استاد وزير علي خان
سندس ياد ۾
عاشق حسين ساند
ٿڌڙين هوائن واري شهر ٽنڊي آدم
جو شمار به انهن شهرن ۾ ٿئي ٿو جن سنڌ کي ساڃاهه وند فرد ڏنا. اهڙن ئي سدا بهار
انسانن ۾ گواليار خاندان جي ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي خان جو ڀاءُ ڪلاسيڪل
راڳي استاد وزير علي خان به هڪ هو. جنهن پنهنجي ڪلاسيڪل رنگ ۾ سنڌ جو نانءُ روشن
ڪيو. مرحوم جي (اڄ) ۱۵ هين ورسي ملهائي پئي وڃي. ورسي جي مناسبت سان استاد جا
پونئير استاد جي آخري آرامگاهه پهچي فاتحه خواني ڪري دعا گهرندا جڏهن ته خيرات جي
ماني سميت تقريب پڻ منعقد ڪئي ويندي. استاد وزير علي ۱۹۳۸ع ۾ استاد جمالو خان جي گھر، ٽنڊي آدم ۾ ڄائو. جنهن پنهنجي والد استاد
جمالو خان ۽ ڀاءُ استاد منظور علي خان کان سکيا ورتي.
