; سنڌي شخصيتون: شهيد محمد عظيم لغاري - غلام حسين لغاري

02 September, 2016

شهيد محمد عظيم لغاري - غلام حسين لغاري

شهيد محمد عظيم لغاري
جاکوڙي صحافي
غلام حسين لغاري
دادو سان واڳيل امر ٿي ويل صحافي محمد عظميم لغاري اڄوڪي ڏهاڙي يعني 11 آگسٽ 2008 جي صبح جو انوقت هڪ بزدلاني حملي ۾ شهادت جو جام پيتو جڏهن پاڻ حق و صداقت جي لاءِ هڪ سنڌي چئنل ۽ مختلف اخبارن لاءِ رپورٽنگ ڪري رهيو هو. محمد عظيم لغاري هاري گهراڻي جي هڪ پورهيت شفيع محمد لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي پڙهائي سان گڏ  صحافتي ڪيريئر جو آغاز پنهنجي مامي علي حسن لغاري جي روزاني اخبار حيرت حيدرآباد ۽ هفتيوار محافظ سنڌ دادو ۾ رپورٽنگ سان ڪيو ۽ باقائدي اتان سکيا حاصل ڪئي. هن سکر مان نڪرندڙ اخبار ۾ به پير پاتو جتان جلدي فريضه حج تي هليو ويو ۽ جدي ۾ ڪجهه عرصو محنت مزدوري ڪئي پر صحافتي جذبي هجڻ ڪري ڏيهه واپس وريو ۽ مختلف سنڌي اخبارن سان لاڳاپيل رهيو. هڪ ٽي وي چينل جو دادو ضلعي جو ضلعي رپورٽر رهيو. هن پنهنجي قلم کي بنا ڪنهن فرق جي انساني حقن جي ٿيندڙ ڀڃڪڙين ۽ وڏيرڪي رياست خلاف استعمال ڪيو جن کيس رستي تان هٽائي هميشهه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.


دادو جي لال هندي قبرستان ۾ ابدي آرام ۾ ستل شهيد محمد عظيم لغاري هڪ صحافي جي حيثيت ۾ پاڻ ملهايو ۽ هن ضلعي جي غريب طبقي مزدور توڙي هارين جي بي لوث خدمت ۽ رهنمائي ڪئي ۽ انهن جي مسئلن کي اخبارن توڙي ٽي وي چئنلن وسيلي حل ڪرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو جنهن جي مڃتا ڪرڻ دادو ضلعي جي عوام، سماج سڌارڪ تنظيمن ۽ دادو جي صحافين جي فرض ۾ شامل آهي.شهيد محمد عظيم لغاري جي هر سال ورسي ملهائي ويندي آهي. جهڙي طرح شهيد محمد عظيم لغاري ۽ سنڌ جا ٻيا شهيد صحافي پنهنجيون پنهنجيون قربانيون ڏئي نه صرف امر ٿي چڪا آهن پر انقلابي صحافت ۽ عوامي خدمت جو درس ڏئي ويا آهن پر افسوس جي اها ڳالهه به آهي جو سنڌ جو اطلاعات وارو کاتو اهڙن صحافين کي نظرانداز ڪندو پيو اچي جڏهن ته شهيد ٿي ويل توڙي طبي موت لاڏاڻو ڪري ويل صحافين جي پونئيرن کي سرڪاري سطح تي ماهوار وظيفو پڻ ملڻ گهرجي جنهن جي سندن پونئير آس لڳايو ويٺا آهن.ان ڳالهه کان به ڪير انڪار نه ڪندو جڏهن دادو سميت پوري سنڌ جي صحافين ۽ ڪراچي ۾ ويٺل صحافين سنڌ اسيمبلي جي صحافي گئلري تان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي جنهن جي ڪري شهيد جي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي پنهنجو ڏوهه قبولڻو پيو ۽ هڪ جرڳي ۾ ڏنڊ ڀري ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا. اهڙي طرح ته سنڌ جي سرڪار به ميدان تي لٿي ۽ شهيد جي وارثن جي مالي مدد لاءِ ٻه لک رپين جي امداد ته ڪئي پر اڄ سوڌو شهيد جي معصوم ٻارڙن جي تعليم، گهر اڏي ڏيڻ ۽ سندس بيروزگار ڀائرن کي سرڪاري ملازمت ڏيڻ وارو ڪيل وعدو 8 سال گذرڻ بعد به پورو ٿي ناهي سگهيو ۽ سندس ڀائر اڃا بيروزگاري واري زندگي گذاري رهيا آهن.

بهرحال شهيد جي اٺين ورسي جي موقعي تي مرحوم جي ڪيل بي لوث خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪريون ٿا ۽ شهيد جي مغفرت لاءِ هرهڪ دعاگو آهي.ساڳي وقت سنڌ جي موجوده وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سندس اطلاعات واري صلاحڪار مولابخش چانڊيو کي اها گذارش آهي ته پاڻ ذاتي دلچسپي وٺي شهيد محمد عظيم لغاري سميت سنڌ جا جيڪي به صحافي پيشوراڻه خدمتن دوران شهيد ڪيا ويا آهن تن جي پونئيرن کي ماهوار وظيفن ۽ سرڪاري ملازمتن سان نوازيو وڃي جيئن اهي پنهنجي زندگي جو گاڏو بهتر نموني هلائي سگهن.

No comments:

راءِ ڏيندا