; سنڌي شخصيتون: استاد وزير علي خان - عاشق حسين ساند

02 September, 2016

استاد وزير علي خان - عاشق حسين ساند

استاد وزير علي خان
سندس ياد ۾
عاشق حسين ساند
ٿڌڙين هوائن واري شهر ٽنڊي آدم جو شمار به انهن شهرن ۾ ٿئي ٿو جن سنڌ کي ساڃاهه وند فرد ڏنا. اهڙن ئي سدا بهار انسانن ۾ گواليار خاندان جي ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جو ڀاءُ ڪلاسيڪل راڳي استاد وزير علي خان به هڪ هو. جنهن پنهنجي ڪلاسيڪل رنگ ۾ سنڌ جو نانءُ روشن ڪيو. مرحوم جي (اڄ) ۱۵ هين ورسي ملهائي پئي وڃي. ورسي جي مناسبت سان استاد جا پونئير استاد جي آخري آرامگاهه پهچي فاتحه خواني ڪري دعا گهرندا جڏهن ته خيرات جي ماني سميت تقريب پڻ منعقد ڪئي ويندي. استاد وزير علي ۱۹۳۸ع ۾ استاد جمالو خان جي گھر، ٽنڊي آدم ۾ ڄائو. جنهن پنهنجي والد استاد جمالو خان ۽ ڀاءُ استاد منظور علي خان کان سکيا ورتي.



استاد وزير علي خان جي ڪلاسيڪل موسيقي تي گرفت ڏاڍي مضبوط هوندي هئي ۽ هو سکيا تمام سٺي نموني سان ڏئي سگهندو هو. هن ۴۰ کان مٿي شاگرد پيدا ڪيا، استاد وزير علي خان راڳ جي سکيا پنهنجي والد استاد جمال خان ۽ پوءِ پنهنجي ڀاءُ استاد منظور علي خان کان ورتي. هن اٺن ورهين جي ڄمار ۾ والد سان گڏ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. سال ۱۹۵۷ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس ڪلاسيڪل موسيقي جو پهريون پروگرام مليو، جنهن ۾ هن راڳ ”هنڊول“ ڳايو. وزير علي خان پنهنجي ڀاءُ استاد منظور علي خان سان گڏ، پي ٽي وي جي اوپننگ ”شروعات“ تي راڳ ”ميگهه“ ڳايو هو. راڳ جي شروعات ”پرچن شال پنهوار“ سان ۽ پڇاڙي ۾ ”راڻو“ ڳائيندڙ استاد وزير علي جي اولاد مان مختيار علي ۽ حمير علي به ڳائين ٿا. استاد وزير علي، تعليم کاتي ۾ سرڪاري ملازم به رهيو. پوءِ هو سچل، ڀٽائي، حمل فقير، جهوڪ يا ٻين ميلن جي محفلن ۾ ويندو هو. هو جڏهن آمريڪا ويو ته کيس خاندان سميت، آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ چيو ويو. کيس خاندان سميت گرين ڪارڊ ڏيڻ جو پڻ چيو ويو پر هن پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ پيار محبت کي نه وسارڻ جو چئي، تمام آفرون ٺڪرائي، واپس آمريڪا مان هليو آيو. استاد وزير علي خان کي ايڪسيلينس ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا ئي ايوارڊ حاصل ڪيائين. هن ڏاڏا فيض علي شاهه، شاهه اسد، مشتاق جسڪاڻي، شريف طالب، محمد شريف خاصخيلي جي صحبت سبب، سنڌي فلمن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي. جنهن ۾ فلم رنگ، پرو ۽ ٻيون فلمون شامل آهن. استاد وزير علي خان ڪيترن ئي راڳن جون ڌنون پڻ ٺاهيون. گواليار گهراڻي جو اهو کل مک يار دوست ۽ هڪ حسين ڪلاسيڪل راڻو وزير علي خان شگر ۽ فالج سبب، سول اسپتال حيدرآباد ۾ ۱۰ آگسٽ ۲۰۰۱ع ۾ صبح جو ۹ وڳي اسان کان وڇڙي ويو. سندس آخري آرامگاهه ٽنڊي آدم شهر جي اسماعيل شاهه قبرستان ۾ آهي.




استاد وزير علي خان
سر ۽ سنگيت جي خدمت ڪندڙ ڪلاسيڪل راڳي
سليمان ساند - ٽنڊو آدم
سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪک مان اهڙا املھه موتي پيدا ڪيا جن پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ وڏو نالو ڪمايو. سر ۽ سنگيت جي حوالي سان گواليار گهراڻو ڏيهان ڏينهن مشهور آهي جن سنڌي موسيقي جي وڏي خدمت ڪئي انهن مان سنڌ جي مهان ڪلاسيڪل راڳي استاد منظورعلي خان جي ڀاءُ سنڌ جي ڀلوڙ ڪلاسيڪل راڳي ننڍي ڀاءُ ۽ تعليم کاتي ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ مرحوم استاد وزير علي خان به هڪ آهي جنهن جي اڄ 16  هين ورسي ٽنڊي آدم ۾ ملهائي پئي وڃي. ورسي جي مناسبت سان استاد جا پونئير ۽ سندس مداح سندس آخري آرامگاهه پهچي فاتحه خواني ڪري دعا گهرندا جڏهن ته خيرات جي ماني سميت تقريب پڻ منعقد ڪئي ويندي. استاد وزير علي خان 1938 ۾ استاد جمالو خان جي گھر ۾ ڄائو. وزيرعلي خان ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي پيءُ استاد جمالو خان ۽ ڀاءُ استاد منظور علي خان کان باقائده سکيا ورتي اٺن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي والد سان گڏ ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ استاد منظور علي خان سان گڏ ڳائيندو رهندو هو. استاد وزير علي خان  بنيادي طور وڏو ڪلاسيڪل گويو هو، هن بابت راڳ جا ماهر چون ٿا ته هو راڳ جي ڄاڻ ۾ تمام گھڻي مهارت رکندو هو.
وزير علي خان استاد منظورعلي خان جي وفات بعد استاد منظور علي خان جي قائم ڪيل ميوزڪ اڪيڊمي پڻ هلائي جتي هن دين محمد دمساز سميت ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا جڏهن ته استاد منظور جي شاگردن محمد يوسف،انور وسطڙو،جڙيل شاھ،دين محمد شيخ سميت ٻين شاگردن کي به سکيا ڏيندو هو. هن کي 1987 ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس ڪلاسيڪل موسيقي جو پهريون پروگرام مليو، جنهن ۾ هن راڳ ”هنڊول“ ڳايو. وزير علي خان پنهنجي ڀاءَ استاد منظور علي خان سان گڏ، پي ٽي وي جي اوپننگ ”شروعات“ تي پڻ راڳ ”ميگهه“ ڳايو هو هن راڳ جي شروعات ”پرچن شال پنهوار“ سان ۽ پڇاڙي ۾ ”راڻو“ ڳائيندڙ استاد وزير علي ڪلاسيڪل استاد سان گڏ هڪ تعليمي ماهر استاد به هو جتي کيس ڊرائنگ ٽيچر مقرر ڪيو ويو جتي هو ٽنڊوآدم ۾ ڊرائنگ جو به ڀلو استاد ليکيو ويندوهو جنهن جا ڪيترائي شاگرد اڳتي نڪري چڪا آهن هن جي پڙهائڻ جو انداز اهڙو ته پيارو ۽ سمجھ وارو هوندو هو جو سندس پڙهايل هر شي ذهنن تي چٽجي ويندي هئي ۽ هي واحد استاد هو جنهن جي ڪلاس دوران ڪو به شاگرد غير حاضر نه هوندو هو.
هو سچل، ڀٽائي، حمل فقير، جهوڪ يا ٻين ميلن جي محفلن ۾ ويندو هو. هو هن ڪيترن ئي پروگرامن ۽ فنڪشنن ۾ڳايو هن مايا ناز گويي کي آمريڪا ۾ ميوزڪ ٽيچر  لاء آفر ڪئي وئي جنهن ۾ کيس خاندان سميت گرين ڪارڊ ڏيڻ جو پڻ چيو ويو پر هن پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ڌرتي واسين کان ملندڙ پيار ۽ محبت کي نه وسارڻ جو چئي تمام آفرون ٺڪرائي ڇڏيون  استاد وزير علي خان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد،ريڊيوپاڪستان ڪراچي ۽ ريڊيو پاڪستان لاهور تي به گھڻو ڳايوپر هن نامياري ڪلاڪار ملڪ جي ناليوارن راڳين مهدي حسن،استاد امانت علي خان سان به گڏ ڳايو. هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ جھوڪ ۾ ايڪسيلينسي ايوارڊ به حاصل ڪيا. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا ئي ايوارڊ حاصل ڪيائين. هن ڏاڏا فيض علي شاهه، شاهه اسد، مشتاق جسڪاڻي، شريف طالب، محمد شريف خاصخيلي جي صحبت سبب، سنڌي فلمن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي. جنهن ۾ فلم رنگ، پرو چانڊيو ۽ ٻيون فلمون شامل آهن. استاد وزير علي خان ڪيترن ئي راڳن جون ڌنون پڻ  ٺاهيون. استاد وزير علي خان جي ڪلاسيڪل موسيقي تي گرفت ڏاڍي مضبوط هوندي هئي ۽  هو سکيا تمام سٺي نموني سان ڏئي سگهندو هو. هن  استاد فتح علي خان، دين محمد دمساز، فدا حسين پنهور، رجب علي خان لاهور، اياز شاهه، غلام عباس کوسو، امداد ڪپري، بچل خان مري، در محمد خان مري، راجو راجڪمار، غلام حسين باريجو سميت 40 کان مٿي  شاگردن کي راڳ جي سکيا پڻ ڏني. سنڌ جو مايه ناز گويو ۽ هميشا مسڪرائيندڙ انسان استاد وزير علي خان شگر ۽ فالج سبب 10 آگسٽ 2001 تي سول اسپتال حيدرآباد ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. ٽنڊوآدم سميت سنڌ واسين، شاگردن، راڳ جي شوقينن ۽ همدردن کي سوڳوار ڪري وڃي پنهنجي والد جمالو خان ڀاء استاد منظور علي خان جي ڀر ۾ اسماعيل شاھ قبرستان ۾ آرامي ٿيو جتي راڳ جا پارکو اڄ به کيس نهايت عقيدت سان کيس ياد ڪن ٿا پر اهڙي ڀلوڙ راڳي جي ڪابه سرڪاري سطح تي تقريب نه ٿي رهي آهي پر سندس شاگرد اڄ کيس راڳ ذريعي جمن شاھ ٽنڊو آدم ۾ کيس ڀيٽا ڏيندا.


No comments:

راءِ ڏيندا