۱۹۷۸ع ۾لڳاتار ٽي سال، سگا ڪراچي شاخ جو صدر پڻ هو.

محترم شفن مڱريو سيڪريٽري اطلاعات سگا، لطيف ڪانگريس جي رپورٽ بعنوان “مڙيا مٿي مچ” ۾ لکي ٿو ته ۲۹ ڊسمبر ۱۹۷۸ع واري ڏينهن سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ فضل الله قريشي صاحب ۽ ٻيا ساٿي گڏ ٿيا. سڄو ڏينهن مختلف سيشن ٿيا. مقالا پڙهيا ويا. رات جو ۹ وڳي سکر جيمخانه ڪلب روشنين سان وهنجي رهيو هو. ماڻهن جا هشام اچي مڙيا، سڄو پنڊال ماڻهن سان سٿجي ويو. تقريبن چار هزار ڪرسيون پنڊال ۾ پيون هيون. ڊسمبر جي پوئياڙي هئي، سخت سرديءَ جي باوجود ماڻهن جون ٽوليون اينديون رهيون. اوچتو لائوڊ اسپيڪر مان شمشيرالحيدريءَ جو آواز ٻڌي ماڻهن جي سس پس بند ٿي وئي. شمشير راڳ جي محفل لاءِ خاص مهمان ۽ صدارت لاءِ ترتيبوار سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ استاد جمن جا نالا کنيا.هن راڳ رنگ جي محفل جي ڪارروائي شمشيرالحيدري نهايت سهڻي نموني سان هلائي. ٻاهر واهه واهه ٿي وئي ۽ اندر پنڊال ۾ ماڻهن تي جادو ٿي ويو. عابده پروين، وحيد علي، استاد منظور علي خان ۽ استاد محمد جمن واري واري سان پئي ڳايو.

ڪيفي نيويارڪ ۾ شام جو ۳ وڳي کان پوءِ آئون (محمد سليمان شيخ) شمشيرالحيدري ۽ ٻيا ساٿي روز ملندا هئا. انهن ئي گڏجاڻين وسيلي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جو خاڪو جوڙيو ويو. جنهن تي ۳ ماڻهن بنيادي طور تي اتفاق ڪيو، جن ۾ شمشيرالحيدري، سائين بخش ڪلهوڙو ۽ آئون (محمد سليمان شيخ) شامل هئاسين.

لطيف سال ۱۹۷۸ع جي ۳۱ ڊسمبر تي آخري تقريب ڀٽ تي رکي وئي. خان محمد پنهور جنرل سيڪريٽري سگا حيدرآباد شاخ پنهنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو ته شمشيرالحيدري گڏجاڻي ۾ لطيف سال تي روشني وجهندي چوڻ هو ته سگا طرفان سڄي ملڪ ۾ لطيفي لات انهيء سال پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

(“سوکڙي” تعليمي ڪانفرنس جي موقعي تي پڌرو ڪيل سووينيئر-سگا)

ڪل سنڌ ٻالڪ ميلو پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ۱۹۷۹ع بابت مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري محمد حسن عاقلاڻي ڪتاب سگا سووينئر ۾ اکين ڏٺو احوال لکيو آهي ته، ٻارن بابت مختلف پروگرامن ۽ مقابلن (موسيقي، تقرير، فني ڊريس) جي ڪامياب انعقاد جي پيرائتي تفصيل لکندي ٻڌائي ٿو ته ڊاڪٽر نسرين لطيف، شمشيرالحيدري جي رهنمائي ۾ سوالن جوابن جو مقابلو هلايو. فينسي ڊريس مقابلي جي ميزباني شمشيرالحيدري ڪئي. جنهن ۾ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال جناب عبدالحميد ميمڻ خاص مهمان ۽ بيگم سعيد الدين قاضي اعزازي مهمان هئا.

شمشير هن اداري جي بنيادي آئين لاءِ مشورا ڏنا. مونوگرام شمشير جو عڪس آهي. شمشير سگا جي مختلف ڪنوينشن جا ٺهراءُ ترتيب ڏيندو هو. ائين چئجي ته سگا جي نيتيءَ جو ترجمان هو. (ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جو شميشير الحيدري جي پهرين، ٻي ۽ چوٿين ورسي تي پڙهيل ۽ شائع ٿيل مضمون ۽ خطاب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي، سگا مرڪز جو ٽه ماهي مخزن، سنڌ گريجويٽس نيوز، آگسٽ سيپٽمبر آڪٽوبر ۲۰۱۶ع، مهراڻ رسالو شمشير الحيدري نمبر، مولا تي ننگ شميشير الحيدري بابت ڪتاب).

ماحوليات بابت سگا مرڪز جي ماهوار مخزن “حياتي” جو ايڊيٽر: شمشير الحيدري هو جنهن جي محنتي ۽ تحقيقي هٿن ذريعي نومبر ۱۹۹۹ کان ڊسمبر ۲۰۰۱ ع تائين جاري رهيو، هي مخزن ماحوليات ۽ سماجي جاڳرتا جي حوالي سان پنهنجو مثال پاڻ هو. ماحوليات جي مسئلن ۽ پيدا ٿيندڙ ملڪي ۽ عالمي صورتحال جي ڄاڻ جو ڀنڊار هو. جنهن ۾ شائع ٿيل مضمون، ۽ تحقيق ڪيل ڄاڻ معاشري کي فرض شناسي جي تعليم ڏيڻ ۽ سماج کي سجاڳ ۽ سڀيتا واري رستي تي هلڻ ۾ مدد ڏيڻ وارو پڻ هو. اهو ئي اهو عمل هو، جيڪو سگا جي قيام جي بنيادي نقطن ۽ فرضن ۾شامل هو.

حياتي رسالي ۾ شائع ٿيندڙ ماحوليات بابت مواد ۽ تحقيقي مضمون ۽ رسالي جا ايڊيٽوريل ته اڄ به جيئرا جاڳندا علم ۽ اتساهه جا وهڪرا آهن، پر انهي کان علاوه انهي مئگزين ۾ سگا جي سرگرمين جون رپورٽون ۽ ڪانفرنسن جا حال احوال پڻ شائع ٿيل آهن. اهڙي ريت، ظاهري طور تي ته حياتي هڪ ماحوليات بابت رسالو هو، پر انهي ذريعي سگا، پنهنجن ماڻهن کي دنيا، ملڪ ۽ سنڌ صوبي جي حڪومتي ۽ انتظامي ايوانن ۾ٿيندڙ سرگرمين بابت هن مخزن ذريعي پڻ باخبر رکڻ وارو ڪارنامو انجام ڏنو.

بيشڪ! شمشير الحيدري بنيادي طور تي انقلابي اديب، شاعر ۽ ترقي پسند ليکڪ ۽ صحافي هو جنهن ڪري هن پنهنجي قلم سان تلوار وارو ڪم ورتو ۽ نه صرف سگا، سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجي سوچ ۽ فڪر مطابق ٺاهڻ ۽ سگهارو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو پر سندس ڪاوشن، سان جيڪي هزارين انسانن اثر قبوليو، انهن جي تعداد هاڻي وڌي لکن ۾ پهچي چڪي آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان انهيءَ لاٽ جي روشني لڳاتار وڌي رهي آهي.

شمشير الحيدري جو تعليمي سڌارن وارو رخ ۽ ڪاوشون پڻ سنڌ ۽ سگا لاءِ اتساهيندڙ عمل رهيون آهن، “سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن” پاران۲۵ اپريل، ۱۹۸۰ع تي حيدرآباد ۾ ڪوٺايل “ڪل سنڌ تعليمي ڪانفرنس”، سينيٽ هال، سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ ڪوٺائي ويئي. هن ڪانفرنس جي انتظامن ۽ هن اهم اجلاس جو سيڪريٽري پڻ شمشيرالحيدري هو. جنهن تعليمي ڪانفرنس ۾ پيش ٿيل مقالن ۽ رٿائن تي مشتمل دستاويز، ”سنڌ ۾ تعليمي سڌارن جو خاڪو“ ترتيب ڏيئي شائع ڪيو.

شمشيرالحيدري وٽ مسلسل جدوجهد ۽ توڪل ڪري آئيندي لاءِ پراميد رهڻ وارو ڪمال جو فن هو. مولا تي ننگ رکي طوفانن سان ٽڪرائڻ جو عزم رکندو هو. لالچ ۽ نالي ناموس کان بالاتر ٿي، هن مسلسل جدوجهد ڪئي. آخر تائين زندگي جي هر محاذ تي رشتن کان وٺي دوستن جي انائن تائين شمشير تعلق ۾ لڄ، حيا، غيرت ۽ اصول پرستي جو دامن ڪڏهن نه ڇڏيو. جڳ مشهور ادب ۾ نوبل انعام يافته هيمنگ وي Heming Way جي شاهڪار ناول The Old man and the Sea ۾ مرڪزي ڪردار سانتياگو وانگر شمشير پنهنجي زندگي مسلسل جاکوڙيندو رهيو ۽ جدوجهد ۾ گذاري. شمشير به وقت جي سمنڊ جي ڏکائين کي چيريندي هميشه اڳتي وڌندو رهيو. پر ڪڏهن مايوس ٿي ويهي رهڻ يا ڊڄي واپس موٽڻ جو نه سوچيو. هر صبح هڪ نئين عزم ۽ جوش ولولي سان سرشار زندگي جي هر لمحي کي ڪارآمد بڻائيندو رهيو.

 بيشڪ! “شمشير، سنڌو ماٿريء جي سڀيتا واري ڌرتي جو حقيقي نمائندو ۽ سپوت هو، سندس رڳن ۾ وهندڙ رت پڻ نج وطن پرست، نظرياتي ۽ انقلابي هو. اهو جاڳرتا جو ڏيئو، ڪڏهن لاٽ ته ڪڏهن شعلا بنجي هرجاء جرڪي رهيو آهي. سماجي جاڳرتا، صحافت، علم ۽ ادب جي سرواڻ شمشير الحيدري جي زندگي، سندس علم ۽ عملي جدوجهد يقينن حيرت انگيز رهي، هو انسان دوست ۽ فڪري جوهر ۾ وطن پرست بهادر ۽ سرويچ جرنيل وانگر هو، اجنهن جي قلم، تلوار بنجي آمرن سان جنگ جوٽي، قوم ۽ وطن جي جاڳرتا ۽ حفاظت لاءِ ڪيئي ادارا ۽ شخصيتون تيار ڪيون، جيڪي ماروئڙن جي واهر، سهائتا ۾ مصروف عمل آهن. جنهن ۾ سنڌ گريجويٽس ايسوسيئشن، سنڌي ادبي سنگت، مختلف صحافتي ادارا، نئين زندگي، حياتي، پي ٽي وي تي ڊراما، گانا، غزل ۽ نغما ۽ علمي ۽ ادبي مرڪزن کي پنهنجي ڏات جي لاٽ سان روشن ڪري بي مثال ورثو ڏنو آهي، جيڪو صدين تائين معاشري کي روشني مهيا ڪندو رهندو. اڄ اسين جنهن پاسي نظر ڊوڙايون ٿا هر پاسي شمشير جا روپ ۽ جرئت وارا ساٿي موجود آهن، ڄڻ ته شمشير جي خوشبوءِ ۽ ڏات، ماڻهن جو روپ ڌاري اچي حاضر ٿي آهي ۽ سنڌو ماٿريء جي محبوب هستين جي لکڻين، لفظن ۽ سرن ۽ آوازن جو ويس مٽائي اسان سان هم ڪلام آهن”.

اها ئي حقيقت آهي ته شمشير جي ستين ورسي جي موقعي تي سندس ٻاريل ڏيئي جي لاٽ ٻري رهي آهي. جنهن جي خوشبوء ۽ روشني لڳاتار وڌي ۽ پکڙي رهي آهي. جنهن جي مان ۾شمشيرالحيدري جو خوبصورت تخيل ۽ سدابهارشعر، هن موقعي جي مناسبت سان پيش ڪجي ٿو،

نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟

اِها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟

هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾، !

اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي؟

(هلندڙ)


شمشير الحيدرِي

وَفا جا موتي وِرهائيندڙ وِينجَهرُ

دليپ ڪوٺارِي

لاريب هُو پيار جي وکر جو وڻجارو هو، جيڪو سُونهن ۽ سُرت جهڙا ناياب وَڙ ئي سوديندو هو. بِلاشڪ هُو سحر گرويده سڀاءُ رکندڙ بي باڪ ۽ بي خوف ڀُومي پُتر هو. هُو فقيريءَ ۾ اميريءَ کي لَکائڻ ۽ بادشاهيءَ کي فقيري ڪري ڀانئڻ جا گُرَ خُوب ڄاڻندو هو. هُو رات کي ڏينهن جو رُوپ ڏئي سگهندڙ اهڙو ڏات ڌڻي هو؛ جنهن اُصولن جي اَمُلهه اَثاثي جِي مالڪِي ڪئي. ڪِرت جي ڪمال، پورهئي بي مِثال، تخليق جي جمال ۽ قلم جِي حُرمت جو ڀرم برقرار رکيو. ڳُوڙهن اڀياسن ۽ اُتساهيندڙ قلمي پورهين وارِي رياضت ڪئي. سنڌيت سان ثابت قدم رهندي؛ ديسُ جاڳائڻ وارا گيت ۽ نظم لکيا. ڌرتيءَ ڌڻين جي مفادن جي وارثي ڪئي. ادب ۾ جديد نون لاڙن ۽ صنفن جِي آجيان لاءِ راهُون هموار ڪرڻ ۾ پنهنجو مُدبرانه ڪِردار ادا ڪيو. هن هيڻي جِي ڀَرِ ڏاڍي تي ڏمر وارن شعُور ۽ سجاڳيءَ جي حسين هٿيارن مان تادم هٿ ڪو نه ڪڍيو. وفا جا موتي ورهائي ويندڙ اُن وِينجَهرُ کي سِنڌُ اَڄُ شمشيرالحيدرِيءَ جي نانءَ سان ساري ٿي، پَچاري ٿي. (يا ورِي اِجتماعي بي حِسيءَ ۽  ذاتي اَنا آهر ماري ٿي ۽ وِساري ٿي...!).

ڪٿي آهي شمشير  جو چنگُ چوري،

زمانو ته ڀُلجي ويوچارڻ جون ڳالهيون!

ٻاٽ ۾ ’لاٽ‘ مِثل شمشيرواقعي پنهنجي ئي چيل لِکيل لفظن جي هُوبهُو عڪس موجب؛ مست، ملنگ، الستي، قلندري ۽ حيدري، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان جنون جي حد تائين عشق ڪندڙ، سر ڦرين جو سُونهُون ۽ سردار هو. علميت، ادراڪ، صحافت، شاعري، حِڪمت، مُبلغي، اِدارت وغيره سميت ڪيترائي ڪارج ۽ گُڻ هن جي شخصيت جا مضبُوط حوالا رهيا. هُو درياهي تهذيب جا انيڪ تجربا ويجهڙائيءَ کان اکئين پسندڙ اهڙو وجُود هو؛ جيڪو بَرملا درياهه جيڏِي ڪُشادِي دِل ۽ سمنڊ جيڏا راز سمائي ويندڙ سينو رکندو هو.

نانءُ ناماچاري رکندڙ سنڌ جي ڪيترن ئي وڏين ٺهرايل شخصيتن جي اندر وارين ننڍاين سان لبريز حرڪات و سڪنات جو قِصه گُو  پرڳڻي جو محبوب راڳي صادق فقير سنڌ جن ٻن ماڻهن جِي عقيدت جي حد تائين عزت ڪندو هو؛ اُنهن ۾ عبدالواحد آريسر ۽ شمشير الحيدري ئي شامل هوندا هُئا.

خواجه شمشيرالحيدري سرزمينِ لاڙ جي اڇن اُجرن سُڳداسي چانورن وارِي خُوشبوءِ ۾ رچيل پچيل اُهو پِڙائي خوجو هو؛ جيڪو مسلڪن ته اثنا عشري هو پر مُبلغن وطن دوست ۽ ترقي پسندانه سوچ جو عملي پرتوو هو. هن جي ذهني بلوغت ۽ وسيع نظريءَ کي جُولان بخشڻ ۾؛ سندس مامي نذير حسين حيدري، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد عثمان ڏيپلائي، غلام محمد گِرامي، محمد ابراهيم جويي [۽ ماضيءَ ۾ کاٻي ڌُر جي پرچارڪ رهڻ دوران؛ اختر رضوي ۽ احمد الطاف ’انسان‘(جيڪي ٻيئي پوءِ پنهنجو قبلو مُرڳومٽائي ويا) ڪيو.] سنڌ جي هاڪاري عالمانه شخصيتن جي ڪُتب خانن، قُربت ڀريل صُحبتن، اِشاعتي ڪارجن، فِڪري رُجحانن ۽ تعميري سوچن مان شمشير خُوب پِرايو، ايتري قدر جو هن جي عملي دلچسپين جِي ڪايا ئي ڪلپ ٿي وئي ۽ هُو محدود دائري مان نڪري سوچ ۽ لوچ جي وشال ڪائناتن ۾ پنهنجي اُوچي اِدراڪ لاءِ پَرَ ساهڻ لڳو.

’هلال پاڪستان‘ ۽ ’مهراڻ‘ اخبارن جِي ايڊيٽرشپ هُجي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل وارِي ۱۱ ساله طويل ميعاد ۾ مِثالي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو سوال هجي، سنڌ جِي وحدت کي بچائڻ ۽ ون يُونٽ کي جي ڳٽ کي ڳچيءَ مان لاهي؛ سنڌ ۾ سگهاري گُونج (پڙاڏو) پئدا ڪرڻ ۽ تحرڪ کي تسلسل ارپڻ جو اٽل ارادو هجي، جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ايم.آر.ڊِي ۾ جمهوريت پسندي ۽ لوڪ راءِ کي اجاگر ڪرڻ ۽ رُجعت پسند قوتن کي پڌرو ڪرڻ وارِي قومي زميواري هُجي، سنڌي ٻوليءَ کي اولهه پاڪستان جِي سرڪارِي زبان قرار ڏيڻ واري مُطالبي لاءِ ٿيندڙ مُنظم دستخطي مُهم هجي، ’هدايت‘، ’هلچل‘ ۽ ’اَعلانِ حق‘ جهڙا اِشاعتي سلسلا هجن، ادبي بورڊ ۾ بطور اسسٽنٽ ايڊيٽر ٽِماهي ’مهراڻ‘ ۽ سيڪريٽري جي حيثيت وارا ايام هجن، سِگا لاءِ ادا ڪيل ڪِردار هجي، شريف ڪميشن جي سنڌي ٻوليءَ کي نصاب ۾ محدود ڪرڻ واري فيصلي جي مُدلل مُخالفت هجي؛ وقت جي آمر کي للڪارڻو هجي ۽ رات کي رات ئي چوڻ جي بات هُجي؛ شمشير الحيدري هر موقعي، مهل، معرڪي، پليٽ فارم، پمفليٽ، پڌرائي، منچ ۽ محاذ تي سُرخرو ثابت ٿيو. خُودداريءَ کي شيوو بڻائي پنهنجي ڪِرت ڪيائين. هر جاءِ ۽ هر محفل ۾ تخليق جا جيون اُجيارو ڪندڙ جوهر پسائي پنهنجي مِٽيءَ کي مُلهائتو ۽ خمير کي خاصو بڻايائين.

هن تحرڪ ۽ تدبر سان شانائتو ۽ تواريخ ۾ رقم ٿي وڃڻ جهڙو ڪِردار ادا ڪري پاڻ کي سنڌ امڙ جو سچيت ۽ سپوٽ پُٽ ئي ثابت ڪيو. ڪُوڙ جي ڀاري برجن، دوست نما دشمنن ۽ جيءُ حضورِيءَ جي جهاندادن هٿان نه ڪڏهن هار کاڌائين ۽ نه ئي وري ڪڏهن انهن آڏو وِڪيو يا جُهڪيو. سدائين امتحان ۾ رهيو يا وري نشاني تي رهيو.پنهنجي ڪارُونجهر سمان حوصلي جي ٻل تي باوقار حياتي ڪاٽيائين.

نندي شهر، ڪڍڻ، بدين، حيدرآباد، ڄامشوري جا وڻ وٿاڻ وسائيندي؛ آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ دائمي سُڪونت اختيار ڪيائين. مير حسن موجب؛ جي حياتي شمشير سائين کي اَڃا ڪي ورهيه مهلت ڏي ها ۽ نيڻن جِي جوت صفا موڪلائي نه وڃي ها ته هن جي دستاويزي ثبوتن سان سلهاڙيل آتم ڪٿا ’فقير بيان ڪري ٿو...‘ شايد سنڌ جي ادبي ۽ سياسي تاريخ جي گهڻن رازن تان پردو کڻي ها، حقيقتون اَڇرن ها، چِٽيون ٿين ها، محبتون ۽ مُنافقيون نبري نروار ٿين ها ۽ ڪيترن جا حقيقي ڪِردار وائکا ٿين ها.

آئُون دِلي جَسُ جو ڀاڳي سمجهان ٿو پنهنجي من گُهري دوست ميرحسن آريسر کي؛ جنهن شمشير الحيدريءَ جهڙي ٻهڳڻي ۽ ٻاجهارِي شخصيت جي حيات جي مختلف پاسن جو مختصر احاطو ڪندي؛ هن سان گهاريل طويل وقت جي يادگيرين جا ورق ورائيندي؛ سندس سگهاري علمي، ادبي ۽ عملي ڪِردار کي’جبل مٿي جُهڙ‘ ]شمشيرالحيدرِيءَ جِي شخصيت ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪ[ جي نالي واري ڪتاب ۾ خُوب خِراج پيش ڪيو آهي.

سنڌ ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ جي تناظر ۾ جُڙندڙ شمشير سائين جِي موزون حيثيت جو تعين ڪرڻ جي ڏس ۾؛ هيءُ ڪتاب ذاتي مضبوط مراسم سان گڏ، پختن تاريخي حوالن جي مختصر تذڪري ۽ ڪنهن فقير منش جي لازوال پورهئي کي دِلي مانُ ڏيڻ جِي سهڻي ڪوشش آهي.

نقاش علواڻي جي تحرير ڪيل سير حاصل مهاڳ ساڻ ميرحسن آريسر سمنڊ کي ڪُوزي ۾ بند ڪرڻ وارِي ڪاريگري ڪندي؛ هن پُستڪ کي ’لاڙ جِي ڳهريل هوا ۽ هُو‘، ’حيدري هزارن ۾ هڪڙو هو‘، ’ون يُونٽ جو آڳو پِيڇو ۽ شمشير الحيدري‘، ’شمشير کان انوکو انٽرويو‘، ’سارُوڻين جي سِيرَ ۾‘، ’ڍورونارو ۽ شمشير‘، ’ضياءُ الحق جي موت کانپوءِ‘، ’ادبي بورڊ ۾ شمشير جِي آمد ۽ مسئلا‘، ’بي حِسيءَ جي تاريڪِيءَ ۾ بيٺل تنها شمشير‘، ’پَلِي ڀائُرن سان شمشير جِي مِثالي مُحبت‘، ’منهنجي ڪتاب جو مهورت‘، ’حيدري کي همدرديءَ جِي خيرات نٿي کپي‘، ’شمشير سان آخري مُلاقات‘، ’شمشير جي ڪتابن جِي اِختصارِي ڪَٿا‘ ۽ ’هڪ خط‘ جي سِرن۾ ورهائي سهيڙيو آهي.

مير حسن آريسر جي هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هر فن موليٰ قلم ڌڻي ۽ تخيل جي اعليٰ ترين اُڏام رکندڙ تخليقڪار شمشير الحيدريءَ جِي سبق آمُوز حياتيءَ جا اُتساهيندڙ احوال ته آهن ئي آهن پر اِن ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي، صحافتي ۽ ادبي تاريخ (سنڌ هاري ڪميٽي، ون يُونٽ مزاحمت، ايم.آر.ڊِي، سنڌي ادبي سنگت، ٻولي تحريڪ، دستخطي مهم وغيره) جي اهم اهم موقعن ۽ واقعن جُون مختصر جهلڪيون پسائيندڙ باب به موجُود آهن.

شمشير سائين جي شاعريءَ کي هن ڪتاب ۾ موزونيت ۽ معنوئيت سان حوالن ۾ ڪتب آندو  ويو آهي؛ جنهن سان ليکڪ منجهه معروضي حالتن سان فن جِي نسبت جوڙڻ وارين ماهراڻه صلاحيتن جا اُهڃاڻي اِشارا مِلن ٿا.

مُبادا ڊاڪٽر غُلام علي اَلانا صاحب جي تازي ضخيم تصنيف ’سنڌي ٻوليءَ جا جديد ۽ ترقي پسند نثر نگار‘ جا سگهارا حوالا ترقي پسند ادبي تحريڪ ۾ شمشيرالحيدريءَ جي جوڳي ڪِردار کي تقويت بخشي سگهن؛ اُن ڪري جو ليکڪ جي راءِ موجب؛ اعجاز قريشي جي ڪتاب ’ون يُونٽ ۽ سنڌ‘ ۽ غلام رباني آگري جي ڪتاب ’سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر‘ ۾  انهن تحريڪن جي اصل ڪردارن جو احوال اڻپُورو يا اَڻ چِٽو آهي ته اُن جِي پُڻ اُکيل ٿي سگهي ٿي. اُن ڪري ايندڙ ڪنهن امڪاني سُڌاريل وڌايل ڇاپي ۾ اِن مان ضرُور لاڀُ حاصل ڪيو وڃي.

ون يُونٽ مخالف ٺهراءُ پاس ڪرائڻ ۽ بعد واري تحرڪ جي حوالي سان ڪيل سياسي اڳواڻن جي شروعاتي ذڪر ۾؛ جيئن سائين جي.ايم سيد، سوڀي گيانچنداڻي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جن جو تذڪرو بنا ڪنهن لقب القاب ڏيڻ جي محض پُورا نالا وٺي ڪيو ويو آهي؛ تيئن ٻين اڳواڻن کي پڻ ڪي خاص خطاب ڏيڻ بنا ئي بيان ڪيو  يا لکيو وڃي ها ته وڌيڪ سُونهائيندڙ  لڳي ها ۽ ذاتي پسند وارِي ڪنهن جانبدارِي جِي جهلڪ تجزيي واري ٽُڪري منجهاران نه درشائجي ها.

يُوٿ انويسٽمينٽ پِروموشن سُوسائٽي(YIPS)  جي ڊزائينر ۽ ڊائريڪٽر واري عهدي کي وقت کان اڳ خيرآباد چوڻ وارن اصل مامرن جو ذڪر به توڙ تائين اچڻ جڳائي ها، ڀلي کڻي شمشير جي اصولي اختلاف رکڻ واري مِزاج کان اسان ڀلي ڀت واقف هجون.

ادبي بورڊ واري اِشُو تي اُن وقت جيڪڏهن گھڻي ڪوريج ف.م لاشاريءَ جي روزاني ’جاڳو‘ اخبار ۾ ٿيندي هئي ته سندس لکيل اِدارين واري ڪتاب ’سِنڌُ پيپلزپارٽيءَ کان ڄام صادق علي تائين...!‘ مان به ڪي بنهه لاڳاپيل حوالا ڏيڻ تي سوچجي ها.

مجمُوعي طور ميرحسن آريسر؛ شمشير جي ٻهڳڻي شخصيت، ڪردار ۽ ڄمار ڀر جي پيار پورهئي کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي،

محفل کي مچائيندو، اُن جو ئي سُخن شايد!

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا