; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

20 September, 2016

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

سنڌ جو مانائتو اديب – سندس جنم ڏڻ

علي محمد درد سولنگي



سنڌ ڌرتيءَ جيڪي املھ هيرا/ املھ ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، انهن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو نانءُ به شامل آهي، ڊاڪٽر صاحب ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع تي ڳوٺ ماڙي پور تعلقه لکي ۾ غلام حسين ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. ۱۹۴۲ع واري وڏي ٻوڏ ۾، پنهنجو ڳوٺ ڇڏي، شڪارپور جي نيڀن پاڙي ۾ اچي رهڻ لڳا ۽ اتي ئي فارسيءَ جي بنيادي تعليم ۽ قرآن شريف پڙهيا. ۱۹۴۸ع ۾ وقت جي گردش هڪ ڀيرو وري کين لڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ پاڻ شڪارپور شھر کي الوداع چئي، اچي لاڙڪاڻي جو لاهوري محلو وسايائون. ۱۹۵۲ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ پاس ڪيائون. ۱۹۵۹ع ۾ بي اي ۽ ۱۹۶۱ع ۾ ايم اي ڪيائون. (پاڻ ڊبل ايم اي هئا، ايم اي سنڌي ۽ ايم اي اسلامڪ ڪلچر) ۽ ۱۹۷۴ع ۾ مولانا غلام محمد قاسمي جي رهنمائيءَ ۾ ”بيان العارفين جي ترتيب ۽ اپٽار“ جي عنوان سان تحقيقي مقالو لکي، پي ايڇ ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائون.


ڊاڪٽر صاحب، روينيو کاتي ۾ ڪلارڪي به ڪئي ته پي ڊبليو ڊي ۾ ٽيليفون آپريٽر ۽ بعد ۾ اوورسيئر به ٿي رهيو. ۱۹۶۱ع ۾ اوور سيئر جي نوڪري ڇڏي، اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. پاڻ خيرپور، قمبر، رتيديري ۽ لاڙڪاڻي ۾ پرنسپال به رهيو.

ڊاڪٽر صاحب ۴۰۰ چار سو کان وڌيڪ تحقيقي مقالا لکيا ۽ انهيءَ کان علاوه سنڌ جي سماجي ۽ ادبي تاريخ، لسانيات، تصوف ۽ لطيفيات تي ۷۰ ستر کان وڌيڪ ڪتاب لکيا ۽ اهي ڇپجي پڌرا پڻ ٿيا.

ڊاڪٽر صاحب جي ترتيب ۽ تصنيف ڪيل ڪتابن مان ڪجهھ ڪتابن جا نالا هي آهن؛

*  سنڌي ڏور بيت ۱۹۶۱ع ٻيو ڇاپو ۱۹۷۰ع

* ماڻڪ موتي لال حصو پھريون ۱۹۶۲ع

* ڪريم جو ڪلام ۱۹۶۳ع ٻيو ڇاپو ۱۹۹۵ع

* تذڪره شھباز ۱۹۶۴ع ٻيو ڇاپو ۱۹۶۹ع

* ماڻڪ موتي لال حصو ٻيو ۱۹۶۵ع

* ذڪر اشرف ۱۹۶۷ع

* فڪر لطيف ۱۹۶۷ع

* رس م رسڻ گھوريو ۱۹۶۸ع

* مهراڻ تي مجاس ۱۹۶۹ع

* پرک ۽ پروڙ ۱۹۷۱ع

* جوتيون جواهرن جون ۱۹۷۱ع

*  سکر جي سونهن ۱۹۷۱ع

* فڪر بيدل ۱۹۷۱ع

* رتيءَ جي رھاڻ ۱۹۷۲ع

* ملاحظو مهراڻ جو ۱۹۷۲ع

* سنڌي علم و ادب، اصول ۽ اھڃاڻ ۱۹۷۹ع

* سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري ۱۹۸۰ع

* سچل ۽ سنيهو ۱۹۸۴ع

*سيرت نبي ۱۹۸۶ع

* واحد سنڌي گرامر ۱۹۸۷ع

* سنڌي ثقافت تي اسلامي اثرات ۱۹۸۹ع

* قصيده برده شريف ۱۹۹۰ع

* سر سارنگ ۱۹۹۱ع

* لطيفي لات ۱۹۹۱ع

* نگارشات سنڌ ۱۹۹۲ع

* لطيف جو پيغام ۱۹۹۳ع

ان کان علاوه

* سنڌي ادب جو تاريخي جائزو

* تذڪره شعراءَ سکر

* تفسير هاشمي

* شڪارپور جي ٻولي

* قوت العاشقين وغيره وغيره سندس ناياب ڪتاب آهن.

پاڻ اردوءَ ۾ به ڪافي ڪتاب لکيائين، جن مان ڪجهھ جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

* حضرت لعل شهباز قلندر ( سونح حيات ) ۱۹۷۵ع

* سنڌي ادب ڪي مختصر تاريخ ۱۹۸۳ع

* لسانيات پاڪستان

* پاڪستان ڪي صوفيانه تحريڪين ۱۹۹۴ع

ڊاڪٽر صاحب عربي، فارسي، سنسڪرت، انگريزي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ مهارت رکندو هئو، پاڻ ترجما به ڪيائين جنهن ۾

* رابندر ناٿ ٽئگور جي ناوليٽ جو ترجمو ”ڏوهاري ڪير“ ۱۹۶۳ع ۾ ڇپيو

* ديس ديس جون ڪھاڻيون ۱۹۶۶ع  ۾ ڇپيو. (هي ٻئي ڪتاب به ناياب آهن.)

انهيءَ کان علاوه ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جن جا مضمون، مقالا، الوحيد اخبار، ماهوار نئين زندگي، ماهوار الرحيم، ماهوار پيغام، ماهوار نئين سوچ، ماهوار گل ڦل، ٽماهي مهراڻ، ماهوار السنڌ، ڪاليج جي مخزنن ۽ ٻين لاتعداد اخبارن ۽ رسالن پڻ ڇپيا آهن.

ڊاڪٽر صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس

* ۱۹۸۳ع ۾ کين صدارتي ايوارڊ ”تمغه امتياز“ سان نوازيو ويو.

* ۱۹۸۴ع ۾ اردو ڊائجسٽ طرفان ڪرايل قومي يڪجھتي سيمينار ۾ ايورڊ

* ۱۹۸۹ع ۾ سچل ايوارڊ

* ۱۹۹۱ع ۾ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي ايواڊ

* ۱۹۹۱ع ۾ شهباز ميله ڪاميٽيءَ پاران شھباز ايوارڊ

* ۱۹۹۳ع ۾ طالب المولا ميموريل ايوارڊ

* ۱۹۹۴ع ۾ گورنمينٽ اسلاميه آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج سکر پاران ڊگري اينڊ پرائيز ڊسٽريبيوشن ايوارڊ

* ۱۹۹۴ع ۾ نعت ايوارڊ

* ۱۹۹۶ع ۾ قلندر شھباز ايوارڊ

ان کان علاوه لاتعداد انعام، ايوارڊ ۽ شيلڊون کين مليون،

ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي پھرين ۽ آخري ملاقات ”بزم غالب ملڪاڻي“ دادوءَ جي هڪ ادبي پروگرام ۾ ٿي، ڊاڪٽر صاحب نهايت مهربان، شفيق، پرخلوص ۽ همدرد انسان هئو، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار ادب لاءِ وقف ڪري ڇڏي، پاڻ نٽهڻ اس ۾ گھاٽي وڻ جي ڇانو جيان هيو، ڪيترائي شاعر، اديب، سندس شفقت جي ڇانو هيٺ پروان چڙھيا، هو علم ۽ ادب جي اڃايلن لاءِ ڪنهن ٿڌي ۽ مٺي چشمي جيان هيو.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جيتوڻيڪ ۱۱ فيبروري ۱۹۹۶ع تي (۶۵ ورهين جي ڄمار ۾) جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويو، ليڪن روحاني طرح اسان سان اڄ به گڏ آهي، جيسيتائين سنڌ، سنڌو، سنڌي ماڻھو، سنڌي ٻولي زندھ آهي تيسيتائين ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جو نانءُ به زنده رهندو.


 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

[ولادت ۱۳۵۰ هه = ۱۹۳۱ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌ جو ڄاتل سڃاتل اديب، عالم ۽ بهترين مقرر، محترم ڊاڪٽر پروفيسر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي[1] ولد حاجي غلام حسين، ۱۳۵۰ هه مطابق ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع تي، تعلقي سکر جي ڳوٺ ”ماڙيءَ“ ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان ورتائين، جتان ۱۹۴۸ع ۾ باقبائل لڏي، ميمڻ محله لاڙڪاڻي ۾ اچي مستقل رهائش اختيار ڪيائين.

ملازمت جو آغاز روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيءَ سان ڪيائين. پوءِ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما پاس ڪري، پي ڊبليو ڊي (p.w.D) ۾ اوورسيئر ٿيو. انهيءَ دوران ايم اي سنڌي ادب ۾ پاس ڪرڻ بعد، ۱۹۶۱ع ۾ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ايم – اي ثقافت اسلامي، ايم اي مذاهب عالم جو تقابلي مطالعو ۽ ”بيان العارفين سنڌيءَ جي ترتيب ۽ اپٽار“ جي عنوان تحت پي ايڇ ڊي (ph: D) لاءِ ٿيسز لکي، سندون به ورتائين. هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز آهي.

سنڌي صاحب، شروعات ۾ ”فائق“ تخلص سان شاعريءَ طرف به توجہ ڏنو، پر پوءِ کيس نثر ۾ زياده دلچسپي ٿي؛ جنهن ڪري هن وقت سندس سنڌي ۽ اردو زبانن ۾ تقريباً ۳۵ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. ازانسواءِ ايڪويهه ڪتاب اڃا قلمي صورت ۾، سندس ڪٻٽ جي زينت بڻيل آهن. ”تذڪره الشهباز“، ”تذڪره الشعراءُ سکر“، ڪريم جو ڪلام“، ”ڏور“، ماڻڪ موتي لعل“، ”سکر جي سوکڙي“، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“، سنڌي ادب جو تنقيدي جائزو“، ”جوتيون جواهرن جون“، ”سر ڏهر“؛ ”فڪر لطيف“؛ ”فڪر بيدل“؛ ”ذڪر اشرف“؛ ”ڏوهاري ڪير“؛ ”ديس ديس جون ڪهاڻيون“؛ ”اسلاميات“؛ ”اقتصاديات“؛ ”رتيءَ جي رهاڻ“؛ ۽ ”سنڌي علم ادب اصول ۽ اهڃاڻ“، وغيره سنڌي ادب ۾ خاصو اضافو آهن. انهن مان ڪجهه درسي طور به پاڙهيا پيا وڃن.

ازانسواءِ سفرناما ۽ معلومات، سچل جو سنيهو، سنڌ سماع، ڪليات قادر بخش ”بشير“، ڪلام غلام محمد بگائي، سنڌيءَ ۾ نعت نگاري، مولود، ڪلام ”عاصي“، ڪلام ”خادم“ لاڙڪاڻوي، سنڌي ادب جي تاريخ، ادبي لغت، بيان العارفين ۽ معجزا وغيره وٽس تيار پيا آهن. سنڌي ادبي بورڊ کي هن طرف توجہ ڏيڻ گهرجي.

انهيءَ لکڻ ۾ مبالغو نه ٿيندو، ته جناب پروفيسر سنڌي صاحب سنڌي زبان ۾ نڪرندڙ ڪا به اخبار يا رسالو نه ڇڏيو اٿس؛ جنهن ۾ سندس تحقيقي مقالا ۽ مضامين نه ڇپيا آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به آهي. انهيءَ کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي تعليمي ڪاميٽي تي کيس نمائندگي مليل آهي. طبعاً نهايت سنجيده ۽ هر ننڍي وڏي لاءِ وٽس دل جي گهراين سان آجيان آهي. خدا وند کيس خضري عمر عطا ڪري . ”وحيد منزل، ميمڻ محلو لاڙڪاڻو“ سندس پتو آهي.


 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

ڪجھ ساروڻيون

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

مون جڏهن ادبي دنيا ۾ اک پٽي ته ان وقت پنهنجي چوڌاري ادبي حوالي سان جيڪي ليجينڊ شخصيتون نظر آيم انهن ۾ ڪيترا ئي نالا ڳڻائي سگھان ٿو. محققن، دانشورن ۽ تعليمي ماهرن ۾ پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر اياز قادري، انيس انصاري، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، قربان علي بگٽي، پروفيسر عبدالمنان چانڊيو، پروفيسر الھ بخش تونيو ۽ سيد خادم حسين شاھ جا نالا نمايان آهن. شاعريءَ جي دنيا ۾ عبد عاقلي، حاجي علي بخش جمالي، عبدالله اثر، غلام عباس جوش قادري، محمد علي جوهر، لقمان حڪيم وغيره ان دور جا وڏا نالا شمار ٿي ٿيا.

منهنجي اها خوش نصيبي آهي جو مٿين مڙني هستين سان منهنجو آهستي آهستي نيازمنديءَ جو رستو قائم ٿي ويو. مختلف علمي ادبي پروگرامن ۾ انهن کي ٻڌڻ ۽ کانئن سکڻ جو موقعو مليو، ۽ هوريان هوريان پاڻ به انهن جي حلقي ۾ شامل ٿي ويس. مون سان گڏ يا ٿورو پوءِ لاڙڪاڻي مان ادب جي هڪ وڏي کيپ سنڌي ادب ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو جن ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر عبد الغفور ميمڻ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ذوالفقار راشدي، قلندر بخش بدوي، ناظم چانڊيو، ذوالفقار سيال، افضل قادري ۽ ٻيا انيڪ ليکڪ شامل آهن.

جنهن علمي شخصيت کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ هي ٻه اکر تحرير ڪيا اٿم ان سان منهنجون ڪافي خوبصورت يادون وابسته آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌي جي شخصيت گھڻ رخي هئي. هو هڪ ئي وقت محقق، نقاد، مورخ، عالم ۽ دانشور هو، سندس تحرير توڙي تقرير مفصل ۽ مدلل هوندي هئي. جڏهن به ڪنهن تقريب ۾ ڳالهائيندو هو ته هال ۾ خاموشي ڇانئجي ويندي هئي ۽ سامعين ۽ حاضرين انتهائي غور سان خطاب ٻڌندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جو مطالعو وسيع هو. سندس ذاتي لئبريري معيار توڙي مقدار جي حوالي سان تمام خوبصورت هئي. جتي ڇاپي ڪتابن کان علاوه ڪيئي ناياب قلمي نسخا پڻ موجود هئا.

ڊاڪٽر صاحب علم جي ونڊ ورڇ جي حوالي سان دريا دل شخص هو. اڪثر سندس اوطاق تي ماڻهو موجود هوندا هئا. سال ۱۹۶۸-۱۹۶۷ ۾ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري رهيو هيس، جڏهن به ڪنهن سوال ۾ منجھندو هيس ته ڊاڪٽر صاحب ڏانهن هليو ويندو هوس. پاڻ نهايت شفقت ڀريي انداز سان منجھيل سوالن جا تفصيلي جواب سمجھائيندو هو. سندس سمجھائڻ جو انداز به عالمانه هوندو هو. آخر مون ۱۹۶۸ ۾ ايم اي جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيم.

سال ۱۹۶۹ ۾ آءٌ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار طور انٽرويو ڏيڻ لاءِ ويس جتي ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ان وقت سنڌي شعبي سربراھ هيو، ان انٽرويو جي اميدوارن ۾ ٻين کان علاوه مولوي عبد الله اثر به شريڪ هو. اثر صاحب جي علمي حيثيت جو مان اڳ ۾ ئي مداح هيس، سو نتيجو ظاهر پيو هو. پر ايترو ضرور ٿيو جو خبر پئي ته اثر صاحب کان پوءِ ٻئي نمبر تي منهنجون مارڪون هيون، جيتوڻيڪ ڪن سببن ڪري اثر صاحب اها نوڪري نه ڪري سگھيو پر مون کي به آرڊر ملي نه سگھيو.

۱۹۷۰ ۾ پي ايڇ ڊي جو عزم ڪيم. اهڙي همٿ افزائيءَ جو ڪارڻ پڻ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ صاحب ئي هيو، جنهن کي شايد مون ۾ ڪي داڻا نظر آيا. منهنجي وڏي خوش بختي هئي جو مون کي منهنجي ئي شهر ۾ رهبر ملي ويو. مون ڊاڪٽر صاحب کي گائيڊ ٿيڻ لاءِ گذارش ڪئي، پاڻ تمام خوشيءَ جو اظهار ڪيائين ۽ آءٌ ريسرچ جي حوالي سان سندس شاگرد بڻجي ويس. مقالي جو موضوع اتفاق راءِ سان طئي ڪيو، جيڪو نهايت خوبصورت ۽ گھڻي محنت طلب هيو. موضوع هو: ”شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ تاريخي اهڃاڻ“. عمر جي حوالي سان پاڻ ۾ ايتري سگھ ڀانئيم ته موضوع سان نڀاءَ لاءِ جر ٿر هڪ ڪبو، ان بهاني اهي سمورا تاريخي ماڳ مڪان ڏسڻ جو موقعو ملندم جتي جتي لطيف سائين پير گھمايا آهن. سنڌ يونيورسٽي اٺ مهينا انتظار ڪرائڻ کان پوءِ ليٽر موڪليو ته اوهان ڪو ٻيو موضوع اختيار ڪيو، ڇالاءِ ته اهو موضوع ڪنهن محترمه کي اڳواٽ ئي مليل آهي. يونيورسٽيءَ طرفان ايتري انتظار کان پوءِ اهڙي جواب تي ڊاڪٽر صاحب کي به ڪافي ڏک رسيو. افسوس اهو اٿم ته مذڪوره موضوع تي هن وقت تائين ڪنهن به اسڪالر پي ايڇ ڊي ڪانه ڪئي آهي.

۶۰ واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ جيڪي ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ انهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ موجود جيڪي برک اديب ۽ دانشور شرڪت ڪندا هئا، تن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌي کان علاوه ڊاڪٽر عبد الڪريم سنديلو، الف.ب.ت ميروخاني،  پروفيسر عبد المنان چانڊيو، سيد خادم حسين شاھ شامل هوندا هئا. وڏا علمي ادبي بحث ٿيندا هئا، هر ڪو پنهنجي ڄاڻ جي کاڻ مان علم جي ونڊ ڪندو هيو. آءٌ به انهن  بحثن مان ڪن ۾ شريڪ رهيس. گھڻو ڪري انهن بحثن جا موضوع سنڌي ٻوليءَ جون نزاڪتون ۽ لطافتون، لوڪ ادب ۽ ادب جي نون پراڻن رجحانن جي ڇنڊ ڇاڻ وغيره هوندا هئا. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب کي مون انهن ڪچهرين ۾ سدائين علمي ثبوت ۽ پختي دليل سان ڳالهائيندي ڏٺو.

سن ۱۹۸۲ ۾ اسان لاڙڪاڻي ۾ هڪ ادبي تنظيم جوڙڻ چاهي، جنهن جو نالو لطيف سائين سان منسوب ڪرڻ جو ارادو هيو پر ڊاڪٽر ميمڻ صاحب صلاح ڏني ته لاکيڻي لطيف جي نالي سان سڄي سنڌ ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون اڳواٽ ڪم ڪري رهيون آهن تنهن ڪري بهتر ٿيندو ته توهان نئين تنظيم سچل سرمست جي نالي سان قائم ڪيو. اسان کي پنهنجي ادبي اداري طرفان ڪنهن خاص فڪر جي پرچار بنان ادبي ڪم ڪرڻو هيو تنهن ڪري لطيف سان نالو منسوب ڪرڻ ساڻس عقيدت جي بنياد تي هيو ۽ ساڳي عقيدت سچل سائين سان پڻ هئي، جيتوڻيڪ سچل جي نالي سان لاڙڪاڻي ۾ هڪ ادبي تنظيم ”بزمِ سچل“ ورهاڱي کان اڳ قائم ٿي هئي ۽ اڄ تائين سرگرم آهي، پر اسين ڊاڪٽر صاحب جي مشوري کي مانُ ڏيندي ادبي تنظيم جو نالو ”سچل ادبي مرڪز“ رکيو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب سچل ادبي مرڪز جا ميمبر نه هيو پر آخري دم تائين اسان جي مٿان سندن دستِ شفقت رهيو. سچل ادبي مرڪز طرفان ڪوٺايل ڪو اهڙو پروگرام ياد نه ٿو اچي جنهن ۾ ڊاڪٽر عبد المجيد صاحب آيو هجي ۽ کيس صدارت يا خاص مهمان جي حيثيت نه ملي هجي. حتاڪه ڊاڪٽر صاحب جي شاعر نه هجڻ باوجود ڪيترن ئي مشاعرن ۾ به سندس ئي صدارت رهي. مرڪز جي تاريخ ۾ اهڙن مشاعرن جي تمام وڏي اهميت آهي، ڇو ته اهڙن مشاعرن جي اختتام تي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي عالماڻي راءِ سان سڄي مشاعري تي ڀرپور روشني وجھندو هو ۽ اهڙي طرح سامعين ۽ حاضرين ڄڻ ٿوري ئي وقت ۾ اهڙي شعري گلدستي مان واس وٺندا هئا جنهن ۾ نه رڳو مختلف احساسن جي خوشبو هوندي هئي پر تنقيدي ۽ عالماڻا پس لفظ به هوندا هئا.

اهو لکندي سرهائي ٿئي ٿي ته مون ڊاڪٽر صاحب سان  سندس زندگيءَ ۾ ڪيئي سير سفر پڻ ڪيا. مختلف ادبي ڪانفرنسن ۾ لاڙڪاڻي کان گڏ سفر ڪيو سين. پاڻ اول مونسان ٽيليفون ذريعي پروگرام طئي ڪندو هيو، پوءِ نڪري پوندا هئا سين. حيدرآباد يا ڪراچيءَ ۾ لطيف ڪانفرنس هجي، توڙي خيرپور ۾ سچل ڪانفرنس يا وري سيوهڻ ۾ قلندر شهباز ادبي ڪانفرنس. انهن سمورن سفرن ۾ ڊاڪٽر صاحب سان منهنجو اٽوٽ ساٿ رهيو. ٿر جي ٽن ڏينهن واري ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ۾ به لاڙڪاڻي مان گڏ ويا سين ۽ گڏ رهيا سين. مٺيءَ کان ڪارونجھر تائين ٿر جي حسن کي گڏ گڏ اکين پسيو سين. ان خوبصورت ۽ يادگار سفر جون يادگيريون، ساروڻين جو هڪ الڳ باب آهن. انهن سيرن سفرن ۾ مون ڊاڪٽر صاحب جي طبيعت ۽ مزاج کي وڌيڪ ويجھو کان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. هن بزرگ هوندي ڪڏهن سفر ۾ سُک نه طلبيو، پاڻ کي ڏکيو رکي به پنهنجي دوستن ۽ هم سفرن کي سکيو ڏسڻ چاهيندو هو. پر آءٌ جڏهن به ساڻس هم سفر رهيس ته اها ئي ڪوشش ڪئي ته کيس ڪا تڪليف نه اچي، ڇو ته مون وٽ هن لاءِ اٿاھ پيار ۽ عزت هئي. ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين ادبي پروگرامن ۾ ڪٺي آيا وياسين. ڪيئي ڀيرا هڪ ئي جهاز ۾ گڏ سفر ڪيو هڪ ئي هوٽل ۾ گڏ رهيا سين. عمر جي آخري سالن ۾ ته ڊاڪٽر صاحب مون کي تاڪيد ڪندو هو ته متان ڪانفرنس ۾ نه هلو. ضرور هلڻو آهي. اسان جي سٿ ۾ اڪثر هڪ ٻيو محقق دوست ۽ محبتي ماڻهو مرحوم ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر پڻ شامل هوندو هو. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ۽ آءٌ ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي به ڪيترن ئي پروگرامن ۾ گڏجي شرڪت ڪئي.

ڊاڪٽر صاحب جو علمي حلقو وسيع هيو. پاڪستان جي سمورن صوبن توڙي هندستان جي اديبن سان سندس رابطا رهندا هئا. ٻين صوبن ۽ ملڪن جي عالمن ۽ دانشورن سان منهنجو ڀرپور تعارف ڪرائيندو هيو. ڊاڪٽر صاحب سنڌيءَ کان علاوه اردو ٻوليءَ ۾ پڻ معياري ڪتاب لکيا. خاص طور ادب، تاريخ ۽ تحقيق جي حوالي سان هنن سنڌي ۽ اردو ادب کي نهايت ملهائتا ڪتاب ارپيا.

ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌي هڪ صوفي منش انسان هو. سندس طبيعت ۾ سادگي، خلوص ۽ محبت جائگير هئي. هن جي وڏي خوبي اها هئي ته پنهنجي علم ۽ منصب تي ڪڏهن به غرور نه ڪندو هو. نوجوانن ۾ علمي سجاڳي ۽ ادبي ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوششون وٺندو هو. علمي حوالي سان ننڍ وڏائيءَ جي پرواھ ڪئي بغير ڪيترن ئي ڪمن ۾ ننڍن سان هٿ ونڍائيندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي گھڻ رخي شخصيت تي لکڻ لاءِ ڪتاب لکي سگھجن ٿا، تنهنڪري منهنجن هنن ٻه ٽن لفظن کي ساڻس محبت جو معصوم اظهار سمجھڻ کپي.


 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

انسان جي روپ ۾ فرشتو

مير نادر علي ابڙو

”نادر بابا! گُل نه پٽِ!“ اهي جملا هئا، سنڌ جي مهان اديب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جا، جيڪي هن مون کي ننڍپڻ ۾ چيا. جڏهن هو اسان وٽ ۱۹۷۲ع ۾ سکر ۾ ايندو هيو. جتي منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سيشن جج سکر هيو. انهيءَ وقت ڊاڪٽر صاحب وري اسلاميه ڪاليج سکر ۾ پروفيسر هئو. ڊاڪٽر صاحب به لاڙڪاڻي جو هئو ته منهنجو والد به لاڙڪاڻي جو هئو. تنهن ڪري هو اڪثر اچي منهنجي والد وٽ ڪچهري ڪندو هو. انهي ڪچهري ۾ سکر جا اديب به اڪثر شرڪت ڪندا هئا. جن ۾ شيخ اياز، فتاح ملڪ، رشيد ڀٽي، برڪت آزاد، رڪن الدين قاسمي ۽ فتح الله عثماني وغيره، انهي کان پوءِ سکر کان والد جي بدلي ٿيڻ ڪري ڊاڪٽر صاحب سان ملاقاتن جو سلسلو ٽٽو، جيڪو وري ۱۹۸۶ع ۾ ڳنڍيو. جڏهن بابا سائين جي وفات تي اسان به ٿانيڪا ٿي اچي پنهنجي اباڻي ڳوٺ لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪئي.

ڊاڪٽر صاحب جي منهنجي والد سان ڏاڍي محبت هئي. حالانڪه ڊاڪٽر صاحب جو لاڙو مذهب طرف هئو ته وري بابا سائين آزاد خيال هئو. پر ڊاڪٽر صاحب سندس سان دوستي آخري وقت تائين نڀائي.

ڊاڪٽر صاحب سان منهنجيون تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون اڪثر انيس انصاري وٽ ٿينديون هيون. ڊاڪٽر صاحب مون کي زندگي جي لاهن چاڙهن بابت اڪثر پنهنجا تجربا ٻڌائيندو رهندو هئو. ڊاڪٽر صاحب کي مون انسان جي روپ ۾ فرشتو ڄاتو. هر گناهه کان دور، بي ضرر انسان، منهن تي مڻيا، اکين ۾ حياءُ ۽ شرم، سندس چهرو هميشه گلاب جي گل جيان ٽڙندو هيو. وڏڙن لاءِ عزت ۽ ننڍن لاءِ هميشه پيار هيس.

۱۹۹۱ع ۾ مون جڏهن بي اي پاس ڪئي ته اهو ڊاڪٽر صاحب ئي هيو، جنهن مون کي چيو ته نادر ايم اي ضرور ڪجانءِ. مون کيس چيو ته هاڻي مون کان محنت ڪرڻ ڪونه ٿي پڄي، هاڻي ڪوشش ڪري نوڪري وٺبي. ڊاڪٽر صاحب مون کي آماده ڪيو ته ايم اي ضرور ڪرڻي اٿئي، مان تنهنجي هر لحاظ کان رهنمائي ڪندس. مون ننڍي جي حيثيت ۾ حڪم جي بجا آوري ڪئي، اهو ڊاڪٽر صاحب ئي هئو جنهن مون کي پنهنجا ڪتاب وغيره ڏنا ۽ منهنجي اخلاقي مدد ڪئي.

ڊاڪٽر صاحب منهنجي والد مرحوم سان دوستي نڀائيندي سندس زندگي تي هڪ تفصيلي مضمون لکي سنڌ جي سڀني اخبارن ۾ شايع ڪرايو، جيڪو هڪ يادگار تاريخي مضمون آهي. انهي کان علاوه ڊاڪٽر صاحب ئي شوق سان بابا سائين جي حوالي سان تاج محمد ابڙو  يادگار ڪميٽي جو بنياد وڌو، جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، اياز قادري، انيس انصاري، امان شيخ، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، هدايت الله منگي ۽ ڊاڪٽر صاحب پاڻ انهي يادگار ڪميٽي جا ميمبر هئا. جڏهن به يادگار ڪميٽي جي ميٽنگ ٿيندي هئي ته ڊاڪٽر صاحب انهي ۾ ضرور شرڪت ڪندو هيو.

ڊاڪٽر صاحب جو ادب سان بي پناهه چاهه هئو. جڏهن به سندس اوطاق تي وڃبو هئو ته ڪتابن جي دنيا ۾ مگن هوندو هئو. سندس ادب سان چاهه سبب ئي هن سنڌ کي ڪافي تحقيقي ڪتاب لکي ڏنا، جيڪي سنڌي ادب ۾ هڪ  اهم اضافو آهن. انهيءَ  مڃتا ۾ صدر پاڪستان کيس ايوارڊ سان به نوازيو هئو.

ڊاڪٽر صاحب جي انتهائي حساس طبيعت هوندي هئي. مون کي ياد ڪو نه ٿو اچي ته مون کيس ڪو ڪاوڙ ۾ ڏٺو هجي. هميشه برف جيان ٿڌو، ڳالهائيندو ته اهڙو فهميدو جو  محفل ويهي خاموشيءَ سان ٻڌندي هئس. گهٽ ڳالهائڻو، لهجو بنهه نرم، سندس زبان تي هميشه الله رسول جون ڳالهيون، انسانيت سان پيار، سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان محبت انتها درجي جي هئس.

مون وٽ هڪ ڪتابي سيريز هئي جا روس کان پاڪستان ۾ تمام ٿورين اهم شخصيتن کي ڏني وئي هئي جيڪا ۴۸ جلدن تي مشتمل هئي. انهي متعلق چيائين ته نادر پٽ تنهنجو بابا اسان جو ڀائرن جهڙو پيارو دوست هئو ۽ مون کي ڏاڍو پيارو هئو. اسان سندس سان ڪڏهن به مذهبي ڇيڙ ڇاڙ ڪونه ڪئي. هو مذهبي ڪٽرپڻي کان بلڪل پاڪ هئو. انهي جو انسان ذات سان ايڏو ته پيار هئو جو مان اهڙا انسان پنهنجي زندگي ۾ تمام ئي گهٽ ڏٺا آهن. مون کي الله پاڪ جي ذات ۾ پوري اميد آهي ته هو جنت ۾ هوندو. پر توکي مان اهائي صلاح ڏيندس ته تون اها سيريز تحفي ۾ پنهنجي والد جي دوست ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي ڏئي ڇڏ ته بهتر آهي. ڇو جو اهي ڪتاب تنهنجي عمر کان وزن ۾ مٿانهان آهن. مون سندس ڳالهه کي اڳتي ڪندي، اها سيريز جيڪا ۴۸ جلدن تي مشتمل هئي، جيڪا پوري هڪ ڪار ۾ به ڪونه پئي ماپي، سا ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي تحفي ۾ ڏنم، انهي سان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به خوش ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب به خوش ٿيو.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جهڙا انسان سنڌي قوم جو عظيم سرمايو آهن، سندن ۾ سنڌ جون سڀئي روايتون، مهمان نوازي، محبت، پيار، ڀائپي، برادري موجود هيون، افسوس اهو آهي ته اهڙن ماڻهن جي سنڌ ۾ تيزي سان کوٽ ٿيندي پئي وڃي، بزرگ شخصيتن جي جتي ۾ پير وجهڻ لاءِ نوجوان نسل ۾ شوق گهٽ ٿيندو پيو وڃي.

شال اسان جو ايندڙ نسل انهن بزرگن کي ياد رکي انهن جي نقش قدم تي هلي. ڇو جو اهي جهونا بزرگ ئي سنڌ جي روايتن جا امين هئا.

 

(خبرون، عوامي آواز، تعمير سنڌ، مهراڻ، سوڀ، عبرت، سنڌ، هلال پاڪستان، سنڌو، هلچل، سڪار)


 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

اديب، محقق ۽ نقاد - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا

ساجد رند

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پهرين جنوري ۱۹۳۰ع تي ڳوٺ ماڙي تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور ۾ حاجي غلام حسين جي گھر ۾ جنم ورتو.

پاڻ پرائمري تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ شڪارپور ھاء اسڪول مان ۽ ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان ڪئي.

ميمڻ عبدلمجيد صاحب “بيان العارفين جي تدوين “جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪري سند ورتي.

پيشي جي لحاظ کان پھريان ايريگيشن کاتي ۾ ملازمت ڪيائين، جنهن بعد تعليمي کاتي ۾ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتان پوءِ پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ٿيو.

ادبي محفلن جي روح روان ڊاڪٽر صاحب ۱۹۵۸ع ۾ ادب کي فروغ ڏيڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ “سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو “قائم ڪيائين

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سڄي عمر سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ جاکوڙ ڪئي، سندس لکيل مقالن جو تعداد ۲۶۱، ڇپيل سنڌي ڪتابن جو تعداد ۸۰، اردوءَ ۾ لکيل ڪتابن جو تعداد ۱۰ ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن جو تعداد ۲ آھي، جڏهن ته ڪيترا ئي ڪتاب اڻڇپيل پڻ آھن، سندس ڪافي ڪتاب يونيورسٽي سطح تي ڪورس ۾ شامل آھن.

ڊاڪٽر صاحب جو ڇپايل پھريون ڪتاب “ملان نصير الدين جا لطيفا” آھي، جيڪو ٽوٽڪن ۽ سوانح تي ٻڌل آھي.

سنڌ جو ھي اديب، ۱۱ فئبروري ۱۹۹۶ع تي لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرامگاھ لاڙڪاڻي ۾ آھي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

۱. سنڌي ادب جي تاريخ

۲. سنڌي ثقافت تي اسلامي اثرات (تحقيق)

۳. سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري

۴. سنڌي شرح قصيده برده شريف

۵. فڪر لطيف (لطيفيات ترتيب)

۶. سچل جو پيغام

۷. فڪر بيدل (تحقيق)

۸. سنڌ سياحن جي نظر ۾

۹. شڪارپور ماضي ۽ حال (ترتيب)

۱۰. پرک ۽ پروڙ (تحقيق ۽ تنقيد)

۱۱. تذڪره شهباز (تذڪرو)

۱۲. تذڪره شعراء سکر

۱۳. ماڻڪ موتي لعل( ٻه جلد)

۱۴. رس ۾ رسڻ گھوريو (ترتيب)

۱۵. سنڌي علم، ادب، اصول ۽ اھڃاڻ (تنقيد)

۱۶. سنڌي علم ادب

۱۷. جوتيون جواھرن جون (چونڊ ڪافيون)

۱۸. سر ڏھر (لطيفيات)

۱۹. سچل جو سنيھو

۲۰. گھڙيون گھاريم جن سين

۲۱. شڪارپور جي ٻولي (لسانيات)

۲۲. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس (تنقيد)

۲۳. سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق

۲۴. ڪلام بشير

۲۵. شاه ڪريم جو ڪلام (تحقيق)

۲۶. ناول نگاري ۽ ٽئلسمن جو جائزو

۲۷. سنڌي ادب جو تاريخي جائزو

۲۸. پارس (ٽي حصا) ترتيب

۲۹. تاريخ قوم ھڪڙا (تاريخ)

۳۰. سر ڪلياڻ (لطيفيات)

۳۱. لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو (ترتيب)

۳۲. ديس ديس جون ڪھاڻيون (ترتيب)

۳۳. ذڪر اشرف (ترجمو شخصيات)

۳۴. رتي جي رھاڻ

۳۵. سکر جي سوکڙي (ترتيب)

۳۶. مھراڻ تي مجلس (ترتيب متفرقه)

۳۷. سکر جهڙي سونهن (ترتيب)

۳۸. سنڌي نصاب (نائين ڪلاس لاءِ)

۳۹. سيرت نبي صلعم

۴۰. واحد سنڌي گرامر

۴۱. تفسير ھاشمي

۴۲. لطيفي لات ۽ سنڌي ڪلاسيڪي شاعري جو گڏيل اڀياس

۴۳. قوت العاشقين (معجزا)

۴۴. لطيف جو پيغام (لطيفيات)

۴۵. سر سارنگ (لطيفيات)

۴۶. حضرت قلندر شھباز (اردو ۾ لکيل)

۴۷. لسانيات پاکستان (اردو ۾ لکيل)

۴۸. پاڪستان مين صوفيانه تحريکين (اردو ۾ لکيل)

۴۹. سندھي ادب کي مختصر تاريخ (اردو ۾ لکيل)

۵۰. نگارشات سنده (اردو ۾ لکيل)

۵۱. بيت (سٽا ۽ اوسر)


 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

دادا سنڌي

مون جڏهن ۱۹۶۲ع ۾ مئٽرڪ ڪئي ته منهنجو والد صاحب پوليس مان ريٽائرڊ هو ۽ ڀاءُ وڏو بيروزگار هو ته مون کي ٻه سال گهر ۾ گذارڻا پيا. تنهن جو ان وقت مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو. ڳوٺ ۾ ڪنهن پڙهيل لکيل ماڻهو کان خبر پئي ته رسالن ۾ لکندڙ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي سکر ۾ تعليم کاتي ۾ آهي. دير ئي نه ڪيم ۽ ايڊريس هٿ ڪري پنهنجي تعليم لاءِ ميمڻ صاحب کي خط لکيم. ميمڻ صاحب هڪ قدردان ماڻهو هيو تنهن مون کي جواب موڪليو ته ”مون کي اوهان مفلسي جي شڪايت ڪئي آهي ۽ ان جو ڏوهه علم ۽ ادب تي هنيو اٿئو. پر هرو ڀرو ائين نه آهي. علم ۽ ادب انسان کي محنت مزدوري ڪرڻ کان روڪي نه ٿو. اوهان اڃان ته نوجوان آهيو. اوهان کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. ڪراڙپ ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙي شڪايت ڪري ته ٺهي ٿو. پر جواني ۾ اهڙي شڪوه کي ڪاهلي تصور ڪيو ويندو. پڙهڻ جو مطلب هروڀرو نوڪري نه آهي. اوهان محنت مزدوري ڪري به پيٽ پالي سگهو ٿا. اصل ۾ انسان جو شان انهي ۾ آهي ته هو هڏ هلائي.

مون کي اوهان سان ڪلي همدردي آهي، اوهان جيڪڏهن اعتبار ڪيو ته منهنجي تاج محمد صاحب سان ڪا به واقفيت ناهي. منهنجي تعليم کاتي وارن سان به گهٽ واقفيت آهي، ڇو جو آئون تعليم کاتي ۾ نه رهيو آهيان. سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت جي جذبي تحت مان تمام سٺي نوڪري ڇڏي هن ڪاليج ۾ آيو آهيان. جيڪڏهن اوهان ٻڌندا ته اوهان کي عجب لڳندو. مون کي اوهان جي مدد ڪندي خوشي محسوس ٿيندي. الله تعالى اوهان ۽ اسان جي مدد ڪندو. پوءِ ڊاڪٽر صاحب سان آئون اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ملڻ ويس. جنهن اڳتي پڙهڻ لاءِ همٿايو ۽ پاڻ مون سان هلي، ايف اي جو امتحاني فارم به ڀريائين. ان وقت امتحان جي انچارج پروفيسر شيدا صاحب مون کان پڇيو ته ” ميمڻ صاحب اوهان جو ڇا ٿئي؟ مون کيس چيو ته ” هو منهنجو دوست آهي“. چوڻ لڳو ته؛ ”هو هيڏو وڏو ۽ ڊگهو ۽ تون هيترو ننڍو، هي دوستي ڪيئن ٿي؟ مون برجستگي سان جواب ڏنو ته؛ ”ادبي دوستي عمر جي تقاضا کان اتم ۽ اعلى آهي.“ ان وقت آئون ڇوڪراڻي وهي ۾ هئس ۽ پوءِ سکر ۾ رهڻ ڪري مان اڳتي پڙهيس ۽ آئون بي اي، ايم اي ۽ بي ايڊ به ڪئي.

مون کي صحتمند ۽ تعميري ادب تخليق ڪرڻ جي تلقين ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڪئي، ڇو ته ميمڻ صاحب پاڻ هڪ سچو، بااخلاق ۽ دين دار ماڻهو هو. هن کي ڪميونسٽن لاءِ ڏاڍي نفرت ۽ ڌڪار هئي. ڏاهرازم بابت هن چيو ته؛ ”جڏهن ايران ۽ مصر جي جديد مورخن، پنهنجن پراڻن بادشاهن کي ساراهڻ شروع ڪيو ۽ هنن چيو ته فرعون ڏاڍو رحمدل ۽ بادشاهه هو. تڏهن سنڌ جي جديد ٺڙڪائو شاعرن ڏاهر کي کڻي سنڌ جو سورمو ٺهرايو آهي. پر حقيقت ۾ سندن سخن ۾ ڪين آهي. ڏاهر ۾ اهڙي ڪا به خوبي ڪو نه هئي. جنهن بابت هن کي سچو ڪوٺجي.“ (۱۹۸۹ع)

 

(دادا سنڌي؛ سڄڻ ۽ ساڻيھ جون سارون (اڻ پوري آتم ڪٿا ۽ ڊائريءَ جا ورق) تان کنيل)

 



[1] راقم الحروف (ميمڻ عبدالغفور سنڌي) سان سندس قريبي رشتو آهي. ساڳئي وقت بنده جي وقت بوقت رهبري به ڪندو رهي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا