; سنڌي شخصيتون: تاج جويو

08 September, 2016

تاج جويو

تاج جويو
جيئن مون ڏٺو!
ڊاڪٽر فهميده حسين
سنڌ جي اُجري آئيندي ۽ سيڪيولر روشن خيال سنڌي سماج جي اوسر ۽ نئين سنڌ جي فڪري آزاديءَ لاءِ پاڻ ارپيندڙ ڪردارن: سائين جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ سراج سان بي انتها پيار ڪندڙُ، سنڌي ٻوليءَ سان اٽوٽ عشق واري سندن روايت جو پاسدار تاج جويو، هڪ عجيب ڪردار آهي، جنهن جا دوست بيشمار آهن، پر مخالف به گهٽ ڪونه آهن. دوستن جي نظر ۾ هو هڪ تمام مخلص، محنتي ۽ جاکوڙي، ترقي پسند، قوم پرست، سُڄاڻ، سنڌ دوست اديب ۽ دانشور آهي، جنهن سڄي عمر سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ رت ولوڙيو آهي. ٻئي طرف سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي پلئٽفارم تان ڪئين ڀيرا اليڪشن وڙهڻ، مرڪزي سيڪريٽري جنرل ٿيڻ يا ڪنهن هڪ ڌُر جي حمايت ڪرڻ جي ڪري، اديبن جو هڪ حلقو سندس مخالف رهيو آهي، جنهن کي اسان جي پاڪستاني روايت موجب ذاتي، شخصي عداوت ۽ بغض وارو درجو حاصل آهي. تنهن هوندي به چئي سگهجي ٿو ته هو سنڌ جي اديبن ۾ شايد سڀ کان وڏو حلقو دوستن جو رکي ٿو.


مون تاج جويي سان ملاقات يا رسمي تعارف کان اڳ، سندس باري ۾ اِهو ئي ٻُڌو هو. 2008ع ۾ جڏهن مون کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن طور ذميداري ملڻ جو اشارو مليو هو ته ٺٽي ۾ هڪ سيمينار ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، مون کي هڪ طرف سڏي مبارڪباد ڏيڻ سان گڏ چيو هو ته ”فهميده! تون چارج وٺڻ شرط اٿارٽيءَ جي سيڪريٽريءَ طور تاج جويي کي مقرر ڪرائجان، ڏاڍو ڪم جو ماڻهو اٿئي، اٿارٽيءَ جي ڪم کان اڳ ئي واقف آهي، تو کي وڏي مدد ملندي.“ پوءِ ٿورو ترسي وري چيائين: ”ماڻهو ڀلو آهي، پر ٿورو ڏِنگو آهي، ڪنهن ڳالهه تي اڙجي بيهي رهيو ته پوءِ مجال آهي جو چُري.“
ڊاڪٽر الانا جي آءٌ تمام گهڻي عزت ڪندي آهيان، ۽ جيتوڻيڪ باقاعدي سندس شاگرد ڪا نه رهي آهيان، پر سندس علميت جي ڪري کيس پنهنجو ’استاد‘ مڃيندي آهيان، ۽ ادا سراج سان دوستيءَ واري نسبت جي ڪري کيس هميشه وڏي ڀاءُ وارو درجو ڏنو اٿم، ۽ هُو به مون کي پنهنجي ڌيءَ چوندو آهي. (جيتوڻيڪ هاڻي الائجي ڇو ناراض آهي ۽ پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار مون سان نه، پر ٻين سان ڪندو آهي)، سو مون سندس ڳالهه کي مان ڏنو ۽ چارج وٺڻ کانپوءِ تاج جويي جو نالو اٿارٽيءَ جي سيڪريٽريءَ طور مٿي ڏياري موڪليو... پر تاج جو نالو محض ڊاڪٽر صاحب جي سفارش سبب نه، پر منهنجي پنهنجي ذاتي تجربي جي آڌار تي پڻ موڪليو هئم.
منهنجي هن سان هڪ اديب دانشور طور واقفيت ضرور هُئي. مون هن کي پڙهيو به هو ۽ سندس علمي ادبي مضمون/مقالا ’ڪلاچي‘ تحقيقي جرنل ۾ به ڇاپيا هُئا، ڪيترن سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ ٻُڌو به هئم ۽ سندس علميت جي تخليقي صلاحيتن جي به ڄاڻ هئم، پر جنهن ڳالهه يا جنهن تجربي سبب مون ڊاڪٽر صاحب جي ڏنل نالي کي يڪدم قبول ڪيو، اهو ٿورو ئي وقت اڳ ۾ ٿيو هئم.
ٿيو هيئن ته ’هائير ايڊيوڪيشن ڪميشن‘ [اسلام آباد] طرفان سنڌ جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي گرئجوئيشن ڪورس لاءِ نصابي ڪتاب جي تياريءَ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هُئي، جنهن کي چند ڏينهن ۾ اُهو ڪتاب تيار ڪري ڏيڻو هو. اُن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ ڪتاب ۾ شامل ٿيندڙ شاعري، ڪهاڻين ۽ مضمونن جي موضوعن وغيره بابت جيڪي فيصلا ٿيا، اُهي لکڻيون اُتي موجود تاج جويي کي ليکڪن جي نالن سان ياد هُيون ۽ ڪهڙي ڪتاب مان، ڪٿان ۽ ڪهڙيءَ ريت دستياب ٿينديون، اُهو به ڏَسيائين ۽ پوءِ اِهو ذمو کنيائين ته پاڻ اُهي سڀ لکڻيون ٻئي ڏينهن ميٽنگ ۾ کڻي ايندو. اُن رات هُو ڪراچيءَ مان واپس حيدرآباد ويو، اُتان سمورو مواد کڻي صبح جو ميٽنگ ۾ پيش ڪيائين. اُن تي سڄو ڏينهن غور فڪر ٿيو، مواد مان چونڊ ٿي ۽ اُن جي ڪمپوزنگ ۽ پوءِ پروف ريڊنگ جو به ذمو کنيائين.
شام جي وقت ڪميشن جي آفيس ۾ ويهي، اُن جي ڪمپوزنگ ڪرائي، ايڊيٽنگ لاءِ رات جو يارهين وڳي مون کي گهر تي پُڄائي، وري واپس حيدرآباد ويو. مون رات وچ ۾ اُن جي ايڊيٽنگ ڪري ورتي ۽ جڏهن صبح جو اُهو کڻي ميٽنگ ۾ پهتس ته هو اڳي ئي اُتي موجود هو. ڪتاب ڪميٽيءَ منظور ڪيو ته اُهو سڄو ڏينهن ويهي، اُن جا پروف ڏسي، فائينل ڪاپي مون کان چيڪ ڪرائي، ڪميشن جي آفيس ۾ پُڄائي، پوءِ وري حيدرآباد ويو. اُن وچ ۾ مون هڪ ڀيري چيومانس ته: ”ادا، توهان رات جو دير سان واپس حيدرآباد ٿا وڃو ۽ وري صبح جو سويل موٽي ٿا اچو، تنهن کان رات ڪراچيءَ ۾ ئي رهي پئو. هائير ايڊيوڪيشن ڪميشن وارن سڀني ٻاهرين ميمبرن کي رهائڻ جو بندوبست ڪيو آهي، توهين به اُن جو فائدو وٺو، اجايو سفر جو ٿڪ ٿيندو هوندوَ.“ تڏهن چيائين ته؛ ”ادي! منهنجو پُٽ ڏاڍو بيمار آهي، مون کي کيس ڏسڻ کانسواءِ ننڊ به ڪا نه ايندي، ٻيو ته اُن جي ماءُ کي به منهنجي گهر وڃڻ سان تسلي ٿي ٿئي، ويچاري سڄو ڏينهن سندس ڌيان ۽ سار سنڀال ٿي ڪري، آخر اُن کي به ته آرام جي ضرورت آهي.“ (پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ سندس اُهو پُٽ گذاري ويو) منهنجي نظرن ۾ هُن جي عزت وڌي وئي، هُو جيترو پنهنجي ڪم سان مخلص هو، اوترو ئي پنهنجن ٻچڙن ۽ زال سان مخلص هو... مون ڏٺو ته هن کي سنڌي ٻولي ۽ ادب سان گڏوگڏ سنڌي شاگردن جي تعليم جو به اونو هو، ۽ هن چاهيو ٿي ته هڪ اهڙو ’سنڌي ڪتاب‘ جلد تيار ٿئي، جيڪو استادن جي پاڙهڻ ۽ شاگردن جي پڙهڻ سان منجهن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ چاهه پيدا ڪري.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ تاج جويي جي مقرريءَ سبب جتي گهڻن ماڻهن مون کي مبارڪون ڏنيون، اُتي گهڻا ناراض به ٿيا. آءٌ جيڪا سڄي عمر اِها ڪوشش ڪندي رهي آهيان ته پنهنجي ڪم سان ڪم رکان، اجاين Controversies کان پاسو ڪريان، تاج کي مقرر ڪرائڻ سبب سنڌي ادبي دنيا جي انهن اختلافن جو نشانو بنجڻ لڳس، پوءِ هڪ ڏينهن مون ويهي ساڻس ڳالهايو ۽ طئي ڪيوسين ته ذاتي حوالي سان يا سنڌي ادبي سنگت جي ڌڙن ۾ اختلافن جي حوالي سان معاملن کي اٿارٽيءَ جي معاملن کان پري رکنداسين؛ بلڪ ڪوشش ڪري سڀني کي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين- ۽ واقعي ايئن ٿيو به، سواءِ چند ايڪڙ ٻيڪڙ واقعن ۽ ماڻهن جي، گهڻو ڪري سمورن اديبن جو اسان سان سهڪار رهيو- پر اُن دوران مون کي الانا صاحب جي راءِ ته ’هو ڏنگو آهي‘، بابت به ڪجهه اندازو ٿيو.
هن آفيس ۾ هيٺئين درجي جي ملازمن جي حقن، عزت نفس ۽ برابريءَ واري وهنوار لاءِ مٿئين گريڊ جي آفيسرن سان جهيڙا ٿي ڪيا؛ اُن سان آفيسر طبقو آهستي آهستي سندس خلاف ٿيندو ويو. غريب ملازمن کي ڪي رعايتون يا مراعتون ڏيارڻ لاءِ دليل دلائل ڏئي، مون کي قائل ڪندو هو. مثلاً: لاڙڪاڻي يا سکر ۾ ڪتابي ميلي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ننڍن ملازمن کي صرف سرڪاري مقرر ٽي اي/ ڊي اي جي معمولي رقم ڏئي، پرائي شهر ۾ رهائش لاءِ پريشان ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ پيڪيج ٺاهيو ويو ته جيئن اُهي خوشيءَ سان وڃن ۽ عزت سان رهن، يا اٿارٽيءَ جي هال ۾ رات جو 12 بجي تائين ڊيوٽي ڏيندڙ پٽيوالن، چوڪيدارن ۽ ٻهاريدارن لاءِ اوور ٽائيم جو سلسلو شروع ڪيوسين، جنهن تي ڪِن آفيسرن کي اعتراض هوندو هو.
تاج جويو، شايد اڳئين جنم جو دراوڙ روح کڻي پيدا ٿيو آهي. سندس دوستن جو وسيع حلقو، سنڌ جي خاص ڪري ٿر جي اصلوڪن رهواسين دراوڙن جو آهي. هن ۾ ذات پات، اوچ نيچ ۽ مت ڀيد بلڪل ڪونهي. هو آفيس جي ٻهاريدار سان ويهي ماني کائڻ ۾ ڪو به اهم ڪو نه ٿو سمجهي، هن لاءِ سڀ انسان برابر آهن، بلڪ آءٌ ته سمجهان ٿي ته هن وٽ هيٺئين پيڙيل طبقي جي انسانن جو مانُ پاڻ وڌيڪ آهي.
مون کي ياد آهي ته اٿارٽيءَ ۾ هڪ ٻهاريدارَ جي جاءِ خالي ٿي هئي، اُن تي آيل درخواستن ۾ هڪ ڇوڪرو بي اي پاس هو. انٽرويو ڪرڻ مهل چيومانس ته: ”تون گرئجوئيٽ آهين، ٻي ڪا نوڪري ڇو نه ٿو ڪرين؟“ ته هن جواب ڏنو ته: ”ميڊم! اسان کي اڇوت ذاتين ۾ به سڀ کان گهٽ درجو حاصل آهي، ان ڪري ڪٿي به ٻي ڪا نوڪري نه ٿي ملي. مهرباني ڪري مون کي اها نوڪري ڏيو، نه ته منهنجا ٻچا بک مري ويندا.“ بس اُن ڏينهن کان تاج اِهو مشن بڻائي ڇڏيو ته جيئن ئي ڪا اهڙي جاءِ نِڪتي، جنهن ۾ هن کي مقرر ڪري سگهجي ته کيس ترجيح ڏينداسين. هو سال کن ٻهاريدار رهيو. هو سنڌي پڙهيل ڪو نه هو، اُن ڪري ڪلارڪي يا ٻيو ڪجهه نه، ته به پٽيوالي ته ڪري ٿي سگهيو ۽ اُن لاءِ ڪنهن جاءِ خالي ٿيڻ يا نئين آساميءَ تي کيس آڻڻ جو ارادو ڪيوسين، پر قدرت کي منظور نه هو ۽ هو ڊينگي بخار ٿيڻ جي ڪري گذاري ويو، ۽ پوءِ سندس جاءِ تي ڪم ڪرڻ لاءِ جڏهن سندس ڀاءُ ساڳيءَ طرح ٻهاريدار ٿيڻ لاءِ درخواست کڻي آيو ته اُن سان گڏ، هن جي بي ايس سي جي ڊگري ۽ اليڪٽرانڪس ۾ ڊپلوما جو سرٽيفڪيٽ به لڳل هو. تاج مون وٽ اچي ويهي رهيو، چئي: ”ادي هن جي ڀاءُ سان ته اسين انصاف نه ڪري سگهياسين، هِن کي ڪا چڱي جاءِ ڏيو.“ اُن وقت اتفاق سان اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ پاران اٿارٽيءَ ۾ ’جديد سائونڊ اسٽوڊيو‘ ٺهيو هو، جنهن ۾ ڪمپيوٽر، ڪئمرائون ۽ ٻيون اليڪٽرانڪس جون مشينون ۽ اوزار مليا هئا، جن جي سار سنڀال ۽ مرمت وغيره لاءِ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي ضرورت هئي. پوءِ اُن لاءِ بورڊ کان منظوري وٺي، اُن ڇوڪري کي رکيوسين. اپوائنمنٽ ليٽر هٿ ۾ ملڻ وقت اُن ڇوڪري جي ته اکين ۾ لڙڪ هئا، پر تاج جي چهري تي هڪ عجيب خوشيءَ جو تاثر هو، اها هڪ دردمند دل رکندڙ ماڻهوءَ جي نشاني آهي ۽ تاج واقعي به هڪ دردمند دل جو مالڪ آهي.
آءٌ هڪ سٺي انسان جي سڀ کان وڏي نشاني سندس ايمانداري سمجهان ٿي، جنهن جي لاءِ ايمان جي سلامتي گُهرجي. تاج جويي ۾ ٻين گُڻن سان گڏ وڏي ۾ وڏو گُڻ سندس ايمانداري آهي. هو ساڍا ڇهه سال اٿارٽيءَ جو ڊي. ڊي. او رهيو، پر ڪڏهن هڪ رُپئي جي به ڪرپشن ڪانه ٿي، پاڻ ته ڪانه ڪيائين، پر ڪنهن ٻئي کي به ڪرڻ ڪانه ڏنائين. (جيتوڻيڪ ڪرپشن ڪرڻ وارا پنهنجي لاءِ رستا ڪڍي به وٺندا آهن، پوءِ اُها مالي ڪرپشن هجي يا اخلاقي!). اِن ڏس ۾ به صرف هڪ واقعو بيان ڪندس، سو اهو ته سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اسان سرڪار کان ’سگهڙن جي ڪچهري‘ نالي هڪ اسڪيم منظور ڪرائي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان، ملتان ۽ بهاولپور کانسواءِ هندستان جي ڪڇ ڀڄ ۽ راجستان جي سگهڙن جون ڪچهريون رکيل هيون. تاج جويو، اُنهن جو سڄو بندوبست دوستي ياريءَ ۾ ڪرائيندو هو. هو جنهن به ضلعي ۾ ويو ته ڪٿي ڪو دوست، ڪٿي ڪو اديب، ڪٿي ڪو شاگرد سڄو انتظام، ماني ٽڪي وغيره ڪندا هئا، باقي صرف ڪجهه ملازمن جو ٽي اي/ ڊي اي ۽ سگهڙن جو معاوضو ڏبو هو، ۽ پاڻ ڪڏهن به معاوضو نه ورتائين، جڏهن ته بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن اُن جي منظوري به ڏني هئي.
هندستان وڃي اُتان جي فنڪارن ۽ سگهڙن کان سنڌي ٻوليءَ جا لهجا، شاهه جا ڪلام ۽ ٻيو فن رڪاڊ ڪرڻ لاءِ ويزا جي ڪوشش ڪئي سين، پر اُها نه ملي سگهي، نيٺ تاج، محترم هيري ٺڪر، ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي، ڪلاڌر متوا ۽ ٻين دوستن کي چيو ته اُهي مدد ڪن. اُنهن اُتي هڪ اداري [NCPCL] طرفان سيمينار رکرائي، اسان کي دعوتناما موڪليا، جن جي بنياد تي اسان کي سولائيءَ سان دهليءَ جو ويزا ملي ويو. ڪڇ ۽ راجستان سرحد جي ويجهو هئڻ ڪري ويزا ڪونه ڏيندا آهن، سو اسان اُتان جي سگهڙن کي دهليءَ گهرائڻ لاءِ چيو. اسان اٿارٽيءَ جي فند مان ٽڪيٽون وٺي دهليءَ وياسين، پر ٿيو هيئن ته اُتي پهچڻ سان هُنن [سيمينار وارن] اسان کان ٽڪيٽون ورتيون ۽ اُهي پئسا اسان کي موٽائي (refund) ڪري ڏنا.
تاج اٿارٽيءَ جا پئسا بچائڻ لاءِ ڪنهن هال بدران پنهنجي دوست ’وينا شرنگيءَ‘ جي گهر تي ڪچهري رکي، جنهن تمام سهڻي نموني پنهنجي گهر کي اجرڪن ۽ رلين سان سينگاري، اسان جي حوالي ڪيو ۽ اسان کي بهترين ماني به کارائي... صرف سگهڙن جو ڀاڙو ۽ وڊيو جو خرچ ڪيوسين، ۽ جڏهن واپس آياسين ته تاج ۽ مون بچيل پئسن سان گڏ انڊيا ۾ مليل ٽڪيٽن جا پئسا اٿارٽيءَ ۾ واپس جمع ڪرايا. هو جيڪڏهن چاهي ها ته ٽڪيٽ ۽ هالَ جي مد ۾ بچايل رقم پاڻ وٽ رکي پئي سگهيو، پر هُن ايئن نه ڪيو- سو اُن کي آءٌ ايمانداري ۽ ايمان جي سلامتي سمجهان ٿي؛ جنهن جو عملي مظاهرو سندس آفيس مٿان لکيل اُن شعر مان ٿيندو هو، جيڪو هن طرح هو:
ڳڀو پاڻيءَ ڍُڪ ۾، ٻوڙي جي کائين،
پنهنجي اوچي ڳاٽَ کي، مُور نه جُهڪائين،
ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي پوي. (اياز)
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ڄڻ ته هن جو گهر هو، جنهن جي لاءِ هن ڏاڍو پاڻ پتوڙيو. هڪ ڀيري سائين جي. ايم سيد، محمد ابراهيم جويي لاءِ چيو هو ته ’ادبي بورڊ ۽ جويو هڪ آهن‘، سو تاج لاءِ چئي سگهجي ٿو. آءٌ سمجهان ٿي ته سنڌي ٻوليءَ جيان تاج جويي کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ سان به عشق آهي، هن اُنهن ٻنهي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو. ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ هُجي، ’مفصل سنڌي ڊڪشنري‘ هجي، ڪو به علمي ادبي ڪتاب يا ڪوبه ٻيو پراجيڪٽ، سيمينار وغيره، هن سيڪريٽريءَ جي ذميدارين سان گڏ اُنهن سڀني کي تمام گهڻيءَ محنت ۽ دلي جذبن سان سرانجام ڏنو. جتي انسائيڪلوپيڊيا يا ڊڪشنري سيل وارا هفتي ۾ ڪو مواد تيار ڪري ڏيندا هئا، اُتي هڪڙو ڏينهن (۽ شايد رات به) تاج اُن سڄي مواد جي پروف ريڊنگ ۽ ايڊيٽنگ ڪندو هو، تنهن کانپوءِ هڪ ڏينهن سڄو مون کي سوڌ سنوار ۾ لڳندو هو ۽ ايئن سوين صفحا جهٽ پٽ تيار ٿي ويندا هئا- جيڪڏهن اهڙو ٽيم ورڪ نه هُجي ها، تاج جويي جي dedication ۽ سهڪار نه هُجي ها ته شايد آءٌ ايترو ڪم نه ڪري ۽ نه ڪرائي سگهان ها. هو هڪ بي لوث ڪارڪن آهي. سنڌي ٻوليءَ جو پورهيت آهي.
جيتري قدر تاج جويي جي هڪ شاعر، اديب، نقاد، لطيف شناس، ٻوليءَ جي ماهر، ايڊيٽر ۽ مرتب وارين صلاحيتن جو تعلق آهي ته آءٌ سمجهان ٿي ته هن وقت سنڌ ۾  وِرلي ڪو ٻيو اهڙو ماڻهو هوندو، جيڪو ايترو گهڻو ۽ اهڙي اعليٰ معيار جو ڪم ڪري سگهي. سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، قومپرست سياست، ادب، ٻوليءَ (گرامر- لُغت وغيره) جي ڄاڻ کي ڏسندي، کيس ’هلندڙ گهمندڙ انسائيڪلوپيڊيا‘ چئي سگهجي ٿو. سندس حافظو به غضب جو آهي. سائين محمد ابراهيم جويي جي صحبت جو اثر اٿس يا سائين جي. ايم سيد جي قُربت جو، هو سنڌ جي سماج جي آجپي ۽ اُجري آئيندي لاءِ پنهنجو تن من ۽ ڌن ارپڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آءٌ دعويٰ سان ٿي چوان ته اِنهيءَ ٽهيءَ ۾ مون ايترو علمي ادبي ڪم ڪندڙ ماڻهو ڪونه ڏٺو آهي ۽ اُهو سڀ ڪجهه  هو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي محبت ۾ ڪري ٿو. ذاتي حوالي سان آءٌ ايترو چوندس ته هڪٻئي جي لاءِ شخصي عزت ۽ احترام پنهنجي جاءِ تي، پر مون سان هن جو تعلق ڪڏهن به باس ۽ زيردست جو ڪونه رهيو آهي، بلڪه وڏي ڀيڻ ۽ ڀاءُ جو رهيو آهي، ۽ اُميد ته هميشه رهندو، هو مون کي بنهه پنهنجو ڀاءُ لڳندو آهي.
’سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز‘ جي قائم ڪرڻ ۾ به سندس مڪمل سهڪار رهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين ٿيندڙ سموري ڪم ۾ هو اسان سان شامل رهيو آهي. ادا سراج سان سندس محبت ۽ عقيدت، سندس سنڌ لاءِ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل ڪم جي ڪري آهي، اُن ڪري هو اُن جي سموري پورهيي کي سهيڙڻ ۽ اُن جي سوڌ سنوار ڪرڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهندو اچي، ۽ يقيناً آئيندي به رهندو. اِها سندس ذات جي خوبي آهي ته هو هر اهڙي علمي ادبي ڪم کي پنهنجو سمجهي، دل سان ڪندو آهي.
سائين محمد ابراهيم جويي جي سئو ساله سالگره جي حوالي سان ڪم ڪار ۽ ڪتابن جي ايڊيٽنگ هجي يا ثقافت کاتي طرفان شيخ اياز جي سمورن ڪتابن جي ٻيهر ترتيبَ ۽ ڇپائي هجي، هُو اُن ۾ دل و جان سان رُڌل رهيو ۽ اُنهن کي توڙ تي پڄايائين، ايئن ئي ادا سراج جي ايندڙ ڪتابن لاءِ به سندس طرفان سهيڙ، ماهراڻي نظر، ايڊيٽنگ وغيره جو سلسلو جاري آهي ۽ جاري رهندو.

آءٌ سمجهان ٿي ته هن، سنڌي سماج ۾، پنهنجي شاگردن، اديبن ۽ دانشورن ۾ جيڪا عزت ڪمائي آهي، اُها سندس علمي ادبي پورهيي سان گڏ خلوص سان هر ڪنهن جي مدد ڪرڻ سبب آهي، جيڪا هڪ اڻلڀ خوبي آهي. پر هو مخالفتون ۽ دشمنيون به ڀوڳي ٿو، جيڪي ’مصلحت‘ نه ڪرڻ سبب آهن، ڪن معاملن ۽ اصولن ۾ ايترو شدت پسند آهي، جو نتيجن جي پرواهه ئي ڪونه ڪري، اها عادت اڄڪلهه جي زماني جي چلت ۾ ٺهڪي ٿي. جيتوڻيڪ ڪيترا ڀيرا مون کيس پنهنجي مخالفت ڪندڙ اديبن جي مدد ڪندي به ڏٺو- بيمار ۽ ضرورتمند اديبن جي لاءِ ثقافت کاتي جي عملدارن سان جهيڙيندي به ڏٺو. اٿارٽيءَ جي ڪم ڪار جي حوالي سان يا ذاتي حوالي سان اسان جي خلاف لکندڙ هڪ اديبُ جڏهن بيمار ٿيو ۽ موت جي بستري تي هو ته هن مون کي ’اينڊومينٽ فنڊ‘ مان سندس مدد ڪرڻ لاءِ ميٽنگ ۾ وڃي سفارش ڪرڻ لاءِ چيو. تڏهن مون حيرت مان ڏٺومانسِ ته چيائين: ”ادي موت سان جهيڙيندڙ سان ڪهڙو جهيڙو؟“ سو آءٌ سمجهان ٿي ته هو هڪ سٺو اديب ۽ عالم هئڻ سان گڏ هڪ سٺو انسان به آهي. منهنجي هڪ ڀيڻ طور دعا آهي ته شال! هو پنهنجي وطن ۽ ويڙهيچن سان اِيئن ئي وڙ ڪندو رهي ۽ سدائين خوش رهي.





تاج جويو

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ جو هڪ اتساهه پاسو
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُحاورو آهي ”پنهنجن سان سٺا پير ڀرڻ“ ڪيتريون وضاحتون هونديون ان چوڻيءَ لاءِ پر ٻڌي ليکي ان مُحاوري جي معنيٰ جڙندي ته، پنهنجن ساڻ ڏک ۽ سک ۾، شاديءَ ۾ غميءَ ۾ ۽ ٻين ڪمن ۽ اهم موقعن تي گڏ هجڻ.
ظاهر آهي ته اها سنڌي چوڻي آهي ۽ سنڌين جي مزاج جي آڌار جڙي هوندي ۽ سوين سالن جي مشاهدي ۽ عمل مان گذرڻ کان پوءِ مڃتا جي لائق ٿي هوندي.
پڪ سان انهيءَ چوڻيءَ پٺيان هڪ هدايت به آهي پر جڏهن به مٿيان ڳڻ ڪنهن شخص ۾ ڏٺا ويا هوندا ته ان کي سنڌي سماج ۾ آبرودار، سلڇڻو، همدرد ۽ ٻين ڪيترن ئي ان معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن سان ياد ڪيو ويو هوندو يا مانُ ڏنو ويو هوندو.
سنڌ ۾ اڄ عام سماجي ڀڃ ڊاهه، جنهن تيزيءَ سان ٿي رهي آهي ۽ سنڌ جا تهذيبي، ثقافتي، سماجي ۽ اخلاقي قدر جنهن تيزي سان ٽُٽي رهيا آهن ماڻهو سماجي ميل ميلاپ جا رشتا ٽوڙي رهيا آهن، ان سوسائٽيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو به مٿئين مهاوري وارا ڳڻ رکندڙ شخص پيدا ٿي پوي ته پڪ سان اهو شخص سنڌي سماج جو اعليٰ ڪردار چئبو.
سنڌ ۾ جيئن ته هڪ ڪلاس اهڙو به آهي، جنهن کي دنيا جي ڪنهن به سماج ۾ اعليٰ مرتبي طور ڏٺو ۽ سمجهيو ويندو آهي، اهو اديبن ۽ عالمن جو ڪلاس آهي، يقين سان ادب ۾ جيئندر شخص ادب جي ڪيترين ئي ادبي ڌارائن سان جڙيل رهيا آهن، جنهن ڪري اهي پنهنجي شخصي زندگي به پنهنجي ادبي ڌارا تحت گذارڻ تي زور ڏيندا رهيا آهن ۽ پنهنجي زندگي جي رهيا آهن، انهن جو سماج سان تعلق گهٽ ئي آهي.
پر سنڌ ۾ گهڻن نمونن جي زندگي جيئندڙ اديبن ۽ عالمن ۾ ڪي شخص اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي ادبي زندگيءَ کان ٻاهر هڪ اهڙي زندگي  جيئندا رهيا آهن، سچ پچ جنهن زندگيءَ لاءِ مٿيون مهاورو بلڪل ٺهڪي اچي ٿو، في الحال اهڙن شخصن/ اديبن جي چڱي فهرست جي وچ مان خاص طور مان تاج جويي جو نالو کڻڻ چاهيان ٿو.
تاج جي نالي جي اڳيان توڻي پويان ڪنهن به نسبت لڳائڻ جي گهرج بنهه گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به موڙ تي اها نسبت هار کائي سگهي پر تاج جو اهو عمل جيڪو ان مهاوري طور ظاهر ٿئي ٿو هار نٿو کائي سگهي.
پڪ سمجهڻ گهرجي هن لکڻ کي مان مڪمل طور تاج جويي جي ادبي زندگيءَ کان ٻاهر رکان ٿو ۽ ڪا به نسبت ان ڪري نٿو ڏيڻ چاهيان جو هو منهنجو وڏي ڀاءُ جهڙو اهڙو مهربان دوست آهي، جنهن لاءِ سائين/ محترم/ جناب/ مانوارو/ مانائتو لفظ هن جي مرتبي کان شايد گهڻو هيٺ رهجي وڃي ڪنهن به حوالي ۾!.
چالهين سالن جي تعلق جي مشاهدي کان پوءِ مان پنهنجي بزرگ چاچي حاجي خان جويي جي هن پٽ کي بنهه عام شخص طور کڻڻ چاهيان ٿو، هڪ اهڙو شخص جيڪو پنهنجي خاندان، اوڙي پاڙي، ادبي برادري، نظرياتي برادري طور سموري سنڌ سان ”سٺا پير ڀرڻ“ جي حوالي ۾ اهڙو مثال آهي جهڙو شايد سنڌي ادبي برادري ۾ ٻيو نه ملي سگهي يا گهٽ ملي سگهي.
هُو ڪجهه وقت سرڪاري گاڏي تي چڙهيو به ته سموري سٿ سميت باقي سموري زندگي اڄ تائين پيرين پنڌ عام ماڻهوءَ جيان هلندو رهيو پر ڪنهن به دوست جي جيئن خوشي جي موقعي تي پهتو ۽ سٺو پير ڀريائين، تيئن هو هر ڏک جي موقعي تي به پهتو ۽ سٺو پير ڀريائين.
هت سندس ڪيترائي سٺا پير ڀرڻ جي ذڪر کي پاسي تي رکي صرف تازي هڪ سال ۾ هن جي فقط هڪ عمل کي ڏسڻ جي تصوير چٽي رهيو آهيان ۽ اها اهڙي آهي ۽ اهڙي شخص جي آهي جهڙن شخصن لاءِ ئي ڀٽائي چيو هو ته
هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ
۽ اهي شخص ان صورت جي روپ ۾ ئي ظاهر رهيا.
تازو جبري طور کنڀي گم ڪيلن جي مسئلي تي سنڌ جي نياڻين جيڪا جدوجهد هلائي آهي، ان ۾ سنڌ جي سڀني اديبن، عالمن، شاعرن جو عملي ڪردار تارازي جي هڪ پاسي ۽ تاج جويي جو عمل ٻئي پاسي رکبو ته شايد تارازي جو جهڪاءُ ان پاسي هوندو جنهن پاسي تاج جويي جو عمل هوندو.
عمر جي سٺ کان وڌي ستر جي ڏهاڪي ۾ جيئندڙ تاج جويو جنهن عمل سان هلي رهيو آهي، اهو ڪنهن به طرح سنڌ لاءِ فخر جو سبب آهي، سنڌ جا سڀ ساڃاهه وند هجڻ جو ڀرم سانڍيندڙ ممڪن آهي ان عمل کي ڪي الڳ نانوَ ڏين ۽ سچ به آهي ته اهڙو عمل عقل نه ڪرائي سگهندو، پر ان عشق کي ڪيترو احترام ڏجي جيڪو عشق، جيڪا لاڳاپيداري هن کان اهو عمل ڪرائي رهي آهي.
جيڪڏهن سنڌ جي ڪنهن به شعبي ۾ رهندڙ ۽ جيئندڙ ماڻهن ۽ عام توڻي خاص جو تجزيو ڪبو ته اهڙو ڪهڙو شخص سامهون اچي سگهي ٿو جيڪو سنڌ جي ڪنهن به ڏک کي پنهنجو سمجهندو هجي، ڪنهن به تڏي کي پنهنجو تڏو سمجهندو هجي ۽ ان تي ويٺل هجي اهو ڪهڙو خوشيءَ جو موقعو هجي جنهن ۾ شامل هجي ته مون کي فقط تاج جويي جو نالو ۽ چهرو نظر ايندو، گڏوگڏ هن جي ان عمل جي احترام ۾ منهنجو ڪنڌ جهڪي ويندو ۽ پنهنجائپ جا ٻه لفظ زبان مان نڪري ويندا.
ڪيترن سنڌ دوستن وانگر سنڌ جا جيڪي به شخص سنڌ خاطر شهيد ٿيا آهن، انهن سڀني جي تڏي تي جيڪڏهن ڪو پهريون شخص پُڳو هوندو ته اهو پڪ سان تاج جويو هوندو.
کنڀي گم ڪيل سنڌين جي خاندانن سان اسان سڀني تازي جدوجهد ۾ هٿ ونڊايو ضرور آهي پر ڪي پل، ڪلاڪ، ڪي ڏينهن پر هيءُ اهو شخص آهي جيڪو هن عمل ۾ ايئن رهيو آهي، جو گمان ٿيندو آهي ته سنڌ جي کنڀيلن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ سڀني نياڻين جو ڄڻ هيءُ ئي وارث هجي ۽ هڪ وڏي وارو ڪردار ادا ڪندو هجي.
سفر ۾ جيڪو ساٿي، جيتريون وکون گڏ هلندو آهي، اهي ياد رکيون وينديون آهن، يا پاڻ مرادو ياد رهجي وينديون آهن پر هن جهڙو، سنڌ جي اديب لڏي، هن معاملي تي ڪنهن به طرح پاڻ نه ملهايو آهي.
سنڌي ادبي سنگت جو ڪردار ساراهڻ جهڙو آهي، پر ان لاءِ بنيادي ڪم ادب بابت ٻيا به گهڻا آهن، جن ڏانهن ان کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. نئين ٽهيءَ جي انهن نوجوان اديبن کي ساراهڻ کپي جن پنهنجي پليٽ فارم تان هن مسئلي لاءِ جيڪو به ڪجهه ڪيو آهي، اهو ٺيڪ آهي پر اڃا اڳتي گهڻو ڪجهه رهيل آهي، ادب جي حوالي !. سوال هي به آهي ته اسان کي سنڌي ادبي سنگت جي فورم تان ڪرڻو ڇا آهي؟. اهو چٽو نه آهي، سنڌ جي اديبن کي سنڌ ۽ ان جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪا واٽ طئي ڪرڻي آهي. ڇاڪاڻ ته مجموعي طور سنڌ لاءِ اها واٽ سياسي ڌريون طئي نه ڪري سگهنديون. سنڌ جو تهذيبي، ثقافتي ۽ سماجي توڻي ٻئي ڪنهن به حوالي ۾ تحفظ سنڌي اديب ئي ڪري سگهندو ۽ ان کي ڪرڻ گهرجي، جيئن هن ماضيءَ ۾ ڪيو آهي.ڪيئن به اديبن کي پنهنجو پليٽ فارم پاڻ طئي ڪرڻو، ان کان ٻاهر سياستدان آهن، انهن جا پنهنجي طريقا آهن ۽ پنهنجون حاصلاتون آهن.
ڪنهن به سياسي پليٽ فارم کان پري هڪ اديب هڪ شخص سان ڪيترائي اختلاف ڪيتريون ئي اڻ سهمتيون رکندي به اهو چوڻ کان رهي نٿو سگهان ته تاج جويي سنڌ جي وطن دوست ڌرين سان جيڪو ڀلو پير کنيو آهي اهو ڪنهن به طرح ٻئي سنڌي اديب جي نصيب ۾ نه آيو آهي، يا گهٽ آيو آهي ۽ اديب جيڪڏهن سماج جو حصو آهي ته پوءِ هن کي سماج سان ئي بيهڻو آهي، شايد اسان ۾ ايتري سگهه نه آهي جا تاج جويي ۾ آهي.
اسان جي دوستيءَ جي دائري ۾ اسان کي خبر آهي ته هن جا ڪي عمل ۽ رويا بي وقتائتا هوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڻ وڻندڙ حد تائين ويندڙ پڻ! پر هن جي لڳاتار جستجو هن کي هڪ مان ڏئي ٿي، جنهن کي اسان سڀ مان ئي سمجهون. ڇاڪاڻ ته اهو مان کيس سنڌ جي انهن ماڻهن ڏنو آهي جن سان هن سدائين سٺا پير ڀريا آهن، سندس ان عمل تي لکڻ جو هن جي خلقيل ادب تي لکڻ سان واسطو نه آهي ڇاڪاڻ ته هي ليک سندس ادب جي اوک ڊوک کان ٻاهر آهي پر هن کي ڪنهن به طرح هڪ شخص جي حوالي ۾ لنوائي ڇڏجي اهو ممڪن نه آهي.
ٻيءَ طرح سورٺ لوهار، سسئي لوهار، تنوير آريجو، نيلم آريجو، سنڌو امان چانڊيو ۽ سنڌيا عباسي ۽ ٻين سنڌ جي نياڻين سان جيڪڏهن اس ۾ ڇانوَ ۾، بک ۾ ڏک ۾ ڪو شخص بڙ جي ڇانو وانگر مٿان بيٺو رهيو ته اهو تاج جويو آهي ۽ هي سڀ اهڙا عمل آهن جن مان کيس ڪجهه به شخصي طور ملڻو نه آهي.
هنن عملن کيس طعنا ڏنا آهن، بکون ڏنيون آهن، بيماريون ڏنيون آهن پوءِ به هو انهن عملن ۾ شامل رهيو آهي، کيس نه ڪنهن اجرڪ پائڻ جي اميد نه ٽوپي ملڻ جي خواهش ۽ اڃا به اهو سڀ ملڻ جي پڪ هجي، جيڪو ڪنهن به شخص جي سهپ کان ٻاهر هجي پوءِ به خوشيءَ سان قبولڻ وارو شخص تاج جويو ئي ٿي سگهي ٿو. جنهن ڪڏهن به پنهنجي انا کي آڏو رکي ڪنهن دوست، ڪنهن مسئلي، ڪنهن ڏکي گهڙيءَ کان پاسو نه ڪيو هجي. هو اڻ چيو ۽ اڻ گهريو حاضر رهيو آهي، جيتوڻيڪ ڪٿي ڪٿي هن جي انا مجروح به ٿي آهي، پر هن ڪڏهن به سنڌ جي تهذيب ۾ هڪ رڄ چڱي مڙس هجڻ واري روايت تان هٿ نه کنيو آهي، شايد سنڌ ۽ سندس ڄڻيندڙ امڙ کيس اهڙي بردباري جي سُتي ڄائي ڄم کان پياري آهي ۽ هن جڏهن جڏهن اها بردباري اورانگهي آهي يا ان کي پٺي ڏني آهي ته دل سان ڏکويو آهي.
منهنجو ساڻس شخصي لڳاءُ آهي شايد ان ڪري ڪراچي پريس ڪلب جي بک هڙتال تان اٿي هو جڏهن سنڌ جي نياڻين سان گڏجي عوامي آواز جي آفيس آيو ته کيس ڏسي مان پنهنجو پاڻ سنڀالي نه سگهيو هيس ۽ اکين جا ڳوڙها لڪائڻ لاءِ ڪنهن ڪم جو بهانو ڪري ڪجهه گهڙين لاءِ کانئس پري ٿي ويو هوس، ڪيترن ڏينهن جي وڌيل اڇي ڏاڙهي، ميرا ڪپڙا، اڻڀا وار، مون کي ان وقت سنڌ جو ذهين شخص حشو ڪيولراماڻي ياد اچي ويو، جنهن جو هُليو هند جا دوست ايئن بيان ڪندا هئا. حشو ڪيولراماڻي سان بيپناهه پيار ڪندڙ تاج جويي جي مون کي ساڳي محذوبي ان وقت اکين ۾ لهي آئي هئي، ساڳئي وقت هن جي اڏولتا به (هن جو علمي ادبي ڪم بريڪيٽ ۾ رکندي) گهڙي کن لاءِ مون کان اڳوڻو پروفيسر، اڳوڻو سنڌي ٻوليءَ جو سيڪريٽري، عالم، شاعر ۽ اديب تاج جويو بنهه وسري ويو هو.
شايد علامه آءِ آءِ قاضي صاحب ٺيڪ چيو هو ته ”ذهانت ۽ چريائپ ۾ سنهي لڪير جيترو فرق آهي، شخص ڪنهن به وقت اها لڪير پار ڪري ڪنهن به سرحد کي ڇهي سگهي ٿو“. ان وقت بيحد غصو ڏيندڙ ۽ ڪڏهن ڪڏهن کانئس پري ڀڄي وڃڻ وارن عملن واري تاج جويي لاءِ منهنجو احترام ايترو وڌي ويو هو، جيترو نامياري اديب هريش واسواڻي وٽ حشوءَ لاءِ، جنهن کيس ساريندي رچنا مئگزين ۾ هڪ مضمون جي شروعات هن طرح ڪئي هئي ”حشو ايندو آهي ڳالهائيندو آهي ته چوندو آهيان ته هاڻ هليو وڃي ۽ جڏهن ڪجهه ڏينهن نه ايندو آهي ته من اداس ٿي ويندو آهي ته هُو ڪيئن هوندو؟“ ۽ مان سمجهي نه سگهيو هوس ته مون وٽ اهو احترام اهو پيار تاج جي ذهانت لاءِ لهي آيو هو يا سندس مجذوبيءَ لاءِ. ڪيئن چئجي.
ڪنهن سان به ڪنهن جي لاءِ به احترام ۽ پيار جي اها ڪهڙي سرحد آهي مون کي سمجهه ۾ نه آيو آهي اسان گهڻن دوستن وٽ اسان جي محبوب دوست تاج جويي لاءِ اهڙي ئي محبت ۽ احترام آهي، جنهن کي ڪو به نالو ڏيڻ ڏاڍو مشڪل آهي، شايد کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ ڪي لفظ نه سُجهندا آهن، هن جو ذڪر اسان لاءِ وڏي احترام ۽ پيار وارو فقط اهو آهي ته هو اسان سڀني سنڌ وارن سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويو آهي.


تاج جويو
همين چِراغ، همين پرواني!
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
تاج جويي جو جيون ’جل جل مشعل جل‘ آهي، يا اُن تي مڙندڙ پتنگ آهي. آپا عينيءَ جي لکڻين ۾ ’همين چراغ، همين پرواني‘ جهڙو عنوان به آهي، پر مقامي پسمنظر ۾ سگهاري ناول لکڻ لاءِ سرڪش ناول نگار جو تاج جويو هڪ لاجواب کاهوڙي ڪردار به آهي. اهڙي ناول جي اُڻت ڪرڻ لاءِ هاڻي سراج ميمڻ ۽ آغا سليم کان پوءِ علي بابا به نه رهيو آهي. ڪاش! ڪوئي ايندڙ ٽهيءَ مان نوجوان اديب، جڳ مشهور ليکڪ، ڪازانت زاڪس جي لفظن: ”ڪي ماڻهو ڌرتيءَ جون ٿوڻيون ۽ آسمان جا ٿنڀا هوندا آهن،“ کي پڙهي، پنهنجي ڌرتيءَ جي کاهوڙي ڪارڪن، پورهيت اديب، وطن دوست شاعر، سگهاري نقاد ۽ محنتي محقق تاج تي ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ ناول تخليق ڪري! پر اسان وٽ اِئين ٿيو تمام گهٽ آهي. اسين بي حسيءَ جي بارش ۾ پُسي ويل دَور ۾ زنده آهيون. روايتي رنگ مان نِڪري، مثبت ريت واري نواڻ اختيار ڪرڻ جي روايت جوڙي نه سگهيا آهيون. اسان وٽ ڪوڙ جي ڪٿائن ۾ لفظن جو ايترو غيرمناسب استعمال ٿيو آهي، جو سچ جي ساکَ واريندي، لفظ پنهنجي مناسب اهميت حاصل نٿا ڪن.
تاج وٽ عالمي ادب، فڪر ۽ اتهاس لاءِ احترام آهي، پر رُوح ۾ رقص، صرف پنهنجي ٻوليءَ جي ادب، فڪر ۽ اتهاس تي محسوس ڪري ٿو. هن ڌرتيءَ جي هر عاشق ۽ علم ۽ ادب جي راهه جي هر پانڌيئڙي کي پنهنجي دل جي جهوپڙيءَ ۾ ٻرندڙ اُميد جو ڏيئو ڀانئيو آهي:
سنڌڙي توکي جندڙيءَ لائي،
ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳاتم ڙي!
ٻاٻاڻن جي ٻانهڙي آهيان!
رومي، تُلسي سُهڻا شاعر،
لنوءَ لطيف سان لاتم ڙي!
ٻاٻاڻن جي ٻانهڙي آهيان!
هن جو روح فقيري رمزن سان اهڙو ريجهيل آهي، جو جمال احسانيءَ جي لفظن ۾: ”بادشاهن کي به رشڪ ايندو آهي. مون جنهن شانَ سان فقيري ڪئي.“ هن جي ذات ۾ ڪٿي به ٺٺ ٺانگر ۽ پاڻ پڏائڻ جو رويو موجود نه آهي. سنڌ جي هر واهڻ وستيءَ جي هِن سان حُجت واري محبت رهي آهي، جنهن جو سدائين هن مانُ رکيو آهي. پيارَ هن جي اکين ۾ سُرمي سرائيءَ جيان ڦِرڻ ٿي چاهيو، پر هي مٽيءَ جي محبت ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري ويو. هُرمچ جي ڀرت ڀريل چولن وارين چنچل نارين سان گڏ، هن جون شامون گهٽ گذريون آهن، پر وطن جي عاشقن، علم، ادب جي عالمن ۽ پورهيتن سان گڏ، هن سالن جا سال گذاريا آهن. وطن کي علم ۽ ادب جي اوساريءَ سان اڏيندي، جڏهن به هن ڪنهن راڳيءَ جي راڳ ۾ ٿري لوڪ دوهن جو داستان ٻڌو:
رات ڪونجڙيان ڪريڙيو، ٽولي ٽولي ٽيس،
مين سُتي ساجن ساريو، اُر لي ڀاگي اِيس.
[رات ڪونجون ڪُرلائينديون ويون، ٽوليءَ ٽوليءَ ۾ويهه هُيون، مون سُتي ساجن ساريو ۽ اُرهَه سان کَٽَ جي اِيس ڀڄي پئي[
رات سارس ٻوليا، دريا، پيهلي دنگ،
مين سُتي ساجن ساريو، ارگت بهه گئي انگ.
[رات سارس (پکي) درياهه جي ڪنڌيءَ تي اچي ٻوليو،
سارس جي مٺي ٻوليءَ تي، مُون کي سُتي ساجن ياد پيو،
منهنجي جسم تي ڄڻ ارگت (ڪارائي) وهي وئي].
تڏهن هن جي من ۾ محسوس ٿيو ته ڪوئي پيارَ جي پُڪارن ۾ سڏ ي رهيو آهي. پيارَ جي ميارن ۽ مِهڻن ۾ مڙي، هن جيڪي پل پيارَ کي ارپيا آهن، اُنهن ۾ پيارُ هن جي روح جي هندوري ۾ ائين لُڏيو آهي، جيئن اُتر جي هوائن تي ڪينجهر جي پاڻيءَ ۾ تماچيءَ جي ٻيڙي لُڏندي هئي. سُونهن جي صورتَ هن کي ائين وڪوڙي رکيوآهي، جيئن ٿر جي ڀِٽن تي گولاڙي جون وليون کٻڙن کي وڪوڙينديون آهن. فارسيءَ جي ڪنهن شاعرچيو آهي ته: ”سفر اُهو نه آهي ته مصر کان بغداد وڃين، جان جي رستي تان جو سفر جانان ڏانهن وڃي ٿو، اُهو ئي مَردن جو سفر آهي.“ اُن وانگيان وقت جي ٻوڏن ۾، اُميد جي گهرڙن ۽ سپنن جي سامان جي ٻُڏڻ جي منظرن کي اکين سان ڏسندي، به هن جو ڏيلُ ڪڏهن ڏڪيو نه آهي. اڏولتا ۾ ڪارونجهر جو سڳو ڀاءُ لڳندڙ، جاد وَنس جو هي جويو، مثالي مڙس ماڻهوءَ جو بي مثالي رُوپ به آهي. ڀاٽي راجپوتن جي ونساوليءَ ۾ ’جويا‘ قبيلي جي شاخ ڪٿان شروع ٿئي ٿي؟ جويا قبيلي جي تاريخ تي انگريزيءَ ۾ هڪ هزار صفحن وارو ڪتاب ڇپجي چُڪو آهي، انهيءَ جي آڌار پيڙهين جو پُراڻو پوتاميل ڪنهن ٻئي ٽاڻي کولبو. هن مضمون جي تاڻيل ننڍڙي تنبوءَ هيٺ ويهي، اِها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته پير ڪولاچي [ڳوٺ] جي هاريءَ حاجي جويي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ تاج محمد المعروف ’تاج جويو،‘ سنڌ جو سُرخ سويرن جهڙو سورمو قلمڪار آهي. سموريءَ سنڌ جا ماڳ، هن جي رُوح ۾ رَچيل آهن، سنڌ جي ماضيءَ جا منظر ڪاريءَ رات جي ڪنهن پَھر ۾ جڏهن هن جي من ۾ جاڳندا آهن، تڏهن آڌيءَ رات جو اروڙ ٿڌا ساهه ڀري، هن سان مخاطب ٿيندو آهي ته ’ڇا سنڌ جو باغي رُوح، رات جي وِلهه ۾ ٺار ٺرندي سُمهي پيو آهي؟‘ روهڙي، بيدل ۽ بيڪس جي شاعريءَ جو سُرور ميڙي، هن جي رُوح ۾ اچي راماڻا ڪندي آهي ته سنڌ، تصوف جي مورچي تان تعصب جي هر حرڪت کي رد ڏيئي ڇڏيو هو، پوءِ ’نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو‘ جي صدا هڻندڙ راڳي رتو رت ڪيئن ٿيو؟‘ مڪليءَ جي ماٺ کي ٽوڙي، دولهه دريا خان جي للڪار جو آواز هن جي اندر کي اچي گرمائيندو آهي ته ’ڄام نندي جي روايتن کي ڇو وساريو ويو آهي؟‘ ڪارونجهر جي پهاڙن ۾هڪ پيرَ تي بيهي تپسيا ڪندڙ پاراسر رِشي اچي کانئس پُڇندو آهي ته ’سنڌ جي تاريخ جا ڪوي! تون اُهو ٻڌائي سگهين ٿو ته مون مڇندرا جي ڪجلين اکين ڏانهن گهورَ سان نهاري، سنهڙي چيلهه تي هٿڙو ڦيريندي، ڇِرڪ ڇو ڀريو هو؟ ڪارونجهر کي پاراتو ڏيڻ مهاپاپ آهي يا ڪامديو کي من مان تڙي ڪڍڻ؟‘ پاريءَ نگر جي پڊ تان سڏونت جي صدا گونجندي آهي ته ’ڇا ڪڏهن ڪوئي محبوبا کي چُمندي بيزار ٿيو آهي؟ ڪجلاسر جي ڪجلي سارنگا تون ڇو رُني آهين؟ تنهنجي اکين جي ڪجل هاڻن لُڙڪن، ڪارونجهر ۾ ڪاريون جَهريون وجهي ڇڏيون آهن!‘
اهڙن اوراڻن کي اندر ۾ اُتاري، تاجُ، ماضيءَ جي منظرن مان نڪري، حال جي حقيقتن ۾ اچي، سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ رَگ ويد جي رَشين جي پوئواري ڪندي، روز ’سنڌوءَ جا سُوتر‘ لکڻ ويهندو آهي. هن جي لکڻ توڙي لوچڻ، سوچن توڙي سپنن جو محور سنڌ، سُونهن ۽ سچ آهي. هن احتجاج جا انوکا رُوپ، سنڌ، سُونهن ۽ سچ جي لاءِ اختيار ڪيا آهن. هن سرچاءَ جا سانگ به سنڌ، سُونهن ۽ سچ جي لاءِ سجايا آهن. ڀٽائيءَ چيو آهي ته: ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.“ تاج سان ملي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ماڻهوءَ مان بهار جي بُوءِ ڪيئن ايندي آهي ۽ ڀُونءِ جي ڀاڪُرجو ساءُ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ تاج ڪڏهن به اهڙي اميراڻي محفل جو مان مٿانهون نه ڪيو آهي، جنهن ۾ سگريٽ جي دونهين ۽ شراب جي بدبوءِ ۾ ويڙهجي، ناچڻيءَ جا گهنگهرو گونجندا آهن. هن نينهن جي نشي ۾ اهڙن اميرن ۽ آمرن کي للڪار ڪندي چيو آهي ته:
تُنهنجِي طاقت خوابُ،
آمر، اچڻا وڃڻا!
مون وٽ نَشو نينهن جو،تو وٽ جام شرابُ؛
آمر اچڻا وڃڻا!
هن اَهنسا ۽ پريم جي قومي علامت کي اُڀاريو آهي، عوامي زندگيءَ جون علامتون، جيڪي ڀٽائيءَ ڳولي ڳاتيون، هن اُنهن جي عظمت کي آديس ڪري، زندگيءَ کي نئين سانچي ۾ پلٽڻ لاءِ پنڌ ڪيو آهي. مون هن کي مڇي ڇٽ وارن مهاڻن ۽ مياڻين وٽ ڏٺو آهي ته اُجهامي ٻرندڙ اڱارن ۽ ڌنوڻين جي ڌڻين وٽ زندگيءَ جا داستان ميڙيندي به پَسيو آهي. هن پُسيءَ ۽ پيرون، مانڌاڻي ۽ مَڪ تي مهڪندڙ ماروئڙن جو گهرَ ڀاتي ٿي گذاريو آهي، هن جو انسانيت تي ايمانُ رهيو آهي، هن جي انسان سان محبت رهي آهي. هن جي دل جهالت سان ويڙهه وڙهندي، ڪڏهن اَگهي ۽ اُداس نه ٿي آهي. ڀٽائي سائينءَ جي لفظن ۾: ’اڳيان پويان ٽاڻ، ويا ويچارن وسري!‘ جهڙي ڪيفيت ۾ به هن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ديس واسين جي لاءِ گس گهڙيو آهي، ظلم ۽ جبر جي خلاف عام کي اُڪسايو آهي، ماحول جي مونجهه ۾ ويڙهيل انسان کي فرحت جي واٽ ڏيکاري آهي. هن درازن جي دز چُمي، ’ساميءَ ويس سلوڪڙن‘ جي چادر اوڍي، انسان ذات جي گوناگون اُمنگن ۽ آدرشن کي ميڙي، ڀِٽ ڌڻيءَ جي ڀِٽَ تي نئون سِج اُڀارڻ لاءِ جُستجو ڪئي آهي. هن سدائين مايوس دلين کي محبت جو انتظار ڪرڻ لاءِ همٿايو آهي. هن جو ويساهه رهيو آهي ته: ’آدرشن جو تماچي، جُهونجهڪڙيءَ جو جهومر ٿي اچڻو آهي، ۽ ڪينجهر جي لهرن تي نئين جُڳ جي نوريءَ سان نورا پائي نچڻوآهي.‘
تاجَ ڪڏهن به پنهنجن بنيادي اُصولن تي ڪمپرومائيز نه ڪيو آهي، تاج بنيادي طور تي شاعر آهي، پر مجموعي طور هن نقاد ۽ محقق جي حيثيت ۾ پاڻ کي وڌيڪ نروار ڪيوآهي. هن جون لکڻيون ڪنچن آهن، جن ۾ ڦيٽَ جو ماسو به نه آهي. تاج کي ٻه ڪم آسانيءَ سان ڪرڻ اچن ٿا: هڪ لکڻ جو ڪم ۽ ٻيو دوستن وٽ پهچڻ. هن جي نثر ۾ سنڌوءَ جي ڇولين جي مَستي آهي، ته ٺٽي جي گُلن جي نزاڪت آهي، ۽ ڪارونجهر تي وسندڙ بادلن جي گهرائي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ هن ڏُک ڏڌي جوانيءَ جا گيت آهن؛ پورهيت جي اندر جي آنڌ مانڌ ۽ مُنهن جي اُڻتڻ آهي؛ صبح جي سيتل ڪرڻن جي تمنا آهي ته ظلم جي ڪاريءَ رات جي لاءِ ڌِڪار آهي. سنڌي ادب جي پورڻتا ۾ هن جي پورهيي کي ڪير به نظرانداز نٿو ڪري سگهي.
ڪهڙي ڪنڀر جوڙيو، مٽيءَ بنا ٿانءُ،
آهي تنهنجي ٻاجهه سان، ميان منهنجو نانءُ،
ڪٿي هُجان آنءُ، جي نه هجين تون جُوءِ ۾.
(شيخ اياز)
تاجَ ڪڏهن پنهنجي نيڻن کي ننڊ تي نه هيرايو آهي، ڪيترو به اوجاڳو هجيس، ڀلي رات جي اَويلي پَھر ۾ سُمهي، پر تاج اَسُر جو اُٿي ويٺو هوندو آهي.
ڄاڻان جاڳَ، سڀاڳُ،
نيڻ نه ننڊُن هيرئان!
سچَ سمائي ساھَ ۾، رَڳ رڳ ڳاتو راڳُ،
نيڻ نه ننڊُن هيرئان!
تاج جويو نه صرف جديد سنڌي ادب جو ڀاٽُ آهي، پر ساڳئي وقت ’کرڙي کائي رَتُ، ڀَت نه وِجهي وات ۾‘ واري پسمنظر ۾ سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ جي تاريخ جو وڏو ڄاڻو آهي. سنڌ جو نئون نسل تاجَ کان اهاتوقع ڪري ٿو ته هُو اُنهن ٻنهي موضوعن کي اڃا وڌيڪ اُپٽار ۾ آڻيندو. شيخ اياز چوندو هو ته: ”سائين جي. ايم سيد جي سوانح عمري آءٌ (اياز) تاجُ ۽ آريسر گڏجي لکنداسين“، پر افسوس، اها لِکجي نه سگهي! آريسرُ، تاج کي ’استاد‘ سڏيندو هو. تاج نه رُڳو آريسر جي ڪتابن جي سَنوار سڌارَ جو پورهيو ڪيو، پر سنڌي ادب جي ڪيترن ئي ليکڪن ۽ شاعرن جي ڪتابن کي ايڊٽ ڪندي، هن اُنهن کي ڪڏهن ڪڏهن ته ري رائيٽ ڪيو آهي، پر حق ۽ واسطا پاڻ وٽ نه رکيا آهن.
تارا تنهائيءَ ۾طنزيه مُرڪ مُرڪندي، هن کي چوندا آهن ته: تُنهنجي پيار جي ديوي، روشنيءَ جي سهيلي آهي، پوءِ تُنهنجي ڀاڳ ۾ ڪاريون راتيون ڇو آيون آهن؟ پر هن ڪويءَ ”ڪڏهن ٿيندين سَچُ؟سپنا مُنهنجي ساهه جا.“ جهڙي وائي لکڻ باوجود، ڪڏهن ڪنهن کان اهو نه پُڇيو ته اُهو صبح ڪٿي آهي، جنهن صبح جي آسَ ۾ پنڌ ڪندي، پاڻ کي ڪڏهن اُڃ نه لڳي آهي، ۽ جنهن صُبح جي لاءِ پاڻ ڪارين راتين سان اُلجهيا آهيون.
تاجُ سرڪاري نوڪري ڪرڻ دوران ڪڏهن فائيلن ۾ وڃائجي نه ويو آهي، نه وري ڪڏهن رٽائرمينٽ کان پوءِ سُک جي سامروٽيءَ ۾ چنڊ هيٺيان رِلي پائي سُمهڻ جو سوچيو آهي! هن سدائين پنڌ ۽ پورهيو ڪيو آهي. هن ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ، شهر جي گُهٽيل راتين ۾ به ڪتاب پڙهيا آهن.
تاج جو حافظو به ڪمال جو آهي. جڏهن حيدرآباد جي شام ويراڳيءَ جي اکين جهڙي لڳندي آهي، تڏهن تاج جي تخليقي شخصيت ۾ نکار اچي ويندو آهي. اُن گهڙيءَ پوپٽ جي نيڻن ۾ نهاري، اوجاڳن جا ٿڪ لاهيندو آهي. تاج جي جيون جي ڪمائيءَ جو ڪُل تت حُسن، محبت، اخوت ۽ انسانيت جي پرچار آهي. هن سنڌ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعريءَ ۾ ڀائپي، عوام دوستي، وطن دوستي ۽ انسان دوستيءَ جي سوچن ۽ سپنن تي ڪشمور کان ڪارونجهر تائين ليڪچر ڏنا آهن. پروگرامن ۾ تحريرون پڙهيون آهن، تقريرون ڪيون آهن. شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ نثر ۾ ڀٽائيءَ، سچل ۽ ساميءَ جي مڃتا ۾ آيل سِٽ سِٽ کي چُونڊي: ”جر ۾ ٿو جَرڪان“ ”آءُ درازا هل“ ۽ ”سامي ويس سلوڪڙا“ جهڙا ڪتاب تيار ڪرڻ، هر هڪ جي وس جي ڳالهه نه آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ شخصيت تي لکيل تاجَ جو ڪتاب ”مان ورڻو هان، مان ورڻو هان“ پڙ هڻ وٽان آهي. هن ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ٿر“موضوع تي به سگهارو ڪم ڪيو آهي. ثقافت کاتي پاران ڇپايل شيخ اياز جي نظم توڙي نثر جي سمورن ڪتابن جا گڏيل مجموعا، تاج جويي جي محنتن جو رُوپ سروپ آهن.
تاجَ، ڪڏهن به آرٽ کي ’نظرياتي فريم ورڪ‘ ۾ نه ڏٺو آهي. هر وڏي آرٽسٽ جي جيون ۾ تضاد ۽ تڪرار هوندا آهن. تاج جويي تي ڪيتري ئي تنقيد ٿي آهي، تبصرا ۽ تبرا ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا، پر هن اُنهن تي ناراض ٿي، پنهنجي سفر جون وِکون نه روڪيون آهن. تاجُ، ڪڏهن حيدرآباد ۾ هُجوم جو حصو ٿي رهيو آهي ته ڪڏهن گهڻو پري جهمپير جي پوڙهي شخص رسول بخش درس کي ساڻ وٺي وڃي، نوجوان شاعر ايوب کوسي جي موجودگيءَ ۾، ساڙڌري جي مندر جو گهنڊ وڄائي هوڪو پيو ڏيندو آهي ته: ’ساٿيو! ساٿيو ! اچوته هڪ ٻئي جو هٿ جهلي، اڳتي وڌون، اسان جي رُوح جي پرواز باز جهڙي آهي، پر دل جو دستور پاريهر جهڙو آهي. ڌرتي، اسان سڀني جي ماءُ آهي. جيجل جي جهولي، موتين، مُگرن ۽ روهيڙن جي گلن سان ڀري، آرٽ کي زندگي، ۽ زندگيءَ کي آرٽ بڻايون.‘
تاجُ، سنڌ جي مهان ڏاهي ابراهيم جويي جي حڪم تي ٽيهارو نوجوان شاعرن جي شاعري، تعارف سان گڏ شيخ اياز کي ڏئي آيو هو، جنهن تي اياز کي ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ جيان مهاڳ لکڻو هو، پرڪو دوست اُهو مسودو ئي اياز وٽان تِڳائي ويو، پر منهنجي خيال ۾ اُنهيءَ تي اياز مهاڳ لکي ها ته اهو جديد سنڌي شاعريءَ جي اڀياس جو سگهارو وچور هجي ها.
مون جڏهن شيخ اياز جي شاعريءَ جو ٿري ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، تڏهن تاجَ مون کي تمام گهڻو اُتساهيو هو. منهنجي انهيءَ ترجمي واري ڪتاب تي ايوب کوسي ’زندان جي ديوارن‘ مان مهاڳ لکي موڪليو هو. اُهو ڪتاب منهنجي وکريل زندگيءَ جي ور چڙهي وڃائجي ويو. مون جڏهن ’چتر ٻولي چارڻان‘ ۽ ’همروٽ ڇتيسيءَ‘ جو تحقيقي ڪم ڪيو ته تاج انهيءَ ڪم تي به اڳي جيان حوصلو ڏنو، ۽ منهنجي ڀرپور رهنمائي ڪئي.
تاجُ، مٺيءَ ايندو آهي ته پوءِ ڪڏهن گُل گوماڻيءَ جي گهر پِرهه ٽاڻي تائين سنگت سان گڏ، ته ڪڏهن دليپ ڪوٺاريءَ جي اوطاق تي ميڙو رهندو آهي، ڪڏهن وجئه شرما وٽ وِسرام ٿيندو آهي ته ڪڏهن ڪرشن شرما جي آفيس تي آڌي رات ٿيندي آهي. مون، تاج جويي، احمد سولنگي، رکيل مورائي، گل گوماڻي، دليپ ڪوٺاري، ناشاد سمي، شهاب نهڙي ۽ وجئه شرما، سياري جي سرد راتين ۾ برهه جي باهه ۾ ٻري، راڻاسر تي آڌي تائين هٿن ۾ ڇلڪندڙ اکين جهڙا جام جهليا آهن. اُتي ڪڏهن احمد سولنگيءَ ’مون پڪاريو تون ڪٿي آن؟‘جهڙو راڻاسر تي نظم سرجيو آهي ته ڪڏهن تاج جويي ’راڻاسر تي رات، چوڏهينءَ چنڊ چوٽ تي‘ جهڙي وائي لکي آهي. ڪڏهن گُل گوماڻيءَ جي بيتن، راڻاسر تي رُوح کي راحت ڏني آهي ته ڪڏهن ناشاد سمي جي غزل غم گهٽايا آهن!
تاج منهنجي هر ڏُک سُک ۾ شامل رهيو آهي. منهنجي لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته مٺيءَ جا دوست مون کي تاج جويي جو ’روحاني ڀاءُ‘ سڏيندا آهن. تاجُ منهنجي شاديءَ جي دعوت تي آيو ته منهنجي لاءِ تحفي طور شيخ اياز جا ڪتابَ کڻي آيو. دعوت ۾ تاج جويو، سائينداد ساند، صادق فقير، ڪامريڊ نند لال مالهي، نندلال لوهاڻو، کاٽائو جاني، نوراحمد جنجهي، مشتاق قاسماڻي، شنڪرباغي، گل گوماڻي، دليپ ڪوٺاري، نرسنگهه سوڍو، پيارو شواڻي، ممتاز سميجو، غازي نهڙي، امير حمزو سارو ڏينهن چرچا ڪري، ٽهڪن ۾ ٽڙيا هئا. اُنهيءَ يادگار محفل جو اڄ به ذڪر ٿيندو رهندو آهي. منهنجي اَمان جي وڇوڙي تي، تاج مون سان گڏ ويهي، ٻين ماڻهن کان تعزيت وصول ڪئي. منهنجي چاچن سگهڙ هيمراج، ڀانومل، ماڻڪ لال، وينجهراج ۽ بابا جي سئوٽ ڀڳت سترام داس جي موڪلاڻيءَ مهل پٿر تي مون جيان ملول ٿي ويٺو. چاچو ڀڳت سترام داس سُگهڙ ۽ ڀڳتي رنگ جو گائڪ هو، پر من موجي طبيعت جي ڪري تمام گهٽ ماڻهن سان هُن جي لڳندي هئي، پر تاج سان خاص اُنس هئس. تاج جو ٻُڌي، گيڏيو کڻي اوطاق تي پهچي ويندو هو؛ پوءِ ڪبير، ميران، ڀٽائي، ڏونگرپوري، روحل فقير، مراد فقير، لکمي مالهي ۽ ٻين جي شاعريءَ تي ڪچهري مچي پوندي هئي. تاجُ چاچي کان روحل ٻڌڻ جي فرمائش اڪثر ڪندو هو. هڪ دفعي تاج، گل گوماڻي، دليپ ڪوٺاري، ۽ ٻيا دوست چيلهار آيا، اسان گڏجي اَمرڪوٽ ڏانهن وياسين. واپسيءَ ۾ وري منهنجي اوطاق ۾ ٿڪ ڀڃڻ مهل چاچي سترام جي ڪچهري شروع ٿي. اُن ڏينهن چاچي اعلان ڪيو ته ’اڄ لِکو ته آءٌ اوهان کي ناياب شيون لِکايان.‘ اسان جي دوست دليپ ڪوٺاري، ’لکمي مالهيءَ‘ جي شاعريءَ جون انمول سٽون لِکي چيو ته سفر سجايو هاڻي ٿيو آهي. تاج به روحل جي شاعريءَ جا رتن ميڙيا. هڪ ڀيري تاج حڪم صادر ڪيو ته چيلهار ۾ ’سُگهڙن جي ڪچهري‘ رکڻي آهي، جنهن کي اسان سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران رڪارڊ ڪنداسين. مون سُگهڙن کي سڏ ڏنو، مصري مينگهواڙ، منٺار نهڙي، ارباب نيڪ محمد، راڻو ريگستاني، نرسو مل سُرتاڻي، ڀڳت سترام داس، ٿهارو ڀڳت، ڪريم فقير ۽ ٻيا اچي گڏ ٿيا. ناشاد سمون، دليپ ڪوٺاري، زاهد اوٺو، گل گوماڻي، شهاب نهڙي، هرجي سوٽهڙ، منهنجا ’سُگهڙ ڪچهري‘ منقعد ڪرائڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. لوڪ ادب جا اهڙا رنگ رَچي پيا، جو ڪچهريءَ جا ڪوڏيا سج اُڀاري پوءِ سُتا.
مٺيءَ ۾ پڙهڻ دوران چاچي راڻي مل ريگستانيءَ جي ڪتابن ۾ مون کي تاج جويي جو ڪتاب ’سنڌي گيت‘ هٿ چڙهي ويو، ستين يا اٺين ۾ پڙهندو هئس، گيت جي هندي ماترائن جو علم ’ڇند وديا‘ رَٽڻ شروع ڪيم، پوءِ ڇند وديا جي حساب تي ڪچا ڦِڪا گيت لکڻ شروع ڪيم. منهنجي پهرين لکڻي ٽالسٽاءِ جي ترجمو ڪيل ڪهاڻي: ’خوشبوءِ جو موت‘ عبرت مئگزين ۾ڇپي، اُن وقت تاج جويو، عبرت مئگزين جي ادارتي سٿ ۾ شامل هو. انٽر جو امتحان ڏيڻ کان پوءِ مون تاج جويي کي خط لکيو ته ”آءٌ ڪاليج جي پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ پڙهائيءَ لاءِ حيدرآباد ۾ رهڻ ٿو چاهيان. مون کي جيڪڏهن ڪنهن اخباري آفيس يا ٻئي ڪنهن هنڌ پارٽ ٽائيم نوڪري ملي وڃي ته منهنجو گذارو ٿي ويندو.“ تاج همٿ ٻڌائيندي چيو ته ”ڪو مسئلو نه آهي. هليو اچ ڏسي ٿا وٺون.“ آءٌ ڪپڙن جي هڙوٽڙي ٻڌي حيدرآباد پهتس. جيستائين روزي روٽيءَ جو بندوبست ٿيو، تيستائين تاج جي گهر رهيس. مون تاج جي لائبريريءَ ۾ ويهي راتين جون راتيون ڪتاب پڙهيا. تاج جويي سان گڏجي ساهتي پرڳڻي کي گُهميو. تاج سان گڏجي سڪرنڊ ويس، جتي سائين ميرمحمد پيرزادي جي ڪتاب ’ڦُٽا لَيار نيڻن ۾‘ جو مهورت رکيل هو. اُنهيءَ پروگرام ۾ سائين عبدالحڪيم ارشد، گدا خاصخيلي، وسيم سومري، ماڻڪ ملاح، سائل پيزادي ۽ ٻين دوستن ۽ محسنن سان مُکاميلو ٿيو. ٻئي ڏينهن مجيد ڪيريي ۽ پير ڪولاچي [ڳوٺن] ڏانهن پنڌ پياسين. رستي ۾ تاجُ، پنهنجي جيون ڪهاڻيءَ جا ورق اُٿلائيندو رهيو. هن جون ڳالهيون جديد سنڌي ادب جي تاريخ جو حصو هجڻ سان گڏ اُتساهه جو ذريعو هيون. پيرڪولاچيءَ ۾ تاجَ جي اباڻي پڊ ۽ مجيد ڪيريي ۾ سندن پراڻي گهر کي ڏٺو سون. تاجَ ٻڌايو هو ته بابا سائين خودداريءَ جي ڪري اسان پيرڪولاچي، مجيد ڪيريي ۽ سن جي ڳوٺن ۾ پڊ ٺاهيندا ۽ ڊاهيندا رهياسين. ڪڏهن پير ڪولاچي ته ڪڏهن سن يا مجيد ڪيريي جي سفر ۾ پڙهائي جاري رکڻ جي مون ڪوشش ڪئي.خاڪي ڍوري ۾ مال چاريندو هو، آءٌ اسڪول ويندو هئس. خاڪيءَ به چوريءَ مال ڍوري ۾ ڇڏي پڙهڻ ويندو هو، پوءِ جڏهن مال ڍڪ ۾ پيو ته خاڪيءَ جي پڙهائي ختم. تاج ٻُڌايو ته سائين منير احمد ميمڻ (ماڻڪ)، منهنجو پرائمريءَ جو اُستاد هو. مون ۱۹۶۶ع ۾ ڇهين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران شاعري شروع ڪئي هئي، جڏهن هن جي همعصردوست پير واحدبخش جيلانيءَ عرف ڏاڏي پير چيو هو ته ’خاڪي شاعري ٿو ڪري، پاڻ ڇو نٿا ڪري سگهون.‘ خاڪي جويي راشد مورائيءَ کان سکيل بحر رمل جو وزن ’فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلاتن فاعلات‘ مون کي سيکاريو ته اُنهيءَ ڏينهن اسان ٻنهي ڀائرن نئين سکيل وزن تي شعر لکيو. ٻئي ڏينهن راشد کي ڏيکارڻ تي معلوم ٿيو ته خاڪيءَ جي شعر ۾ ڪجهه ڪچايون هيون، جڏهن ته منهنجو شعر وزن تي پورو هو. اسان ۱۹۶۶ع ڌاري پير ڪولاچيءَ ۾ سائين راشد مورائيءَ جي سرپرستي ۾ ’آئينه ادب موري،‘جي شاخ قائم ڪئي. اڳتي هلي خاڪيءَ هارپو ۽ مال ڇڏي منيارڪي سامان جي مانڊڻي هلائي، ۽ مون کي هر حال ۾ پڙهائيءَ ۾ مدد ڪندو رهيو. منهنجي مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ خاڪيءَ مون کي ڊاڪٽربنائڻ ٿي چاهيو، پر وسيلا ساٿ ڏئي نه سگهيا. مون ۽ خاڪيءَ پاڻ سِرون وجهي، ۱۹۷۰ع ڌاري، مجيد ڪيريي ڳوٺ ۾ لائبريريءَ جو ڪمرو تيار ڪيو هو.
اسان مجيد ڪيريي ۾ هڪ رات رهي، قاضي احمد آياسين، جتان پوءِ نوابشاه اچي نڪتاسين.نوابشاهه ۾ پروفيسر قريشي حامد علي خانائيءَ سان ڪچهري ڪرڻ ۽ بشير هيسباڻيءَ جي لائبريري ۽ ايڇ. ايم خواجه اسڪول کي ڏسڻو هو. پروفيسر حامد علي خانائيءَ سان ملندي، مون کي ڀٽائي ياد آيو: ’هي جي ويا هنگلور ته ڪرمين ملندا ڪاپڙي.‘
تاج، ساهتي پرڳڻي مان واپس اچي مون سان اخباري دفترن ڏانهن به منهنجي پارٽ ٽائيم نوڪريءَ واسطي گڏ هليو. هڪ روزاني اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي نوڪري ملي وئي. انهيءَ ۾ پياري دوست الياس ٿريءَ به مدد ڪئي. مون ۽ الياس ٿريءَ جي. او. آر ڪالونيءَ ۾ هڪ جاءِ مسواڙ تي ورتي. صبح جو يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ جي تياري ۽ شام جو صحافت جي نالي مزدوري، بهرحال هڪڙو پير ٽڪاءُ ٿيو.
تاجَ جي آفيس به ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ ٿيندو رهيو، جتي منهنجو ٻن عظيم شخصيتن سان تعارف ٿيو: هڪ سائين ابراهيم ۽ ٻيو علي بابا سان. علي بابا، پروفيسر سائينداد ساند جي شاديءَ جي دعوت تي مِٺيءَ آيو هو، تڏهن هُن سان پهرين ملاقات ٿي هئي، پر هتي ٺاهي جوڙي رهاڻ ڪئيسون؛ پوءِ اسان جو اهو رهاڻ جو سلسلو ا ڳتي وڌندو ويو. علي بابا ڪڏهن ڪڏهن منهنجي جي. او. آر ڪالونيءَ واري جاءِ تي به هليو ايندو هو، جتي تيز پتيءَ واري چانهه هن جي پهرين فرمائش هوندي هئي. ڇا ته هُو شخص هو! مون سان هن جي گهڻي ڪچهري ويدن، پِراڻن، سُوترن، اُپشندن، رامائڻ، ٿري لوڪ ادب متعلق هوندي هئي. هُو مون کي ’موهن جي دڙي‘ ناول جا ڊائلاگ ٻڌائيندو هو. سنجوڳَ جي روايت مون پهرين علي بابا کان ٻُڌي، پوءِ ويدن جي ٽيڪا ٽپڻيءَ وارن ڪتابن ۾ پڙهي. تاج جويي جي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ واري آفيس ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي مرتئي تي، آءٌ ۽ علي بابا، تاج سان گڏجي سڄو ڏينهن رُنا هُئاسين. انهيءَ ڏينهن جي ڪيفيتن کي ڪاغذ تي ميڙي، هڪ وڏو ڪالم لِکيو هئم، جيڪو روزاني ’دُعا‘ ۾ ڇپيو هو. تاجَ وٽ اڄ به اُهو ڪالم سنڀالي رکيل هوندو. آءٌ ته پنهنجي رولاڪ طبيعت سبب وڃائي چڪو آهيان. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ تي تاجَ ۽ ٻين دوستن گڏجي، هڪ بهترين پروگرام رکرايو هو، جنهن ۾ سائين مير محمد پيرزادي جامع مقالو پڙهيو هو.
علم ۽ ادب جي ونڊَ جي حوالي سان هن جي دل سخيءَ جي دل وانگر کليل رهي آهي، هن وٽ علم آهي، ادب آهي، سُڃاڻپ ۽ سنيهو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تي اسان جو تعلق ’تاج جويي سٿ‘ سان رهيو. عبدالحڪيم ارشد، راشد مورائي، اياز گل، ادل سومري، مختيار ملڪ، ادريس جتوئي، مدد علي سنڌي، آزاد انور ڪانڌڙي،
ساگر ڏهراج، گل حسن لاکي، وفا مولابخش قمبراڻي، معشوق ڌاريجي کان وٺي ميرمحمد پيرزادي، سائل پيرزادي، رياضت ٻرڙي، احمد سولنگي، رکيل مورائيءَ تائين ڪيترن ئي داناءَ دوستن ۽ محسنن سان، منهنجي پهرينءَ ملاقات جو ذريعو تاج جويو ۽ سنڌي ادبي سنگت جو پليٽ فارم رهيا آهن. هڪ دفعي حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي چونڊن جي موقعي تي آءٌ، ايوب کوسو ۽ ڪجهه ٻيا دوست گڏجي ويٺا هئاسين. تاج جي مخالف پئنل جي هڪ سينئر شاعر، ايوب کوسي سان مخاطب ٿيندي کيس ڪُجهه ٿورا جتايا، ۽ پوءِ چيو ته: ’تون تاج کي ووٽ نه ڏي.‘ جنهن جي جواب ۾ ايوب کوسي جذباتي ٿيندي کيس چيو ته: ”تاج، سنڌ سان محبتِ اظهار جو نالو آهي، تاج کي ڇڏي ٻئي کي ڪيئن ووٽ ڏئي سگهجي ٿو!“ انهيءَ چونڊ جي موقعي تي تاج پئنل کٽي ويو هو. جڏهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سيڪريٽري جنرل ٿيو، آءٌ انهي ٽرم ۾ ضلعي ٿرپارڪر لاءِ سنڌي ادبي سنگت جو رابطه سيڪريٽري ٿيو هئس، سنڌي ادبي سنگت جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ اسان هم خيال دوستن پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪيو، ۽ غير آئيني فيصلن جي تنظيم اندر مخالفت ڪئي ته اسان جون مختلف شاخون بهانا بڻائي رد ڪيون ويون، جيڪي اڃا تائين ٻيهر بحال نه ٿي سگهيون آهن.
تاجُ، ڪنهن ڳالهه تي وڏي ڀاءِ جي حيثيت ۾ وڙهي به پوندو آهي ته آءٌ اڪثر خاموشي اختيار ڪندو آهيان، پر جيڪڏهن ڪا گستاخي ڪري ويهندو آهيان، ته به تاج دل تي نه وٺندو آهي. هڪ دفعي ڇا ٿيو ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران مٺيءَ ۾ ٿر جي سنڌي ٻوليءَ جي لهجن بابت ڪانفرنس رکائي وئي، مون انهي ءَ پروگرام ۾ تاج سان ڪنهن ڳالهه تان ناراضگيءَ جو معمولي تاثر جوڙيندي، گڏيل لفظن ۾ ٿورو ذڪر ڪيو، پنڊال ۾ حيرت پيدا ٿي وئي ته ڀاروءَ ائين ڪيئن ڳالهايو، پر تاج مُرڪندو رهيو. جيئن پروگرام ختم ٿيو، حُڪم ڪيائين: ”ادا اسين سڀ دوست تو وٽ ماني کائينداسين ۽ سُڀاڻي سڀ گڏجي ننگر به هلنداسين، مٺي توڙي ننگرپارڪر ۾ سڀ بندوبست تو کي ڪرڻو آهي”. صادق ففير گڏ هجي، مون فقير کي وچ ۾ آڻي عرض ڪيو ته منهنجي ناراضگي ختم آهي، پر اڳيان تاج ڪٿي ٿو مڃي. ننگر پارڪر جي سفر دوران صادق فقير ساڙڌري ۾ تنبوري تي خوبصورت ڳايو. تاجَ جانجَهه سنڀالي. سنگت تاج کي ’ڀڳت تاجو‘ سڏيو، صادق فقير جي ٽهڪن جا ٽاڙيا هئا!
تاج جويو پهريون دفعو ٿر، مانواري استاد سائين هيمن داس چنداڻيءَ جي شاديءَ جي موقعي تي آيو هو. هيمن داس جي ڄڃ ۾ آمريي جي ڳوٺ ويو. ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڳالهه هُلي وئي ته هڪ پڙهيل لکيل جويو [مسلمان] هڪ مينگهواڙ جي ڄڃ ۾ آيو آهي ۽ هن کاڌو پيتو به مينگهواڙن جو آهي. سائين هيمن داس منهنجو هاءِ اسڪول جي زماني ۾ اُستاد رهيو آهي. هن جو پُٽ راجندر منهنجو ڪلاسي دوست هجڻ ڪري، سائين هيمن مون کي به پنهنجي اولاد وانگر ڀانيو آهي. تاج جڏهن به مٺيءَ آيو ته سائين هيمن داس جي گهر گڏجي ويا آهيون. سائين سنڀومل هميراڻي، سترام داس هميراڻي، هرچند راءِ، ڌنجي مل، کيئنري مل ۽ ٻين سان گڏ، تاج ۽ راشد مورائي ٽرينگ ڪاليج سڪرنڊ ۾ پي. ٽي. سي ۽ ايس. وي جو ڪورس ڪيو. راشد ۽ سنڀوءَ جي ڪمرن تي مشاعرا ٿيندا هئا.
تاج جڏهن مٺي ڪاليج جو ليڪچرار ٿي آيو ته هن ادبي سرگرمين کي اتساه ڏنو. پراڻن ساٿين سان ملاقاتون ٿيون. نئين ادبي ادبي کيپ تيار ٿي، سائين حاجي محمد دل ۽ تاراچند راٺيءَ جا لکيل اسٽيج ڊراما پلي ٿيڻ شروع ٿيا.. تاج هڪ ڊرامي لاءِ ترت بنيادن تي گيت ’تصور ۾ تڪي تارا، گذر ٿي رات ويندي آ‘ لکيو، جنهن گيت کي صادق فقير، خوبصورت انداز ۾ ڳايو. هو مٺيءَ جي محفلن ۾جديد سنڌي شاعريءَ جا ستارا چمڪڻ لڳا. نوجوان شاعر گل گوماڻيءَ کي انهيءَ دَور ۾ ايازگل جي شاعري تمام گهڻي ياد هوندي هئي. ٿر جي راڳين، راشد مورائي، اياز گل ۽ ادل سومري جي شاعريءَ کي ڳائڻ لاءِ چونڊيو. نون ڇپجندڙ ڪتابن تي ٽيڪا ٽپڻي شروع ٿي. اهڙو ماحول جوڙڻ ۾ تاج جويي جو وڏو ڪردار رهيو. ٻن سالن بعد تاج مٺي ڪاليج مان بدلي ٿي ويو، پر ٿر سان تاج جو تعلق جُڙيل رهيو. منهنجا ڪيترائي دوست، تاج جويي جا شاگرد آهن. تاج مٺيءَ جي پروگرامن جو تاج ٿي رهيو آهي. هڪ دفعي ڪجهه دوستن نئين ڪوٽ ۾ مائي ڀاڳيءَ جي ورسيءَ جو پروگرام رکيو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪري رهيو هو. تاج الانا صاحب سان گڏجي حيدرآباد مان آيو هو، اسان ڪجهه دوست مٺيءَ مان پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ ويا هُئاسين. اوچتو ڪن شرپسندن پروگرام ۾ جهيڙو ڪري وڌو، تاجُ اُنهيءَ پروگرام جي پڙ ۾ پهلوان ٿي کين مُنهن ڏنو. سنگت ساٿ کي ڌڪن وغيره لڳڻ کان بچايو.
’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جو ڪم شروع ڪرائڻ ۾ تاج جو اهم ڪردار آهي. تاج سنڌ جي ٻين ضلعن جيان مٺيءَ ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙي هُئي. پريس ڪلب ۾ ٿر جي دوستن جي ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ سنڀو هميراڻيءَ کي ضلعي رهبر مقرر ڪيو ويو هو. ٿر بابت مواد ميڙڻ لاءِ سمورن دوستن کي پابند بڻايو ويو. مون، سنڀوءَ ۽ ڪجهه دوستن باقاعدي ڪم ڪيو.
ڪنهن ساڙ سڙيي سماجي ميڊيا ۾ ڪنهن جي ونگار وهندي، ڪوڙي آءِ ڊي تان تاج جويي تي ’گوسڙو ماستر‘ هُجڻ جا الزام پڻ ڌريا، اُن وقت تاج سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري ۾ سيڪريٽري هو، ڪافي دوستن اهڙي حرڪت جي مذمت ڪئي، مون به سماجي ميڊيا جي صفحي تي لکيو: ”تاج جويو سنڌ جو اهڙو متحرڪ شخص آهي جنهن جو پنهنجي ڏات، پنهجي ڪِرت، پنهنجي جدوجهد سان گهرو سٻنڌ رهيو آهي. هن جون محبتون پنهنجي ماروئڙن لاءِ آهن، پنهنجي شاگردن لاءِ آهن. هن سڪرنڊ جي پرائمري اسڪول کان وٺي، مٺي ۽ قاسم آباد جي ڪاليجن تائين باقائدي هڪ فرض شناس استاد طور پڙهايو آهي. ڪشمور کان ويندي ننگرپارڪر تائين سموري سنڌ ڌرتيءَ جا ڏهر، مڙها، ڍورا، واهه، واهڻ وَستيون، هن جي سفر ۾ رهيا، پر هن ڪڏهن به اسڪول کان ڪاليج تائين، پنهنجو پيرڊ خالي نه ڇڏيو آهي. تاج جويي جڏهن مٺي ڪاليج ۾ نوڪري شروع ڪئي هئي، تڏهن هن شهر تائين پڪو رستو به نه هو، تڏهن اٺ يا ڇڪڙي (کيکڙي) ۾ چڙهي اچي به هن پڙهائڻ جو فرض پورو ڪرڻ جي وچ ۾ ولهو ڏينهن نه آندو. مجيد ڪيريي مان آندل هڙوٽڙيءَ کي ساڻ ڪري، ڪڏهن پرشوتم واسواڻيءَ جي گهر رهيو ته ڪڏهن هيمن چنداڻيءَ جي گهر وقت ڪاٽيائين، زندگيءَ جي اها تلخ گهڙي هوندي آهي، جنهن گهڙيءَ ۾ پورهيي باوجود پنهنجا لوئڻ شروع ڪندا آهن، زمانو الزامن جون آڱريون اُڀيون ڪندو آهي، اهڙي ڪيفيت ۾ شيخ اياز چيو هو؛ ”اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا.“
تاج جويو جديد شاعر، ٻوليءَ جو ماهر اديب هُئڻ سان گڏ، ڪلاسيڪل توڙي جديد سنڌي شاعريءَ جو سگهارو نقاد آهي، پر هن ڀٽائي ۽ اياز جي هر ڪردار کي اندر ۾ اوتيو آهي. ڀٽائي ۽ اياز جي آدرش کي رُوح ۾ سمائي، زندگيءَ کي سنڌ سان عشق جو نالو ڏنو آهي. ماياڪووسڪيءَ چيو آهي: ”جڏهن عشق جي ڪشتي حالات جي لهرن سان ٽڪرائجي ٽُٽي وڃي، تڏهن اهو احساس نه ڪجان ته ڪنهن ڪيتري بيوفائي ڪئي.“ پر تاج جويي جي عشق جي ڪشتي، اهڙين حالتن باوجود ڪڏهن ٽُٽي نه آهي. هن سائين جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي قافلي جي پهرينءَ صف جو ڪارڪن ٿي، هڪ استاد جي حيثيت ۾، هڪ شاعر جي حيثيت ۾، هڪ نقاد جي حيثيت ۾، هڪ اديب جي حيثيت ۾ پورهيو ڪيو آهي،نڪولا واپستاروف جي انهيءَ شعر جيان ته:
انهيءَ دُک جي پيڙا جي قيمت نٿا گهرون،
عيوضي ۾ ڪنهن اُجوري يا شهرت جي گهرج ناهي،
نه ئي ڪئلينڊر جي تصوير بڻجڻو اٿئون،
بس اسان کان پوءِ جيڪي اچن،
تن کي ايترو چئجو،
هڪ زندگي، هڪ مورت، هڪ ڪلپنا گهڙيندا رهياسين،
روشنيءَ جي لاءِ اونداهيءَ سان وڙهندا رهياسين.
هي اهو دَور آهي، جنهن دور ۾ تاريخ جا اُڊڙيل بکيا وري هڪ نئين سيبي لاءِ ساهه کڻي رهيا آهن، انهيءَ دَور ۾ اوڻٽهين اونداهيءَ سان اٽڪي، چانڊوڪيءَ کي چاهڻ وارو هڪ محمد ابراهيم جويو آهي، جنهن کي سندس رَتَ جا رشتا ڪٽهڙي ۾ آڻي رهيا آهن، ٻيو تاج جويو، جنهن کي رُوح جا رشتا الزامن جي آرسي آڇي رهيا آهن. اي سنڌ! منهنجي دَور جي محسنن سان هي ڇا ٿي رهيو آهي ؟
ڪنهن پرڏيهي شاعر چيو ته: ”عظيم انسان نه رُڳو پوري قوم کي مانائتو بڻائي ڇڏين ٿا، پر انهن سڀني کي سرفراز ڪن ٿا، جي سندن دَور ۾ رهن ٿا.“
ڀوري ڀيل جي واقعي تي احساسن سان ڀريل تاج جويي جو ليک، سنڌ جي تصوف ۽ ويدانت جي ويچارن سان گڏ ’بلاولي بحرين‘ مان جام پيئندڙ جوڌن جي للڪار هو. ساڳيءَ ريت ٿر جي مورن، هرڻن ۽ ڪونجڙين جي شڪار تي تاج جو لکيل ڪالم ڪارونجهر جي ڪرب ڪهاڻي هو. تاج پنهنجي اولاد جا نالا به ثقافتي ۽ قومي ڪردارن مان چونڊي رکيا آهن روپلو جويو، سارنگ جويو، هوشو جويو ۽ هڪڙي پُٽ جو نالو حمير هو، جيڪو ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. سنڌ جو ناليوارو ڪلاڪار صادق فقير، تاج جويي جو ڪاليج جي پڙهائيءَ دوران شاگرد رهيو. صادق فقير، ٻن شخصيتن: تاج ۽ آريسر لاءِ سدائين نالي کان اڳ ’سائين‘ لفظ ڪتب آڻيندو هو. سنڀو هميراڻي ۽ صادق فقير جي مرتئي تي تاج جون اکيون اوهيرا ٿي وٺيون.
’سَنڀو‘ هڪ هُيو، ’سَنڀو‘ ٿيندو ڪينڪي،
’ڍاڻي‘ آءُ’هميرَ جي‘، مون سان گڏجي رو،
مُنهنجو ساجن تو، ڪيئن لِڪايو لوڪَ کان!
-
ٿيڻو ناهي ٿَر ۾، ڪڏهن نِينهُن نِراسُ،
مِٺيءَ مٿان چيٽَ جو، هِي ڇو چند اُداس؟
اوجاڳيل آڪاسُ، سارا تارا مُونجههَ ۾!
مٺيءَ مان جڏهن موهن ڀڳت کي بي گهر ڪيو ويو، تڏهن تاج واڪا ڪندي چيو ته:
هيڏو سارو ٿر،
پوءِ به؟
موهن ڀڳت ڇو،
مٺيءَ مان بي گهر؟
هن جي پرلوڪ پڌارڻ تي لکيائين:
لوڪ ساگر جي ڪنهن ڪويءَ چيو آهي:
هينئين هيت گهڻو، ڪاگر ۾ سمائي نهين!
آءٌ اقرار ٿو ڪريان ته رَنڊا روڙيل هي منهنجا لفظ، تاج جي قلم، ڪردار، پورهيي ۽ پنڌ جي پوري عڪاسي نٿا ڪري سگهن. مون جڏهن به تاج تي لکڻ جو سوچيو ته منهنجي تصور ۾ فارسيءَ جو شعر تري آيو آهي ته:
”منهنجي نظر جو پاندُ سوڙهو آهي
۽ تُنهنجي سُونهن جا گُل سوين آهن.
(منهنجي) نظر تُنهنجي سُونهن جا گُل پَٽي ٿي ته
اُن کي پاند جي سوڙهي هُجڻ تي چِڙ اچي ٿي.“



تاج جويو

اڻ ڪٿ انسان - جنم ڏينهن جي مناسبت سان

نياز مسرور بدوي

سنڌ جي تاريخ جا ورق شاهد آهن ته هن جنم ڀوميءَ ۾ ڪيترن ئي املهه، اڻ مول، سرويچن، سرواڻ انسانن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي قول ۽ فعل سان، سنڌ جي صدين جي سُور کي پنهنجي جيءَ اندر محسوس ڪيو آهي، ۽ ان جي روشن مستقبل لاءِ سدائين پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. اهي، سنڌ جا اُهي دراوڙ آهن، جن پنهنجي جنم داتا سان بيوفائي ڪندي، لڏپلاڻ نه ڪئي آهي، پر آرين سان جنگ ڪندي، پنهنجي ڀونءِ جي بقا لاءِ جهيڙيندا رهيا آهن ۽ انهن جي اها پيار ۽ پريت جي ريت ڪا نئين نه آهي، اها ته سندن وجود ۾ ازل کان پيوست ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري سوريءَ جي سينگار ٿيندي،  سندن استقامت ۾ ڪڏهن فرق نه آيو آهي ۽ نه وري انهن جي ارادن ۾ ڪا لهر ۽ لوڏو آيو آهي.

سنڌ جي ماضيءَ جي تاريخي امر ڪردارن جو تسلسل تاج جويو به آهي، جيڪو انهن جو عَلَمُ کڻي، انهن جي گونجار ۽ للڪار بڻجي، مظلومن جو ساهس بڻيو آهي.

تاج جويو ۶ سيپٽمبر ۱۹۵۴ع تي، پير ڪولاچي ۾، هڪ پورهيت حاجي جويو جي گھر ۾ پيدا ٿيو. سندس گهر جي وڏڙي، سندس نالو تاج محمد رکيو. جيڪو هن وقت سنڌ جو تاج سڏجي رهيو آهي ۽ سنڌ جي نوجوانن جي اميد بڻجي، سنڌ جي سرهائي، امن ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.

تاج جويو هڪ فرد جو آواز نه آهي، بلڪ هو سڄي سنڌ جو آواز بڻجي ويو آهي. هن جو سڏ، پڙاڏو بڻجي، سڄي سنڌ ۾ گونجي رهيو آهي. هن جي آواز ۾ اها قوت آهي، جنهن هيڻن کي پنهنجي هيڻائپ مان ڪڍي، ٻڌيءَ ۽ ايڪي جي واٽ ڏيکاري آهي، ۽ کين پنهنجي اندر ۾ لڪل طاقت جي اظهار جي همت بخشي آهي،  جنهن سان زندان جا ڳرا، پر هيڻا برج ڪنبي ويا آهن ۽ انهيءَ آواز، سندن ننڊون ڦٽائي، ڇڏيون آهن.

تاج سنڌ جو هڪ اهڙو سدا ملوڪ انسان آهي، جنهن جي اڻ ڪٿ انسان هجڻ ۾ ڪو به ابهام ڪونهي.

تاج جويو جي شخصيت گهڻ رخي آهي، ۽ خوبين جو هڪ اڻ کٽ، اڻ ميو ۽ املهه ڀنڊار آهي. هن اک ته هڪ غريب پورهيت جي گهر ۾ کولي، اُنهيءَ جي هو وڏي واڪ پڌرائي به ڪندو رهيو آهي. هن غربت کي ڪڏهن به پنهنجي معذوري نه ڄاڻايو آهي ۽ نه وري انهيءَ تي ڪڏهن پشيمانيءَ جو اظهار ڪندي ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن ته هن پنهنجو ٻاروتڻ غربت ۾ گذاريو آهي، انهيءَ ڪري هو سدائين غريبن جو همدرد ۽ ڀرجهلو ٿي بيٺو هوندو آهي ۽ غريبن کي ان غربت جي ڌُٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجون سڀ صلاحيتون ڪم آڻيندو آهي، ۽ ڪڏهن به هن کي پنهنجي زبان سان احسان جتائيندي ۽ ورجائيندي ڪونه ٻڌو آهي، اها جدا ڳالهه آهي ته سندس ڇانوري ۾ وڌي وڻ ٿيڻ وارن مجهولن ۽ معذورن پنهنجا نوان آشيانا جوڙي ورتا آهن. تاج جي اها خوبي غريبن کي اتساهيندڙ آهي، ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته تاج واقعي مصيبت ماريلن جو تاج آهي. شايد اها سندس وڏڙن جي روحاني بلندي آهي، جو هن جو نالو تاج رکيو ويو، تاج جو اهو نالو قدرت جي طرفان وديعت ٿيل ٿو لڳي.

تاج، غربت جي آڏو هار مڃي، دل شڪستو ٿي ڪري، عزم ۽ ارادي تان هٿ ڪونه کنيو، پر ان جي آڏو سينو ساهي بيٺو، همت جو سندرو ٻڌي، پنهنجي جدوجھد سان، غربت کي شڪست ڏيئي سوڀارو ٿيو آهي.

تاج جويو، هڪ متحرڪ انسان آهي ۽ سندس طبيعت سيماب/ پاري صفت واري آهي، جيڪو ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃڻ جي باوجود به پنهنجو اصل جوهر قائم رکندو آهي ۽ وري جڏهن گڏ ٿيندو آهي ته هڪ ٿي ويندو آهي. انهيءَ خاصيت کي ذهن ۾ رکي ڪري تاج جويو جي سڄي زندگيءَ تي نظر ڦيرائبي ته اسان کي اهو معلوم ٿيندو ته هن ڪنهن به محاذ تي پنهنجي پيش قدمي ڪونه روڪي آهي، بلڪه هو مسلسل تحرڪ ۾ رهندي پنهنجي ڪاميابيءَ، ڪامرانيءَ ۽ سرخروئيءَ جا نشان، پنهنجي پويان ايندڙن جي رهنمائي ۽ رهبريءَ لاءِ ڇڏيندو ويو آهي.

تاج جويو جي شخصيت اتهاسڪ آهي، جنهن جو ڇيد ڪرڻ ڪو سولو ناهي. سندس زندگيءَ جي ۶۶ هٺ سالن جي تاريخ (هت تاريخ مان مراد سماجي، تعليمي، نظرياتي، سياسي، دوستي ۽ ادبي حلقو آهي) طالبعلم جي لاءِ اتساهيندڙ ۽ دلچسپ آهي. جنهن جي بنياد تي تاج جي شخصيت هڪ مقالي يا مضمون جي اندر سمائجي نه ٿي سگهي، بلڪ ان جي اڻ ڪٿ، ڪٿ لاءِ ڪتاب لکي سگهجن ٿا.

تاج جويو، جيئن مون مٿي ڄاڻايو آهي ته هڪ غريب ۽ سماجي طور تي پيڙيل ۽ ڪمزور فرد جي گهر ۾ پيدا ٿيو، پر غربت کي پنهنجي قسمت جو لکيو سمجهي قبول ڪونه ڪيائين. پڙهندو به رهيو ۽ پنهنجي والد سان گڏ محنت مزوري به ڪندو رهيو ۽ ڪڏهن به محنت ڪندي عار نه ڪيائين. تاج پهريائين پرائمري استاد ڀرتي ٿيو ۽ پڙهائڻ سان گڏ پاڻ پڙهندو به رهيو ۽ آخرڪار پنهنجي تعليمي حاصلات سان تاج سنڌي جو پروفيسر ٿي ويو. اهڙي ئي هڪ تاريخ، شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جوڙي هئي، ۽ اهڙي ئي ٻي تاريخ تاج جي حصي ۾ آئي آهي، جيڪا اڄ به سندس سر تي تاج جيان جرڪي رهي آهي.

تاج جويو نظرياتي طور تي قوم پرست سياست سان سلهاڙيل رهيو آهي، ۽ سدائين سنڌ جي حقن ۽ سنڌ جي مظلوم ماروئڙن جو آواز بڻجي، گجڪار ڪندو رهيو آهي. اها گونج هن وقت به جاري آهي.

تاج جويو جيئن ته ادب سان واڳيل آهي، انهيءَ ڪري سياست کان ڪڏهن به لاتعلق نه رهيو آهي. پئبلو نرودا لکي ٿو ته، ”اديبن کي وڏين ڀتين جي پاڇن ۾ نه، بلڪ وچ رستي تان ئي زندگيءَ ڏانهن هلڻ کپي. اديب جو عوامي سياست کان پري رهڻ هڪ فرضي چيز آهي، جنهن کي سرمائيدار جنم ڏنو ۽ پالي تاتي وڏو ڪيو اٿس.“ انهيءَ قول تي اڃا تائين پختي پير بيٺو آهي.

تاج جويو، جي دوستيءَ جو حلقو تمام وسيع آهي، سنڌ جي ڪابه اهڙي وستي واهڻ نه آهي، جتي تاج جويو جا قدم نه پهتا هجن ۽ سندس دوستيءَ جو دم ڀرڻ وارا موجود نه هجن. تاج جويو، سدائين دوستن جي ڏکيءَ سکيءَ ۾ شامل رهيو آهي. سندس دوستيءَ جو دائرو پاڪستان توڙي هندستان تائين پکڙيل آهي، سندس دوستيءَ جا مداح، سندس ڳڻ ڳائيندا رهن ٿا ۽ اهي ڳڻ ڳائيندي، انهن جي وات ۾ ڪنڊا ڪو نه چُڀندا آهن، پر تاج جويو ساراهه ۾ لفظ خوشبو بڻجي، محبن ۽ پيارن جي ذهنن ۾ گوشه نشين ٿي، محبوب جي ثنا کي سانڍي رکندا آهن.

تاج جويو سان منهنجي پهرين ملاقات، ”سوچون سرها گل “ جي حوالي سان ٿي، اهو ڪتاب تاج جويو ۽ اياز گل جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو هو. اها پهرين غائباڻي ادبي سڃاڻپ هئي. ان کان پوءِ تاج جويو جو ٻيو ڪتاب ”سنڌي گيت“ محترم انور علي سومرو جي لائبريري مان پڙهڻ لاءِ مليو، اهو ڪتاب ايم اي سنڌي جي ڊگريءَ لاءِ مونوگراف لکيل آهي، جيڪو پنهنجي مواد ۽ تحقيقي حوالي سان نهايت اعلى درجي جي حوالاجاتي ڪتابن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. تاج جويو سان آمهون سامهون گهٽ وقتي ملاقات ساڻس شڪارپور ۾ به ٿي هئي. جڏهن تاج سائين منهنجي وڏي چاچي سائين احمد بخش بدوي عرف ”مٺل مسرور“ سان ملڻ آيو هو جتي سائين مٺل مسرور جي گهر جي ٻاهران نهايت مختصر رسمي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. ان کان پوءِ کيس مرحوم مشتاق احمد ”نياز همايوني“ جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ ٻڌو ۽ ڏٺو هو. ڪرونا وائرس جي سبب حيدرآباد اچڻ ڪري، ساڻس دانيال ڪتاب گهر تي ملڻ ٿيو ۽ ڪجهه گهڙيون ٻڌڻ جو موقعو نصيب ٿيو. ان کان پوءِ محترم اياز ابڙو سان گڏجي سائين تاج جويو جي عزيز جي فوتگي سبب عذرخواهي تي ويس، پر اها واقفيت اهڙي ڪانه هئي، جيڪا دوستيءَ جي دعوى جي زمري ۾ اچي سگهي.

مون کي سائين پروفيسر لطف الله بدوي صاحب جي ”تذڪره لطفي“ حصي پهرئين جي ضرورت هئي، جنهن جي ملڻ جو ڏس پتو پياري علي نواز آريسر وٽان مليو ۽ هڪ ڏينهن صبح جو وڃي تاج جويي جو در کڙڪايم، پر سائين تاج سان ملاقات نه ٿي سگهي، شايد سائين جلال محمود شاهه جي امڙ جي مرتئي سبب اوڏانهن ويل هو. ٻئي ڏينهن وري سندس در تي پهتم، اندران وڏو ۽ زور سان آواز آيو ”ڪير آ“ مون جواب ڪو نه ڏنو ۽ سمجهيم ته شايد تاج سائين غسل خاني ۾ وهنجي رهيو آهي يا وري ٻئي ڪنهن ڪم ڪار وغيره ۾ آهي. اهڙو بلند آواز نياز همايوني جي ڪتاب جي مهورت ۾ ٻڌو هو. جڏهن پاڻ ٻڌايائين ته؛ آءٌ جڏهن نياز مرحوم جي گهر ويندو هوس ۽ در کڙڪائيندو هوس ته اندران نياز همايونيءَ جي وڏي گهر واري پڇا ڪندي هئي؛ ”ڪير آ“ جواب ۾ پنهنجو نالو ٻڌائيندو هيم ته؛ ”چوندي هئي ڇورا اندر هلي آءُ، ٻاهر ڇو بيٺو آهين؟“ جڏهن مرحوم نياز همايوني جي گهر ڀاتين تي ڏکيا ڏينهن آيا ته اهو تاج جويو ئي هو، جيڪو دوستيءَ جو حق ادا ڪندي، سندن ڀرجهلو ٿي بيٺو ۽ مڙس ماڻهو ٿي پنهنجو پاڻ ملهايو هئائين.

هڪ ڏينهن وري وڃي تاج جو در جهليم ۽ پاڻ ٻاهر نڪري آيو، اکين ۾ اڇاترا اڇاترا سڃاڻ جا اولڙا نظر آيا ۽ در تي بيٺي پير، ڪم پڇيائين. ”تذڪره لطفي“ جي ڏيڻ جو عرض ڪيم. موٽ ۾ علي نواز آريسر جو ڏس ڏنائين. جنهن بابت پڻ عرض ڪيم ته اُن به اوهان جو ئي ڏس ڏنو آهي. اهو ٻڌي چيائين ته ”آءٌ ڪتاب ڏسندس.“

بهرحال ڪافي ڏينهن گذري ويا. مون به تاج جويو کي ٻيهر ياد ڪرائڻ مناسب نه سمجهيو. هڪ ڏينهن اياز ابڙو سان گڏجي شهر ويس. جتي موهن مدهوش وٽ سائين تاج جويو سان ملياسون ۽ لطف الله بدوي جي ”تذڪره لطفي“ بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. اوچتو هڪ ڏينهن اياز ابڙي فون ڪئي ته تاج صاحب ڪتاب ڪڍي رکيا اٿئي، وڃي وٺينس. مينهن ڪڻيون آسمان مان وسي رهيون هيون، مان اها خوشيءَ جي نويد ٻڌي، ان ئي وقت تاج جويو وٽ وڃي حاضر ٿيس. پاڻ مهرباني ڪندي ”تذڪره لطفي“ جو پهريون حصو ۽ ٻيو حصو ڏيڻ سان گڏ (پر مون کانئس ٻيو حصو ڪونه ورتو ڇاڪاڻ جو اهو اڳ ئي مون وٽ موجود هو) سائين احسان احمد بدوي جو ڪتاب ”سانگي، فن ۽ شخصيت“ پڻ ڏنائون. جيئن ته مينهن ڪڻيون پئجي رهيون هيون، ان ڪري ڪتاب ڪاري پلاسٽڪ جي ٿيلهي (شاپر) ۾ کڻي آيو هو، جيڪي اڄ به ٿيلهي سميت مون وٽ هٿيڪا ۽ امانتون آهن.

اهڙا ڪيئي الفت جا اظهار سندس دوستن ۽ گهڻگهرن وٽ يادن جي شليف ۾ محفوظ هوندا، ضروري آهي ته انهن يادن کي ذهن جي ڪٻٽ مان ٻاهر ڪڍي، ورقن تي ورائجي، ان سان تاج جويو جا لڪل اسرار پڙهڻ لاءِ ملندا ۽ سندس شخصيت جا اهي پهلو به نڪري نروار ٿيندا، جيڪي اسان جي اکين اوپرا آهن.

 تاج جويو، ادبي طور نهايت ئي سرگرم رهيو آهي. انهن سرگرمين جي نتيجي ۾ هو سنڌي ادبي سنگت جو چار ڀيرا مرڪزي سيڪريٽري رهي چڪو آهي، ان کان علاوه سنڌي لئنگيج اٿارٽيءَ جو ٻه دفعا سيڪريٽري ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سنڌي ڊڪشنري بورڊ پڻ رهي چڪو آهي. انهيءَ ڏس ۾ سندس ڪارڪردگي تمام گهڻي شاندار رهي آهي.

تاج جويو جي شاعريءَ ۾ اسان کي هڪ پِيڙا ملي ٿي، جنهن جو اظهار بقول ابراهيم منشي ”مصلحت کي هڻ موچڙو اٽل ازم ڌار“ واري وچن جي پاسداري ڪندي، برملا ڪندو رهي ٿو، ڇو ته کيس هن کي دنياداري جي هن جھان جي مڪمل ڄاڻ آهي، کيس اها خبر آهي ته ماڻهو به هڪ ڦوٽي جيان آهن، جيڪي ٺهن ۽ ڊاهن ٿا. اهڙن ماڻهن کي تاريخ بنا ڪفن جي دفنائي ڇڏيندي ۽ سندس مدفن جو نالو نشان به نه وجود آهي، پر جيڪي پنهنجي ازم سان عزم ڪري، لوچيندا آهن، تن کي تاريخ، اهو سوجھرو عطا ڪندي آهي، جنهن سان هو صدين جو ساهس بڻجي مرڪندا ۽ مهڪندا رهندا آهن ۽ سندن جياپو ئي جياپو رهندو آهي. هي هي اهو انقلابي نظرياتي صوفي، جيڪو صوفي اصطلاح ۾ مري کان اڳ مري چڪو آهي. هي دنياوي موت سندس لاءِ ڪا معنى ۽ مفهوم نه ٿو رکي.

مهاتما گانڌي چوي ٿو ته ”فن ۽ ادب اهوئي آهي، جنهن جو ديس جي عام ماڻهن سان تعلق هجي. فن کي ضرورت کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي.“

تاج جويو جي شاعريءَ به عوامي تقاضائن جي ترجمان آهي.ڌرتيءَ جي ننگن دنگن جي شاعريءَ آهي. نياڻين جي شرم، حيا ۽ لڄ جي محافظ شاعريءَ آهي. نوجوانن جي اُمنگن، جوش ۽ جولان جي شاعري آهي. تاج جي شاعري ڀٽن ۾ رهندڙ ماروئڙن جي شاعري آهي. تاج جھڙن شاعرن جي لاءِ لوئي اراگائن ڪيڏي نه سهڻن لفظن ۾ ساراهه ڪئي آهي. لکي ٿو: ”سچا اديب ۽ شاعر جڏهن ساهه کڻڻ لڳن ٿا، تڏهن خود غرض ماڻهن جي زندگي زهر بڻجيو پوي، ۽ جڏهن اهي پنهنجي قلم کي جنبش ڏين ٿا، تڏهن ته اهڙو شور مچيو وڃي جو مئل به جاڳيو اُٿن.“

انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته تاج جويو هڪ شعله بيان مقرر آهي، جيڪو پنهنجي لفطن جي مدلل استعمال سان ٻڌندڙن کي پنهنجي خيالن سان متفق ڪري وٺندو آهي. تمام گهڻي پاڙهو هجڻ جي ڪري هو ادب جي ڪنهن به نثري ۽ نظمي صنفن تي سولائي سان ڳالهائي سگهندو آهي. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته Jack of all non for Master پر اها چوڻي تاج جويو جي شخصيت سان بلڪل هڪجھڙائيءَ نه ٿي رکي. تاج جويو ادب جي هر صنف لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ استاد آهي.

تاج جويو سنڌ جو هڪ اهڙو اديب آهي، جنهن سنڌي ادب جي واڌاري ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي، ۽ ڪيترائي ڪتاب ترتيب ۽ تاليف ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي علمي اهميت ۽ افاديت جي ڪري مانائتا ۽ ڪارائتا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور ڪجهه هن ريت آهي.

ڇپيل ڪتاب:

”سوچون سُرها گل“ (اياز گل سان گڏ، شاعري: ۱۹۷۸ع).

”سنڌي گيت“ (ايم. اي سنڌيءَ جو مونو گراف: ۱۹۷۸ع.

”دنيا جون انقلابي عورتون“ (ترجمو:۱۹۸۲ع).

”قوم چوي ٿي ٻول“ (استاد بخاري: شخصيت ۽ شاعري).

”نيڻ مهٽي خيال جاڳيا“ (جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس).

”باهيون بيراڳين جون“ (لطيفيات:۱۹۹۱ع).

”جنم” (چونڊ ڪهاڻيون: زيب سنڌي سان گڏ ترتيب: ۱۹۹۲ع.،

”تُلسين جي سرهاڻ“ (جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس: ۱۹۹۶ع).

”جَر ۾ ٿو جرڪان“ (شيخ اياز جي لطيف کي ڀيٽا: ۱۹۹۸ع).

”سنڌ جي تاريخ جو مطالعو“.

 ”اڃا رُڃ مان رڙ اچي ٿي“ (اخباري ڪالم).

”مان ورڻو هان مان ورڻو هان“ (شيخ اياز جي شاعري ۽ شخصيت جو اڀياس:۲۰۰۰ع).

”ڊاڪٽر بلوچ- هڪ مثالي عالم“ (جُلد پهريون، ترتيب: ۲۰۰۱ع)،ڍ.

”ڊاڪٽر بلوچ- هڪ مثالي عالم“ (جُلد ٻيو، ترتيب: ۲۰۰۲ع).

”شاهه لطيف: تحرڪ ۽ تحريڪ“ (لطيفيات، ترتيب: ۲۰۰۲ع)

”سُر رپ: هڪ مطالعو“ (لطيفيات: ترتيب: ۲۰۰۲ع).

”عالمن جو آفتاب- علامه غلام مصطفيٰ قاسمي“ (ترتيب: ۲۰۰۲ع).

”انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي- محمد عثمان ڏيپلائي“ (ترتيب:۲۰۰۳ع).

”آسمان جيڏو ڌرتيءَ جو شاعر“ (شيخ اياز بابت مضمونن جي ترتيب:۲۰۰۳ع).

”سٻاجهو ساڃهه وند- محمد ابراهيم جويو“ (ترتيب: ۲۰۰۳ع).

”سُر سورٺ“ (لطيفيات، ترتيب: ۲۰۰۳ع).

”سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ“ (هند جي اديبن جو تعارف: ۲۰۰۴ع).

”سُر مومل راڻو“ (لطيفيات، ترتيب: ۲۰۰۴ع).

”حسينيءَ جي هاڪ“ (سر حسيني  جو مطالعو، لطيفيات، ترتيب:  ۲۰۰۵ع).

”ديسي سيڻ ڪجن“ (لطيفيات، ترتيب: ۲۰۰۵ع).

”آءُ درازا هل“ (شيخ اياز جو سچل سرمست کي خراج: ترتيب: ۲۰۰۷ع).

” سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال“  (مرتب:۲۰۰۹ع).

”دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت“ (نياز همايونيءَ جي شاعري: ترتيب-۲۰۰۹ع).

”استاد بخاري: سنڌ جي جوڀن جو شاعر“  (۲۰۱۲ع).

”شاهه لطيف جا فڪري سرچشما“ (تحقيق:۲۰۱۳ع).

”سنڌ جو ديومالائي ڪردار: سراج“ (ترتيب: ۲۰۱۳ع).

”قليچ بيگ“ (ترتيب).

”ساميءَ تي هڪ نئين نظر‘ (ترتيب).

”موحد شاعر- حاجي احمد ملاح“ (ترتيب).

”ساميءَ ويس سلوڪڙا“ (شيخ اياز جو ساميءَ کي خراج: ترتيب).

”وڏو ڪهاڻيڪار، وڏو انسان- نسيم کرل“ (ترتيب).

”سُڪل وڻ آءٌ صحرا جو“ (احسن الهاشميءَ جو ڪلام: ترتيب)

”واڄٽ ويراڳين جا“ (ٻه ڀاڱا: عبدالواحد آريسر سان گڏ ترتيب).

”ڳچيءَ ڳانا لوهه جا“ (عبدالواحد آريسر جون جيل ڊائريون: نئين سر ترتيب).

”جوڀن جهوٽو واءَ جو“ (شاهه عنايت راشد بابت تاثراتي ڪتاب: ترتيب).

”سڄڻن جي موڪلاڻي“ (راشد مورائيءَ بابت تاثراتي ڪتاب: ترتيب: ۲۰۱۴ع).

”سنڌ جو ڏاهو ڏات ڌڻي: محمد ابراهيم جويو“ (ترتيب: ۲۰۱۴ع).

”اُجري باک جا سپنا سرجيندڙ : محمد ابراهيم جويو: هڪ اڀياس“ ( ۲۰۱۴ع).

”درازن جي دز جُهومي رهي آهي“ (سچل جي شاعريءَ جو فڪري اڀياس: ۲۰۱۵ع).

”تاريخ سان تعزيت“ (عبدالواحد آريسر بابت مضمونن ۽ تاثرن جو ڪتاب: ترتيب: ۲۰۱۵ع).

”هُو، جو سراپا عشق هو“ (عبدالواحد آريسر بابت تاثراتي ڪتاب، ترتيب: ۲۰۱۵ع).

”ڏات ۽ ڏاهپ جي لاٽ“ (سراج ميمڻ جي خاڪن جو ڪتاب: ترتيب).

”ويراڳي جي وڃڻا ها“ (عبدالواحد آريسر جي خاڪن جو ڪتاب: ترتيب).

”انڊلٺ ريکائون“ (عبدالواحد آريسر جي شاعري، نثري ٽڪرا ۽ ڊائريءَ جا ورق، ترتيب).

”نئين دور جا نوان چار درويش“ (عبدالواحد آريسر جي خاڪن جو ڪتاب: ترتيب، تعارف ۽ حاشيا).

”ميري شاعري ميري صليب“ [شيخ اياز ڪي نثري نظمين اور اقتباسات: اردو، ترتيب و تزئين).

”خط“ (سنڌ ۽ ننڍي کنڊ جي سياستدانن جا جي. ايم سيد ڏانهن خط، ترتيب).

”اڄ پڻ چِڪيم چاڪ“ (اديبن، عالمن ۽ دوستن جا جي. ايم سيد کي خط: ترتيب).

”خطباتِ سيد“ (بزمِ صوفياءِ سنڌ جا خطبا: ترتيب).

”سنڌ جي ڪهاڻي سيد جي زباني“ (تقريرون: ترتيب).

”سنڌ ڳالهائي ٿي“ (سائين جي. ايم سيد جو عدالتي بيان، عبدالواحد آريسر سان گڏ تيار ڪيل).

”مون جا  سِرجي  سٽ“ (سراج جي ڪتاب جي سهيڙ: ۲۰۱۷ع)

شاهه لطيف جا فڪري سرچشما (اڀياس)

”رابيل رُت مايا نگر“ شيخ اياز هڪ مطالعو (۲۰۱۷ع).

”انساني ضمير جو آواز: خاڪي جويو“ (ترتيب:۲۰۱۷ع).

”شهيد ڀڳت ڪنور رام“ (ترتيب: ۲۰۱۸ع).

تاج جويي جو حافظو سڄو نه پر گهڻو سٺو آهي، کيس پنهنجي حافظي ۽ ٻوليءَ تي ايتري دسترس آهي، جو هو لطيف جي ٻوليءَ جي اعلى سڃاڻ رکي ٿو، ته اياز جي شاعريءَ کي سمجهي سگهي ٿو ته هن جي آڏو استاد بخاريءَ جو شعر پڙهبو ته ان جي روانيءَ سلاست منجهان سمجهي ويندو آهي ته هيءُ شعر ڪنهن جو آهي.

تاج جويو، اهڙو جھان گهري ٿو، اهڙو جھان گهري ٿو، جھڙو ٽئگور گهريو هو. اِهي اُهي آفاقي حقيقتون آهن، جن جو مايوسي سان ڪو به واسطو ئي نه هوندو آهي. عظيم انسان ڪڏهن به مايوس ٿي همت هاري نه ويهندا آهن. اهي ناڪاري روين ۾ به هاڪاري خيال ڳولي وٺندا آهن. هنن جي من ۾ ڪانئرتا، ڪڏهن به کَپَ کوڙي ويهي نه سگهندي آهي، تنگ نظر ماڻهن جا ذاتي حملا انهن جي سگهه کي ڪمزور ڪري نه سگهندا آهن، انهن جي جي زبانن مان دغا ۽ دولاب وارا گفتا ڪين نڪرندا آهن، پر راهه حق ۾ چيل لفظ، سندن  اندر ۾ پنهان سچ مان نڪرن ٿا، جن کي روڪي نه ٿو سگهجي، تڏهن ته اياز چيو هو، سڏ کي ڪي هڏ ناهن“ ان سڏ کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي.

جتي من ۾ ڊپ ناهي، ۽ ڳاٽ اوچا رهن ٿا

جتي علم کي آزادي آهي،

جتي دنيا کي تنگ نظرين سان ورهائي،

ٽڪرا ٽڪرا نه ٿو ڪيو وڃي

جتي لفظ سچ جي اونهاين مان اڀرن ٿا

جتي اڻ ٿڪ محنت پنهنجيون ٻانهون،

ڪمال ڏانهن ٿي ڦهلائي،

جتي عقل جي شفاف لهر،

قنوطيت جي وارياسي رڻ پٽ ۾،

 ڀٽڪي، پنهنجي راهه نه ٿي وڃائي،

جتي من سدا اسرندڙ فڪر ۽ عمل سان،

 تو ڏانهن ئي وک وڌائي ٿو،

او سائين، شال منهنجو وطن آزاديءَ جي،

انهيءَ جنت ۾ اکيون کولي. (ٽئگور)

دعا آهي ته تاج جويو سدا جڳ جڳ جيئي ۽ پنهنجي ماروئڙن ۽ ٻوليءَ جي هميشه خدمت ڪندو رهي. ان ادبي پنڌ ۾ سندس قلم محو سفر رهي.

 

(هلال پاڪستان)


تاج جويو

سانوڻ جهڙا سيڻ

ڀارومل امراڻي

سنڌ جي نامياري اديب، عالم، نقاد، شاعر ۽ استاد سائين تاج جويي جو جنم مجيد ڪيرئي لڳ ڳوٺ پير ڪولاچي ۾ ٿيو پر هن جي من ۾ ملير جي مٽيءَ جي مهڪ آهي، هن جي خيالن ۽ خوابن ۾ ٿر مرڪي ٿو، هن جي تحرير ۽ تقرير ۾ واريءَ جي دڙن جون ڌنون ۽ صحرائي لوڪ گيتن جي گونج آهي. هن جي اوجاڳيل اکين ۾ روهيڙي جا رتا گل رنگ وکيرين ٿا. هن جي سڀاءُ ۾ ساڏوهين جي ڏنگن ڏارن جو ڏيک ۽ ساهن ۾ کوهن جي پاتالي پاڻي جي خوشبوءِ آهي. هن جي شاعري ريگستاني هوائن جي ساهيڙي ۽ هن جو نثر تترن جي تنوار ۽ مورن جو ٽهوڪو آهي .

سائين تاج جويي کي معلوم آهي ته ڪارونجهر جي پهاڙي سلسلي ۾ چڻيندا جي ڏونگر جي چوٽيءَ تان چنڊ جا ڪرڻا چڳندڙ چڪوري پونم رات جو پنهنجا پر ڪيئن ساهيندي آهي. ڪونجون ڪر لائينديون سانگها تي ڪيئن لهنديون آهن. ڀاڻسر جي تلاءُ تي سارس جي آخري جوڙي ڪڏهن پاراڌي هٿن جو شڪار بڻي هئي. ڀٽائي جي سر رامڪلي جا ڪردار جٽائن وارا جوڳي عمرڪوٽ جي آکاڙي ۾ آسڻ جوڙي ويهڻ کان اڳ ۾ ڌرتي ماتا کي ڏنڊوت پرڻام ڪيئن ڏيندا هئا. عمرڪوٽ جي ڪهڙي راهه تي محبت جا مروئا روپيل آهن. هانسو سوڍو ٿر جي ڪهڙي ڳوٺ مان چونئري جا ڦيرا اڌ ۾ ڇڏي ميگهاوتي جي نرڙ تي چمي ڏيئي دودي جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ روپا ماڙي پهتو هو. ڪهڙي وڻجاري جي واٽ تڪيندي رحمڪي بازار ۾ سونل ٻائي مڻهياري لوڪ گيت جي جي هي سٽ ‘سنڌڙي ري مارڳئي کيهه اڏتي جائي’ ڳاتي هئي. ٿر ۾ ڪهڙي ڪوي جي نظمن ۾ نارين جي ننڍڙين والين ۽ ڊگهين ڳالهين جو داستان ڏنل آهي. ڪهڙي ڪوي جون وايون ڇند وديا جي ماترڪ ڳڻپ ۾ پوري ريت بيهن ٿيون. ڪهڙي ڪوي جا غزل بحر وزن جي ڀومي تي هرڻ هٺيلن جيان ڇال ڏين ٿا. ڪنهن جي نظمن ۾ سهڻين اکين جي ساحري آهي، ڪنهن جي بيتن ۾ وطن جي ويريءَ جي لاءِ ٽاڪ منجهند جو ٽاڻو تتل آهي. ڪنهن جي گيتن ۾ محبت جي اداس شام لهي ٿي، ڪنهن جي نثر سان اونداهه راتين ۾ ڏيئا ٻرن ٿا. ڪنهن جي ڪهاڻين ۾ واريءَ جي واٽن تي رات رڙي ٿي. ڪنهن جي تخليقي تحقيق ۾ پرهه پڪاري ٿي. ڪهڙا انسان سياسي جدوجهد ۾ سرخ سويرن تائين هلڻ جو اعلان وڏي واڪي ڪندا هئا. اهي ديوانا ڪهڙا آهن جن جنم جنم ٻلهار ٿيڻ جو ڌرتيءَ سان انوکو وچن ڪيو، اهي ڪهڙا انسان آهن، جيڪي سج جي سونهري شال ڍڪي ٻيهر ٿر جي ٿاڪن ڏانهن اچڻا آهن.

ٿر ۾ سانوڻ رت جي گهنگهور گهٽائن جي پلر پالوٽ ٿيڻ کان پوءِ واريءَ جي دڙن تي چونئرن ۽ چونڪين ۾ دهل جي ٿاپ تي ٿرياڻيون راسوڙن جو رقص رمي رهيون آهن. آئون پنهنجي ننڍڙي اڀياسي اوطاق ۾ سائين تاج جويي جي ڪتاب ‘سانوڻ جهڙا سيڻ’ تي لکي رهيو آهيان.

سائين تاج جي هن ڪتاب ۾ ٿر جي انهن منفرد ماڻهن جا خاڪا آهن، جيڪي جڳ جي روايتي راهن جا پانڌيئڙا نه آهن. مهانتا جي منزل جا مسافر جن جي واٽ اوکي ۽ انوکي آهي، جن انياءُ جي انڌيري رات ۾ ڪڏهن چپ نه ڪئي. جن جي ذهنن ذلت سان ڪڏهن سمجهوتو نه ڪيو. جن سوچن جي سرزمين تي آدرشن جا گلاب پوکيا، جن ڌرتي جا حسين ۽ مقدس تصور پنهنجين تحريرن ۽ تقريرن ۾ پيش ڪيا. جن اتهاس کي استاد سمجهي روز نوان سبق سکيا. جن دانائي کي پنهنجي پيڙا جو دان ڏنو. انهن مان ڪو به ڪردار مارئي جي وطن جو مياري نه آهي.

ٿر جي انهن تخليقڪارن جي ڪتابن تي لکيل مهاڳ ۽ اڀياسي مضمون آهن، جن چارڻن جي ڇندن جيڏا ڊگها نظم، حسينائن جي ڪنن ۾ پاتل والين جهڙيون وايون ۽ غزالا اکين جهڙا غزل سرجيا آهن. جيڪي وجد واري ردم ۾ هجڻ باوجود بحر وزن تي پورا آهن. انهن جي شاعري ۾ اڻ کٽ احساساتي توانائي آهي. اڻ ڇهيل تصورن جا اعليٰ عڪس آهن. انهن ڏات ڌڻين جو تذڪرو آهي، جن برهه جي باهه ۾ پنهنجي ڪايا ڪاٺين وانگر جلائي پنهنجو قلم انهيءَ وٿ سان هلايو آهي، جنهن وٿ مان انقلابي خواب جنم وٺندا آهن، جنهن وٿ مان حسناڪين جا نوان مانڊاڻ مچندا آهن. جنهن وٿ تي ويچاريندي ڀٽائي ياد ايندو آهي ته؛ “اديون عبدالطيف چئي اندر آڳ اٿئون”

هن ڪتاب کي پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته سائين تاج جا سانوڻ جهڙا هي سيڻ سماج جي ڪهڙن طبقن جي سوچ ويچار، دکن، دردن، المين اداسين، خوشين، خوابن ۽ ڪيفيتن جي نمائندگي ڪن ٿا. انهن جي وکن، ويچارن، تخليقن تحقيقن، سياسي سفرن ۽ سرن جي آلاپن ۾ ڪهڙي سنڌ جو سماجي تصور آهي. سماجياتي تاريخ ۾ ماڻهو پنهنجي مٽيءَ سان ڪيئن محبت ڪن ٿا، رومانس جا روپ ڪيئن پڌرا ڪن ٿا. ڪهڙا قدر ۽ رويا رکن ٿا. ادب فن ۽ سياست جي سماجياتي ڪارج ۽ نسبت جي گهرائي سمجهڻ جي لاءِ هو ڪهڙو بنياد فراهم ڪن ٿا. لوڪ ادب عوامي روايتن، خوشي غمي جي محرڪن جو سادو ۽ اجتماعي بي ساخته اظهار هئڻ سان گڏ آدرشي ڪيئن آهي. ٿر جي لوڪ ڏاهپ جي روايتن ۾ ادب جا اخلاقياتي پهلو ڪهڙا آهن. ٿر ۾ سرجندڙ ادب، ادب جي اخلاقياتي تنقيد جي پرک ۾ ڪٿي بيٺل آهي، اهو ادب رجعت پسند روايتن جو حامي آهي يا جديد روشن خيال آڏاڻي تي اڻيل آهي، سماج جي تهذيبي ۽ آزادي جي شاهڪار تصورن سان هم آهنگ آهي يا نه.

سائين تاج ڌرتي سان سچائي، روشن خيالي، ترقي پسندي، ادب ۽ آرٽ جي جنهن رستي پاڻ هلي رهيو آهي، ان رستي تي هلندڙ ٿر ڄاون ساٿين تي دل سان لکيو آهي، جن نظرياتي سياست سان گڏ علم ادب، آرٽ، موسيقي جي لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي. سائين تاج جي سانوڻ جهڙن سيڻن ۾ ڪو به وڏي پيٽ ۽ گهڻي پئسي وارو ماڻهو نه آهي. نهايت غريب طبقي مان اڀري آيل انسان، جن پنهنجين تخليقي صلاحيتن ۽ تصورن، تصورن جي عمدن خيالن ۽ سياسي سياڻپ سان علم ادب ۽ سياست جي ميدان ۾ وڏو پد پاتو پر انهن ڪڏهن پنهنجي غربت ۽ ڌرتي جي لاءِ ڪيل پنهنجي پورهئي ۽ پنڌ کي اقتداري ايوانن توڙي عوام جي اڳيان ڪئش نه ڪرايو. سائين تاج انهن مخلص دوستن جي جهوپڙن ۾ راتين جون راتيون ۽ ڏينهن جا ڏينهن تمام گهڻو ويجهو رهي انهن جي ذات، ڏات ۽ زندگي جي انيڪ پهلوئن ۽ پاسن کي پڌرو ڪيو آهي، جيڪي سڪ سان ساراهڻ ۽ دل سان پيار ڪرڻ جهڙا آهن. انهن ڪردارن جي انسان دوستي روشن خيالي سچائي کرائي، عمل جي ميدان ۾ سدائين مظلومن سان گڏ بيهڻ، ثابت قدم رهڻ، بي لوث تحقيقي ۽ تخليقي پورهئي کي سنڌ جو هر باشعور ماڻهو دل سان مڃي اندر جي احترام سان سلام ڪندو.

سائين تاج جو هي ڪتاب ان دور ۾ ناسي نيڻ رکندڙ نقادن جي نڙگهٽ تي ننهن وانگر آهي، جنهن دور ۾ سنڌي ادب ۾ سگهارن نقادن جي کوٽ هئڻ جي ڪري ڪنهن به فن پاري کي ادبي ڪسوٽي تي پرکڻ جي بدران اڪثر طور ياري باشي ۽ گروهه بندي جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. تنقيدي ليکن ۾ يا ته حد کان وڌيڪ واهه واهه جي ٽڪ ٽڪي تي چاڙهي نوجوان تخليقڪار جي صلاحيتن ۽ ڏات کي تعريف جي اڏي تي زخمي ڪيو وڃي ٿو يا سندس ڏات کان وڌيڪ ذات کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. بي رحم نقاد تخليقن جي نازڪ سيني ۾ اجائي تنقيد جا ڪوڪا هٿوڙن سان هڻندا آهن.

سائين تاج جويي جي تخيل ۽ تحقيق جا اڙيل وڇيرا مينهن واءُ وانگر پوري سنڌ جي چپي چپي تي گهميا آهن. پر ٿر جي وارياسي ميدان تي دل جي هوڏ ۽ لوڏ سان آنٽا ڏنا آهن. سائين تاج جويي کي پنهنجن سانوڻ جهڙن سيڻن جي تخليقي جوت، تحقيقي صلاحيت ۽ سياسي دانائي جي موجودگي ۾ شيخ اياز جي لفظن ۾ پوري پڪ رهي آهي ته ،

“سونيون ٿينديون سج سان، ڀڙڪي نيٺ ڀِٽون”

سائين تاج نئين نسل کي تعميري تنقيدي ليکن ذريعي سدائين اتساهيو ۽ اڪسايو آهي. سائين تاج جويي جي تنقيدي اڀياس جا نو لک نيڻ ساڙ جي گرم هوا ۾ ڪڏهن نابين نه ٿيا آهن. جن ماڻهن سائين تاج کي ذاتي زندگي ۾ ويڻن سان وڍيو، تن جي فن، فڪر ۽ تحريڪي جدوجهد تي به تاج جويي لکڻ وقت پوري ايمانداري سان لکيو آهي. تاج ڪڏهن به شخصي ناراضگي ۽ ادبي وضاحتن ۾ وچڙيو نه آهي. هن ڪتاب ۾ منهنجي تخليقي ۽ تحقيقي پورهئي تي به سائين تاج جا ٻه ليک شامل آهن. سائين تاج جويو، سائينداد ساند ۽ شنڪر ساگر منهنجا ادبي استاد رهيا آهن، آئون سائين تاج جويي جي ادبي پورهئي ۽ سانوڻ جهڙڻ سيڻن سان انصاف ڪٿي ٿو ڪري سگهان!؟ ٿري ٻولي ۾ چوندا آهن ته وٺي جا ڏس واٽهڙو ڏيندا آهن. آئون سنڌي ادب جي هن سچيت پورهيت، اديب عالم ۽ استاد سائين تاج جي جنم ڏينهن تي دل سان ڀيٽا ڏيندي وٺي جو واٽهڙو ٿي ڏس ڏيندي عرض ڪري رهيو آهيان ته جيون جي مصروفيتن مان جيئن وقت ملي سائين تاج جي لکيل ۽ سامروٽي پبليڪيشن جو ڇپيل هن ڪتاب جي حسناڪي اندر ۾ ضرور اتارجو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۶ سيپٽمبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

تاج جويو

سنڌ جو جاکوڙي ڪردار - جُسو جنجيرن ۾!

بخشيل باغي

اڄوڪي دور جي بي زباني، ڪَن لاٽار، اَنڌائپ ماڻهپي جي مانُ ۽ مَريادا کي پنهنجي هلڪڙائپ ۽ سَطحيت سان اهڙو ته لَڄايو آهي جو ماڻهو، ماڻهپي جي اهميت کان ئي اَڻ ڄاڻ بڻجي، هِن دنيا جي چوڦير ڀٽڪندي، حيران ۽ پريشان، زندگيءَ آڏو سواليه نشان بڻيو بيٺو آهي. اهڙي وقت جڏهن ثانويت جي هاڪ ۽ دائميت جي دوام کان انڪاريت، سڀني قدرن کي لتاڙي بنا مقصد دلدل جي سفر تي هلي پئي آهي، جنهن ۾ هر وک، پير هيٺ لهندا وڃن ٿا ۽ حِرص ۽ گهڻي کان گهڻي جي جنوني حاصلات جو نشو، ذهنن کي زنگي مٿن اهڙي ته لاتعلقيءَ ۽ اَ ڻڄاڻائي جي ڪَٽ چاڙهي ڇڏي آهي جو اُن جي لاهڻ لاءِ سَنڌاڻ ۽ سِراڻ جا رکوال، اڄ به دنيا جي جنوني هجوم ۾ پنهنجي فڪر ۽ فهم سان پنهنجو نظرياتي عملي ڪم سَرانجام ڏئي رهيا آهن.

اهڙي دور ۾ جتي هر شيءِ عارضيت جو شڪار ٿي آهي اُتي علم، ادب ۽ نظرياتي سياست به اُن جو بُري طرح سان شڪار ٿيا آهن، پر پوءِ به ڪُٽين ڪٽ لوهار واري ڪار سان ڪجهه ذميوار فرد اڄ به ڪتابن توڙي عمل وسيلي پنهنجي مقصد سان نڀائيندا پيا اچن.

اهڙن ڏيهه جي ڏاتارن، وطن جي واهرن، ڌرتيءَ جي ڌراڙن، سوريءَ جي سزا وارن، اَڙيلن جي آڌارن، سنڌ ۽ سيد جي سچن پيروڪارن ۾ سائين تاج جويي جو ذڪر اهم ۽ نمايان طور تي ڪري سگهجي ٿو.

هي ڀٽائيءَ جو کاهوڙي، پنهنجي ننڊ توڙي جاڳ ۾ جُگنوئن جيئن اُونداھين ۾ جَرڪندي، سوچن، خيالن توڙي عمل جي لاٽ روشن رکندو رهيو آهي ۽ ڀٽائيءَ جي هِن بيت جو جديد پورٽريٽ بڻيل رهيو آهي ته:

کَرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪڏهين،

اوسيڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

اِها سُک سان نه سُمهڻ واري حالت جيڪڏهن سڄي سنڌ تي حاوي ٿي پوي ها ته هوند وطن جي واءُ ۾ سُرهاڻ جا جُهوٽا ڌرتيءَ جي ساهن کي واسي ڇڏين ها ۽ لطيف کي اِهو بيت شايد صديون اڳ چوڻو ئي نه پوي ها ته:

بَندر جان ڀَئي، ته سُکاڻيام سُمهو،

ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽيءَ منجهه مَهي،

ايڏو سور سَهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!

اِهو ئي ڪارڻ آهي جو سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ نظريي جي پيروڪارن سدائين نئين سنڌ کي لطيف جي هن بيت جي تصوير ۾ ڏٺو ۽ عملي طور تي چاهيو آهي:

اڱڻ تازي، ٻَهر ڪُنڍيون پَکا پَٽ سُونهَن،

سُرهي سيج پاسي پرين، مَر پيا مينهن وسن،

اسان ۽ پِريَن، شال هُوَن، برابر ڏينهنڙا.

۽ سچ ته تاج جويو به اُهو وطن جو مُحافظ پوڙهو آهي جنهن قاضي قادن جي هِن بيت ۾ سنڌ، لطيف ۽ سيد جي عاشقاڻي سجاڳيءَ جو اعتراف ڪندا سدائين عمل جي ميدان ۾ سجاڳيءَ جي شعور سان سرشار ٿي جاڳ جي مشعل کي روشن ڪندي خود به سُجاڳيءَ جو سَڏ بڻيو آهي ته:

جوڳيءَ جاڳايوس، سُتو هُئس ننڊ ۾،

تهان پوءِ ٿيوس، سَندي پِريان پيچري.

سائين تاج جويو وطن جي ويڙھ ۾ بنا ڪنهن ڊپ جي وڏي حوصلي ۽ همت سان لڙندو رهيو آهي.کيس خبر آهي ته آزاديءَ جي ويڙھ، رت گُهري ٿي ۽ کَرڙي جو مُلھ ڪيڏو نه مَهانگو آهي. تنهنڪري ته خليفي نبي بخش لغاريءَ جي ڪيڏاري جو هي بيت سندس زندگيءَ جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿو.

کَرڙي کائي رَت، ڀَت نه وجهي وات ۾،

پِڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پَرکي پَت،

جن جا نيڻ نِست، نينهن نه لائي تن سين.

يا

هلو مَهلو مانجهيا! ويريين وٺون وير،

جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا، پوءِ ڳڻبا پير،

ٿيندو سَڏُ سوير، صبح شهيدن کي.

۽ سائين تاج جويو خيلفي جي هن بيت جي فڪر ۽ فلسفي کي به خوب ڄاڻي ٿو ته:

سوڀُون سِر گُهرن، سِر رِي سوڀ نه سَپجي،

سوڀ برابر سِسيون، توريان تان نه تُرن،

جي هنيڙي منجهه هُرن، سي مُلهه مَهانگا سپرين.

تاج جويو نئين سنڌ جو ۽ سن جي سيد جو پانڌيئڙو ۽ مُسلسل عملي ڪردار ۽ وڻجارو آهي جنهن ڀٽائيءَ جي هن بيت جو ڀَرم سمجهندي ۽ رکندي سنڌ جي جدوجهد جي نئين تاريخ ۾ واڌارو آندو آهي. جنهن جي لاءِ لطيف جي سٽن ۾ چوڻ ڪيڏو نه سڀاويڪ آهي ته:

مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،

ڪري نه سگهان ڪاءِ، اُنين سندي ڳالهڙي.

تاج جويو سائين جي. ايم سيد جي نظرياتي سياست جو هڪ اهڙو جوڌو آهي جنهن سنڌ لاءِ سدائين پاڻ پتوڙي، پرڀات جي پار جو سفر جاري رکيو آهي. هي ورچي ويهي رهڻ وارن مان آهي ئي ڪونه. هن جو پيغام ته اياز جي هن بيت ۾ جرڪي رهيو آهي ته:

ڪهڙو پنڇي پيار جو، ماريءَ ناھ مُٺو،

جيڪو ڪونه ڪُٺو، سو نه اسان جي ڪُڙم مان.

وقت ۽ حالتون غلام قومن ۾ سدائين اهڙا بهادر پُٽ پيدا پئي ڪيا آهن. تاج به اهڙو سنڌ جو سوڍو آهي جنهن لطيف جي فڪر ۽ فهم کي عمل وسيلي اُجاڳر پئي ڪيو آهي ۽ ان جي عملي ڪردار نگاري ڪندي اَڏولتا جي جذبن کي پئي سدائين جاڳايو آهي.

هلڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهايان اِيءُ مَرڪُ،

وجهن تان نه فَرقُ، رُڪ وهنديءَ راند ۾.

يا

سَرها ڏٺم سي، جن ساڃاءَ سراڻ سين،

تيغ تنين جي کي، ڪَٽ نه لڳي ڪڏهين.

يا

ڪَٽ ڪَڙهي، لوھ ٻَري، ڌوڌا جِت ڌَڳن

مُترڪن مُنهن ڪڍيا، سانڌاڻيون سَهڪن،

اڄ پڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي.

تاج جويو قيد ۾ هجي يا ٻاهر پر هُو پنهنجي نظريي جي ڪاڻ سدائين روڊن رستن تي گرمي توڙي سرديءَ ۾ بيماري توڙي تندرستيءَ ۾ عمل جي راھ تي هلندو رهيو آهي. نظرياتي، فڪري يا وطن جي واهڻ ۽ وسندين جي رکوالن جي حوالي ۾ تاج جويو جيئري جاڳندي سنڌ ۽ سيد جي انقلابي ڪردارن جي اهڙي ته علامت بڻجي ويو آهي جن جي دل ۽ دماغ ۾ آزاديءَ جي لاءِ پاڻ قربان ڪرڻ جو ساهس اَٽل ارادن سان موجود رهيو آهي.

تاج جويو سائين عبدالواحد آريسر جي قومي سُنگ جو اُهو سُونهون ۽ اَڻ جَهل سَرواڻ آهي جنهن اياز جي سٽن “جل جل مشعل جل” جي لَڄ رکندي پاڻ کي پتنگ جيئن پئي پچايو آهي ۽ لاکيڻي لطيف جي هن بيت جو ڀرم رکندي عملي آڳ ۾ پَچيو ۽ ڪُندن ٿيو آهي.

پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آڳ اُجهاءِ!

پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ!

واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي.

تاج جويو سنڌ ۽ سيد جو اهڙو عاشق آهي جنهن لاءِ لطيف جي بقول ته:

عاشق زهر پياڪ، وھ ڏسي وهسن گهڻو،

ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ،

لڳين لنئون لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،

توڻي چڪنن چاڪ، ته به آه نه سلن عام سين.

تاج جويي لطيف جي شاعراڻي فڪر ۽ فلسفي مان پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ عمل جو هڪ اهڙو ته پئمانو جوڙي ڇڏيو آهي جنهن ۾ لطيف جي سٽ سٽ ۽ لفظ لفظ ۾ سنڌ جي ماضي حال ۽ مستقبل جي تصوير چٽيل آهي. تاج جويي سدائين پنهنجي قافلي جي جوانن کي لطيف جي آواز ۾ سڏ پئي ڪيا آهن ته:

سُوري سَڏ ٿيوم، ڪا هلندي جيڏيون،

وڃڻ تن پيوم، نالو نينهن ڳنهن جي.

تاج جويو سچ ته سدائين منهنجي تصور ۾ سنڌ جي حقن ۽ آزاديءَ جي حاصلات لاءِ لطيف جي هن بيت جي هِنن لفظن مان اُڀامي ذهن ۾ سوجهري جيان نِکري پوندو آهي ته:

ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا،

ڪارا ڪُند هٿن ۾، اَڙل وڇيڙا هيٺ،

ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جنين مهڻو.

تاج جويو سنڌ جو اهڙو اَٽل، اَرڏو ۽ بيباڪ سورمو آهي جنهن لطيف جي لفظن ۾ سَسيءَ بڻجي به سدائين پئي چيو آهي ته:

اي نه مارن ريت جئن سيڻ مٽائن سون تي،

اچي عمرڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪُريت،

پکن جي پريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.

تاج جويو لطيف جي سُر رامڪليءَ جو اُهو جوڳي به آهي جنهن ڪنهن به طلب ۽ طعام کي ٺُڪرائي، اُڃ کي پِيءُ، من کي ماري مُڃ ڪري، سُڃ جهاڳي وَسنئن کي ويجهي ٿيڻ جي تمنا ۾ لطيف جو لاهوتي به بڻيو آهي ته سامي به:

جوڳيءَ تي جَڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،

پتنگ جئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ،

آيو ڪاڪ تَڙاءُ، ڪنوارن ڪڪوريو.

يا ٻئي بيت جي تصويري تشڪيل هيئن به ڪئي اٿس ته:

ڪَن ڪَٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪَن جي ڪٽائين،

لاهوتي لطيف چئي، ماڳ نه مٽائين،

جي خوديءَ کي کائين، هلو! تَڪيا پَسون تن جا.

تاج جويو سنڌ جو اُهو کاهوڙي ڪردار آهي جنهن سيد جي فڪر، فلسفي ۽ نظريي تحت سدائين سنڌ جي سياست کي پنهنجو ايمان ڄاتو آهي. سنڌ جي کنڀي گُم ڪيل جوانن جي لاءِ ڪئي سالن کان لاڳيتو سڄي سنڌ ۾ سَراپا احتجاجن، بُک هڙتالن ۽ ٻين سلسلن ۾ اڳيان اڳيان رهي پنهنجي فرض جي عملي طور تي پورائي ڪندي، هن عمر ۾ به ٿڪو ناهي بلڪه اڳي کان به اڳرو ٿو رهي. اِها بيباڪي کيس هن دور جو قومي هيرو قرار ڏئي ٿي.

قومي سياست سان گڏ ادب جي دنيا ۾ به هن جو ڪم ڏاڍو گهڻ پاسائون ۽ سگهارو آهي. هڪ شاعر، اديب، بهترين مُقرر، طبعزاد ليکڪ، ترجمي نگار، سهيڙيندڙ ۽ ترتيب ڪار، لطيف جو پارکو ۽ سندس مختلف پاسن تي سندس لکيل ليک ۽ ڪم سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.

تاج جويو جتي لطيف جيان جمالياتي آهي ته سچل جيان جلالي به آهي، سيد جيان اَڻٿڪ، اَڻ جهل، اَرڏو، پنهنجي مزاج ۾ اَهنسائي به آهي ته ظاهر ۾ بي رنگ مٽيءَ جا سڀئي رنگ سندس روح ۾ انڊلٺ جيان کڙندا رهندا آهن ۽ هُو سارنگ جا من ۾ سڀاوَ سمائي وستي وستي پنهنجن خيالن جا مينهن وسائيندو رهندو آهي ۽ ويران ۽ بنجر ٿي ويل ذهنن کي سرسبز ۽ تازو توانو بڻائي هڪڙي نئين سنڌ جي اَڏاوت جا خواب اکين ۾ سمائي مُسلسل جاڳي ۽ سڄي سنڌ کي جاڳائي رهيو آهي. سندس سَڏن جا پَڙاڏا لفظن جي پکيئڙن جي رُوپ ۾ آزاديءَ جي آڪاس تي اُڏرندي، ٻرندڙ ڌرتيءَ تي گهاٽي ڇانوَ پکيڙي رهيا آهن. سچ ته تاج جويو، اياز جي هن بيت جو چِٽو، اُجرو ۽ عملي ڪردار به آهي جنهن کي هي بيت ڀيٽا ڪرڻ خود هن بيت جي نئين تشريح ٿئي ٿي ته:

هي جو پوڙهو جُهور، وڙهندي ٿيو ويڙھ ۾،

اڃان ڏمري ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مُور،

سوچي ڏسي ڏُور، ايندڙ آرڻ ڏينهڙا.

سچ ته تاج جويي ۾ هوشوءَ جي هشمت، هيمون جي همت، روپلي جي بهادري، دودي جي دل، راجا جو روح، بلاول جي بهادري، شاھ عنايت جي شعور جا شُعلا، پَرچوءَ جي بي ڊپائي، حَشوءَ جي ڏاهپ، سيد جي سچائي ۽ بيباڪي به شامل آهي. اڄ جڏهن سنڌ جي ايتري سگهه تاج جويي جهڙي وطن جي واهرو ۾ پيدا ٿي آهي ته اُهو هن مٽيءَ جو ئي ڪمال چئي سگهجي ٿو. تنهنڪري به تاج جويو، اياز جي شاعراڻي گَرجندڙ آواز ۾ سُتل سنڌ کي سُجاڳيءَ جو سڏ ڏيندي چوي ٿو ته:

ڀَڙڪ وري ڀنڀٽ، ڪئي سال سُتو رهين،

ڪَڙڪ دلين جي ڌَڙڪ تي، وِلهه ۾ ڪر واڄٽ،

شُعلا شُعلا واءَ ۾، چڻنگون چڻنگون پَٽ،

ڍاٽي نڪرن ڍَٽ، ڄرڪي تنهنجي ڄاڻ مان.

وطن جو عشق به عجيب رنگ وکيري ٿو جو ماڻهوءَ اُن رنگ ۾ پنهنجو رنگ ملائي هڪ نئين رنگ جي تخليق ڪري اَمرتا جا نوان نوان اُهڃاڻ پيدا ڪري ٿو. تاج جويي سڄي زندگي هر پاسي کان مُسلسل جدوجهد ڪندي ڪٽي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس سياسي پاسي کان علاوه علم ۽ ادب وارو رُخ به سندس ئي مُتحرڪ ڪردار ۽ مزاج جو آئينو آهي. هر ڀيري نئين کان نيئن جي تلاش ۾ سرگردان رهندڙ هي جاکوڙي ڪردار اڄوڪي هيڻي سنڌ جو هڪ ڀرپور ۽ سگهارو ڀرجهلو آهي. هي ڪانئر کي للڪاريندي، ڪڏهن به پُٺتي نه هٽيو آهي بلڪه سدائين اڳتي کان اڳتي وڌندي وطن جي وارثي ڪندي عقوبتون سهندو رهيو آهي ۽ عمل جي ميدان کان وٺي شاعري، مضمون نگاري، آتم ڪٿا يا جيل ۾ قيد هوندي به پنهنجي تخليقي ڪم کي نڀائيندي به خطن وسيلي پنهنجن جذبن جي اُپٽار ڪرڻ جو سگهارو هُنر به تاج جويي وٽ تمام گهڻو آهي. ڇاڪاڻ ته هُو ڄاڻي ٿو ته سنڌي تخليقي ادب ۾ نظرياتي ادب جو هجڻ هڪڙي وڏي وٿ آهي. جماليات سان گڏ مزاحمت جو رنگ ملي جڏهن تخليق جي آڏاڻي تي اُڻبو آهي ته هر جمالياتي شيءِ علامت نگاريءَ جو ويس ڍَڪي مزاحمت جو رُوپ ڌاري وٺندي آهي. اهڙو ادب اڄوڪي دور ۾ بنهه گهٽ بلڪه نه هجڻ جي برابر آهي. جنهن جي کوٽ سبب نظرياتي پُختگي ۽ نئين سنڌ جي مزاحمتي تاريخ لکجڻ وارو سلسلو رُڪجي ويل محسوس ٿئي ٿو.

اڄ جي ناشناس دور ۾ نه نظرياتي پُختگي وارو ماحول آهي نه ئي نظرياتي سياست جو اُتساھ بخشيندڙ ڪردار. هر ڪو گُهلندڙ هوا جي رُخ تي هلي رهيو آهي. اهڙي وقت ۾ اَٽي ۾ لُوڻ برابر ئي سهي پر اڳئين نظرياتي ۽ فڪري دور جي عقوبتن بابت لکيل ادب، هِن هيڻائي واري دور ۾ ڪيڏو نه ٻَل بڻجي پوي ٿو ۽ اُن دور جي سموري عڪاسي اکرن مان اُڀامي تصور ۾ ڪنهن فلم جيان هلڻ شروع ٿي وڃي ٿي.

اهڙي ئي تخليقي نظرياتي ادب جي سلسلي جي ڪڙي تازو سائين تاج جويي جي جيل مان لکيل خطن جو ڪتاب “ٿا زلف ڇڪن زنجيرن جا...” ڇپجي آيو آهي. هي جيل مان لکيل خط دراصل “جيل جي ڪهاڻي، خطن جي زباني” طور هڪ دور جي چٽي آرسي آهن.

هي ڪتاب سائين تاج جويي جي جيل مان لکيل مُنير شاھ ذاڪريءَ ڏانهن خطن جو هڪ اهم ڪتاب آهي. سائين تاج جي جيل ڊائري “کوليءَ تي چنڊ چمڪيو” ۽ “ٿا زلف ڇڪن زنجيرن جا”، “ايشيا جي ماڊل ڊڪيٽيٽر، ضياءُالحق جي ڪاري اُونداهي دور ۾ تاج جويي جي ۱۹ اپريل ۱۹۸۰ع کان مارچ ۱۹۸۲ع تائين” جي سچي وارتا جو پورو نقشو آهي.”

تاج جويي هن ڪتاب جي مهاڳ “ڪٿا هن ڪتاب جي” ۾ لکيو آهي ته، “منهنجي ۱۹۸۱ع ۾ ڇپيل جيل ڊائري” کوليءَ تي چنڊ چمڪيو ۽ هي ڪتاب “ٿا زلف ڇڪن زنجيرن جا (جيل جي ڪهاڻي، خطن جي زباني: جلد پهريون). منهنجي جيل-ڪٿا يا “تُرم ياترا” جو تحريري داستان آهن.”

“ٿا زلف ڇڪن زنجيرن جا” تاج جويي جي جيل جي خطن ۾ جيل جي ماحول جي عڪاسي، قيدين جي نفسيات، قومي ڪارڪنن جي ڇُڙواڳي تي نظر رکندي سندن پرورش ڪرڻ، نظرياتي پُختن ذهنن جي عملي ۽ تربيتي پالنا ڪرڻ ۽ ان لاءِ جاکوڙڻ، مطالعي کي پنهنجو معمول بڻائڻ ۽ مختلف دنيا جي ادب جي نظرياتي لکڻين جا پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجما ڪرڻ، جيل جي دنيا ۾ رهڻ کي هڪ هُنر طور ڄاڻڻ، جيل ۾ هوندي به پنهنجي اصل مقصد کي سڀ کان اڳيان رکي ان تي عمل ڪندي جابر قوتن آڏو اَٽل ٿي بيهڻ ۽ مليل سزائن کي اعزاز ڄاڻي اوچي ڳاٽ سان قبول ڪرڻ، جيل جي عام روايتي ماحول کي پنهنجي مقصد جو رُوپ بخشڻ، سڀني کي پنهنجائڻ ۽ کين قوميت جو درس ڏيڻ، مختلف نظرياتي پروگرام ڪرڻ، ليڪچر پروگرام ڪرڻ جهڙا اصول اپنائي سائين تاج جويي ۽ سندس هم خيال دوستن جي جدوجهد جا شاندار حوالا هن جيل جي خطن ۾ قلمبند ٿيل آهن.

۱۵۲ صفحن تي مُشتمل هي خطن جو ڪتاب سنڌ جي ڀٽڪندڙ نسل کي هڪڙو نظرياتي ۽ وطن دوستيءَ تي آڌاريل گس ڏئي ٿو. اهڙو گَسُ ۽ ڏَسُ تاج جويي جي جيل ڪهاڻيءَ جو هي ڪتاب پيش ڪري ٿو جنهن تي هلندي روح تي چڙهيل حالتن جي مايوسين جا زنگ لهي، دل ۽ دماغ کي اُتساھ ۽ ويساھ بخشي تازو توانو ڪري ڇڏين ٿا.

هي جيل مان لکيل خط حقيقت ۾ پَڪي، پُختي ۽ مُڪمل نظرياتي سوچ ۽ اُن تي ٿيل عمل جي اُتساهيندڙ هڪ اهم سياسي تاريخ آهي. “جتي تاج جويو پنهنجي زندگيءَ جو ۽ پنهنجي نصب العين جو قيدي هو. جتي سندس روح ته ڪوٽن ۾ قابو ٿي نه سگهيو پر هوا ۽ خوشبوءِ وانگر، سندس جُسو زنجيرن ۾ محصور هو. اُن ڪَرب ۽ ڪيفيت کي سندس لفظ ۽ جُملا، بيان ڪرڻ کان قاصر آهن، صرف لطيف جي شاعري ئي اُنهيءَ ڪَرب، حالت ۽ ڪيفيت کي اظهاري سگهي ٿي”

سُتي لَڌم“سُوهڻو”، کٿيءَ ۾ خاصو،

وُٺا مينهن ملير تي، ٿيو تڙ تڙ تماشو،

چوريان جان پاسو، ته جُسو جنجيرن ۾!

تاج جويو سنڌ جو اهو فرض شناس ۽ ڪميٽيڊ شخص آهي جنهن سان ملي سدائين روح تازو ٿي پوندو آهي. ساڻس ملي لطيف جو هي بيت ڪنهن پکيءَ جيان ڀَڙڪو ڏئي ذهنن تي اُڏامي ايندو آهي ته:

ويٺي جنين وٽ، ڏُکندو ڏُور ٿئي،

تن! تنين سين ڪَٽ، اوڏا اَڏي پَکڙا.

***

 

(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائين ۾ ۷ سيپٽمبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا