; سنڌي شخصيتون: آغا سليم

26 September, 2016

آغا سليم

آغا سليم
ڊاڪٽر فهميده حسين
آغا سليم سان منهنجي پهرين ملاقات ستر جي ڏ هاڪي ۾ ان وقت ٿي هئي جڏهن آئون ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ”سنڌي اردو بول چال“ پروگرام ڪندي هئس. پروگرام جي رڪارڊنگ مرحوم زاهد قلباڻي ڪندو هو جيڪو تنهن زماني ۾ اتي اسٽاف آرٽسٽ هو.
آغا صاحب پنهنجي مخصوص شڪارپوري انداز ۾ جھيلار سان مون کي ڪڏهن ”بابلي“ ڪڏهن ”ڇوڪرڙي“ ته ڪڏهن نالي سان سڏيندو هو ۽ هو سدائين چوندو هو ”تون سراج جي ڀيڻ آن معنيٰ منهنجي ڀيڻ آن“ هميشه پيار سان ڳالهائيندو ۽ گهڻي عزت ڏيندو هو ۽ چوندو هو ”ما کي خبر ڪا نه هئي ته جيترو سراج هوشيار آهي اوتري سندس ڀيڻ به هوشيار هوندي، سچ ٻڌاءِ اهي گرامر جا سبق تون پاڻ لکندي آن يا سراج کان لکائيندي آن!“ پوءِ کلندو هو بابلي دل ۾ نه ڪجان، ائين ئي ڀوڳ ٿو ڪيان“.


گهڻا سال پوءِ جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ آئون شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر ٿيس ته هو مون وٽ ”سُر سسئي“ جي انگريزي ترجمي جو هڪ فائيل ڇڏي ويو، چئي؛ ”چيئر طرفان ڇپرائي“ پوءِ اهو مون هڪ ميٽنگ ۾ ڪميٽيءَ اڳيان منظوري لاءِ رکيو، جنهن ان کي ايڊٽ ڪرڻ لاءِ چيو ۽ انگريزي ٻوليءَ جي ڪنهن ماهر کان ٻولي درست ڪرائي ڇپرائڻ سان مشروط ڪيو. آغا صاحب اها ڳالهه ٻڌي الائجي ڇو مون سان ناراض ٿي پيو، چيئر ۾ تقريبن ٻئي ٽئي ڏينهن اچي ڊاڪٽر نواز علي شوق وٽ ويهي ۽ مون سان ڳالهائي به نه. بس سلام جو جواب به رکائيءَ سان ٿي  ڏنائين.
هڪ ڏينهن ڪنهن اديب ٻڌايو ته آغا صاحب چوي ٿو ته؛ ”ڪالهوڪي ڇوڪرڙيءَ کي کڻي ڊائريڪٽر ڪيو اٿن، اچيس ڇا ٿو!“ منهنجو مسودو ڪميٽي آڏو رکڻ جي ڪهڙي ضرورت هئس، چاهي ها ته ائين به ڇاپي پئي سگهي!“ پوءِ هڪ ڏينهن چيئر ڏانهن ايندي ڏاڪڻ تي ملي ويو، زوريءَ پنهنجي آفيس ۾ وٺي آئيسانس، مسودو سامهون رکي چيومانس؛ ”مون کي اجازت ڏيو ته آئون پاڻ ان کي ايڊٽ ڪري ڇپائيءَ لاءِ منظوري وٺان، باقي توهان کي خبر آهي ته ڊاڪٽر الانا صاحب ڪميٽيءَ ۾ ان تي اعتراض ڪيو هو، مون ته محض اتي رسمي ڪارروائيءَ لاءِ پيش ڪيو هو ۽ ائڊوائزري ڪميٽيءَ جي منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو هو“. ان ڏينهن مون سان ڏاڍا شڪوا شڪايتون ڪيائين جنهن جو تت مون اهو ڪڍيو ته ڪنهن ماڻهوءَ سندس ڪن ڀريا هئا ۽ منهنجي خلاف چڱو خاصو زهر اوڳاڇيو هو.
هو سچو ماڻهو هو تنهن مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هو ته ڪير منهنجي ان سيٽ تي هئڻ ڪري رنج هو ۽ ڪنهن کيس اهو تاثر ڏنو هو ته مون پاڻ سندس مسودي کي رد ڪرايو هو. سندس اجازت سان مون اهو مسودو ايڊٽ ڪري کيس ڏيکاريو ۽ ڇپرائڻ لاءِ وري منظوري وٺڻ جي ڳالهه ڪئي ته مسودو هڪ نظر ڏسڻ لاءِ چئي کڻي ويو ۽ وري مون کي واپس ڪو نه ڪيائين.
هڪ ڀيري مون کانئس پڇيو ته چوڻ لڳو؛ ”فهميده تو کي جس هجي، ڏاڍي محنت ڪئي اٿئي، پر هاڻي مان اهو چيئر بدران ٻئي ڪنهن هنڌان ڇپرائيندس“. هن مون کان معافي به گهري ته منهنجي باري ۾ ڪجهه ماڻهن جي چوڻ تي هن ڪي منفي جملا به چيا هئا ۽ منهنجي باري ۾ غلط تاثر رکيو هو، تن ڏينهن ۾ پاڻ شاهه جي رسالي جي ترجمي تي ڪم ڪري رهيو هو پوءِ جڏهن مون سان پرتو ته ٻئي ٽئين ڏينهن رات جو، بنا ڪو وقت جو خيال ڪرڻ جي فون ڪندو هو. ”فهميده هڪڙو خالص لاڙي لفظ اچي ويو آهي، اسين اترادي ماڻهو، متان غلط معنيٰ لکي وڃان، مَنَ ان جي معنيٰ ته ٻڌاءِ“. پوءِ ان هڪڙي لفظ تي ڏهه پندرهن منٽ ڳالهائي جڏهن مطمئن ٿيندو هو تڏهن فون بند ڪندو هو.
هڪ ڀيري يڪا ٽي چار لفظ چيائين، جن مان ڪو هڪڙو مون کي به سمجهه ۾ ڪو نه آيو، صبح تائين جي اجازت ورتيمانس ۽ صبح ٿيڻ سان ادا سراج کان پڇي لغتن مان پڪ ڪري فون ڪئيمانس ته ڏاڍو حيران ٿيو، ”سائينءَ وٽ ٻوليءَ جو خزانو آهي، جنهن مان جھوليون ڀري شاهوڪار ٿي ويو آهيان ۽ ان ۾ تنهنجي طرفان مدد ڪڏهن به ڪو نه وساريندم .... سدا خوش هجين“. هو ڀٽائيءَ کي نه لطيف، نه ڀٽائي، نه شاهه پر رڳو ”سائين“ چوندو هو ۽ کيس سچ پچ ”سنڌ جو سائين“ ئي سمجھيائين، تصوف جا ڳوڙها نڪتا ۽ گهريون معنائون جيئن هن ٿي سمجھيون ۽ سمجھايون تيئن ڪنهن ٻئي کان مون ڪو نه ٻڌيون.
هونءَ ته هو هڪ اعليٰ درجي جو ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ تخليقڪار هو پر سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو ڀٽائيءَ جي رسالي جو ترجمو آهي. شيخ اياز جتي ادبي ۽ فارسي-زده اردوءَ ۾ شاهه کي ترجمو ڪيو ۽ اردوءَ جي خالص ادبي روايت جي ائين پوئيواري ڪئي جو انهيءَ ترجمي جو ڪريڊٽ مرحوم آفاق صديقيءَ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته آغا سليم ننڍي کنڊ جي هندي، پنجابي، پوربي ۽ سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ واري روايت موجب ٻوليءَ ۽ سنگيت کي هم آهنگ ڪري نئين روايت وڌي جنهنجي ڪري سندس ترجمو عوامي سطح تي مقبول ٿيو. مون انهن ٻنهي ترجمن جي ڀيٽ ڪندي حيدرآباد ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ اهڙو مقالو پڙهيو هو، جيڪو جڏهن ڪلاچي تحقيقي جرنل ۾ شايع ڪرڻ لاءِ محترم سليم ميمڻ مون کان گهريو ته مون اهو چئي منع ڪري ڇڏيمانس؛ ”آغا صاحب مون سان ناراض ٿي ويندو. مون ٻنهي ترجمن مان شيخ اياز جي ترجمي کي ادبي حوالي سان وڌيڪ اهم قرار ڏنو آهي، باقي عام فهم ٻوليءَ، ترنم ۽ دوهي واري هندستاني روايت جي لحاظ کان آغا صاحب ڪامياب آهي.“ بهرحال پوءِ جڏهن اهو مقالو ڪلاچيءَ ۾ شايع ٿيو ته پاڻ پڙهيائين ۽ گذريل سال ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي هڪ تقريب ۾ ۾ ان بابت تمام مثبت نموني رد عمل ڏنائين، تڏهن منهنجي دل تان بار لٿو، اها خالص ادبي تنقيد هئي، جيڪا قبول ڪيائين.
آغا صاحب سان سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبريءَ واري زماني ۾ به ڪافي ڪچهريون ٿينديون هيون، هڪ ڀيري مون رٿ پيش ڪئي ته ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن جي ڪتاب ڇپائڻ جي صورت ۾ بورڊ طرفان کين معاوضو نه ڏنو وڃي. رٿ تي بحث دوران پاڻ مون سان ڪاوڙجي پيو. چيائين؛ ”اسين رٽائرڊ ماڻهون آهيون، بورڊ جا ميمبر ٿيڻ سان ڪو معاوضو ته اسان کي هونءَ ئي ڪو نه ٿو ملي، مفت ۾ پنهنجون خدمتون ٿا آڇيون، جيڪڏهن ڪتاب به مفت ۾ ڏينداسين ته اسان جو گذارو ڪئين ٿيندو؟ فهميده ڏاڍي نامناسب ڳالهه ڪئي آهي، پاڻ ڀلي سندس ڪتاب جي رائلٽي نه وٺي، اسان کي ته ان کان محروم نه ڪري، مون کڻي ماٺ ڪئي. اهو سچ آهي ته عام ماڻهو سمجهندا آهن ته ڪو معاوضو به ملندو آهي، پر ائين ناهي، ان لاءِ ٻولي اٿارٽيءَ يا ادبي بورڊ جي ميمبر ٿيڻ سان سواءِ ڀاڙي ڀتي جي ٻيو ڪو اعزاز وغيره ڪو نه هوندو آهي، پر اصولي طور ميمبرن کي اتان اهڙا فائدا وٺڻ جي به اخلاقي طور اجازت نه هوندي آهي، پر آغا صاحب به پنهنجي جاءِ تي صحيح هو، اسان وٽ اعليٰ درجي جي اهڙن ليجنڊ اديبن جا ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ پبلشر به ته ڪو نه آهن ۽ جيڪڏهن ڪو ذاتي خرچ تي ڇپرائي به کڻي ته ان جي مارڪيٽنگ ۽ وڪري جو ڪو بندوبست ڪونهي... رائلٽي ته پري جي ڳالهه آهي، خرچ به ڪو نه نڪرندو.
منهنجي آغا سليم صاحب سان آخري ڳالهه ٻولهه به فون تي ٿي هئي، خبر پيس ته مون کي به دل جي تڪليف ٿي هئي ۽ مون ڊاڪٽر نديم قمر کان اينجيوگرافي ڪرائي آهي ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فون ڪري طبيعت پڇيائين ۽ پوءِ ڊاڪٽر نديم قمر جو نمبر به ورتائين ۽ ان جي باري ۾ پڇا ڪيائين ته ڪيترو هوشيار آهي، هٿ ۾ شفا اٿس يا نه، توجهه ڏيندو آهي يا نه وغيره! ڊاڪٽر هوشيار آهي، هٿ ۾ شفا به اٿس، گهڻي توجهه به ڏيندو آهي ۽ زندگي آهي ته ماڻهو گهر به موٽي ٿو اچي پر آخر ڪيستائين؟ هڪ ڏينهن ته وڃڻو آهي هڪ ڏينهن ته موڪلائڻو آهي، اسين چاهيون نه چاهيون موت اڻٽر آهي.
ها پر ڪي ڪي ماڻهو موت کانپوءِ به زندهه رهڻا آهن، پنهنجي تحريرن ۾، پنهنجي تخليقن ۾ سماج ۾ ادا ڪيل سندن ڪردار جي خوبين ۾ صحافت، ادب، آرٽ، ۽ علم جي ٻاريل لاٽ ۾ ... ائين ئي آغا سليم زندهه رهندو، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هم اوست، اونداهي ڌرتي روشن هٿ، چنڊ جا تمنائي، ڌرتي روشن آهي، روشنيءَ جي تلاش اڻپورو انسان پن ڇڻ ۽ چنڊ ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس اياز ۽ ڀٽائيءَ جي ترجمي ۾ ۽ تنقيدي مضمونن، مقالن ۾ سندس اڪثر ڪتابن جي عنوانن ۾ چنڊ ۽ روشنيءَ جا استعارا آهن، ۽ سچ ته هو سنڌي ادب جي افق تي چوڏهينءَ جي چنڊ جي جهيڻي، ٿڌي روشنيءَ جيان هميشه چمڪندو رهندو ۽ سندس لفظ ڌرتيءَ جي اونداهه کي چانڊوڪيءَ جيان مات ڏيندا رهندا، هڪ ڀيري مهتاب سنڌ  جي قداور ۽ سهڻن اديبن جو ذڪر ڪندي ٽي نالا ورتا هئا: آغا سليم، ادا سراج ۽ انور پيرزادو اهي ظاهري طور سهڻا ۽ قداور انسان، علم ادب جي دنيا ۾ به اوترائي قداور ۽ خوبصورت هئا، جيڪي اڄ اسان ۾ ناهن پر اهي سنڌ جي سهڻي آسمان تي سدائين چمڪندا رهندا، سدائين روشن رهندا.



آغا سليم
بحيثيت هڪ نقاد - سندس ورسيءَ جي مناسبت سان
ڊاڪٽر فهميده حسين
سنڌ ۾ عملي تنقيد جي حوالي سان ٻن شخصيتن، ٻن شاعرن تي مضمونن مقالن ۽ ڪتابن جو انگ مڙئي ڪجهه سرس آهي. انهن مان هڪ آهي شاهه لطيف ۽ ٻيو شيخ اياز، اهو شايد ان ڪري به آهي جو اهي ٻه شاعر صرف شاعر ڪو نه آهن، بلڪ مفڪر ۽ ڏاها شاعر آهن جن سنڌي ماڻهن جي ثقافتي تاريخ تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا آهن. شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ ٻه مڪتبه فڪرSchools of thought  سرگرم رهيا آهن ته شيخ اياز جي شاعريءَ جي ساڃاهه جو به گهڻو ڪري نظرياتي پهلو سامهون رکي ساڳئي نموني اهي ساڳيا مڪتبه فڪر ڇڪتاڻ ۾ رهيا آهن.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جي فني خوبين، فارم يا گهاڙيٽن تي هاڻي ٿورو گهڻو ڪم ٿيو آهي ۽ ڇند وديا جي روشنيءَ ۾ سندس بيتن جي پرک ٿيڻ لڳي آهي، سندس شاعريءَ ۾ موجود شاعراڻيون خوبيون، تشبيهون استعارا، تجنسون وغيره به ڪنهن حد تائين اڀياس هيٺ آيا آهن، پر شيخ اياز جي شاعريءَ جي فني خوبين تي تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي. سندس پرک گهڻي قدر نظرياتي حوالي سان ٿيل آهي، جنهن ۾ رسول بخش پليجي کان قربان بگٽيءَ تائين ۽ محمد ابراهيم جويي کان محمد موسيٰ ڀٽي تائين هڪ ڊگهو سلسلو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
موجوده دور ۾ ڪجهه رجحانTrends  جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جن ۾ عبدالواحد آريسر، تاجل بيوس يا امير علي چانڊيو قابل ذڪر آهن، پر بقول جامي چانڊيي جي ته ”سنڌي ادب ۾ تخليقي تنقيد اڃا ڄڻ ته بانبڙا پئي پائي، هڪ دور هو جڏهن محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، مولانا غلام محمد گراميءَ، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي، ابن حيات پنهور ۽ پوئين دور ۾ امير علي چانڊيي ان کي اوج تي رسايو پر هم عصر سنڌي ادب جي دور ۾ ادبي تنقيد گهڻي ڀاڱي تبصرن کان مٿي نه ٿي چڙهي، جڏهن ته تنقيد جو ڪم ۽ ڪارج، پرک، پروڙ ۽ ڇنڊڇاڻ آهي، پوءِ چا هي اها فڪر جي هجي يا ٻوليءَ ۽ فن جي.“ (سنڌي جوڳيان ذات).
مٿي ڏنل لسٽ ۾ مون کي هڪ نالو کٽل ٿو لڳي، سو آهي آغا سليم جو، جنهن شيخ اياز جي نه صرف شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو پر هن هڪ پورو ڪتاب سندس فڪر ۽ فلسفي جي پرک ڪندي لکيو، جنهن جو نالو آهي ”شيخ اياز- صدين جي صدا“ سنڌي ادب ۾ ڪي نالا ۽ ڪردار اهڙا آهن جن جي قلمي پورهيي جو ڪينواس ايترو ته وسيح آهي جو جڏهن انهن جي تخليق ڪيل رنگن تي لکڻ ويهجي ته چونڊ ڪرڻ ڏکيو عمل ٿيو پوي ته سندس ڪهڙو رنگ وڌيڪ اهميت وارو آهي يا سندس ڪهڙو رخ اهڙو آهي، جنهن تي اڳ ۾ ڪنهن جي نظر نه پئي هجي ۽ ڪنهن نه لکيو هجي. ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌي ادب ۾ محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر بلوچ، شيخ اياز، ادا سراج، رسول بخش پليجي، تنوير عباسيءَ، رشيد ڀٽيءَ امداد حسينيءَ، انور پيرزادي ۽ آغا سليم جا نالا کڻي سگهجن ٿا. انهن سڀني ۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي، جيڪا سندن دور جي خاصيت به آهي ته اهي سڀئي گهڻ پڙهيا اسڪالر ماڻهو آهن، جن صحيح معنيٰ ۾ سنڌ ۾ ڏاهپ ۽ ڏات جي لاٽ پکيڙي. شاعري، ڪهاڻيون، تحقيق، تنقيد، لطيفيات، مطلب ته اهو ڪهڙو ادبي کيتر آهي، جنهن ۾ هنن طبح آزمائي نه ڪئي هجي، هر ليکڪ پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل فنڪار، عالم ۽ ادب رهيو آهي، جن مان هاڻي وڃي ڪي داڻا ڪڻا بچيا آهن.
آغا سليم جو به انهن ۾ نمايان نالو آهي، جنهن ڪهاڻيون، ناول، ناٽڪ، سفر ناما، مضمون، مقالا، مهاڳ لکيا ۽ شاعري به ڪئي ته ترجمو به ڪيو. سو به شاهه لطيف جو جيڪو بذات خود هڪ وڏو ڪارنامو آهي. بيان ڪيل انهن سمورين صنفن ۽ پهلوئن تي اسان جي ڪيترن ئي ساٿين لکيو آهي پر جڏهن آءٌ سندس پورهيي جي وسيح ڪينواس تي نظر وجهڻ کانپوءِ قلم ۽ ڪاغذ کڻي لکڻ ويٺس ته منهنجي نظر هڪ اهڙي پهلوءَ تي پئي جنهن تي ڪنهن به اهميت سان ڪونه لکيو آهي (يا شايد منهنجي نظر مان نه گذريو آهي) سو آهي هڪ نقاد وارو پهلو!
هونءَ ته هر تخليقي عمل لاءِ به اهو ضروري آهي ته تخليق ڪرڻ واري وٽ اهڙو تنقيدي شعور هجي، جنهن سان هو ساري ڪائنات مان پنهنجي لاءِ موضوعن ۽ ڪردارن جي چونڊ کان وٺي، انهن لاءِ مناسب ۽ موزون گهاڙيٽا اختيار ڪرڻ تائين مدد وٺندو آهي، ان ڪري چوندا آهن ته تخليق ۽ تنقيد جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي، ساڳيءَ طرح سان ادبي تنقيد لاءِ به اڪثر ماهرن جو خيال آهي ته سٺو نقاد ٿيڻ لاءِ وري تخليقي صلاحيت جو هئڻ ضروري آهي، جيڪو هن کي ڪنهن به تخليق کي سمجهڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو ۽ هو ان جي ترڪيبي جزن جو ڇيد ڪري ان جي مجموعي تاثر کي پڌرو ڪري سگهي ٿو، ان ڪري توهان ڏٺو هوندو ته اڪٿر شاهه لطيف، سچل سرمست يا شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن جو تنقيدي اڀياس ڪندڙ پاڻ به ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ تخليقڪار رهيا آهن. آغا سليم به اهڙو ئي تخليقي صلاحيت رکندڙ، تنقيدي شعور سان مالا مال نقاد آهي.
مضمونن ۽ مقالن جي سطح تي ڏسجي ته هن نه صرف ڀٽائيءَ جي حوالي سان ڪلاسيڪي راڳن بابت لکيو، پر ڪجهه ڪتابن جا مهاڳ به لکيا. مهاڳن يا ڪتابن جي مهورتن جي موقعي تي لکيل مضمونن کي آءٌ تنقيد يعنيCriticism  گهٽ ۽ تحسين ياAppreciation  وڌيڪ سمجهندي آهيان، ڇو جو اهي خود مصنف جي خواهش تي لکيا ويندا آهن، ان ڪري ظاهر آهي ته انهن ۾ ڪيل پرک متوازن نه ٿي چئي سگهجي، خوبين جي بيان سان ڪن اوڻاين جي نشاندهي ممڪن ڪانهي. هڪ ڀيري مون بيدل مسرور جي هڪ ناوليٽ ۽ ٻئي ڀيري منصور ملڪ جي شاعريءَ جي ڪتاب جي مهورتن جي موقعي تي پنهنجا پيپر پڙهيا ته انهن ۾ هڪ اڌ خاميءَ جو به ذڪر ڪري ويس، تڏهن مرحوم علي احمد بروهيءَ کل ڀوڳ ڪندي چيو هو ته ”ڀانيان ٿو ته فهميده نٿي چاهي ته ڪو کيس اڳتي پنهنجي ڪنهن ڪتاب جي مهورت تي ڳالهائڻ لاءِ چوي“، ڀلا ڪير ڀريءَ محفل ۾ پنهنجون خاميون اوڻايون ٻڌڻ چاهيندو ۽ واقعي ان کانپوءِ منهنجي جند ڇٽي وئي، انهن مهورتن کان. سچ ته ادبي پرک ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
سو بهرحال آءٌ جڏهن آغا سليم کي هڪ ادبي نقاد جي حيثيت ۾ پرکڻ ويٺس ته ان ۾ مون کي سڀ کان اهم ادبي تنقيد شيخ اياز تي نظر آئي، سو چيم ڇو نه ان جي حوالي سان سندس تنقيدي شعور جو اڀياس ڪجي، جنهن جو ڪجهه ڪجهه اندازو مون کي اڳئي هو. ستر جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ سوجهري رسالي لاءِ مون کانئس هڪ انٽرويو ورتو هو، جنهن ۾ تنهن زماني ۾ هلندڙ هڪ بحث بابت راءِ پڇيمانس ته ”ڪهاڻي ۽ اَڪهاڻيءَ“ بابت اوهان جي راءِ ڇا آهي، ته چيو هئائين ته ”منهنجي خيال ۾ اَڪهاڻي ته ڪاشئي ئي ڪانهي، جيڪا به لکي وڃي، سا ڪهاڻي آهي يا کڻي ان کيPlot less  ڪهاڻي سڏيو، پر اَڪهاڻي نه چئو“.
ادب بابت سندس شعور جو اهو پهريون مثال مون کي ڏاڍو وڻيو هو. ان انٽرويو ۾ هن ٻي به هڪ ڳالهه اهڙي ڪئي هئي، جنهن مون کي متاثر ڪيو هو. مون جڏهن کانئس اهو پڇيو هو ته شعور جي وهڪري ۾ لکيل ڪهاڻين ۽ انهن ۾ لکيل ابتي ٻوليءَ جي باري ۾ وهان جي ڪهڙي راءِ آهي ته چيو هئائين ته ”جڏهن لکڻ وارو شخص لکي ٿو ته: رستي تي رُلي رهيو آهيان، بوٽ جون ڪهيون ڇڳل اٿم، پر وڃي رهيو آهيان.“ ته هن اهي سٽون ان رلڻ مهل ته ڪونه لکيون هونديون، انهن کي لکڻ لاءِ هو هڪ جدا ماحول ۾ قلم ڪاغذ کڻي ويٺو هوندو، يعني ڪمپرومائيز ڪري ٿو (ته پوءِ ٻوليءَ ۾ ايئن ڇو نه ٿو ڪري).
سو اهڙيءَ طرح هو اڻ سڌيءَ طرح سان شعور جي وهڪري ۾ ابتي ٻوليءَ جي جواز کي رد ڪندي سهڻي نموني تنقيد به ڪري ويو. مون کي جنهن ڪتاب جو هتي ذڪر ڪرڻو آهي سو آهي ”شيخ اياز- صدين جي صدا“ اهو تنقيدي ڪتاب ته آهي ئي پر اڻ سڌيءَ طرح اهو شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي ۽ ساميءَ ۽ شيخ اياز جي فڪري پهلوئن جو تقابلي جائزو به آهي. مون کي ته اهو ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ هن وٽ شاهه لطيف هڪ ڪسوٽي آهي، جنهن تي هو اياز جي پرک ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ هڪ باب جو عنوان آهي ”سپنا تنهنجا سنڌڙي- يا وري شيخ اياز ۽ سنڌ“. آغا سليم حب الوطنيءَ ۽ قوم پرستيءَ جون وضفون ڏيڻ کانپوءِ انهن جي تاريخي اهميت بيان ڪئي آهي ۽ پوءِ ان پس منظر جو پيش منظر شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موجود قوم پرستيءَ کي بڻائي ٿو. ”اياز جو سنڌ سان عشق وحدت الوجودي عشق آهي ساري سنڌ سندس اندر ۾ سمايل آهي ۽ سنڌ سان جيڪي به ظُلم ۽ ڏاڍايون ٿيون آهن ۽ هينئر به ٿين پيون، اهي سڌو سنئون ساڻس ٿيون آهن“.
آءٌ ڀانيان ٿي ته ائين لکڻ ۾ آغا سليم ڄڻ ته پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري ويو آهي ڇو ته هو پاڻ به ته وحدت الوجود جي فلسفي کي دل سان سمجهڻ ۽ هنڊائڻ وارو ماڻهو هو. هو اياز جي قومپرستي کي به رومانويت ٿو سڏي. سنڌ سندس محبوب آهي، جنهن جي هر انگ ۽ رنگ سان کيس محبت آهي، ”جت لُڪ لڳي، جت اڪ تپن سو ديس مسافر منهنجو ڙي“ جهڙين سٽن ۾ هو سنڌ جي، ٿر جي، لُڪ لُوءَ، ڪڙهائي جيئن ڪڙهندڙ ڏينهن توڙي سج مان نڪرندڙ اُلن ڦلن کي بهRomanticizes  ٿو ڪري.
آغا صاحب تخليقي ٻوليءَ ۾ تنقيدي راءِ به اهڙي شاعراڻي انداز ۾ ٿو ڏئي جو سندس تخليق ۽ ٻوليءَ جي حسناڪيءَ تي دل مان واهه واهه نڪريو وڃي. لکي ٿو ته: ”اياز جي شاعريءَ جي ڪنول جون پاڙون ته سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ڪلاسيڪي ادب ۽ صدين تائين پکڙيل پاتار ۾ هيون پر هن جي سوچ جو ڀنئور جديد دور جي جديد سوچ ۽ جديد فڪري لاڙن ۽ ادبي روين جي آڪاس ۾ ٿي ڀريو“ ۽ ايئن هو لطيف جي مڪمل سٽ ”ڪنول پارون پاتارل ۾، ڀنئور ڀري آڪاس“ جي تشريح سان گڏ اياز جو سمورو- مڪمل ۽ سهڻو تعارف به ڪرائي ويو آهي.
هڪ ٻئي باب ۾ اياز جي ابتدائي شاعريءَ ۾ مذهب جي روايتي انداز کان انڪار کي ڏسندي وري پڇاڙيءَ ۾ اقرار واري تجربي بابت لکي ٿو: ”انڪار جي ان دور واري هن جي شاعريءَ ۾ انڪار ۽ اقرار، نفي ۽ اثبات ايئن ٿا محسوس ٿين جيئن لطيف سائينءَ کي پنهونءَ جو پرتَوو جهڙ ۾ جهالا ڏيندو محسوس ٿيو هو. اياز جي سموري شاعري انڪار کان اقرار، نفيءَ کان اثبات جي شاعري آهي ۽ لطيف سائينءَ جي آديسيءَ جو (نانهن ۾ ناٿ) کي ڳولي لهڻ جي سفر جو سفرنامو آهي“.
آغا سليم ڀٽائيءَ جو مترجم ۽ شارح هئڻ جي ڪري اياز جي شاعريءَ جي پرک به سندس بيتن جي ذريعي ٿو ڪري بلڪه ايئن چئي سگهجي ٿو ته هو اياز کي ڀٽائيءَ جي بيتن جي وسيليDiscus  ٿو ڪري ۽ لکي ٿو ته: ”اسين ڀٽائيءَ کي ڪيترا به کڻي مارڪسزم ۽ سوشلزم جا ويس وڳا پارايون پر ڀٽائي بنيادي طرح روحانيت واري طرز احساس يعني Spiritual Sensibility جو شاعر آهي، هن سر سارنگ ۾ ٿر جي اڃايلن تي مهر جا مينهن وسايا آهن ۽ اتي رحمت جي وسڪاري سان اڃين بکين ٿرين جي اڱڻن ۾ تازي گهوڙا بيٺا آهن، پر اياز ٿر جي اڃايل زندگين کي اُڪن ۾ لوساٽيل ڏٺو ۽ هنن تي مهر جي ڪا بوند نه برسي ته چيائين:
ڪير ٿو چوي ته ڏيهه ۾ مڙيئي مٺائي
مون  آ چکي چيت ڪري ساري ڪڙائي
آهي اجائي، ڳالهه پريان جي پار جي
ايئن ئي ساڳئي نموني اياز کي پرکڻ جو پيمانو لطيف کي بڻائيندي آغا صاحب لکي ٿو ته ”سرڪار پائتيءَ واري تصور کي به اياز رد ڪيو ته اهو انياءِ آهي، ناانصافي آهي ته جن رنڍا روڙيا اهي صرافن آڏو سرهيون ٿيون ۽ جن جو سٽ سنهون ۽ سڦرو آهي، تن جو صرافُ دڪوئي داخل نٿا ڪن، اياز جي ڪا پائتي رڳو ڪَتي ۽ ڪنبي نه ٿي پر صراف سان سينو ساهي، کيس ڦورو ڦولهي، سٽ پرکي پوءِ اگهائڻ لاءِ اصرار ٿي ڪري.
سون سريکا هٿڙا، گُهرن ٿا انصاف
جي تون سچَ صراف، فورو ڦولهه ته مان وڃان!
شاهه لطيف کانپوءِ ٻيو پيمانو يا ٻي ڪسوٽي وري وٽس سامي آهي، جنهن جي ويدانتي فڪر جي انڪار يا رد ۾ اياز شعر چيا. آغا صاحب ساميءَ جو هڪ سلوڪ لکي ٿو:
مايا ڀلائي وڌا جيءَ ڀرم ۾
سامي ڏسي ڪونه ڪو، مڙهيءَ منهن پائي
جنهن کي آوِديا ننڊ مان ستگُر جاڳائي
سو ويهي وڄائي نغارو نر ٻاڻ جو
اتي مايا جي موهه کي ننديندڙ ساميءَ سان اختلاف ڪندي اياز چوي ٿو ته هن سنسار جو سونهن ساگر، انسان جو جسماني حسن ۽ لطف مايا موهه ڪونهي:
هي جو ساگر سونهن جو انهيءَ کان انڪار
سامي پنهنجي سوچ تي تون ئي پنهنجو ڄار
سچو آ سنسار، جوٺ سندءِ جيءَ ۾
يا
مايا ناهي ڇل جي سمجهين سنسار کي
ڏس تون ڪنهن جي پيار ۾، چت ڪري چنچل
پورن هر هڪ پل، لڳندءِ پنهنجو پاڻ ۾
آغا سليم جو اياز کي پرکڻ جو اهو انداز ڪيڏو نه نرالو آهي، جتي هو ساميءَ کي مخاطب ٿي چيل اياز جو هي شعر ڏئي ٿو:
اڙي او ويدانتي، انهيءَ کان انڪار
ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ مٿان، هي جو اتيا چار
هي پڻ مايا ڄار، مون تي ڪڙا ڪوٽ جا؟
آغا صاحب جي پرک موجب اياز صوفين ۽ ويدانتين طرفان هن سنسار ۽ ان جي سونهن کي پرتوو پرينءَ جو سمجهڻ واري خيال جي رد ۾ شعر چيا آهن، ڇو ته هو ڪائنات ۽ ان جي حسن کي آدجڳاد کان موجود مادي جو ڪرشمو ٿو سمجهي، جيڪو دائمي سچ آهي. ازل کان آهي ابد تائين رهندو. آغا سليم ان نقطي کي واضح ڪرڻ لاءِ قديم هندستان ۽ يونان سان گڏ ماديت جي فلسفي جي سمجهاڻين سان اياز جي اهڙن شعرن جي پرک ڪئي آهي. ڇا ايئن اڳ ۾ يا پوءِ ڪنهن اهڙي پرک ڪئي آهي؟
آغا صاحب اياز کي ماديت واري نظريي جو پوئلڳ ثابت ڪندي لکي ٿو ته اياز جي نظريي موجب هي جنسار پولار مان گل جيان کِڙي پيو، ڪو ازلي ۽ ابدي سُر آهي جيڪو بنا ڪنهن ڳائڻي جي گونجندو رهي ٿو:
ڪنهن نه جوڙي جوڙ، آهي هن جنسار جي
ڪنول پاڻ ٽڙي پيو، پهتو پنهنجي توڙ
چرخي جيءَ ولوڙ، ڪُهه ڄاڻان ڪهڙِي هئي
سو ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ تصوف- وحدت الوجود جي مڃتا هجي يا ساميءَ جي سِلوڪن جي ويدانت واري ساڃاهه، يا انهن جي ڪسوٽيءَ تي اياز جي ماديت واري فلسفي جي پرک، اهي آغا سليم جي انهن موضوعن بابت ڳوڙهي مطالعي جي ساک پيا ڀرين ۽ آءٌ سمجهان ٿي ته ان حوالي سان اهڙي تنقيدي شعور ۽ تقابلي اڀياس جو گهٽ ۾ گهٽ مون ٻيو ڪو مثال ڪونه ڏٺو يا پڙهيو آهي.



آغا سليم
يوسف سنڌي
سنڌي ڪهاڻي توڙي ناول کي، جن ليکڪن بنهه نئين ۽ منفرد اسلوب ۾ پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيو، انهن ليکڪن مان آغا سليم جو نالو مٿانهين حيثيت رکي ٿو. ڪهاڻي ۽ ناول کانسواءِ، آغا سليم ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامن، تحقيق ۽ ترجمي جي کيتر ۾ به پاڻ ملهايو.

سوانح
آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان، ۷ اپريل ۱۹۳۵ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم، شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين ۽ ۱۹۴۸ع کان حيدرآباد ۾ رهڻ جي ڪري، ميٽرڪ حيدرآباد مان ڪيائين. جڏھن انٽرميڊيٽ لاهور مان ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. روزگار جي سلسلي ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ريڊيو پاڪستان) ۾ نوڪري اختيار ڪيائين. جتي پروگرام مينيجر کان ترقي ڪندو، مختلف ريڊيو اسٽيشنن تي رهندي اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائين.

ادبي اوسر
آغا سليم جي وڏي ڀاءُ کي لکڻ پڙهڻ جو شوق هوندو هو. هو جڏھن پنھنجي لاءِ ڪتاب وٺي ايندو هو ته آغا سليم جي لاءِ به ٻاراڻا ڪتاب آڻيندو هو. جيڪو هو پڙهندو هو. انهن ڪتابن جا ٽائيٽل ڪور معنى خيز هوندا هئا.
”ان زماني ۾ مون کي انگريزي ته صفا ڪو نه ايندي هئي پر مان ڏاڍو Fascinate ٿيندو هئس ۽ سمجهندو هئس ته ڪتابن ۾ وڏي ڪا دنيا سمايل آهي، جنهن جو تت هي ڪلرفل ٽائيٽل آهن. اها شڪارپور جي زماني جي ڳالهه آهي. مون تڏهن سوچيو ته مان دنيا گهمندس. مان ڏاڍا ڪتاب پڙهندس، جيئن ٿورو شعور ٿيو ته ڪتابن جي دنيا ۾ داخل ٿيس. شڪارپور ۾ هڪ مشهور پبلشر هوندو هو ”پوڪرداس“ ان جو ڍڪ بازار ۾ دڪان به هو، مون کي جيڪا به خرچي ملندي هئي، ان جا اتان ڪتاب خريد ڪندو هوس.“ انهن ڏينهن کي ياد ڪندي آغا سليم هڪ انٽرويو ۾ چيو.
پوءِ جڏهن هو حيدرآباد آيو ته اتي به ڪتابن پڙهڻ جو سلسلو جاري رکيائين. انهن ڏينهن ۾ هو ڪرشن چندر کان گهڻو متاثر هوندو هو.
”ان وقت مون کي خبر نه هئي ته ترقي پسندي ڇا آهي. باقي جيڪي ترقي پسند رائيٽر هئا، جن ۾ ڪرشنچندر هو، ابراهيم جليس، جنهن جو مشهور ڪتاب ”چاليس ڪروڙ بکاري“ هو، سي مون پڙھيا. ان وقت سڄي هندستان جي آبادي چاليهه ڪروڙ هئي. ڪرشن چندر مون کي ڏاڍو وڻندو هو. جنهن انقلاب کي ڏاڍو رومانٽڪ ڪيو. ادب سان منهنجو شوق هو. اديب منهنجي لاءِ ڏاڍيون پراسرار شخصيتون هوندا هئا.“
تنهن کانپوءِ تنوير عباسيءَ ۽ سراج سان بطور ڪاليج فيلو ملاقات ۽ دوستي ٿيس. انهن جي رنگ ۾ رڱجي هن ۱۹۵۲ع ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. پهرين ڪهاڻي جيڪا هن لکي، تنهن جو نالو ”آهه! اي ظالم سماج“ هئي، جيڪا هالا مان نڪرندڙ ”فردوس“ رسالي ۾ ڇپي.
آغا سليم پهرين ”آغا شاهين“ جي نالي سان لکندو هو. اهو دور ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو عبوري دور هو. انهيءَ دور جو ذڪر ڪندي، آغا سليم پنهنجي هڪ مضمون ”سنڌي ڪهاڻي تي هڪ نظر“ ۾ لکي ٿو:
”اهو دور اسان جي ڪهاڻين جو عبوري دور آهي. جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جي موضوعن سان گڏ ٽيڪنڪ ۾ به نوان تجربا ڪيا ويا. ع ق شيخ، جمال ابڙو، حفيظ شيخ، بشير مورياڻي، غلام رباني آگرو، سراج، رشيد ڀٽي، رشيد آخوند، ثميره زرين، خواجا سليم، ابن حيات پنهور، ابن الياس سومرو، اياز قادري، مراد علي مرزا، نجم عباسي سڀني گڏجي پنهنجو رت ست ڏيئي، سنڌي ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌايو. سندن ڪهاڻين جا موضوع گهڻو ڪري عام ماڻهن جا ڏک ۽ سک، انسان جو انسان تي ظلم ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ هئا.“

آغا سليم جون ڪهاڻيون
آغا سليم جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”چنڊ جا تمنائي“ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپيو. جنهن سنڌي ڪهاڻي تي پنهنجا مستقل اثر ڇڏيا. آغا سليم جي ڪهاڻين ۾ رومانس سان گڏ، لفظن جي بيهڪ ۽ مقصد جي اپٽار به ڪيل هوندي هئي. سندس ڪهاڻين جو جائزو وٺندي شمس الدين عرساڻي لکي ٿو، ”هن افسانه نگاري (ڪهاڻي توڙي ناول) ۾ هڪ نئين نفسياتي رخ ’شعوري رو‘کي اهميت ڏني آهي. ان ۾ فنڪار ڪنهن خاص واقعي تي زور ڏيڻ بدران صرف ڪردارن جي ذهن ۽ شعور جون تصويرون پڙهندڙن جي آڏو آڻڻ چاهيندو آهي. آغا سليم ان واٽ تي مضبوطيءَ سان پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن مان هن جي هڪ آزموديگار فنڪار ۽ پختي قلمي قوت رکندڙ اديب هجڻ جي ثابتي ملي ٿي.
آغا سليم جا هيستائين ڪيترائي ڪهاڻين جامجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ (۱) لذت گناهه، (۲) ڌرتي روشن آهي (۱۹۸۵ع) (۳) درد جو شهر شامل آهن.

آغا سليم جا ناول
آغا سليم اهڙو تخليقڪار آهي، جنهن ڪهاڻيءَ سان گڏ ناول جي صنف تي به طبع آزمائي ڪئي. آغا سليم جو پهريون ناوليٽ ۱۹۶۰ع ۾ ”روشنيءَ جي تلاش“ جي نالي سان ڇپيو، تنهن کانپوءِ (۱) اڻ پورو انسان (۱۹۷۷ع) (۲) اونداهي ڌرتي روشن هٿ (۱۹۷۸ع) (۳) همه اوست (۱۹۸۵ع) شايع ٿيا. جن مان پوين ٻن جا اردو ترجما به ڇپجي چڪا آهن.
بقول نصير مرزا؛ ”انهن ناولن جا ڪردار سارنگ، سنڌو، شاهه عنايت وغيره... هنن ناولن جا اهي ڪرداري مهان چهرا آهن، جيڪي اتهاس جي اوٽ ۾ ڪٿي گم هئا. انهن کي آغا صاحب ماضي جي اونداهين گفائن مان ڪڍي، اسان جي حال جي سرواڻي ڪرائڻ، اسان جي ستل ذهنن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ مثال طور ڪري پيش ڪرڻ لاءِ انهن کي ڏينهن جي روشني ۾ کڻي آيو آهي. ڄاڻڻ گهرجي ته اهي سڀ ناول محض اتهاس کي ئي ريپريزنٽ ڪونه ٿا ڪن، پر انهن جي سڃاڻپ، هي موجودهه يگ به آهي. ۽ هن يگ جي ذهني جذباتي ڇڪتاڻ ۽ قومي مسئلن کي سڌي يا اڻ سڌي طرح بيان به ڪري ٿا ڏيکارين. بيان به اهڙي ريت ڪن ٿا جو اهي واقعا ڪالهه جا ئي نه، اڄ جا به محسوس ٿين ٿا“. بقول آغا سليم”مان پنهنجي ناولن ۾ سنڌ جي اتهاس کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
انهن ناولن جو جائزو وٺندي شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ”روشني جي تلاش، اونداهي ڌرتي روشن هٿ ۽ اڻپورو انسان ٽيئي ناول ان ريت سلسليوار شايع ٿيل آهن، پر ٽنهي ۾ تلازم خيال، زندگي بابت ويچار ۽ تشبيهن ۾ ڪن ڪن هنڌن مشابهت پاتي وڃي ٿي. آغا سليم جي ٽن ناولن ۾ فن جي ارتقا، دراصل سندس ذهن جي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿو. هن انساني زندگي، تاريخ ۽ تهذيب جي شعور کي تخليقي فن ۾ اظهار ڪيو آهي. ان ڪري هوهڪ مهذب اديب جو درجو رکي ٿو. هن زندگي جي مقصديت، ان مان پيدا ٿيندڙ بيزاري، فرد جي تنهائي جي محروميءَ جي شديد احساس کي افسانوي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.
آغا سليم جي ناولن جي باري ۾ عام طور تي اهو پڻ چيو ويندو آهي. ته هن درد جا رشتا، عبدالله حسين جي ناول ”ندي“ ۽ اونداهي ڌرتيءَ روشن هٿ، قرة العين حيدر جي ناول ”آگ کا دريا“ کان متاثر ٿي لکيا آهن. انهي جو جواب ڏيندي آغا سليم هڪ انٽرويو ۾ چيو:
”منهنجي ڪهاڻي ”درد جا رشتا“ ۽ عبدالله حسين جي ناولٽ يا ڊگهي ڪهاڻي ”ندي“ ۾ ڪنهن به قسم جي هڪجهڙائي ڪونهي....... ها باقي مون پنهنجو ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ قرة العين حيدر جي ناول کان متاثر ٿي لکيو. پر مون قرة العين جي رڳي ٽيڪنڪ استعمال ڪئي. هونءَ ڏٺو وڃي ته قرة العين جي اها ٽيڪنڪ به هن جي پنهنجي ناهي. ان ساڳئي ٽيڪنڪ سان ’ورجينا وولف‘ ناول لکيو هو، جنهن جي پکيڙ ٽن دورن تائين هئي. وري ”هر من هيس“ ’سڌارٿ‘ ناول لکيو، جنهن کان متاثر ٿي قرة العين حيدر ”آگ ڪا دريا“ ۽ عبدالله حسين ”ندي“ ناوليٽ لکيو. منهنجو قرة العين کان متاثر ٿيڻ ائين ئي آهي، جيئن مولوي همايوني جي نعتيه ڪلام ”تنهنجي زلف جي بند جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو“ کان متاثر ٿي شيخ اياز غزل لکيو، ”تون چئه ته ڪڇان، تون چئه لڇان پر تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان، تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي، اعلان هزارين مان نه رڳو.“
آغا سليم جو ناول ”همه اوست“ جيڪو شاهه عنايت شهيد جي جدوجهد جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. اهو پڻ گهڻو مقبول ويو.

بحيثيت شاعر
آغا سليم هڪ سٺي نثر نويس هئڻ سان گڏ سٺو شاعر پڻ آهي. ۱۹۷۸ع ۾ جڏهن هو نارا جيل حيدرآباد ۾ هو ته نصير مرزا چواڻي، ”تڏهن سندس شاعري جيل جون سلاخون ڏسي هن جي اندر مان پکي وانگر ڀڙڪو ڏنو“ ۽ ٻيو سبب اهو ته شاهه جي رسالي جو اردو ترجمو ڪندي، سندس شاعري ڏانهن لاڙو ٿيو. سندس اهڙي شعر جو مجموعو ”پن ڇڻ ۽ چنڊ“ ۱۹۸۶ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ غزل، نظم ۽ بيت شامل آهن. نموني طور سندس هڪ بيت حاضر آهي.
جئن سو تارو صبح جو، موکي تنهنجو نانءُ،
تنهنجي مڌ ۽ موهه سان، جرڪي منهنجو هانءُ،
ڳايان اڄ ڪي آنءُ، گيت ڪي آڌرڀاءُ جا.

شاهه جي شعر جو ترجمو
مٿين صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ کانسواءِ آغاسليم، شاهه جي رسالي جو اردو ۽ پوءِ انگريزي ۾ پڻ ترجمو ڪيو. پهرين ڪجهه ترجمو ڪيائين ۽ پوءِ سڄو شاهه جو رسالو منظوم بيتن ۾، ائين پوءِ وري سر وار انگريزي ۾ ترجمو ڪيو اٿائين. جنهن جا ٽي ڪتاب (2003ع) Melody of Clouds, Wine and venom (2004ع) ۽ Melodies of Shah Abdul Latif Bhitai (2007ع) ڇپيل آهن. اهڙن بيتن مان هڪ جو ترجمو نموني طور ڏجي ٿو:
هوندو هَڏ مَ سنڌِ، لاءِ پياڪن پنهنجو،
پُوڄ پيارج پهيڙا، ويندا وٺيو ڪنڌ،
ته هٿ تنهنجي هنڌ، مون کي ڪو مان لهي.
Don’t hide the pitchers of wine from the Drinkers,
Offer them plenty of wine, they will go silently
Thus the fame of your tavern will spread all over.
ميِ نوشون کو مت ترسا اور ميِ کو ڪردي عام
جام پر جام پلا تو جائين، جهومتي گام بگام
مئخاني کا نام، موکهي! هو مِي نوشون مين.
ڪهاڻين، ناولن، شاعري ۽ شاهه جي شعر جي ترجمي کانسواءِ آغا سليم شيخ اياز جي شاعري جو ترجمو Songs of Freedom جي نالي سان ڪيو آهي. تنهن کانسواءِ آغا سليم ڪيترائي ريڊيو ۽ ٽي وي ڊراما پڻ لکيا آهن. سندس ٻي ڪيل تخليقي، تحقيقي ۽ ترجمي جي ڪم ۾ (۱) ”پٺاڻ“ (تحقيق) (۲) جهولي لال (سفرنامو) ۽ (۳) بابا فريد جا دوها (ترجمو ۱۹۹۰ع)، هوءَ جا لال لطيف چئي (۲۰۰۹ع)، صدين جون صدائون، سچل سچ هي سارا (سچل سرمست جي چونڊ ڪلام جو اردو ترجمو ۲۰۱۰ع) ۽ ڊراما ڪتاب ڇپيل آهن.
مٿين ڪتابن کانسواءِ آغا سليم رٽائرڊمينٽ کانپوءِ پهرين روزاني اخبار جاڳو جو ايڊيٽر ۽ پوءِ روزاني ”سچ“ جو پڻ ايڊيٽر ٿيو. انهي صحافتي عرصي دوران آغا سليم جا لکيل ايڊيٽوريل تجزيا ۽ ڪالم پڻ وڏي اهميت وارا آهن.
ائين آغا سليم کي سنڌي ادب جو آل رائونڊر ليکڪ چئي سگهجي ٿو، جنهن هڪئي وقت ڪهاڻي، ناول، ڊراما، شاعري، تحقيق، ترجمي ۽ صحافتي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي.

مدد ورتل
آغا سليم جو انٽرويو (ماهوار پرک)، جولاءِ ۽ آگسٽ. ۲۰۰۱ع.
ايضاً.
آغا سليم. (ماهوار نئين زندگي)، آڪٽوبر ۱۹۶۳ع.
عرساڻي شمس الدين، (آزادي کانپوءِ سنڌي افساني جي اوسر). سنڌالاجي ۱۹۸۲ع
نصير مرزا، (خيمي ۾ شام). ۲۰۰۱ع.
عرساڻي شمس الدين، (آزادي کانپوءِ سنڌي افساني جي اوسر). سنڌالاجي ۱۹۸۲ع.




آغا سليم
سنڌي ادب جو منفرد ڏاهو
پروفيسر سليم ميمڻ
آغا سليم کي مون جڏهن پڙهڻ شروع ڪيو تڏهن منهنجي ڄمار مس پندرهن سال هئي. سندس ڪهاڻيون ’سهڻي‘ ۾ شايع ٿينديون هيون. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’چنڊ جا تمنائي‘ به شايع ٿي چڪو هو. آغا جي ٻولي ايڏي ته دلڪش، وڻندڙ، اثرائتي، سحرانگيز ۽ رومانويت سان ڀريل هوندي هئي، جو پڙهندڙ تي سحر طاري ٿي ويندو هو.
آغا سليم بنيادي طور تي حسن پرست هو. کيس نه فقط عورتن ۾ حسن نظر ايندو هو، بلڪ کيس فطري ۽ قدرتي حسن سان گڏوگڏ سنڌ جي حسن سان به عشق هو. پنهنجي افسانن ۾ مختلف منظرن کي چٽڻ ۾، پوءِ اها مادي منظرنگاري هجي يا سماجي، انهن منظرن کي پاڻ ايڏي ته حسن ۽ نزاڪت سان پيش ڪندو هو، جو پڙهندڙ تي سحر طاري ٿي ويندو ۽ ڳچ وقت تائين پڙهندڙ ان سحر ۾ گُم هوندو هو.
مان به انهن پڙهندڙن مان هڪ هئس. ڄاڻ ورتم ته آغا سليم ڪير آهي؟ ڇا ڪندو آهي؟ ته خبر پئي ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر آهي. ريڊيو پاڪستان ۽ اسان جي اسڪول (گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد) جي وچ ۾ رڳو هڪ ڀت هئي. جڏهن اها خبر پئي ته دل اڇلون پئي کائي ته ڀت ٽپي، ريڊيو پاڪستان جي عمارت ۾ گهڙي پوان ۽ ان تخليقڪار سان ملان، جيڪو ايترا من کي موهيندڙ ۽ دل ۾ لهي ويندڙ افسانا ٿو لکي. خدا خدا ڪري موڪل جو وقت آيو، اسڪول مان نڪري ريڊيو اسٽيشن پهتس، رسيپشن تي ويٺل صاحب کي ٻڌايم ته سائين آغا سليم صاحب سان ملڻو آهي. اسڪولي شاگرد، ڪتاب هٿ ۾! هن پڇيو ته ڇو ملڻو آهي. ٻڌايومانس ڪم آهي، ڪهڙو ڪم، ريڊيو تي ڪم ڪرڻو اٿئي! ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، چيم ها! ”ته پوءِ درخواست ڏيئي وڃ توکي آڊيشن لاءِ سڏائيندا.“ مون کي اها به ڄاڻ نه هئي ته آڊيشن ڇا آهي. مون وانگر ٻين به گهڻن کي شايد خبر نه هجي ته آڊيشن معنيٰ توهان جي ”آواز“ جو امتحان ٿيندو ته توهان جو آواز ”مائيڪرو فون کي ڀانئن پئي ٿو يا نه، يا توهان جو آواز هوا جي لهرن تي وڃڻ جوڳو آهي يا نه.“
مون رسيپشنسٽ کي چيو ته مان درخواست ڪونه ڏيندس، مون کي ريڊيو تي ڪم ڪرڻو ناهي، بس آغا صاحب سان ملڻو آهي. اونهاري جا  ڏينهن، گرميءَ ۾ اسڪول کان آيو هئس. ٻوٿ پگهريل، حواس باختا، الائي ڇو هن صاحب کي منهنجي ويچاري هئڻ جو احساس ٿيو. آغا صاحب کي فون ڪري پڇيائين ته ڪو اسڪولي شاگرد اوهان سان ملڻ ٿو گهري. اندران جواب آيو مان ڪم ۾ رڌل آهيان. ڪا واٽ ڪانه هئي، موٽي آيس. ٻئي ڏينهن صبح جو گهران سنبري نڪتس، ڪتاب اسڪول ۾ هڪ دوست کي ڏئي، اسڪول ۽ ريڊيو اسٽيشن جي ڀت ٽپي ريڊيو اسٽيشن جي اڱڻ ۾ گهڙي پيس، عمارت جي پُٺ هئي وري اڳيان ڦري اچڻو پيو ۽ عمارت جي گيٽ تي وري ٻيو چوڪيدار بيٺل هئو، جنهن لاءِ مان نئون ماڻهو هئس. هن روڪي ورتو، ٻڌايومانس ته آغا صاحب سڏايو آهي، چيائين ته اڃا ته آيو ئي ڪونهي. اڃا هن سان اها گفتگو پئي هلي ته آغا صاحب به اچي پهتو. چوڪيدار سڃاڻپ نه ڪرائي ها ته شايد آغا صاحب اندر هليو وڃي ها. مون جهڪي سلام ڪيو. آغا صاحب پڇيو ڪير آهين؟پنهنجو تعارف ڪرايم. اچڻ جو سبب پڇيائين، کيس اندازو ٿيو ته ريڊيو تي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. چيائين پٽ اڃا ننڍو آهين، ڪجهه عرصي کان پوءِ اچجانءِ. مون کيس ٻڌايو ته ڪم نه کپي، توهان کپو، توهان سان ملڻ آيو آهيان. اندر آفيس ۾ وٺي هليو. ڳالهائڻ وقت سڄو وقت سندس چهري تي وڻندڙ مرڪ رهي، ڏاڍو خوش ٿيو. مون کي پنهنجي افسانن جو مجموعو ’چنڊ جا تمنائي‘ به ڏنائين.
ان واقعي کي ايڪونجاهه ورهيه ٿي ويا آهن. آغا صاحب سان تعلق رهندو آيو، ڪڏهن گهاٽو ته ڪڏهن ڇڊو. ڪيترائي دفعا ناراض به ٿيو، ورهين تائين نه به ملندو هو، پرچائيندو به پاڻ هو، رُسندو به پاڻ هو، مطلب ته تعلق ۾ به وحدةالوجود جو قائل هو. جيڪڏهن سندس مرضيءَ خلاف ڪا ڳالهه ڪبي هئي ته سخت ردِعمل جو مظاهرو ڪندو هو، چڙي به پوندو هو، پر اندر جو اُجرو، سچو ۽ کرو! ناراضگي دور ٿي ته وري پيار اهڙو ڏيندو هو، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جو وهڪرو وهائي ويندو هو ۽ مان به وساري ويهندو هئس ته ڇا ٿيو هو.
ڪيترا ئي واقعا ۽ مثال ذهن جي پردي تي تري آيا آهن. مان رڳو هڪ واقعي جو ذڪر ڪندس. ٽي چار سال اڳ سارڪ رائيٽرس ڪانفرنس ۾ پاڪستاني ليکڪن ۽ فنڪارن جو هڪ وفد ڀارت جي شهر ڀوپال، صوفي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويو.
ان ڪانفرنس ۾ آغا صاحب تصوف جي موضوع تي نهايت فلسفيانه فڪر واري تقرير ڪئي، جنهن جي تمام گهڻي واکاڻ ٿي. آغا صاحب کي رات جو ٻڌايو ويو ته جيئن ته توهان مکيه تقرير (Keynote) ڪئي آهي، تنهن ڪري هاڻي باقي ويهڪن ۾ پڙهجندڙ مقالن ۾ اوهان شامل نه آهيو. مان رات جو يارهين وڳي ڀوپال جي ان هوٽل ۾ پهتس، جتي ٻيا وفد به ترسيل هئا. آغا صاحب ۽ ذوالفقار هاليپوٽي سان ملاقات ٿي ته آغا صاحب جو موڊ سخت خراب هو. کيس مٿي تي سائو ريٽو پٽڪو ٻڌل هو، جيڪو خواجه معين الدين چشتيءَ جي گادي نشين کيس افتتاحي اجلاس ۾ ٻَڌو هو. ذوالفقار کان اشارن ۾ پڇيم! هن سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي. مون سائينءَ کي عرض ڪيو ته اهو ڪو مسئلو ئي ڪونهي، توهان پيپر پڙهندا، آءٌ اجيت ڪور سان ڳالهايان ٿو، پر سائينءَ جو گرمي پد هيٺ لهڻ جو نالو ئي نه وٺي. سائين رات جي ماني کائڻ لاءِ به هيٺ هلڻ لاءِ راضي نه پيو ٿئي، کيس زوريءَ هيٺ وٺي وياسون. مون رات جو پاڪستاني وفد جي اڳواڻ عائشه خان سان ڳالهايو (جيڪا لاهور جي صحافي آهي) هن چيو ته آغا صاحب کي ناراض ڪونه ڪبو، جنهن ويهڪ ۾ تون مقالو پڙهندين، ان ۾ ئي آغا صاحب کي مقالو پڙهائبو. ٻئي ڏينهن ٻي ويهڪ ۾ مون مقالو پڙهيو ۽ پوءِ آغا صاحب جي نالي جو اعلان ٿيو. آغا صاحب اتان ئي ويٺي ويٺي رڙ ڪئي ته آئون مقالو ڪونه پڙهندس. کيس زوريءَ اسٽيج تي وٺي آيس. منهنجو مانُ رکيائون، اسٽيج تي آيا، مقالو ڪونه پڙهيائون، لطيف سائينءَ جو بيت پڙهي، ان جي وضاحت ڪري هيٺ لهي آيا. منجهند جي مانيءَ تي سارڪ ڪانفرنس جي چيئرپرسن اجيت ڪور کين چيو ته اهو توهان سٺو نه ڪيو، توهان کي ايئن نه ڪرڻ گهربو هو. جواب ۾ کيس اهڙي دٻ پٽيائون جو هاڻي به ياد ڪندي هوندي.
جنهن ڏينهن ڀوپال کان موٽون پيا ته رات جو موهن گيهاڻيءَ پنهنجي گهر تي اسان جي ماني ڪئي هئي. موهن گيهاڻيءَ جو ناٺي مڌيه پرديش سرڪار ۾ صحت کاتي جو سيڪريٽري هو ۽ هڪ وڏي سرڪاري گهر ۾ رهندا هئا. مانيءَ کان ترت پوءِ اسان کي اسٽيشن تي وڃڻو هو. آغا صاحب مرڪندي چيو ”هن مائيءَ سان ڪجهه وڌيڪ جُٺ ته ڪونه ڪئي هئم؟“ مان ۽ ذوالفقار کلندا رهياسون ۽ پاڻ به اسان سان گڏ کلندو رهيو، شايد سندس مَن ۾ هو ته اجيت ڪور کي پرچائجي پر ٽائيم ٿورو هو ۽ ريل جو وقت ڀرجي آيو هو. اجيت ڪور سان مان ۽ ذوالفقار اڳ ۾ موڪلائي چڪا هئاسون. سنڌ اچڻ کان پوءِ اڪثر پاڻ ان واقعي کي ياد ڪندا هئا.
اڪثر جڏهن ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا هئا ته مان کين عرض ڪندو هئس ته سائين هر ڳالهه ۾ پٺاڻڪي ڪرڻ ضروري آهي ڇا؟ ته مرڪي پوندا هئا ۽ ڪاوڙ ۽ رد ڪندا. مان سمجهان ٿو ته اها سندس مون سان خاص محبت هئي جو منهنجي اها حجت برداشت ڪندا هئا نه ته ڪاوڙ وقت بخشش جو سوال ئي پيدا نه ٿيندو هو.
آغا صاحب بنيادي طور تي تخليقڪار هو ۽ تخليقي ادب سان ادبي زندگيءَ جي شروعات ڪيائون. سندس افسانن جو اڀياس ڪجي ٿو ته ان ۾ رومانويت جو عنصر غالب نظر اچي ٿو. سندس افسانن توڙي ناولن جا موضوع يا ته پيار ۽ محبت آهن يا اهي تاريخ جي پسمنظر ۾ لکيل آهن. سندس سڀئي افسانا سندس ذاتي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن تي ٻڌل آهن، جن مان سندس زندگيءَ جو عڪس جهلڪندو نظر اچي ٿو.
جڏهن ريڊيو پاڪستان ۾ رهندي آسٽريليا ٽريننگ تي ويا ته اتي جنهن ماحول ۾ رهيا، جن ڪردارن سان مليا، ان ماحول ۾ سندس جذبن ۽ احساسن جي ڀرپور عڪاسي ملي ٿي. چنڊ جا تمنائي، ماريم پنهنجي پرين کي، ٽهڪ، خوني، نيٺ بهار آيو ۽ خوابن جا سوداگر سندس شاهڪار افسانا آهن. سندس ٻئي ناول ۽ ٻئي ناوليٽ سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر ۾ لکيل آهن، جيتوڻيڪ ’همه اوست‘ وحدة الوجود جي نظرئي جو پرچارڪ ناول آهي، تنهن هوندي به ان جو پسمنظر سنڌ جي تاريخ سان گهرو ۽ ويجهو تعلق رکي ٿو.
هن ڏيکاريو آهي ته سڀني مذهبن جو بنياد هڪ ئي نڪتي تي رکيل آهي. انسانيت ۽ رب جي وحدت، اهو اسلام هجي يا ٻڌمت ۽ عيسائيت، سڀ هيڪڙائيءَ جي ڳالهه ڪن ٿا. وحدة الوجود جي ان فلسفي سندس سوچ کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ پاڻ تخليق کي ڇڏي تحقيق ڏي آيا ۽ آخري گهڙيءَ تائين تحقيق جي حوالي سان ڪم ڪندا رهيا. شاهه سائينءَ جي فڪر ۽ فلسفي کي مختلف حوالن سان اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن. پاڻ لطيف کي هڪ نرالي اک ۽ راءِ سان پرکيو اٿن. اهڙي ريت سچل سرمست جي فڪر جو به گهرو اڀياس ڪيو اٿس. اڪثر چوندو هيا يار سچل کي به ڪو سورلي ملي ها ته سچل کي به امر ڪري ڇڏي ها. افسوس جو جيتري کوجنا سائين (پاڻ شاهه لطيف لاءِ هميشه سائين چئي ڳالهائيندا هئا) تي آيو يا جيترو شاهه کي عام ڪيو ويو آهي ايتري پذيرائي سچل کي نه ملي آهي. ان احساس تحت پاڻ سچل تي Sachal; The Rapturous Soul ڪتاب لکيائون، جيڪو سنڌ جي ثقافت کاتي پاران شايع ڪيو ويو آهي. کين اهو به احساس هو ته سامي به هڪ وڏو صوفي شاعر هو، جنهن کي هندو هئڻ ناتي نظرانداز ڪيو ويو آهي، سامي تي به ڪم ٿيڻ گهرجي. پاڻ سخت بيمار هوندي به ساميءَ تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکي پورو ڪيائون ۽ سندس ناٺي محترم شهاب اوستي ۽ منهنجي زور ڀرڻ تي هي جهان ڇڏي وڃڻ کان هڪ هفتو اڳ ان کي قطعي صورت ڏنائون. سندن خواهش هئي ته ساميءَ تي هڪ سيمينار ٿيڻ گهرجي، ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ساڻن واعدو ڪيو هو ته توهان اهو ڪتاب مڪمل ڪري ڏيو ته ان جو مهورت ۽ ڪانفرنس گڏي ڪنداسون، پر افسوس جو ڪتاب ته مڪمل ٿي ويو پر مهورت ۽ ڪانفرنس کان اڳ سندس ساهه جو پکيئڙو اڏامي ويو.
آغا صاحب جي کوجنا جو هڪ رخ اهو به رهيو آهي ته فارسي شاعريءَ ۾ گهڻو تڻو مرد ئي عاشق هوندو آهي ۽ اهو ئي محبوب رهيو آهي، پر ننڍي کنڊ جي ويدانت ۽ تصوف جي شاعريءَ ۾ عورت به عاشق رهي آهي ۽ مرد محبوب. عورت ئي مرد جي هجر ۾ آهون ۽ دانهون ڪيون آهن، ڪانگ اڏاريا آهن ۽ پنهنجي محبوب لاءِ ڌڪا کاڌا آهن. راڌا، ڪرشن جي عاشق هئي ۽ هندو شاعرن راڌا جي روپ ۾ پنهنجي پنهنجي ڪرشن لاءِ عشق جو اظهار ڪيو آهي.
گجرات جي مشهور صوفي شاعر حضرت محمود رباني پڻ عورت کي عاشق ظاهر ڪيو آهي.
آغا صاحب سان اڌ صديءَ جو ناتو رهيو آهي. بقول ڪنهن شاعر جي
”یہ پل دو پل کی بات نہیں یہ نصف صدی کا قصہ ہے۔“
آغا صاحب بنيادي طور تي  هڪ عام انسان نه هيا. اسان جي سوچ جتي پوري ٿئي ٿي، سندس سوچ اتان شروع ٿيندي هئي. ڪچهرين ۾ اهي چانهن جي ڪوپ تي هجن، ماني يا دارونءَ جي گلاس تي، سندس گفتگوءَ جو موضوع علم، ادب، فلسفو، شاهه، سنڌ ۽ ان جا رواج، ريتون، ادب ۾ تنقيد جي کوٽ هوندا هئا. هو عام ۽ سطحي ڳالهين ڪرڻ جا نه قائل هيا ۽ نه ان ۾ وقت وڃائيندو هو.
شاهه تي کين جيڪا دسترس حاصل هئي، ان کين ٻين صوفي شاعرن کي پڙهڻ تي اتساهيو ۽ اڪثر گفتگوءَ ۾ اهو مثالن ۽ بيتن سان ٻڌائيندا هئا ته شاهه رڳو قرآن يا وري عبدالڪريم بلڙيءَ واري کان متاثر ڪونه هو، بلڪ بابا فريد ۽ شاهه عنات کان به گهڻو متاثر هو ۽ انهن ٻنهي شاعرن جا ڪيترائي بيت ٻڌائيندو هو، جيڪي شاهه سائينءَ جي بيتن سان معنيٰ، مفهوم ۽ مقصد ۾ ٺهڪي ايندا هئا، نه فقط خيال پر لفظن ۾ گهڻي هڪجهڙائي هوندي هئي. ان اتساهه جي نتيجي ۾ پاڻ شاهه عنايت تي به گهڻي تحقيق ڪيائون ۽ پنهنجي گذاري وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ انگريزيءَ ۾ اهو ڪتاب مڪمل ڪيائون، جيڪو پروفيسر ناگپال کي ڏنو اٿائون، اهو ڪتاب پڻ جلد ثقافت کاتي پاران شايع ڪيو ويندو.
آغا صاحب شاهه سائينءَ جي رسالي جو ٽيهارو سال اڳ اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو شيخ اياز جي ڪيل منظوم ترجمي کان مختلف منظوم ترجمو آهي. آغا صاحب جنهن دور ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري ڪئي ته پهريائين کيس ڊراما ڪرڻ لاءِ ذميداري ڏني ويئي. پاڻ ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيائون. پاڻ نه فقط ڊرامي جا پروڊيوسر هيا پر ڊرامانگار به هيا. اهڙيءَ ريت ڪجهه وقت کان پوءِ کيس موسيقيءَ جو پروڊيوسر بڻايو ويو ته پاڻ موسيقيءَ جي فن تي جيڪا ڪماليت حاصل ڪيائون، تنهن جو به ڪو مثال ئي نه ٿو ملي. ريڊيو جا وڏا وڏا موسيقار کانئُن ڌنن بابت صلاحون وٺندا هئا.
جڏهن پاڻ ريڊيو پاڪستان ۾ پروڊيوسر هئا ته مان ريڊيو تان خبرون پڙهندو هئس. ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي ٻن اسٽوڊيوز جي وچ ۾ ڪنٽرول روم هوندو هو، جتي ريڊيو انجينيئر سان گڏ پروگرام جو پروڊيوسر به موجود هوندو هو. ان دور ۾ ريڊيو ۽ ٽي. وي پروگرام (Live) يعني ان ئي وقت هلندا هئا، ريڪارڊنگ جو رواج گهٽ هو. هڪ اسٽوڊيو ۾ مان خبرون پڙهندو هئس ته ان کان ترت پوءِ ٻئي اسٽوڊيو مان ٻيو ڪو پروگرام نشر ٿيڻو هوندو هو. آغا صاحب اڪثر بي چين روح وانگر ڪنٽرول روم مان ڳائيندڙن ۽ وڄائيندڙن کي اشارا ڪندي نظر ايندا هيا. شل نه ڪنهن کان غلطي ٿئي، پوءِ راڳي يا سازندي جو سِر رُلي ويندو هو. پاڻ سنڌي موسيقيءَ تي اردوءَ ۾ هڪ ناياب ڪتاب ”سندھی موسیقی“ لکيو اٿن. ساڳي وقت شاهه جي فڪر ۽ فلسفي تي اردو ۾ هڪ ٻيو ڪتاب ”دشت وجود کی مسافت“ پڻ لکيو اٿن، جنهن ۾ شاهه لطيف جي عالمگير شخصيت ۽ فڪر جي اهم پهلوئن کي پنهنجي تحقيق وسيلي اردو پڙهندڙن تائين پهچايو اٿن.
آغا صاحب جي گذريل سالن دوران سخت پورهئي وارو ڪم گنج جو ترجمو هو. ثقافت کاتي گنج جي ترجمي جو ڪم ٽن عالمن آغا سليم، پروفيسر ناگپال ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي حوالي ڪيو، جن اڍائي سالن جي لڳاتار محنت کان پوءِ اهو ڪم مڪمل ڪيو. آغا صاحب گنج جو انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر شوق صاحب اردو ترجمو ڪيو آهي. ثقافت کاتي حميد آخوند صاحب جي دور ۾ گنج اصل خط ۽ ڪمپيوٽر لکت ۾ نهايت سهڻي نموني شايع ڪري پڌرو ڪيو هو، جيڪو فقط سنڌي ۾ هو. هاڻي گنج اردو، سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپجي رهيو آهي ۽ نهايت سهڻي نموني ڇپائيءَ هيٺ آهي. مان سمجهان ٿو ته آغا صاحب جو اهو پورهيو اڳوڻن سڀني علمي، ادبي کوجنائي توڙي تخليقي پورهين کان وڏو ۽ ڳرو پورهيو آهي. ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جو پاڻ آغا سليم پنهنجي ان پورهئي کي هڪ دلڪش ۽ سهڻي گيٽ ۾ ڏسن ها.
آغا صاحب بنيادي طور تي هڪ خوددار انسان هئا. ان خودداريءَ ۾ سندس پٺاڻڪي طبيعت کي وڏو دخل حاصل هو. بيماريءَ جي ڏينهن ۾ جڏهن سندس ٻنهي ڦڦڙن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ پوين چئن مهينن کان پاڻ بستري تي هئا، هٿرادو مشين وسيلي کين آڪسيجن کڻائي ويندي هئي، سندن خدمت لاءِ هڪ نرس رکيل هو، دوائن جا خرچ گهڻا هئا. مون کين ڪيترا ڀيرا عرض ڪيو ته علاج جا ڪاغذ پٽ مون کي ڏيو، پهريان ته راضي ٿيا، ۽ چيائون آئون توکي ڏياري ٿو موڪليان. هڪ ڏينهن فون ڪري پڇيائون ته ڇا ڪندين، مان ڪنهن کان خيرات وٺڻ نه ٿو چاهيان. مون کين عرض ڪيو ته توهان کي ڪا درخواست ڏيڻي ڪانهي، مون کي رڳو علاج جا ڪاغذ پٽ ڏيو جو Legend Trust اوهان کي ڪجهه ڏيڻ چاهي ٿو، جيڪو Legend لاءِ هڪ فنڊ مان ڏيندو، ڪير به اوهان تي ڪا ذاتي مهرباني نه ڪندو، جيڪڏهن مهدي حسن، جميل الدين عالي ۽ معين اختر جهڙن پيسي وارن کي ٽرسٽ کان وٺڻ ۾ ڪو عار ڪونهي ته توهان کي ڇو آهي؟ مرڪي چيائون ”مَن نه“ سندن ان مرڪ لاجواب ڪري ڇڏيو ۽ آئون ماٺ ٿي ويس.
هن ليک وسيلي مان هڪ ٻئي معاملي جي به وضاحت ڪندو هلان. آغا صاحب جي خواهش هئي ته کين ڀٽ ڌڻيءَ جي ويجهو دفنايو وڃي، شايد ان ڏس ۾ پاڻ سيد وقار حسين شاهه (گادي نشين) سان ڳالهايو به هئائون. بيماريءَ جي آخري ڏينهن ۾ منهنجو وٽن گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، فون تي به اڪثر رابطي ۾ هوندا هئاسون. هڪ دفعي مون سان به ان ڳالهه جو اظهار ڪيائون. ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان، سندن گهرواري جيڪا اسان سان گڏ ويٺل هئي، تنهن چيو، ”هن ڪراڙپ ۾ مون کي ڪهڙين ڀٽن ۾ روليندين؟ ته آغا صاحب ماٺ ٿي ويو نه ته اڪثر سندس ڳالهين تي چرچن ۾ ڪونه ڪو جواب ڏيندو هو. ان کان پوءِ آغا صاحب ان خواهش جو وري ٻيهر اظهار نه ڪيو. سندس پٽن آغا خداداد ۽ ڊاڪٽر آغا جمشيد به اها ڳالهه ڪئي ته اسان آڏو جڏهن بابا ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ”امان اها ئي ڳالهه ورجائي، جنهن تي بابا ماٺ ٿي ويو.“
اهو خوددار آغا سليم بستري تي گذريل چئن مهينن کان موت سان اکيون اکين ۾ ملائي مرڪندو ۽ ٽهڪ ڏيندو، دوستن سان ڪچهريون ڪندو ۽ مستقبل ۾ علمي ۽ ادبي ۽ کوجنائي رٿابنديون ڪندو رهندو هو. اڪيلائيءَ ۾ ليپ ٽاپ ڪڇ ۾ رکي پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهندو هو.
غلام شاهه ڪلهوڙي تي ڪتاب لکڻ جو خواهشمند هو، ان لاءِ نوٽس به ٺاهيندو هو، پر آخرڪار ۱۳ اپريل جي رات ٻي وڳي کنگهه جي هڪ سخت دوري کان پوءِ  جڏهن بلغم به سندن  نڙي ۾ ڦاسي پيو ته ان مرحلي تي عزرائيل سندن پٺاڻڪي هلڻ نه ڏني ۽ سندن روح ارواحن جي ديس اڏاري ويو، جتي هاڻي هُو ٻين روحن سان وحدة الوجود جي فلسفي تي گفتگو ڪندو هوندو ۽ هيل تائين ڪنهن نه ڪنهن سليم پاري جي روح کي سندس نالائقي تي دٻ پٽي چڪو هوندو.
ڪراچي يونيورسٽي جي شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئرکي اهو اعزاز حاصل آهي جو چيئر آغا سليم صاحب جي زندگي ۾ آخري ڪتابن ڇپڻ جي سعادت حاصل ڪئي. ڪتاب جو ”جيڪو ڏٺو سو مون“ ۾ آغا صاحب جا شآھ لطيف تي لکيل مضمون شامل اهن. انهن مضمونن ۾ شاھ عبداللطيف جي فت ۽ فڪر تي سندس پيل ۽ اڻ ڇپيل مضمون شامل آهن. آغا صاحب جي ناچاڪي سبب ان جو مهورت ٿي نهس گهيو. ان جو مهورت هاڻي اربع ۲۰ اپريل تي شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۽ سنڌي شعبي پاران ڪرايو ويندو.


آغا سليم جي هڪ ياد
ادب کان فلم تائين
مير اعظم علي ٽالپر
دنيا ۾ عام طرح سان هڪ اديب ليکڪ سنجيده يا غير سنجيده ته لکندو آهي پر هو خاص طور فلم واري سبجيڪٽ ۾ نه ايندو آهي پر لازمي نه آهي ته هر ادب لکڻ وارو اديب فلم لاءِ ڪهاڻي، مڪالمو نه لکي يا فلم جي ماحول کان پري هجي. اهو صفا ناممڪن نه آهي. ڇو ته هو قلم جو ڌڻي آهي ۽ ڪيڏي مهل به ڪجهه لکي سگهي ٿو. جنهن ۾ سندس موضوع سڌو فلم نه به هجي پر اهو فلم لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو.
سنڌ جو ناليوارو ليکڪ آغا سليم به انهن مان هڪ هو، جيڪو ادب جو ته لکندڙ هو، پر فلم لائين ۾ سندس دلچسپي هئي. مون کي چٽو ياد آهي ته آغا سليم صاحب اڃا فلم لاءِ نه لکيو هو ته حيدرآباد ۾فلمي دنيا جي صحافين ليکڪن جي هڪ تنظيم مهراڻ فلم رائيٽرز گلڊ ۱۹۷۱ع ۾ هوندي هئي۽ راقم ان جو جنرل سيڪريٽري هو. انهن ۾ اردو سنڌي فلمن لاءِ لکندڙ سڀ جا سڀ شامل هوندا هئا ۽ هر مهيني باقاعدي ان گلڊ جي گڏجاڻي ڪڏهن حيدرآباد پريس ڪلب ته ڪڏهن ڪنهن هوٽل ۾ ٿيندي هئي. ان ويهڪ واري گڏجاڻي ۾ ليکڪ پنهنجا تحرير ڪيل مضمون سنڌي اردو ۾ پڙهندا هئا. جن تي ڪو خاص معزز مهمان تنقيد  ڪندو هو.
ان زماني ۾ فلم کي شوبزنس نه چيو ويندو هو. اهڙين گڏجاڻين ۾ اڪثر فيروز الدين احساس، شهزادو گلفار، رشيد خمار، سرور نديم، عبدالستار غوري، عبدالله مسافر، انور سهتو، عبدالرئوف اجميري، عبدالستار صادق وغيره پنهنجا لکيل مضمون پڙهندا هئا. ان تنقيدي نشست ۾ ڪافي دفعا سائين آغا سليم به بطور خاص مهمان شريڪ ٿيندو هو. راقم جي لکيل هڪ مضمون اداڪاره نشو تي ”اي نشيلي نشو“ پڙهڻ کانپوءِ آغا سليم تنقيد به ڪئي هئي.
آغا سليم بزنس ڪندڙ فلم ”مٺڙا شال ملن“ جا مڪالما به لکيا هئا. فلم ”مٺڙا شال ملن“ جي ڪهاڻي فلمن جيان مصالحيدار هئي. پر فلم کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ اداڪاره چڪوري جي هوش ربا ۽ دلربا ڊانس کان علاوه فلم جا ڪجهه شو هلڻ کانپوءِ شيخ اياز جي وائي، فقير عبدالغفور جي آواز ۾ ”سنڌڙي تان سر ڪير نه ڏيندو  سهندو ڪير ميار“ فلم کي کڻي ڇڏيو. پر آغا سليم جا  ڊائلاگ، فلم جي جان هئا. جيئن فلم جي هڪ منظر ۾ ڳوٺ جو وڏيرو گذري ويندو آهي ته ولين قربان جيلاني (جي والد) وٽ تعزيت ڪرڻلاءِڳوٺ جا ماڻهو ۽ هاري گڏ ٿيندا آهن ته قربان جيلاني هڪدم هارين کي مخاطب ٿي چوندو آهي ته: ” بابا کي مرڻو هو سو مري ويو. اوهان ڇو ويٺا آهيو. اٿو وڃي ڪم ڪار ۽ ٻني ٻاري جي ڪريو“ اهو ٻڌي سئنيما هال ۾ تماشائي کل ۾ ٻڏي ويندا آهن پر اهو کلائڻ وارو ۸۱ سالن جو آغا سليم سڀني کي روئڻ ۾وجهي اڄ ڀٽائي جو پارکو مڻن جي ميڻن هيٺ آرام سان ابدي ننڊ ۾ ستل آهي.!!


يار آغا سليم به رمندو رهيو
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
۱۲ اپريل، ۲۰۱۶ع تي جناب شوڪت حسين شوري وٽان هڪ الميه احوال مليو:
Very sad that Agha Saleem passed away دل کي ڌڌڪو رسيو.
هيءُ يار به هليو ويو.مون کي خبر هئي ته آغا سليم بيمار آهي. بيماريءَ سان جدوجهد پيو ڪري.پروفيسر سليم ميمڻ به اهڙو احوال ڏنو هو، سندس گهران به ٿي آيو هوس.
پر پوءِ به من قبول نه پئي ڪيو.
اکين اڳيان آغا سليم جي تصوير ڦري وئي، منهنجو ذهن اسڪرين بڻجي ويو. ماضيءَ جي جهروڪن ۾ نهارڻ سان، هن سان ڪيل ملاقاتون پهريون ڌنڌليون پوءِ چٽيون ٿيڻ لڳيون. ۸ ڊسمبر ۱۹۹۸ع منگل جو ڏينهن هو. آغا سليم جي احترام ۾ سهيوڳ فائونڊيشن پاران روز ووڊ هوٽل. ممبئءَ ۾ پارٽي رکيل هئي. ڀارت سرڪار، ديش جي آزاديءَ جي گولڊن جبلي ٿي ملهائي، انيڪ قسمن جا جلسا ٿيا هئا. ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي وياڳ، سنڌي ڪهاڻي موضوع تي سيمينار منعقد ڪيو هو. جنهن ۾ سونهاري سنڌ کان مشهور معروف اديب آغا سليم کي گهرايو ويو هو، اهو سيمينار چوٿين ڊسمبر، منهنجي جنم ڏينهن تي ٿي چڪو هو. آغا سليم، ان سيمينار ۾ پنهنجو انتهائي معياري مقالو ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ سنڌيت“ پيش ڪيو هو. جيڪو ورهاڱي جي درد سان وابسته هو.
آغا سليم الهاس نگر گهمڻ آيو هو. مان هن کي الهاسنگر گهمائي، ڪار ۾ واپس ممبئي وٺي ٿي ويس. اسان کي روز ووڊ هوٽل ڏانهن وڃڻو هو. ڪار ۾ مون سان گڏ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي به هو.ڊاڪٽر جيٽلي هميشه مون کي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو رهندو هو. هينئربه اها ڳالهه نڪتي، تحقيق لاءِ موضوع به تجويز ڪيائين. ”سنڌي شاعري ۾ ورهاڱي جو درد“ آغا سليم ان ۾ ٿوري درستي آندي، ”سنڌي شاعريءَ ۾ ورهاڱي جي تصوير“، ڊاڪٽر جيٽلي کي اها درستي وڻي. ڇو ته تصوير لفظ موضوع کي وضاحت ٿي ڏني. ڊاڪٽر جيٽلي هلندي هلندي موضوع لاءِ چئپٽر ايئزيشن به ڪري ڏني۽ اهڙي نموني مان ڊاڪٽر بڻجي ويس.
آغا سليم جو اصلي نالو آغا خالد سليم ولد عبدالڪريم خان آهي. هن ۷ اپريل ۱۹۳۵ع ۾ شڪارپور ۾ آغا عبدالڪريم جي گهر ۾ جنم ورتو هو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور ۾ ئي حاصل ڪئي. گريجوئيشن کانپوءِ آغا سليم پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ بطور پروڊيوسر جي داخل ٿيو ۽ اتان ئي اعليٰ عهدي ڪنٽرولر براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن تان رٽائر ڪيو.
آغا سليم جو نالو موجوده دور جي وڏن ۽ ناميارن جديد اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو. آغا سليم صوفي طبعيت رکندڙ شخص هو. راڳ ۽ موسيقي جو شوقين، حساس، يار ويس ۽ خوش مزاج، کائڻ، پيئڻ جو شوقين، شاهه عبداللطيف جو هڪ وڏو پارکو، آغا سليم شاهه جي چونڊ شاعري کي اردو ۽ انگريزي زبان ۾ آڻي. سنڌي ادب سان وڏو وڙ ڪيو آهي. آغا سليم جي شاهه سائين جي اردو ۽ انگريزي ترجمي کي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ شايع ڪيو آهي.
آغا سليم اڳتي هلي سنڌيءَ جي هڪ اعليٰ جديد ناول نويس ۽ ڪهاڻي نويس جو رتبو ماڻيو، هو ڊراما نگار ۽ ڪالمسٽ طور به مشهور ٿيو. ڇو ته رٽائرمينٽ کانپوءِ هو روزاني جاڳو ڪراچي ۽ سچ ڪراچي جو ايڊيٽر به ٿي رهيو ۽ ڪيترا وقتائتو ۽ ڪارائتا ڪالم لکيائين. هن کي ڪيترائي انعام اڪرام به حاصل ٿيا. هن جون ڪجهه مکيه تخليقون هن طرح آهن.
۱. اونداهي ڌرتي، روشن هٿ، ۲. ڌرتي روشن آهي، ۳. چنڊ جا تمنائي، ۴. درد جو شهر، ۵. اڻ پورو انسان، ۶. همهءِ اوست، ۷. ڍولا مارو، ۸. لالن لطيف ڪهي وغيره.
آغا سليم سان منهنجي آخري ملاقات ڊسمبر ۲۰۱۳ع ۾ ٿي. جڏهن آءٌ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جي سڪائتي سڏ تي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ۲۷۰ هين عرس مبارڪ جي موقعي تي سڏايل شاهه لطيف عالمي ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هوس. آغا سليم به فقط ڪانفرنس ۾ گڏ هو پر هاسٽل ۾ ڪيترا دفعا گڏجڻ به آيو هو. هن جو ڏنل پيار وسرڻ جو ناهي.
وسارڻ سان به وسرن ڪين، پنهنجي يار جون ڳالهيون،
سدائين ياد سي رهنديون، محبت پيار جون ڳالهيون.



آغا سليم
سندس ناول همه اوست!
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
آغا سليم ولد عبدالڪريم خان جو جنم ۷ اپريل ۱۹۳۵ع تي شڪارپور ۾ ٿيو، آغا صاحب ۱۹۵۲ع کان لکڻ شروع ڪيو، هن جي پهرين تحرير ڪهاڻي ”آهه اي ظالم سماج“ آهي جيڪا ”فردوس“ نالي مخزن ۾ ڇپي. هو شروع ۾ آغا شاهين جي نالي سان لکندو هيو، سندس ڪلاس فيلو دوستن ۾ تنوير عباسي ۽ سراج ميمڻ، ته هم عصر ڪهاڻيڪارن ۾ بشير مورياڻي، شيخ حفيظ، رشيد ڀٽي، جمال ابڙو، خواجه سليم، نجم عباسي ۽ ٻيا هئا. انهيءَ ڪهاڻيءَ جي دور ۾ سنگت جي ادبي ڪلاسن ۾ ڪهاڻيون پڙهيون وينديون هيون ۽ انهن ڪهاڻين تي مختلف ليکڪ تنقيد پڻ ڪندا هئا. اهو ئي دور هو جنهن ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ موضوع توڙي ٽيڪنيڪ جي حوالي سان نواڻ آئي، آغا صاحب جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ”چنڊ جا تمنائي“ آهي ۽ ان کان پوءِ ”ڌرتي روشن آهي“، ”درد جو شهر“، ”لذت گناهه“ ۽ ٻيا ڪتاب آهن. آغا صاحب شاهه جي رسالي جو اردو منظوم ترجمو ڪيو. سندس لکيل ناولن ۾، اونداهي ڌرتي روشن هٿ، اڻ پورو انسان، روشنيءَ جي تلاش ۽ همه اوست آهن. ناول نگاريءَ ۾ آغا سليم جي مٿئين عنوان واري ناول وڏي ڪاميابي ماڻي ۽ ”همه اوست“ جو اردوءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو، سندس ناولن توڙي ڪهاڻين ۾ انساني زندگيءَ جا عڪس آهن، گڏ هو انهن کي سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جي حوالي سان پيش ڪري ٿو، آغا صاحب جا ڪردار سنڌ ڌرتيءَ جا پنهنجا ڪردار آهن جيڪي نج سنڌي ٻوليءَ جي سهڻين تشبيهن ۽ استعارن وارن مڪالمن ۾ ڳالهائين ٿا، هن جا ڪردار سنڌي سماج جا عام فرد آهن ۽ عام خاصيتون رکن ٿا پر ليکڪ کين جاندار بنائڻ جي خاص ڪوشش ڪئي آهي. آغا صاحب اونهي مطالعي جي بنياد ۽ ناول جي فني ٽيڪنيڪ جي ڄاڻ باعث تاريخي ناول کي هڪ زنده دور ۾ تبديل ڪيو آهي، پڙهندڙ ناول ”همه اوست“ کي پڙهي پوءِ ئي ڪا راءِ قائم ڪري سگهن ٿا. هيٺ مون هن ناول جي مختصر ڪهاڻي حوالا ۽ تجزيو پيش ڪيو آهي. ”همه اوست“ ۱۴۴ صفحن جو ناول پهريون دفعو جولاءِ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. پوءِ به ڇپجندو رهيو آهي (هيءُ ناول ڊگري ڪلاسن ۽ چٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن جي نصاب ۾ شامل آهي.
ناول جو عنوان،  پس منظر ۽ ڪهاڻي
”همه اوست“، ناول جو عنوان منفرد ۽ مختلف آهي، جنهن ۾ صوفي ازم جي وضاحت بيان ڪندي ناول نگار ۱۲۶ صفحي کان ۱۲۸ صفحي تائين سارنگ جي سوچ جي تبديليءَ سان اهو نظريو سمجهايو آهي. هيءُ ناول تاريخ جي جهروڪن مان صوفيانه نڪتن جي اُپٽار جو بيان آهي، هن ۾ تقريباً مغلن جي زوال واري وقت کي ذڪر ڪيو ويو آهي. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور جي سياسي ڪشمڪش دوران صوفين ۽ مبلغن تي ٿيل ڏاڍ، ڏمر ۽ ڏهڪاءُ جي دل ڏاريندڙ داستانن کي کولي ٻڌايو ويو آهي. هن دور ۾ مذهبي نظرين جي ڇڪتاڻ هئي، مجدد الف ثاني ۽ محي الدين ابن العربيءَ جن جي ”وحدت الوجود“ ۽ ”وحدت الشهود“ جي فلسفن جي ٽڪر جو وقت هو. ناول نگار صوفي سيد زادي (شاهه لطيف) ۽ شاهه عنايت جي دور جي تحريڪن ۽ سندن شاعريءَ جي پس منظر کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته گڏوگڏ شاهه عنايت جي شهادت جو بيڪ گرائونڊ به ڏنو اٿن. هن ناول مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن دور جي صوفيانه تحريڪن جي تحرڪ جا بنيادي عوامل ڪهڙا هئا؟ ۽ ڪيئن هن دور جون سياسي حالتون، صوفين ۽ مبلغن جي زندگيءَ تي اثرانداز ٿيون ۽ اهي عالم ۽ ڄاڻو انسان ڪيترا باخبر ۽ باعمل هئا، جن جي بيتن ۾ بيان ڪيل ماضي، حال ۽ مستقبل جا احوال سندن علم جي ڄاڻ ڏين ٿا.
گوتم ٻڌ جي ڀڳشوئن، شوالن ۽ مندرن جي ٻاون، نمازين جي اجتماعن ۽ مٺين ٻانگن جي مسحور-ڪن آوازن جي اوٽ ۾ هنن ڪهڙيءَ ريت نه ڀائيچاري جا پيغام ڏنا؟ ڪيئن نه دونهيون دکايون ۽ ”همه اوست“ جا درس ڏنا؟ سندن فيلسوفيانه نڪتن ۽ تصوف جي لاڙن ۾ سوريءَ سيڄ چڙهڻ ۽ شهادت جو مشاهدو ماڻڻ جو سبق سمايل هو. هو ظاهري عبادتن ۽ رياضتن کان وڌيڪ اعليٰ اخلاقي قدرن جا امين هئا. ۽ اهوئي آغا سليم جي ”همه اوست“ ۾ پيش ڪيل آهي.
آغا سليم سنڌي ادب جو هڪ مهان ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. سندس لکيل ڪهاڻيون يا ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي سونهن جا انمول خزانا آهن. سندس ناولن تي راءِ ڏيندي حميد سنڌي چوي ٿو ته، ”آغا سليم جا ناول سچائي ۽ سونهن جا شاهڪار آهن، منجهن لفظن جي خوبصورت جڙاءُ آهي. هو تاريخ جي اوٽ ۾ ماضيءَ کي حال ۾ ايئن بيان ٿو ڪري، جو ڄڻ ماضي اکين اڳيان ٿي ٿو اچي.“ (۱) ليکڪ شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف جي دور جي مذهبي ۽ صوفياڻي فلسفي کي سهڻي اسلوبِ بيان سان بيان ڪيو آهي. ناول جا ڪجهه حصا ته ٻوليءَ جي حسن جي لحاظ کان اعليٰ درجي جا شمار ڪري سگهجن ٿا. ڪيترن هنڌن تي موقعي مطابق خوبصورت بيتن ۽ دوهن جو استعمال آهي. بابا فريد جي شاعري، چارڻن جا ڏوهيڙا ۽ صوفي سيد زادي شاهه لطيف جا موقائتا بيت پيش ڪيل آهن. جيئن مثال طور:
رهيا اُتيئي رات، صبح ويندءِ صابري،
لونءُ لونءُ منجهه لطيف چئي، ڪر تنين جي تات،
سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري مس مڙي.
”همه اوست، سبحاني، ما اعظم شاني“، سارنگ سوچيو تصوف ڇا آهي؟ اڄ تائين هن جيڪو به علم پرايو هو سو پنهنجي هٺ ۽ انا لاءِ پرايو هو. همه اوست ڇا آهي؟ سبحاني ما اعظم شاني ڇا آهي؟ مان ڪير آهيان. منهنجو هن ڌرتيءَ جي ڌڪاريلن سان ڪهڙو رشتو آهي. اهو سارنگ ڪير هو؟ جنهن پنهنجي ويڙهيچن تي راتاها هڻي، طاقت سان سندس باغي ڪنڌن کي مغلن جي اڳيان جهڪايو هو“.
”صوفيءَ سائينءَ پهرين ته انساني رت وهائڻ کان جهليو. پر جڏهن مغلن فصلن کي باهيون ڏنيون ۽ بي هٿيار هارين ناري، ڪمين ڪاسبين ۽ فقيرن ۽ درويشن جو قتلام ڪيو تڏهن صوفي سائينءَ بچاءُ جي جنگ وڙهڻ جي موڪل ڏني، ظلم برداشت ڪرڻ ۽ ظلم جو مقابلو نه ڪرڻ به ته ظلم آهي“.
”جڏهن درويشن اسم اعظم جا نعرا هڻي فوج ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڇڏيو. سمنڊ وانگر ڇوليون هڻندڙ فوج به جهوڪ جو ڪوٽ فتح ڪري نه سگهي ته اعظم خان شاهه عنايت ڏي قرآن موڪليو ۽ کيس قرآن جو واسطو ڏيئي پاڻ ڏي سڏايو، درويشن کيس جهليو ته پاڻ مرڪي چيائون؛
”اوهين سمجهو ٿا ته جيڪي اوهان سمجهيو آهي، سو مان نٿو سمجهان، مان سڀ سمجهان ٿو. اسان کي اعظم خان نه سڏايو آهي. اسان کي پنهنجي پرينءَ پنهنجو ڪلام موڪليو آهي. مون جيڪا دونهين دکائي آهي. تنهن کي وسائڻ نه ڏجو. ڪڏهن ته اهي دونهيون مچي مچ ٿينديون.“
”سج ٻڏتر ۾ هو جو جلاد جي ترار وڄ وانگر وراڪو ڏنو ۽ شاهه عنايت جي سسي ڌڙ کان ڌار، ٿي سارنگ جي زال دانهن ڪري پنهنجي ٻارڙي کي سيني سان لاتو. ڀٽ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڇرڪ ڀري، مراقبي مان منهن مٿي ڪري آسمان ڏانهن نهاريو درويش دنبوري تي ضرب هنئي ۽ دانهن ڪئي ”ملڪ مڙيو ئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا“. هن ناول جو موضوع منفرد ٻولي خوبصورت ۽ جڙاءُ دار آهي. شاهه عنايت شهيد جي شهادت جي واقعي کي اثرانگيز نموني سان پيش ڪندي ناول نگار تاريخي لحاظ کان مغلن جي دور جي اهم حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي. هيءُ هڪ وڻندڙ تاريخي ناول شمار ٿيئي ٿو.


آغا سليم
ماءُ کاهوڙي هليا، دکائي دونهان
ممتاز مهر
ڪهاڻيڪار بشير مورياڻي جي وفات کان پوءِ اڃا شاعر ۽ مضمون نگار منير سولنگي جي وڇوڙي جو غم دل ۽ دماغ تي طاري هو جو ۱۲ اپريل ۲۰۱۶ تي آغا سليم جي هميشه لاءِ وڇوڙي جي افسوسناڪ خبر فيس بوڪ تي آئي، پهريائين اها خبر قدير شيخ جي وال تي نظر آئي. بعد ۾ سلطانه وقاصي جي وال تي. ”دور ٿيندا وڃن روز جوڳئيڙا“ جي عنوان سان محمد سليمان وساڻ پڻ آغا سليم بابت تفصيل سان خبر فيس بوڪ تي ڏني. منير سولنگي پير جو ڳوٺ ۾ رهندو هو. سندس ٻه شعري مجموعا شايع ٿيل آهن. ان سان گڏ هرمن هيس جي مشهور ناول ”سڌارت“ جو سنڌي ترجمو. منير سولنگي پيشي جي لحاظ کان ٽيچر هو. هو رسالن ۾ٿيندڙ ادبي بحثن ۾ به حصو وٺندو هو، پر ڪڏهن ڪنهن جي دل آزاد ڪا نه ڪيائين.
آغا سليم ڪجهه سالن کان بيمار رهندو آيو پئي تنهنڪري ورلي ڪنهن ادبي فنڪشن ۾ ايندو هو. مرزا غالب ۽ عمر خيام وانگر مئي جو متوالو، تنهن ويتر سندس صحت بگاڙي ڇڏي هئي ۽ ۸۱ سالن جي عمر ۾ سنڌيءَ جو هيءُ اعليٰ تخليقڪار ۽ نفيس شخص جدائي جو گهاءُ ڏيئي هليو ويو. پر آغا وقار چواڻي، جيڪو کيس ڪراچيءَ ۾ سندس فليٽ تي وفات کان هفتو اڳ مليو هو، آغا سليم تمام پراعتماد نظر پئي آيو. آغا وقار کي مرڪندي چيائين ”اڃا گهڻائي ڪم ڪرڻا آهن.“ پوءِ شيخ اياز جو نظم جهونگارڻ لڳو ”سو درد ها  سو سور ها، پر زندگي پيار هئي“ ائين چوندي سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا ۽ آغا وقار به روئڻهارڪو ٿي ويو هو. آغا سليم پنهنجي حالت کي ڏسي پروڙي ويو هو ته سندس وڌيڪ جيئڻ جا امڪان گهٽ آهن، جيتوڻيڪ هن وڌيڪ جيئڻ چاهيو پئي، زندگيءَ سان چاھ خاطر، ڪجهه وڌيڪ علمي ڪم ڪرڻ خاطر.
شهزادن جي صورت وارو خوبصورت قداوار ۽ هميشه مرڪندڙ آغا سليم شڪارپور ۾ ۱۹۳۵ع ۾ ڄائو ۽ اُتي ئي ڪاليج تائين تعليم حاصل ڪيائين. شروع ۾ سکر ۾ مختيارڪار ريهبليٽيشن (مهاجرن جي آبادڪاري) جي عهدي تي رهي ملازمت ڪيائين. اهو عهدو فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي عهدي وارو هو. پر نفيس طبيعت وارو آغا سليم(خالد سليم) ڪجهه عرصي کانپوءِ بيزار ٿي اها نوڪري ڇڏي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ پروگرام/ پروڊيوسر انچارج طور ڪم ڪرڻ لڳو. موسيقي ۽ ڊرامن جي اها دنيا کيس راس آئي ۽ گهڻو عرصو ريڊيو اسٽيشن تي ڪم ڪرڻ کانپوءِ ڊائريڪٽر جي عهدي تي پهچي رٽائر ٿيو. اُهو زمانو ريڊيو اسٽيشنن جي عروج جو زمانو هوندو هو. ٽيليويزن جي پهرين سرڪاري اسٽيشن پي ٽي وي تي گهڻو پوءِ ۱۹۶۸ع ڌاري قائم ٿي. ۱۹۹۰ع کانپوءِ جڏهن پرائيويٽ ٽي وي جون نيون چينلون کليون تڏهن سرڪاري پي ٽي وي جو به زوال اچي ويو. اُن کان گهڻو اڳ ريڊيو اسٽيشنن ۽ سئينمائن جو زوال اچي ويو. ان کان گهڻو اڳ ريڊيو اسٽيشن ۽ سئنيمائن جو زوال آيو. هاڻي ايف ايم ريڊيو اسٽيشنون هلن ٿيون، پر رڳو مقامي سطح تي.
منهنجي آغا سليم سان پهرين ملاقات حيدرآباد شهر ۾ ۱۹۶۳ع ڌاري هڪ مئخاني ۾ ٿي هئي. ان وقت هو سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيڪار طور مشهور ٿي چڪو هو ۽ سندس ڪهاڻيون ماهوار ”نئين زندگي“ ڪراچي ۽ ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿينديون هيون. مان اُن وقت ادب ۾نئون نئون قدم رکندڙ ۽ مشهور اديبن ۽ شاعرن سان ملڻ جو شوق رکندڙ هوس. ممتاز مرزا سان به اُن وقت ملاقات ٿي هئي. ٻيئي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ڪم ڪندا هئا، اهو سندن ڦوھ جوانيءَ جو دور هو، جوان جذبا جوان ارادا، ان وقت جي حيدرآباد به پنهنجي جوڀن تي هوندي هئي. ڪراچيءَ وانگي حيدرآباد شهر ۾ به ڊبل ڊيڪر بسون هلنديون هيون ۽ اسٽيشن روڊ کان تلڪ چاڙهيءَ تائين هر طرف ايراني ريسٽورينٽن ۽ ڪيفيز جي ڀرمار ۽ چانهن جي هيراڪن جا ميڙ هوندا هئا. ڪنڊ پاسي ۾ ڪو نه ڪو مئخانو به کليل ۽ ريشم ڳليءَ پاسي حسن جي بازار.
آغا سليم جنهن سان به پهريون دفعو ملندو هو ۽ ڪچهري ڪندو هو، هن کي ڪڏهن به وسارينديو ڪو نه هو. بلڪه جڏهن به ملندو نالو وٺي ملندو ۽ مرڪي شڪارپوري لهجي ۾ چوندو ”من ڪاٿي آن؟“ غالبن ۲۰۱۴ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ لاءِ هڪ نئين صلاحڪار ڪميٽي ٺاهڻ جي رٿ آغا سليم کي سونپيل هئي. آغا سليم انهيءَ ڪميٽي ۾ منهنجونالو به ميمبر طور شامل ڪيو هو ۽ انهيءَ تقريري جو هڪ ليٽر بورڊ طرفان مونکي به مليو هو. پر ڪنهن سبب ڄام شوري ۾ ٿيندڙ انهن ميٽنگن ۾ مان شرڪت ڪري نه سگهيس ۽ ائين ئي سنڌي ادبي بروڊ ۾ نوان ڦيرا گهيرا اچڻ لڳا. ڀايان ٿو ته آغا به پنهنجي ذاتي علمي ۽ تحقيقي ڪمن کي وڌيڪ وقت ڏيڻ لڳو. سندس آخري دور گهڻوڪري شاھ لطيف تي تحقيقي ڪم، تصوف بابت تحقيقي ڪم، شيخ اياز متعلق ڪم ۽ خاص طور شاھ لطيف کي انگريزيءَ ۾ منظوم نموني پيش ڪرڻ جو سهرو آغا سليم تي آهي. سنڌيءَ ۾ شاھ متعلق سندس ڪتاب ”لات جا لطيف جي“ غم جي موضوع تي فلسفياڻي سطح جو اهم ۽ نرالو ڪم آهي. آغا سليم اردوءَ ۾ به شاھ تي تحققي ڪم ڪيو  ۽ منظوم ترجما ڪيا.
مون کي تمام افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته آغا سليم هڪ سنڌي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس طور ايترو ته وڏو نالو آهي جو سندس تخليق تي سندس حياتي ۾ گهڻو ڪجهه لکڻ کپندو هو، پر مون سميت ڪنهن به نقاد آغا سليم تي خاص طرح ڌيان ڏيئي سندس تخليقي گُڻن ۽ اظهار بيان تي تفصيل سان ڪم ڪو نه ڪيو. سچ پچ آغا سليم جي حوالي سان ساڻس  ادبي بي رُخي وارن ورتاءُ تي مان پاڻ کي ڏوهاري محسوس ڪريان ٿو ۽ سنڌي ادبي سنگت سميت انهن سڀني علمي ادبي ادارن تي به جن ڪڏهن به آغا سليم سان وڏي پئماني تي شام نه ملهائي، نه سندس فن ۽ فڪر تي ڪو ورڪ شاپ يا سيمينار ڪوٺايو. سندس وفات کانپوءِ رسمي گڏجاڻيون سندس ياد ۾ ڊزنن جي حساب ۾ ٿينديون رهنديون پر افسوس ته کيس سندس حياتيءَ ۾ خراج تحسين پيش نه ڪيوويو جنهن هو  واقعي حقدار هو.
آغا سليم ڪهاڻيڪار، ناولنويس، محقق ۽ مترجم سان گڏوگڏ هڪ سٺو شاعر به هو. هن نهايت پياري ۽ نغمگيءَ سان ڀريل شاعري ڪئي آهي، پر نه ڄاڻ ڇو هو پنهنجي شاعريءَ کي ترتيب ڏيئي مجموعي جي صورت ۾ آڻي نه سگهيو؟ منهنجي ڄاڻ موجب سندس ڇپيل ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي (۱) روشني جي تلاش (ناول)، (۲) چنڊ جا تمنائي (ڪهاڻيون) ۱۹۶۷ع، (۳) لذت گناھ(ڪهاڻيون)، (۴) اونڌاهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)، (۵) درد جو شهر (ڪهاڻيون)، (۶) همه اوست (ناول)، (۷) اڻ پورو انسان(ناول)، (۸) ڍولا مارو (تحقيق)، (۹) بابا فريد (تحقيق)، (۱۰) صدين جي صدا (شيخ اياز متعلق اڀياس)، ان کانسواءِ اردو ۽ انگريزي ۾ شاھ ۽ ايازي تي ڪيل ڪم ۽ منظوم ترجما، ممڪن آهي ته سندس اڻڇيپل وڌيڪ مسودا ڪن اشاعتي ادارن وٽ يا آغا سليم جي ذاتي فائيلن ۾ موجود هجن، جن کي پڻ جلد ڇپرائڻ گهرجن ۽ سندس اڻڇپيل شاعريءَ ۽ رسالن ۾ ڇپيل شعرن جو مجموعو پڻ.
آغا سليم پنهنجي ڪن ويجهن اديبن متعلق خاڪا به لکيا. تنوير عباسي ۽ نسيم کرل تي لکيل سندس خاڪا  انهن جي شخصيتن ۽ تخليقي قوتن جو ڀرپور اظهار ڪن ٿا. شيخ اياز به شڪاپوري هو ته آغا سليم به شڪارپوري، پر ٻنهين جي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪراچيءَ ۾ گذريا. آغا سليم هڪ تقرير ۾ شيخ اياز کي ياد ڪندي چيو  هو ته : اڄ جڏهن مان اياز جي ورسيءَ تي سندس باري ۾ ڳالهايان پيو ته ائين ٿو لڳي ڄڻ اياز پرھ ڦٽيءَ جو شڪارپور جي شاهي باغ جي گلن جي سرهاڻ ۾ ماڪ ڀنل چانڊوڪيءَ ۾ وهنتل رات جو لب مهراڻ وٽ، ڄامشوري جي هٻڪاريل هوائن ۾، ڪراچيءَ جي سمنڊ تي ٽُٻي هڻندڙ سج ڏانهن ڏسندي اسان سڀني کي چوي ٿو ته الوداع.......ٿو موڪلايان الوداع“
”سو درد ها، سو سورها، پر زندگي پيار ي هئي
اڌ رات جو ٻٻرن مٿان، ڇا چاندني پياري هئي
اي سنڌ توکي الوداع، اي هند تو کي الوداع
تو ۾ هيو سارو جڳت، اي جند توکي الوداع. (شيخ اياز)
آغا سليم به ڪيتري نه پياري شاعري ڪئي آهي
”شهر تان لهندي وڃي ٿي، اُ س پوئين پهر جي“
هر گهٽي ويران آهي، اڄ ته دل جي شهر جي
ڏس ته ڪيئن اڏريو پکيئڙو ۽ لڏي ٿي خالي لام
شهر دل تي آهي پکڙي، اڄ خزان جي پيلي شام
ڪير مون ڏي موڪلي ٿو، زرد پتن جا پيامِ صبح شام
آغا سليم به پيار جو پکيئڙو هو، جيڪو هميشه لاءِ اُڏري ويو ۽ پنهنجي پريمين کي اُداس ڪري ويو، خزان جي پيلي شام جهڙي اُداسي! سندس مرڪندڙ چهرو، مٺڙيون ڳالهيون نزاڪت ڀريو ورتاءُ هميشه ياد رهندو ۽ ڇڏي ويل سندس ادبي تخليقون ۽ لکڻيون پڻ، آغا سليم متعلق  عبدالرزاق ”راز“ جو لکيل خاڪو جيڪو هن ۱۹۷۱ع ۾ لکيو هو، هڪ يادگار خاڪو آهي، ٻيهر پڙهڻ جهڙو آهي.
”شايد ۱۹۵۴ع جو زمانو هو، بشير مورياڻي، هڪ صحتمند، مضبوط ۽ سهڻي نوجوان سان گڏ اچي منهنجي اوطاق تي پهتو. اجنبي نوجوان قدو قامت جو گهڻو ڊگهو، پر جسم ۾ ڀريل هو جنهن ڪري ڊولائتو ٿي لڳو، جيتوڻيڪ هو عمر جي لحاظ کان قد ۾ وڌيڪ لمبو ٿي نظر آيو. خدانخواسته جسم تي ڳر ۽ ماس نه هجي ها ته هو حقي جي گوءِ وانگر ترل لڳي ها سکر پراڻي جا ڇوڪرا ۽ نوجوان کيس عجيب الخلقت سمجهي منهنجي اوطاق جي گهيراءُ ڪري ڇڏين ها. هو سچ پچ مناسب بدن جو مالڪ هو. سندس رنگ سُرخي مائل اڇو هو. جيتوڻيڪ سندس اکيون هنجي موڪري منهن جي ڀيٽ ۾ ننڍيون ۽ سنهيون ٿي لڳيون تڏهن به سندس چهري جي تازگيءَ ۽ شگفتگي انهيءَ عيب کي لڪائي ڇڏيو هو. هن جو شمار سدا سهڻن ۾ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن هٿ ڏيئي مليو ته سندس گلابي چپن تي هڪ وڻندڙ مرڪ هئي ۽ جڏهن بشير تعارف طور آغا سليم چيو ته مون وري ڏانهنس نهاريو هن جي مرڪ کل ۽ بدلجي وئي بالڪل بي تڪلفانه کل. جنهن ڪري سندس ڳلن جو ماس مٿي چڙهي ويو ۽ انهيءَ چرپر ڪري سندس اکيون ٻوٽجڻ جي پوئين ڊگري تي وڃي پهتيون.
مان ڏڪي ويس، سندس ڳلن جي ڳاڙهاڻ به سندس هر هڪ ڳٽي جي وچ ۾ ڳاڙهو رت جو داغ بڻجي پيئي. سچ پچ ته مونکي اها کلندڙ صورت بنهه ڪانه وڻي ۽ چاهيم ته هي جوان کلڻ جي بدران رڳو مرڪندو رهي ته گهڻين سهڻين ۽ زليخائن جا هانوَ هٿن کان ڇڏائجي ويندا. هو سچ پچ وڻڻ جهڙي چيز هو. نئين جواني ۽ نئون رت، تنهن ڪري سندس سڀاءُ ۾ الهڙپائي محسوس ڪيم. هو شاگرد هو زماني جي گردش جي هوا کان بلڪل محفوظ ۽ بي نياز هو. هن جا بزرگ ڪابل قنڌار کان گهوڙن تي چڙهي سنڌ ۾ آيا هئا. جابلو ماڻهو هئا شڪارپور ۾ گهر ٺاهي ويهي رهيا. سنڌ جو پاڻي پي سنڌي بڻجي ويا، آغا کي سنڌي ڪوٺائڻ تي فخر آهي. ريڊيو پاڪستان واري آغا خالد سان  منهنجي پهرئين ملاقات اهڙي ڊرامائي تاثر سان ٿي.
انهيءَ زماني ۾ منهنجن افسان جو مجموعو ”ڊاڪ بنگلو“ ۽ شيخ اياز جو ”پنهل کانپوءِ“ شايع ٿيا هئا.  آغا سليم انهن افسانن جي فني نڪتن تي خيال آرائي ڪرڻ لڳو. سندس ڳالهائڻ مان محسوس ڪيم ته نوجوان کي ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ جي چڱي سڌ ٻڌ آهي. ٻن اڍائن ڪلاڪن جي تفريحي ۽ ادبي ڪچهري کانپوءِ هو موڪلائي شڪارپور موٽي ويا ۽ مان آغا سليم جي تبصري تي سوچيندي انهيءَ نتيجي تي پهتس ته اهو نوجوان ادبي دنيا ۾ هڪ موثر ڪم جي لائق بڻبو. زنده دل ۽ خوش طبع هجڻ ڪري سندس هر ڳالهه ۾ ظرافت ۽ ذهانت ٿي بکي. ان کانپوءِ آغا سليم سان ڇهين ٻارهين مهيني ملاقات جو اتفاق ٿيندو هو سو به سرسري شايد هو ريهبليٽيشن مختيارڪار هو واٽ ويندي ساڻس ملاقات ٿي. آغا جا مون سان ڪي ذاتي تعلقات ڪو نه هئا. تنهن ڪري مون اهڙين واٽ ويندڙ ملاقاتين کي خير خريت تائين ٿي نباهيو، البته جيڪڏهن هو بشير مورياڻي سان گڏ هوندو هو ته هو به بيڌڙڪ پنهنجو حق سمجهي هليو ايندو هو ۽ مان سندس فراخدليءَ سان آجيان ڪندو هوس. جن سان سنگت هوندي اٿم انهن کي واٽ ويندي پڪڙي وٺندو آهيان.
”سدورو ٻار پينگهي ۾ پڌرو“ جي مثال مون آغا سليم ۾ ادبي صلاحيت ان وقت محسوس ڪئي جڏهن هن مون سان پهرين ملاقات ڪئي هئي. غالبن هو ان وقت فرسٽ يئير جو طالب علم هو. هو مونکي جڏهن به مليو سندس ڇپن تي ساڳي مرڪ ۽ سندس کلڻ ۾ نئين تازي زندگي هوندي هئي. سندس صاف سٿري ۽ ڌوتل پوتل مسڪراهٽ سچ پچ دل کي وڻندي هئي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد  جي ملازمت وقت ساڻس سال ۾ ٽي چار ڀيرا ملاقات جو اتفاق ٿيندو هو. مان گهڻو ڪري الياس عشقيءَ وٽ ويهندو هوس ۽ جڏهن آغا کي خبر پوندي هئي ته هو وڏي چاهھ مان اچي اسانجي ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيندو هو. مان ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو پاڪستان ۾ پهچڻ کانپوءِـ رسمي طور سڌو آغا جي آفيس ۾ ويندو هوس ۽ ساڻس گڏجي عشقي صاحب وٽ ايندا هئاسي. عشقي وٽ جيڪڏهن محنت جا مڻ هئا ته آغا وٽ به سڪ جا سير هئا. تنهن ڪري انهن ٻنهي سان گڏ رهاڻيون ڪندي حيدرآباد ۾  ٻن چئن ڪلاڪن جو قيام مزي سان گذرندو هو ۽ ريڊيو پاڪستان منهنجي لاءِ ڪشش جو باعث بڻيو هو. ريڊئي تي ٻيا به شفيق ساٿي هئا پر انهن سان ذاتي تعلقات ڪو نه هئا. جنهن ڪري انهن سان ڇڙي عليڪ سليڪ ٿيندي هئي اهي به قربائتا جوان هئا. پر ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ اچي بوءِ بهار جي. مان ته بوءِ جو متلاشي آهيان.
هن وقت آغا سليم هڪ مشهور ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻيون فڪري ۽ فني اعتبار کان اڪثر وڻندڙ ۽ معياري هونديون آهن. هو سال ڏيڍ اڳ ڪراچيءَ جي ريڊيو اسٽيشن تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز هو. مان دستور موجب وئڪيشن ۾ ڪراچي ويل هوس. ان زماني ۾ آغا سان سندس آفيس ۾ اڪثر ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون. هڪ ٻه ڀيرو هو مون سان به ملڻ آيو جتي مان کيس پنهنجا نوان غزل ٻڌايا. سڀاويڪ هن جي شعر سان گهٽ دلچسپي آهي. مون کيس ننڍي بحر وارا اهي غزل ٻڌايا جن ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيل هئا. هن جي دلچسپي ڪجهه وڌڻ لڳي، جنهن ڪري انهن مجلسن جو رنگ وڌڻ لڳو. هو هڪ مڪالمه نگار آهي هو فلمي ڪهاڻين جي مڪالمن کي تيار ڪندو آهي. آغا ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن. منجهس اخلاقي سان گڏ خلوص به آهي. مون سان سکر اچڻ جو وعدو ڪري به هو ڪڏهن سکر نه آيو آهي، جيتوڻيڪ هنجو شڪارپور اچڻ وڃڻ اڪثر ٿئي ٿو. بهانن ٺاهڻ جو استاد آهي. هن ۾ فڪر جو شعور پختو آهي هو ادب جي بنيادي قدرن کان به واقف آهي تنهن ڪري هو جدت ۽ روايت جي امتزاج جو حامي آهي. ڪڏهن مان ائين محسوس ڪندو آهيان ته هو ٿاٻڙجي پيو آهي پر وري گهڙي کن کان پوءِ ڏسندو آهيان ته هو پاڻ سنڀالي وٺندو آهي. چوندا آهن ته آغا ڊراما به لکيا آهن جن کي اسٽيج ڪرايو ويو. اخبارن ۾ تبصرا پڻ شايع ٿيا ليڪن مون نه ڏٺا جنهن ڪري سندس ڊرامن تي مان ڪجهه چئي نٿو سگهان.
ٻه سال کن ٿيندا آغا ”سهڻي“ ۾ هڪ ناول جو سلسلو شروع ڪيو. پهرئين قسط شايع ٿي. موضوع جي اعتبار کان اهو هڪ تاريخي ناول آهي. باوجود بعض ڪمزوريون جي ناول جي پهرئين قسط مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. ناول لاءِ شايد سنڌ جي ڌرتي واياسي رهي آهي. هتي سالن ۾ ناول لکيو ويندو آهي تنهن ڪري سنڌي ادب ۾ ناول نويسين جي اڻاٺ آهي. آغا جي ناولي قسط کان متاثر ٿي مون باقاعدي ناول لکڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ جي مختلف ڪڙين کي سلسليوار جوڙڻ جي ڪوشش ڪيم. ان ناول کي پوري ڪرڻ ۾ مونکي ڇهن مهينن جو عرصو لڳي ويو. حالتن اجازت ڏني ته ان کي پهرئينءَ فرصت ۾ ڇپائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ خواهش اٿم ته اهو آغا جي نالي منسوب ڪريان.
آغا سليم سان ڪيتري عرصي کان ملاقات نه ٿي آهي. پويون ڀيرون مان کيس حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي مليو هوس. مون ساڻس ان ملاقات ۾ پنهنجي ناول جي مسودي جي ذڪر ڪيو هو ۽ کيس ٻڌايو هيم ته سندس ناول نويسي جي شوق منهنجي شوق کي جرڪايو  هو. هو ڏاڍو کليو ۽ کلڻ مهل سندس ٻنهي واڇن جي ڪنڊن مٿان گهنج پئجي ويا سندس اکيون پورجي ويون. نوجواني وارا اهي ڳاڙها داغ سندس ڳلن تي نه ڏٺم ۽ منهن تي گهنجڙيون. هو پنهنجي عمر کان وڏو ڏسڻ ۾ آيو. سمجهيم ته دنيا جي نشيب و فراز سندس چهري جي لالائي ۽ سندس ڳلن جي سرخي کي چوسي ڇڏيو آهي.“
”ماءُ کاهوڙي هليا، دکائي دونهان“



آغا سليم
همعصرن ۾ منفرد حيثيت وارو ليکڪ
جمع ۱۵ اپريل ۲۰۱۶ع
نصير مرزا
آغا سليم سنڌي افسانوي ادب جو پُرجلال ۽ پُرجمال چهرو آهي. بلند ڪهاڻيڪار، سربلند ناول نويس، اعليٰ ناٽڪ نگار، ڀٽائي صاحب، سچل سرمست ۽ ساميءَ جو انگريزي مترجم ۽ محقق. علاوه ازين ننڍي کنڊ جي موسيقيءَ جو پارکو، جنهن پنهنجي تخليقي لکڻين ۾ رومينس، تصوف ۽ انقلاب کي آدرش بڻايو ۽ رومانوي رنگ سان پنهنجي افسانوي ادب جي اُڻتڪاري ڪئي. هو پهريون اهڙو افسانه نگار آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي افساني، ناول ۽ ڊرامي کي تاريخ، فلسفي، وطن پرستي ۽ ڪلاسيڪل ورثي جي وارثي سان متعارف ڪرايو، سينگاريو... ۽ بطور وطن پرست فڪشن نگار جي، پنهنجي مڙني همعصرن ۾ منفرد حيثيت سان اُڀري سامهون آيو. سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل اثاثي کي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ متعارف ڪرائڻ آغا صاحب جو ٻيو اهم ڪارنامو آهي. ساڳئي وقت هُن بابا فريد گنج شڪر جا دوها پڻ پهريون ڀيرو هندي ۽ پنجابيءَ مان سنڌيءَ ۾ آندا ۽ گڏوگڏ بابا گُرو نانڪ جي ٻاڻين، ڪبير داس جي دوهن، ميرا ٻائيءَ جي ڀڄنن، خان خانان جي ڪلام ۽ ننڍي کنڊ جي اهڙي ٻئي عظيم تخليقي اثاثي ۽ ورثي کي سنڌي ٻولي ۾ شيئر ڪيو ۽ صرف ايترو ئي نه، هن جديد ڪلاسڪس ۽ سنڌ جي مائل اسٽون شاعر شيخ اياز کي پڻ هڪ نئين رُخ سان دريافت ڪيو ۽ جيئن شاهه صاحب بابت ڪتاب ”لات جا لطيف جي“ لکيو...ايئن ئي شيخ اياز بابت ”صدين جي صدا“ جهڙو ڪتاب لکيائون. هي ٻئي ڪتاب آغا صاحب جي قلم جا ٻه نوان ڪرشما آهن. هتي اهو به آگاهه رهجي ته برابر تصوف جي رمز، جنم جنم کان سنڌي شاعري ۾ شامل پئي رهي، پر افسانوي نثر ۾ تصوف جي رمز سڀ کان اول آغا سليم صاحب ئي رائج ڪئي! منهنجي اندازي موجب اهڙي ابتدا هن پنهجي ناول ”همه اوست“ سان ڪئي آهي. صوفي شاهه عنايت شهيد، شاهه لطيف، مخدوم معين الدين ٺارو...۽ هي سڀ معزز هستيون پهريون ڀيرو ان ئي ناول ۾ نمودار ٿيون هيون. انهن سان گڏ پهريون ڀيرو افسانوي ادب ۾ تصوف سان گڏ سنڌ سان لاڳاپيل فڪري موضوع پڻ آغا صاحب ئي متعارف ڪرايا. ظاهر آهي، انهن سڀني موضوعن تي لکڻ لاءِ بي پناهه ڄاڻ ۽ مطالعي جي ضرورت هئي، جنهن لاءِ آغا صاحب جو يقينن ته وڏو هوم ورڪ ٿو ڏسجي.
منهنجو مشاهدو آغا صاحب بابت هي به ته سندن شخصيت ۾ وجاهت کانسواءِ ٻي جيڪا شئي نمايان...اها سندس سڀاءُ جي ارڏائي آهي. ريڊيو ۾ سندن ڪيريئر جي ابتدا پروگرام آرگنائيزر جي حيثيت ۾ ٿي، جتي سندن ارڏائيءَ جا قصا مون پنهنجن سينيئرز کان ٻُڌا ۽ بارها ٻُڌا...يعني پاڻ ايڏا ته هوڏي، ضدي جو جيڪا ڳالهه ناپسند...ته پنهنجي Bosses سان به مدِ مقابل...۽ ان ڪري پنهنجي ۳۲ سالا سروس دوران ٽرانسفرز به سندن جام ٿيا. ڪڏهن حيدرآباد، ڪڏهن پنڊي، ڪڏهن ملتان ته ڪڏهن وري اسلام آباد، ڪڏهن اسڪردو، ڪوئيٽا ۽ گلگت. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي صلح ڪُل سڀاءَ کي ڏسي چوندا رهندا اٿم. ”اڙي من! آفيسرن سان سمجهوتو ڪري هڪ ئي هنڌ نوڪري ڪري عمر ڳاري ڇڏيئي.“ خير، حيدرآباد اسٽيشن تي پوسٽنگ دوران ۱۹۷۸ع ڌاري پنهنجي آئوٽ اسپوڪن گفتگو جي ڪري نارا جيل جي هوا به ته پاڻ کائي آيا هئا، پر ڪهڙي ڏوهه ۾!؟ ۽ ان جو بيان پوءِ ڪڏهن...آغا صاحب برابر ته پنهنجي پوسچر ۾ هٺيلا ۽ ايروگينٽ، پر جن جن يارن لاءِ وٽن دل ۾ Soft ڪارنر... پاڻ اهڙي هر شخص لاءِ جهڙا شڪارپور واري ٺاڪر داس جا ٿڌا مٺا فالودا...جي ها! بيحد مٺا ۽ رس ڀريا...۽ سڀ ڄاڻن ٿا سنڌ ۾ پنهنجن همعصر ڪهاڻيڪارن جي ڀيٽ ۾، آغا صاحب...هاڻي محض ڪهاڻيڪار يا فڪشن رائيٽر ئي نه...محقق، مترجم ۽ موسيقيءَ جي ماهر طور به همعصرن کان ٻه وکون اڳتي ئي نظر اچن ٿا، خاص ڪري شاهه سائين، شاهه عنايت رضويءَ، سچل سرمست ۽ ساميءَ بابت انگريزيءَ ۾ ڪيل سندن ڪم ادبي دنيا ۾ کين هڪڙي الڳ مقام تي آڻي بيهاريو آهي.
اهڙي ڪم آڌار سندن شمار اڄ سنڌ جي انهي اڻٿڪ ليکڪ طور ٿئي ٿو، جنهن ۶۴ ورهين کان مسلسل لکيو آهي. سندن اهڙي ڀرپور ڪم جي مڪمل ڪَٿَ...پڪ سان ته مستقبل جو ئي ڪو مؤرخ ڪندو، البته منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته دورِ حاضر ۾ آغا سليم صاحب سنڌي ٻوليءَ جي انهن معتبر هستين جي قطار ۾ بيٺل آهي، جيڪا قطار ڀٽائي صاحب کان شروع ٿئي ٿي ۽ جنهن قطار ۾ قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ جمال ابڙي صاحب جهڙيون معتبر هستيون چِٽيون پِٽيون نظر اينديون اٿم.
آغا سليم افسانه لکڻ جي ابتدا ۱۹۵۲ع- ۱۹۵۳ع ۾ ڪئي، ۽ هن جو پهريون افسانو ”آهه! اي ظالم سماج“ هالا مان جاري ٿيندڙ رسالي ”فردوس“ ۾ شايع ٿيو. آغا صاحب جي تصنيفن ۾ ”لذتِ گناهه“، ”چنڊ جا تمنائي“ (ڪهاڻيون ۱۹۶۳)، ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ (ناول ۱۹۷۸)، ”روشنيءَ جي تلاش“ (ناوليٽ اپريل ۱۹۸۰)، ”درد جو شهر“ (ڪهاڻيون) ”همه اوست“ (ناول ۱۹۸۵) ”پنَ ڇڻ ۽ چنڊ“ (شاعري نومبر ۱۹۸۶) ”پٺاڻ“ (ذاتيون)، ”ڌرتي روشن آهي“ (ڪهاڻيون)، ”اڻ پورو انسان“ (ناول)، ”ڍول مارو“ (تحقيق)، ”لالن لعل لطيف ڪهي“ (شاهه لطيف جي واين جو منظوم اردو ترجمو) ”بابا فريد گنج شڪر“ (ترجمو، تحقيق ۽ شاعري ۱۹۸۴)، ”رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (ترجمو ۲۰۰۰)، ”صدين جي صدا“ (شيخ اياز جي شاعري جو اڀياس ۲۰۰۵)، ”Melodies of shah latif“ (انگريزي ۾ ترجمو ۲۰۰۸-۲۰۰۷)، ”لات جا لطيف جي (۲۰۰۸)“، ”ڊراما آغا سليم جا (۲۰۰۹)“، ”سچل سچ هي سارا“ (سچل سائين بابت تحقيق ۽ ترجما ۲۰۱۰) ”جهولي لال (سفرنامو ۲۰۰۰)“، The Poetry and Mystic)، ”سنڌي موسيقي...رسالي جا سُر (۲۰۱۱Thought of Shah Abdul Latif Bhitai(2012، Alexanders Conquest of Indus Valley (2014)
آغا صاحب ٽي وي ڊراما به لکيا، جن ۾خواب جو سورج (۱۹۷۰ هدايتڪار عبدالسميع بلوچ)، گل ڇنو گرنار جو (۱۹۷۱ هدايتڪار عبدالڪريم بلوچ)، بدمعاش (۱۹۷۱ جمال ابڙي جي ڪهاڻي)، پرهه جا مسافر (۱۹۷۲)، سک جي وستي (۱۹۷۴ هدايتڪار غلام حيدر صديقي)، درد جا پڙلاءُ (۱۹۷۳ هدايتڪار هارون رند)، ٽيليفون (۱۹۷۴ هدايتڪار ذوالفقار نقوي)، بُري هن ڀنڀور ۾ (۱۹۷۶ هدايتڪار هارون رند)، اڻ کٽ فاصلا (۱۹۷۶ هدايتڪار منظور قريشي)، ماٺار (۱۹۷۷ هدايتڪار مرغوب احمد صديقي)، پوياڙي جا پاڇا (۱۹۷۷ هدايتڪار هارون رند)، چانڊوڪيءَ جو رهبر (۱۹۷۷ هدايتڪار هارون رند)، پورٽريٽ (۱۹۷۷ هدايتڪار هارون رند)، تماشو (۱۹۷۹ هدايتڪار هارون رند)، ڪيڏا سپنا ڪيڏا خواب (۱۹۸۱ هدايتڪار هارون رند)، سرابن جا مسافر (۲۰۰۲ هدايتڪار سميع بلوچ). آغا صاحب کي جيڪي ايوارڊ مليا، تن ۾ شاهه لطيف ايوارڊ ۲۰۰۶ع. تمغهءِ حُسن ڪارڪردگي ۲۰۱۳ع، ۽ ٻيا لاتعداد ايوارڊ شامل آهن. آغا صاحب جن فلمن جون ڪهاڻيون، ڊائلاگ ۽ اسڪرين پلي لکيا، تن ۾ چانڊوڪي، سورٺ، محبوب مٺا، ڌرتي لال ڪنوار ۽ رت جا رشتا وغيره شامل آهن.



آغا سليم
ماءُ کاهوڙي هليا، دُکائي دُنهان!
اربع ۱۳ اپريل ۲۰۱۶ع
جامي چانڊيو
سنڌ ۾ سُٺيون خبرون اچڻ جي مُند ڄڻ ته موڪلائي وئي آهي. روز ڪا نه ڪا خبر ڪاريهر بڻجي سنڌ جي روح ۽ وجود کي ڏنگي ٿي. سائين آغا سليم جي وڇوڙي جي خبر به اهڙي ئي هڪ ڏکوئيندڙ خبر آهي، جيڪا ڇيت بڻجي سنڌ جي هنيانءَ ۾ کُپي وئي آهي. هو رڳو هڪ فرد ٿوروئي هو، جديد سنڌي ادب جو هڪ وهائو تارو، سگهارو آواز ۽ ڏاهپ جو املهه خزانو هو. جنهن جنهن ماڻهوءَ آغا سليم کي زندگيءَ ۾ پڙهيو، کانئس سِکيو ۽ ساڻس رهاڻيون ڪيون، انهن کان سنڌ جو هيءُ تخليقي ڏاهو انسان ڪڏهن به وسري نه سگهندو. هونئن ته سنڌ جي ادبي تخليقي ڪُکِ هميشه سائي رهي آهي پر ۱۸ هين، ۱۹ هين ۽ ويهين صدين ۾ سنڌ جو ادبي اتهاس انهن بلندين کي رسيو، جنهن جو اڳ ڪو مثال نٿو ملي. سياسي طرح اِهو سنڌ جي زوال جو دور ۽ ادبي طور اهو سنڌ جي عظمتن جي بلندين جو دور رهيو. انهن ٽن صدين ۾ ارڙهين صديءَ ۾ لطيف سائينءَ کي ڇڏي ڪري، ويهين صديءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ هڪ غيرمعمولي ادبي دور آيو، جيڪو ڪشنچند بيوس، عبدالڪريم گدائيءَ، ڪاڪي ڀيرومل، گربخشاڻيءَ ۽ نادر بيگ مرزا کان ٿيندو شيخ اياز ۽ سندس انيڪ همعصرن جي صورت ۾ سنڌ ۾ جديد، روشن خيال، وطن دوست ۽ ڏاهپ ڀريي ادبي دور جي هڪ نئين دنيا تخليق ڪري ويو. آغا سليم ان دور جو هڪ اهم ترين نالو ۽ حوالو آهي. شڪارپور جي ته ڪا مٽي ئي تخليقيت مان ڳوهيل آهي، جنهن ساميءَ، کيئلداس فانيءَ، شيخ اياز ۽ آغا سليم جهڙن وڏن ۽ غيرمعمولي تخليقڪارن کي جنم ڏنو. ويهين صديءَ ۾ اهو هڪ نسل هو، جنهن مان هڪ هڪ ماڻهوءَ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ سنڌ جي تخليقي سينڌ سنوارڻ ۾ وَسان گهٽائڻ ته ڇا پر پنهنجون حياتيون علم، ادب، فن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ارپيون. سنڌ جي انهن عاشقن مان هڪ وڏو نالو آغا سليم جو هو، جنهن کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، شاهه لطيف، تصوف، بابا فريد ۽ آرٽ سان نه رڳو عشق هو پر اِها ئي هن جي زندگي هئي، اِهي موضوع ۽ محبتن جا محور سندس زندگيءَ جا روح پرور استعارا هئا. استعارا ڇا، هو انهن سان گڏ جيئندو هو، ساڻن گڏ ساهه کڻندو هو، ساڻن روح جون رهاڻيون ڪندو هو، کانئن اُتساهه وٺندو هو ۽ انهن بابت سوچڻ، تخيل ۾ رهڻ سان گڏ، کين من جي گهرائين سان محسوس ڪندو هو. هو جيئن ته بنيادي طور وحدت الوجودي هو، ان ڪري هن سنڌ، شاهه لطيف، تصوف، سنڌي ٻوليءَ ۽ بابا فريد جهڙن شاعرن سان پنهنجي روح ۽ خيال جي وحدت جو رشتو جوڙي، هن پنهنجي زندگيءَ، فن، قلم ۽ فڪر کي جيڪا معنويت بخشي، ان کيس سنڌ جو آغا سليم بڻائي ڇڏيو، جيڪو سنڌ کان ڪڏهن به وسري نه سگهندو ۽ نه ئي ڪو سندس جاءِ والاري سگهندو، جو هو پنهنجي مزاج، سوچَ، اَکِ ۽ خيال جي اُڻتِ ۾ هڪ بِنهه نرالو ۽ يگانو ماڻهو هو. آغا سليم جا هيٺيان حوالا سنڌي ادب جي حوالي سان کيس جديد سنڌي ۾ اُها جاءِ ڏين ٿا، جيڪا سندس هم عصرن مان گهٽ اديبن جي حصي ۾ آئي. مان نئين نسل کي هن سان متعارف ڪرائڻ لاءِ هتي ڪجهه نقطا ۽ خيال ونڊڻ چاهيان ٿو.
(۱) جيتوڻيڪ آغا سليم شاعري به ڪئي پر هو بنيادي طور هڪ ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار هو. شاعريءَ جي حوالي سان کيس وڏي پايي جو شاعري شناس شخص سڏي سگهجي ٿو. سندس ناولن ۾ ”همه اوست“ ۽ ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ اُهي ڪتاب آهن، جن پنهنجي دور تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ ڪيترائي نسل انهن مان اتساهه وٺندا رهيا. مون اُهي ٻئي ناول اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهيا ۽ آغا سليم جي جمالياتي ٻولي ۽ سندس گهرو تخيل اهڙا ته سحر انگيز هئا، جو ماڻهو کيس پڙهندي ڪجهه وقت لاءِ ته پنهنجي وجود کان ئي ويڳاڻو ٿي ويندو آهي. انهن ناولن ۾ هن پنهنجي قلم جي جادوءَ ۽ اثرانگيزيت جي آسمانن کي ڇُهيو. جيتوڻيڪ آغا سليم جا ادب جي ٻين شعبن ۾ به وڏا غيرمعمولي ڪم ٿيل آهن پر سندس سڃاڻپ وري به سڄي ڄمار ”چنڊ جا تمنائي“، ”همه اوست“ ۽ ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“  ئي رهيا. بعد ۾ ڪڏهن ڪڏهن هو ان تي چڙي به پوندو هو ته منهنجا ٻيا ڪم وڌيڪ معياري آهن، پر آخر ماڻهو مون کي صرف انهن ناولن ۽ ڪهاڻين جي حوالي سان ئي ڇو ٿا سڃاڻن؟ ڪڏهن ڪڏهن ڪي تخليقون اديبن جي سڃاڻپ ۽ سندن ذات جو حوالو بڻجي وينديون آهن، ماڻهن کان اُهي اديب وسري ويندا آهن پر کانئن اُهي تخليقون ناهن وسرنديون. هومر جي اڄ تائين ڪا خبر ناهي ته هو اصل ۾ ڪير هو پر سندس ”ايليڊ“ ۽ ”اوڊيسي“ لافاني آهن. يوناني ناٽڪ نويس اسڪائي ليس ماڻهن کي ڀل ياد نه هجي پر سندس عظيم ناٽڪ “Prometheus Bound” اڄ به جيئرو آهي. يوناني ناٽڪ نويس يوريپيڊس لاءِ ٽالسٽاءِ چيو هو ته سندس هڪ ناٽڪ ”ميڊيا“ سموري روسي ادب تي حاوي آهي. ورجينا وولف جو ناول ”ٽو دي لائٽ هائوس“، هنرڪ ابسن جي ناٽڪ ”گُڏين جو گهر“، وڪٽر هيوگو جي ناول ”لي مزر ايبلس“، جنهن کي بالزاڪ ٽالسائي جي ”جنگ ۽ امن“ کان به وڏو ناول قرار ڏنو هو، ايمائل زوالا جي ناول ”نانا“، بالزاڪ جي ”پوڙهو گوريو“، گستائو فلائوبير جو ”هڪ رانديگر جا خاڪا“، دوستو فسڪيءَ جو ”جرم ۽ سزا“، گورڪيءَ جو ”ماءُ“، سروانٽيئر جو  ”ڊان ڪهوٽي“، جديد يوناني ناول نويس ۽ شاعر ڪازان زاڪبز جو شاهڪار ناول ”زوربا دي گريٽ“ اهڙا شاهڪار آهن، جيڪي انهن اديبن جي سڃاڻپ بڻجي ويا، ايئن ئي سنڌ ۾ آغا سليم جي ادبي سڃاڻپ اهي ٻه ناول بڻيا، جيتوڻيڪ هو هڪ همه گير شخص هو.
(۲) جيتوڻيڪ لطيف سائينءَ تي انيڪ عالمن ۽ اديبن لکيو آهي ۽ سندس پرک ۽ پروڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر آغا سليم جيئن ته تصوف ۾ وڏي دلچسپي ۽ ان موضوع تي عبور رکندو هو، ان ڪري هن نه رڳو لطيف سائينءَ جو شاندار منظوم ترجمو اردوءَ ۾ ڪيو پر مٿس وحدت الوجود جي حوالي سان ۽ سندس فن جي عظيم لطافتن جي لحاظ کان پڻ لکيو. ان لحاظ کان هو لطيف جي پارکن ۾ پڻ اهم جاءِ والاري ٿو. منهنجا ان حوالي سان ساڻس سدائين اختلافي بحث پڻ ٿيندا هئا، جو مان ساڻس اهو اختلاف رکندو هئس ته لطيف کي رڳو وحدت الوجود جي اَکِ سان ڏسڻ ۽ پرکڻ وڏي زيادتي ٿيندي پر ان لاءِ آغا صاحب وٽ پنهنجا دليل هوندا هئا، جن کي نظرانداز ڪرڻ ممڪن نه هو ۽ اسان جو اهو اختلاف محبتي رشتي جيان سدائين قائم رهيو. فڪر کانسواءِ هو لطيف جي ٻوليءَ ۽ شاعرانه جماليات جو وڏو عاشق ۽ پارکو هو. ساڻس آخري رهاڻ به ڪراچيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي ان ئي موضوع تي ٿي. کيس ساهه کڻڻ لاءِ آڪسيجن به ٻاهران مشين ذريعي ڏني ٿي وئي پر هو جڏهن لطيف تي ڳالهائي رهيو هو ته هن جو ٻهڪندڙ مُنهن ڏسڻ وٽان هو، هن جي اندر ۾ لطيف جي ڏاهپ ۽ فن سان عشق ۽ لطيف جو جمالياتي روح سندس چهري جي ريکائن مان بکي رهيو هو. آغا سليم لطيف سائينءَ تي نه رڳو لکيو، سندس مڪمل منظوم ترجمو اردوءَ ۾ ڪيو پر هن ان جو هڪ چڱو حصو انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو. لطيف سائينءَ تي لکيل هن جي ڪتابن ۾ لات جا لطيف جي، سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سُرَ، انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب “Introduction of the poetry& Mystic thought of Shah Abdul Latif Bhitai” ۽ تازو ئي شايع ٿيل ”جيڪي ڏٺو سو مون“ شامل آهن. هو لطيف بابت هڪ نرالي اک، راءِ ۽ پرک رکندو هو. اهڙيءَ طرح هن سچل سرمست تي پڻ انگريزيءَ ۾ ڪتاب “Sachal- The Rapturous Soul” نالي ڪتاب لکيو، جيڪو تصوف جي لحاظ سان لطيف جي اُبتڙ منصور حلاج جي فڪر، مزاج ۽ روايت کان گهڻو متاثر هو.
(۳) آغا سليم هڪ دانشور ماڻهو هو، هن جو مطالعو رڳو شاعريءَ، افسانوي ادب يا ادب تائين محدود نه هو، فلسفو، تصوف، موسيقي ۽ تاريخ هن جا پسنديده موضوع هئا. هو ٺلهو جذباتيت جو حامل اديب نه هو پر هو تاريخ جو شعور رکندڙ، تاريخ جي معروضيت ۾ ويساهه رکندڙ ۽ عقليت ۽ حساسيت ۾ توازن جو قاعل هو. ان ڪري هو هر موضوع بابت پنهنجي هڪ منفرد راءِ رکندو هو، جنهن سان ڪيترن ئي موقعن تي اختلاف به ڪبو هو ۽ ساڻس وڏا بحث به ڪبا هئا پرهن جي هڪ ”صاحبِ راءِ“ پارکوءَ واري حيثيت ڪمال جي هئي. هن ان جي ڪڏهن پرواهه به نه ڪئي ته سندس راءِ تي زمانو ڪهڙي راءِ ڏيندو ۽ اهو ئي هڪ سچي دانشور جو ڪم ۽ فڪري وَڙُ ٿيندو آهي. ان ڪري آغا سليم جتي هڪ وڏو  اديب هو، اُتي هڪ وڏو ادبي ۽ فني پارکو پڻ هو.  مثال طور هن پنهنجي همعصر وڏي شاعر شيخ اياز تي پڻ ڪتاب لکيو. هو ڪيترين ڳالهين ۾ شيخ اياز سان اختلاف به ڪندو هو پر هو ساڳئي وقت سندس ادبي عظمت جو به متعرف هو، نه ته عام طور هڪ ٻئي جا همعصر عام طور هڪٻئي لاءِ ايماندارانه راءِ ڪونه ڏيندا آهن، جيئن ٽالسٽاءِ ترگنيف کي تسليم نه ڪندو هو ۽ روسو والٽيئر کي نه مڃيندو هو، يا يوناني ناٽڪ نويسن ۾ ارسٽوفينز پنهنجي هم عصر عظيم ناٽڪ نويس يوريپيڊس ۽ ڏاهي سُقراط کي نه مڃيندو هو. آغا سليم هڪ ادبي پارکوءَ سان گڏوگڏ هڪ تخليقي محقق به هو. هو پهريون ماڻهو هو، جنهن تحقيق مان ثابت ڪيو ته بابا فريد نه رڳو پنجابيءَ جو پر سنڌيءَ جو به پهريون وڏو ڪلاسيڪي شاعر هو. سندس لطيف سائينءَ تي آيل آخري ڪتاب ”جيڪي ڏٺو سو مون“ ۾ ان جا عڪس ڏسي سگهجن ٿا. يا خاص طور تي هن جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Alexander; Conquest of Sindh ان لحاظ کان تمام اهم آهي ۽ آغا صاحب پاڻ به پنهنجي هن ڪتاب کي پنهنجن سمورن ڪتابن کان وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. سندس وفات کان ڪجهه مهينا اڳ مون کي ٻُڌايائين ته هو ڪلهوڙن جي دور جي حوالي سان انيڪ نوان نقطا تاريخ مان ڳولي ڪڍي آيو آهي، جن تي هو لکڻ چاهي ٿو، پر صحت ۽ زندگيءَ کيس ان جي وِٿي نه ڏني.
(۴) آغا سليم ذاتي طور به شخصيت ۾ باوقار، زندهه دل، جمالياتي ذوق رکندڙ ۽ هڪ حساس طبع انسان هو. سندس ٽهڪ زندگيءَ سان ڀرپور، سندس طنز ۽ مزاح جي حس ڪمال جي، حالتن آهر چرچي ڀوڳ ۾ جملي بازيءَ جو بادشاهه. ۱۹۹۴ع جي ڳالهه آهي، پي ٽي ويءَ تي مون ۽ نصير مرزا کانئس پروگرام ”اڄ جو مهمان“ ۾ انٽرويو ٿي ڪيو. انٽرويو جي وقفي دوران نصير کيس چيو، مون خيرپور جو سفرنامو لکيو آهي، ان تي مهاڳ توهان لکو. کِلي چيائين، “ادا هڪڙو سنڌي چڙهي ويو کجيءَ تي، پوءِ هيٺ نِهاري چيائين پنهنجو ديس آخر پنهنجو آهي.” نصير ۽ مان سندس ان حاضر جوابيءَ تي بي اختيار کِلي ڏنو. ايئن هن جا حميد سنڌيءَ، غلام نبي مغل، ظفر اُڄڻ ۽ رسول بخش پليجي سان چرچا، ڀوڳ ۽ جملي ساڻن بازي ڪمال جي هوندي هئي پر انهن ۾ محبت ۽ ظرف هوندو هو. هڪڙي ڀيري مشتاق راڄپر هن کي پليجي صاحب وٽ وٺي آيو، ڪچهري متي، اسان به هئاسون. پليجي صاحب کيس ڀوڳ ۾ چيو، “بابا تون پٺاڻ ماڻهو وڃي دغا دروڙا ڪر ۽ پِستا کپاءِ، تنهنجو ادب ۾ ڇا وڃي؟” آغا صاحب جي حاضر جوابيءَ جو ڪمال هو جو ٺهه پهه اسان کي چيائين، “بابا پليجي کي رنبو ۽ ڪهاڙو وٺي ڏيو ته بنڊ ڏاري، هن جو ادب جهڙي نفيس ڪم سان ڇا وڃي.” ۽ پوءِ فضا ۾ رڳو ٽهڪ هئا. اهڙا انيڪ واقعا ساري سگهجن ٿا پر هو دل جو زندهه دل ۽ معصوم طبع ماڻهو هو. ڳالهه وڻي يا نه منهن تي چئي ڏيندو هو پر دل ۾ پيار ڪرڻ وارو ماڻهو هو ۽ اهڙي حُجت هو ڪندو به پنهنجي دل گهرين ماڻهن سان هو. هو حيدرآباد جڏهن به ايندو هو، مون کي چوندو هو ته نوجوانن سان ملاءِ، مون کي انهن مان وڌيڪ اتساهه ملي ٿو.
مان ۽ سحر گل وٽس ڪراچيءَ ملڻ وياسين، بيحد خوش ٿيو. لطيف، بابا فريد، ماڌو لال شاهه حسين، ميان محمد بخش، اڄوڪي سنڌ، سنڌ جي سياسي تاريخ سميت انيڪ موضوعن تي طويل ڪچهري ٿي. هميشه جيان چرچا ڀوڳ ۽ جملي بازي به ٿي. سندس ڪتاب بحث هيٺ آيا ۽ سندس هڪ جملي مون کي هڪ لمحي لاءِ صفا سڪتي ۾ آڻي ڇڏيو، جڏهن چيائين ته، ”وڏي حسرت رهي ته توسان گڏ هندوستان جو ادبي سفر ڪريان!“ اها هن جي محبت ۽ شفقت هئي. مون کيس چيو، ”اهو مون لاءِ اعزاز هوندو ۽ توهان صحتياب ٿيو ته ضرور هلنداسين.“ افسوس جو هو اُهو سفر پاڻ سان گڏ کڻي هليو ويو. آغا سليم سنڌ جو اهو اديب هو، جنهن سان ڪڏهن به اسان کي ٽهيءَ جو فرق محسوس نه ٿيو. هن جي حَسين مُرڪ هڪ استعاري طور هن کي هميشه انهن دلين ۾ محفوظ ۽ زندهه رکندي، جن کيس ڏٺو، پَسيو ۽ ساڻس ادبي پنڌ ڪيو. آغا سليم سان وري ملي نه سگهبو، اهو خيال ئي جيءُ جهوري ٿو وجهي، پر ڇا ڪجي ثبات زندگيءَ ۾ سفر ۽ وڇوڙي کي آهي ۽ هو وحدت الوجودي آغا سليم وڃي لطيف ۽ بابا فريد سان گڏيو، جيڪي سدائين سندس روح ۾ رچيل رهيا. لطيف هن جهڙن لاءِ ئي چيو هو ته:
ماءُ کاهوڙي هليا، دُکائي دونهان،
ڇپرَ جا سُونهان، ڏوٿين ڏُٿ چتائيو.



آغا سليم
سنڌ شناس
نسيم بخاري
مڌ ورهايون ماڻهين، سڀ ڪنهن لهي اڃ
۷ اپريل ۱۹۳۵ع تي شڪارپور جي ڪڙي عطا محمد پاڙي ۾ آغا عبدالڪريم پٺاڻ جي گهر جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر، ڊرامه نگار ۽ سنڌيڪار آغا سليم هاڻ هن فاني دنيا ۾ نه رهيو آهي. آغا سليم جون علمي ادبي ۽ صحافتي خدمتون جيتريون عاليشان هيون، اهڙي انفراديت آڱرين تي ڳڻڻ جيترن انسانن کي ئي نصيب ٿيندي آهي. آغا سليم جو وڇوڙو يقينن سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ تمام وڏو خال ڇڏي ويو آهي، جيڪو سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ماڻهن لاءِ سنجيدگيءَ جي سين هڻندي اهو سوال اٿاري ٿو ته آغا سليم جي علمي ادبي ۽ صحافتي حوالي سان ڪير ڪيتري ۽ ڪهڙي اڳڀرائيءَ سان پنهنجو منفرد مقام جوڙي ٿو.
آغا سليم ننڍي هوندي پنهنجي وڏي ڀاءُ جي ڪتابن کي ڏسندو هو ۽ سوچيندو هو ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن مان انهن ڪتابن ۾ لکيل ڳالهين کي سمجهي سگهندس ۽ اهو ڄاڻي وٺندس ته ڪتابن ۾ آخر اهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون هونديون آهن جو ماڻهو دلچسپي سان ڪتاب پڙهندا ۽ خريد ڪندا آهن. ڪيترا ڪتاب ڏٺا هوندا، پر هن انهن ڪتابن ۾ دلچسپي جي نتيجي ۾ پنهنجي پويان ايترا ڪتاب، ڪالم ۽ اڻ ڇپيل مواد ڇڏيو آهي جو صرف سندس مواد جي ئي آڌار تي هڪڙي مختصر لائبريري قائم ڪري سگهجي ٿي. آغا سليم بي اي کان پوءِ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ ملازمت ڪئي ۽ ان ئي اداري مان اعليٰ عهدي تان رٽائر ٿيو. هن اداري به آغا سليم سان ڀرپور نڀايو جو سندس علاج ۽ طبي سهولتن جي حوالي سان باقاعده ڀرجهلو ثابت ٿيو. جهڙي ريت ريڊيو پاڪستان آغا سليم جي سار لڌي بلڪل ائين ٻين ادارن جو رڪارڊ گهٽ ئي رهيو آهي.
آغا سليم اسان جو پاڙيسري هو ۽ هو مون سان مخاطب به ”پاڙيسري“ چئي ٿيندو هو. آغا سليم تصوف جي حوالي سان تمام وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ عمر جي آخر ۾ به هن جي تصوف تي ڪم ڪرڻ واري خواهش هئي، خاص ڪري صوفي شاهه عنايت شهيد جي فڪر ۽ جدوجهد تي هن ڪم ڪرڻ پئي چاهيو. آغا سليم جي ناول ”همه اوست“ وڏي ڪاميابي ماڻي جيڪو تصوف جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. آغا سليم جا ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ به وسرڻ وارا ناهن. هن جي ڪتابن ۾ چنڊ جا تمنائي، روشني جي تلاش، اڻپورو انسان، لالئون لال لطيف ڪهي، سنڌي ڊرامي ڪي ايڪ صدي، مرزا قليچ بيگ جي ڊرامي انڪوائري آفيسر جو اردو ترجمو، بابا فريد جو اردو ۽ سنڌي ترجمو، شيخ اياز صدين جي صد شامل آهن.
آغا سليم کي اهو وڏو ارمان هو ته ٻيا ته پنهنجي جاءِ تي پر سندس صحافي به علمي، ادبي، مطالعاتي ۽ تحقيق واري پاسي کان کوڙ پري بيٺا آهن. هو جڏهن ڪنهن اديب ۽ محقق سان ڳالهائن ٿا ته کين اها به خبر نه ٿي هجي ته هو جنهن سان مخاطب آهن، ان جو علمي ادبي ۽ فڪري قد ڪاٺ ڪيترو آهي. آغا سليم لطيف سائين کي اهڙي ته خوبصورت انداز سان اردو ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي جو لڳي ائين ٿو ته ڄڻ لطيف سائين اهي شعر چيا ئي اردو ۾ هجن.
آغا سليم اردو جي اخبار ”امت“ ۾ ڪالم لکندو رهيو، انهن ڪالمن کي گڏ ڪري آغا سليم جو اردو ڪالمن جو شاندار ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻي سگهجي ٿو. آغا سليم سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ مختلف وقتن تي جيڪي آرٽيڪل لکيا آهن، انهن کي به ڪتابي صورتن ۾ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. آغا سليم کي اها وڏي پڪ هئي ته نوجوان نسل سنڌ جي تصوف تي تحقيق ڪندو. آغا سليم جي ان خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ سرڪاري توڙي غير سرڪاري سطح تي به گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. سڄي سنڌ ۾ جيڪڏهن ضلعي ۽ تعلقي سطح تي تصوف کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خصوصي لائبريريون قائم ڪيون وڃن، صوفي بزرگ شاعرن جي پيغام ۽ فڪر جي حوالي سان ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته آغا سليم جو صوفي سنڌ وارو سپنو ساڀيان ٿي سگهي ٿو.
آغا سليم جيڏو وڏو علمي، ادبي، صحافتي، تاريخي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو آهي، اهو فقط پاڻ کي تاريخ ۾ زنده رکڻ جي ارادي سان نه ڪيو آهي، پر هن جي جيون جي اها جاکوڙ ان مقصد لاءِ به هئي ته سنڌ جا ماڻهو ان ڪارڪردگي کي آڏو رکندي خود پاڻ به ٻه قدم اڳتي وڌندا، انهن جي اندر ۾ به ڪا اُڻ تڻ پيدا ٿيندي ۽ اهي پنهنجي ساڃاهه جي سوجهري سان سنڌ کي اڃا به وڌيڪ آسودو ڪندا.
آغا صاحب صوفي بزرگ شاعرن تي جنهن جذبي سان ڪم ڪيو آهي يا انهن جا ترجما ڪيا آهن، هو انهيءَ احساس سان سنڌ جي نئين ٽهي جي اڳتي وڌڻ جو تمنائو هو. هن سنڌ جي ساڃاهه کي تصوف طرف سري اچڻ جو سڏ ڏنو هو. ڇو ته هو سمجهي پيو ته ان دڳ ۾ ئي سنڌ جي بهتري آهي. هن وٽ ڪم ڪرڻ جا ٻيا به کوڙ سارا آپشن هئا، پر هن گهڻو تڻو سنڌ جي تصوف بابت ادبي پورهيو ان اميد جي آڌار تي ڪيو هو ته سندس اهڙي عمل جا اثر سنڌ جي ساڃاهه قبوليندي ۽ اها تصوف جي روشني ۾ نه رڳو پنهنجو اندر اجاريندي پر ساري دنيا جي سرواڻي به ڪندي.
ان ڏس ۾ هن جي ابتدائي ڪوششن ۾ ”همه اوست“ ناول کي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ مختلف مذهبن سنڌ ۾ مختلف دؤرن ۾ رهندڙ حڪمرانن صوفي شاهه عنايت شهيد، شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ۽ سچل سرمست جي ڪردارن کي ڏيکاريو ويو آهي.
آغا سليم هڪ وڏو ماڻهو هو. هن جو جيترو ادبي ۽ صحافتي قد ڪاٺ هو، هن ان سطح تي ڪڏهن به وڏائي، غرور ۽ تڪبر جو اظهار نه ڪيو. مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن شڪارپور سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري هئس، تڏهن پريس ڪلب جي شيخ اياز هال ۾ شيخ اياز جي ورسي تقريب ڪوٺائي هئي، انهن ڏينهن ۾ اتفاق سان آغا سليم به شڪارپور آيل هو. هن کي ڪٿان خبر پئي ته شيخ اياز جي ورسي پئي ملهائي وڃي، سو هو بنا دعوت جي ان پروگرام ۾ شرڪت لاءِ آيو، هن جي آمد اسان سڀني لاءِ ڏاڍي خوشيءَ ڀري ثابت ٿي هئي. تقريب جي هونئن ته صدارت اعجاز منگيءَ کي ڪرڻي هُئي، پر هُن مون کي چيو هو ته آغا سليم صاحب جا ڪتاب پڙهي اسان وڏا ٿيا آهيون. منهنجي گذارش آهي ته تقريب جي صدارت آغا صاحب کان ڪرائي وڃي ۽ بعد ۾ آغا سليم ئي تقريب جي صدارت ڪئي هئي.
آغا سليم عمر جي پڇاڙڪن مهينن ۾ مشين ذريعي ساهه کڻندو هو، هو گهمڻ، ڦرڻ کان قاصر هو، پر پوءِ به هو باقاعدگيءَ سان پنهنجي گهر آيل مهمانن کي وقت ڏيندو هو ۽ موبائل فون اٽينڊ ڪندو هو. آغا صاحب سان وڇوڙي کان اڳ ٻه ٽي ڀيرا مون فون تي ڳالهايو هو. هن کي پنهنجي شهر شڪارپور سان وڏي حُب هئي. هن جي خواهش هئي ته هو شڪارپور اچي ۽ دوستن سان ڪچهريون ڪري، پر وقت هن کي اهڙي مهلت نه ڏني ۽ سندس ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو. کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه مون سميت ڪيترن ئي دوستن لاءِ افسوس جوڳي ثابت ٿيندي آئي آهي ته وڏن ۽ مشهور اديبن جي تدفين پنهنجن شهرن ۾ نه ٿي ٿئي. ان حوالي سان شڪارپور جي شخصيتن ۾ سنڌي ادب جي نامور شاعرن، اديبن شيخ اياز، نورالدين سرڪي ۽ بشير مورياڻي جو حوالو ڏئي سگهجي ٿو، جن جي سَٿ ۾ هاڻ آغا سليم به شامل ٿي ويو آهي.
مٿين اديبن سميت جن به جاکوڙي ۽ عظيم انسانن جي تدفين ٻاهر ٿي آهي، انهن جي سڃاڻپ ۽ تعارف هڪ طرح سان دٻجي ويو آهي. پنهنجي شهر جي مٽيءَ ۾ تدفين سان شهر کي به شهرتون ملن ٿيون ته عظيم انسانن کي به گهربل مانُ ميسر ٿئي ٿو. انهن جون ورسيون ۽ جنم ڏينهن ملهائجن ها ته پڪ سان سڄي سنڌ جا ماڻهو هن شهر ۾ اچن ها، جنهن جي نتيجي ۾ شخصيتن سان گڏوگڏ شهر سان به نئين ٽهي ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جا نوان ناتا جڙن ها، پر افسوس انهن اجتماعي مفادن کي خانداني ۽ ذاتي مجبورين واري مفاهمت ماري ٿي ڇڏي، جنهن تي جيترو افسوس ڪجي، اهو گهٽ آهي. آغا سليم هڪ فرد نه پر ادارو هو، ادارو به اهڙو جيڪو انيڪ ادارن جا بڻ بنياد وجهندو آهي. آغا سليم سڄي سنڌ جو هو ۽ سڄي سنڌ آغا سليم جي هئي، ان ڪري هاڻ جڏهن هو هن فاني جهان ۾ نه رهيو آهي، تڏهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن جي مشن سان سنڌ پاڻ ملهائي ۽ هن جي ازم کي آڏو رکي اڳتي وکون کڻي.
آغا سليم شڪارپور جي جنهن ڪڙي عطا محمد پاڙي سان تعلق رکي ٿو، ان علائقي سان قرآن شريف کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندڙ آغا يعقوب خان، ممبئي ۾ ميٽرڪ جي امتحانن جي سوالن جا جواب منظوم شاعري ۾ لکندڙ آغا صوفي سندس ڀاءُ آغا عليگ ۽ خيرپور ۾ حڪمران رهندڙ ۽ وڏي تعليمي ۽ نهري انقلاب آڻيندڙ آغا قادر داد خان، ڪهاڻيڪار آغا رفيق، آغا پير محمد ڪيلاش توڙي سنڌي ٻوليءَ کي آمريڪا، هندستان ۽ نيپال جا خوبصورت سفرناما ڏيندڙ آغا ثناءُ الله خان جو تعلق به آهي، جنهن علائقي ۾ اهڙي علمي ادبي سازگار فضا رهي هجي، پڪ سان اتان جي ماحول جا اثر به اهڙا ئي سازگار ۽ صحتمند ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙي ئي ماحول جي اثر جو ئي ڪمال هو جو آغا خالد سليم، آغا سليم جي تعارف سان ادب جي افق جو چنڊ ثابت ٿيو، جنهن جو هڪڙو خوبصورت شعر ٿو مون کي ياد اچي، جيڪو شعر پنهنجي خيال ۾ تمام وڏي گهرائي رکي ٿو ۽ سوچ ويچار جي حوالي سان سوين سڏ ڪري ٿو.
مڌ ورهايون ماڻهين، سڀ ڪنهن لهي اڃ،
ڪنهن وٽ مڌ آ اڻ ميو، ڪنهن وٽ رڳي سڃ،
هيءَ جندڙيءَ جي رڃ، جرڪي پنهنجي جام سان.
مٿئين شعر ۾ آغا سليم جنهن ڳالهه تي زور ڏنو آهي، تنهن تي سنڌ کي سورنهن ئي آنا عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. آغا سليم جيئن سنڌ شناس هو، ائين ئي سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ شناس ٿيڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته انهيءَ صورت ۾ انسان کي اندر جو اطمينان ميسر ٿئي ٿو ۽ فاني جهان جي خاڪي انسان جو تاريخ ۾ تعارف به ڪنهن سٺي سار جي صورت ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿو.


آغا سليم به وڇڙي ويو!
علي ڏنو جروار
شيخ اياز جون سٽون آهن ته: ”دور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا، تون اڃان پيو جيئين هاءِ ڙي جيئڙا“ اڄ هي سٽون مون کي سنڌيءَ ٻوليءَ جي ناليواري ليکڪ آغا سليم جي وڇوڙي تي ياد اچي رهيون آهن، جيڪو ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد اسان سنڌ واسين کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو آهي، آغا سليم جو شمار سنڌ جي وڏن ۽ ناليوارن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. آغا سليم شيخ اياز، امر جليل، رشيد ڀَٽي، تنوير عباسي، قمر شهباز، جمال ابڙو، حميد سنڌي، استاد بخاري ۽ راشد مورائي جي پايي جو اديب هو. هن جي خاص سڃاڻپ ناول نگاري آهي. آغا سليم جي ناولن ۾ اونداهي ڌرتي روشن هٿ، همه اوست، اڻپورو انسان، روشني جي تلاش، چنڊ جا تمنائي وغيره آهن. آغا سليم ۱۹۵۵ع کان باقاعده لکڻ جي شروعات ڪئي هئي. سندس ناولن ۾ صوفي ازم حاوي نظر اچي ٿو. همه اوست ته باقائده سنڌ جي صوفياڻي پسمنظر ۾ لکيل آهي. جڏهن ته سندس ٻين ناولن ۾ به سنڌ ڌرتي، ان جو ڪلچر ۽ روايتون نظر اچن ٿيون. آغا سليم انهيءَ دور جو ليکڪ آهي جڏهن سنڌ ون يونٽ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئي. هي اهو دور هو جنهن ۾ سنڌي ادب مڪمل طور تي پروان چڙهيو. آغا سليم به سنڌ جي انهن شروعاتي ليکڪن ۾ شامل آهي، جن ون يونٽ خلاف تحريڪن ۾ حصو ورتو. هي اهو دور هو جڏهن سنڌ جا ڪيترائي اديب، شاعر، ڏاها، دانشور جيلن جي سلاخن ۾ به گذاري آيا. جن ۾ شيخ اياز، حميد سنڌي ۽ ٻيا شامل آهن. آغا سليم ۱۹۳۵ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. شڪارپور هڪ اهڙو شهر آهي، جنهن ۾ سامي، شيخ اياز ۽ آغا سليم جهڙا شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا. هونئن ته سڄي سنڌ هيرن کاڻ آهي پر شڪارپور جون اهي ٽئي شخصيتون سنڌ جي اديبن جي اڳئين صف ۾ بيٺل نظر اچن ٿيون. لکڻ هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ۾ گهڻو ڀوڳڻو ٿو پوي. اسان جي هن بهترين ليکڪ آغا سليم جيڪي ناول ۽ ڊراما ۽ فلمون سنڌي ٻولي ۽ پڙهندڙن جي لاءِ لکيون آهن، اهي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ليکڪ پهرين پنهنجو پاڻ کي انهيءَ ڪردار ۾ پوئي ٿو، تنهن کانپوءِ انهيءَ کي لفظن جي شڪل فراهم ڪري ٿو. سنڌي ٻوليءَ کي بهترين ناول فراهم ڪندڙ آغا سليم جي پڇاڙي سنڌ جي روايتي ناانصافين جي ور چڙهي وئي. آخري گهڙين ۾ ڪنهن به اداري يا تنظيم سندس سار نه لڌي. جيتوڻيڪ آغا سليم سنڌي ادبي سنگت جي باني ميمبرن مان هڪ هو، پر انهن به سواءِ پريس رليز جاري ڪرڻ جي ٻيو ڪوبه ڪردار ادا نه ڪيو. خير پريس رليز جاري ڪرڻ ته سندن مجبوري به آهي ڇاڪاڻ ته تنظيمون پريس رليز ۽ اخبارن جي سهاري جيئنديون آهن. پر اسان وٽ ضرورت آهي ته اسان پنهنجن رهبرن ۽ ڏاهن جي واهر ڪريون، انهن جي سار سنڀال لهون. خاص طور تي آخري وقت تي جڏهن انهن جو ڪو به سهارو نه هوندو آهي، تڏهن انهن جي علاج معالجي جو انتظام ڪريون پر اسان وٽ اهڙين شين جي اڻاٺ رهي آهي. تنهن کانسواءِ ڪجهه ڏينهن کان سنڌي چئنلز تي آغا سليم جي ڪلپ هلي رهي آهي، جنهن ۾ هن جا لفظ آهن ته ثقافت کاتو ٻي ڀلي منهنجي مدد نه ڪري پر منهنجا وٽس هڪ لک رپيا آهن، اهي مونکي ادا ڪري تڏهن به هنن ڏکين گهڙين ۾ مونکي ڪجهه سهارو ملي ويندو.
پر مليل ڄاڻ موجب سندس وفات ڪرڻ تائين اهي به کيس ملي نه سگهيا. هيءَ حالت آهي اسان جي ادارن جي؛ جيڪي وڌيڪ واهر ته نٿا ڪن پر سبسڊي يا ڪنهن ٻي مد ۾ انهن جي ڪا کاتن طرف بقايا يا رهت آهي ته اها به ڏکيءَ گهڙيءَ ۾ ادا نٿي ڪئي وڃي. حالانڪه دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ائين نه آهي. اتي اديبن، شاعرن، ليکڪن، قلمڪارن، فنڪارن ۽ مصورن جي عزت آهي. ڏکيءَ گهڙيءَ ۾ انهن جي مدد لاءِ فنڊ ۽ ادارا قائم ٿيل آهن پر اسان وٽ سکڻن اعلانن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو ٿئي. تمام گهڻي ڏک ۽ افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته سنڌ اندر ويجهڙائي ۾ جيڪي به ڏاها ماڻهو وفات ڪري ويا آهن، اهي ڏاڍين تڪليفن ۽ اذيتن مان گذريا آهن. ٿيڻ ائين نه گهرجي؟ ڏاهن، اديبن، شاعرن ۽ رهبرن جي مدد ٿيڻ گهرجي پر اسان وٽ الميو اهو آهي ته بيان به اهڙا ڏنا ويندا آهن جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي تڪليف پهچندي آهي. آغا سليم، آپا مهرالنساءَ لاڙڪ، سهراب فقير ۽ ٻيا ڪجهه اهڙا نالا آهن جن جي موڪلاڻي يا وفات وقت لاڳاپيل ادارن ۽ کاتن جي بيانن تي دلي تڪليف پهتي آهي. انهن جا رويا افسوسناڪ آهن، احمد خان مدهوش، راشد مورائي ۽ ٻيا وفات جي گهڙين کان اڳ ادارن جي روين بابت دانهيندا رهيا هئا.
هاڻي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ماڻهو قلمي پورهيو ڪن ٿا، سڄي زندگي علم کي، ادب کي ارپين ٿا، انهن وٽ آخر ۾ دوا جيترا به پئسا نه هوندا آهن. انهن سان همدردي جهڙا ٻه ٻول ڳالهائڻ ته اسان سڀني جو فرض آهي، پر هتي ائين نه آهي، جيڪا ڳالهه ڏکوئيندڙ آهي. آغا سليم پنهنجي دور جو بهترين ليکڪ هو، هي تن ڏينهن جو اديب هو جن ڏينهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت ڪو جملو يا لفظ لکڻ معنيٰ پنهنجو پاڻ کي عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ هو. پر پوءِ به سنڌ جي هنن اديبن پاڻ پتوڙيو ۱۹۵۴ع کان وٺي بهترين سنڌي ادب تخليق ڪيو ويو. جنهن ۾ آغا سليم جو به وڏو ڪردار آهي. سنڌي ادبي سنگت ۽ ليکڪن ون يونٽ جهڙي قهري قانون خلاف تحريڪون هلائي اهو ثابت ڪيو ته ليکڪ قوم جي رهنمائي ڪري سگهن ٿا.
اسان سڀني سنڌ واسين جو هي فرض آهي ته اسان پنهنجن ڏاهن ۽ محسنن جو قدر ڪريون، جيئري انهن کي مانُ ۽ مڃتا ڏيون. جنهن جا هو حقدار آهن، انهن جي وفات کانپوءِ واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙڻ واريون روايتون هاڻ ختم ٿيڻ گهرجن. اچو ته حقيقتن تي مبني زندگي گذاريون. سچاين سان گڏ جيئڻ سکون، پنهنجن ڏاهن جو احترام ڪريون.
آغا سليم جنهن پنهنجي زندگي ريڊيو پاڪستان جهڙي مصروف ترين اداري ۾ گذاري پر پوءِ به سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ هو جن ڪتابن جو واڌارو ڪري ويو آهي، اهي اسان جي رهنمائي ۽ رهبري جي لاءِ ڪافي آهن. اسان سڀني کي گهرجي ته اهڙن بهترين ليکڪن جون لکڻيون بار بار پڙهون ۽ انهن جي هاڪاري يا مثبت پهلوئن تي عمل ڪريون. اهوئي هنن جي لکڻين جو پيغام به آهي ته وري اسان سنڌ وارن جو اهو فرض به آهي ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن ليکڪن جي لکڻين کي هڪ دفعو ضرور پڙهون.
آغا سليم سنڌ جي هڪ تاريخ هو. سنڌ جي اها تاريخ ٻيهر ته پيدا ٿي نه سگهندي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهيءَ جو رهيل ۽ اڻڇپيل مواد ڇپرايو وڃي، سندس پراڻا ڪتاب جيڪي هينئر مارڪيٽ ۾ موجود نه آهن، اهي ٻيهر ڇپرايا وڃن ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايا وڃن ته بهتر رهندو. ڇاڪاڻ ته کيس ياد ڪرڻ جو اهوئي هڪ بهترين طريقو آهي.


نامياري ناولسٽ آغا سليم جي ياد ۾
ڊاڪٽر ايوب شيخ
ڪالهه سنڌي ۽ اردو ٻولين جو ناميارو ليکڪ آغا سليم ڪجهه مهينا ساهه جي مونجهه ۾ گذارڻ کان پوءِ راهه رمندو رهيو. سندس نالو سنڌ جي چوٽيءَ جي اديب ۽ سنڌيڪارن ۾ شمار ٿيندو رهندو. سندس ڄمار ۸۱ ورهيه هئي. هو سنڌي ادب ۾ جن وڏن ڪهاڻيڪارن، اديبن ۽ دانشورن جو هم عصر هيو انهن ۾ رسول بخش پليجو، سراج الحق ميمڻ، جمال ابڙو، نياز همايوني، شمشيرالحيدري، حفيظ شيخ، نجم عباسي، نسيم کرل، طارق اشرف، استاد بخاري، امرجليل، الهداد ٻوهيو، رشيد ڀٽي، امداد حسيني، تنوير عباسي، سيد ظفر حسن، غلام نبي مغل ۽ ٻيا هيا. جڏهن ته سندس عمر کان هڪ ٻه ڏهاڪا وڏن اديبن ۾ غلام محمد گرامي، محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ ٻيا هيا.
هن جي حياتي ۽ هن جي ڪيل ڪمن جي ترتيب ڪجهه هن طرح آهي ته، آغا سليم جو اصل نالو آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان آهي. هن ۷ اپريل ۱۹۳۵ع تي شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو. بي. اي تائين تعليم ورتائين. ريڊيو پاڪستان مان اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. بهترين ناول، افسانا ۽ ڊراما لکندڙ ۽ مترجم طور سڃاتو وڃي ٿو. رٽائرمينٽ کان پوءِ صحافت جي ميدان ۾ گهڙيو. پهرين روزاني ”جاڳو“ ۽ پوءِ روزاني ”سچ“ اخبار جو ايڊيٽر رهيو. سندس تصنيفون هيٺين ريت آهن: ’روشنيءَ جي تلاش‘ (ناولٽ: ۱۹۶۴ع)، ’چنڊ جا تمنائي‘ (ڪهاڻيون: ۱۹۶۷ع)، ’لذت گناهه‘ (ڪهاڻيون)، ’اونداهي ڌرتي، روشن هٿ‘ (ناول)، ’درد جو شهر‘ (ڪهاڻيون)، ’همه اوست‘ (ناول)، پٺاڻ‘ (ذاتيون)، ’ڌرتي روشن آهي‘ (افسانا)، ’اڻپورو انسان‘ (ناول)، ’ڍولا مارو‘ (تحقيق)، ’لالن لال لطيف ڪهي‘ (لطيف جي ڪلام جو منظوم اردو ترجمو)، ’باب فريد‘ (ترجمو ۽ تحقيق) صدين جي صدا (شيخ اياز متعلق مضمون)، سندهه ڪي موسيقي (اردو) ’بابا فريد جا دوها‘ وغيره. آغا سليم شاهه لطيف جي انهن پارکن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن شاهه جي رسالي جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، سندس ان گرانقدر ڪم تي مشتمل رساله ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (منظوم ترجمو) Mourning Melody سر سورٺ جو انگريزي ترجمو) Melodies of Shah Abdul Latif Vol. I, II, III انگريزي ترجمو) ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. کيس، ”شاهه لطيف ايوارڊ“ سان، پڻ ٻه دفعا نوازيو ويو آهي.
جناب آغا سليم ۲۰هين صديءَ جا ۶۵ ورهيه ۽ ۲۱ صديءَ جا ساڍا پندرنهن سال گذاري وڃي ٿانئيڪو ٿيو. هن جي ڄمڻ کان چار ورهيه پوءِ ٻين مهاڀاري لڙائي لڳي هئي ۽ سندس ڄمار کان ۱۲ ورهيه پوءِ هندستان جو ورهاڱو ٿيو هيو. ورهاڱي کان پوءِ ڪيئي زمانا هو سنڌ ۾ گهٽ هند جي اديبن جي باري ۾ وڌيڪ پڙهندو هيو. هن کي سندن سوچون توڙي وطن سان حب ۽ اڪير باقي شين کان وڌيڪ وڻندي هئي.
هو جنهن سال ڄائو ان ئي سال تبت جو ”دلائي لاما“ ڄائو هيو. ازرا پائونڊ اٽليءَ جي فاشسٽ مسوليني سان ملاقات ڪئي هئي. جرمني جي فاشسٽ هٽلر ” اڻ آريا“ ليکڪن جي ڇاپڻ تي بندش وڌي هئي. عراق ۾ پهريون ڀيرو تيل جي سپلاءِ واهپي لاءِ شروع ٿي هئي. هڪ سال پوءِ، سنڌ ۸۳ ورهين جي ڳانڍاپي کان پوءِ بمبئي کان ۱۹۳۶ع ۾ آزاد ٿي هئي.
آغا سليم جي حوالي سان ٻه ڳالهيون مشهور آهن. هڪ ته هو شڪارپور جو هيو ۽ ٻيو ته هو سنڌي ٻوليءَ جو اهم ناولسٽ هيو. سندس لکيل ٻن ناولن ”اونداهي ڌرتي، روشن هٿ“ ۽ ”همه اوست“ جي ڪري هن جي مقبوليت ۾ بي پناهه واڌارو ٿيو. پر، اهو سڀ ڪجهه ڪتاب پڙهندڙن جي حوالي سان ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. هن جي مقبوليت ۽ جهرجهنگ ۾ مشهوري جو هڪ وڏو سبب ”ريڊيو پاڪستان“ جي نوڪري هئي جنهن ۾ هو ڊرامن کان وٺي ڊرامن جي اداڪارن، اداڪارائن، صداڪارن، ليکڪن ۽ سنڌي کان سواءِ ٻين ٻولين جي وڏن وڏن اديبن سان واقف به ٿيو، انهن تي اثر به ڇڏيائين ۽ انهن کان متاثر به ٿيو.
پر آغا سليم سندس چواڻي ته، ”هن شڪارپور ننڍي هوندي ڇڏيو هو تنهن ڪري هن تي حيدرآباد، ڪراچي ۽ اسلام آباد جو اثر پنهنجي اباڻي شهر کان وڌيڪ آهي“ آغا صاحب جي اها ڳالهه سندس سراسري سڀاءَ ۾ لڳي به ٿي.
آئون آغا سليم کي ڪئين حوالن سان، ڪيترن ورهين کان سڃاڻان ٿو. هو پنهنجي جسماني بيهڪ ۽ شڪل شبيهه ۾ هڪڙو سهڻو ماڻهو لڳندڙ هيو. هن کي چڙ به ايندي هوندي، خار به کائيندو هوندو، پر هن جو سراسري گيٽ اپ يا روين جو Outlook ڏيک نفيس ۽ نستعليق شخص وارو هيو. ”من“ هن جو اهو ئي خطابت جو لفظ هيو، جيڪو عام شڪارپورين جو آهي. هن جي رعب تاب واري شخصيت مٿان سندس نرم سڀاءُ ٻن انتهائن جو ميلاپ هيو.
گذريل ڪجهه ورهين کان آغا سليم کي پنهنجي ميڙي پونجي پنهنجي ٻارن لاءِ سهيڙڻ جو خيال ٿيو هو. هن ان باري ۾ مختلف هنڌن تي جيڪي به جاءِ جڳهه، زمين وغيره جا معاملا هيا، سي اڪلائڻ جي پويان هيو. هن جو خيال هيو ته سندس وئي پڄاڻان جيڪا شيءِ جن جي آهي، سا انهن کي ئي ملي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن هو ٺٽي ۾ پنهنجي زرعي زمين مان جان ڇڏائڻ ۾ جنبيل رهندو هيو. هن جو خيال هيو ته زمينون وٺڻ وارا تمام گهڻا خريدار مارڪيٽ ۾ موجود ۽ مشهور آهن ۽ سندس زمين بنا ڪنهن دير جي نه رڳو کپي ويندي پر، سٺي اگهه تي کپي ويندي.
هڪڙي ڏينهن مون کي فون ڪري پنهنجي اندر جي ڳالهه ٻڌائي مدد ڪرڻ جو چيائين. مون کيس ٻڌايو ته زرعي زمين توڙي وڪري واري زمين جي ڪنهن به ڪم جو ڪوبه تجربو نه هجڻ ڪري سندس ڪابه مدد نه ٿي سگهندي ۽ ان سلسلي ۾ جيڪي به خريدار آهن، انهن سان لهوچڙ ۾ اچڻو پوندو. مون کيس ڪجهه خريدارن جي صورتحال ٻڌائي ته ڪيئن اهي زمين کي ”ڀڳڙن“ ۾ بدلائي پنهنجي ”مُٺ“ ۾ جهلي ان کي ”ڀڳڙن مُٺ“ ۾ خريد ڪندا آهن ۽ ڪروڙن کي لکن ۾ ۽ لکن کي هزارن ۾ بدلائڻ جو فن ۽ آرٽ رکندا آهن. هن کي منهنجي ناتجربيڪاري تي صدافسوس ٿيو هيو ۽ ان کان به وڌيڪ اها ڳالهه سندس لاءِ نئين ڄاڻ هئي ته مون وٽ زمين جو هڪ وال به ڪونهي.
مون ساڻس آخري ڏينهن ۾ ملاقات ڪئي هئي. هن سان ڪيئي ڪلاڪ ساڻ ويٺو هوس. مون کين چيو ته اوهان کي شاهه جي شرح وارو ڪم اول ڪرڻ گهربو هيو ۽ هاڻي عمر ۽ ڄمار جي ٿڪاوٽ سبب جنهن توانائي جي گهرج شاهه کي سمجهائڻ لاءِ ضروري آهي، سا ڪجهه ورهيه اڳ اڃا بهتر ٿي پئي سگهي. ان جي جواب ۾ هن چيو ته ”مون شاهه کي گهڻو پوءِ سمجهيو هو ۽ جي جي شاهه لطيف جي فڪر تي سندس گرفت اڳ ٿي وڃي ها ته پوءِ دنيا جا الاهي ڪم ڇڏي ڏيان ها، شاهه گهڻو زمانو منهنجي پڪڙ ۾ نه پئي آيو.“
مون سندس ڪهاڻين تي ڳالهايو هو. سندس ڪهاڻين ۾ جيڪي احساساتي وڌيڪ آهن، انهن کي وڌيڪ شاهوڪار ڪرڻ ۽ ان سلسلي کي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي ته هن ٻڌايو هو ته مختلف ڪمن ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ هن جا خيال پڻ صنفن جي حوالي سان بدلبا ويا. تنهن ڪري ڪابه شي، ڪابه صنف هن جي دماغ جي اسٽيشن تي ڄمي بيهي نه رهي ۽ هلندي رهي. ريل به مٽبي رهي ۽ شهر ۽ شوق به بدلبا رهيا.
آغا سليم کي نئين صديءَ ۾ لٽريچر کان سواءِ سياست ۾ داخل ٿيڻ جو پڻ شوق ٿيو هو. هن جو خيال هيو ته اقتداري سياست ۾ داخلا سان هو ڪيئي ڪم ڪري سگهندو. هن ڪوشش ڪئي ته هو ”سنڌي“ ۽ ”غيرسنڌي“ جي چڪرن کان آزاد ٿي هڪ اهڙي سياست ڪري ڏيکاريندو جيڪا انسانن کي وڌيڪ پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهي. پر هن جيئن ئي ان سينواريل سياسي تلاءَ ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس احساس ٿيو ته هن کي اهو ئي ڪم ڪرڻ گهرجي جيڪو کيس اچي ٿو. ان ڪري سياست جي ست ماڙ پيچيدي عمارت سان سندس نفاست جو نيبهه نه ٿي سگهيو ۽ هو جلدئي ڪنهن پير جي درگاهه تي پوئين پير موٽڻ وانگر واپس اچي ويو.
جناب آغا سليم ۲۰هين صديءَ جا ۶۵ ورهيه ۽ ۲۱ صديءَ جا ساڍا پندرنهن سال گذاري وڃي ٿانئيڪو ٿيو. هو پنهنجي نفاست ۽ پنهنجي محنت جي ڪري گهڻو وقت ياد رهندو.


آغا سليم نه رهيو، سندس ڏک ته رهڻو ئي آهي
رکيل مورائي
اڄ اُهي روشن هٿ، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي پٿرائين مٽيءَ ۾ دفن ٿي ويا، جن هٿن هن اونداهي ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن کي عمر جي  مني صدي هڪ باوقار علمي ۽ ادبي روشني ڏٺي! ۽ آخري پساهن تائين ساهي نه پٽيائون. شڪارپور جي مٽيءَ مان جڙيل اهو جسم، اڄ ٿڌو ٿي ويو جنهن ادب ۾ ناول، ڪهاڻي، ناٽڪ، شاعري ۽ ترجمي کي سدائين پنهنجي شعور جي گرمي ڏني، اڄ اها دل آخري ڀيرو ڌڙڪي، خاموش ٿي وئي، جيڪا ڪيترا ئي ڀيرا، ڪن حسين چهرن کي ڏسي تيز ڌڙڪي هوندي، بلڪل ائين، جيئن اونداهيءَ ڌرتيءَ روشن هٿ جي پهرئين باب ۾، سارنگ کي پهريون ڀيرو ڏسندي سنڌوءَ جي دل ڌڙڪي هئي.
پڪ سان اها مٽي، اها دل، اهو دماغ ۽ اُهي هٿ، سنڌي، ٻوليءَ جي نهايت قد آور ليکڪ آغا سليم جا هُئا، جيڪي، مٽي ۾ ملي مٽي ٿي ويا ۽ پويان رهِجي ويا، اُهي ڪُجهه ڳوڙها جيڪي سندس دوستن، چاهيندڙن ۽ پڙهندڙن جي اکين ۾ ان وقت موجود هُئا، جڏهن هو پنهنجي اُن سفر تي روانو ٿي رهيو هُئو، جتان ڪوئي نه موٽيو آهي، هاڻ ته فقط اياز جون ڪجهه سٽون ئي ان احساس کي تازو ڪن ٿيون ۽ ساڳئي وقت تصديق ڪن ٿيون.
آيو موت ته روح اڏي ويو جسم ٿيو آزاد.
مٽي اول، مٽي آخر، مٽي زندهه آباد.
خالد سليم پٺاڻن جي ڪاڪڙ قبيلي جو هڪ شخص، جيڪو پنهنجي مزاج ۾ آخر تائين  پٺاڻُ ئي رهيو، هوُ شڪار ۾ ڄائو، اڌ دنيا گهميائين، هن ملڪ جي ڪيترن شهرن ۾ رهيو، پنهنجي نوڪريءَ جي سانگي سان، ادب ۾ وڏو نالو ڪمايائين، پر پوءِ به هو هڪ شڪارپوري رهيو. ڇاڪاڻ ته شڪارپور هڪ شهر جو نالو ته آهي ئي، پر هڪ مزاج، هڪ رويي ۽ هڪ احساس جو نالو به آهي. آغا سليم پنهنجي جوڙ جڪ ۾ پنهنجي سڀاءَ  ۾، پنهنجي مزاج ۾ شڪارپوري رهيو ۽ اهو فخر هن پاڻ سان ائين سانڍي رکيو جيئن آخري گهري تائين هُن پنهنجي چهري تي حسين مُرڪ سانڍي رکي.
هوُ خالد سليم کان آغا سليم تائين، ادب ۾ جيڪا پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿو، اها سنڌ جي ٿورو هن تخليقڪارن کي نصيب ٿي آهي، گهٽ ۾  گهٽ ”اونداهي ڌرتي، روشن هٿ“ لکڻ جهڙي آبرو ته اڄ جي تاريخ تائين سنڌ ادب ۾ سرحد جي هُن پار توڻي هِن پار، ٻئي  ڪنهن سنڌي اديب کي نصيب نه ٿي آهي.
سنڌي ناول جي حوالي ۾ ”همه اوست“ کي جيڪا تنقيدي توڻي تعريفي مڃتا نصيب ٿي، اهڙي به شايد، سراج صاحب جي ”پڙاڏو سوئي سڏ“ کي ڇڏي، ڪنهن ناول کي نصيب نه ٿي هوندي. پر انهن ناول جو ذڪر ۽ مڃتا الڳ آهي جيڪي تاريخي ناول جي ذمري کان ٻاهر آهن.
تفصيلي اڀياس ۾ آغا سليم صاحب جا اهي ٻه تخليقي ناول به شامل آهن، جيڪي، ”اڻ پورو انسان“ ۽ ”روشنيءَ جي تلاش“ جي نالن سان ڇپيل آهن ۽ جيڪي ٻئي ناول سندس قدر آور ناولن ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ۽  ”همئه اوست“ جي ٿڌي ڇانو ۾ اُسري نه سگهيا، نه ئي ڪا وڏي تعريف/پذيرائي ماڻي سگهيا اسان جي هڪ لوڪ چوڻيءَ وانگر ته ”وڏي وڻ جي ڇانوَ ۾ ننڍا وڻ اُسري نه سگهندا آهن.
آغا سليم جي ڪهاڻين جو پنهنجو هڪ الڳ جهان آهي، جيڪو سندس ئي تخليق ڪيل آهي، جنهن جو هن بيڪار جهان سان لاڳاپو گهٽ آهي ”ڌرتي روشن آهي“ جي سري هيٺ ڇپيل هيءَ ڪهاڻي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي سونهن جو ۽ احساس جو هڪ نرالو باب آهي. جنهن تي پڻ تفصيل سان لکڻ جي گنجائش آهي ۽ ساڳئي وقت سندس ڪهاڻي ڪتاب ”چنڊ جا تمنائي“ به گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪهاڻي ڪتاب آهي، ۽ اسان جي نسل کان اهو ننڍڙو ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل سندس شاعريءَ جو ڪتاب ڪيئن وسرندو، جيڪو ”پن  ڇڻ ۽ چنڊ“ جي نالي سان ڇپيو هُئو ۽ ورهين کان مارڪيٽ ۾ موجود نه آهي. پر ڪنهن به صورت ۾ موجود هجڻ گهرجي. تخليق جي حوالي ۾ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هوُ رومانوادي ڌارا جو ليکڪ آهي، جيتوڻيڪ سندس ناول ”اڻ پورو انسان“ ۽ ”روشنيءَ جي تلاش“ جديد ناول جي سرحدن کي ڇهندڙ ناول آهن تنهن هوندي به هوُ. رومانواري ليکڪ به هُئو ته مزاج رکندڙ به هُئو.
هيءَ سڀ ڪم تخليقي ڪم آهي جنهن بعد هُن جو اهو ترجمي جو اصلوڪو ڪم آهي، جيڪو، ”اليگزينڊر“، ”ميلوڊيز آف سچل سرمست“ ”صدين جي صدا اياز“، ”لات جا لطيف جي“ ۽ ٻين ڪيترن نالن سان ڇپيل آهي.
سندس آخري ڪم اهو آهي، جنهن کي هُن باقي عُمر ارپي ڇڏي هُئي، جنهن ڪم ۾ هُن لاءِ سڀ کان پهريون نالو شاهه سائين جو اچي ٿو، جنهن جو نالو هوُ ڳالهائڻ يا تقرير ڪرڻ وقت گهٽ کڻندو هُئو، هُن جو سڄو عقيدو، پيار ۽ پاٻوهه، ”سائين“ لفظ ۾ اوتجي ايندو هُئو، هو شاهه سائينءَ کي فقط ”سائين“ چئي ذڪر هيٺ آڻيندو هئو ۽ ”سائين“ کي هُن اردو ترجمي ۾ به آندو ته انگريزي ترجمي ۾ به آندو، آخري سندس پيار گنج کي اردو توڻي انگريزي شڪل ڏيڻ هُئو، جيڪو ڪنهن حد تائين هوُ مڪمل ڪري سگهيو ۽ ڪجهه ئي باقي رهجي ويو ۽ ازل جي سڏ هُن کي پاڻ ڏي توجهه ڪري ورتو ۽ هوُ اهو سڏ ورنائي، ان سفر ڏانهن روانو ٿيو. جيڪو اسان هن جهان ۾ رهندڙن لاءِ اڻ ڏٺو آهي ۽ جن ڏٺو آهي، اهي ڪڏهن به موٽي نه آيا آهن، انهن سڀني جا پيرا اسان واريءَ منجهه وڃائي موٽي آيا آهيون، اياز ٺيڪ چيو هُئو،
واريءَ منجهه وڃائيا تنهنجا پيرا مون
شام لٿي آهي.
شام وري رات گذاري صبح ماڻيندي پر اسان هُن جو مرڪندڙ چهرو وري ڪڏهن به ڏسي نه سگهنداسين. شايد ائين ئي ٿيڻو آهي. جنهن عمل کي ڪا به طاقت روڪي سگهڻ کان محروم آهي، آغا سليم  سان ڪيتريون شامون، ڪجهه راتيون، ڪجهه سفر ۽ اڻ ڳڻيون ڪچهريون، سڀ ياد رهجي وڃڻيون آهن، اڄ هوُ پاڻ اسان ساڻ نه رهيو آهي، پر سندس وڇوڙي جو ڏک ته رهڻو ئي آهي.



آغا سليم
سندس لاءِ هاڻي اسان ڇا ٿا ڪري سگهون، ان تي سوچيو
زرار پيرزادو
ماڻهو ڪو هڪ به وڏو ڪم ڪندو آهي ته اُهو ياد رهجي ويندو آهي. آغا سليم ته انهن اديبن مان هڪ هو جن هر اُهو ميدان ۽ مورچو پئي سنڀاليو جيڪو خالي هُيو.
هو ڇا ڪجهه نه هو. هو ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامه نگار، ڀٽائي جو پارکو، ڀٽائي جي شاعري جو اردو ۾ منظوم ترجمو ڪندڙ، هڪ تمام وڏو براڊڪاسٽر، موسيقيءَ جو ڄاڻو، ايڊيٽر، وغيره وغيره. آغا سليم لاءِ ته اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته ”پرينم! تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان“.
سو آغا سليم ته سنڌي ادب، سنڌي موسيقي، ڀٽائي، صحافت، ريڊيو، ٽي وي، ثقافت کاتي ۽ تحقيق کي پنهنجين لکڻين ۽ تخليقن سان مالامال ڪري ويو پر سوال اِهو آهي ته اسان آغا سليم لاءِ ڇا ڪيو يا ڇا ڪجهه ڪري سگهون ٿا.
اسان آغا سليم جي زندگيءَ ۾ نه سندس نالي تي ڪو ادارو ٺاهي سگهياسين، نه ڪنهن لائيبريري تي سندس نالو ڏئي سگهياسين، نه ريڊيو اسٽيشن جو ڪو سيڪشن سندس نالي ڪيوسين، نه ٽي وي اسٽيشن جي ڪنهن اسٽوڊيو مٿان سندس نالو رکيوسين، نه ئي ڪو روڊ يا شاهراهه سندس نالي ڪئي سين، نه ثقافت کاتي يا انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ڪنهن عمارت تي سندس نالو ڏنوسين، نه سندس نالي ڪا چيئر قائم ڪئي سين.
هاڻي به اِهي ڪم ڪري سگهجن ٿا پر ڏک رڳو اهو ٿيندو ته اهو سڀ ڏسڻ وارو ۽ ڏسي خوش ٿيڻ وارو آغا سليم هاڻي ناهي رهيو.
بحيثيت قوم انهيءَ بي قدريءَ مان پاڻ هاڻي به سکي سگهون ٿا ڇاڪاڻ ته سکڻ جي گنجائش هر لمحي هوندي آهي.
اسان آغا سليم لاءِ اهي ڄاڻايل ڪم هاڻي به ڪري سگهون ٿا، نه رڳو آغا سليم لاءِ پر باقي زندهه رهيل پنهنجن سينيئرز جهڙوڪ ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، امداد حسيني، علي بابا، حميد سنڌي، تاج بلوچ، ولي رام ولڀ، عطا محمد ڀنڀرو، غلام نبي مغل کي به اهڙي مڃتا ڏيڻ جو سوچڻ گهرجي.
پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته اسان کان اهو ڪم نه پڄندو ڇاڪاڻ ته اسان پنهنجي اکين مٿان پٽيون ٻڌي ڇڏيندا آهيون ۽ اهي پٽيون اکين تان تڏهن لاهيندا آهيون جڏهن اسانجو ڪو ليجنڊ هن دنيا مان گذر ڪري ويندو آهي.


آغا سليم جون ساروڻيون
ذوالفقار راڄپر
جڏهن اسان شاگردي واري آسمان تي گهمندڙ دنيا جا رهواسي هئاسين، تڏهن محترمه رسول بخش جي فڪر ۽ فڪري ڪتابن کانسواءِ جن ٻين ڪتابن سنڌ وطن ۽ ملڪ جي آزادي ۽ عوام سان محبت جا خواب ۽ خيال دل ۽ دماغ ۾ ويهاريا هئا ۽ جن ڪتابن ”ڪتاب دوست“ بنايو ۽ پڙهڻ لکڻ جو جذبو جاڳايو هو، تن ڪتابن ۾ آغا سليم جو شاندار ۽ تاريخي حساب سان لکيل ناول ”اونداهي ڌرتي، دوشن هٿ“ خاص طور شامل هو.
شيخ اياز، استاد بخاري، امر جليل، ابراهيم منشي، رشيد ڀٽي، نديم ملڪ سميت سمورن اديبن ۽ شاعرن ان دور ۾ اسان لاءِ اتساهه ۽ اميدن جا رستا روشن ڪيا هئا. آغا سليم صاحب جو ٻيو ناول ”هم اوست“ ۽ سندس ٻيون لکڻيون به پڙهندا رهياسين. پر ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“، ناول جيڪو دل تي اثر ڇڏيو هو، اهڙو ئي حال گورڪي جو ”ماءُ“ ناول پڙهڻ مهل به ٿيو هو. اڄ به جڏهن جيڪي نوان دوست سنڌي ادب ۽ ڪتابن سان ويجهو اچڻ چاهيندا آهن، تن کي جڏهن ”صبح ٿيندو“، ”سنڌي ذات هجن“ هو چي منهه جي آتم ڪهاڻي، بختاور جي ڪهاڻي پڙهڻ جي صلاحن ۾ آغا سليم جي ڪهاڻين ۽ ناولن خاص طور مٿي ذڪر ٿيل ناول شامل ضرور ڪندو آهيان. تازو هن سال جي پهرين ڏينهن ۾ پنهنجي صحافي دوستن کي به اها صلاح ڏني هئي ته هو ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ضرور خريد ڪري پڙهن.
اهو ناول پڙهي ۽ سارنگ جي ڪردار جو پيڇو ڪري، آغا سليم سان ملڻ ۽ کيس ڏسڻ جو بيحد گهڻو تجسس ۽ شوق هوندو هو. جڏهن ڪراچي شهر ۾ صحافت ڪندي ۽ صحافي مزاج هوندي ڪنهن روزگار سان ته ڪڏهن بي روزگاري ۾ بندر روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ڪلفٽن کان وٺي ناظم آباد ۽ چڪرا ڳوٺ ۽ ابراهيم حيدري جا چڪر ڏيندو هوس. اهڙي ئي هڪ بي روزگاري جي لهر ۾ ساٿي صحافي ۽ ان وقت جي دوست مسعود انصاري جي وسيلي آغا صاحب سان روزگار جي حوالي سان ملاقات ٿي، تڏهن هن جي سڃاڻپ ناول نگار، ڊرامه نويس کانسواءِ هڪ ايڊيٽر ۽ صحافي طور به ٿي چڪي هئي.
آغا صاحب مون کي جاڳو اخبار جو رپورٽر ۽ بعد ۾ چيف رپورٽر بنايو. پنهنجي صحافتي جوهر ۽ آغا جي دوستي وسيلي ڪافي گهڻو بهتر ڪم ڪيم ۽ سڃاڻپ پيدا ڪئي. صحافتي دنيا جي ڪرائيم ۽ ڪرپشن، ڪلچر کان پري رهڻ ٻين گڏيل دوستن جي گذريل محبت ڪري هو عمر جي گهڻي فرق ڪري ويجهو دوست به بڻجي ويو. اڪثر اسان جون شامون آفيس جي ڪم بعد گڏيل  دوستن جي محفل ۾ گذرنديون هيون. ڊفينس فيز ۵ مان ڪيترائي دفعا آڌي رات جو خاص محفلن مان نڪري بوٽ بيسن تي ماني کائيندي هڪٻئي کان موڪلاڻي ڪندا هئاسين.
آغا صاحب جا ٽي وي تي لکيل ڊراما به بيحد متاثر ڪندڙ هئا. هن سان ادبي ۽ صحافتي ويجهڙائپ هوندي اڪثر اخبار جا ايڊيٽوريل لکڻ جو ڪم به مون کي ڏيندو هو. مان اخبار جي معرفت ڪيترائي دفعا اسلام آباد ويس ۽ اتي اهم حڪومتي وزيرن سان ملاقاتون جي ڄاڻ رکندي ڪڏهن به ڪنهن کي ڪم يا سفارش جو پيغام نه ڏنو. جڏهن اسماعيل راهو ايڪسائيز جو وزير ٿيو ته آغا صاحب کي اهو به معلوم هو ته راهو صاحب سان اسان جي ڪيتري ويجهڙائپ آهي، تڏهن به ڪو ڪم نه چيائين آغا صاحب جو هڪ خاص لفظ ”مَنَ“ هوندو هو ۽ هو اڪثر مون کي ۽ ڪجهه ٻين دوستن کي مَنَ ڪري سڏيندو هو. هڪ دفعو آغا صاحب سان ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي گهر ويهي رهيس ته هن منهنجي وڏي ڀاءُ لياقت راڄپر کان نياپو ڪرائي آفيس گهرايو. آغا سليم تصوف ۽ ٻين موضوعن تي ڪافي دسترس ته رکندو هو، پر هن جي سياسي ڄاڻ ۽ ان کي سمجهڻ ۾ ڪافي گهٽ وڌايون هيون، ان ڪري هن سان ان معاملي تي ڪافي اختلاف به هئا. ۽ هن جي ۽ قمر شهباز، يوسف شاهين ۽ ٻين سنڌي اديبن جي طرفان سنڌ جي ڏکئي وقت ۾ ايم ڪيو ايم طرف لاڙي قوم ۽ ان جي پڙهيل لکيل گروهه ۾ سندن شخصيت تي ڪافي گهڻا داغ به لڳا، بعد ۾ آغا صاحب سنڀالي به ورتو ۽ پنهنجي غلطي جو اعتراف به ڪيو هو. آغا سليم جاڳو ڇڏي ويو ته اسان به ان اخبار ۾ جٽاءُ نه ڪري سگهياسين، بعد ۾ آيل ماڻهن ۽ مالڪ جي طرفان مسلسل بي توجهي ڪري اخبار بند ٿي وئي ۽ مان به ڪنهن سبب ۸،۷ سال لاڙڪاڻي ۾ رهي پيس، پر آغا سليم سان رابطو رهيو ۽ جڏهن ڪراچي واپس آيس ته به آغا صاحب کي ڳولي وٺندو هوس ۽ يا وري ڪنهن ادبي ميڙاڪي ۾ هن سان سمورو وقت گڏ گذاربو هو.
آغا سليم پنهنجي پوشاڪ ۽ اٿڻ ويهڻ ۾ هميشه صاف سٿرو ۽ تازو توانو رهندو هو، ڊگهي قد، سونهن ۽ ڳاڙهي اڇي رنگ ڪري سڀني کان نرالو لڳندو هو. کيس شاهه لطيف ۽ ان جي شاعري تي به ڪافي عبور هو، ٻه ٽي سال اڳ ذيبسٽ ڪراچي ۾ شاهه لطيف سيمينار ۾ هُن ايترو ته بهتر ڳالهايو ۽ لطيف جي نرالي شاعري کي خاص نرالي انداز کي پيش ڪيو، جو سمورو حال لطيف جي مذهبي خيال واري هلڪي تصور کي به دل مان ڪڍي ڇڏيو.
آغا سليم صاحب پنهنجي زندگي جي آخري سالن ۾ سنڌ ثقافت کاتي سان گڏ ڪم ڪرڻ کان سواءِ دهلي ۽ ٻين هنڌن تي تصوف تي ڪافي اهم ليڪچر به ڏنا. آغا سليم ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جو استاد هو ۽ اسان جي خواهش هئي ته لاڙڪاڻي شهر ۾ ”اسٽيج ڊرامو“ تي ڪو ليڪچر ڪرايون، پر اهو ڪم نه ٿي سگهيو. آغا سليم اڄ جسماني طور موجود نه آهي، پر هن جو ادب جي دنيا ۾ ٿيل ڪم اسان ۽ توهان وٽ موجود آهي. سنڌي ادبي سنگت سميت ڪو به اهڙو سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارو نه آهي، جيڪو هن جي مڪمل ۽ اڻ مڪمل ڪم کي سهيڙي وٺي ۽ نه مرحوم اديبن شاعرن، فنڪارن ۽ صحافين جا رهيل ڪم مڪمل ٿي رهيا آهن، ان جو سبب انهن جي خاندان ۽ اولاد جي پوئواري آهي. آغا سليم ورهاڱي بعد سنڌ جي هڪ نئين سجاڳي واري دور ۾ ادبي جنم ورتو ۽ سنڌ جي جمهوري چونڊيل حڪمرانن جي طرفان سنڌ کي ڏنل جمهوريت جي ڏنگن واري دور ۾ اسان کان موڪلاڻي ڪئي آهي. سنڌ جو حال ۽ مستقبل آغا سليم جي بهترين ۽ شاندار پاسي ۽ ڪم کي تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ نه اڇلائيندو پر هن کي ياد ڪندو رهندو.



آغا سليم
سندس تحريري ورثو
سجاد ظهير
آغا سليم وڇڙي ويو، هوءُ مغلن جي ڏاڍ خلاف سارنگ به هو، ته ٻئي پاسي پٺ تي پيل سماج ۾ جتي اوندهه جا ڪڪر واسو ڪري وڃن اتي هو روشن هٿن سان مشعل کنيو بيٺو هو. سنڌي ناول ۾ هن وٽ پنهنجا موضوع هئا، هن سنڌ جي تبديلي جي ويڙهه ۾ هم اوست بڻجي سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ پئي چاهيو. سندس لکڻين سنڌي جي نئين نسل تي ڪيترائي سارا اثر ڇڏيا، سندس ناول جيڪي سنڌي سليبس جو حصو ته هئا ئي هئا پر ان کان هٽي ڪري عام ماڻهو جي شوق ۾ پڻ شامل رهيا. هو هڪ صوفي هو، سندس صوفي ازم ۾ لينن جهڙو اڏول ڪردار شامل هئو، جنهن جا مثال هو کوڙ سارين تحريرين ۽ علمي ادبي ميڙاڪن ۾ ڏيندو رهيو.
آغا سليم جيڪو هاڻي اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو. سندس لکڻيون اسان سان گڏ گڏ هونديون. توڙي سندس لکڻين سان اختلاف ٿي سگهن ٿا پر کيس وٽ جيڪا ڪلا هئي انهي جو مان سندس پڙهندڙن وٽان حاصل ٿي چڪو آهي. سندس وڇڙڻ جو مهينو به اپريل ته سندس جنم جو مهينو به اپريل آهي، بس رڳو سال ٻيو، ۷ ۽ ۱۲ اپريل ۾ فقط چئن ڏينهن جو فرق آهي. ۷ سندس جنم ۽ ۱۲ سندس وفات جو ڏهاڙو آهي.
سندس لکڻين ۾ سنڌ جي مٽي جي مهڪ ۽ عظيم تهذيب جا فن پارا شامل آهن، هو پنهنجي قلم کي رومانويت جي ماتحت رکڻ جو حامي هئو، سندس ويڙهه ۽ تبديلي جو نظريو انقلاب کي رومانس سان ڏسڻ هو، جيتوڻيڪ هيءُ خيال سندس يوٽوپيائي تصور تي ٻڌل هئو، هن جي ناول “هم اوست”، جنهن تي پڙهندڙن کيس تمام گهڻي موٽ ڏني، هن ناول جو موضوع تاريخ جي وهڪرن ۾ ڊوڙڻ آهي، هن ناول ۾ ڪردار الڳ بجاءِ هڪڙي کول ۾ نظر اچن ٿا. هن ناول ۾ رومانس کي شامل ڪيو ويو آهي، هيءُ ناول عظيم هيري شهيد شاهه عنايت لانگاهه جي شخصيت تي لکيل آهي، جيتوڻيڪ شاهه عنايت جو سمبل ويڙهه آهي، جڏهن ته ناول ۾ ڪردارن جي شڪست نظر اچي ٿي. جهڙوڪ سارنگ، سنڌو، علي، نواب لطف علي، ماڻڪ، گوپي، گيتا ۽ پدمڻي وغيره. هنن ڪردارن جي مدد سان هڪ ڪهاڻي جوڙي وئي آهي.
آغا سليم پنهنجي فڪر ۾ صوفي انسان هئو ان ڪري پنهنجي  ناولن ۾ مسئلن جي تلاش به وحدت الوجود جي فلسفي ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو هو، جنهن ۾ هن کي ڪيتري ڪاميابي ٿي ان جو اندازو هڪ کيس ۽ ٻيو پڙهندڙ کي هوندو. سندس لکڻين ۾ ڪيتريون ئي اميدون خودڪشي ڪري وٺنديون هيون، ڇاڪاڻ جو سندس ڪردار احتجاج لاءِ آتا هوندا هئا پر هو سندن جهول ۾ امن ۽ وجودي فڪر جا تحفا آڇي فقط پيار جي ويڙهه جا گس ڏسيندو. هو سندس ناولن جي فڪر سنڌي ادب جي هڪ روشن دور جي سرواڻي ڪئي، پر کيس هڪ ٻئي دور، جيڪو جديديت سان شروع ٿيو انهي لاءِ ويڙهه وڙهڻي هئي، جيڪا منهنجي خيال مطابق اڻپوري رهجي وئي. يا کيس وقت ۽ صحت اجازت نه ڏئي سگهيا. هن فقط پنهنجي فڪر کي ماضي جي تجربن ۽ ان دور جي اڳواڻن، صوفين ۽ شاعرن جي خيالن جي فڪري اساس ۾ ظاهر ڪيو. ان جي باوجود سندس ناول هڪ نئين سنڌ جي ڳولا ڪندا رهيا، جيڪا سندس وفات کان پوءِ ڳولا جي صورت اڌوري رهجي وئي.
هر ليکڪ ۾ انا هوندي آهي ان جو سبب هو پڙهندڙ کي پنهنجي ليول تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر پاڻ پڙهندڙ جي سطح تي وڃڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي. آغا سليم ۾ پڻ ٻئي ڳالهيون شامل هيون، سندس لکڻين ۾ سنڌي سماج جي جوڙجڪ سان گڏ عام پاڙهو جي چٽي منظرنگاري شامل هئي، ليکڪ کي جهڙي صورت ملندي ليکڪ انهي ماحول مطابق لکندو. هر ليکڪ لاءِ سماجي رومانس هڪ وڏي حيثيت رکي ٿو. جنهن کي ادب براءِ مظلوميت ۽ انسان سڏيو ويو آهي.
آغا صاحب پنهنجي سوچ ۽ فڪر کان واقف هوندو هو، هو ڪردار کي تمام وڏي اڏام تي وٺي وڃڻ جو حامي هئو، اها ئي ڳالهه آهي جو هن پنهنجي ڪردار يا هيري کي پنهنجي طور ڏسڻ پئي چاهيو، جنهن کي هن پنهنجي فڪري سوچ جو ايگو قرار ڏنو. آغا صاحب جي ناولن ۾ هڪ ليکڪ جي زندگي گذارڻ جا گس ملن ٿا، هن جون خواهشون سامهون اچن ٿيون، سمورين ڪوششن باوجود آغا صاحب کي پنهنجي ڪردار جي تلاش مرڻ گهڙِي تائين رهي، هو پنهنجو مڪمل ڪردار پنهنجي ڪهاڻي توڙي ناول ۾ فڪري طاقت سان ڏيکارڻ چاهي پيو، جيڪو نه ڏيکاري سگهيو.
آغا سليم ناول ڏات جي اڳيان پنهنجي شڪست قبول ڪري رومانويت جو سهارو ورتو هو، جنهن ۾ کيس اميد هئي ته ڏات محبت کان سواءِ ناممڪن آهي. مجبور ٿي هو سنڌو کي وئشيا ڏيکاري ٿو جيڪا سندس دل جي ڳالهه نه آهي پر شايد هو نانءُ ۽ ڪردار جي بيهڪ سان پڙهندڙ جي دل تي حڪومت ڪرڻ چاهيندو هجي. ها جيڪڏهن سندس ناول جو ڪردار سرمد سومرن جي دور ۾ هوندو ته پوءِ سنڌو جو ڪردار اهڙو ڏيکارڻ آغا سليم جي قلم لاءِ سماجي حالتن جي ضرورت هوندي.
سندس ناول هم اوست مغل دور جي سماج جو اولڙو آهي، جيتوڻيڪ شاهه عنايت شهيد ويڙهه ذريعي تبديلي جو حامي هو پر آغا صاحب جو شاهه عنايت رومانس ۽ پريت سان بربريت کي ڪچلڻ پئي چاهيو، هيءُ آغا صاحب جي دل جي خواهش ته ٿي سگهي ٿي، پر سماج جي پيڙا ۽ ان جو حل نٿي ٿي سگهي. آغا صاحب هاڻي اسان وٽ ناهي رهيو، هو ناولن ۾ پنهنجي ڪردارن سارنگ، علي، پدمڻي، عنايتي ۽ ماڻڪ جي صورت هميشه اسان جي ادبي زندگي ۾ زندهه رهندو. تاريخ ۾ اسان کان سنڌي ادب جو هڪ وڏو نانءُ وڇڙي ويو آهي. اسان سان گڏ آغا سليم صاحب جا ناول به سوڳ ۾ آهن، شايد وري ڪو همئه اوست بڻجي هڪ نئين تبديل ٿيندڙ ماحول ۾ هڪ جديد سارنگ سان سماج جي تبديلي جي ڳالهه ڪري. ۽ اها ئي آغا سليم جي ساڀيان هجي.



آغا سليم
اونداهي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ روشن هٿن وارو
رکيل مورائي
برطانوي غلاميءَ مان آجو ٿيڻ لاءِ وڙهي ويندڙ ويڙهه واري دور ۾ جنم وٺندڙ هڪ خوبصورت شخص، ڪنهن ڄاتو هئو ته ايڏو خوبصورت ليکڪ به بڻبو، جو ان جا تخليق ڪيل ڪتاب، سنڌ کي هر دور ۾ روشني ڏيندا رهندا، اهڙي روشني جيڪا هن ديس جي دلين ۽ دماغن کي هڪ اهڙي نئين روشني ڏيندي، جنهن روشنيءَ ۾ هو پنهنجي وڃائجي ويل تاريخ جي نئين سر ڳولا ڪندا ۽ نئين سِر پنهنجي غلام وطن جي اهڙي تاريخ لکندا، جيڪا سندن نسل لاءِ روشن راهه بڻجي ڪم ايندي.
شايد کيس به اهو پتو نه هوندو ته سندس لکيل ڪتاب ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ڪيترائي نسل مقدس صحيفي جيان ورائي ورائي پڙهندا، هيءُ ئي ڪتاب هو، جيڪو منهنجي گهر ۾ منهنجو بابا لالٽين جي روشنيءَ ۾ منهنجي واتان ٻڌندو هُئو، ڇاڪاڻ ته ان وقت اسان جي ڳوٺ ۾ بجلي نه هوندي هُئي ۽ منهنجو بابا پڙهي نه سگهندو هو.
هيءُ ئي ڪتاب هُئو، جيڪو سنڌ جي آجپي لاءِ وڙهندڙ نوجوان اسٽڊي سرڪل جوڙي، گڏجي پڙهندا هُئا، هيءُ ئي ڪتاب هئو، جنهن بابت اسڪردو جي هڪ سرد رات جو، هُن پاڻ، ان جي نئين ڇاپي لاءِ پبلشر کي لکيو هئو ته:
”مهرباني ڪري هي وڌايل ايڊيشن سٺو ڪري ڇاپ! شايد مان هن جهڙو ناول وري نه لکي سگهان“.
۽ سچ پچ هو اهڙو ناول وري لکي نه سگهيو، هُن پوءِ هڪ ناول ”همئه اوست“ لکيو، ٻه ننڍا ناول ”اڻ پورو انسان“ ۽ ”روشنيءَ جي تلاش“ لکيا جيڪي ٻئي ناول نهايت ئي تخليقي ناول هُئا. پر هو وري ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ جهڙو ناول نه لکي سگهيو.
هو هڪ ئي ڇا، سنڌيءَ جو ڪوبه ليکڪ اڄ جي تاريخ تائين اهڙو ناول سنڌي ادب کي ڏئي نه سگهيو آهي.
ساڳئي وقت هُن جي پنهنجي اندر جي تخليقڪار مان جڏهن تخليق جي اميد گهٽ رهي ته هو ان پاسي هليو آيو، جنهن پاسي اسان کي سندس گهڻي گهرج هُئي، هُن بيمثال تخليقڪار پوءِ پنهنجون سموريون تخليقي قوتون اسان جي عظيم رهبر شاعر، شاهه سائين جي نانءِ ڪري ڇڏيون.
هُن نه رڳو شاهه سائينءَ کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو پر انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪيو. شاهه سائين تي هڪ پنهنجو مٽ پاڻ ڪتاب لکيو ”هيءَ جا لات لطيف جي“. هُن ساڳئي وقت هڪ کان وڌيڪ ڪم هٿ ۾ کنيا. سچل تي هُن ڪتاب لکيو، شيخ اياز تي هڪ املهه ڪتاب لکيو. ايئن هو تخليق به ڪندو رهيو ته تحقيق به ۽ ساڳئي وقت شاهه سائين جو ترجمو به.
محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ هُن باقي بچيل زندگي شاهه سائين جي شاعريءَ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. سندس هٿ ۾ اڄ ڪلهه شاهه جي گنج جو هڪ ئي وقت اردو ۽ انگريزي ترجمو آهي. جيڪو فائيلن جي روپ ۾ سندس اسٽڊي ٽيبل تي آهي، پر پاڻ...
ها! هُو سدائين حسين مرڪ چهري تي سانڍيندڙ، هڪ قد آوار حسين شخص ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بيمثال ناول نويس، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نگار ۽ شاهه سائينءَ جو شايد هن وقت آخري مترجم ۽ شاعر، ڊاڪٽرن جي محتاجي قبولي ويٺو آهي. آزاد جيئندڙ ۽ زندگيءَ ۾ ڀرپور ٽهڪ ڏيندڙ شخص لياقت ميڊيڪل اسپتال جي ڊاڪٽرن جي سخت نگرانيءَ ۾ آهي.
اسان انهن روشن هٿن جي سدائين چرپر لاءِ دعاگو آهيون. هيءُ اُهي هٿ آهن جن سنڌي ادب کي اعليٰ ترين لکڻيون ڏنيون آهن، سنڌ جي نئين نسل کي، سنڌ جي تاريخ سان شناسائي ڪرائي آهي، دوستن کي ٽهڪ ارپيا آهن ۽ شاهه سائينءَ کي پنهنجي سموري زندگي.
اها زندگي، جنهن کي اسان ڪيتريون ئي زندگيون ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. سنڌ جا هڪ کان وڌيڪ نسل کيس پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترا ئي حصا، ڪيتريون ئي دعائون، ڪيتريون ئي نيڪ خواهشون سندس نالي ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ڪيترا ئي محبتن جا گلاب، هُن ڏي موڪلڻ چاهين ٿا. پڪ سان کيس اهي سڀ محبتون محسوس ڪرڻ گهرجن. سندس دوست کيس پاڻ سان گڏ ڏسڻ چاهين ٿا، سندس پڙهندڙ سندس ڪو نئون ڪتاب پڙهڻ چاهين ٿا، شاهه سائين پنهنجو ڪو وڌيڪ شعر ٻين ٻولين ۾ ترجمي جي صورت ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ سنڌ پنهنجي اڄ واري اونداهي دور مان آجپو ماڻڻ چاهي ٿي، جيڪو آجپو، هُن جي روشن هٿن، لکي ڪتابن جي صورت ۾ سنڌ کي ڏنو آهي.
اسان انهن اکين جي سلامتيءَ جا، انهن هٿن جي جنبش جا، انهن ٽهڪن جي ڦهلاءَ جا ۽ انهن مُرڪن ڏسڻ جا خواهشمند آهيون، جيڪي سڀ هن سان گڏ آهن.
پڪ سان اسان جون دعائون ۽ مسيحائن جو سهڪار هُن کي ان بيڊ کان اٿاري ان ٽيبل ڏانهن موڪليندا، جنهن ٽيبل تي شاهه سائينءَ جا بيت سندس اوسيئڙي ۾ آهن، هو ويس بدلڻ چاهن ٿا، اسان سڀ پنهنجون دعائون ۽ محبتون کيس ارپيون ٿا. هو جيڪو اسان جي اکين، دلين ۽ دماغن ۾ آغا سليم جي نالي سان هڪ اونچي آسڻ تي ويٺل آهي.
هو جيڪو ”همئه اوست“ جو پيروڪار رهيو آهي. اونداهيءَ ڌرتيءَ تي، روشن هٿن سان روشني ڪرڻ جا خواب ڏسندو رهيو آهي، اسان کي اميد آهي ته انهن خوابن جي ساڀيائن تائين هو اسان سان گڏ هوندو ۽ هو جنهن غلاميءَ جي خلاف وڙهندڙ دور ۾ ڄائو  هُئو، اهڙيءَ ئي غلاميءَ مان آجپي لاءِ هن لکيو آهي ۽ اهڙي دور جي غلامي ختم ٿيندي ڏسندو ۽ وري اسان کي ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ جهڙو هڪ بيمثال ناول ڏيندو جنهن جي هڪ ڪنڊ تي لکيل هوندو آغا سليم.



آغا سليم
ڀٽائي جو پارکو
ابراهيم لاشاري
سنڌ جو قديم زماني کان وٺي علم ادب جو گهر سڏجندڙ شهر شڪارپور کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن شهر ڪيترن ئي ادبي صفت جي انسان کي جنم پئي ڏنو آهي. اهڙين عظيم شخصيتن منجهان ڳوٺ ڪڙي عطامحمد جي معزز شخصيت آغا عبدالڪريم جي گهر کان ۷ اپريل ۱۹۳۵ع  ڇنڇر ڏينهن کان آغا سليم پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو. سندس ڇٽي جو نالو وري (آغا خالد سليم) هو اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ (آغا سليم) جي نالي سان مشوري ماڻي سندس جو نالو اڄ تائين زنده ۽ جاويد آهي، آغا سليم ابتدائي تعليم ڦرهي هٿ ۾ ڪري شڪارپور جي اسڪولن منجهان ورتي تنهن بعد هو شڪارپور کي ڇڏي حيدرآباد سڪونيت اختيار ڪئي جتان هن ڏاهي شاگرد مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪيو پڙهائي ۾ زياد دلچسي رکندي انٽر جو امتحان لاهور مان پاس ڪيو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وري هن اچي سنڌ يونيورسٽي وسائي جتان هن (بي اي) گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي. سنڌي ادب سان ناتو سندس بچپن کان وٺي رهيو. آغا سليم جي ننڍي هوندي وندر رڳو ڪتاب ئي هوندا هئا، جڏهن ته سندس وڏو ڀاءَ ڪافي ڪتاب ان زماني ۾ وٺي ڏيندو هيس مڱر ان جي باوجود آغا صاحب کي سنڌي ادب پڙهڻ ۽ لکڻ سان لڳاءَ ننڍي هوندي کان هوندو هو گهران جيڪا به خرچي ملندي هيس ته شڪارپور منجهه ان زماني هڪ مشهور پبلشر (پوڪرداس) هو جنهن جو دوڪان ڍڪ بازار ۾ هوندو هو اتان ئي ڪتاب پيو خريد ڪري من منجهه سنڌي ادب ۾ لکڻ لاءِ ڪوشش ڪندو هو مڱر ڪاليج واري زماني ۾ ڪاليجي دوست ڊاڪثر تنوير عباسي ۽ سراج صاحب جي صحبت سندس رنگ لاتو ۽ سال ۱۹۵۲ع ڌاري قلم کنيائين هن سنڌي ادب جي بادشاهه رائيٽر پهريان پهريان ڪهاڻي (آهه! اي ظالم سماج) جي موضوع سان لکي جيڪا ان زماني ۾ هالا شهر مان نڪرندڙ رسالي (فردوس) جي زينت بڻي پوءِ آغا سليم بهترين لکڻ شروع ڪيو ٿوري عرصي ۾ پنهنجو نالو ادبي لڏي جي دنيا وارن ۾ نروار ڪرايائين هن عظيم اديب جي سڃاڻپ ناول نگار جي حيثيت رهي آهي مڱر هن شاعري ، ڪهاڻيون ڊراما، سفرنامه، تحقيق، لطيفيات، ريڊيو، صحافي طور پڻ پاڻ مڃرايو .آغا سليم سنڌي ادب ۾ پهريان پهريان (آغا شاهين) جي نالي سان لکي پنهنجو ادبي نالو مشهور ڪرايو آغا سليم تعليم پوري ڪرڻ بعد هو سرڪاري نوڪري سان سلهاڙجي (ريهيبليٽيشن) کاتي سان آغاز ڪيائين مڱر ان نوڪري ۾ ٿورو عرصو ڪم ڪري آواز جي دنيا ۾ پنهنجو جادو ريڊيو پاڪستان تي ڪم ڪري جاڳيائين ريڊيو پاڪستان جي ڪيترين ئي ريڊيو اسٽيشنن تي بطور پروڊيوسر، پروگرام مئنيجر کانسواءِ ڊپٽي ڪنٽرولر جي اهم منصبن تي ڪم ڪندو رهيو ۽ سندس سرڪاري عمر پوري ٿيڻ تي ريڊيو پاڪستان جي نوڪري تان رٽائر ٿيو رٽائر ٿيڻ بعد آغا سليم اخباري دنيا (صحافت) جي ميدان ۾ پير پاتو پهريان روزاني جاڳو ۽ بعد ۾ وري روزاني (سچ) اخبار جو ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رهيو آغا سليم سنڌي ادب ۾ ناول نگارن جي لسٽ ۾ پهريون نمبر تي پنهنجو نالو ڳڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي سندس شمار سنڌ جي تمام بهترين ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو هن پنهنجي هٿ جا لکيل ناولن منجهان (هم اوست، روشنين جي تلاش، اڻ پورو انسان، اونداهي ڌرتي روشن هٿ، سنڌي ادب ۾ انهن ناولن جو ڪو مٽ ثاني ناهي سندس ناولن منجهان ثقافتي رنگ، تهذيبي قدرن جي لاٽ، تاريخي لاڳاپڻ کان پڻ آغا سليم ناول وسيلي اسان سان ڳالهائي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو. سندس ناول پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته هن سنڌي قوم جي نفسياتي ڪيفيت کي ڪين نه  اعلي نموني پيش ڪيو آهي سنڌ جي ڏاهي اديب ۽ آواز جي دنيا منجهه ماکي کان مٺڙي ڪوئل جهڙي آواز جي مالڪ ۽ براڊڪاسٽر  محترم نصير مرزا صاحب  آغاسليم جي ناولن بابت پنهنجي خوبصورت راءِ هن طرح پيش ڪري ٿو، هو چوي ٿو ته سندس ناولن جا ڪردار، سارنگ، ماڻڪ، سنڌو، شاهه عنايت وغيرهه هنن ناولن جا اهي اهم ڪردار ۽ مها چهرا آهن جيڪي اتهاس جي اوٽ ۾ ڪٿي گم هئا. انهن کي آغاسليم صاحب ماضي جي اونداهين گفائن مان ڪڍي اسان جي حال جي سرواڻي ڪرائڻ ۽ اسان جي ستل ذهنن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ مثال طور ڪري پيش ڪرڻ لاءِ انهن ڏينهن جي روشني ۾ کڻي آيو آهي نصير مرزا صاحب وڌيڪ چوي ٿو ته سندس ناول ۾ واقع ڪالهه جا ئي نه، اڄ جا محسوس ٿين ٿا. ان کان علاوه آغا سليم افسانوي ادب ۾ پڻ پاڻ مڃرايو سنڌي ادب کي ڪيتريون ڪهاڻيون ڏئي آسودو بنائڻ ۾ وڏو نالو ڪمايائين سندس بهترين ڪهاڻين جي مجموعن منجهان چنڊ جا تمنائي ۱۹۶۷ع  ڌرتي روشن آهي، ۱۹۸۵ع لذت گناهه ۽ درد جو شهر پڻ شامل آهن آغا سليم رڳو ڪهاڻيڪار، ناول نگار براڊڪاسٽر، صحافي نه هن پڻ پنهنجي من جو خيال شاعري وسيلي پڻ جڳ جڳ جاڳايو هو نثر کان علاوه هڪ بهترين شاعر پڻ هو شاعري جي مڙني صنفن منجهه طبع آزمائي پڻ ڪيائين جن ۾ غزل، وائي، بيت، نظم جو پڻ بهترين شاعر هو سندس شاعري جي مجموو سنڌي ادب جي حوالي ڪيائين جيڪو سال ۱۹۸۶ع ڌاري (پن ڇڻ ۽ چنڊ) ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو پنهنجي زباني شاعري وسيلي آغا سليم چوي ٿو ته
جئن سو تارو صبح جو، موکي تنهنجو نانءَ،
تنهنجي مڌ ۽ موهه سان، جرڪي منهنجو هانءَ،
ڳايان اڄ ڪي آنءَ گيت ڪي آڌرڀاءُ جا.
آغا سليم صاحب به لطيف جي پارکو منجهان هو سندس شمار نالو انهن لطيف فڪر جي پارکن ۾ ٿئي ٿو جن شاهه جي رسالي جو اردو ۽ انگريزي ۾ منظوم ترجمو ڪيو. اها ڪاوش پڻ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهي آغا سليم صاحب کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هن لطيف سرڪار، ڀٽائي گهوٽ جي واين جو ترجمو (لالن لال لطيف ڪهي) اردو ۾ منظوم نموني سان پڻ ڪيو سندس لطيف سرڪار تي ڪيل ڪم سڄي دنيا تائين نالو روشن ڪيو آهي آغا سليم شاهه لطيف کان پوءِ حضرت سچل سرمت رح جي ڪلام تي پڻ اعلي نموني جو ادبي پورهيو ڪيو جن ۾ صدين جون صدائون، سچل سچ هي سارا جو پڻ اردو ترجمو ڪري ۲۰۱۰ع ۾ پڌرو ڪيو آغا سليم کي وقت به وقت وڏن اعزازن ۽ انعام ۽ ايوراڊن سان پڻ نوازيو ويو جنهن منجهه شاهه لطيف ايوارڊ سان (ٻه) ڀيرا نوازيو ويو  سال ۲۰۰۵ع ڌاري صدارتي ايوارڊ تمغه حسن ڪارڪردگي سان پڻ نوازيو ويو اهڙي ريت هي سنڌي ادب جو جو سڄڻ عظيم ليکڪ ۱۲ اپريل اڱاري ڏينهن ۲۰۱۶ع ڌاري ڦڦڙن جي تڪليف سبب ۸۰ سال ۴ مهينا ۽ ۵ ڏينهن زندگي جا پل گذاري، سنڌي ادب جا سڀ باب بند ڪري، سنڌ واسين کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو.



آغا سليم
ناول نگاري ۽ فڪري پهلو
اختر علي گهنيو
انساني فطرت جدت پسند آهي. سندس فطرت هميشه نين راهن کي ڳولڻ ۽ ڏسڻ جي خواهان هوندي آهي. جڏهن هن جي دل ڪنهن هڪ شي کان ڀرجي ويندي آهي تڏهن هوُ ٻي شي جي طلب ڪندو آهي. يا انهي سي ۾ تبديلي آڻي پنهنجي جدت پسندي جي عادت پوري ڪندو آهي. پر انهي تبديلي ۾ هن سان هن جو ماحول ۽ فني حالتن جو پڻ اثر هوندو آهي.
انسان پنهنجي زندگي جي قافلي کي مشڪلات سان آساني سان پار ڪرڻ لاءِ وندر جون شيون ايجاد ڪيون ڪهاڻي جوڙڻ جو فن به انهي منجهان هڪ آهي. وندر ورونهن ۽ نصيحت لاءِ جيڪي به ڪهاڻيون جوڙيون تن ۾ هن وقت به تبديلون آنديون عقل وارن يا مذهبي پيشوائن جي عقل ۽ دانائن قوتن ۽ نصيحتن واريون ڳالهيون بيان ڪندي يا چالاڪين ۽ ٺڳن جي ٺاهن کي بيان ڪندي ٺاهيون ويون. انهي ڪري ڪهاڻي وندر جي دنيا ۾ قديم زماني کان وٺي اڄ تائين ڪيتريون ئي منزلون لتاڙي چڪي آهي، جنهن ۾ ڏن ڪٿائون، ڪهاڻيون، داستان ۽ تاريخي روايتون اچي وڃن ٿيون. اهڙي طرح قديم زماني کان وٺي ۱۹ هين صدي تائين افسانوي ادب ٿورو يا گهڻو ڪهاڻي رهيو آهي.
ناول انسان جي باطني ۽ خارجي زندگي جي ٽڪراجڻ جو هڪ سلسليوار نثري قصو آهي، جو قديم انسان بنسبت اسان جي زندگي کي زياده کان زياده قريب هوندو آهي
ناول نگار معاشري کي جاچيندو روز مره جي زندگي جو نقش اکين آڏو رکندو آهي، جنهن ۾ معاشري جي اخلاقي تصور ۽ وقتي حالتن جي مدنظر پيش ڪندو آهي. اهو ماحول ۽ وقتي حالتون هن جي زندگي تي اثرانداز هونديون آهن انهن جو اثر هن جي زندگي تي شخصي هوندو آهي. انهي شخصي اثرن کي ٻين تائين پهچائيندي کين هم خيال بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو ڪندو آهي. اهڙي طرح هي جيڪي ڪجهه پاڻ مڃي ٿو.
ناول نگار پنهنجي خيالن کي مڃائڻ لاءِ ناول جي ڪهاڻي ۾ ڪيتريون شخصيتون پيش ڪري ٿو. جنهن کي پنهنجي خيالن جي اظهار جو ذريعو بڻائي ٿو. اهو اظهار هر شخص جي عادتن اعمالن جي مدد سان پيش ڪري ٿو. هوُ اهي وارداون ۽ اعمال هڪ نفسيات جي ڄاڻو وانگر پرکي پوءِ پيش ڪندو آهي؛ پر اها نفسياتي پرک به ان جي شخصي هوندي آهي ناول نگار جو اهو شخصي اظهار ڪردارن جي واتان ۽ هٿان ظاهر ٿيندو آهي. ان ڪري ناول ۾ “ناول نگار نفسياتي پرک کان وڌيڪ انساني عادتن جي سکيا ڏئي ٿو”.
ناول نگار جيڪي ڪجهه پيش ڪري ٿو اهو سندس شخصي زندگي تي ڇانيل هوندو آهي. ناول نگا پنهنجي پسند جي زندگي جي طريقي جو قدر ڪرائڻ لاءِ اهڙين زندگين کي ٻين جي اڳيان آڻي ٿو. جيڪي هن جي شخصيت جي پيدائش هونديون آهن. ناول ۾ زندگيون ناول نگار جي شخصيت تڏهن پيدا ڪري سگهن ٿيون جڏهن سندس چوطرف جون زندگيون هن تي اثر وجهن ٿيون. يا ائين چئجي ته معاشري جون زندگيون ۽ ناول نگار جي شخصيت ملي ڪردارن جون زندگيون پيدا ڪن ٿيون جنهن ڪري جديد ناول جو طريقو زندگي جو طريقو ليکيو وڃي ٿو. .
ناول نگار معاشري جي فردن جو نفسياتي جائزو پيش ڪندي   سندن رهڻي، تهذيب تمندن، ريتون رسمون، سندن طور طريقا ۽ انهن جون چڱايون لڱايون پر ان کي انجو پهلو معاشري جي عقاسي ڪري ٿو. ائين ناول نگار پنهنجي معاشري ج عقاسي ڪندي پاڻ کي ۽ پنهنجي معاشري کي ادبي تاريخ ۾ هميشه لاءِ زندهه ڪري ٿو. ناول نگار هڪ طرف انساني زندگي جي عادتن ۽ عمل جي نفسياتي جائزي جو عقڪس پيش ڪندي معاشري جي وقت ۽ ماحول جي لحاظ سان عڪاسي ڪري ٿو، ٻئي طرف وري معاشري سان سندس احساس، جذبن، امنگن،  راين ۽ خيال جي ٽڪراءُ کي حقيقي صورت ۾ پيش ڪري ٿو. جيڪو پڙهندڙ کي هڪ آرسي وانگر مثالي راهه ڏيکاري ٿو. تنهن ڪري ناول هڪ اهڙو فن ٿي پيو آهي. جيڪو “انسان کي تباهه ڪندڙ عمل مان ڪڍي سجاڳي ۽ سلامتي ڏانهن آڻي ٿو” ان ڪري ناول کي انسانيت جي طريقي لاءِ ڪم آندو وڃي.
ناول نگار جي لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته هو هر ڪردار جي زندگي جي مڪمل عڪاسي ڪري ۽ ڪردارن جون نيڪيون ۽ بديون، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون سڀ ظاهر ڪري اهو قدرتي اصول آهي ته هر انسان ۾ جيڪڏهن برايون آهن ته چڱايون به هن ۾ قدرتي پيدا ٿيل هونديون آهن، نڪي ڄمندي ئي هن ۾ پيدا ٿي پونديون آهن. پر اهي برايون ۽ چڱايون اهي ماحول ۾ پرائي ٿو.
ناول جي ڪهاڻي ئي ڪردار کي ٽن طريقن سان پيش ڪيو ويندو آهي، پهرين طريقي ۾ ڪهاڻي ۾ رڳو سورمو ۽ سورمي  هوندي آهي ۽ پوري ڪهاڻي انهي ٻن ڪردارن تي ٻڌل هوندي آهي. هن کي سڌي ليڪ وارو Straight Line طريقو چيو ويندو آهي، ٻئي طريقي سورمو ۽ سورمي ۽ ٽيون بدماش هوندو آهي. هن طريقي کي ٽڪنڊي وارو طريقو Triangular چيو ويندو آهي. ٽئين طريقي ۾ اهم ڪردار هڪ هوندو آهي پر ٻيا ڪردار اهم ڪردار جي چوطرف ڦرندي نظر ايندا آهن. جنهن جو ڪم مرڪزي ڪردار کي جي شخصيت کي اڀارڻ ۽ نمايان ڪرڻ هوندو آهي. هن طريقي کي گولائي واروCircular  طريقو چيو وڃي ٿو.
فڪري لحاظ کان آغا سليم جا چارئي ناول تصوف، قوم دوستي ۽ انسان دوستيءَ جي فڪر سان ڀريل آهن. تصوف جو فڪر پڻ بنيادي طور تي انسان دوستيءَ تي ٻڌل آهي، ۽ قوم دوستي پڻ اصل ۾ انسان دوستي ئي آهي، ان ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته انسان دوستي ئي آغا سليم صاحب جي ناولن جو بنيادي فڪر آهي، انسان دوستي جنهن جي لاءِ فرانس جي وڏي فلسفي جان پال سارتر جو چوڻ آهي ته، “انسان دوستي لفظ جون ٻه معنائون آهن. جنهن مان اهو نظريو پڻ مراد وٺي سگهجي ٿو جيڪون انسان کي هڪ مقصد ۽ عظيم قدر طور پيش ڪري ٿو ۽، جنهن جو مثال اسان کي “۸۰ ڪلاڪن ۾ دنيا جو چڪر” واري ڪهاڻي ۾ به ملي ٿو. جنهن جو هڪ ڪردار چوي ٿو ته ڇاڪاڻ ته هو جهاز تي ويهي جبلن جي مٿان اڏامي رهيو آهي ان لاءِ هو عظيم انسان آهي. جنهن مان مطلب اهو ٿو نڪري ته هن پاڻ جهاز ناهي ٺاهيو پر کيس جهاز مان لاڀ حاصل آهي ۽ انسان هجڻ جي ناطي هو پاڻ کي انهن ايجادن لاء ذميوار سمجهي ٿو...وجوديت ان قسم جي هر فيصلي کي رد ڪري ٿي. ڪو به وجودي دانشور انسان کي ڪڏهن به ڪو مقصد قرار نه ڏيندو  ڇاڪاڻ ته انسان جو تعين ڪرڻ اڃا رهيل آهي. ۽ اسان کي ڪامٽي وانگر اهڙو ڪو به يقين درڪار ناهي ته انسانيت ڪا اهڙي شي آهي جنهن تي ڪو مسلڪ مڙهي سگهجي ٿو. انسانيت جو پنهنجو مسلڪ فسطاعيت وانگر ڪامٽي جي انسان دوستي ۾ اڳ ئي ختم ٿي وڃي ٿو. ۽ اسان کي اهڙي انسان دوستي نٿي گهرجي. انسان دوستي جو هڪ ٻيو به مفهوم آهي جنهن تحت انسان هميشه پنهنجي ذات کان ٻاهر رهي ٿو. هو پاڻ کان ٻاهر پاڻ کي گم ڪرڻ ۽ ظاهر ڪرڻ سان ئي پنهنجو وجود مڃرائي ٿو. ۽ ٻي طرف اعليٰ مقصدن  جي جستجوخاطر پنهنجو وجود مڃرائڻ جي قابل بڻجي ٿو. اهڙي طرح انسان پاڻ کان عظيم  ٿئي ٿو، ان ريت هو شين کي گرفت ۾ آڻي پاڻ ئي ماورائيت جو مرڪز بڻجي ٿو.”
سارتر پنهنجي وجوديت واري فلسفي بابت چيو هو، “هيءُ نظريو عين انسان جي عظمت مطابق آهي. ۽ اهو واحد نظريو آهي، جيڪو انسان کي شئي ۾ تبديل ڪرڻ نٿو ڏئي. ماديت جا سڀ ئي رخ فرد کي شئي بڻجڻ جو درس ڏين ٿا. جن مطابق انسان اڳ ئي طئي ٿيل رد عملن جو مجموعو آهي سندس ساخت ٻين شين جهڙوڪ ميز، ڪرسي ۽ پٿر وانگر آهي. جنهن  جي ابتڙ اسان فرد کي انساني دنيا جي قدرن وسيلي پيش ڪيون ٿا...ڊيڪارٽ ۽ ڪانٽ جي فلسفن جي ابتڙ اسان جڏهن، ‘آئون سوچيان ٿو’ جو ذڪر ڪيون ٿا ته ان مان مراد پاڻ جهڙن ٻين فردن جي موجودگي ۾ پنهنجي ذات تائين رسائي مراد وٺون ٿا. ٻين جي ذات جو اسان کي ايترو ئي يقين آهي جيترو اسان کي پنهنجي ذات جو يقين آهي... وجوديت جو مرڪزي نڪتو آزاد ڪمٽمينٽ آهي جنهن وسيلي هر شخص هڪ طرح جي انسانيت جي تڪميل وسيلي پنهنجي تڪميل ڪري ٿو.”
ڪارلس ليمينٽ پنهن جي جڳ مشهور ڪتاب، “انسان دوستي جو فلسفو” ۾ لکي ٿو، “انسان دوستي جو روح جديد عهد ۽ ترقي يافته قومن ۾ وسيع ۽ شعوري قاعدن جي تلاش سان گڏ تڏهن کان موجود آهي ۽ انساني نسل ۾ ڪا شڪل وٺڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي جڏهن پهريون ڀيرو هن سياري (ڌرتيءَ) تي اسان ظاهر ٿياسين. ان لاءِ انسان دوستي هڪ بهتر انساني دنيا قائم ڪرڻ لاءِ نه صرف نسل انساني جي موجده رجحانن کي گڏ ڪري رهي آهي بلڪه انساني سوچ ۽ ڪوشش جي صديون پراڻي تاريخ ۾ اسانجي بهتر خواهشن جو خلاصو پڻ پيش ڪري ٿي.”
سنتيانا چيو هو، “فطرت پسند شاعرن خيالي دنيا کي ڇڏي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته هنن فطرت، تاريخ ۽ اصل انساني جذبن کي ڳولهي لڌو آهي. هاڻي سندس تخيل پختو بڻجي چڪو آهي.”
ليمينٽ پنهنجي ڪتاب انسان دوستي جو فلسفو ۾ لکيو آهي ته، “انسان دوست معاشري ۾ آرٽسٽن ۽ اديبن جو بنيادي ڪم اهڙيون رسمون ۽ رواج جوڙڻ هوندو، جيڪي انسان دوستي جي مرڪزي عقيدن سان همآهنگ هجن. اهڙيون رسمون ماڻهن جي جذبن ۽ ذهنن کي پاڻ طرف مائل ڪنديون، سندن تخيل کي فتح ڪنديون ۽ اهي شان شوڪت ۽ دٻدٻي سان انهن جي خوسين کي اظهار جو طريقو عطا ڪنديون.”
پروفيسر حسن عسڪري لکيو آهي ته، “نشاط ثانيه يا نئين جاڳرتا جو اصل مطلب آهي وحي تي ٻڌل نقلي علمن کي بي اعتبار سمجهڻ ۽ عقليت ۽ انسان پرستي اختيار ڪرڻ، ان لاءِ ان تحريڪ جو ٻيو نالو انسان دوستي پڻ آهي.”
ساڳيو فڪر ۽ فلسفو آغا صاحب جي ناولن ۾ موجود آهي. آغا وٽ زندگيءَ کان فرار واري رومانيت نه آهي، بلڪه سندس ذهن شعور جي وهڪري ۾ لڙهندو، زمان ۽ مڪان جا تفاوت مٽائيندو، تاريخ جي مختلف تهذيبي دؤرن ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو. سندس تصور انسان جي بلند ترين ۽ ارفع مقام تائين پهچي وڃي ٿو ۽ نيٺ اهو فن جي مثال جو اهڙو روپ ڌاري ٿو، جيڪو ابديت جو ضامن بڻجي پوي ٿو. هن اهڙين تخليقن ۾ محبت کي مرڪزي جاءِ ڏني آهي. هن انساني فطرت ۾ محبت جي جذبي کي سطحي طرح نه پر هڪ سحر آفرين جذبي جي حيثيت سان پيش ڪيو آهي ۽ محبت کي انساني تهذيب ۾ هر لطيف فن جي تخليق جو راز ڄاڻايو آهي. هو معمولي بجاءِ غير معمولي، ظاهر ۽ واضح شين جي بدران پوشيده ڳالهين کي واضح ڪرڻ جو قائل آهي. انهيءَ ڪري ئي جديد سنڌي افسانوي ادب جي تخليقارن ۾ هن کي نمايان حيثيت حاصل آهي.”
يعني آغا صاحب انسان کي اول حيثيت ڏئي ٿو، هن جا سڀيئي ناول ان جذبي سان سرشار آهن. هو ڪنهن به مذهبي مت ڀيد تي يقين نٿو رکي. بلڪه هن جو خيال آهي ته انسان ئي سڀ کان اهم ۽ مقدم آهي. آغا صاحب جو خيال آهي ته مڙني مذهبن کان انسان دوستيءَ وڌيڪ اهم آهي،
“ڪتاب پڙهڻ ويٺو ته محسوس ٿيس ڄڻ ڪتاب پنهنجن مصنفن جا مدفن هئا. سرندو وڄائڻ ويٺو ته محسوس ٿيس ته سرندي جي تندن ۾ سرن جي بدران سڏڪا لڪل هئا. ٻئي ڏينهن وري هو مندر ويو، پر ٻئي ڏينهن به پڄارڻ نه آئي. ۽ پوءِ خبر پيس ته وڏي پڄارڻ سنڌ جي سڀني تيرٿن جي ياترا تي وئي هئي ۽ اتان هوءَ هنگلاج ويندي. سڀ کان وڏو تيرٿ ته انسان جي دل آهي. هوءَ دل جو تيرٿ ويران ڪري ٻيا تيرٿ وسائڻ وئي هئي.”
ڇاڪاڻ ته آغا صاحب جي دل ۾ انسانيت جي لاءِ بيپناهه محبت هئي ان ڪري هو انسان سان ٿيندڙ انيائن تي ڪڏهن ڪڏهن ايڏو دلشڪستو ٿي وڃي ٿو جو وطن ۽ وفاداريون به کيس تڇ ٿيون لڳن،
“انسان ڪيترو نه سستو وڪامي ٿو وڃي. جيڪو اَن هو اپائي ٿو ان جي ٻن چئن داڻن تي، جيڪو ڪپڙو هو پاڻ اُڻي ٿو، ان جي ٻن چئن ٽڪرن تي، وطن جي محبت، وفاداريون... سڀ اجايون ڳالهيون آهن.
سندس هر ناول جي سٽ سٽ انسان دوستيءَ جي جذبي سان سرشار آهي. فني لحاظ کان سندس ناول مختلف خوبين جا مالڪ آهن پر فڪري لحاظ کان ٻيا فڪر رکندي به سندس ناول بنيادي طور تي انسان دوستيءَ جي فڪر جو پڌرنامون  محسوس ٿين ٿا، جنهن ۾ تاريخيت کي موضوع بڻائي انسان دوستيءَ جو پرچار ڪيو ويو آهي.





آغا سليم جو انٽرويو

سُڻي تنهنجو سڏ، ڪلهي پاتم ڪينرو!

ارشد اسٽريٽ، لڳ واڌو واهه، قاسم آباد. ۱۲هين جولاءِ ۲۰۰۸ع جو روشن ڏينهن ۽ اسين همعصر دوست، حميد سنڌي سائين جي بنگلي تي پهتا هئاسين. ڪير! ڪير؟ پيارو انعام شيخ، طارق عالم، علي دوست عاجز، هي آئون نصير ۽ سارنگا جو سمپادڪ اسحاق سميجو. ڪيسٽون ۽ ريڪارڊر اسان سان ساڻ هئا ۽ جنهن شخصيت عاليشان سان، ان هنڌ اسان کي ’سارنگا‘ لاءِ انٽرويو ڪرڻو هو، اُهو هو سنڌي ٻوليءَ جو محبوب ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق ’آغا سليم صاحب!‘ ڏينهن اڳ سنڌي ادبي بورڊ ۾ بورڊ آف گورنرس جي غالباً ڪائي ميٽنگ ڪئي ۽ آغا صاحب معزز ميمبر جي حيثيت ۾ ان ميٽنگ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچيءَ کان حيدرآباد آيل هئو ۽ حميد سنڌي صاحب جي رهائش گاهه تي، مهمان خاني ۾ ڊبل بيڊ جي پاسي کان وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو، پنهنجي وڻندڙ ۽ مسڪرائيندڙ چهري سان هن طئي ٿيل انٽرويو جي سلسلي ۾ اسان لاءِ منتظر ويٺو هئو. آغا صاحب تي نظر پوندي ئي، مون ڄاتو ته سنڌي ليکڪن مان هي شاهاڻو وقار ته بس هن دؤر ۾ آغا سليم صاحب کي ئي سونهين ٿو.
ها! ماضيءَ ۾ هڪڙو زمانو اهڙو به هئو ضرور، جڏهن اهڙي خُوءِ ۽ اهڙي ڏيا ۽ اهڙو Grandeur سنڌ جي هڪڙي ٻي هستيءَ ۾ به نظر ايندو هو، ۽ اهو انسان هو سائين پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ هتي اِها به حقيقت آهي ته آغا صاحب جي ادبي حيثيت پنهنجيءَ جاءِ تي، رڳو آغا صاحب کي پري کان ئي ڏسبو آهي ته دل ۾ پيو چئبو آهي ته ڪنهن به ’مرد‘ کي جي سهڻو هجڻ جڳائي ته اُن کي اهڙو ئي ته هجڻ گهرجي، جهڙو هي اسانجو آغا صاحب آهي. بهادر، ڦڙت، هڏ ڪاٺ ۾ مضبوط، Dashing ۽ گفتگوءَ ۾To The point ۽ ٻن آڱرين جي مُهڙ ۾ سگريٽ ڦٻائي هو هڪ ادا سان ڪش هڻي، همت ۽ هشمت سان جڏهن شڪارپوري لهجي ۾، پنهنجي ڀاري ڀرڪم آواز ۾ چوندو آهي ته: منَ!، خوش ته آن ني! ته پڪ ڄاڻو، طبيعت ۾ خوشگواري، پنهنجو پاڻ محسوس ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي.
سڀني جو خيال آهي ۽ مان به چوان پيو ته پري کان آغا صاحب پنهنجي اپيئرنس ۾، برابر ته هڪڙو ايروگينٽ قلمڪار لڳندو آهي، پر جڏهن اهڙي روبيسٽ انسان جي ويجهو وڃبو آهي ته، اهو ئي آغا صاحب، شڪارپور جي فالودي وانگر سرهو ۽ مٺو ڀاسڻ شروع ٿي ويندو آهي. ڪنهن زماني ۾ آغا صاحب، برابر ته سفاري ۽ ڪمپليٽ سوٽ پائيندو هو ۽ ريڊيو پاڪستان مان اسٽيشن ڊائريڪٽر جي اعليٰ عهدي تان ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ، مون کين جتي ڏٺو، سدائين سفيد شلوار قميص ۾! پيرن ۾ نفيس سينڊل، اکين تي رئيبان جو چشمو ۽ ڪلهن ۾ ڪاري ڪوٽي. ڪنهن دوست هڪ دفعي مون کان پڇيو هو، تنهنجي نظر ۾ ڊائمنڊ جي ڊيفينيشن ڇا!؟ ته وراڻيو هوم، جيڪا شيءِ هر پاسي کان ڊائمنڊ نظر اچي، اُن کي ئي ڊائمنڊ سڏي سگهجي ٿو ۽ اڄ مان انهيءَ پرک- ڪسوٽيءَ تي آغا سليم کي پرکيندي، کيس، ’سنڌي ادب جو ڊائمنڊ‘ پيو سڏيان ۽ ان ڏس ۾ هن جي ڪهاڻين، ناولن، سفرنامن، شاعري، لطيف شناسي، بابا فريد گنج شڪر ۽ ڀٽائي صاحب جي اردو ۽ انگريزي وارن ترجمن کي واکاڻيندي، هتي مان ٻيو ڇا لکان، سواءِ هي لکڻ جي ته:
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
۽ ٻارهين جولائي ۲۰۰۸ع تي، مون کي ياد آهي، اُن ڏينهن، ’سارنگا‘ لاءِ، هن انٽرويو کي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ جڏهن اسحاق سميجي رڪارڊر کي آن ڪيو هو ته کانئس پهريون سوال به مون ئي ڪيو هو.
- نصير مرزا
نصير مرزا: آغا صاحب، توهان مون سان ڪجهه سال اڳ ڳالهه ڪئي هئي ته تخليق، تحقيق ۽ ترجمي واري ڪم کان پوءِ توهان پير علي محمد راشدي صاحب جي ڪتاب:”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جهڙي ڪنهن ڪتاب تي ڪم ڪندؤ، اوهين ڇاڪاڻ ته نهايت اعليٰ پايي جا نثرنگار آهيو، ان ڪري چاهيون ٿا ته، هاڻي اهڙو ڪتاب اوهين جلد لکو.
آغا سليم: يعني توهانجو مقصد آهي ته آئون بايوگرافي لکان!؟
نصير مرزا: جي بلڪل، اهوئي منهنجي سوال جو مقصد آهي.
آغا سليم: اهڙي ڪتاب لکڻ لاءِ اسان جي دوست انعام شيخ به مون کي ڏاڍو Motivate ڪيو آهي ته جيڪر اهڙو ڪتاب آئون لکان، ته وراڻيومانس ته، ادا! مان زندگيءَ ۾، نه ڪنهن اهڙي موومينٽ ۾ رهيو آهيان جيڪا تاريخي هجي، نه مون وري ڪي اهڙا ڪارناما ئي سرانجام ڏنا آهن. جيڪي Worthwhile هجن، جن کي آئون پنهنجي نثر ۾ ورجايان ۽ ماڻهو پڙهي انهن مان ڪو لطف حاصل ڪن. مان ته من! Isolation ۾ رهڻ وارو آهيان ۽ مون ڪجهه به ناهي ڪيو، جنهن جا دفتر ويهي ڪارا ڪيان باقي پنهنجي وڏن تي ويهي داستان لکان ۽ ٻڌايان ته من! ماڻهن جو انهن سان ڪهڙو Interest!- باقي جيتري قدر پير علي محمد راشديءَ جو تعلق آهي ته اُهو واقعي هڪڙو وڏو تاريخي ماڻهو هو، وهڪرو هو وڏن ماڻهن جو، انهن سان گڏ هو هليو ۽ اٿيو ويٺو پئي... ڏٺائين، جاچيائين پئي انهن کي... ۽ هيڏانهن منهنجي حالت آهي جو ڪنهن وزير سان به هيلو هاءِ ڪانهي جو ٻڌائي سگهان ته فلاڻي سان گڏ اٿيو ويٺو آهيان . ان ڪري آئون سچ پڇو ته ڪنهن به طرح سان پاڻ کي ان جو اهل نٿو سمجهان ته ڪو مان پنهنجي بايوگرافي لکان.
انعام شيخ: آغا صاحب منهنجي خيال ۾ سٺي بايوگرافي لکڻ لاءِ ضروري ناهي ته ماڻهو مشهور حلقن ۾ هليو هجي. ها، ايترو ضرور آهي ته جنهن اک سان هن مختلف دؤرن کي ڏٺو هجي ۽ وٽس ايڪسپريس ڪرڻ جي طاقت به هجي ته هو ان مان به دلچسپ آٽوبايوگرافي Create ڪري سگهي ٿو، ظاهر آهي ورهاڱو اوهان پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، ۽ ان کان پوءِ وارا سٺ ٻاهٺ سال اوهان جي سامهون رهيا ته انهيءَ سموري دؤر کي سامهون رکي، توهين چاهيو ته هڪڙي شاندار بايوگرافي لکي سگهو ٿا.
آغا سليم: انعام صاحب، هي جيڪي Creative writer هوندا آهن، اهي پنهنجي آٽو بايوگرافي، گهڻو ڪري پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ لکي چڪا هوندا آهن. ۽ پنهنجي ڪردارن ۾ اظهاري ڇڏيندا آهن پاڻ کي. جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته، مون هي جيڪو اترين (ناردرن) علائقن ۾ پنهنجي رهڻ دؤران، پنهنجو سفرنامو لکيو آهي: ”برف پنکڙيون ۽ چنڊ“ انهيءَ ۾ ڪافي بايوگرافي لکي ڇڏي آهي ته، اسان جا وڏا ڪيئن افغانستان مان قافلا ڪاهي هن ڌرتيءَ تي پهتا ۽ سنڌ شڪارپور ۾ ڪيئن اچي آباد ٿيا، تشه من! اِهي سڀ ڳالهيون مان ان سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان، باقي هاڻي ڪي ٻيا اهڙا واقعا به آهن ضرور، پر منهنجي خيال ۾ اُهي منهنجي لاءِ غيراهم آهن. مثال طور، هڪڙو ڪو اهڙو واقعو ٿيو جو، مون کي نه ڏيڻو نه وٺڻو، هرو ڀرو کڻي جيل ۾ وڌائون. ۽ اِها منهنجي گرفتاري اسلام آباد واري وقت دؤران ڪيائون. جنهن وقت اريسٽ ڪري وٺي پئي ويا ته دل ۾ سوچيم پئي ته هي سپاهي، رستي ۾ هاڻي مون کي ٿرڊ ڪلاس ماني کارائيندا... مطلب اهو ته ان دؤران ڪيئي تجربا ٿيا، پر دل بلڪل ئي نه چاهيو ته ان بابت آئون به ويهي لکان، قيديءَ جي ڊائري، قيدياڻيءَ جو روزنامچو (کلندي ) ظاهر آهي ته لکان ها ته اهڙو ئي بس لکان ها، ٻيو ڇا هجي ها.
نصير مرزا: نه آغا صاحب... توهان، توهان آهيو... زبردست لکو ها.
آغا سليم: ٺيڪ آهي من! پر آئون ايڏو اهم ماڻهو ناهيان جنهن جي زندگيءَ ۾ ماڻهو وڏي دلچسپي وٺن. هي توهان سان هتي مان ڪنهن انڪساريءَ جي ڳالهه نٿو ڪريان, پر پنهنجي اندر جي سچائي پيو اوهان سان Share ڪريان، ته مان پاڻ کي پنهنجيءَ نظر ۾ ايڏو اهم نه ٿو سمجهان. باقي جيڪي ڪجهه مون لکيو آهي، نثر، شاعري، افسانه، ناول، سفرناما،انهن ۾I am very much there .
نصير مرزا: توهان هي ٻڌايو پئي ته توهان پنهنجي افسانوي تحريرن ۾ پنهنجي آٽوبايوگرافي لکي چُڪا آهيو. تڏهن پڇڻ چاهيندس ته توهان جي ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ ۾ هي جيڪو شڪارپور سان تعلق رکندڙ هيرو سارنگ اوهان ڏيکاريو آهي ته ڇا، اِهو توهانجو پنهنجو ڪردار ته نه آهي؟
آغا سليم:’نه‘... بلڪل هوبهو ته نه... باقي ڏسو نه... جنهن ڪئريڪٽر کي ليکڪ هيرو ڪري ڏيکارڻ چاهيندو آهي، ان ۾ هن جو آئيڊيل ايگو ته هوندو آهي نه... يعني جيڪڏهن ان ڪردار کي ليکڪ جي ذات سمجهيو وڃي ته اهو هيئت سمجهجي ته جي ليکڪ پاڻ ائين ناهي، ته هن جي خواهش ضرور هوندي آهي ته هو اهڙو هجي ها. جيتري قدر ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جي هيرو ’سارنگ‘ جو تعلق آهي ته اِن ڪردار ۾ منهنجو آئيڊيل ايگو De-pic ٿيل آهي جيڪو آئون پاڻ نه ٿي سگهيس. ان ڪري هتي منهنجي ان ڳالهه کي منهنجو اعتراف ڄاڻو ته مون جيئن زندگي گذارڻ چاهي ٿي، مون ائين ئي ناول ۾ انهن جي زندگي ڏيکاري آهي. جيتريقدر منهنجي بايوگرافيءَ بابت اوهان جو سوال آهي ته، اُها به جي آئون لکان ها ته ان ۾ به ضرور شڪارپور بابت، ان جي ڪلچر بابت ئي لکان ها ان ڏس ۾ به وضاحت ڪري ڇڏيان ته ان ناول ۾ سواءِ پنهنجي اصلي نالي ۽ پيءُ جي نالي لکڻ جي، شڪارپور بابت مون ان ۾ ٻيو گهڻو ڪجهه ته لکيو ئي آهي، پر ويندي هوڪا به شڪارپور جي ئي گهورڙين جا آهن. ته چوڻ جو مطلب هي آهي ته ساري بايوگرافي مان ان ناول ۾ جهڙوڪر لکي چڪو آهيان.
نصير مرزا: (کلندي) آغا صاحب ان وضاحت جو سولو مطلب اِهو ٿيو ته ڪو به اردو ناهي اوهانجو...ڪنهن ’اُهي ڏينهن اُهي شينهن‘ ٽائپ ڪتاب لکڻ جو...
آغا سليم: (ٽهڪ ڏيندي) مان زندگيءَ ۾ نه ڪڏهن ڪنهن شينهن سان مليو هان من! ۽ نه ڪي مون اهڙا ڏينهن ئي گذاريا آهن، جن بابت هاڻي تذڪرو ويهي لکان: اُهي ڏينهن اُهي شينهن.
طارق عالم: آغا صاحب ڀلا توهان جي ناول ’اڻ پورو انسان‘ بابت ڇا چوندا؟
آغا سليم: من-..! ان ۾ به منهنجا بايوگرافيڪل نوٽس آهن...
اسحاق سميجو: آغا صاحب توهان جو هي جيڪو سفرنامو آهي، برف پنکڙيون۽ چنڊ‘ تنهن کي پڙهبو آهي ته لڳندو آهي، ناول پيا پڙهون. توهان کي انهيءَ کي سفرنامو سڏڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي...؟
آغا سليم: اصل ۾ ان تحرير کي مون Real انداز ۾ لکڻ پئي چاهيو،جو ناول وغيره ۾ ته فڪشن هوندو آهي مون ان کي حقيقي ۽ واقعاتي انداز ۾ لکڻ پئي چاهيو. ائين نه ڪريان ها ته پوءِ ان لاءِ اهڙن مشاهدن ۽ واقعن کي وري ناول جي ٽيڪنڪ ۾ آڻڻو پوي ها، جنهن کان مون Avoid ڪيو آهي.
اسحاق سميجو: پر آغا صاحب ان تحرير ۾ جيڪا اوهان جي پريزنٽيشن آهي يا ڪردار نگاري...يا جيڪا توهان جي ٻولي آهي، اُها گهڻي حد تائين ته افسانوي ئي آهي...
آغا سليم: ائين سفرنامي ۾ به ٿي سگهي ٿو ادا سائين... جو سفر ڪندي يا سفرنامو لکندي، اوهين ماڻهن سان ئي ته مڪالمو ڪريو ٿا... ۽ منهنجي ان سفرنامي ۾ به مون ائين ڪجهه ڪيو آهي.
طارق عالم: آغا صاحب! ادبي افسانه نگار گوگول لاءِ چوندا آهن ته، هن جي جيڪا ڪهاڻي آهي، ’اوورڪوٽ‘ سمورو جديد ادب ان ’اوورڪوٽ‘ مان نڪتو آهي، توهان جو ڇا خيال آهي ته سنڌيءَ ۾ مختصر ڪهاڻي، ڪهڙي افسانه نگار جي ڪُک مان نڪتي آهي؟
آغا سليم: من-! ڪنهن مان به نه. هر هڪ ڪهاڻيڪار شروع کان ئي پنهنجو پنهنجو تجربو ڪيو آهي، اهي به اجايون ڳالهيون آهن ته فلاڻي کي گولي لڳي ۽ ڪهاڻي مري ويئي. ڪهاڻي ڏٺو وڃي ته ڪنهن جي به ميراث ڪانهي، ڪنهن مخصوص ليکڪ جي ٺاهيل ٽيڪنڪ ڪانهي. بس ڪو ان کي لکي ٿو ۽ ان کي پنهنجو Expression ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پنهنجو اسٽائيل ٺاهي ان ۾ لکي ٿو. مطلب ته منهنجي نگاهه ۾ ڪو به اهڙو ڪهاڻيڪار ڪونهي، جنهن لاءِ چئي سگهان ته ’ڪهاڻي‘ ان جي ڪُک مان نڪتي آهي.
نصير مرزا: ڀلا ڊرامي جي فن لاءِ ڇا چوندئو؟
آغا سليم: ڊرامي جا جيڪي بنيادي اصول ٺهيل هئا، ابتدا ۾، ته ان ۾ ٿورو Conflict هجي، ڪلائيمڪس ۽ اينٽي ڪلائمڪس...ته ان ڏس ۾ ٿورو چيخوف جا ڊراما ته پڙهي ڏسو. هن پهريون دفعو ٻڌايو آهي. ته جتي لفظ ختم ٿا ٿين ته اتي ڊرامي ۾ خاموشي ۽ Pause جي ڇا اهميت ۽ مفهوم آهي... ۽ هن ٻڌايو آهي ته توهان جا لفظ جتي ختم ٿا ٿين، اتان سائلينس شروع ٿو ٿئي ۽ اُها Expression آهي. سو من!... ڪنهن به صنف جي طئي ٿيل ٽيڪنڪ جو نالو ناهي ڊرامو يا ڪهاڻي.
طارق عالم: توهان ڀلا ’ٽيڪنڪ‘ جي اهميت بابت ڇا چوڻ پسند ڪندا؟
آغا سليم: پهرين ته بذات خود ليکڪ هجڻ جي اهميت آهي. ٽيڪنڪ ته پوءِ پيدا ٿيندي آهي، جنهن مهل ارسٽاٽل (ارسطو)ادب تي لکيو پئي ته، ان کان پهرين يوناني ادب ۾ ’هومر‘ کي هن ڏٺو هو ته هن ڪهڙي نموني لکيو آهي. پوءِ هن انهن لکتن کي ڏسي، ان جي اصولن کي متعين ڪيو، ته هن انداز سان به لکيو ويندو آهي. گرامر پڙهي منَ! ماڻهو نه لکندو آهي. ليکڪ کي پڙهي ٻڌي ماڻهو گرامر تيار ڪندا آهن. چوڻ جو مقصد اِهو ته هر ڪو سٺو ليکڪ پنهنجي ٽيڪنڪ پاڻ ايجاد ڪندو آهي.
نصير مرزا: ظاهر آهي آغا صاحب... همعصرن ۾ اوهان جي انفراديت اوهان جي دلفريب اسٽائيل (اسلوب) جي ڪري ئي آهي ۽ ڪهاڻين جي مجموعي ’چنڊ جا تمنائي‘ کان وٺي ’همه اوست‘ تائين ان ۾ رومانيت ۽ تاريخيت آهي، ته پڇڻ چاهيندس ته اهڙي اسلوب اختيار ڪرڻ لاءِ توهان کي اتساهه ڪٿان مليو آهي؟
آغا سليم: پهرين ته، مان ان کي نٿو مڃان ته مون فلاڻي کان اتساهه وٺي لکڻ شروع ڪيو هو يا فلاڻي جو اثر مون تي آهي، اِهو غلط آهي. منهنجيءَ نظر ۾ متاثر ٿيڻ جو عمل، هڪڙو ڊگهو پراسيس هوندو آهي. اول ته اوهين پنهنجي آس پاس جي ماڻهن ۽ ماحول کان متاثر ٿيو ٿا ۽ الائي ڪهڙن بي نام ۽ گمنام ليکڪن جي تحريرن کي پڙهو ٿا. ها! ذاتي طرح سان مون کي اعتراف آهي ته No Doubt جنهن ليکڪ جهڙو مون ٿيڻ چاهيو، پر ٿي نه سگهيو آهيان، اُهو آهي چيخوف يا دوستو وسڪي، ۽ ظاهر آهي ته انهن جهڙو مان ٿي نه سگهيو آهيان. ان ڏس ۾ سمرسيٽ ماهم هڪ هنڌ لکيو آهي ته:’Many are called, but few are select‘ ۽ من! اسان مان هرڪو ليکڪ يا جيڪو شاعر ٿيڻ چاهي ٿو نه ته، اُهو شاهه لطيف کان گهٽ نٿو ٿيڻ چاهي. Many are called ۽ ان دنيا ۾ گهڻن ئي کي سڏ ٿئي ٿو... پر ڪنهن ڪنهن کي ئي ائين چوڻ جو حوصلو ٿئي ٿو ته:
’سڻي تنهنجو سڏ، ڪُلهي پاتم ڪينرو.‘
ته من! ڪنهن ڪنهن ۾ ئي اِها قوت پيدا ٿيندي آهي جو هو ان جي سڏ کي ورجائڻ جي طاقت رکندو آهي، ۽ هاڻي سڏ ۾ وري ڇا ٿو ٿئي جو، جيئن ڀٽائي صاحب جو فرمان اهڙن ماڻهن لاءِ آهي ته:
’جنين سُک ناهه ڪو، چارڻ سي چئجن،
رڃن راهه پڇن، مٿي ڪلهن ڪينرو.‘
ته لکڻ يا آرٽ جي دنيا ۾ نڪري پوڻ ته رڃ جو سفر آهي، سڃ جو... جڏهن وڃي ان ۾ ڪي هڙ حاصل ٿئي.
نصير مرزا: ڀلا ان سفر ۾ ڀٽڪندي، شهرت کان سواءِ، ٻيو ڪي پلئه پيو اوهان کي، ڪا حاصلات... قدر، ڪو تمغو...؟
آغا سليم: مَن! هاڻي، جيڪڏهن مون کي پرائيڊ آف پرفارمنس ملي ويو ۽ ان حوالي سان لک سوا... ته اِهو ته اتفاق آهي، باقي اهڙي پلاننگ سان ته مون ڪو نه لکيو آهي ته، ڪجهه ملي ته لکان، ور نه، نه!
نصير مرزا: اڇا توهان جي اسلوب بابت شايد مراد علي مرزا صاحب اشارو ڪيو هو يا ٻيا به چوندا آهن ته ان تي قرة العين حيدر جو اثر رهيو آهي ته ڇا ائين هو ڇا؟
آغا سليم: ها... اِهو ٿورو منهنجي ڪنهن تحرير تي اعتراض آهي ته ’مان قرت العين کان متاثر آهيان، خاص ڪري ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جي ريفرنس ۾ اهڙو اعتراض اٿاريو ويو هو. هاڻي ٿورو ٻڌو. اڳي هي جيڪي مشاعرا ٿيندا هئا، انهن ۾ طرح مصرع ڏني ويندي هئي، ته ان ’طرح‘ جي بحر وزن تي، هِن کي به غزل لکڻو هوندو آهي ۽ هُن کي به. ته جيتري قدر منهنجي ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جو تعلق آهي ته ان کي ائين سمجهو ته اُهو هڪڙو’طرحي ناول‘ آهي. ۽ اِها طرح ورجينا وولف جي ’همين چراغ همين پروانه‘ ۽ هرمن هيس جي ’سڌارٿا‘ کان شروع ٿي ٿئي. ائين اهڙي موضوع جي طرحي مصرع تي قرة العين حيدر به هڪ تمام سٺو ناول لکيو. انهن ٻنهي ناولن جو... يعني منهنجي ناول ’اونداهي ڌرتي‘ جو قرة العين حيدر جي ان ناول ’آگ ڪا دريا‘ کان متاثر ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جو، هن جو موضوع ۽ ماحول پنهنجو آهي ۽ منهنجي ناول جو پنهنجو آهي. هن جا مسئلا ٻيا ۽ منهنجا، منهنجي ڌرتي، تهذيب ۽ تمدن جا مامرا ئي ٻيا آهن. منهنجي ذهني نشونما سنڌ جي ماحول جي آهي، هوءَ هند ۾ پلي نپني آهي. هن وٽ، هن جي تحريرن۾ ان ڳالهه جو روئڻ آهي ته لکنؤ وارو ڪلچر زوال پذير آهي ۽ منهنجي لکڻين ۾ هيءَ جيڪا ميسڪيوليننٽي آهي، ۽ خيمن ۾ هي هڪڙو جهيڙيندڙ مرد نظر اچي ٿو، قرةالعين حيدر وٽ اهڙو ڪجهه ڪٿي آهي؟! باقي اِهو جيڪو توهان اعتراض اٿاريو، ان جو جواب هي آهي ته طرحي مصرع ۽ طرحي موضوع جي يڪسانيت کانسواءِ، ٻنهي ناولن ۾ ٻي ڪا به هڪجهڙائي بلڪل ئي ڪانهي.
اسحاق سميجو: پر آخر ان ناول جي پهرين سٽ لکڻ لاءِ، Inspiration اوهان کي ڪٿان ملي ته ضرور هوندي؟
آغا سليم: Naturally اِهڙو تحرڪ مون کي مليو ’آگ ڪا دريا‘ کان ئي هو، ۽ مون کي ياد آهي جڏهن مون اِهو ناول پڙهيو پئي، مان ’حيرت‘اخبار ۾ سنڌ جي تاريخ بابت، داستان لکندو هوس، تڏهن هيڏانهن اُهي لکندي ۽ ٻئي پاسي قرت العين حيدر جو ناول پڙهندي، سوچيندو هوس، هي اسان سنڌ وارن تاريخ جا ڪيڏا نه عذاب سٺا آهن ۽ قرت العين حيدر وارن ته ڪجهه ناهي سٺو. تڏهن مون سوچيو ته سنڌ جي پس منظر ۾ مان به ڇو نه اهڙو ناول لکان ۽ لکي پورو ڪيم.
علي دوست عاجز: معنيٰ ته ان اعتراض کي اوهين يڪسر رد ٿا ڪريو!
آغا سليم: جيتري قدر Source of inspiration جو سوال آهي ته ان حد تائين ڳالهه ڪنهن حد تائين درست آهي، ته مون کي ان جي مطالعي مان اتساهه مليو هوندو، پر جيتري قدر منهنجي ناول تي، هن جي ناول جي ’اثر‘ جو تعلق آهي ته ان اعتراض کي مان رد ٿو ڪريان. مان چوان ٿو اوهان اهو ڏسو نه ته مان پنهنجي ان ناول ۾ ڪٿي آهيان به يا نه، يعني طرحي سٽ تي لکيل غزل ۾ منهنجو تخليقي رويو نظر اچي ٿو يا نه. ظاهر آهي ته”مان اُن ۾ آهيان“، ۽ اهو فرق ان ڪري به واضح آهي ته منهنجو پنهنجو Perspective آهي ۽ هن جو پنهنجو.’آگ ڪا دريا‘ جي آخر ۾ ڪراچي مائيگريٽ ڪري آيل مهاجرن لاءِ هوءَ روئي ٿي ته هتي انهن لاءِ جهڳيون ڇو آهن!؟ اڙي بابا، هتي اسين ماروئڙا، جهانگيئڙا رهندا ئي جهڳين ۾ آهيون، جهڳيون اسان جي ثقافت جو مرڪ آهن، ۽ اسان جي دعائن جو مرڪز ته ’الا جَهري م شال غريبن جي جهوپڙي‘آهي. معنيٰ ته اسان جي شاعري اتان ٿي شروع ٿئي: اسين ماروئڙا، اسين سانگيئڙا...
نصير مرزا: ڪيڏو نه سٺو ٿئي جو انهن شهرن جي ٽئبلن ۽ گهرن جو ذڪر به ڪندا هلون، جتي اوهان اِهو پنهنجو اهم ناول ويهي لکيو هو.
آغا سليم: مَن! ريڊيو ۾ نوڪري ڪندي، ڪراچيءَ ۾ ايڪسٽرنل سروس واري آفيس ۾ ويهي مون لکيو هو. ڪجهه چيپٽر مون ان جا ان وقت به لکيا هئا، جڏهن مان ريڊيو حيدرآباد تي هوس.
نصير مرزا: آغا صاحب، تاريخ جي پس منظر ۾ جيڪي ناول اوهان لکيا آهن، مثال طور اونداهي ڌرتي... يا ’همه اوست‘ ته ڇا ان لاءِ لکڻ کان اڳ ان موضوع بابت اوهان هوم ورڪ به ڪندا هيا؟
آغا سليم: مون اوهان کي عرض ڪيو ته، اڃا مون ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ شروع نه ڪيو هو ته، مان ’حريت اخبار‘ ۾ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ آرٽيڪل لکندو هوس. اهڙي ئي مطالعي ۽ پنهنجي تاريخ جي Roots ۾ لهندي، مون محسوس ڪيو ته، اسان سنڌ وارن ڪيڏا نه ظلم سٺا ۽ عذاب ڀوڳيا آهن ۽ عرض ڪريان ته اهڙي آرٽيڪل لکڻ کان پهرين ان رخ سان مون مطالعو ڪو نه ڪيو هو. جڏهن ڪيم ته سوچيم، ڇو نه ان پسمنظر ۾ آئون به هڪڙو ناول لکان. ائين ’همه اوست‘ شروع ڪيم ته ان جي پس منظر ۾ شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت شهيد، جي دؤر جون تاريخون اٿلايم پٿلايم... ظاهر آهي ته تاريخ جي پس منظر ۾ ڪجهه به لکڻ کان اڳ اهڙو مطالعو نهايت ضروري به هوندو آهي.
اسحاق سميجو: آغا صاحب توهان کان سواءِ، سراج صاحب پنهنجي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۾، يا محمد عثمان ڏيپلائي صاحب به پنهنجي ناول ’سانگهڙ‘ ۾ سنڌ کي ڊسڪس ڪيو آهي، اوهين ٻڌايو ته توهان پنهنجي ناولن کي انهن کان ڪيئن ٿا، مختلف ڀانئيو؟
آغا سليم: هاڻي ڳالهه ٻڌ اسحاق- هي جيڪو نئون سنڌ ۾ ماڊرنٽي جو جيڪو دؤر آيو آهي نه مَن! جيئن انڊيا ۾ ان جو پيروڪار لعل پشپ آهي ۽ سنڌ ۾ اسان وٽ ماڻڪ يا مشتاق شورو يا انهن جو جيڪو گروپ هو ۽ انهن سڀني جو آئيڊيل به اِهو لعل پشپ ئي هو يا موهن ڪلپنا... پر مَن! تنهنجي مٿئين سوال جي جواب کان اڳ چوڻ چاهيندس اسان کي ان تي به سيمينار ڪرائڻ گهرجي ته اِها ماڊرنٽي آهي ڇا!؟ ته ٻڌ... هڪڙي ته آهي تاريخ اسلام ’محمد بن قاسم، الله اڪبر... نعره تڪبير‘ ۽ اِها به تاريخ آهي، پر هڪڙو طريقو ٻيو آهي ۽ اهو هي ته اوهين تاريخ کي انٽرپريٽ ڪيو. ۽ اِها آهي ماڊرنٽي. مثال طور منهنجو لکيل اسٽيج ناٽڪ آهي، دودي چنيسر بابت ’گل ڇنو گرنار جو‘. ان جو ڪردار رڳو ڪاسٽيوم ۾ دودو ڏيکاريل آهي، گيٽ اپ ۾ دودو آهي، پران جي لفظن ۽ ڊائلاگس ۾ مون جديد سنڌ جي حالتن کي بيان ڪيو آهي. ظاهر آهي مان علاءُالدين خلجيءَ يا ڪلهوڙن جي دؤر جو ماڻهو ناهيان ۽ ماڊرن سينسيبلٽي جو ماڻهو آهيان. مون، ان ڏس ۾ جيڪڏهن شاهه تي تحقيق ڪئي آهي ته ان ئي پس منظر ۾ ڪئي آهي. مثال طور ڀٽائي صاحب جي سِٽ آهي:
بندر جان ڀئي، ته سکاڻئان م سمهو.
ته ان ۾ بظاهر ته ڪنهن به قسم جي ’سنڌيت‘ يا ’مزاحمت‘ ڪا نه ٿي نظر اچي. هاڻي ان جي ٻئي حصي ۾ ڀٽائي صاحب چوي ٿو:
’ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئن ماٽيءَ منجهه مهي،
پئو سڀ سمهي، مُعلم سندي آسري.‘
معنيٰ ته ڀٽائي صاحب ناکئن کي چوي پيو ته معلم جي آسري تي ٻيڙا ڇڏي وڃي، سمهي آرام ڪريو. هاڻي ڏسو ته ان شعر ۾ ڀٽائي صاحب پهرين ته خوف ٿو ڏياري، ڊيڄاري ٿو ۽ پوءِ وري ائين ٻيڙا معلم جي آسري ڇڏي، فرمائي ٿو ته وڃي سمهي به رهو. معنيٰ ته اِها ٿي ڀٽائي صاحب جي Spirituality، جو پهريان ته هو خوف ٿو ڏياري ته بندر تي ڀئي اٿوَ. پوءِ ڏڍ ٿو ڏئي ته ’نه‘ توهان جنهن معلم (رسول پاڪ) جي آسري آهيو، ته ان جي ڏڍ تي، هاڻي آرام سان سمهي رهو. هاڻي ڏسو ته اِها ٿي شاهه صاحب جي Perception، پر مان ان شعر کي ايئن انٽرپريٽ ٿو ڪريان ته، سنڌ جي هيءَ جيڪا سياسي صورتحال سامهون آئي آهي، ان ۾ اصل ئي ناهي سمهڻو. ۽ ڀٽائي صاحب ان سٽ ۾، اسان کي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکي چيو آهي ته:
’بندر جان ڀئي ته سکاڻئان م سمهو.‘
ته مَن! سمجهئو نه... ته منهنجو لکڻ جو، منهنجي ماڊرنٽي جو متو اِهو آهي ته ناولن ۾ تاريخيت کي پنهنجي دؤر جي تناظر ۾ انٽرپريٽ ڪرڻو آهي.
اسحاق سميجو: تڏهن توهان سراج صاحب جي ناولن ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۽ ’مرڻ مون سين آءُ‘ بابت ڇا چوندؤ؟
آغا سليم: ها... هاڻي اچون ٿا سراج جي ناولن تي. منهنجو خيال آهي ته اهو ماڊرن ناهي. ان لاءِ هيئن چوان ته ليکڪ ڪڏهن ڪڏهن ٽيڪنڪ کي قربان ڪري ڇڏيندو آهي، ته سراج به پنهنجي ناول ۾ ٽيڪنڪ کي قربان ڪيو آهي، ۽ سڌي پيغام کي اوليت ڏني آهي. مَن، ڇا آهي ته اسين بنيادي طرح هڪڙي ڊپريسيڊ قوم جا فرد آهيون ۽ جيڪا صورتحال هوندي آهي، اُها به ڊٽرمين ٿي ڪري ماڻهوءَ کي. علامه اقبال کي ڏسو، اُهو جي هن دؤر ۽ حالتن ۾ پيدا ٿي ها ته اهڙو ٿوروئي لکي ها، جهڙو هن لکيو آهي. هو پنهنجيءَ ذات ۾ هڪڙو وڏو شاعر هو. ايڏو وڏو شاعر هو، جنهن جي ڪا حد ڪانهي، پر اهڙي شاعر کي ان دؤر ۾ مسلمانن جي جيڪا صورتحال نصيب ۾ ملي، ته هن کي اهڙي قسم جو شاعر ٺاهي ڇڏيو.
نصير مرزا: مطلب ته توهين سراج صاحب جي ناولن بنسبت پنهنجي ناولن کي وڌيڪ جديد پيا سمجهو.
آغا سليم: نه... انهن کي مان ٽيڪنڪ وائيز نه صرف ائپروچ وائيز، الڳ سمجهان ٿو يا ائين سمجهه ته پريزيٽيشن وائيز مان انهن کي ڌار ٿو سمجهان، معنيٰ ته منهنجو جيڪو انداز آهي، اهو اسلامي تاريخي ناولن جهڙو ناهي. جنگين ۽ هنگامن جي بيانن تي ٻڌل به ناهي، جيئن سراج يا ڏيپلائي صاحب جي ناولن جو آهي. ڏيپلائي صاحب ويچاري جو وڏو مسئلو هي هئو جو هُو هند جي زيادتين جو شڪار هو. جن کي هو، ’ڪافر‘ پيو سڏي ۽ سمجهي ۽ ان ڪري هو مسلمانن جي ماضيءَ واري عظمت واري تاريخ کي، پنهنجي ناولن ۾ تلاش ڪرڻ لڳو هو، ۽ ان جي مقابلي ۾ اسان ڳوليو آهي ناولن ۾ سنڌ جي عظمت کي، سنڌ وطن جي درد کي...
طارق عالم: آغا صاحب اوهان جنهن جدت پسنديءَ جي ڳالهه ڪريو پيا، ان جي ٿوري وضاحت به ڪريو ته ان جو ڇا مفهوم آهي اوهان جي نظر ۾؟
آغا سليم: مثال طور، پهرين پهرين ڳالهه آهي پنهنجي دؤر لاءِ لکڻ. اِهو ’جديديت‘ آهي. تاريخ جي باري ۾ اوهان جا رويا ڪهڙا آهن، ڇا اهي ڏيپلائي صاحب جهڙا آهن، ’شان اسلام‘ ۽ ’نعره تڪبير‘ وغيره جهڙا؟. ها جي توهين انهن کي به ماڊرن ٽائيمز وانگر انٽرپريٽ ٿا ڪريو ته ان کي به جدت چئي سگهو ٿا.
علي دوست عاجز: ڀلا شاهه کي اوهين ڪهڙي نڪتئه نظر تحت پڙهندا آهيو.
آغا سليم: سڀاوَن جي تضاد مطابق شاهه منهنجي سينسيبلٽيءَ جو شاعر ناهي. چوي ٿو:’هو چَوَنئي، تون م چئو‘
يا هو جيڪا آئيڊيل عشق جي ڳالهه ٻڌائي ٿو ته عاشق کي سوليءَ تي چڙهي وڃڻ گهرجي ۽ منهنجو جواب آهي ته، عشق ۾ مان ناهيان چڙهي سگهندو. معنيٰ اِهو منهنجو آئيڊيلزم ئي ناهي ته عاشق سوليءَ تي چڙهي. جئن هاڻي ٿورو ٿورو هڪڙو ماڊرن شعر پيو ذهن ۾ اچيم، جنهن جو مفهوم هئو ته ”مون سان عذاب هي آهي ته مان، Hate به ڪريان ٿو ۽ Love به.“ ته مان به انهن ٻن ڪيفيتن جو شڪار آهيان. ظاهر آهي ته انهيءَ نظم وارو اِهو خيال به ماڊرن آهي... جديد. ماڻهوءَ کي عشق ۾ جان ڏيئي ڇڏڻ گهرجي، اِهو ماڊرن ناهي، اِهو ڪلاسڪ آهي. ۽ ان حوالي سان شاهه جو عشق به ڪلاسڪ آهي. چوي ٿو:
تماچيءَ جي تن، ڳالهه ڪيس ڳجهڙي
يعني Body talking to body هيءَ ته ڊي ايڇ لارنس واري ٿيوري آهي. اسين ته سمجهندا هئاسين ته ڊي ايڇ جي ناول ’ليڊي چيٽرليز لو‘ ۾ پورنو گرافي آهي، هي آهي، هو آهي. اِها ته وڏي ڊسٽينس جي ڳالهه آهي. مثال طور ڪلاسز آهن. مٿيون ڪلاس Crippled آهي، هيٺئين ڪلاس جو ماڻهو سيڪسيوئلي Potent (طاقتور) آهي. انهيءَ کان پوءِ ان ناول ۾ جيڪي ڊائلاگ آهن، هڪڙي عورت جيڪا عام سوشل گپ شپ ۾ ٿي چوي ته اسين جڏهن هڪ ٻئي سان ڳالهايون ٿا، تيڏي مهل خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون، بلڪل ان طرح سان جنسي عمل ۾ به Body talking to body وارو عمل ٿيندو آهي... ڀلا سينسيشنس هڪ ٻئي سان ڇو نه ٿا Exchange ڪري سگهؤن. ته Exchange of Senses... اهو آهي Sex - مرد ۽ عورت پاڻ ۾ آئيڊياز ايڪسچينج ڪري سگهن ٿا ته پوءِ Sensations به ڇو نه ٿا ڪري سگهن، ته چوڻ جو مطلب اِهو ته اهي آهن هڪڙا محبت جا ماڊرن رويا. ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو ته: ’عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي‘ اِهو پيار جو ماڊرن تصور آهي.
چڱو هتي هڪڙي وري ٻي ڳالهه ٿا ڪريون... ۽ هڪڙي نئين ٿيوري آئي آهي دنيا ۾ Death of the earth ان ۾ هو چون ٿا ته ليکڪ جنهن مهل لکي ٿو، ان مهل ان جو موت اچي ويو، ختم! ۽ ان کان پوءِ جيڪا لکڻي آهي توهان جي، ان کي Autonomy (خود مختياري) آهي يعني ان جو پنهنجو وجود آهي. ان ڏانهن ئي ڏسو ۽ ان جي ليکڪ کي وساري ڇڏيو. ڏسو ته اُها اوهان سان ڪيئن ٿي ڳالهائي- سو مَن! شاهه سائينءَ کي به بس جنهن مهل پڙهان ٿو. تنهن مهل ڀٽ تي ويٺل شاهه کي مان ڪو نه پڙهندو آهيان. تنهن مهل ان جي ڪردارن ۾ ان کي پڙهندو آهيان ته اُهي ڪيئن ٿا مون سان ڳالهائين...
طارق عالم: ڀٽائي صاحب جا ڪهڙا اهڙا بيت يا سٽون آهن، جن کي اوهين پنهنجي تنهائيءَ ۾ ياد ڪندا ۽ لطف ماڻيند رهندا آهيو؟
آغا سليم: (بي ساخته چوندي) مَن! اها سٽ اجهو هي اٿئي:
’سڄڻ سُتا ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور‘
ڇا ته رومانس آهي سائينءَ وٽ... هي ان بيت جي ٻي سٽ ڏسو:
’اڀر چنڊ! پس پرين، تو اوڏا، مون ڏور‘
هاڻي جيڪو محبوب ولهه ۾ چوٽا ڀري ڪپور، چانڊوڪي ۽ ولهه ۾ ستو پيو هجي ته اهڙو نفيس خيال بس لطيف ئي بيان ڪري سگهي ٿو.
نصير مرزا: (کلندي پڇي ٿو) ڀلا توهان لاءِ به ڪڏهن ڪٿي ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور... ڪنهن انتظار ڪيو. (۽ ان سوال تي آغا صاحب بي ساخته ٽهڪ ڏيئي ۽ ڪيئي سيڪنڊن تائين دل کولي کلندو رهيو).
آغا سليم: من-! هاڻي اِهي ڳالهيون به ڪي پڇڻ ۽ ٻڌائڻ جون آهن جو توکي مان ٻڌايان. چڱو هي ڪئيسٽ رڪارڊر بند ڪر ته ٻڌايانءِ ٿو (۽ رڪارڊر بند ٿو ڪريان.)
نصير مرزا: آغا صاحب، چون ٿا ته مير تقي مير وٽ عشق جو صرف هڪڙو تجربو هو ۽ ان تي هن سڄا سارا شاعريءَ جا ڇهه ديوان سرجيا. توهان بنيادي طرح سان هڪڙا رومينٽڪ افسانه نگار آهيو ته اوهان جيڪي ڪيئي رومانوي افسانه لکيا آهن. اُهي ڪنهن هڪ ئي تجربي تي آڌارڪ آهن يا هر افساني لاءِ توهان کي نئون تجربو ٿيو.
آغا سليم: وحدانيت رڳو الله جو مَرڪ آهي من! ٻيا ته ان کان آجا ئي هوندا آهن، سو مون کان منهنجي عشقن جو تعداد نه پڇو، نه ئي مان ڪو ٻڌائيندس به. ۽ نه ئي ان کان وڌيڪ مان توکي ٻڌائي سگهندس.
طارق عالم: آغا صاحب، اوهان ڀٽائي صاحب کي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ته اِهو ڇا سوچي ڪيو اٿو؟
آغا سليم: من-! ٻه ٽي ڳالهيون منهنجي سامهون هيون. هڪ ته شاهه لطيف منهنجو Heritage آهي. بنيادي ڳالهه ته اِها ئي آهي، ته مون اردو وارن کي اردو ترجمي ۾ ٻڌائڻ چاهيو آهي ته هي ڏسو! منهنجو سائين ڪيڏو وڏو شاعر آهي. ٻيو سائينءَ کي مون پنهنجي پر ۾ ... منهنجو خيال آهي ته مون ڊسڪور ڪيو آهي. ان اينگل سان سچ ٻڌايانَو ته مون کان اڳ هن کي ائين ڪنهن به تلاش نه ڪيو آهي. مثال طور، مون سوچيو هئو ته سسئي تي اردو ۾ ڪو ڪتاب لکان: ’دشت وجود ڪي مسافت‘ ائين مون ان ۾ ڄاڻائڻ ٿي چاهيو ته، سسئي جي جيڪا مسافري آ، اُها وجود جي دشت جي مسافري آ، پنهنجو پاڻ کي Discover ڪرڻ جي مسافري آ، جنهن جي آخر ۾ سسئي چوي ٿي ته ’پنهون پاڻ ٿياس‘ ته ايئن مون تازو سنڌيءَ ۾ به هڪڙو ڪتاب لکيو آهي:’شاهه لطيف وٽ غم جو فلسفو‘ ۽ ڀٽائي صاحب جو فلسفو آهي ته غم اوهان کي Purify ٿو ڪري جو Purify ڪرڻ کان پوءِ اوهان جڏهن اسٽرلائير ٿا ٿيو ته اوهان کي پنهنجو پاڻ مان، پنهنجو پاڻ نظر ٿو اچي ۽ اُهو پنهنجو پاڻ ڇا آهي؟ يعني ڪيچ وارو پنهون جيڪو آهي سو Irrelevant ٿو ٿي وڃي. سائين فرمائي ٿو:
ڳولهيان ڳولهان مَ لهان، شال، مَ ملان هوت.
اها ته بظاهر هڪ مريضانه سوچ آهي. ڀئي ڳولهيان ته پوءِ ڇو نه لهان.
وري اڳتي چوي ٿو:
من اندر جا لوڇ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.
ڀئي لوڇ ڪا اينڊ ان اٽ سيلف آهي ڇا، جيڪڏهن سوچ اينڊ اٽ سيلف آ، ته پوءِ ته اِها بيماري آ. پاڻ کي ايذاءُ ڏيئي ان مان لذت حاصل ڪرڻ وانگر آهي. No- يعني هن جو يعني سسئي جو جيڪو سفر هلي پيو، ان ۾ هو محسوس ڪري ٿي ته هاڻي
پرتوو پنهونءُ جو، جئن جهڙ ۾ جهالا.
ڏئي پيو ۽ هن کي اُهي جهالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ان جدوجهد ۾ هن کي جيڪو ايذاءُ رسيو آهي، غم نصيب ٿيو آهي، انهيءَ ۾ هن محسوس ڪيو ته پوءِ ٿي چوي پئي ته! ڳولهيان ڳولهيان مَ لها.
ته متان هُن پنهون سان ملنديس ته اِها ڪيفيت، جيڪو درد آهي، اُهو متان ختم نه ٿي وڃي، ته منَ-! ان ڪتاب ڀٽائي جي غم جي فلسفي ۾ مون پنهنجي پر ۾ سسئي کي ڄڻ نئين سر Discover ڪيو. سائينءَ جو هي بيت ٻڌو:
سدا هنيم سُور جي، اڳيان ڪوهيارو،
جو نجس نيکاري، سو پنهون وڌم پاند ۾.
يعني نجس، کي جيڪا شيءَ نيکاري، اُهو غم آهي، پور آهي، ڏات آهي. جيڪو پنهون منهنجي ڀتار پاند ۾ وڌو ته انهيءَ مون کي Purify ڪيو ۽ Purify ٿيڻ کان پوءِ مون پنهنجو پاڻ ۾ پنهون کي ڳولهي لڌو.
طارق عالم: آغا صاحب، لڳي ٿو ڀٽائي صاحب اوهان کي پنهنجي سحر ۾ ايترو ته جڪڙي ڇڏيو آهي جو ’ڪهاڻي‘ هاڻي توهان لاءِ بي معنيٰ بنجي ويئي آهي.
آغا سليم: Yes, توهان صحيح ٿا سمجهو، هاڻي منَ نه مون کي ڊرامو ٿو وڻي، نه اهو لکي ٿو سگهان، نه ڪهاڻي، نه ناول، ٽي ويءَ سان دلچسپي ختم ٿي ويئي اٿم، ۽ بس لطيف سائين ۾ گم رهڻ مون کي پسند اچي ويو آهي.
طارق عالم: ڇا توهان مذهبي ماڻهو بنجي چڪا آهيو؟
آغا سليم: نه مَن!مان ڪو مذهبي ماڻهو ناهيان. اُهي ئي Believes آهن منهنجا، جيڪي پهريان هيا.
علي دوست عاجز: توهان چوندا آهيو ته سائين جو سهڻي سُر، ڏک جو سُر آهي، پر اوهان هتي گهڻا مثال سُرسسئي مان ڏنا ته سهڻي لاءِ ڇا چوندا؟
آغا سليم: مون توهان کي ٻڌايو ته سائين جيڪو سُر سسئي چيو آهي، ته اهو ’دشت وجود ڪي مسافت‘ آهي يعني هوءَ جيڪو سفر ٿي ڪري، اُهو هو پنهنجي وجود ۾ ٿي ڪري يا جيڪو سورٺ راءِ ڏياچ سُر آهي، ان ۾ Practically ڏياچ ڪو پاڻ کي ڪو نه ٿو ماري، اها ته تمثيل آهي. يعني توهان هڪڙي ڪيفيت مان ٻي ڪيفيت ۾ اچو.يعني جڏهن توهان نابود ٿا ٿيو، تڏهين بود ۾ ٿا اچو. معنيٰ توهان جي جڏهن Transformation ٿئي ٿي، جئن مثال وٺون ته هڪڙو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سمجهي ٿو ته مان آغا سليم آهيان، نه سائين لطيف ٿوچوي ته اِها ’بود‘ آهي، نابود ۾ ڪيئن ايندين؟ جڏهن تون سمجهندين ته مان ڪُل جو هڪڙو جز آهيان ۽ مان ڪل آهيان، وحدت الوجود جو به اِهو ئي ته تصور آهي ۽ هو جنهن مهل ڪل ۾ شامل ٿئي پيو ڏياچ، ته ان حالت مان مري ٿو وڃي، جنهن حالت ۾ ٻيجل هن سان ملي ٿو. تڏهن ڏياچ ٻيجل کي چوي ٿو ته:
عجب اٿم ايءُ، رات منهنجو ري،
ڪاٽيو تو ڪماچ سان.
ائين ئي وري مومل راڻي ۾ ڏسو، راڻو بي معنيٰ، Irrelevant ٿي ٿو وڃي. مومل جڏهن چوي ٿي ته:
’ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،
راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي جي ناهي ڪي.‘
ته ائين هو پنهنجو پاڻ کي Discover ٿي ڪري ۽ هاڻي ڇا جو راڻو ۽ ڇا جو ڪاڪ محل ۽ ڇاجي سومل! هر پاسي بس راڻو ئي راڻو... ته مون اوهان کي ٻڌايو پئي ته لطيف سائين تمام وڏو شاعر آهي. هاڻي ڇا، آهي ته سڀ معاملو ڌيان جو آهي. جن ماڻهن رسالو Compile ڪيو آهي، انهن بلڪل وڏو ڪم ڪيو آهي، پر اُنهن ڇا ڪيو آهي جو ڇاپي جي Thought جي evolution ڪرڻ نه ڏني اٿن. مثال طور انهن وٽ سسئي پڙهو، ته ان جي Thought جي evolution نظر نٿي اچي. سسئي آبريءَ ۾ سائين سسئي کان چَورايو آهي ته: ’پنهون ٿيس پاڻ، معنيٰ ته ختم ٿي وئي نه، پر اڳتي وري چوي ٿي ته: ’قافلو ڪاهيندياس.‘ ۽ جيڪڏهن سسئي جاکوڙ ۾ رڌل هئي ته هي بيت ان سُر جو آخري بيت هجڻ گهرجي ها. جيئن شروع ۾ چوي ٿي:’الا اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي‘ يعني هڪڙي تمنا آهي ته هو اچن، ۽ هاڻي جڏهن آيا ته انهن جي اچڻ سان ’نهن سين نيڻ ٺريام‘ ’ڪاجل ڪٺي آهيان‘، اِهو بيت اچڻ گهرجي ۽ جنهن مهل پنهونءَ جا ڀائر هن کي وٺيو هليا ٿا وڃن ته فراقيه بيت اچڻ گهرجن. پر رسالي ۾ ڏسو، ان جي ابتڙ آهي. ڪو بيت ڪٿي آهي ته ڪو وري ڪٿي!‘ ۽ ائين سرن ۾ بيتن جي ترتيب، بي ترتيب رکي ويئي آهي، ۽ انهن ۾ مفهوم جي تسلسل جو، ڪو به خيال نه رکيو ويوآهي.
اسحاق سميجو: ته ڇا توهين ان خيال جا آهيو ته.رسالي جي ترتيب نئين سر ٿيڻ گهرجي؟
آغا سليم: بلڪل مون جنهن به هنڌ تي تقرير ڪئي آهي، ان ڳالهه تي زورڏنو آهي ته شاهه سائين جي رسالي جي درست ترتيب تي ڌيان ڏنو وڃي، پر تحقيق جي ميدان ۾ اڌ پڙهيا عالم شاهه تي قابض آهن ۽ اهو ڪم اڃا اڌورو پيو آهي.
اسحاق سميجو: منهنجي خيال ۾ ته شاهه صاحب تي ڪم ڪرڻ وارا تمام گهڻائي نه-تمام وڏن نالن وارا به آهن...
آغا سليم: (وچ ۾) ها هوندا... ها، هوندا...
اسحاق سميجو: جيئن قليچ صاحب آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي آهي، ڊاڪٽر بلوچ آهي ته اِهي سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبن جا Giants آهن.
آغا سليم: برابر انهن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ شاهه سائين کي Discover ڪيو آهي، وڏي عظمت سان! پر..
اسحاق سميجو: پر هتي توهان کان پڇڻ آئون هي چاهيندس ته توهان جي خيال ۾، شاهه جي ڪلام جو ’روح‘ يا ان جو بنيادي ’جوهر‘ ڇا آهي؟
آغا سليم: ڀٽائي صاحب جي شاعريءَ جو روح ته آهي، ’وحدت الوجود‘، يعني مان ’پاڻ خدا آهيان‘، جيئن چيو اٿس: ’پُنهُون پاڻ ٿياس.‘ ڀٽائي صاحب ڇاڪاڻ ته هڪڙي وڏي ٺهراءَ وارو شاعر آهي ۽ ان ۾ جمال ئي جمال آهي، نه ڪي جلال... سچل سائين ٿو چوي: ”آهيان پاڻ الله“ ڀٽائي ته ائين علي الاعلان نٿو چوي، سائين ته وري ڪردارن جي وسيلي ٿو ڳالهائي. پاڻ نه ٿو چوي ته، ’مان ئي هان سڀ ڪجهه‘. سندس ڪردارن منجهان، جيئن سسئي ٿي چوي ته ’مان آهيان‘. مومل ٿي چوي ته ’مان آهيان‘، مومل ٿي چوي ته ’مان آهيان‘ ۽ جيستائين توهان جي ڀٽائي صاحب جي ڪلام جي روح وارو سوال آهي ته ان ۾ وحدت الوجود کان سواءِ ٻي ڳالهه (فلاسفي) آهي ئي ڪانه. جيئن چيو اٿن ته: ’ناٿ ڏٺائون نانهن ۾‘ هاڻي اِن کان وڌيڪ، لطيف سائين توهان کي بابا! پنهنجي باري ۾، ڇا ٻڌائي، ته هُو ڇا آهي!؟
اسحاق سميجو: آغا صاحب توهين بنيادي طرح سان ناول نويس، ڊراما نويس ۽ ڪهاڻيڪار هئا، پوءِ هي تصوف ۽ شاهه لطيف... طرف ڪيئن هليا ويا. ڇا توهان وٽ ان جو ڪو واضح ڪارڻ آهي؟
آغا سليم: جيڪڏهن مان ڊراما نويس نه هجان ها، افسانه نگار يا ناول نويس نه هجان ها ته مان شاهه کي ائين سمجهي ۽ Express نه ڪري سگهان ها. معافي جو طلبگار آهيان، جيڪڏهن هتي چوان ته شاعر ۽ محقق کان به وڌيڪ، تخليقي نثر نگار جيڪو هوندو آهي، اُهو وڌيڪ Creative هوندو آهي. شاعر ته بس ائين آهي جو رستي تي هلندي ڪا مصرع ذهن ۾ آيس ۽ نوٽ ڪري ورتائين، پر نثر مَن! بس ۾ سفر ڪندي ماچيس تي نه لکي سگهبو آهي. اُهو ڌيان گهرندو آهي، وقت ڊمانڊ ڪندو آهي. ڪردار، ۽ ماحول ان لاءِ جوڙڻو ۽ گهڙڻو پوندو آهي. ڊرامن، ڪهاڻين، ناولن ۾ ڪردار ٺاهڻا پوندا آهن. انهن جي نفسيات... ۽ اهڙو عمل ليکڪ ۾ وڏي Creativity پيدا ڪندو آهي. سو مان سمجهان ٿو ته مان جي فڪشن رائيٽر يا ڪردارن جو گهڙيندڙ نه هجان ها ته لطيف سائين جي ڪردارن، انهن جي روين، احساسن ۽ تمثيلن کي سمجهي نه سگهان ها، جيئن محقق جي مقابلي ۾ مون انهن کي سمجهي، پنهنجي انداز سان Discover ڪيو آهي.
علي دوست عاجز: آغا صاحب، توهان نثر لکندا آهيو ته لڳندو آهي شاعري ٿا ڪريو، ته ڇا بنيادي طرح توهان شاعر هئا ڇا!؟
آغا سليم: منهنجي شايد ذهني گُرومنگ اهڙي ٿي آهي. ممڪن آهي ابتدا ۾ مون کي وڏا شاعر وڻندا هجن، جن جي مطالعي منهنجي نثر هيٺان شاعراڻي اڻت ڪري ڇڏي هجي، جنهن سبب اوهان کي منهنجو نثر شاعراڻو پيو محسوس ٿئي.
نصير مرزا: آغا صاحب توهان ڏاڍو ڇرڪائيندڙ اعتراف ڪيو آهي ته، هاڻي توهان کي ڊرامو، افسانو يا فڪشن اٽريڪٽ نٿو ڪري، جڏهن ته توهان ڪنهن وقت مون کي هڪ اِنٽرويوءَ ۾ چيو هو ته، اوهان نِٽشي جي سپرمئن وانگر، سنڌ واسين کي هڪ آئيڊيل ڪردار پنهنجي ڪنهن ناول ۾ ڏيڻ چاهيو ٿا. ڇا اسين هاڻي توهان مان توقع نه رکون ته اهڙي ڪا شئي هاڻي اوهان ڪڏهن سنڌ واسين لاءِ لکندا؟
آغا سليم: مَن! اهڙو واقعي، مون کي خيال آهي ته، هڪڙو اهڙو ناول لکندس، ۽ اهڙو ڪردار سپرمئن جهڙو تخليق ڪندس، جيڪو وڏيرن کي ماريندو، انصاف ڪندو. هاڻي اهڙي ڪنهن ناول جو اهڙو ٿورو انداز مون کي غلام نبي مغل ۾ نظر اچي ٿو، ۽ ان لاءِ فن جي قرباني البته ضرور ڏيڻي پوي ٿي. جئن مون ٻڌايو ته اقبال، مسلمانن جي وڌندڙ زوال کي ڏسي، انهن ۾ روح پيدا ڪرڻ جي لاءِ، پنهنجي شاعريءَ جي بنيادي روح کي قربان ڪري ڇڏيو يا جيئن سراج جهڙي تمام سٺي ليکڪ، ’سنڌيت‘ جو جذبو قوم ۾ پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي ناول ’پڙاڏو سو سڏ‘ کي فلمي انداز ڏئي ڇڏيو ۽ فني جوهر جي قرباني ڏيئي ڇڏي. ان ئي ڏس ۾، مون به چاهيو پئي ته سنڌين کي هڪڙو شاونسٽڪ ڪئريڪٽر ڏيان، ’جنگجو هيرو!‘ جيڪو انهن کي سجاڳ ڪري، سو واقعي ماضيءَ ۾ اهڙو خيال هئو منهنجو، پر هاڻي جڏهن، ‘هلڻ هارا منهنجا سپرين‘ واري عمر ۾ اچي پهتو آهيان ته من! هاڻي ڪهڙو ناول... ڪهڙو ’سپرمئن‘...
طارق عالم: ڇا ڪو اهڙو وقت يا خيال آيو ته پنهنجون افسانوي تحريرون ڦاڙي ڇڏڻ گهرجن جيئن روايت آهي ته، ڀٽائي صاحب پنهنجو رسالو ڪِراڙ ۾ اڇلي ڇڏيو هو؟
آغا سليم: (کلندي) من! هينئر به منهنجو وس پڄي ته اُهي سارا ناول ڪهاڻيون ڦاڙي اُڇلي ڇڏيان، جو هاڻي انهن ڏانهن مڙي ڏسندو ئي ناهيان جو سوچيان ٿو ته انهن کي پڙهڻ سان ڇا محسوس ڪندس، انهيءَ ڪري شرم کان انهن کي پڙهندو ئي ناهيان. انهيءَ حوالي سان هتي هڪڙو مثال ڏيندو هلان، ته لتا منگيشڪر چون ٿا ته جڏهن پنهنجو گيت رڪارڊ ڪرائي وٺندي آهي ۽ جڏهن رڪارڊسٽ ان کي روائينڊ ڪري ٻڌڻ چاهيندا آهن ته، چوندي آهي، ته جڏهن مان هلي وڃان ته پوءِ ٻڌجو. سو مطلب آهي ڪو ماڻهو منهنجي ئي آڏو منهنجي ڪتاب کولي پڙهڻ لڳندو آهي ته منٿ ڪندو آهيانس: ادا! پوءِ پڙهجانءِ... گهر وڃي... منهنجي ’منهن تي ته نه پڙهه نه ادا‘.
طارق عالم: ائين ڇو ڀلا؟
آغا سليم: هڪڙي مشهور چوڻي آهي ته ماڻهو Being آهي. يعني، ڪا شئي Stagnant ناهي ۽ هر شيءِ ٿيندي رهڻ واري Process ۾ هوندي آهي. سو بهتريءَ جي هر شيءِ ۾ گنجائش رهندي آهي ۽ اهڙي سوچ منهنجي به ذهن ۾ هر وقت رھندي آهي ته هي جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، يا ڪيو ويو آهي، اهُو ٿوري محنت سان،اڃا به وڌيڪ بهتر ٿي پئي سگهيو.
طارق عالم: توهان تصوف کي پسند ڪريو ٿا ته ڇا اڳتي هلي ڪنهن صوفيءَ وانگر، زندگي گذارڻ جو ڪو ارادو آهي ڇا ؟
آغا سليم: ٿورو پنهجي سڀاوَ جي باري ۾ ٻڌايانوَ ته مون ۾ Reasoning تمام گهڻي آهي ۽ Analytic attitude پڻ يعني سُپر نيچرل شيون... مثال ڪو اوچتو آواز ٿيو، ته مان ان کي analyze ڪندو آهيان ته اِهو ڇو ٿيو؟ ائين نه چوندس ته اِهو ڪو ئي از غيبي آواز هو... ته مطلب ته باءِ نيچر، باءِ ٽيمپرامينٽ صوفي نٿو ٿي سگهان مان، جئن ماضيءَ وارا صوفي ٿي گذريا آهن. باقي انهن صوفين مون کي گهڙيو ڇِليو ضرور هوندو، جن کان مان متاثر رهيو آهيان.
هتي ان ڏس ۾ من! هيءَ به وضاحت ڪريان ۽ جنهن کي منهنجي خود ثنائي بلڪل نه سمجهجؤ ته صوفين وانگر پئسي کي مون ڪا اهميت ڏني ئي ڪانهي پنهنجي زندگيءَ ۾. ۽ حوالي سان هي محاورو به ٻڌائيندو هلان ته، I possess so that I may not be possessed سو منهنجي دولت، پئسي ۽ مال جي سلسلي ۾ attitude ٿورو صوفياڻو (Mystical) آهي ۽ پيار، محبت ۽ هيومن رليشن شپ ۾ ئي منهنجو ويساهه آهي، پر توهان جنهن روايتي صوفيءَ کي خيال ۾ رکي مون کان سوال ڪيو آهي ته اُهڙو صوفي، مان ڪڏهن به ٿي نٿو سگهان. بلڪل ئي نه!
طارق عالم: پوءِ ڇا آهيو هن وقت ۽ ڇا رهڻ چاهيو ٿا؟
آغا سليم: دهريو ٻهريو ته مان ناهيان منَ! (۽ کلندي)الله سان بس ٿوري سنگت آهي منهنجي ضرور.
نصير مرزا: آغا صاحب وري ٿورو افسانوي ادب جون ڳالهيون به ڪريون، جي اجازت ڏيو.
آغا سليم: (خوش دليءَ سان) ها، ها ڇو نه، بسم الله، بسم الله. ان موضوع تي ضرور ڳالهايو جو فڪشن کي مان سڀني آرٽس ۾، تمام وڏو آرٽ سمجهندو آهيان ۽ شاعري ۽ مصوريءَ کان به ان کي وڌيڪ ڀائيندو آهيان. ۽ اها منهنجي پنهنجي ذاتي پرسپيشن آهي ۽ ممڪن آهي مان ان ۾ غلط به هجان.
نصير مرزا: آغا صاحب توهان ۶۰ واري ڏهاڪي ۾، جڏهن سنڌ ۾ نيشنلسٽ تحريڪون پوري زور تي هيون، تڏهن توهان ۾ بطور ’فڪشن رائيٽر‘ پاڻ کي ڪيئن سرخرو ڪيو هو؟
آغا سليم: مون وٽ as such نعرو ڪو به ڪو نه هو، منهنجو نڪتئه نظر هي هو ته ليکڪ پاران پڙهندڙن کي ڪلچرڊ بڻائڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته ليکڪ جنهن مهل لکندو آهي ته، ڄڻ ڪيٿارسس پيو ڪندو آهي- سو فڪشن، لٽريچر يا بيوٽيفل شيءَ جيڪا آهي، اها پڙهندڙ جي شخصيت جي اسٽيٽسڪو کي ختم ٿي ڪري. يعني شخصيت جو جيڪو اسٽيٽسڪو يا توازن آهي، جيڪو هُو پاڻ سان کڻيو پيو گهمي، ان کي ڊسٽرب ٿو ڪري. بس اِهو ئي منهنجي تحرير جو پوشيده سلوگن آهي باقي ’مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون‘ يا ڪو ڪارل مارڪس، وغيره منهنجو سلوگن ناهي. ها! اِهي سڀ شيون منهنجي اندر ۾ برابر ته آهن، پر مون انهن کي پنهنجي انداز سان ئي ڏٺو ۽ بيان ڪيو آهي.
طارق عالم: توهان پنهنجي لکيل ڪنهن ڪهاڻي يا ناول کي ڇا ڊس اون ڪيو ٿا؟
آغا سليم: (کلندي) ڊِس اون ڪيئن ڪبو منَ! مون ته جيڪي گاريون ڏنيون آهن، مان اُهي به ’اون‘ ٿو ڪريان.
طارق عالم: شيخ اياز صاحب چوندو هو ته هو پنهنجو تازو شايع ٿيل ڪتاب، شايع ٿيڻ بعد پڙهي، رکي، وساري ڇڏيندو آهي ۽ نئون ڪتاب لکڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. توهان ٻڌايو ته توهان جو ڪو نئون ڪتاب ايندو آهي ته ان کي گهڻا ڀيرا پڙهندا آهيو؟
آغا سليم: منَ، مان پڙهندو ئي ناهيان، ڊپ هوندو آهي ته، پڙهندس ته ان ۾ عيب ئي نظر ايندا. (کلندي) خير هڪڙو دفعو ته پڙهبو ئي آهي. ان ڳالهه تي هي لطيفو ٻڌو. هڪ ڀيري خلقڻهار آيو هيٺ، سک کان پڇيائين، تون ڪير آن، چيائين، مان مکڻي سنگهه آن پوءِ هن پڇيو تون ڪير آن؟ چيائين مان خلقڻهار! پڇيائين مکڻ سنگهه تون ڇا ڪندو آن؟ چيائين مان ڪنڀر هان، ٿانو ٺاهيندو آن. پوءِ هن پڇيو تون ڇا ڪندو آن. چيائين ماڻهو ٺاهيندو هان، تڏهن سک پنهنجيءَ شڪل ڏانهن اشارو ڪندي چيو: اي بنده بڻايئي... ۽ پوءِ پنهنجي ٿانون ڏانهن مُنهن ڪري چيائين: ڏس! هي منهنجا ٿانوَ، ڪيڏا نه خوبصورت آهن، (کِلندي) سو منَ! مقصد اِهو ته جنهن مهل پنهنجو لکيل پڙهبو آهي ته، دل ۾ پيو چئبو آهي: هي لکيو اٿم؟
طارق عالم: ان کي ڇا توهان جي انڪساري سمجهون؟
آغا سليم: نه- منَ! انڪساريءَ جي ڳالهه پنهنجيءَ جاءِ تي، پر مان هڪڙي سٺي رائيٽر جو جيڪو Concept آهي، مان ان تي پاڻ کي پورو لهندي نه ڀائيندو آهيان. ڳالهه اِها آهي، باقي ٻين سان پاڻ کي Compare ڪندي، ائين ڪو نه پيو چوان. اصل ۾ منهنجيءَ ذات ۾ ڪي آئيڊيل آهن، ته افسانو لکجي ته انهن جهڙو . لکجي. چيخوف ٿي لکجي، دوستو وسڪي ٿي لکجي.
اسحاق سميجو: ڇا سنڌيءَ يا اردوءَ ۾ به ڪو آهي، جنهن کي پنهنجي اظهار ۾ ڊڪشن ۾ اوهين بهتر ڏسو ٿا!
آغا سليم: سڀ سٺا آهن منَ! مان ڪنهن کي خراب چوان. شيخ اياز اسان وٽ سنڌيءَ ۾ جيڪي افسانه لکيا آهن، ڏاڍا سٺا آهن. جمال ابڙو آهي، ان سنڌي افساني کي هڪ نئون لهجو ڏنو آهي. نج نبار سنڌي ٻوليءَ ۾ هن اهڙا اهڙا نثر ۾ مون تاج ٺاهيا آهن، جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
طارق عالم: ڀلا ابتدائي جديد افسانه نگارن مان نادر بيگ مرزا؟
آغا سليم: فرسٽ ڪلاس، ڏاڍو سٺو، ورهاڱي کان اڳ وارن افسانه نگارن ۾ نادر بيگ نئين Sensibility جو ماڻهو هو. هن جي افساني کي ماڊرن افسانو سڏي سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ ان ئي دؤر ۾ ايم يو ملڪاڻي صاحب آهي، ائين ان جي لکيل ون ايڪٽ Plays ۾ به ڏاڍا سهڻا ۽ نوان تجربا آهن.
طارق عالم: ڀلا نسيم کرل؟
آغا سليم: بس ٺيڪ آ...ان پس منظر ۾ وري ٿو اِها ڳالهه ٻڌايانوَ ته علم کان سواءِ، ڪجهه ناهي. نسيم پڙهندو گهٽ هو ۽ بلونت سنگهه ۽ ’چور چاند اور رات‘ جهڙا ڪتاب پڙهي افسانه لکندڙ هو . ڪو شاعر هجي يا افسانه نگار.. هي آورد وارو زمانو ناهي منَ! پڙهي، وڏو مطالعيو ڪري ’لکڻ‘ وارو زمانو آهي. هر علم کي پاڻ ۾ داخل ڪري، پوءِ ان جي آڌار تي پاڻ کي اظهارڻ جو زمانو آهي.
ڪنهن زماني ۾ هڪڙو فقيراڻو نعرو پيو ٻڌبو هو ته ’علمون! بس ڪرين وو يار...!‘ اِهو بلڪل هڪڙو غلط نعرو آهي. تصوف ۾ بو علي سينا چوندو هو ته خدا جيڪا پهرين پهرين شيءَ خلق ڪئي، اُهو هئو: عقل...! (الاس! ان جواب ڏيندي موبائيل تي آغا صاحب جو فون ۽ فون تي ڊگهي گفتگوءَ سبب اِهو سندس جواب اڌ ۾ ئي رهجي ويو)
طارق عالم: ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌي اديبن شاعرن ۾ مطالعي جي کوٽ آهي؟
آغا سليم: ها! من! ڇا آهي ته پنهنجو ادب ان سطح تي نه پهتو آهي جتي چئون ته اُهو Assess پيو ٿئي . اِهو منهنجو ذاتي خيال آهي- ۽ ٻيو اهو ته ادب ۾ اسين سهل پسند آهيون. ڪنهن افسانو لکيو ته بس اُهو ان ڏينهن کان افسانه نگار ٿي ويو. جنهن جي طبيعت ۾ ڪا ٿورڙي موزونيت آهي ۽ فاعلاتن فاعلات ڪرڻ ان کي اچي ويو ته، شاعر ٿي ويو اُهو، پوءِ ادبي سنگت ۾ ويو ته اتي دانشور ٿي ويو ۽ منهنجو خيال آهي ته افسانه نگار يا شاعر، ڪنهن به طرح سان دانشور سڏرائڻ جو اهل ناهي هوندو، اهو يا افسانه نگار هوندو آهي يا شاعر . ڪو پاڻ کي ائين سڏرائي ٿو ته اِها نهايت ئي غلط ڳالهه آهي. هتي اِهو به واضح ڪندو هلان ته مان جي ڪنهن عمل جي negation ٿو ڪريان ته ان جو اِهو مقصد نه سمجهيو وڃي ته پنهنجي Assertion نه پيو ڪريان. رائيٽر لاءِ هن دؤر ۾ پڙهيو لکيو هجڻ تمام ضروري آهي ۽ جيڪڏهن ڪو فڪشن رائيٽر آهي ته پاڻ کي وڏو ولوڙڻو پوندو. اسان جو ڀٽائي، ان جو مثال آهي ۽ منهنجو اندازو آهي ته جنهن ابن عربي کي پڙهيو ۽ پرجهيو آهي، اهو ئي سمجهي سگهي ٿو ته اسان جي آئيڊيل شاهه لطيف جو مطالعو ڇا هو. سنڌ جي تصوف جي تاريخ جو وڏو ماڻهو مخدوم معين ٺٽوي ڀٽائي جو استاد هو. وحدت الوجود جو درس ڀٽائي صاحب کي ان ئي بزرگ وٽان پلئه پيو هو.
سو منَ! ڳالهه چٽي آهي ته پاڻ وٽ هن دؤر ۾ سنڌي اديبن ۾ علميت ڪانهي.ڪو سٺو پڙهيو لکيو نقاد ڪونهي ۽ سچ پڇو ته هاڻي نه ڪو وڏو شاعر آهي، نه فڪشن رائيٽر... ان ڏس ۾ مقابلي طور ٿورو رڳو ’سارتر‘ کي ڏسو. ائين هجڻ گهرجي فڪشن رائيٽر کي، ايترو پڙهيو لکيو (کِلندي). هيڏانهن پاڻ وٽ حالت اِها آهي جو اسان وٽ جيڪو گهران رٺو... لکيائين ’جيجل ماءُ سنڌڙي مان توتان قربان‘ شعر ۾ لکيائين ’مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون...‘ شاعر ٿي پيو، وڏو اديب ٿي پيو... (جذباتي ٿيندي) اِهو ادب ناهي. I tell you ادب ان کان گهڻو اڳتي آهي.
اسحاق سميجو: توهان سمجهو ٿا ته هند- توڙي سنڌ ۾ سنڌيءَ ۾ ڪو ’وڏو ناول‘ ڇو لکجي نه سگهيو آهي!؟
آغا سليم: جيتريقدر ’هند‘ جي يا هند ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪن جي ڳالهه آهي ته انهن جا ثقافتي، سياسي، اقتصادي مسئلا پنهنجا آهن. هو هتان ويا ته ڀڳل ڀريل هئا. هاڻي پيرن تي بيٺل آهن ته هنن جا مامرا ٻيا ٿي پيا آهن. ان ڏس ۾ مون هڪ دفعي نند جويري کي چيو ته ڪاوڙجي پيو، چيومانس ته هڪڙي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته اسين سنڌي مسلمان گهر، شهر، واهه ٽپي ٻاهر ٿا وڃون ته محسوس ٿا ڪريون ته پرديس ۾ پهچي ويا آهيون، توهان لنڪا...لنڪا ڪندا وڃي اتي ٿا پهچو (جئن هندو سنڌ ورڪين بابت شاه ڀٽائي صاحب اسان کي ٻڌايو آهي) توهان اسان جي مٽي ۽ آبهوا ساڳي آهي، پر ان جو مطلب مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته، توهان وڃو لنڪا نڪرو، پاڻ کي پرديسي نٿا ڀانيو ۽ اسين سنڌي مسلمان واهه ٿا ٽپون ته، جهڙو ديس بدر ٿي وياسين. ٻيو اِهو ته اِهو الائي ڇا آهي جو، سنڌي هندن ۾ نه ڪو وڏو گويو پيدا ٿيو، نه وڏو ڪو شاعر جيڪڏهن ڪو ٿيو ته وڌ ۾ وڌ سامي... يا پوءِ جي دؤر ۾ نارائڻ شيام. ته مون چيو پئي ته سنڌ جي ڪلاسڪ ۾ رڳو شاهه آهي، سچل به نه.. اهو به بيشڪ شاعر آهي، ان کي به وڏو شاعر ڏيکارڻ لاءِ سليڪشن ڪرڻي پوندي ۽ سڀ ان جو به سٺو ناهي، ته خير ڳالهه اسان هند ۽ سنڌ ۾ وڏي ناول نه لکجڻ جي پئي ڪئي ته وڏو ناول سنڌ ۾ به ناهي لکيو ويو. ڇو ناهي لکيو ويو؟ مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ها ايترو بلڪل چئي سگهان ٿو ته پنهنجي پاسي وڏو ناول، ناهي لکيل (ياد ڪندي) ها! مون اوهان کي ٻڌايو پئي ته نند جويريءَ کي مون چيو ته، توهان ڏي ته ليکڪ ڏاڍو پڙهيو لکيو آهي، پوءِ انهن ۾ ڪو وڏو ناول نگار ڇو پيدا ڪو نه ٿيو؟ موهن ڪلپنا ان ڏس ۾ سٺي ڳالهه ڪئي آهي ته اسان واڻين کي ورثي ۾ ادب نه، ’وٽ ۽ تارازي‘ ملي آهي، پر هيڏانهن ٿيندو ائين آهي ته، ادب ۾ جيڪو ’وٽ ۽ تارازيءَ‘ جو هنر ڄاڻي ٿو، اُهو ئي ماڊرن ۽ وڏو ادب لکي سگهي ٿو.
علي دوست عاجز: سنڌي ٻوليءَ ۾ وڏو شاعر نه، پر وڏا شاعر پيدا ٿيا آهن، ڇا منهنجو اِهو سوال صحيح آهي!
آغا سليم: (مُرڪندي) منَ! ٿيا هوندا، (۽ ان جواب تي آغا صاحب پاڻ ئي سواليه انداز ۾ ٽهڪ ڏيندي جواب ٿو ڏئي) ادا، هڪڙي ڳالهه منهنجي ياد ڪريو، ته جڏهن مان هتي ڪن شخصيتن جي Negation ٿو ڪيان ته پاڻ کي شامل نٿو ڪريان، جئن متان چئبو آهي ته، ٻين کي نٿو مڃي ۽ رڳو پاڻ کي پيو ٿو پڏائي-No... سو مَن! هوندا وڏا شاعر به...
طارق عالم: واقعي آغا صاحب... لطيف سرڪار ته لطيف آهي، پر توهان اياز صاحب کي به ته وڏو ٽربيوٽ ڏيندا رهيا آهيو!؟
آغا سليم: اياز برابر وڏو شاعر آهي. جڏهن لطيف سرڪار جي ڪلهوڙا دؤر مان اسين نڪرون ٿا ته اياز جي Sensibility ۾ شامل ٿيو، ٿا وڃون. لطيف اسان جو ورثو آهي ۽ رهندو، جڏهن ته اسين جڏهن ماڊرن دؤرن ۾ اينداسين ته اسان کي اياز جو نالو کڻڻو پوندو. سندس هڪ شعر آهي:’چنگهندي چنگهندي آئي پٽي تي ٽرام‘ اِها اياز جي ماڊرن پوئٽري آهي ۽ اياز تمام وڏو شاعر آهي، اسين ۽ اسان جهڙا ته هن جي آڏو جيتامڙا ٻيتامڙا ويچارڙا آهيون. )۽ ڊگهي وقت تائين هلندڙ انٽرويو دؤران آغا ڪئيسٽ هلندي ڏسي، چوي ٿو: مان کي ته ولوڙي ڇڏيو اٿو مَنَ!(
اسحاق سميجو: (ٽهڪ ڏيندي) توهان کي اڃا ته وڌيڪ ولوڙينداسين. اڃا ته جهڙوڪر ڪجهه ناهي پڇيو اسان اوهان کان!
نصير مرزا: آغا صاحب! توهان شيخ اياز صاحب بابت هڪڙو ڪتاب لکيو آهي: ’صدين جي صدا‘ ان ۾ توهان اياز کي هڪڙي ڏاڍي نئين اينگل سان پرکيو آهي. ڇا اِن ڪتاب کي ڪا موٽ ملي آهي؟
آغا سليم: ان ڪتاب کي پذيرائي ان ڪري نه ملي، جو هي دؤر تاج بلوچ جو دؤر آهي، انهيءَ جهڙي سوچ ۽ ليول جو دؤر آهي.
اسحاق سميجو: ان حوالي سان مان هتي اِهو پڇڻ پيو چاهيان ته، هڪڙي پاسي توهين آهيو، جيڪي شيخ اياز کي ائين ڊسڪور ڪيو ٿا، دانشورانه ۽ فڪري انداز ۾ ۽ ٻئي پاسي، اهڙا ماڻهو آهن، جن ڏانهن توهان اشارو ڪيو ۽ جن جي هٿن ۾ اياز لاءِ پٿر ئي پٿر آهن،ته اهڙي سوچ رکندڙن بابت ڇا چوندؤ؟
آغا سليم: اِهو ته طئي آهي ته ٻه گروپ آهن، ۽ اصل ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪي ان جي negation ڪن ٿا، انهن جو به اياز ڏانهن علمي رويو ناهي. انهن جو نظريو هي آهي ته، هن کي ڊاهيون ۽ ڪيرايون، جئن اسان نمايان نظر اچون، انهيءَ ۾ امداد به ٿي سگهي ٿو ۽ شمشير به - ته من اياز جي سامهون اِهي ڏاڍا ننڍڙا شاعر آهن. هتي چٽائي ڪريان ته اياز منهنجو ڪو مائٽ ڪونهي، پر دل سان ٿو چوان ته، تمام وڏو شاعر آهي. ۽ ڇاڪاڻ ته اياز اڃا پورو اسان کان برداشت نٿو ٿئي، ان ڪري منهنجو ڪتاب ’صدين جي صدا‘ بقول اوهانجي، نئين اينگل سان لکيل ڪتاب، اڃا هر واسي نه ٿي سگهيو آهي. منهنجو خيال آهي ته، جڏهن اسان جي جيءَ ۾ شيخ اياز لاءِ جهروڪو کلندو ته، هو پوريءَ طرح سان Discover ٿي اسان جي سامهون ضرور اچي بيهندو.
نصير مرزا: آغا صاحب، توهان جو هڪڙو شعر آهي ته: ’سورج بڻجي جرڪندا، ديوانن جا خواب.‘ ته توهان جي اندر جي ديواني شاعر جا ڪهڙا اهڙا خواه آهن جن جي لاءِ شاعر جي دل، خواهش ٿي ڪري ته اُهي سورج بڻجي جرڪن؟
آغا سليم: منَ! ۸۰ ۾ ڪراچيءَ ۾ جيڪو سچل انٽر نيشنل سيمينار ٿيو هو، ان ۾ مون هڪ نظم پڙهيو هيو، جنهن ۾ مون چيو هو ته:
ڪو خواب شاهه عنايت جو
ڪو خواب شاهه بلاول جو
گهاڻي ۾ پيٺل ماس آ،
ڌرتيءَ جو بنيو اتهاس آ.
سو من!ان ديواني شاعر جا خواب اِهي ئي آهن، جيڪي خواب شاهه عنايت ڏٺا، جيڪي مخدوم بلاول ڏٺا ۽ اُهي ئي خواب آهن، جيڪي هاڻي تون ۽ مان ٿا ڏسون ۽ اِهي ئي خواب ... ديوانن جا اُهي خواب آهن، جيڪي هڪ ڏينهن ضرور سورج بنجي جرڪندا.
نصير مرزا: توهان جهڙو نفيس رائيٽر ۽ ريڊيو آفيسر به، ٻڌؤ ٿئون ته ريڊيو حيدرآباد تان گرفتار ٿي، نارا جيل ۾ پهچايو ويو هو، ته اِهو ڇا قصو هو.
آغا سليم: بس من! هرو ڀرو (کلندي ۽ ٽاريندي) ان ڪري موڪليو ويس ته، اُتي وڃي شاعري ٻاعري ڪريان، پڙهان.. لکان...
اسحاق سميجو: وري به ڪجھه ته ٻڌايو...
آغا سليم: بس ادا ريڊيو اسٽيشن تي هئا ڪي مهاجر، جن جي چُرچ ٿي ... واٽ ويندي ٻانڀڻ....
(آغا صاحب جي ان، گول مول ۽ مبهم اعتراف تي اسين کلڻ ٿا لڳون)
نصير مرزا: توهان هي جيڪا شاعري ڪئي آهي، ’پن ڇڻ ۽ چنڊ‘ مجموعي واري اها ڪهڙي ماحول ۾ اوهان سِرجي هئي؟
آغا سليم: سچ ٻڌايان ته، زندگيءَ ۾ جيڪو مون کي شديد شاڪ لڳو، اُهو ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ واري خبر ٻڌي ٿيو هو. يعني ايڏو وڏو ماڻهو، ايڏي بيدرديءَ سان سوليءَ تي ٽنگي ڇڏيائون.
ان شدت ۾ مون کان ڏاڍي شاعري لکجندي وئي. ان جو هڪڙو پس منظر اِهو به هو ته هڪڙي ايڏي وڏي ذهين سنڌي ماڻهوءَ کي ختم ڪيو ويو! ۽ ان حوالي سان هڪڙو ڊپ ۽ خوف مون کي محسوس ٿيو هو ۽ اِهي منهنجا پنهنجا fears هئا ته ڇا ايڏي آسانيءَ سان هو اسان سنڌ واسين کي به ختم ڪري ڇڏيندا. ان سانحي کان پوءِ ۽ هاڻي تائين جڏهن جڏهن به مون ڪو شعر لکيو آهي، ان ئي خوف ۽ ان ئي حوالي سان پئي لکيو آهي.
نصير مرزا: چاهيون ٿا ته اڄ اعترف ڪريو ته اوهان جي رومانوي ڪهاڻين ۾ خواتين جا، جيڪي ڪردار آهن، اهي اوهان جا ڏٺل وائٺل آزمايل ڪردار آهن يا محض خيالي...
آغا سليم: اِهي من (ڳالهه کي ٽاريندي) خيالي وڌيڪ آهن يا مشاهدن تي مشتمل آهن، جو ظاهر آهي ته ڏٺو هوندوسين ڪن نوجوانن کي عشق ڪندي.
اسحاق سميجو: توهان به ڪڏهن اهڙا نوجوان رهيا آهيو ۽ توهان به ڪو عشق ڪيو هوندو..
آغا سليم (زوردار ٽهڪ ڏيندي) ها من! ... ڪيو... هوندوسين، پاڻ به ڪڏهن ڪو عشقڙو ٻشقڙو ... جو ظاهر آهي هر ڪو ئي ٿو ڪري، اِها ڪا اهڙي نئين ڳالهه ته ڪانهي نه ادا!
اسحاق سميجو: چڱو ڀلا، تفصيلن نه ئي سهي، اشارن ۾ ئي کڻي ٻڌايو.
آغا سليم: منهنجو هڪڙو اردو شعر آهي ته:
پياس سي چٽخا هوا هي تن بدن
ٽوٽ ڪر برسي ڀي اب ڪوئي گھٽا.
هڪ دفعي فهميده رياض مون کان پڇيو هو ته اها ڪير!؟ ته وراڻيو مانس: زندگيءَ ۾ ڪو ماڻهو اهڙو ملندو آهي، جيڪو توهان کي بي پرواهه بنائي ڇڏيندو آهي،جيڪو توهان کي Liberate ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهڙو سرشار ڪري ڇڏيندو آهي، جو پوءِ.. توهان کي ڪنهن جي پيار جي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي آهي. سو بس ڪٿان ڪنهن هستيءَ وٽان، اِها Liberation مون کي به سچ ٻڌايانوَ ته ايتري ته ملي وئي جو... بس وڌيڪ جي ضرورت ئي نه پئي.
نصير مرزا: چڱو وري توهانجي تحقيق ۽ترجمي واري ڪم ڏانهن ٿا هلون، ۽ پڇڻ ٿا چاهيون ته، ڀٽائي ته توهانجو پنهنجو سنڌ جو هو، جنهن کي اوهان اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان جي شاعريءَ ۾ غم جي فلسفي بابت ڪتاب لکيو. پر هي بابا فريد گنج شڪر جي پنجابيءَ ۾ لکيل بيتن جي سنڌي ترجمي ڪرڻ وارو خيال ڪيئن آيو؟
آغا سليم: تصوف ۽ صوفي ازم ته منَ! منهنجي مزاج جو موضوع هو نه...ان تلاش ۾ خانقاهن ۾ ويهڻ وارن ماڻهن ڏانهن ته منهنجو ڌيان هو ئي. اهڙن عظيم صوفي انسانن جون سٽون، مطالعي ۾ آيون ته حيرت ٿي ته خانقاهن ۾ ويٺي ويٺي اهي عجيب ۽ اسرار جهڙا خيال ڪيئن ٿا اهڙن ذهنن ۾ اچن. مثال طور:
ڪانگا سب تن کائيو اور چُن چن کيو ماس
دو نينان مت کائيو، جنهي پيا ملن ڪي آس.

ڪاگا چهوڙ نه پنجرا، بسي ته اڏر جا
جس تن پيو بسي، تد دا ماس نه کا.
يا جيئن شاهه سائين چيو آهي:
جا ڀونءِ پيرين مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين.
بابا فريد گنج شڪر ان کان اڳ ئي مٽيءَ جي حوالي سان اهڙو ڪجهه چئي ويو هو:
جيونديان پيران تلي، موُيان اُوپر هوءِ!
ته چوڻ جو مطلب اِهو ته، هر وڏو تخليق ڪار، وڏو ماڻهو، رڳو هڪڙي ئي سٽ ٻڌائي چوندو آهي ته، پٽ! مان ئي آهيانءِ! ۽ تون ڪيترڙو آن. ۽ ائين هو پنهنجي محض هڪڙي سٽ سان Sharing ڪري ڇڏيندو آهي، پنهنجي وڏائي ۽ مهانتا جي.
نصير مرزا: ڀلا بابا فريد جي ترجمي واري ڪم ڪيترو وقت ورتو اوهانجو؟
آغا سليم: اصل ۾ اسلام آباد ۾ مقرر هجڻ ڪري، وقت ميسر ٿي ويو هو مون کي. ٻيو ته منهنجي دوستيءَ جو سرڪل اتي گهٽ هئو ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ مون کي وقت ئي وقت هو. حيدرآباد ۾ هوندو هوس ته شام جو روز ڪانه ڪا مصروفيت هوندي هئي. پر اسلام آباد ۾ شامن جو واندڪائي جو ميسر ٿي، ته ٽئبل ليمپ ٻاري، ان ترجمي، تحقيق واري ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو هوس.
طارق عالم: ڀلا ڪا پذيرائي ملي ان ڪم جي ۽ ڇا همعصرن کان جيليسي محسوس ٿي ڪڏهن اوهان کي.
آغا سليم: نه منَ! پذيرائي ڪانهي اهڙي ڪم جي (کلندي) پذيرائي ٿيندي آهي ’لڇوءَ‘ جهڙن ماڻهن جي، سچ ٿو ٻڌايانءِ... Sorry يار، قمر مون کان پڇو، آغا! امر جي فنڪشن ۾ وڃان يا نه؟ ته چيومانس، ضرور وڃ! ڇو!؟ ان ڪري جو ماڻهن جي مينٽل ليول اِها اٿئي ته نه ويندين ته چوندئي،امر سان جيليسي جي ڪري نه آيو. سچ ٿو ٻڌايانءِ مَن!سچ ٿو ٻڌايانءَ ته مان جيلسيز کان above آهيان، جو جيليس ماڻهو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪو ماڻهو سُپيريئر هجي. هيڏانهن حالت اها آهي جو همعصرن تي منهنجي اک ئي ڪانه ۽ ٻڏندي آهي سو ڪنهن کان مان ڪهڙو جيلس ٿيندس (ان ڳالهه تي آغا صاحب ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو) ۽ ڇو جيليس ٿيندس. بس لکن ويٺا ۽ پيا لکن ۽ من! مون کي جي جيليس ٿيڻو هجي، ته بابا! مان ته شاهه لطيف کان ٿيان، دوستو وسڪي کان ٿيان نه ته اِهي ائين ڪيئن ٿي ويا، مان ڇو نه ٿيس....؟ ۽ ٻيو ته ادب ۾ ڀاءُ مان casual way ۾ نه آيو هان. مان شاهه تي جيڪو پڙهان ويٺو ته sorry!! ان جي آڏو اِهي دائود پوٽڙا ڪجھه ڀي نه آهن، ڪجھه ڀي نه آهن، اسين نئين دؤر ۾ آيا آهيون. ساري دنيا جو علم ادب اسان هتي گڏ ڏٺو آهي ۽ هو ته من عربي ٻربي پڙهي، شمس العماء ٿي ويا. بس انهن ۾ قليچ، ماڊرن ماڻهو هو جنهن کي خبر هئي ته بيڪن ڇا هو، ڪير هو؟ ۽ ويچاري دائود پوٽي کي ته خبر ئي ڪانه هئي ته لارڊبيڪن ڪير هو، ڇا ڪندو هو.
اسحاق سميجو: توهان بحيثيت رائيٽر پنهنجي ڪهڙي ادبي ڪم کي پنهنجو اهم ادبي ڪنٽريبيوشن سمجهو ٿا، ته هي ڪم مون سٺو ڪيو آهي...
آغا سليم: مان سمجهان ٿو ته، مان جيڪو شاهه سائينءَ تي ڪم ڪيو آهي يا ڪيان ٿو ويٺو، اهو سٺو پيو ٿئي. جيئن مون ڀٽائي صاحب کي Discover ڪيو آهي، اهو دراصل اهو ڪم آهي، جنهن لاءِ مون کي فخر محسوس ٿيندو آهي.
اسحاق سميجو: آغا صاحب، پنهنجي ناولن لاءِ هي جيڪي ڪردار اوهان گهڙيا آهن. تاريخ ۾ ڪٿي ٽڪرايا آهن اوهان سان يا محض تصوراتي آهن؟
آغا سليم: هڪڙا ته ڪئريڪٽرس اهڙا ٿيندا آهن، جيڪي توهان پنهنجي Life ۾ ڏسو ٿا، پوءِ توهان انهن مان ڪن کي آئيڊيلس ڪري انسان جي صورت ڏيئي ڇڏينداآهيو، پر منهنجي ناولن جا اِهي ڪردار جيئرا ڪردار ڪو نه آهن. اِهي منهنجي ذهن جي پيداوار آهن. منهنجا آئيڊيل ايگو جا پڙاڏا آهن. يعني اِهي منهنجا پنهنجا گهڙيل آهن. ڏٺل يا ڪٿي پڙهيل ڪردار ڪو نه آهن.
طارق عالم: ڀلا توهانجو پنهنجي ناول ’اڻ پورو انسان‘ واري هيرو جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟
آغا سليم: Yes... اهو ڪردار محض تصوراتي، يا ذاتي گهڙيل ڪردار ناهي، اُهو منهنجي مشاهدي ۾ آيل ڪئريڪٽر آهي، جنهن کي مون پنهنجي انداز سان ٽريٽ ڪيو آهي.
اسحاق سميجو: توهان ڪتابن جا اهڙا عنوان ڪيئن ٿا سوچيو. ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘، ’پن ڇڻ ۽ چنڊ‘. ’چنڊ جا تمنائي‘ ۽ منهنجي خيال ۾ اِهو پويون عنوان ته، ڪنهن اردو شاعر جي ڪنهن نظم تان کنيل آهي.
آغا سليم: اِهو عنوان مون، ابِن انشا جي هڪ نظم جي عنوان تان کنيو هو، جو اِهو عنوان منهنجي هڪ افساني لاءِ بلڪل موزون هئو، ٻيو ته جنهن وقت آئون پنهنجي ڪنهن لکڻيءَ جو عنوان رکندو آهيان ته ڪو پڙهندڙ منهنجي ذهن ۾ ڪو نه هوندو آهي. مان ايگوئسٽ آهيان ۽ پنهنجيءَ پسند ۽ مواد سان ٺهڪندڙ ڪو عنوان تجويز ڪندو آهيان.
اسحاق سميجو: لکڻ وقت اوهان جي ذهن ۾ ڪير هوندو آهي؟
آغا سليم: منَ! ان وقت به، آئون ئي پنهنجي آڏو هوندو آهيان ۽ مان پنهنجو پاڻ سان هم ڪلام هوندو آهيان. ڇو ته پنهنجو وڏو نقاد به ان وقت آئون پاڻ هوندو آهيان.
نصير مرزا: توهان کان منهنجو هڪڙو رومينٽڪ سوال آهي ته اوهان سوير فريد اکين بابت شعر پڙهيو، جنهن ۾ ڪانگ کي چيل هو ته اهي اکيون نه کائجان، جو انهن کي، ڪنهن کي ڏسڻ جي حسرت آهي. اوهان جي اکين ۾ بار بار ڪنهن کي ڏسڻ جي ڇا ڪا حسرت موجود آهي؟
آغا سليم: (آغا صاحب ان سوال تي گومگو جي ڪيفيت ۾ رهي، ڪي گهڙيون هيڏانهن هوڏانهن گهوريندو رهيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو) هاڻي منَ!... (۽ ان کان پوءِ خاموش ٿي هٿن سان اشارن ئي اشارن ۾ ڄڻ چوڻ لڳو): ”ڪو به نه!“
نصير مرزا: ته... ان جو مطلب دنيا مان توهانجا معشوق محبوب سڀ ختم... فنش... (۽ ان جواب تي آغا صاحب سان گڏجي ٽهڪ ڏيئي، اسين سڀ کِلندا ٿا رهون.)
آغا سليم: ڏسو من، فلاسفيڪل چوڻي آهي ته:
Everything changes except law of change
اقبال به چيو هوته:
اڪ ثبات هئ تغير ڪو بس...
سو ثبات صرف تغير (تبديليءَ) کي آهي ۽ هر شيءَ تبديل ٿيندي ٿي رهي، يعني اڄ جنهن جي مرڪ ماري ٿي، سڀاڻي ان جي مرڪ زهرلڳڻ شروع ٿي ويندي، ۽ سوچبو آهي ته هيءَ آهي اُها، جنهن لاءِ زندگي وڃائي سين پئي.
نصير مرزا: ڀلا ڪو اهڙو دل گهريو دوست ’جيئن آئون طارق عالم کي ڏسندو آهيان ته خوش ٿيندو آهيان‘ اوهان جو به اهڙو دل گهريو آهي؟
آغا سليم: منَ! منهنجي زندگيءَ ۾ ناڪاميءَ جو هڪڙو سبب هي به رهيو ته مان هيومن رليشنس ۾، marked adjustment جو شڪار رهيو آهيان، نه ته سچ ٿو ٻڌايانَو ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻ پڏائڻ جي به موڪل هجي ته چوان ته:”مان پاڻ جهڙو گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ ڪنهن کي به ڪو نه ٿو ڏسان.“
ٿورو وقت ٿيو جو مون ڪراچيءَ ۾ نثار ميمڻ کي به چيو هو ته، ائين به ناهي، ۽ پاڪستان ۾ ڪي هوندا مون جهڙا، پر شين جي باري ۾ جيئن منهنجا Views آهن شاهه صاحب جي باري ۾، ڪنهن وٽ به نه هوندا ۽ جهڙو مون شاهه تي ڪم ڪيو آهي، ڪنهن نه ڪيو هوندو.
علي دوست عاجز: موسيقي سان به توهان جو عشق آهي، ان بابت ٿورو ڳالهايو ۽ سر سهڻيءَ بابت به ڪجهه ٻڌايو...
آغا سليم: ڪو گويو مرندو آهي ته ٻيا گويا سُر سهڻي ڳائيندا آهن، خبر ناهي ان جو سبب ڇا آهي؟ جو هڪڙو ته سهڻي يا سريراڳ جڏهن ٻڌبو آهي، ته، انهن ۾ماتم جهڙي ڪيفيت محسوس ٿيندي آهي ۽ مان ڀانيان، ته اِهي ماتمي سُر آهن، ۽ ٻيو ته اها موسيقيءَ جي دنيا ۾ روايتس به آهي ته، وڏو گويو جڏهن مرندو آهي ته، سارنگي نواز سارنگيءَ تي ’سر سهڻي‘ وڄائيندا آهن. عجيب اتفاق آهي، ته شاهه صاحب به جڏهن وصال کان اڳ هجري ۾ وڃي ويٺا هئا ته فقراء کي چيائون ته ’سهڻي راڳ‘ ڳايو ۽ ان دؤران پاڻ وصال فرمايائون. ها! اِهو به ياد رکڻ کپي ته گويا، جيڪو وفات وقت سهڻي سر ڳائيندا آهن، ان ۾ سهڻي ميهار جي قصي جو ذڪر ڪو نه ڪندا آهن. اُهي رڳو راڳ سهڻي ڳائيندا آهن، ائين راڳ ’پِيلو‘ به اهڙيءَ صورتحال ۾ ڳائيندا آهن، ڳائڻ وارا.
طارق عالم: توهان جي پسند جو ساز ڪهڙو آهي؟
آغا سليم: ميوزڪ برابر ته منهنجو پسنديده سبجيڪٽ آهي، پر ڪنهن ساز بدران، منهنجو روح راڳ سان وڌيڪ ريڌل رهي ٿو ۽ ڪنهن ساز بدران راڳ مون کي ڏاڍو وڻندو آهي ۽ ڪوئي راڳي راڳ اڃا شروع مس ڪندو آهي ته مان مري پوندو هان ۽ جيڪو راڳ صفا ماري وجهندو آهي، اُهو آهي راڳ درٻاري!
ان راڳ جي آروهي/امروهي ئي ڇا، اهڙي راڳ يا بندش جي خوشبوءِ ۾ رچيل، جيڪي گيت/ غزل آهن، مون کي اِهي به ڏاڍا وڻندا آهن. مثال طور ڪنهن پنجابي فلم ۾ نورجهان جو گيت آهي ’جدون هولي جَئي، ليندا ميرا نان، مين ٿان مرجاڻيان‘ يا جيئن مڪيش جو ڳايل فلمي گيت آهي، ’دل جلتا هئي تو جلني دي، آنسو نه بها، فرياد نه ڪر“ يا وري ”ڪيندي ني نينان، ميري ڪو بهه نا“ ... سو مَن راڳ درٻاري ۾ جيڪو Grandeur آ... ڪهڙي ڳالهه ڪريان مان اُن جي...
طارق عالم: سُر يا موسيقي ڇا آهي، اوهان جي نظر ۾؟
آغا سليم: ميوزڪ به تصوف وانگر هڪڙو وڏو سبجيڪٽ آهي، وڏي فلاسافي آهي، وڏو علم آهي، ۽ اُهو محض، ’الو ميان‘ يڪتارو ۽ چپڙي ناهي، يا موسيقي چرس جو سوٽو ڪونهي. هندستان ۾ موجود گائڪن سان گڏ پرٽيڪيولرلي اسان جي لطيف سائين وٽ جيڪو موسيقيءَ جو وسيع علم آهي، ان سان به منهنجي وڏي دلچسپي آهي.
نصير مرزا: اوهان جيترو ڪم ڪيو آهي، سمجهو ٿا ته ان جي اوهان کي اوتري موٽ به ملي آهي؟
آغا سليم: مان Basically فڪشن رائيٽر آهيان، ۽ فڪشن رائيٽر طور مون کي جيڪا سنجيده حلقن وٽان مڃتا ملي آهي، سا ڀانئيان ٿو ته اهڙي سنڌ ۾ شايد ئي ڪنهن کي مليل هوندي. مان ان مان بلڪل ئي Satisfy آهي ۽ سنڌي قوم کان پنهنجي بي قدريءَ بابت ڪنهن به قسم جي ڪا ئي شڪايت ڪانهي مون کي، مان هميشه چوندو آهيان، ته سنڌي قوم جهڙو پنهنجي اديب جو قدر ڪري ٿي، ڪا به قوم دنيا ۾ ائين نٿي ڪري. مون ڪين جهڙي ماڻهوءَ جي لکيل ناول ’اڻ پورو انسان‘، ’همھ اوست‘ يا ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جي Behalf تي پڙهندڙ مون سان جيڪو پيار ٿا ڪن... اِهو منهنجي لاءِ وڏي موٽ وانگر آهي. ان جي لاءِ آئون سندن ٿورو مڃان، گهٽ آهي.
اسحاق سميجو: توهان ڀانئيو ٿا ته توهان جي جيڪا ٽهي آهي، ڇا اها پنهنجي سماج کي ڪجهه Deliver ڪري سگهي آهي؟
آغا سليم: گهڻو تمام گهڻو (آغا صاحب اتساهه سان ٻڌائي ٿو) سماج ان کي Receive نه ڪيو هجي، ته اِها ٻي ڳالهه آهي پر اهو هر حالت ۾ مڃبو ته سنڌي سماج، اسان واري ٽهيءَ جي روشن خيال ادب جي، رستي تي تمام گهڻو اڳتي وڌيو آهي.
اسحاق سميجو: توهان جي نظر ۾ تاريخ ۽ تاريخيت جي ڇا معنيٰ آهي؟
آغا سليم: مان هميشه هڪڙو مثال ڏيندو آهيان ته اسين پڙهون نٿا. اسين سمجهون ٿا ته اسان هيمنگوي کي پڙهيو ته ڄڻ ساري ڪائنات کي پڙهي ورتوسين. چيخوف کي پڙهيوسين ته، ڄڻ سڀ ڪجهه پڙهي ورتوسين. سوشالاجيڪل پروگرام اسان جا ڪهڙا آهن؟ انهن جي اسان کي ڪا به خبر ڪانهي، مثال طور...! ٽوئن بي چيو آهي ته هڪڙا ماڻهو گرم علائقي جا هئا. اهي اتان شڪار جي تلاش ۾ نڪتا ۽ پهاڙي علائقي ۾ آيا. کين خبر ئي نه هئي ته هتي سِيءَ تباهي وارا ايندا آهن، انهن اتي سيءَ ڏٺا ته چريا ٿي پيا، ته هي الائي ڇا آهي؟ جِنُ يا ڀوُت‘! صورتحال اِها ٿي ته ڪي اُتي مري ويا، ڪي واپس ڀڄي ويا، ۽ جيڪي اُتي رهي پيا، انهن ڇا ڪيو جو ڍڳا ڪُهي انهن جي کل ويڙهيائون، کڏون کوٽي انهن ۾ وڃي لڪي ويٺا ۽ They Created Civilization پوءِ انهن مان ڪن ماڻهن سيڪ لاءِ پهريون ڀيرو باهه ايجاد ڪئي. فلاسافي جي تاريخ اهڙي عمل جي لاءِ لکيو آهي: Challenges reproduces معنيٰ ڪنهن قوم کي جڏهن Challenges سامهون ايندا آهن ته اُهي انهن کي ائين Respond ڪندا آهن، جو حالتن جو مقابلو ڪندا آهن يعني سيءُ ٿو پوي ته هاڻي مان ڇا ڪريان؟ اِهو Challenge آهي، ان جو رسپانس اِهو هوندو ته ڪمبل ويڙهيان، باهه ٻاريان، يعني Challenges ۽ Responses هڪڙي وڏي ٿيوري (Theory) آهي. اسان اڃا ان سلسلي ۾ پٺتي آهيون. ان قصي مان پتو پيو ته هڪڙا ته موٽي ويا، ٻيا مري ويا ۽ جن Adjust ڪيو ۽ حالتن ۾ رهي جيئڻ جو سامان پيدا ڪيو، اهي ئي ڪامياب ٿيا. هاڻي ان ڳالهه ٻڌائڻ جو مقصد اِهو هو ته اسين جيڪي سنڌي قوم جا ماڻهو آهيون نه... موٽي ويلن وانگر آهيون، يعني موجوده حالتن ۾ Challenges کي Response گهٽ پيا ڏيون. مثال طور ۷۱۲ع ۾ سڀ کان وڏو جيڪو Challenge هئو، اُهو عربن جي آمد هو، هو آيا ۽ رهي پيا. هتي سوال ٿو اڀري ته انهن کي اسان ڪيئن Response ڪيو. اهو اسان هنن سان وحدت الوجود جي فلاسافيءَ (يا اسماعيليت سان) ڪيو ۽ اهو نظريو عربن جو تصور ئي ڪونهي، يا اسلام جو ايجاد ڪيل ئي ڪونهي، اهو وحدت الوجود جو نظريو- اسان وٽ هتي دُوئي جو تصور هو يعني خدا جدا آهي ۽ ڪائنات جدا آهي، خالق جدا آهي ۽ مخلوق جدا آهي. آرين فلسفو وري هي هو ته خالق ۽ مخلوق هڪ آهي ۽ اِهو هتان جي ماڻهن جو لوڪل Belief هئو، فلاسافي هئي، جنهن کي Semitic Civilization، يا سيمسٽڪ ٿاٽ به چئبو آهي. ان کي Response ائين ڪيوسين ته ان کي رد ڪيوسين. اسان چيوسين ’نه‘ وحدت الوجود يعني صوفي تصوف اهو ئي آهي ۽ اهو عجمي آهي، عربي ناهي، ۽ هاڻي عجمي معنيٰ ڇا!؟ ته عجمي معنيٰ Non Arabic سو ائين چوڻ جو هتي مقصد ته اسان جي جيڪا درواڙن جي تاريخ آهي، اُها صحيح صحيح لکجڻ گهرجي. تاريخ اِها ناهي ته، ڊونگرکان پوءِ ڏونگر ويٺو ۽ ڏُونگر کان پوءِ چوُنگر ويٺو. اِها ناهي تاريخ ۽ تاريخيت!! منهنجو خيال آهي ته هتي سومرا دؤر، سنڌ ۾ هڪ نهايت اهم دؤر آهي. اسان کي ان دؤر جي به صحيح ۽ تفصيل سان تاريخ لکڻ گهرجي.
نصير مرزا: سنڌ جي جيڪا موجوده ٽهي لکي پيئي حاضر دؤر ۾، اُن جي اظهار ۾ ڪائي طاقت نظر اچي ٿي اوهان کي، ڪوئي روشن ڪرڻو آهي ان ۾؟
آغا سليم: (فيصله ڪن انداز ۾ چوندي) I am sorry مون کي نظر ڪو نه ٿو اچي.
اسحاق سميجو: اڇا- نه نثر- ۽ نه ئي نظم ۾ (حيرت مان پڇي ٿو)
آغا سليم: جي ها، ٻنهي ۾ نه! مثال طور موجوده دؤر جي وڏي سمجهندڙ شاعرن ۾ هي امداد... نهايت ئي ميڊياڪر شاعر آهي ۽ ان جو سبب به آهي، جيستائين In Put نه هوندو توهان ۾، Out Put ڪجهه به ڪو نه هوندو. ان ڪري چوان ٿو ته پڙهو ۽ صرف ائين نٿو چوان ته بودليئر کي ويهي پڙهو ۽ سوچيو ته انهيءَ کي ڪاپي ڪرڻوآهي- ’نه‘! مطالعو ڪريو ۽ پاڻ ۾ گهرائي پيدا ڪريو.
(ڊگهي وقت تائين مسلسل ڳالهائڻ کان پوءِ) آخر چوي ٿو: ادا هاڻي ٺيڪ ٺاڪ نموني سان ٿڪجي پيا آهيون، گهڻو ڪري ته سوال ختم به ٿي ويا آهن، هاڻي ائين ٿا ويهي ڪچهري ڪريون.
اسحاق سميجو: نه نه، مون وٽ اڃا به هڪڙو سوال آهي اهو ٻڌايو ته، سنڌي ادب ۾ تنقيد ڇو ڪونهي؟
آغا سليم: (بي ساخته انداز ۾) اِهو ان ڪري جو سنڌي اديب وٽ علم ڪونهي، جهالت آهي، (جذباتي ٿيندي) منَ! هڪڙي افساني لکڻ سان جڏهن توهان کي شهرت ملي ٿي وڃي ته توهان وڌيڪ ڇو پڙهندؤ ؟هي توهان رڳو ڪراچيءَ مان نطرندڙ هڪڙو رسالو پڙهو... ان مان هي الائي ڪهڙيون ڪهڙيون جزائون نڪري ظاهر ٿي پيون آهن ۽ جيڪي جنهن لاءِ جيئن وڻي ٿو لکنديون رهن ٿيون.
طارق عالم: صحيح ٿا چئو، مان ته ان ۾ لکڻ ئي پسند ناهيان ڪندو.
آغا سليم: (علي دوست ڏانهن اشارو ڪندي) ادا! تون به ته ڀائو ڪو سوال ڪر نه؟
علي دوست عاجز: چڱو ڀلا...ٻڌايو ته توهان فطرت جي ڪهڙي رنگ کي وڌيڪ پسند ڪندا آهيو؟
آغا سليم: مون کي مَن! وڻ وڻندو آهي، گهاٽو وڻ، سرينهن جو وڻ.
اسحاق سميجو: توهان ڪٿي لکيو آهي ته جي ڌرتيءَ تي ڪنهن شيءَ کي سجدي جي اجازت هجي ها ته اوهان راڪا پوشيءَ پهاڙ کي سجدو ڪريو ها... ته ان جي ڪهڙي ادا کان متاثر ٿي اوهان اِهو لکيو هو.
آغا سليم: حُسن.. ادا.. حُسن. (آغا صاحب پوري جلال سان جواب ڏيڻ ٿو لڳي) ان پهاڙ جي حسن ۾ ايڏو ته سحر آهي، جو دل ان کي ڏسندي ڍاپندي ئي ناهي-
اسحاق سميجو: توهان اترين علائقن ۾ رهيا آهيو، اُتي فطرت جو ايترو ته حُسن آهي جو ماڻهو اتان شاعر ٿي موٽندا آهن ۽ اوهان وري اُتان سفرنامو لکي موٽيا! اِهو ڇا؟
آغا سليم: شاعر هجي يا اديب، اُن جو مرڪز ته ماڻهو آهي نه بابا! ته مون فطرت جي حسن ۾ رنڱيل ماڻهن بابت لکيو آهي، اهو سفرنامو، اوهان چاهيو ته ان کي شاعري سمجهي به پڙهي سگهو ٿا.
اسحاق سميجو: اڄڪلهه شاعري توهان کان رسي وئي آهي، يا توهان شاعريءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.
آغا سليم: (کلندي) مون کي من سڀ ڇڏي ٿا وڃن ۽ هونئن به سواءِ بيمارين جي، سڀ ئي ته ڇڏي ويندا آهن- آخر ۾!
نصير مرزا: محمد خان مجيدي کان استاد بخاريءَ تائين، شاعرن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، جيڪي قومي رنگ جا وڏا شاعر ليکبا آهن، اوهان انهن بابت ڇا چوندؤ؟
آغا سليم: ادا... مون کي ڪا خبر ڪانهي، مون کي رڳو هڪڙي خبر آهي. ته شيخ اياز وڏو شاعر آهي، شاهه لطيف وڏو شاعر آهي. باقي مون کي ٻي ڪا به خبر ڪانهي ته بخاري وارا ڪاٿي بيٺا آهن، يا ڪيترا وڏا شاعرآهن.
اسحاق سميجو: ادب ڇا آهي؟ ان جي مختصر لفظن ۾ تشريح ڪيئن ڪندؤ؟
آغا سليم: منَ! ادب اهو آهي جيڪو اوهان جي اسٽيٽڪو کي ختم ڪري، شخصيت کي ٻيو بنائي ڇڏي That is Literature هاڻي توهان جي آڏو هڪڙو شعر ٿو پڙهان، يا ڪو نثر وغيره جي اوهان پاڻ ۾ ڪا تبديلي ٿا محسوس ڪريو ته اِهو آهي ادب!
اسحاق سميجو: ڪهاڻي کان ناول، ناول کان شاعري، شاعري کان جيڪڏهن ترجمو، ترجمي مٿان وري تحقيق. اِهو سفر ائين ڇو رستا ٺاهيندو ويو؟
آغا سليم: ادا... ان تخليقي بي چينيءَ لاءِ شاهه سائين جو شعر جواب طور ٻڌو:
رڃن راهه پڇن، مٿي ڪلهن ڪينرو،
يا
سڻي تنهنجا سڏ، ڪلهي پاتم ڪينرو.
علي دوست عاجز: ڪهڙي قومي سانحي تي اوهان شديد ڏک محسوس ڪيو هو؟
آغا سليم: مون کي مَن! بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت تي به ڏک ٿيو هو، پر جنهن ڏک مون کي جهنجهوڙي وڌو هو، اُهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت جو ڏک هو. ان ڏک جو سبب اِهو به هو، ته هي ڪهڙي شينهن مڙس کي ماري ڇڏيائون، پوءِ مون سوچيو ته ان جي ڀيٽ ۾ هي اسين ماڻهو ته ڪجهه به ناهيون. ۽ ائين مون، هُن جي شهادت تي، دل سان ڪيڏارو لکيو هو. هتي ان جو اِهو مطلب نه وٺجو ته مان ڪو هُن کي آئيڊيل ليڊر ٿو سمجهان، پر جنهن انداز سان، هُن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو... ان سانحي مون کي لوڏي وڌو.
اسحاق سميجو: توهان جي نظر ۾ سنڌ جي تاريخ جا سڀ کان وڏا ماڻهو ڪير آهن؟
آغا سليم: هڪڙو ته منهنجو سائين شاهه لطيف ۽ ٻيو شاهه عنايت شهيد جهوڪ وارو.
اسحاق سميجو: توهان ادب ۾ پيغام کي اهم ٿا سمجهو يا آرٽ کي؟
آغا سليم: آرٽ کي (هو فورًا وراڻي ٿو) جنهن کي توهان Presentation ٿا چئو. That is art ۽ ان لاءِ ڪرافٽ به منهنجي آڏو وڏي اهميت رکي ٿو.
اسحاق سميجو: ويجهڙائيءَ ۾ ڪا تحرير توهان جي نظر مان گذري آهي، جيڪا توهان کي گهڻو وڻي هُجي؟
آغا سليم: ها! غلام نبي مغل جيڪو تازو ناول ’وطن واويلا‘ لکيو آهي، اُهو مون کي گهڻو وڻيو. That is Wonderful.
اسحاق سميجو: پنهنجي لکيل فِڪشن ۾ اوهان خود ڪهڙي انفراديت محسوس ڪندا آهيو؟
آغا سليم: من، مون ائين ڪيو آهي ته مون پنهنجي تاريخ کي، فڪشن ٺاهيو ۽ ان کي آرٽسٽڪ انداز ۾ ٽريٽ ڪيو آهي ۽ ائين سنڌيت کي فنائتي نموني سان پيش ڪيو اٿم. شاعريءَ جهڙي حُسن سان ان کي بيان ڪيو آهي ۽ ان کي ئي، مان پنهنجي فن جي انفراديت به سڏيان ۽ سمجهان ٿو. منهنجو ايمان آهي ته سماجي تبديلي تقريربازيءَ سان ڪو نه ايندي آهي، اُها ايندي آهي حالتن کي Change ڪرڻ سان، ۽ منهنجو اعتقاد آهي ته زرعي سماج جڏهن ٽرانسفارم ٿي ويندو، صنعتي سماج ۾، ته ڪئين دقيانوسي روايتون بي معنيٰ ٿي وينديون، ۽ فيوڊل سسٽم ختم ويندو. اِهڙو انقلاب، هاڻي سنڌ ۾ ڪير ٿو آڻي يا ڪڏهن ٿو آڻي، ان لاءِ مان ڪجهه نٿو چئي سگهان. بهرحال انقلاب نعري بازيءَ سان ڪو نه ايندو.
نصير مرزا: گربخشاڻي صاحب کان پوءِ شاهه تي تنوير عباسيءَ جي تحقيق ڏاڍي فائن ۽ فرسٽ ڪلاس سمجهي وڃي ٿي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟
آغا سليم: هوندي مَن! (بي پرواهيءَ سان وراڻيندي) منهنجو ته هي آهي ته، تحقيقي ڪم هجي يا تخليقي ... ان ڏس ۾ مان هڪڙو Perfectionist attitude رکندو آهيان ۽ اِنهيءَ ڏس ۾ مان پاڻ کي به ڪو نه ٿو مڃان، ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي ڪاٿي ڪجهه مڃيندس من!.
انعام شيخ: ڀلا پرڏيهي عالمن ڀٽائي صاحب تي ڪهڙي معيار جو ڪم آهي؟
آغا سليم: ڊاڪٽر سورلي ڀٽائيءَ جي باري ۾ پنهنجي تحقيق ۾ جيئن Entro ڏنو آهي، اهڙو ته اڄ تائين ڪير به لکي نه سگهيو آهي ۽ هن تحفة الڪرام وغيره کي Reject ڪري ڇڏيو هو، هن پهريون دفعو ٻڌايو ته Preface هيئن لکبو آهي. سو، سورلي جي ڀٽائي بابت Preface کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به چڱو ڪونهي. شاعريءَ جي ترجمي جي جيستائين ڳالهه آهي ته، جيستائين اُهو شعر Feel نه ڪبو، ته ان جو ترجمو به نه ٿيندو. ترجمو به تخليق وانگر Creativity جو ڪم آهي ۽ ائين ئي ٿيڻ گهرجي.
انعام شيخ: ڇا ڀٽائي صاحب جي باري ۾ هي، جيڪي علمي ۽ ثقافتي ادارا آهن، ڪجهه ڪري سگهن ٿا؟
آغا سليم: ڪير ڪندو اهو ڪم مٺا سائين؟ ڪيئن ٿا ڪري سگهن هي ادارا، به انهن ۾ ويٺا ئي آهن، اَڌ اکريا... جو ڀٽائي صاحب تي ڪم ڪرڻ واري وٽ وڏو Vision ۽ وڏي صلاحيت گهرجي، ۽ ادارن ۾ اهڙن ئي ماڻهن جي کوٽ آهي، مٿان ان جي مرتبن ۽ مؤلفن به ڪو چڱو ڪم نه ڪيو آهي. مثال طور مون جيئن چيو ته سائين جي هر سُر جي بيتن جي ترتيب ۾ Thought Evolution هجڻ گهرجي ها، پر ان ڏانهن ڪنهن مؤلف جو ڌيان ويو ئي ڪونهي.
انعام شيخ: اهڙيءَ ترتيب جو شعور رکندڙ هن وقت اوهان کي ڪو نظر اچي ٿو!
آغا سليم: نه من! نه هن وقت ڪو ئي اهڙو عالم مون کي سُجهي ٿو ۽ نه ئي ويجهي مستقبل ۾ ڪو اهڙو پيدا ئي ٿيندو نظر اچي ٿو.
انعام شيخ: آغا صاحب توهان تي سنڌ جي آجپي جي ڪا واٽ نظر به اچي اچي ٿي يا ويجهي مستقبل ۾ ڪو ڪو ڇوٽڪارو نظر اچي ٿو؟
آغا سليم: نه- Sorry! مون کي ته ڪو ڇوٽڪارو نظر نٿو اچي.
انعام شيخ: ڇا ان ڏس ۾ قدرتي طور تي ڪا شيءَ ٿي سگهي ٿي ڇا؟
آغا سليم: الائجي من!! اڳي زماني ۾ معجزا رو نما ٿيندا هئا، هاڻي ته اُهو زمانو ئي ختم ٿي ويو آهي.
انعام شيخ: ڇا ۲۱ هين صديءَ جي آخر ۾ به، ڀانئيو ٿا ته اسان جي هيءَ سنڌ، ائين ئي هوندي ثابت ...سالم جيئن هن وقت آهي؟
آغا سليم: جاگرافيڪلي ته هوندي... ۽ ان کي ڪير به چينج ڪري نٿو سگهي.
انعام شيخ: اوهان جي اولاد مان ڪنهن جو ادبي ذوق آهي؟
آغا سليم: مون انهن ۾ اهڙو ذوق پيدا ٿيڻ ئي نه ڏنو. وڏي پٽ کي هڪ دفعي ڏٺم، ته هڪ ٽاري ٻي کڻي آيو، چيائين ڏسو هن هڪ ائبسٽريڪٽ آرٽ جو نمونو پيو نظر اچي. هڪ دفعي اياز جو شعر پڙهيائين ته هوشو شيديءَ تي نظم لکي آيو، مون ان تي چيو مانس ته، ڏس پٽ، تنوير عباسي نه ٿجانءِ. نه سٺو شاعر ڊاڪٽر...۽ ڳالهه ٻڌ... يا سٺوشاعر ٿي ڏيکار يا سٺو ڊاڪٽر... ۽ هڪڙي ڳالهه جي چونڊ ڪر، ته هو ائين شاعري ڇڏي ويو.
نصير مرزا: آغا صاحب... ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪيتري ڄمار تائين جيئڻ گهرجي، سؤ سال، ٻه سؤ سال...؟
آغا سليم: (بي پناهه خوش دليءَ سان ٽهڪ ڏيندي) هاڻي من.. ڪيئن اوهان کي ٻڌايان ته... بس سمجهو ته جيسيتائين مرد جي مردانگي ختم نه ٿئي، تيسيتائين ان کي جيئڻ گهرجي.

(ادبي ميگزين ”سارنگا“ ۾ ڏنل انٽرويو.)





آغا سليم جون ادبي خدمتون
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
آغا سليم ولد عبدالڪريم خان ۱۷ اپريل ۱۹۳۵ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. شروع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪم ڪيائين ۽ اُتان اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان ريٽائرڊ ٿيو. سنڌي ادب ۾ سندس وڏو ڪم آهي. هن ڪهاڻيون، ناول، ڊراما لکيا ته لطيف شناسيءَ تي پڻ عبور حاصل هُيس. شاهه جي رسالي جو اردو ترجمو ڪيائين ۽ شاهه جي گنج جو ترجمو ڪيائين. کيس شاعريءَ سان وڏو شغف هو سندس شاعريءَ جو مجموعو ”پن ڇڻ ۽ چنڊ“ ۱۹۸۶ع نومبر ۾ ڇپيو، باقي سندس گهڻو نثري ڪم آهي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سراج ميمڻ جي صحبت ۾ کيس لکڻ جو شوق جاڳيو. پهرين ڪهاڻي ”آهه اي ظالم سماج“ لکيائين جا ۱۹۵۲ع ۾ هالا جي هڪ ماهنامي ”فردوس“ ۾ ڇپي هُئي پوءِ هن ڪافي ڪهاڻيون لکيون جيڪي مختلف مخزنن ۾ شايع ٿيون ۽ ناول خاص طور لکيائين جيڪي طبعزاد آهن. سندس پهريون ناول ”روشنيءَ جي تلاش“ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ ٻين ناولن ۾ ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“، ”همه اوست“، ”ٻه ننڍا ناول“، ”اڻ پورو انسان“ ۽ ڪهاڻين جي مجموعن ۾ ”ڌرتي روشن آهي“، ”درد جو شهر“، ”لذتِ گناهه“، ”چنڊ جا تمنائي“ آهن. ان کان سواءِ نيو فيلڊس پبليڪيشن طرفان سندس ڇپيل سفرنامو ”جهولي لال“ آهي جو انڊيا، چين ۽ سرحد جو سفرنامو آهي.
هن شروع ۾ آغا خالد سليم جي نالي سان ”لذتِ گناهه“ لکيو پوءِ آغا سليم جي نالي سان ئي لکيائين. شروع ۾ فڪشن ۾ لکيائين پر پوءِ تحقيقي ڪم خاص طور ڪلاسيڪل شاعرن شاهه، سچل ۽ ساميءَ تي ڪم ڪيائين. شاعر جي حيثيت سان سندس شاعري پڻ اهم آهي ته هن اردو شاعري پڻ ۶۰ع جي ڏهاڪي ۾ ڪئي. سنڌي شاعريءَ ۾ ۱۷ نظم، ۸ غزل ۽ ڪي بيت ۽ ڪجهه وايون لکيون آهن جن جو مجموعو ”پن ڇڻ ۽ چنڊ“ آهي. شاهه لطيف تي لکيل مضمونن ۽ مقالن جو سندن ڪتاب ”جيڪي ڏٺو سو مون“ آهي.
آغا صاحب جي ناولن ۾ پهريون ناول (بلڪه ناولٽ) ”روشنيءَ جي تلاش“ آهي، جو ۱۹۶۴ع ۾ ڇپيو ۽ ملير ادبي اڪيڊمي ۱۹۸۰ع ۾ ٻيو ڇاپو ڇپايو. هي ناولٽ ۷۸ صفحن جو آهي هن ناول جو ماحول يا ڪهاڻي ڪجهه فلمي انداز جي آهي. انهيءَ هوندي به مڪالمن ۾ جان آهي.
آغا سليم حياتيءَ جي حسن کي، ويجهو کان ڏٺو، هن جي لاءِ مشهور آهي ته پاڻ حسن پرست هو. فطرت جي حسن جو مشاهدو سندس لکڻين ۾ جا بجا ملي ٿو. هو پنهنجي ڪم کان مطمئن پڻ هو ته کيس پنهنجي لکڻين جي معيار جي ۽ پڙهندڙن جي پسنديدگيءَ جي مڪمل ڄاڻ هئي. سنڌي، اردو، انگريزي ۽ سرائيڪي ٻولين تي قدرت رکندڙ آغا صاحب پنهنجي تحريرن ۾ ٻوليءَ جي استعمال کي اوليت ڏني. ڊرامه نگار جي حيثيت ۾ هن پهريون ڊرامو ريڊيو لاءِ ”خواب جو سورج“ لکيو ۽ انهيءَ کان پوءِ ٻيا ڊراما لکيائين جيڪي ريڊيو ۽ ٽي وي تي نشر ٿيا. ”دودو چنيسر“ سندس بهترين ڊرامو شمار ٿئي ٿو. ان کان سواءِ ٽيليويزن ڊرامو ”تماشو“ پڻ ڪافي مقبول ٿيو. هن سنڌي فلمن جون ڪهاڻيون ۽ ڊائيلاگ لکيا ته ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج لاءِ ڊراما لکيا. هو نه فقط سنڌي ادب تي پر پاڪستاني ادب تي به دسترس رکندو هو. سندس تخليق ۽ تحقيق جا گهڻا رُخ آهن جيڪي يقيناً اڳيان وڌيڪ ظاهر ٿيندا.
آغا صاحب نه فقط ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار هو پر سندس صلاحيتون کيس تصوف جي فلسفي ڏي موڙي ويون جنهن تي هن وڏو ڪم ڪيو. شاهه لطيف، سچل ۽ ساميءَ تي خاص طور سندن ڪم اهم آهي. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هن قلمي پورهيو جاري رکيو. موت جي منهن ۾ اکين ۾ اکيون وجهي به هُو لکڻ جي عبادت واري مشق ۾ رُڌل هو. شاهه عنايت ۽ ساميءَ تي آخري وقت ۾ هن ٻه اهم ڪتاب لکيا. هن سنڌ جي ڏاهي برک عالم کي شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڪماليت حاصل هُئي. شاهه لطيف جي شاعري سندس روح ۾ رچيل هُئي هو لطيف جو عاشق هو. هن شاهه لطيف جي ڪلام جو اردو ترجمو ”لالن لعل لطيف ڪهي“ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو (چئن جُلدن تي ٻڌل) ڪيائين. ”شاهه جو گنج“ انگريزي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيائين. ثقافت کاتي ۾ ڳچ عرصو انهيءَ ڪم ۾ رُڌل رهيو. کيس شيخ اياز جي شاعريءَ سان پڻ سُٺو شغف هو. هن "Songs of freedom”  جي عنوان سان اياز جي شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. شاعريءَ ۾ بابا فريد جا دوها ۱۹۹۰ع ۾ ترجمو ڪيا. ”هوءَ جا لال لطيف چئي“ شاهه لطيف تي ڪتاب ۲۰۰۹ع ۾ لکيائين.“سچل سچ هئي سارا“ سچل سرمست جي چونڊ ڪلام جو اردو ترجمو ڪيائين. اهڙيءَ ريت هي عالم ۽ اديب پنهنجي آخري وقت تائين قلم سان ناتو نڀائيندو رهيو.

آخرڪار بيماريءَ کيس نهوڙي وڌو، ۴ مهينا لاڳيتو اسپتال ۾ داخل رهيو ۽ ۱۲ اپريل ۲۰۱۶ع تي وفات ڪيائين.



آغاسليم
(۱۹۳۵ع_۲۰۱۶ع)
ساجدچانڊيو
اڄ شڪارپور سنڌ جي مايه ناز اديب تحقيق نگار براڊ ڪاسٽر سائين آغا سليم جي ۴ ورسي آھي جيڪو اسان کان ۲۰۱٦ ۾ وڇڙي ويو. مرحوم پنھنجي وسيعت مطابق ڪراچيءَ کانپوء ھاڻي ڀٽائي سائين جي ڀر ۾ ڀٽ شاھ ۾ مدفون آھي. سندس زندگيءَ جو خاڪو ھيٺ عرض رکجي ٿو
اصل نالو: آغا خالد سليم
ولد: آغا عبدالڪريم خان پٺاڻ
جنم: ۷ اپريل ۱۹۳۵ع (ڳوٺ ڪڙي عطا محمد، ضلعو شڪارپور)
تعليم: بي. اي.
نوڪري: ريڊيو پاڪستان ۾ ڪنٽرولر جي عهدي تان رٽائر (۱۹۹۵ع)
خدمتون: روزاني ”جاڳو “ ۽ ”سچ“ اخبار جو ايڊيٽر
پهريون ڇپيل افسانو: ”آهه“ (رسالي فردوس ۾ ڇپيل)
ڇپيل ڪتاب:
’لذت گناهه‘ (ڪهاڻيون)،
’روشني جي تلاش‘ (ناوليٽ: ۱۹۶۴ع)،
’چنڊ جا تمنائي‘ (ڪهاڻيون: ۱۹۶۳ع)،
’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ (ناول: ۱۹۷۸ع)،
’درد جو شهر‘ (ڪهاڻيون)،
’بابا فريد شڪر گنج‘ (ترجمو ۽ تحقيق: ۱۹۸۴ع)،
’همه اوست‘ (ناول: ۱۹۸۵ع)،
’پٺاڻ‘ (ذاتيون)،
’ڌرتي روشن آهي‘ (افسانا: ۱۹۸۵ع)،
’اڻپورو انسان‘ (ناول: ۱۹۸۵ع)،
’پن ڇڻ ۽ چنڊ‘(شاعري:۱۹۸۶ع)،
’ڍولا مارو‘ (تحقيق)،
’لالن لال لطيف ڪهي‘ (لطيف جي ڪلام جو منظوم اردو ترجمو)،
’جهولي لال‘ (سفرنامو:۲۰۰۰ع)،
”صدين جي صدا“ (شيخ اياز متعلق مضمون:۲۰۰۵ع)،
”سندهه ڪي موسيقي“ (اردو)
’بابا فريد جا دوها‘
”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (منظوم ترجمه: ۲۰۰۰ع)،
Mourning Melody (سر سورٺ جو انگريزي ترجمو) Melodies of Shah Abdul Latif Vol. I, II, III انگريزي ترجمو: ۲۰۰۷ع)،
لات جا لطيف جي(۲۰۰۸ع)،
’سچل سچ هي سارا‘ (تحقيق: ۲۰۱۰ع)،
”فلسفي جون راحتون“ (ترجمو: ۲۰۱۶ع)
جيئن سو تارو صبح جو (مرتب: نصير مرزا ، ۲۰۱۶ع)
آغا سليم فن ۽ شخصيت (مرتب: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ۲۰۱۹ع)
مشهور ڊراما:
”خواب جو سورج“ (۱۹۷۰ع)،
”گل ڇنو گرنار جو“ (۱۹۷۱ع)،
”بدمعاش“ (جمال ابڙي جي ڪهاڻي: ۱۹۷۱ع)،
”پرهه جا مسافر“ (۱۹۷۲ع)،
”سک جي وستي“ (۱۹۷۴ع)،
”درد جا پڙلاءَ“ (۱۹۷۳ ع)،
” ٽيليفون“ (۱۹۷۴ ع)،
”بُري هن ڀنڀور ۾“ (۱۹۷۶ع)،
”اڻ کٽ فاصلا“ (۱۹۷۶ ع)،
”ماٺار“ (۱۹۷۷ع)،
”پوياڙي جا پاڇا“ (۱۹۷۷ع)،
”چانڊوڪيءَ جو رهبر“ (۱۹۷۷ع)،
”پورٽريٽ“ (۱۹۷۷ع)،
”تماشو“ (۱۹۷۹ع)،
”ڪيڏا سپنا ڪيڏا خواب“ (۱۹۸۱ع)،
”سرابن جا مسافر“ (۲۰۰۲ع)
ايوارڊ: شاهه لطيف ايوارڊ (۲۰۰۶ع)، صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي (۲۰۱۳ع)
وفات: ۱۲ اپريل ۲۰۱۶ع.

آخري آرامگاهه: ڀٽ شاهه.



آغا سليم
سَلِيم طَبَعَ شَخصُ
رياض ڪلهوڙو
شاعر مشرق، علامه اقبال چيو هو ته؛ ”اڏامن ٿا ساڳئي فضا ۾، پر ڳِجھ جي دنيا ٻي، شهباز جي دنيا ٻي، الفاظ ۽ معنيٰ ۾ تفاوت ناهي پر، ملان جي آذان ٻي، مجاهد جي آذان ٻي.“ بلڪل ساڳئي نموني، سنڌ ڌرتي، ته ساڳئي آهي، پر هتي رهندڙ ماڻهن جا ڪم الڳ، ڪار الڳ، ڪرت الڳ، ڪردار الڳ، ٿاڪ الڳ، ٿان الڳ، ٺڪاڻ الڳ، آستان الڳ، مڙهي الڳ، مئخان الڳ، سوچ الڳ، ويچار الڳ، خيال الڳ، خواب الڳ، راهه الڳ، رستا الڳ، منزل الڳ، ماڳ الڳ، سڀا الڳ، سماج الڳ...!
هتي هڪ اهڙي منفرد مزاج جي مالڪ جو ذڪر ٿي رهيو آهي، جنهن جي زندگي شهباز جيان، سوچ  آسمان جي بلندين تائين، آواز ۽ تحريرون مجاهدن جيان مرڻ کان پوءِ به زنده رهڻ واريون، همٿائڻ واريون، هوش ۽ حوصلي ڀريون، ٻاف جيان سدائين فلڪ ڏانهن اڏامندڙ، ترقي جي راهه ڏيندڙ، سدائين سونهين جو ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ ڪنديون رهنديون. آغا سليم، آچر ڏينهن، ۷ اپريل ۱۹۳۵ع تي آغا عبدالڪريم خان جي گھر ۾ جنم ورتو. آغا عبدالڪريم خان، ڪڙي عطا محمد، ضلعي شڪارپور جو رهواسي هو. شڪارپور لاءِ پير علي محمد راشدي لکيو آهي ته: ”شڪارپور!...منهنجي پنهنجيءَ سانڀر اندر اپر سنڌ جي شوقينن جو شڪار گاهه هوندي هئي. سندن تمدن ۽ ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي ٻين پاسن کان قدري نرالي! وڏي اوج جا ڏينهن ڏٺائين. سنڌ ورڪي ڀائيبندن جو منجهس وڏو زور هو. سمرقند ۽ بخارا تائين ڌنڌو واپار ڪندا هئا، پر جا به ڪمائي ٿيندن، سا آڻي خرچ شڪارپور اندر ئي ڪندا هئا. وڏيون وڏيون محلاتون ٺهرايائون. شهر کي سينگارڻ ۾ ڪا گھٽتائي نه ڪيائون. خير جي ڪمن ۾ کليءَ دل سان خرچ ڪندا رهيا.“
آغا سليم جو اصل نالو آغا سليم خالد هو. آغا سليم شروعاتي تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪئي. ۱۹۴۸ع ۾ مئٽرڪ حيدرآباد مان، انٽر لاهور مان ۽ بي. اي جو امتحان، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين. پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ مختلف وقتن تي مختلف شهرن ۾ ريڊيو اسٽيشن تي پنهنجون صلاحيتون ڏيکاريندو رهيو. پروگرام مئنيجر کان وٺي اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تائين فرض سرانجام ڏنائين. آغا سليم جي ڪاميابين جو راز سندس وسيع مطالعو هو. مذهبي ڪتابن سان گڏ تصوف، ادب، سماج ۽ سياست جا موضوع پڙهڻ سندس روز جو مشغلو هو. ڳوڙهي اڀياس جي ڪري سندس زندگي ظاهري توڙي باطني مشاهدن سان مالامال هئي. هونئن به چوندا آهن ته ”تجربو انسان کي مڪمل بڻائيندو آهي“. آغا سليم کي وقت جي وهڪرن ايترو ته سيکاري ڇڏيو، جو هر لکڻيءَ مان سندس مشاهدن ۽ تجربن جي خوشبو اچڻ لڳي، نه رڳو تحريرن ۾ پر سندس ڳالهائڻ ۾ جيڪا مٺاس هئي، سا ماکي يا مصري جي سڪ لاهيندي هئي. جيئن ڪنهن کٽي شئي جي نالي کڻڻ سان وات ۾ پاڻي اچيو وڃي، تيئن آغا سليم جي نالي کڻڻ سان مٺائي ياد اچيو وڃي. هڪڙي ڳالهه اها به لکڻ ضروري ٿو سمجھان ته نه رڳو پاڻ مٺي مزاج جا مالڪ هئام، پر مکڻ جيان نرم و ملائم پڻ هئا.
آغا سليم جي دلچسپي ادب ڏانهن ته شروع کان هئي، فرق ايترو هو، جو پاڻ شروعات ۾ صرف پڙهندا هئا، پر پوءِ پڙهڻ سان گڏ لکندا به هئا. سندس لکڻين ۾ جيڪا چقمقي صلاحيت موجود هئي، تنهن جا پڙاڏا ڪڪرن کي ڇهڻ لڳا. آغا سليم جي ناولن بابت جامي چانڊيي لکيو آهي ته؛ ”سندس ناولن ۾ ’همه اوست‘ ۽ ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ اهي ڪتاب آهن، جن پنهنجي دور تي وڏو اثر ڇڏيو ۽ ڪيترائي نسل انهن مان اتساهه وٺندا رهيا...انهن ناولن ۾ هن پنهنجي قلم جي جادوءَ ۽ اثر انگيزيت جي آسمانن کي ڇهيو“. آغا سليم جي ناولن ۾ ٻه ٻيا ناول ’روشنيءَ جي تلاش‘ ۽ ’اڻپورو انسان‘ پڻ شامل آهن.
آغا سليم، نه رڳو ناول نگار هو، پر بهترين افسانه نگار، ڊراما نگار، شاعر، محقق، مترجم ۽ صحافي پڻ هو. ريڊيو پاڪستان جي ملازمت کان رٽائرمينٽ کان پوءِ صحافت جي ميدان ۾ گهڙيو. پهرين روزاني ”جاڳو“ ۽ پوءِ روزاني ”سچ“ اخبار جوايڊيٽر رهيو. آغا سليم، ڊرامن جي باغيچي جو اهو گل آهي، جنهن جو، رنگ، خوشبو ۽ سرهائي سڀني کان منفرد ۽ هر من کي موهيندڙ آهي. سندس ڊرامن جا ڪردار مصور جي ان تصوير جيان آهن، جنهن کي هر ڏسندڙ، اهو سمجھندو آهي، ته ان تصوير ۾ چٽيل اکيون، فقط ان ڏانهن نهاري رهيون آهن. آغا سليم جي ڊرامن جي حوالي سان مختيار احمد ملاح لکيو آهي ته ”آغا سليم سنڌي ڊرامن جي سلسلي ۾ به وڏو نالو آهي، هن جي ڊرامن کي هند ۽ سنڌ ۾ مڃتا ملي آهي. ڊرامي جي فن ۽ تاريخ بابت اردو ۾ ”سنڌي ڊرامي ڪي صدي“ نالي ڪتان پڻ شايع ٿيل اٿس. سندس اسٽيج ڊراما ”دودو چنيسر“ ۽ ”گل ڇنو گرنار جو“ شاهڪار ڊراما آهن“. آغا سليم جو ٽيليويزن لاءِ پهريون ڊرامو ”خواب جو سورج“ هو، جنهن ايتري مڃتا ماڻي، جو مداحن جو انگ وڃي، بادلن سان لڳو ۽ سندس شهرت آسمان کي ڇهڻ لڳي. آغا سليم جي ڊرامن ۾ ”گل ڇنو گرنار  جو“، ”دودوچنيسر“، ”گلن جهڙا گھاءَ“، ”روپ ٻهروپ“، ”خواب جو سورج“، ”واپسي“، پاڳل خانو“، ”تماشو“، ”ٽيليفون“، ”پرهه جا مسافر“، ”چانڊوڪيءَ جو زهر“، ”پاس ناپاس“، ”سک جي وستي“ ۽ ”پوياريءَ جا پاڇا“ شامل آهن.
امر جليل ڪهاڻي جي باري ۾ لکيو آهي ته ”هڪ انسان جي زندگي، جنم کان سندس موت تائين، مرڪزي ڪهاڻي هوندي آهي، جنهن مان حالتن پٽاندڙ ننڍڙيون ننڍڙيون انيڪ ڪهاڻيون ڦٽي نڪرنديون آهن. ڪهاڻيءَ جي اهميت جو اندازو اوهين هن حقيقت مان لڳائي سگھو ٿا جو سمورن مذهبن جا ڪتاب ڪهاڻين تي مشتمل آهن. سڀني ڪتابن ۾ قصا آهن، ڪٿائون آهن“. سنڌي ادب ۾ پڻ ڪهاڻين جي وسيلي، سماج جي عڪاسي ڪئي وئي آهي، تاج پوش ۽ تخت گاههن تي ويٺل ماڻهن تائين انهن اٻوجھ، لاچار، مسڪين ۽ مفلس ماڻهن جو پيغام پهچايو ويو آهي، زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي واضع ڪيو ويو آهي. آغا سليم جون لکيل ڪهاڻيون پڻ ساڳئي تسلسل جون ڪڙيون آهن. ”چنڊ جا تمنائي“ ۽ ”ڌرتي روشن آهي“ آغا سليم جي ڪهاڻين جا مجموعا آهن. آغا سليم، سنڌي ادب جي آبياري ڪندي، جيڪي ڪهاڻيون لکيون، تن ۾ سماج جي تصوير نمايان نظر ايندي آهي.
آغا سليم شاعري به ڪئي، سندس شاعريءَ جو هڪڙو ڪتاب ”پن ڇڻ ۽ چنڊ“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. آغا سليم جو سفرنامو ”جھولي لعل“، تاريخ تي لکيل ڪتاب ”پٺاڻ“ پڻ مڃتا ماڻي چڪا آهن.
آغا سليم، شاهه، سچل ۽ اياز تي به ڪم ڪيو. ”لات جا لطيف جي“ لطيفيات، ”سچل سارو سچ“ سچليات ۽ ”صدين جون صدائون“ اياز تي لکيل سندس مشهور ڪتاب آهن. آغا سليم جي شاهه ۽ سچل سان محبت جي حوالي سان جامي چانڊيي لکيو آهي ته: ”سنڌ جي انهن عاشقن مان هڪ وڏو نالو آغا سليم جو هو، جنهن کي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، شاهه لطيف، تصوف، بابا فريد ۽ آرٽ سان نه رڳو عشق هو، پر اها ئي هن جي زندگي هئي، اهي موضوع ۽ محبتن جا محور سندس زندگيءَ جا روح پرور استعارا هئا. استعارا ڇا، هو انهن سان گڏ جيئندو هو، ساڻن گڏ ساهه کڻندو هو، ساڻن روح جون رهاڻيون ڪندو هو، کانئن اتساهه وٺندو هو ۽ انهن بابت سوچڻ، تخيل ۾ رهڻ سان گڏ، کين من جي گھرائين سان محسوس ڪندو هو“.
آغا سليم نه صرف سنڌي پر اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ به لکيو آهي. سندس اردو ڪتابن ۾ ”سنڌي ڊرامي ڪي تاريخ“ ۽ ”سنڌي مين موسيقي“ شامل آهن. آغا سليم جي ”ترجمي نگار“ جي حيثيت سان به سڃاتو ويندو آهي. سندس ترجمن ۾ ”شاهه جو سر سارنگ جو ترجمو Melody of Clouds“، ”سرڪلياڻ جو ترجمو Melody of Peace“، ”سر سورٺ جو ترجمو Mourning Melody of Sourath“، ”سر مومل راڻو منظوم اردو ترجمو“ ۽Melodies of Shah Abdul Latif Bhitai شامل آهن.

آغا سليم جو هڪ وڏو ڪم شاه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو اردو منظوم ترجمو آهي. آغا سليم شاهه لطيف جي انهن پارکن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن شاهه جي رسالي جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، سندس ان گرانقدر ڪم تي مشتمل رساله ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (منظوم ترجمو) تي کيس ٻه ڀيرا ”شاهه لطيف اوارڊ“ سان نوازيو ويو آهي. ۲۰۰۵ع ۾ کيس صدارتي تمغه ”حسن ڪارڪردگي“ پڻ ڏنو ويو هو. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جي ”بورڊ آف گورنرس“ جي ميمبر جي حيثيت سان پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن. اڱاري ڏينهن، ۱۲ اپريل ۲۰۱۶ع تي آغا سليم جي زندگيءَ جو ڏيئو اجھامي ويو، پاڻ هميشه لاءِ اسان وڇڙي مالڪ حقيقي سان مليو. سنڌي ادب ۾ سندس نالو صدين تائين جيئرو رهندو.


آغا سليم

بحيثيت هڪ نقاد

ڊاڪٽر فهميده حسين

سنڌ ۾ عملي تنقيد جي حوالي سان ٻن شخصيتن، ٻن شاعرن تي مضمونن مقالن ۽ ڪتابن جو انگ مڙئي ڪجھ سرس آهي. انهن مان هڪ آهي شاھ لطيف ۽ ٻيو شيخ اياز، اهو شايد ان ڪري به آهي جو اهي ٻه شاعر صرف شاعر ڪو نه آهن، بلڪ مفڪر ۽ ڏاها شاعر آهن جن سنڌي ماڻهن جي ثقافتي تاريخ تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا آهن. شاھ لطيف جي فڪر ۽ فلسفي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ ٻه مڪتبه فڪر Schools of thought سرگرم رهيا آهن ته شيخ اياز جي شاعريءَ جي ساڃاھ جو به گهڻو ڪري نظرياتي پهلو سامهون رکي ساڳئي نموني اهي ساڳيا مڪتبه فڪر ڇڪتاڻ ۾ رهيا آهن.

شاھ لطيف جي شاعريءَ جي فني خوبين، فارم يا گهاڙيٽن تي هاڻي ٿورو گهڻو ڪم ٿيو آهي ۽ ڇند وديا جي روشنيءَ ۾ سندس بيتن جي پرک ٿيڻ لڳي آهي، سندس شاعريءَ ۾ موجود شاعراڻيون خوبيون، تشبيهون، استعارا، تجنسون وغيره به ڪنهن حد تائين اڀياس هيٺ آيا آهن، پر شيخ اياز جي شاعريءَ جي فني خوبين تي تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي. سندس پرک گهڻي قدر نظرياتي حوالي سان ٿيل آهي، جنهن ۾ رسول بخش پليجي کان قربان بگٽيءَ تائين ۽ محمد ابراهيم جويي کان محمد موسيٰ ڀٽي تائين هڪ ڊگهو سلسلو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

موجوده دور ۾ ڪجھ رجحان Trends جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جن ۾ عبدالواحد آريسر، تاجل بيوس يا امير علي چانڊيو قابل ذڪر آهن، پر بقول جامي چانڊيي جي ته “سنڌي ادب ۾ تخليقي تنقيد اڃا ڄڻ ته بانبڙا پئي پائي، هڪ دور هو جڏهن محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، مولانا غلام محمد گراميءَ، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي، ابن حيات پنهور ۽ پوئين دور ۾ امير علي چانڊيي ان کي اوج تي رسايو پر هم عصر سنڌي ادب جي دور ۾ ادبي تنقيد گهڻي ڀاڱي تبصرن کان مٿي نه ٿي چڙهي، جڏهن ته تنقيد جو ڪم ۽ ڪارج، پرک، پروڙ ۽ ڇنڊڇاڻ آهي، پوءِ چا هي اها فڪر جي هجي يا ٻوليءَ ۽ فن جي. ” (سنڌي جوڳيان ذات).

مٿي ڏنل لسٽ ۾ مون کي هڪ نالو کٽل ٿو لڳي، سو آهي آغا سليم جو، جنهن شيخ اياز جي نه صرف شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو پر هن هڪ پورو ڪتاب سندس فڪر ۽ فلسفي جي پرک ڪندي لکيو، جنهن جو نالو آهي “شيخ اياز- صدين جي صدا” سنڌي ادب ۾ ڪي نالا ۽ ڪردار اهڙا آهن جن جي قلمي پورهيي جو ڪينواس ايترو ته وسيح آهي جو جڏهن انهن جي تخليق ڪيل رنگن تي لکڻ ويهجي ته چونڊ ڪرڻ ڏکيو عمل ٿيو پوي ته سندس ڪهڙو رنگ وڌيڪ اهميت وارو آهي يا سندس ڪهڙو رخ اهڙو آهي، جنهن تي اڳ ۾ ڪنهن جي نظر نه پئي هجي ۽ ڪنهن نه لکيو هجي. ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌي ادب ۾ محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر بلوچ، شيخ اياز، ادا سراج، رسول بخش پليجي، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، امداد حسيني، انور پيرزادي ۽ آغا سليم جا نالا کڻي سگهجن ٿا. انهن سڀني ۾ هڪ ڳالھ ساڳي آهي، جيڪا سندن دور جي خاصيت به آهي ته اهي سڀئي گهڻ پڙهيا اسڪالر ماڻهو آهن، جن صحيح معنيٰ ۾ سنڌ ۾ ڏاهپ ۽ ڏات جي لاٽ پکيڙي. شاعري، ڪهاڻيون، تحقيق، تنقيد، لطيفيات، مطلب ته اهو ڪهڙو ادبي کيتر آهي، جنهن ۾ هنن طبح آزمائي نه ڪئي هجي، هر ليکڪ پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل فنڪار، عالم ۽ ادب رهيو آهي، جن مان هاڻي وڃي ڪي داڻا ڪڻا بچيا آهن.

آغا سليم جو به انهن ۾ نمايان نالو آهي، جنهن ڪهاڻيون، ناول، ناٽڪ، سفر ناما، مضمون، مقالا، مهاڳ لکيا ۽ شاعري به ڪئي ته ترجمو به ڪيو. سو به شاھ لطيف جو جيڪو بذات خود هڪ وڏو ڪارنامو آهي. بيان ڪيل انهن سمورين صنفن ۽ پهلوئن تي اسان جي ڪيترن ئي ساٿين لکيو آهي پر جڏهن آءٌ سندس پورهيي جي وسيح ڪينواس تي نظر وجهڻ کانپوءِ قلم ۽ ڪاغذ کڻي لکڻ ويٺس ته منهنجي نظر هڪ اهڙي پهلوءَ تي پئي جنهن تي ڪنهن به اهميت سان ڪونه لکيو آهي (يا شايد منهنجي نظر مان نه گذريو آهي) سو آهي هڪ نقاد وارو پهلو!

هونءَ ته هر تخليقي عمل لاءِ به اهو ضروري آهي ته تخليق ڪرڻ واري وٽ اهڙو تنقيدي شعور هجي، جنهن سان هو ساري ڪائنات مان پنهنجي لاءِ موضوعن ۽ ڪردارن جي چونڊ کان وٺي، انهن لاءِ مناسب ۽ موزون گهاڙيٽا اختيار ڪرڻ تائين مدد وٺندو آهي، ان ڪري چوندا آهن ته تخليق ۽ تنقيد جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي، ساڳيءَ طرح سان ادبي تنقيد لاءِ به اڪثر ماهرن جو خيال آهي ته سٺو نقاد ٿيڻ لاءِ وري تخليقي صلاحيت جو هئڻ ضروري آهي، جيڪو هن کي ڪنهن به تخليق کي سمجهڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو ۽ هو ان جي ترڪيبي جزن جو ڇيد ڪري ان جي مجموعي تاثر کي پڌرو ڪري سگهي ٿو، ان ڪري توهان ڏٺو هوندو ته اڪٿر شاھ لطيف، سچل سرمست يا شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن جو تنقيدي اڀياس ڪندڙ پاڻ به ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ تخليقڪار رهيا آهن. آغا سليم به اهڙو ئي تخليقي صلاحيت رکندڙ، تنقيدي شعور سان مالا مال نقاد آهي.

مضمونن ۽ مقالن جي سطح تي ڏسجي ته هن نه صرف ڀٽائيءَ جي حوالي سان ڪلاسيڪي راڳن بابت لکيو، پر ڪجھ ڪتابن جا مهاڳ به لکيا. مهاڳن يا ڪتابن جي مهورتن جي موقعي تي لکيل مضمونن کي آءٌ تنقيد يعني Criticism گهٽ ۽ تحسين يا Appreciation وڌيڪ سمجهندي آهيان، ڇو جو اهي خود مصنف جي خواهش تي لکيا ويندا آهن، ان ڪري ظاهر آهي ته انهن ۾ ڪيل پرک متوازن نه ٿي چئي سگهجي، خوبين جي بيان سان ڪن اوڻاين جي نشاندهي ممڪن ڪانهي. هڪ ڀيري مون بيدل مسرور جي هڪ ناوليٽ ۽ ٻئي ڀيري منصور ملڪ جي شاعريءَ جي ڪتاب جي مهورتن جي موقعي تي پنهنجا پيپر پڙهيا ته انهن ۾ هڪ اڌ خاميءَ جو به ذڪر ڪري ويس، تڏهن مرحوم علي احمد بروهيءَ کل ڀوڳ ڪندي چيو هو ته “ڀانيان ٿو ته فهميده نٿي چاهي ته ڪو کيس اڳتي پنهنجي ڪنهن ڪتاب جي مهورت تي ڳالهائڻ لاءِ چوي”، ڀلا ڪير ڀريءَ محفل ۾ پنهنجون خاميون اوڻايون ٻڌڻ چاهيندو ۽ واقعي ان کانپوءِ منهنجي جند ڇٽي وئي، انهن مهورتن کان. سچ ته ادبي پرک ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.

سو بهرحال آءٌ جڏهن آغا سليم کي هڪ ادبي نقاد جي حيثيت ۾ پرکڻ ويٺس ته ان ۾ مون کي سڀ کان اهم ادبي تنقيد شيخ اياز تي نظر آئي، سو چيم ڇو نه ان جي حوالي سان سندس تنقيدي شعور جو اڀياس ڪجي، جنهن جو ڪجھ ڪجھ اندازو مون کي اڳئي هو. ستر جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ سوجهري رسالي لاءِ مون کانئس هڪ انٽرويو ورتو هو، جنهن ۾ تنهن زماني ۾ هلندڙ هڪ بحث بابت راءِ پڇيمانس ته “ڪهاڻي ۽ اَڪهاڻيءَ” بابت اوهان جي راءِ ڇا آهي، ته چيو هئائين ته “منهنجي خيال ۾ اَڪهاڻي ته ڪا شئي ئي ڪانهي، جيڪا به لکي وڃي، سا ڪهاڻي آهي يا کڻي ان کي Plot less ڪهاڻي سڏيو، پر اَڪهاڻي نه چئو”.

ادب بابت سندس شعور جو اهو پهريون مثال مون کي ڏاڍو وڻيو هو. ان انٽرويو ۾ هن ٻي به هڪ ڳالھ اهڙي ڪئي هئي، جنهن مون کي متاثر ڪيو هو. مون جڏهن کانئس اهو پڇيو هو ته شعور جي وهڪري ۾ لکيل ڪهاڻين ۽ انهن ۾ لکيل ابتي ٻوليءَ جي باري ۾ وهان جي ڪهڙي راءِ آهي ته چيو هئائين ته “جڏهن لکڻ وارو شخص لکي ٿو ته: رستي تي رُلي رهيو آهيان، بوٽ جون ڪهيون ڇڳل اٿم، پر وڃي رهيو آهيان.” ته هن اهي سٽون ان رلڻ مهل ته ڪونه لکيون هونديون، انهن کي لکڻ لاءِ هو هڪ جدا ماحول ۾ قلم ڪاغذ کڻي ويٺو هوندو، يعني ڪمپرومائيز ڪري ٿو (ته پوءِ ٻوليءَ ۾ ايئن ڇو نه ٿو ڪري).

سو اهڙيءَ طرح هو اڻ سڌيءَ طرح سان شعور جي وهڪري ۾ ابتي ٻوليءَ جي جواز کي رد ڪندي سهڻي نموني تنقيد به ڪري ويو. مون کي جنهن ڪتاب جو هتي ذڪر ڪرڻو آهي سو آهي “شيخ اياز- صدين جي صدا” اهو تنقيدي ڪتاب ته آهي ئي پر اڻ سڌيءَ طرح اهو شاھ لطيف ۽ شيخ اياز جي ۽ ساميءَ ۽ شيخ اياز جي فڪري پهلوئن جو تقابلي جائزو به آهي. مون کي ته اهو ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ هن وٽ شاھ لطيف هڪ ڪسوٽي آهي، جنهن تي هو اياز جي پرک ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ هڪ باب جو عنوان آهي “سپنا تنهنجا سنڌڙي- يا وري شيخ اياز ۽ سنڌ”. آغا سليم حب الوطنيءَ ۽ قوم پرستيءَ جون وضفون ڏيڻ کانپوءِ انهن جي تاريخي اهميت بيان ڪئي آهي ۽ پوءِ ان پس منظر جو پيش منظر شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موجود قوم پرستيءَ کي بڻائي ٿو. “اياز جو سنڌ سان عشق وحدت الوجودي عشق آهي ساري سنڌ سندس اندر ۾ سمايل آهي ۽ سنڌ سان جيڪي به ظُلم ۽ ڏاڍايون ٿيون آهن ۽ هينئر به ٿين پيون، اهي سڌو سنئون ساڻس ٿيون آهن”.

آءٌ ڀانيان ٿي ته ائين لکڻ ۾ آغا سليم ڄڻ ته پنهنجي دل جي ڳالھ ڪري ويو آهي ڇو ته هو پاڻ به ته وحدت الوجود جي فلسفي کي دل سان سمجهڻ ۽ هنڊائڻ وارو ماڻهو هو. هو اياز جي قومپرستي کي به رومانويت ٿو سڏي. سنڌ سندس محبوب آهي، جنهن جي هر انگ ۽ رنگ سان کيس محبت آهي، “جت لُڪ لڳي، جت اڪ تپن سو ديس مسافر منهنجو ڙي” جهڙين سٽن ۾ هو سنڌ جي، ٿر جي، لُڪ لُوءَ، ڪڙهائي جيئن ڪڙهندڙ ڏينهن توڙي سج مان نڪرندڙ اُلن ڦلن کي بهRomanticizes ٿو ڪري.

آغا صاحب تخليقي ٻوليءَ ۾ تنقيدي راءِ به اهڙي شاعراڻي انداز ۾ ٿو ڏئي جو سندس تخليق ۽ ٻوليءَ جي حسناڪيءَ تي دل مان واھ واھ نڪريو وڃي. لکي ٿو ته: “اياز جي شاعريءَ جي ڪنول جون پاڙون ته سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ڪلاسيڪي ادب ۽ صدين تائين پکڙيل پاتار ۾ هيون پر هن جي سوچ جو ڀنئور جديد دور جي جديد سوچ ۽ جديد فڪري لاڙن ۽ ادبي روين جي آڪاس ۾ ٿي ڀريو” ۽ ايئن هو لطيف جي مڪمل سٽ “ڪنول پارون پاتارل ۾، ڀنئور ڀري آڪاس” جي تشريح سان گڏ اياز جو سمورو- مڪمل ۽ سهڻو تعارف به ڪرائي ويو آهي.

هڪ ٻئي باب ۾ اياز جي ابتدائي شاعريءَ ۾ مذهب جي روايتي انداز کان انڪار کي ڏسندي وري پڇاڙيءَ ۾ اقرار واري تجربي بابت لکي ٿو: “انڪار جي ان دور واري هن جي شاعريءَ ۾ انڪار ۽ اقرار، نفي ۽ اثبات ايئن ٿا محسوس ٿين جيئن لطيف سائينءَ کي پنهونءَ جو پرتَوو جهڙ ۾ جهالا ڏيندو محسوس ٿيو هو. اياز جي سموري شاعري انڪار کان اقرار، نفيءَ کان اثبات جي شاعري آهي ۽ لطيف سائينءَ جي آديسيءَ جو (نانهن ۾ ناٿ) کي ڳولي لهڻ جي سفر جو سفرنامو آهي”.

آغا سليم، ڀٽائيءَ جو مترجم ۽ شارح هئڻ جي ڪري اياز جي شاعريءَ جي پرک به سندس بيتن جي ذريعي ٿو ڪري بلڪه ايئن چئي سگهجي ٿو ته هو اياز کي ڀٽائيءَ جي بيتن جي وسيليDiscus ٿو ڪري ۽ لکي ٿو ته: “اسين ڀٽائيءَ کي ڪيترا به کڻي مارڪسزم ۽ سوشلزم جا ويس وڳا پارايون پر ڀٽائي بنيادي طرح روحانيت واري طرز احساس يعني Spiritual Sensibility جو شاعر آهي، هن سر سارنگ ۾ ٿر جي اڃايلن تي مهر جا مينهن وسايا آهن ۽ اتي رحمت جي وسڪاري سان اڃين بکين ٿرين جي اڱڻن ۾ تازي گهوڙا بيٺا آهن، پر اياز ٿر جي اڃايل زندگين کي اُڪن ۾ لوساٽيل ڏٺو ۽ هنن تي مهر جي ڪا بوند نه برسي ته چيائين:

ڪير ٿو چوي ته ڏيھ ۾ مڙيئي مٺائي

مون آ چکي چيت ڪري ساري ڪڙائي

آهي اجائي، ڳالھ پريان جي پار جي

ايئن ئي ساڳئي نموني اياز کي پرکڻ جو پيمانو لطيف کي بڻائيندي آغا صاحب لکي ٿو ته “سرڪار پائتيءَ واري تصور کي به اياز رد ڪيو ته اهو انياءِ آهي، ناانصافي آهي ته جن رنڍا روڙيا اهي صرافن آڏو سرهيون ٿيون ۽ جن جو سٽ سنهون ۽ سڦرو آهي، تن جو صرافُ دڪوئي داخل نٿا ڪن، اياز جي ڪا پائتي رڳو ڪَتي ۽ ڪنبي نه ٿي پر صراف سان سينو ساهي، کيس ڦورو ڦولهي، سٽ پرکي پوءِ اگهائڻ لاءِ اصرار ٿي ڪري.

سون سريکا هٿڙا، گُهرن ٿا انصاف

جي تون سچَ صراف، فورو ڦولھ ته مان وڃان!

شاھ لطيف کانپوءِ ٻيو پيمانو يا ٻي ڪسوٽي وري وٽس سامي آهي، جنهن جي ويدانتي فڪر جي انڪار يا رد ۾ اياز شعر چيا. آغا صاحب ساميءَ جو هڪ سلوڪ لکي ٿو:

مايا ڀلائي وڌا جيءَ ڀرم ۾

سامي ڏسي ڪونه ڪو، مڙهيءَ منهن پائي

جنهن کي آوِديا ننڊ مان ستگُر جاڳائي

سو ويهي وڄائي نغارو نر ٻاڻ جو

اتي مايا جي موھ کي ننديندڙ ساميءَ سان اختلاف ڪندي اياز چوي ٿو ته هن سنسار جو سونهن ساگر، انسان جو جسماني حسن ۽ لطف مايا موھ ڪونهي:

هي جو ساگر سونهن جو انهيءَ کان انڪار

سامي پنهنجي سوچ تي تون ئي پنهنجو ڄار

سچو آ سنسار، جوٺ سندءِ جيءَ ۾

يا

مايا ناهي ڇل جي سمجهين سنسار کي

ڏس تون ڪنهن جي پيار ۾، چت ڪري چنچل

پورن هر هڪ پل، لڳندءِ پنهنجو پاڻ ۾

آغا سليم جو اياز کي پرکڻ جو اهو انداز ڪيڏو نه نرالو آهي، جتي هو ساميءَ کي مخاطب ٿي چيل اياز جو هي شعر ڏئي ٿو:

اڙي او ويدانتي، انهيءَ کان انڪار

ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ مٿان، هي جو اتيا چار

هي پڻ مايا ڄار، مون تي ڪڙا ڪوٽ جا؟

آغا صاحب جي پرک موجب اياز صوفين ۽ ويدانتين طرفان هن سنسار ۽ ان جي سونهن کي پرتوو پرينءَ جو سمجهڻ واري خيال جي رد ۾ شعر چيا آهن، ڇو ته هو ڪائنات ۽ ان جي حسن کي آدجڳاد کان موجود مادي جو ڪرشمو ٿو سمجهي، جيڪو دائمي سچ آهي. ازل کان آهي ابد تائين رهندو. آغا سليم ان نقطي کي واضح ڪرڻ لاءِ قديم هندستان ۽ يونان سان گڏ ماديت جي فلسفي جي سمجهاڻين سان اياز جي اهڙن شعرن جي پرک ڪئي آهي. ڇا ايئن اڳ ۾ يا پوءِ ڪنهن اهڙي پرک ڪئي آهي؟

آغا صاحب اياز کي ماديت واري نظريي جو پوئلڳ ثابت ڪندي لکي ٿو ته اياز جي نظريي موجب هي جنسار پولار مان گل جيان کِڙي پيو، ڪو ازلي ۽ ابدي سُر آهي جيڪو بنا ڪنهن ڳائڻي جي گونجندو رهي ٿو:

ڪنهن نه جوڙي جوڙ، آهي هن جنسار جي

ڪنول پاڻ ٽڙي پيو، پهتو پنهنجي توڙ

چرخي جيءَ ولوڙ، ڪُھ ڄاڻان ڪهڙِي هئي

سو ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ تصوف- وحدت الوجود جي مڃتا هجي يا ساميءَ جي سِلوڪن جي ويدانت واري ساڃاھ، يا انهن جي ڪسوٽيءَ تي اياز جي ماديت واري فلسفي جي پرک، اهي آغا سليم جي انهن موضوعن بابت ڳوڙهي مطالعي جي ساک پيا ڀرين ۽ آءٌ سمجهان ٿي ته ان حوالي سان اهڙي تنقيدي شعور ۽ تقابلي اڀياس جو گهٽ ۾ گهٽ مون ٻيو ڪو مثال ڪونه ڏٺو يا پڙهيو آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۲ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)




آغا سليم

حليم طبيت واري مهان ڪوي جي اٺين ورسي

اعجاز مهر

سنڌ جي نامياري اديب ۽ براڊ ڪاسٽر آغا سليم جي اڄ اٺين ورسي آهي. سدائين مرڪندڙ سنڌ جي هن مهان قوي کي شايد اڄوڪو فيسبڪي نسل گهٽ سڃاڻيندو هجي پر پنهنجي دور جو هو اهڙو انمول هيرو هو جنهن سوشل ميديا ۽ ٽيڪنالاجي واري هن سيلابي دنيا کان گهڻو اڳ محدود اخبارن ۽ رسالن واري ميڊيائي دور ۾ پنهنجي لازوال ڪم سبب محنت ڪري نالو ڪمايو هو.

منهنجون هن سان ڪجهه ملاقاتون هيون ۽ جڏهن به ملندو هو ڏاڍي پيار سان ’من‘ ڪري مخاطب ٿيندو هو. ڪچهريو ايتريون ته مزيدار هونديون هيون جو اٿن تي دل ئي نه چوندي هئي.

هن ڪافي ڪتابن جو ترجمو به ڪيو هو. سندس خاندان ۱۹۴۸ ۾ حيدرآباد لڏي آيو هو. هن ڪالي موري ڪاليج مان ڊگري حاصل ڪئي هئي. سندس وفات ڪراچي ۾ ڊفيس واري علائقي ۾ ٿي هئي. هنکي ٻه پٽ ڊاڪٽر جمشيد خان، خداداد خان ۽ هڪ نياڻي گل زرين جي اولاد هئي. وفات کان چند گهڙيون اڳ هن سامي بابت لکيل ڪتاب جي اشاعت بابت ڳڻتي ظاهر ڪندي اهو شايع ڪرائڻ جي وصيعت ڪئي هئي.

سنڌ جي مشهور ليکڪ، شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، لطيف جي پارکو ۽ دانشور آغا سليم ۷ اپريل ۱۹۳۵ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو، آغا سليم جو اصل نالو آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان ھو، سڄي زندگي پڙهڻ لکڻ، صحافت ۽ نشريات سان لاڳاپيل رهيو، ريڊيو پروڊيوسر ڀرتي ٿيو، اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو، سندس پهرين ڪهاڻي او ظالم سماج، شايع ٿي هئي جڏهن ته هن جو پهريون ناول اونداهي ڌرتي روشن هٿ هو.

هو جاڳو ۽ سچ اخبارن جو ايڊيٽر رهيو، سندس ڇپيل ڪتابن/مجموعن ۾ تلاش، چنڊ جا تمنائي، لذت گناهه، اونداهي ڌرتي روشن هٿ، درد جو شهر، همه اوست، ڌرتي روشن آهي، اڻپورو انسان، ڍولا مارو، لالن لال لطيف ڪهي، باب فريد، صدين جي صدا، سندهه ڪي موسيقي، وغيره شامل آهن.

ان کان سواءِ ھن شاھ لطيف تي تمام گهڻو ڪم ڪيو، شاھ جي شاعري جو اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ ترجمو ڪيائين، کيس ٻه دفعا لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو، وفاقي حڪومت پاران کيس صدارتي تمغه برائي حسن ڪارڪردگي ۽ تمغه امتياز به عطا ڪيو ويو،

نفيس طبيعت واري آغا سليم ۸۱ سالن جي ڄمار ۾ ڦڦڙن جي بيماري سبب ۱۲ اپريل ۲۰۱۶ع تي وفات ڪئي.

 

(ڏھاڙي سنڌيار ڪراچيءَ ۾ ۱۲ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

آغا سليم

موت ميان! تون ترس. . .

حسيب ناياب منگي

آغا سليم جو نالو وٺڻ سان ناول ۽ ڊرامي جي صنفن ۾ سندس اڻ ميون خدمتون ذهن تي تري اچن ٿيون.هن جا ناولن وارا ڪردار ظاهري طور تي پڙهندڙن آڏو ڪيئن به گهمندا نظر اچن مگر انهن جو باطني پهلو تاريخي رهيو، آغا سليم به اداس ڪردارن کي جهڙي نموني آس ۽ اميد جا روح ڦوڪي اسان لاءِ قرطاس تي جيڪي نقش چٽي ويو سي نه ته زوال ڏانهن ويندا ۽ نه ئي اسان کي ٻسو ٿيڻ ڏيندا. سندس قلم وقت جي وهڪري ۾ اهڙي طرح هليو جو ڇوليءَ ڇوليءَ تي اسان کي هڪ نئين رخ کان متعارف ڪرائيندو ويو هن جي سوچ خوشحاليءَ جي تصور واري هئي ماضيءَ تي نازان رهي حال ۾ ماٺ ڪري ويهڻ واري نه هئي،هن جا ڪردار تاريخ جي گهڙيال وارين ڪانٽن جيان آهستي آهستي چري اسان کي قدم قدم تي محروميءَ واري احساس کان پري ڪندي ڪجهه ٻوٽو ٻاري ڏيکارڻ جي گس تي وٺي ٿا هلن. سندس ڪهاڻيون به آٿت ڏيندڙ ثابت ٿيون، رومانيت هجي يا معاشرتي آغا جو اسلوب پريان پڌرو! آغا سليم جو قلم ناولن ۽ ڪهاڻين تان ئي اٿيو ۽ تحقيق ڏانهن وڌيو ۱۹۵۲ع ۾ پهرين ”آه اي ظالم سماج“ جي عنوان هيٺ ڪهاڻي تخليق ڪري هن تخليقي ادب ۾ پيرڄمايو، سماجي پس منظر ۾ تاريخي حوالن کي سمائي هو نه صرف سنڌي ادب ۾ دادلو قلم ڌڻي ليکجڻ ۾ آيو پر پيار ۽ محبت ۽ نمرتا سان سڀني جي دلين ۾ گهر به ڪري ويو ”درد جو شهر“ سندس ڪهاڻين جو اهڙو مجموعو آهي جيڪو سندس فڪر جي جدت کي ظاهر ٿو ڪري سندس ڪهاڻين جا ٻيا مجموعا ”چنڊ جا تمنائي“ ۽ ”لذت گناه“ سندس تحرير جو بهترين مظهر آهن.سندس سوچ جي اڏام ان تيز پرندي جيان سندس ڊرامن ۾ نظر اچي ٿي جيڪو آسمان ڏانهن تکا پر ڦڙڪائي مٺڙيون ٻوليون ٻُولي سڀني جي نگاهن جو مرڪز رهندو هجي،هي به ته سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ پيرن هيٺيان لتاڙڻ جهڙين رسمن جي خلاف لکي اکين سان سڀ ڪجهه ڏيکاري سمجهائيندو رهيو ته کل ۽ خوشيءَ جهڙي رونق کي نفرتن جي اونداهين ۾ گم ڪري پاڻ کي روشنين کان محروم ڇو ٿا ڪريو، ڇو غلامين جي طوقن کي ڳچيءَ ۾ پائي ڪائنات کي اهو ٻڌائڻ ٿا چاهيو ته اسان ڪيڏو نه خوبصورت زيور پائي گهمون ٿا جدوجهد ۽ عملي ڪم سندس ڊرامن جي سٽ سٽ ۾ سمايل نظر اچي ٿو دودوچنيسر ۽ دولهه دريا خان جهڙا ڊراما تخليق ڪرڻ سندس ئي ڪمال هو سندس ٻيو ڊرامو ”گل ڇنو گرنار جو“سگهاري تخليق جي چٽي نشاني آهي.

ناول جيڪو موهن جي دڙي جي ڌرتيءَ جهڙو لڳڻ لڳوهو سو سندس ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ جهڙي مجموعي جي اچڻ سان شڪارپور جي شام جهڙي سڳنڌ پيش ڪندڙ ثابت ٿيو. ”روشنيءَ جي تلاش“ ۽ ”اڻپورو انسان“ ناولن جي صنف ۾ائين کڙندڙ نظر ٿا اچن جيئن ڪنهن ويران باغ ۾ گلاب جي گلن ٽڙڻ شروع ڪيو هجي. ”همه اوست“ جهڙو ناول جيتوڻيڪ وحدت الوجود جي نظرئي وارو آهي پر ان ۾ به سنڌ جي تاريخ کي سموئي موتين جي مالا جهڙي نموني لفظن سان پوئي ويو آهي سو سندس ذهني قوت کي ظاهر ٿو ڪري ته آغا لفظن جو سنگتراش به هو.

صوفي بزرگن پنهنجي ڪلام ۾ لفظن جا جيڪي ڏيئا اسانجي من کي روشن ڪرڻ لاءِ ٻاريا آهن تن کي سمجهائڻ خاطر آغا سليم پنهنجي ڄمار ڳاري ڇڏي هن جي ڪوششن اهو رنگ لاتو جو جڳ اسانجي صوفين جي لافاني ۽ لاثاني پيغام کان واقف ٿيو”بابا فريد جا دوها“ هجن يا سچل سر مست جي فن ۽ فڪر تي لکيل سندس انگريزي ڪتاب ۽ شيخ اياز صدين جي صدا“ جهڙو لاجواب ڳٽڪو آغا سليم جي ذهانت کي ظاهر ٿا ڪن. سامي تي اڻڇپيل ڪتاب به سڀني جي توجه جو مرڪز آهي، ڇو جو ان ڪوي تي آغا گهڻي محنت ڪئي هوندي. اها حقيقت آهي ته شاه لطيف سان جهڙو آغا سليم نڀائي ويو آهي لطيف سائين به سندس اوترو ئي ساڻي ٿيندو. شيخ اياز جهڙو ڪوي جنهن جو جنم به اُتي ئي ٿيو جن گهٽين ۾ گهمندي آغا سليم جوان ٿيو هو تنهن به ”شاه جو رسالو“ اردو ۾ ترجمو ڪيو پر آغا سليم جو منظوم اردو ترجمو ڪمال جو آهي. آغا محمد يعقوب خان به آغا سليم جي پاڙي جو هو، هن جي روح ۾ به شڪارپور سمايل هئي بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح آغا سليم کلي عام چوندو هو ته ”شڪارپور منهنجو پهريون عشق آهي ۽ شڪارپور انهن ڏينهن ۾ هئي به ته عشق ڪرڻ جهڙي“تنهن به شاه صاحب جي ”گنج“ جو انگريزي ترجمو ڪيو پر آغا سليم جا لطيف جي شاعريءَ وارا ترجمو ٿيل انگريزي ڪتاب مان سمجهان ٿو ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن. آغا سليم سچو لطيفي هو ۽ لطيفي ٿي ڪم ڪري ڏيکاريائين.

آغا سليم سفر نامو به لکيو ته تحقيق جي ڏکئي پيچري تي هلي ڪي يادگار پڻ ڇڏي ويو گڏوگڏ صحافت به ڪيائين، ان ڏس ۾ کيس صدارتي ايوارڊن ۽ انعامن اڪرامن سان به سرفراز ڪيو ويو مگر حقيقي انعام ته ڪنهن وٽ زنده رهڻ آهي آغا ظاهري طور تي ۱۲ اپريل ۲۰۱۶ع تي گذاري ويو پر هو زنده رهڻو آهي سنڌ جا تاريخي ڪردار جڏهن ڪردار ٿي پيش ڪيا ويندا. آغا سليم ياد ايندو ۽ زنده رهندو لطيفي پورهئي ۾! هو شڪارپور ۾ ۷ اپريل ۱۹۳۵ع تي ڪڙي عطا محمد پاڙي ۾ آغا عبدالڪريم خان جي گهر ۾ ڄائو هو، بي اي جو امتحان پاس ڪري ريڊيو پاڪستان ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ اتان ئي رٽائرڊ ڪيو هيائين. ڪڏهن ڪڏهن بيت به لکندو هو. جنهن مان ڪجهه هت پيش ڪجن ٿا:

هئي هئي هي انياءُ، موکي! تنهنجي هٽ تي،

ڪن وٽ آ مڌ اڻ ميو، ڪن جو سِڪي ساهه،

اڃــــيو، ســــــڃيو، ڍاپيل، مـــــاڻهو ماڻهو ڀاءُ،

آ ته ڪيون ڪونياءُ، مڌ ورهايون ماڻهين.

 

(ڏھاڙي هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۱۳ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا