شهيد محمد عظيم لغاري
جاکوڙي صحافي
غلام حسين لغاري
دادو
سان واڳيل امر ٿي ويل صحافي محمد عظميم لغاري اڄوڪي ڏهاڙي يعني 11 آگسٽ 2008 جي
صبح جو انوقت هڪ بزدلاني حملي ۾ شهادت جو جام پيتو جڏهن پاڻ حق و صداقت جي لاءِ هڪ
سنڌي چئنل ۽ مختلف اخبارن لاءِ رپورٽنگ ڪري رهيو هو. محمد عظيم لغاري هاري گهراڻي
جي هڪ پورهيت شفيع محمد لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي پڙهائي سان گڏ صحافتي ڪيريئر جو آغاز پنهنجي مامي علي حسن
لغاري جي روزاني اخبار حيرت حيدرآباد ۽ هفتيوار محافظ سنڌ دادو ۾ رپورٽنگ سان ڪيو
۽ باقائدي اتان سکيا حاصل ڪئي. هن سکر مان نڪرندڙ اخبار ۾ به پير پاتو جتان جلدي
فريضه حج تي هليو ويو ۽ جدي ۾ ڪجهه عرصو محنت مزدوري ڪئي پر صحافتي جذبي هجڻ ڪري
ڏيهه واپس وريو ۽ مختلف سنڌي اخبارن سان لاڳاپيل رهيو. هڪ ٽي وي چينل جو دادو ضلعي
جو ضلعي رپورٽر رهيو. هن پنهنجي قلم کي بنا ڪنهن فرق جي انساني حقن جي ٿيندڙ
ڀڃڪڙين ۽ وڏيرڪي رياست خلاف استعمال ڪيو جن کيس رستي تان هٽائي هميشهه لاءِ امر
ڪري ڇڏيو.
