; سنڌي شخصيتون: ڀڳت ڪنور رام

14 April, 2018

ڀڳت ڪنور رام


ڀڳت ڪنور رام
سنڌ جو امر راڳي
حميد ڀٽو
سنڌ جي فنڪارن ۾ ڀڳت  امر ڪنور رام جو نالو تمام گهڻو وڏونالو آهي  ڀڳت ڪنور رام ۲۵ آڪٽوبر ۱۸۸۵ ڌاري  ديوان تارا چند جي گهر ڳوٺ جروار ويجهو ميرپور ماٿيلي  ۾پيدا ٿيو. ڀڳت ڪنور رام جو والد تارا چند غربت سبب ڳوٺ ۾ چڻا وڪڻندو هو ۽ جڏهن ڀڳت ڪنور رام  ٿورو وڏو ٿيو ته کيس به گهر جو گذر سفر هلائڻ لاءِ چڻن جو ٿال ڀري وڪڻڻ لاءِ هٿن ۾ سندس امڙ شريمتي ڏيندي هئي،  ڪنور رام هوڪو ڏيندو هو ته ننڍا توڙي وڏا هن جي آواز تي گڏ ٿي ويندا هئا. سندس آواز ننڍپڻ کان ئي سريلو هو، ڪنور رام کي پڙهڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هوندو هو پر مفلسي جي ڪري نصابي ۽ ڪتابي تعليم ته حاصل نه ڪري سگهيو پر روحاني تعليم حاصل ڪيائين. سندس ڳوٺ  جي مڙهي ۾ جڏهن صوفياڻو راڳ ٿيندو هو سو ٻڌي ڀڳت ڪنور رام به راڳ ڳائڻ شروع ڪيو. هن راڳ جي ڪا به باقاعدگي سان سکيا يا فني تعليم شروعات ۾ حاصل نه ڪئي. سندس آواز ۾ ميٺاج هو سو کيس ٿوري ئي وقت ۾ مقبوليت ملي وئي. هو پيرن ۾ گهنگهرن جي ڇير ٻڌي نچندو به هو ته ڳائيندو به هو ڳائڻ ڏات آهي، جنهن کي ڏاتر ڏئي. پوءِ ڪي ان کي پيٽ پوڄا جو وسيلو بڻائن. ڪي سنگيت کي پاڪيزه  امر ڪنور، ”آلاپ“ کي سائينءَ جي سوکڙيءَ ڄاڻي ڀڳوان جي ڀڳتي لاءِ ارپي ڇڏيو. امر ڪنور ڀڳت پنهنجي آلاپ جي ابتدا ”سائين جي ساراهه“ سان ڪندو ۽ هميشه پوئين اسر کان شروع ٿي پرهه ڦٽيءَ تائين وڄندو ۽ نچندو رهندو هيو.


سر آسا ۽ پرڀاتي سندس دلپسند سر هوا. اسر ويل اٿي ”الک اورڻ“ جي لئه ۽ سواد جو پتو انهن کي بخوبي هوندو جن ڀنڀرڪي جو اٿي پنهنجو رام ريجهايو هوندو. ڳائڻ سندس دل جي رڳ رڳ کي وڪوڙي ان ۾ سمائجي ويو ھو. امر ڪنوررام جي ڀڳت، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جهڙي هوندي هئي. توڙي جو ان ٻڌڻ لاءِ اوجاڳو ۽ اوسيئڙو ڪڍڻو پوندو هو. ڇاڪاڻ ته هئو مئو ٽري، اڌ رات وهامي اسر ٿئي ته پوءِ ڪنور نڪري نروار ٿيندو. جسم تي جامون پهريل، مٿي تي پڳڙي ۽ ڳچي ڳل ڀوڇڻ جو ڳارو ۽ پيرن ۾ گهنگهرو. ڇيم ڇيم ڪندي ايندڙ ڏسبو ته اهو ئي ٻيئي ٻانهون ٻڌل، ڪنڌ ۽ ڪياڙي نوڙت ۽ نيازيءَ ۾ جهڪيل، هر آئي وئي ۽ هر ويٺل ۽ بيٺل کي نمسڪار ۽ پرنام ڪندي، ميڙ جي وچ ڌاري اچي پنهنجي جاءِ تي بيهندو. جوڙيل هٿ ٽوڙي هڪ ڪن تي ۽ ٻيو هٿ ٻڌندڙ جي سڌ ۾ سڌو ڪندي چپ چوريندو ته پهرين هڪل اها هوندي ته شل ڪا ٻاجهه پويئي. پوءِ شروع ٿيندو ڪلام عارفاڻو يا فقيراڻو. ڪڏهن ڪبير يا فريد جو، ڪڏهن بيڪس ۽ بيدل پر عام طور ”شاهه ڀٽائي“ ۽ ڪنڊڙيءَ جي فقيرن جو ڪلام ڳائيندي ڪنور جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هوندي هئي. آلاپ کي عروج ۽ اوج تي آڻي موج ۾ مست هاٿيءَ جيان پيو نچندو جهومندو ۽ رڙندو. ”مون کي تن ماروئڙن جي، تن سانگيئڙن، تن ڏوٿيئڙن جي، آءُ ڪانگا، آءُ ڪانگا، ڪر ڳالهه مون کي تن پانڌيئڙن جي. امرڪنور جو ڪمال هو جو هر جيءَ ۾ جادو لائيندو هو ۽ محسوس ايئن پيو ٿيندو ته ٻڌندڙ جو اندر مالڪ اڳيان پيو ٻاڪار ته ڪڍ بندياڻي هن بند مون، آئون ٻن ڏيان هن خاڪي ڪوٽ ۽ سندس سونهري ڪنگرن کي.
ورهاڱي کان اڳ ”ڀڳت“ هندو سنڌي ثقافت جو اهم حصو ليکي ويندي هئي. هر ڳوٺ ،شهر ۾ عام ڏڻن، ورسين يا خوشيءَ جي موقعن تي ”ڀڳت“ جو انتظام ڪيو ويندو هو. اڄ ڪلهه جي قوالن جيان ڀڳتن جون ڪيئي ٽوليون هونديون هيون. ڀڳتن ۾ شهري ۽ ڳوٺاڻا هر قسم جا ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا ۽ ماڻهن جي ميڙ جو دارومدار ڀڳتن جي ساک تي هوندو هو.امر ڪنوررام جي ڀڳت هڪ عوامي ميلي جو ڏيک ڏيندي هئي. ماڻهن جي پيهه جو سبب ڪنوررام جي آلاپ کان سواءِ سندس سخا به هئي. جو ڪجهه معاوضو ملندو هيس. اهو ٿڏي تي غريبن ۽ فقيرن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو ۽ کيس ڪافي ڪجهه پلئه پوندو هو. هڙان ته ڏيندو هو پر جي حاجتمند ۽ محتاجن جي حاج پوري ٿيل نه ڏسندو هيو ته ڀڳت دوران پنهنجي جهولي جهليندو هو. پهرياڻ جو پاند هٿن ۾ ڦهلائي هوڪو ڏيندو ته؛ ”ڀائي ڏهه هزاري جهولي آهي جو جس کٽندو ته  سائين سندس ڀلو ڪندو.“ ڪڏهن سندس جهولي خالي نه رهي. جهوليءَ واري رقم سفيد پوش محتاجن وچ ۾ ورهائيندو هو. جن کي نياڻيون اٿارڻيون هونديون هيون تن کي ڏاج ڏياريندو هو. ڪن مٿان وري قرضن جا انبار چڙهيل هئا. ڪي وري ڦڏن ۾ ڦاٿل هئا جنهن جو حل سواءِ ناڻي جي نه هو. رقمون اهڙي مخفي ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ تقسيم ٿينديون، جيئن لوڪ لکا نه پوي ته سوالي ڪير هو ۽ کيس ڇا مليو. اهڙا هزارين سندس ڪارنامن شامل آهن. ڪنور رام جي سخا محدود نه هئي. خيرات ۾ ڪنور ڪنهن جي منهن ڏي ڪڏهن نه ڏٺو. جو آيو سو اگهيو. کيس فقط هي احساس هوندو هيو ته ڪو ماڻهو تڪليف ۾ آهي ۽ سندس ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ سندس فرض ادائي هئي. جڏهن ڪنور جي شاديءَ جي ٿت ٻڌي ويئي ته ٽن ڏينهن کان پوءِ هڪ پرستار، ڪنور کي سندس ڪنوار لاءِ چار جوڙا ڪپڙن جا ڀرت ڀريل ۽ هڪ بوسڪيءَ جو ٿان ساڻ ڪري کيس نذراني طور ڏيئي ويو.
ڪنوررام ڪپڙن جي ڳنڍ وٺي گهر ۾ رکي ڇڏي. ساڳي ڏينهن شام هڪ مسڪين عورت  اچي سندس ڪڙو کڙڪايو. چيس؛ ”ابا سڀاڻي عيد آهي ۽ مون کي ٽن ٻچن جي آڪهه آهي ۽ هڪ جوان نياڻي جا اٿارڻي آهي. جن لاءِ نه اٿم لٽو نه ڪپڙو. آئون بيواهي رن زال ڪٿي در در وڃي هٿ ٽنگيان؟“ ڪنور رام اندر وڃي ڳنڍ کڻي اچي ٻڍڙي مائيءَ جي حوالي ڪئي. چيس؛ ”امڙ وٺ پنهنجي امانت مون صبح کان ويٺي سانڍيم. شڪر ٿيو مال اصلي مالڪن کي مليو.“ ڪنوررام ڀلجي به ڪڏهن پاڻ تي سخاوت جو الزام مڙهجڻ نه ڏنو. هميشه چوندو هو ته ڪنور مون وٽ آهي ڇا جو ڪنهن کي ڏيان. ڏيڻ وارو ٿو ڏئي ۽ وچ ۾ آئون اچي خواهه مخواهه ڦاٿو آهيان.چٺي لکندڙ هڪڙو چٺي وٺندڙ ٻيو پر سرنامو هميشه هوندو ”معرفت منهنجي ۽ ڦري ملي فلاڻي کي.“ ڏيئي نه پچارڻ جي ڏات ڪنور کي حاصل هئي. جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو، ڪنوررام جي وسيلي آلاپ جو پڙلاءِ سندس سنت ۽ سخي هئڻ جي ساک چوڏس چوڌار هڪ کستوريءَ جي خوشبوءِ جيان ڦهلندي رهي. پري پري جا ماڻهو سفر جا جاکوڙا ڪڍي وٽس اچڻ لڳا. پوءِ ڪي سندس راڳ ٻڌڻ، ڪي آسيس ۽ آشيرواد وٺڻ ۽ ڪي فقط درشن پسڻ لاءِ. اسان جي ملڪ ۾ عام ماڻهن خاص طور غريب ۽ مسڪين عوام جي ڏکئي وقت پرگهور لاءِ ڪي به اداره موجود نه آهن. ان باعث اسان جي ديس جا اڪثر ماڻهو ڪنهن سهاري جي تلاش ۾ رهن ٿا. اسان وٽ ويچاري ماڻهوءَ جي بيڪسي ۽ بيوسيءَ جو عالم هي آهي ته جيئرا ماڻهو مئلن وٽ محض هن لاءِ حاضري ڀرين ٿا ته جيئن سندن روزمرهه جي ضرورتن جي پورت ٿئي ۽ سندن مشڪلاتون آسان ٿين.
ڪنور ته جيئرو جاڳندو فرشتو هيو. سو ماڻهن ۾ سندس مڃتا، مقبوليت ۽ عقيدت ان قدر عام ٿي چڪي جو ڪيترن ته آخر کيس ”اوتار“ ڪري پوڄڻ شروع ڪيو. جيڪو سلسلو اڳتي هلي امر ڪنور رام جي سر ڏيڻ جو ڪارڻ بڻيو. جولاءِ ۱۹۳۹ع جي هڪ ڏينهن سکر جي اناج بازار ۾ هڪ مسلم نوجوان جو ڪنهن هندو دوڪاندار سان ”تون ڇا تون ڇا“ ڪندي تڪرار ٿي پيو. انهيءَ دور ۾ بدقسمتيءَ سان هندو مسلم ڇڪتاڻ چوٽ تي چڙهيل هئي ۽ چند هندو تعصبي، باھ ۽ فساد ڦهلائڻ جا ڪوڏيا هئا. مسلمان نوجوان کي اڪيلو ۽ بي هٿيار ڏسي چند بي خبر هندو دوڪاندارن نه فقط سندس بي عزتي ڪئي، پر کيس مارڪٽ پڻ ڪئي. نوجوان واپس ڳوٺ ورندو ويو ۽ ڀنڀور کي باهه لڳندي ويئي جن فسادن سنڌ کي نقصان ڏنو.
تن ڏهاڙن ۾ سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ منزل گاهه وارا فساد شروع ٿيا. جنهن ۾ ڪيترائي سنڌي هندو ۽ مسلمان انهيءَ واقعي جو شڪار ٿيا جنهن دوران  ڀڳت ڪنور رام جڏهن مانجهد شهر مان ڀڳتي ڳائي پنهنجي ننڍڙي نياڻي شانتي سان گڏ پنهنجي ڳوٺ جروار ڏانهن وڃڻ لاءِ رڪ ريلوي اسٽيشن تي پهتو ته اتي ٻه همراهه مليس جن امر ڪور رام ڀڳت کي چيو ته دعا ڪر ته اسين جنهن مقصد لاءِ نڪتا آهيون سو حاصل ٿئي. ڀڳت جواب ۾ چين ته توهان جا ٻيڙا پار آهن. اوهان جو ڪم ٿي ويندو ۽ ڀڳت ريل جي بوگي ۾ ويٺو، انهن ئي ٻنهي همراهن ريل هلڻ سان ئي بندوقون سڌيون ڪري مٿس فائر ڪري ڀڳت کي ابدي ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو، سڄي گاڏي ۾ گوڙ ٿي ويو. اهو ڏينهن پهرين نومبر ۱۹۳۹ع جو هو ڀڳت زخمي حالت ۾ رڪ ريلوي اسٽيشن کان گوسڙجي ريلوي اسٽيشن تائين زندگيءَ ۽ موت جي جنگ وڙهندو رهيو ۽ ڀڳت تڙپي رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته، سندس قاتلن کي ڪجهه به نه چئجو. ڀڳت ڪنور رام جي قاتلن مان هڪ جو نالو احمد جلباڻي هو. ڀڳت پٺيان صرف اوڏڪي جاءِ ڇڏي هئي. سندس مڙهه گهوٽڪي کان پيدل جروار تائين آندو ويو ۽ هزارين ماڻهو ان مڙهه سان گڏ اوڇنگاريون ڏيندا روئيندا رهيا. هو هن دو رنگي دنيا مان اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو، اڄ ڀڳت ڪنور رام کي سنڌي هندو وڏي عقيدت سان ڏسن ٿا ۽ وڏو درجو ڏين ٿا. جڏهن ته ڀڳت ڪنور رام جي پونئيرن ۾ سندس فيملي سنڌ ڇڏي انڊيا جي مختلف شهرن ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ڀڳت ڪنور رام جي نالي آشرم قائم ڪيو آهي امر ڪنورام جو نالو هميشھ زندهه آھي زندهه رهندو. امر ڪنورا رام جي قاتلن تي ھميشھ ڦٽڪار وسندي رھندي، دنيا پھرين نومبر ۱۹۳۹ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مذمت سان گڏ انهن ظالمن تي ملامت ڪندي پئي اچي، ڀڳت ڪنور رام جي آخري آرامگاھ  سچي سترام داس جي قدمن ۾ آهي، سندس اها ”لولي لال نون ڏيوان“ نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو.“ ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان! آءُ ڪانگا رھ رات.“ جهڙا عظيم شاهڪار گيت دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ بڻيل آهن، هن تي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب لکڻ سان گڏ هندي سنڌي فلمون به ٺاهيون ويون آهن، اهڙي ماڻڪ ڪردار کي دنيا اڄ به ياد ڪري ٿي.


ڀڳت ڪنور رام
امر راڳي
آچر خاصخيلي
اسان هر وقت فخر سان اهو چئي سگهون ٿا ۽ دنيا ۾ ڳاٽ مٿي ڪري هلي سگهون ٿا ته اسان ان خطي ۾ رهون ٿا، جتي پيار، امن ۽ پنهنجائپ جو سلسلو صدين کان هلندڙ آهي. ماضيءَ ۾ ڏسبو ته ڪڏهن به سنڌ جو خطو نفرتن جي ويجهو نه ويو آهي، جنهن جو سبب اسان جا صوفي بزرگ شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل، سامي ڀڳت ڪبير، سنت ٽيئون رام يا اڏيرو لال جهڙا درويش آهن، جن وٽ صرف محبت جو ئي درس هو. اهڙو محبت وکيريندڙ ’نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو‘ جهڙا آلاپ ڏيندڙ امر شهيد ڀڳت ڪنور رام به آهي. ڪنور رام ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ ۾ سکر ضلعي جي ڳوٺ بيگن جروار ۾ تاراچند جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس امڙ جو نالو تيرٿ ٻائي هو. سندس نالو ان وقت جي هڪ وڏي سنت پاران ڪنور رام رکيو ويو. ڪنور رام ننڍپڻ کان الله لوڪ ۽ انسان دوست هو. ڀڳت ڪنور رام ڀڳتي جي سکيا صوفي بزرگ سترام داس کان حاصل ڪئي. هن سنڌي ۽ فارسي ۾ تعليم حاصل ڪئي. هو هڪ بهترين صوفي راڳي ۽ شاعر هو. پاڻ ۱۹۳۳ ۾ هڪ وڏي زميندار ۽ سيٺ اوٽو مل جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائون.
هن جي محفلن جو محور هند ۽ سڄي سنڌ هئي. هو جتي به ويندو هو ته هن کي احساس غريبن جو هوندو هو. جتي به ڪو غريب ڏسندو هو ته پنهنجي راڳ مان مليل سڄي رقم انهن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، پر جي کٽي به پوندي هئي ته هو جھولي جھلي محفل ۾ پني به ان ضرورتمند جي پورت ڪندو هو. هو غريب نياڻين جي شادي ۾ به ضرورتمندن جي گھڻي مدد ڪندو هو. هن ”لولي لال نون ڏيوان، نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو“ جهڙا شاهڪار گيت ڏنا. لولي نما اهي گيت هر انسان ۾ راحت پيدا ڪري ڇڏيندا هئا. ڀڳت ڪنور رام درگاهن، دربارن ۽ صوفين جي آستانن تي وڃي محفلون ڪندو هو.
قصو ٻڌائن ٿا ته هڪ ڏينهن ٽنڊي آدم ۾ سنت ٽيئون رام جي ٿلهي تي صوفين جي محفل هلي رهي هئي، جنهن ۾ هند سنڌ جا وڏا صوفي سنت صوفياڻو پيغام عام ڪرڻ آيا هئا، جتي راڳ جاري هو، اتي هڪ غريب نينگر جيڪو پاڻي پياري رهيو هو ۽ ڀڳت ڪنور رام ڳائي رهيو هو. ان دوران ان نينگر کان رش جي ڪري پاڻيءَ سان ڀريل وٽو هٿ مان ڪري پيو ۽ سيٺ جي ڪپڙن تي هارجڻ سبب ان سيٺ غريب کي چماٽ وهائي ڪڍي. اتي ڀڳت ڪنور رام ڳائڻ بند ڪري ڇڏيو. چوندو رهيو ته مالڪ سڀني جو هڪ آهي پوءِ هي گھمنڊ ڇاجو؟ جيستائين سيٺ نينگر کان معافي نه وٺندو آئون نه ڳائيندس. ان محفل ۾ ويٺل ڪيترن ئي ماڻهن کيس منٿون ڪيون پر سيٺ ڪنهن جي به نه مڃي. اتي ويٺل صوفين به چماٽ هڻندڙ سيٺ کان اهو مطالبو ڪيو ته هو نينگر کان معافي وٺي پر سيٺ چواڻي ته آئون هڪ هاريءَ کان معافي وٺان؟ نه ائين نه ٿيندو. تنهن تي ڀڳت ڪنور رام ناراض ٿي اهو چئي روانو ٿيو ته آئون هاڻ ٽنڊي آدم شهر ۾ ايستائين نه ايندس ۽ راڳ نه ڪندس جيستائين سيٺ معافي نه وٺندو. ڪيترن سالن تائين هن کي شهر جي سڪ ستائيندي رهي پر واعدي جو پابند هجڻ ڪري هو شهر اندر نه آيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن شهر کان ٻاهر اچي سنت ٽيئون رام سان ملي هليو ويندو هو. هن انمول هيري جي ۱۳۳ هين جنم ڏڻ تي هند سنڌ سميت راڳ جا ڄاڻو ۽ انسانيت جا پيروڪار، هن وڏي ڪردار کي ڀيٽا ڏئي هن املھ ڪردار کي اڄ سونهري لفظن سان ياد ڪن ٿا.



ڀڳت ڪنور رام
[ ۱۸۸۵ع – ۱۹۳۹ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مشهور صوفي سنت ۽ پريمي ڀڳت، ڪنور رام پٽ تارا چند گدواڻي، ۲۲ آڪٽوبر ۱۸۸۵ع تي وسپت (خميس) جي ڏينهن، سکر ضلعي ۾، تعلقي ميرپور ماٿيلي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”جروار“ ۾ اک کولي. سندس پتا هڪ مسڪين واڻيو هو. سندس مانا (ماءُ) جو نالو شريمتي تيرٿ پائي هو، جيڪا پڻ حليم سڀاءَ ۽ ماٺيڻي طبيعت جي مالڪ هئي. ڪاڪو تاراچند گدواڻي مدت کان اولاد لاءِ آسائتو هو، ڌڻيءَ سندس راه کولي؛ جنهن ڪري اُن وقت جي ساڌو صوفي ڀڳت، ڀائي سترامداس ”سڪايل“ (۱۸۳۱ع – ۱۸۹۹ع) جي دعا سان کيس پٽ ڄائو؛ جنهن جو نالو به سندس ئي منشا موجب ”ڪنور رام“ رکيو ويو.
صوفي سترامداس، اصل روهڙيءَ لڳ هڪ ننڍڙي واهڻ (ڳوٺ) جو رهواسي هو. عقيدي جي لحاظ کان هندو ڌرم رکندڙ هو، مگر تصوف ۽ ويدانيت جي رنگ ۾ سنڌي شاعري به ڪئي اٿس. خاص ڪري سندس ڪافيون، وائي جي ٽيڪنڪ (يعني هر بند هڪ مصرع جو) تي تربيت ڏنل آهن. سندس خيالن جي وسعت ايتري تائين وڌيل هئي جو مسلمان صوفي فقيرن جي صحبت ۾ رهندي، ڪافي ڌرمي درس ورتو هئائين. اِهوئي سبب هو، جو عام و خاص وٽ سندس لاءِ وڏي مڃتا هئي. هو گرمکي زبان چڱي لکي پڙهي ويندو هو. ازانسواءِ سٺو ڀڳتي پڻ هو.
ننڍڙي نينگر، ڪنور رام به پهريائين ديوان هاسارام آهوجا (۱۸۴۷ع – ۱۹۰۲ع) لاڙڪاڻي واري وتان ڪجهه ڌرمي ڪتاب پرهي، سڌو اچي ڀائي سترامداس وٽ شيوا لاءِ چرنن ۾ گوڏا ڀڃي پاڻ ارپيائين، بس، پوءِ ته ساڌوءَ جي سنگت ۾ رهي ”ڀڳت“ (۱) به سکيو. تان ته ساڌوءَ جي سرڳواس بعد پاڻ اڪيلي سر ڀڳت وجهندو هو.
ڪنور رام، ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾، ديوان اوٽو مل منگهرياڻي جي ڌيءُ سان شادي ڪئي، جتان کيس هڪ پٽ پيدا ٿيو؛ جنهن جو نالو ”گوبند رام“ رکيائين. ڀڳت صاحب جي آواز ۾ ايترو ته تاثير هو، جو ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا هئا. سندس رعب دار چهري مان ڪڙڪيدار آواز لاءِ، ٻڌندڙ پري پري کان ڪهي اچي، محفل مچائيندا هئا. پاڻ خاص ڪري رات جي پوئين حصي ۾ ڳائيندو هو؛ ايتري تائين جو باک ڦٽيءَ تائين سندس آواز جو جادو جٽادار هوندو هو. ٻڌندڙ سندس آواز مان ايترو ته لطف اندوز ٿيندا هئا، جو هڪ پل به پري ٿيڻ، سعادت کان محرومي سمجهندا هئا. سندس واسطو ”نانڪ پنٿي“ سلسلي سان هيو. غالباً ۵۳ ورهين جي عمر ۾، مانجهند جي ميلي تان موٽندي، جيئن ئي سکر واري سواري (ريلي گاڏيءَ) ۾ سوار ٿي رڪ اسٽيشن تي پهتو، ته حافظ محمد صديق پنهور رح (۱۸۲۷ع – ۱۸۹۰ع) جي هڪ جان نثار مريد، جان محمد جلباڻيءَ آرتوار (آچر)، ۲ نومبر ۱۹۳۹ع تي انتقامي ڪارروائيءَ دوران، بندوق جو نشانو بڻائي، هميشہ هميشہ لاءِ سندس انت آندو. (۱) سندس اَگني سنسڪار، جروار ڳوٺ ۾ ٿيو. سندس جيون چتر، شري تيرٿ بسنت صاحب ۱۹۴۱ع ۾ ڪتابي صورت ۾ عام ڪيو هو.
شاه، سچل ۽ ساميءَ جي هن سر زمين تي اِنهيءَ ڪلور، مسلمانن ۽ هندن ۾ تعصب جي ويتر باه ڀڙڪائي ڇڏي؛ جنهن ڪري ڪيترائي بي گناه جيو جهان ڇڏي ويا.
(۱) – هندو ڳائڻا ڪن خاص موقعن تي ”ڀڳت“ وجهندا آهن؛ جنهن ڳائڻ سان گڏ نچندا به آهن. اُنهن جو نچڻ مخصوص قسم جو هوندو آهي؛ ۽ ”هندو ميٿالاجيءَ“ (ديو مالا) سان سندن خاص تعلق هوندو آهي. ڀڳت ڪرڻ (وجهڻ) وارو ”ڀڳتي مرد“ هوندا آهن، جيڪي عورتن جو ويس ويڙهي، ساڙهي پاڻي ۽ پيرن گهنگهرو وجهي (پائي) متل محفلين ۾ اچي ڀڳت وجهندا آهن؛ حاضرين کي خوب خوش ڪندا آهن. ڀڳت (مسخرا)، پنهنجي ڀڳت وجهڻ کان اڳ ”سرڪلياڻ“ مان هڪ ”پرار ٿنا“ (گيت) ڳائي پوءِ ڀڳت وجهندا آهن. ”ناچ“، ڀڳت جو روح آهي. [ ”سنڌي انسائيڪلو پيڊيا“ – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، (قلمي)، ۱۹۸۰ع صفحو ۲۹۱].
(۱) – ڀڳت ڪنور جي موت کان ۲۱ ڏينهن اڳ، سکر ۾ پير صاحب ڀرچنڊي شريف جي ڀائٽي، ميان عبدالله پنهور عرف ”هادي سائينءَ“ کي ڪن ڪٽر هندن سخت تنبيهه ڪئي هئي، آخر وڳوڙ وڌي ويو؛ جنهن ڪري مشهور مهاسڀائي ليڊر، ڊاڪٽر مونجي تلوار ڪڍي، مسلمان ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو هو.



ڀڳت ڪنوار رام
سنڌ جو مهان انسان
ڊاڪٽر لاڌو رام بي ڪرمچنداڻي
ڀڳت ڪنور رام صاحب سنڌ ماتا جي سڀني ڀڳتن ۾هڪ نيارو پد رکي ٿيو. سندس جنم ۳ اپريل ۱۸۸۵ع ۾ ميرپور ماٿيلو شهر جي ويجهو هڪ ڳوٺ جروار ۾ ڀائي تاراچند جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد بنهه هڪ غريب انسان هو. جيڪو پاڻ ”ڪوهر“ وڪڻي پيٽ پاريندو هو. واضح رهي ته پاڻي ۾ ٻاڦيل چڻن کي ٻين لفظن ۾ ”ڪوهر“ به چئبو آهي.
ڀڳت ڪنور رام صاحب کي ننڍپڻ ۾ ئي چڻن جو ٿالهه وراثت ۽ ميراث ۾ مليو. ننڍڙو ڀڳت ڪنور رام جڏهن ”ڪوهر، وڪڻڻ جو هوڪو ڏيندو هو ته سندس مٺڙي ۽ سريلي آلاپ تي ننڍا توڙي وڏا گڏ ٿي ويندا هئا.
جيتوڻيڪ جنهن کي ”ڪوهر“ نه وٺڻا هوندا هئا سو به خوش ٿي خوشي سان ”ڪوهر“ وٺي ويندو هو. ڇاڪاڻ ته قدرت کيس آواز ۾ وڏو ميٺاج بخشيو هو. ڀڳت ڪنور رام صاحب کي ننڍپڻ ۾ ئي پڙهڻ  لکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو پر غربت ڪارڻ ڪنهن پاٺشالا مان (تعليم)  پرائڻ واري شوق کي ڏسندي کيس پنهنجي ست گوسنت سترام داس صاحب وٽ روحاني تعليم پرائڻ لاءِ ڇڏيو، جتي ”ڪوهر، وڪڻڻ کانپوءِ سنت سترام داس ڌام جي وڃي روحاني تعليم پرائڻ شروع ڪيائين. جتي ان وقت جا ناميارا ڄاتل، سڃاتل ۽ مڃيل ڀڳت، سنت، گويا، راڳي ۽ ڪلاڪار ڀڳتي ۽ ست سنگ، راڳ ۽ ويراڳ جون ڌرمي سڀائون سينگاريندا هئا. اتي ڀڳت ڪنور رام صاحب راتين جون راتيون جاڳي ويهندو هو. راڳ ٻڌڻ وقت کيس اها سُڌ نه رهندي هئي ته هو ڪٿي آهي.
جنهن کانپوءِ ڀڳت ڪنور رام صاحب کي ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو.
هميشه ڀڳت ڪنور رام صاحب ساڻ ڀڳت ۾ ڏهاڪن ۾ محتجاج، معذور، اپاهج، بيمار، بي وسي ۽ گهرج مند هوندا هئا. ڀڳت ڪنرو رام صاحب نهايت ئي کلمک، ساده لوح انسان، انسان دوست، لطيف شناس، اصول پرست، هيڻن جو هڏ ڏوکي، غريب نواز، رحمدل، محسن، ملنسار، خاڪسار، خدمتگار انسان هو.
سندس پوشاڪ ۾ مٿي تي پڳڙي، ڪنن ۾ ڪنڍل، ڳلي ۾ ڪپڙو، تن تي جامون ۽ پيرن ۾ ڇير هوندي هئي اهو ڀڳت مهل سندس نيم (اصول) هوندو هو.
ڪيئن ريجهايان تو کي، ڪيئن پرچايان تو کي، ڏس ڪو ڏانءُ
يا ٿيان ناچو پيان پيش واري، ڌڪڙ ڌمچر ساز آوازي
ڦيرڙي پيان، ڇير ڇمڪايان، ڏس ڪو ڏانءُ.
ڀڳت ڪنور رام صاحب جي مخصوص ۽ منفرد انداز ۾ ڏوهيڙي ڏيڻ، ڳائڻ ۽ ڇير هڻڻ تي سندن پرستا ۽ پارکو بي خودي جي ڪيفيت ۾ کيس مڃتا ۽ ڀيٽا ڏيندي مٿس نوتن جي زوردار برسات ڪري ڀرپور داد ڏيندا هئا. پر ڀڳت ڪنور رام صاحب پاڻ ان انعام اڪرام ۾ تمنا ڪونه رکندو هو ۽ اهو سندس سر تان نڇاور ڪيل عوامي صدقو وري به بيواهن، يتيمن، غريبن، مسڪينن، بيمارين، بي وسن، محتاجن ۽ گهرج مندن ۾ مالي امداد طور ورهائي ڇڏيندو هو. ڀڳت ڪنور رام صاحب کي جڏهن به ڪو سوالي مالي امداد لاءِ سوال ڪندو هو ته پاڻ نماڻي انداز ۾ سائل سوالي کي چوندو هو ته ايشور پريتي (في سبيل الله) جهولي منهنجي ۽ نصيب تنهنجو!
تيرا تجهه کو ارپن ڪيا لاگي ميرا.
پاڻ سڄي سنڌ ۾ جتي به کيس قرب جي ڪوٺ ملندي ئي اتي بنا في ۽ بنا ڀاڙي جي ضرور ويندو هو. هگڻو تڻو جنهن وسندي ۾ جتي به سيٺين جون رائيس ملون، فلور ملون، آئل ملون ۽  ڪاٽن جننگ اينڊ پريسنگ فيڪٽريون هونديون هيون اتي رات جو ڀڳت ڪندو هو.
وسندي جي مکيه چؤنڪن تي لائوڊ سپيڪر لڳايا ويندا هئا. جتي شهر واسي ۽ ڳوٺ واسي هڪ ئي وقت ويهي راڳ ٻڌاندا هئا.
سڄي رات پريم رس ونڊبو ۽ ورڇبو رهندو هو. هميشه ڀڳت جي پڄاڻي تي پرڀات جي امرت ويلي امن جو سفير ڀڳت ڪنور رام صاحب سنڌ ۾ سنڌي قوم لاءِ پلئه پائي پريميشور کان پرارٿنا ڪندو هو. اهڙيءَ ريت هندو مسلم کي ويجهو آندائين.
ڀت ڪنوررام صاحب ساڻ ڀڳت ۾ ڪجهه ننڍڙا نالي ماتر راڳي پڻ هوندا هئا. انهن کي به پاڻ ڀڳت دوران چوندو هو ته ڀائي هڪڙو ڏهيڙو ته تون به ڏي اتي ان مان اهو سؤ في سيڪڙو ثبوت ۽ مليل ٿو ملي ته انهن ننڍڙن راڳين جي پاڻ حوصلا افزائي سان پذيرائي ڪري انهن جو مان مٿانهون ڪندو هو.
ڀڳت ڪنور رام صاحب ورهاڱي کان اڳ مسجد منزل گاهه سکر وارن هندو مسلم ڪش مذهبي فسادات ۾ پران ڏنو، درحقيقت ڀڳت ڪنور رام صاحب جڏهن دادو ضلعي جي ڪنهن ڳوٺ مان ڀڳت ڳائي واپس پنهنجي ڳوٺ وڃڻ لاءِ رڪ ريلوي اسٽيشن تي پهتو ته اتي ڪي ٻه شخص ڀڳت ڪنور رام صاحب کي مليا ۽ پيرين پئي چيائيون ته؛ ”دعا ڪجو ته اسان جنهن مقصد لاءِ نڪتا آهيون. اهو مقصد پورو ٿئي.“ ڀڳت صاحب انهن ٻنهي شخصن کي غور سان ڏسي مرڪندي چيو ته؛ ”اوهان جو مقصد پورو  ٿيندو. اوهان جا ٻيڙا پار آهن.“
ايئن چئي پاڻ اچي ريل گاڏيءَ جي دٻي ۾ ويٺو. ريل گاڏي جڏهن هلڻ لڳي ته انهن ساڳين شخصن، انسانيت جي ويرين، جن ڀڳت ڪنوررام صاحب کان دعا پني هئي، تن بندوقن جا منهن کولي سڌا فائر ڪري ڀڳت صاحب کي سخت زخمي ڪري وڌو. ڀڳت ڪنوررام صاحب زخمي حالت ۾ رُڪ ريلوي اسٽيشن کان گوسڙجي ريلوي اسٽيشن تائين لڇندو رهيو ۽ سندس زبان تي اهي لفظ هئا ته سندس قاتلن کي ڪجهه به نه چيو وڃي. ڀڳت صاحب انهن اشڀ گهڙين ۾ لڇندي لڇندي پراڻ ڏنو.
اهو دک دايڪ ڏينهن پهرين نومبر ۱۹۳۹ع جو هو. سندس آخري آرام گاهه ڏيوري صاحب رهڙڪي صاحب جي قبرستان ۾ واقع آهي. جتي سندس جنم اشٽمي ۱۳ اپريل تي دستور مطابق هر سال عقيدت ۽ احترام، شايان شان ۽ وڏي ڌام ڌوم سان چار روزه جشن ميلو ملهايو ويندو آهي.



ڀڳت ڪنور رام
نالي اَ لک جي ٻيڙو تارِ منهنجو..
اسد ممتاز رڏ
”ڀڳت“ سنڌي ٻولي ۾ هن وقت مروج ٿيل لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي، ڀڄن ڳائيندڙ ڀاءَ. سنڌو تهذيب ۾ حضرت  عيسيٰ جي پيدائش کان ۶۰۰ سال اڳ ڀاڳوت ذات جا ماڻهو جيڪي ڀڄن ڳائيندا هئا، اهو آهستي آهستي سنسڪرت لفظ ڀڪت کان بگڙجي ڀڳت ۾ تبديل ٿي ويو. اڄ کان ۱۳۲ سال پهريان ۱۳اپريل ۱۸۸۵ع سومر جي ڏينهن سنڌو تهذيب جي ننڍڙي شهر ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ ”جروار“ جي ننڍڙي زميندار تاراچند جي گھر هڪ سلڇڻو ۽ سٻاجڙو ٻار پيدا ٿيو. هڪ صوفي بزرگ سنت کوتارام نئين ڄاول ٻار جو نالو ڪنور رام رکيو. شـروع ۾ ڪـنور رام ســنڌي پڙھي ۽ فارسي پڻ سکي، ڪنور رام ڪڏھن ڪڏھن پنهنجي پيءُ جي ٻنيءَ تي جھار ھڪليندو ۽ نار پڻ  ھلائيندو ھو. جوان ٿيو ته پٽ باهه کي جھڪو ڪرڻ لاءِ پورهيو ڪيائين، هن  ڳوٺ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ ڀائي ھاسارام کان گُرمکي به سکي. اتان ئي ڪنور رام، سترامداس جي سُنگ ۾ شامل ٿيو. ڀڳت ڪنور جي سال ۱۹۰۳ع اوتو مل جي نياڻيءَ سان شادي ٿي. ڀڳت ڪنور رام وٽ ھندو مسلم جو مت ڀيد نه ھو، هن وٽ ڪو به سوالي ايندو هو ته خالي موٽي نه ويندو ھو. هو  بنا ٻانهون ٻڌڻ جي ئي شايد ڪنهن سان مخاطب ٿيو هجي، معلوم ائين ٿيندو هيو ته ڄڻ کيس ٻنهي هٿن  جي ڪراِين ۾ آزي ۽ عاجزي جون هٿڪڙيون پيل هيون. جي عاجزي سندس عادت هئي ته راڳ سندس عبادت هئي ، راڳ سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو  ۽ ڪنور ساز  بڻيو ۽ رام هن جي آخري منزل ٿي. ھن پنھنجي آواز جي جادوءَ ۽ انداز سان سنڌ ۾ ڀڳتي گائڪيءَ جو نئون بنياد وڌو. ڀڳت ڪنور رام واحد راڳي ھو، جنھن راڳ جي ڪمائي غريبن ۽ نادارن جي مدد لاءِ ڪتب آندي. ماسٽر چندر اعتراف ڪندو هو ته ھن ”اڏر وڃ طوطل ماڙيءَ“ وارو ڪلام، ڪنور رام کان سکيو ۽ ڳايو. ڪنور رام گھڻو ڪري آخر ۾ ”راڳ مارو“ ڳائيندو ھو ۽ ھر محفل جي پڇاڙي ”مارو“ راڳ ڳائي ڪندو ھو.
ڀڳت ڪنور جو ”مارو“ راڳ ڳائڻ جو سبب اھو ھو ته جيئن انسان کي ”موت“ جي يادگيري رھي.نامياري اديب علي احمد بروھيءَ ڪنور رام بابت ھڪ ھنڌ لکيو آهي ته ”ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ نه ٻڌوسين ۽ نه ڏٺوسين، پر اسان ھڪ اھڙو سخي ڏٺو، جيڪو ڏيئي نه پچاري، ڪنور رام، ڀڳتيءَ جو جيڪو انداز اختيار ڪيو، سا سڌو سنئون صوفياڻي ثقافت  جي عڪاسي ھئي. جامو ۽ ڇير، خاص ڪري ڪنور رام ئي متعارف ڪرائي، ڀڳتي ۽ لوڪ رس گائڪيءَ جو باني ڀڳت ڪنور رام ڪنورھو. ڀڳت ڪنور جي ٽولي سنڌ ۾ مثالي هئي. ڪنور رام زندگي جو آخري راڳ مانجهند شهر ۾ ڳايو. مانجهند شهر مان ڳائي ريل ۾ چڙهي دادوءَ ۾ لٿو ۽ اتان ٻيءَ گاڏيءَ ۾ سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي پھتو ته گاڏي ڇٽڻ بعد انسانيت جي دشمن هڪ وحشي شخص  بندوق جا فائر ڪري کيس زخمي ڪري وڌو. گاڏيءَ ۾ علاج نه ٿيڻ سبب باگڙجي اسٽيشن  تائين ڀڳت جو رت وھڻ ڪري امن، شانتي، پيار ۽  محبت جو درس ڏيندڙ، ڌرتي ماتا جي پوڄا ڪندڙ عالم انسانيت  سان محبت ۽ ايمان رکندڙ عظيم صوفي درويش،  وڃي حقيقي مالڪ سان مليو .
سکر، روھڙيءَ ۽ ٻين شھرن ۾ ھندو توڙي مسلمان هن افسوسناڪ حادثي تي غم کان ڏاڍو مشتعل ٿيا. اھو  جيءَ کي جهوريندڙ حادثو ۱ نومبر ۱۹۳۹ع تي ٿيو ۽ سندس اگني سنسڪار ۲ نومبر تي ڪيو ويو، سندس آخري آرام گاھه رھڙڪيءَ ۾، سنت سترام داس جي قدمن ۾ آھي. هڪ ننڍي شهر ۾  جنم وٺندڙ امر ڀڳت ڪنور رام هڪ ٻئي ننڍي شهر رُڪَ ۾ قتل ٿيو. چيو وڃي ٿو؛ ڀڳت ڪنور کي قتل ڪندڙ ڀر چونڊي درگاهه جو هڪ مريد هو، سکر  شهر جي مارڪيٽ ۾ ڀر چونڊي پير جي پٽ کي هڪ هندو پاران پار ڏيڻ تي انهن اهم ترين شخص جي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، رڪ اسٽيشن تي جنهن شخص ڀڳت کان پرساد گھريو، تنهن شخص ئي ڀڳت کي قتل ڪيو. هڪ دلير، هڪ روا دار، هڪ مهذب ۽ هڪ انسان دوست کي قتل ڪيو ويو، سنڌ ڌرتي اڄ ڏينهن تائين رواداري لاءِ سڪي رهي آهي ۽ اڄ به امر شهيد ڀڳت ڪنور رام کي ياد ڪري رهي آهي.



ڀڳت ڪنور رام
سنڌ جو مهان راڳي ۽ انسان دوست، امر شهيد
واجد علي عاجز
سنڌ جي سٻاجهڙي ڌرتي پنهنجي ڪک مان ڪيترن ئي مهان ڪلاڪارن آرٽسٽن، راڳين ۽ امن جي علمبردارن کي جنم ڏنو آهي، جنهن مان ڀڳت ڪنور رام پڻ هڪ آهي. ڀڳت ڪنور رام سن ۱۸۸۵ع ڌاري ضلعي گهوٽڪي جي تعلقي ميرپور ماٿيلي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جروار ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو تارا چند ۽ امڙ جو نانءُ تيرٿ ٻائي هيو، تارا چند کي اولاد نه هيو، هڪ ڀيري سنت سوامي سائين سترام داس اوچتو جروار پهتا، جنهن جي تارا چند ۽ سندس گهرواري تيرٿ ٻائي ڏاڍي شيوا ڪئي، هنن جي شيوا ڏسي  سترام داس ڏاڍو خوش ٿيو ۽ تاراچند کان پڇيائين ته توکي ڪهڙي شيءِ جي طلب آهي.
تاراچند هٿ ٻڌي وينتي ڪئي ته سائين اولاد جو سڪايل آهيان، ايئن چوندي سندس اکين مان نير وهي نڪتا ۽ سترام داس دعا ڪئي ۽ چيو ته دل نه لاهه تنهنجي سڪ جلدي پوري ٿيندي ۽ سندس ان دعا رنگ لاتو ۽ هڪ ڏهاڙي سندن سڪايل هنج ۾  گل جهڙو ڪنور ٽڙي پيو ڪنور جو نالو سنت کوتا رام رکيو ۽ کيس دعا ڪئي ته ”ٻچڙا ڪنور سدائين خوش هوندين ۽ ساري سنڌ هنڌ کي ياد هوندين جڳ جڳ ۾ تنهنجو نالو روشن هوندو. ڀڳت ڪنور رام جا وڏڙا غريب هوندا هيا، وٽن هڪ ٻنيءَ جو ٽڪرو هوندو هيو پوءِ ڀڳت جي پيءُ جروار شهر ۾ هڪ ننڍڙو دڪان کوليو، جنهن جو سامان گهوٽڪي شهر مان ڀائي چوئٿ مل گدو مل جي دڪان تان وٺي ايندا هيا، ڪنور رام اڃا ٻالڪپڻي ۾ ئي هيو ته سندس پيءُ هڪ گوسائين جوڳين (سنت) کي سونپي ڇڏيو. ڪجهه وقت بعد پيءُ ۳۰۰ رپيا ڏئي پنهنجي پٽ جي ٻانهن ڇڏائي.
ڀڳت ڪنور رام کي ۵سال جي عمر ۾ هندي سنڌي اکر پڙهڻ لاءِ ماستر ڏائو مل وٺ ويهاريو ويو جتي سندس سئوٽ حڪومت رام به اڳ ۾ اهي اکر سکندو هيو. ڪنور رام ڏاڍو ذهين هيو، تنهنڪري سندس استاد جو جو مٿس ڏاڍو ڌيان هيو، ننڍپڻ ۾ ئي ڀڳت ڪنور جي ڳلي ۾ من موهيندڙ مرلي ڏسي سندس پيءُ گائن وڌيا سکڻ لاءِ حيات پتافي جي ٽڪاڻي تي موڪليو، جتي هن گائن وڌيا جو اڀياس ڪيو، ڪنور رام جو ننڍي هوندي ئي اهڙو آواز هيو جو ماڻهو ته ڇا پر پکي به پنهنجا آکيرا ڇڏي اچي هن گهوٽ جي گهائيندڙ آواز کي ٻڌندا هيا، جڏهن هو لولي ڳائيندو هيو ته روئيندڙ ٻار ماٺ ٿي ويندا هيا.
جنهن لاءِ مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب جنم گذاريم جن سين ۾ لکي ٿو ته” جڏهن آءُ ڀڳت جو ڪلام آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه ٻڌندو آهيان ان وقت کاڌو کائيندو هجان يا پڙهندو هجان ٻئي ڪم ڇڏائي ويندا اٿم.
ڀڳت ڪنور جيترو مٺڙي آواز ۽ آلاپ سان مشهور هيو اوترو ئي سخاوت ۽رحمدلي ۾ به هڪ ڀيري ڪنور رام شهدادڪوٽ ۾ اڃا ڀڳت وڌي ته هڪ فقير دانهن ڪئي “خالي جهولي ڀري ڏئي ٻچا پيا بک مرن“ ڪنور پنهنجي جهولي مان مٺ ڀري فقير کي ڏني فقير ڏٺو ته اهي سڪا چاندي جا نه پر ٽرامي جا آهن، سو ڪاوڙ مان اچي ڀڳت جي منهن ۾  هنيائين کيس گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو، ڀڳت ڪنور کي خاصو ڌڪ لڳو، ڀڳت جا پريمي ان فقير تي ڪاوڙجي پيا پر ڪنور رام هڪدم ته اٿي انهن پريمين کي روڪيو ۽ فقير کي چيائون ابا ڏيڻ وارو به اللّه وٺڻ وارو به الله باقي ماريئي هروڀرو مون مسڪين کي، ايئن چئي ٻي به مٺ ڀري فقير کي ڏنائين.
ڪنور رام وٽ هندو مسلم جو ڪو مت ڀيد نه هيو، جيڪو به سولي ايندو هيو خالي نه ويندو هيو.
ڀڳت ڪنور رام آخري راڳ مانجهند ۾ ڳايو، مانجهند شهر مان ڳائي ريل ۾ چڙهي دادو پهتو، اتان ٻي گاڏي ۾ سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن پهتو ته گاڏي ڇٽڻ بعد کيس هڪ مذهبي انتها پسندن جي پيروڪار جان محمد جلباڻي بندوق هڻي زخمي ڪري وڌو، گاڏي ۾ بروقت علاج نه ٿيڻ سبب باگڙجي اسٽيشن تائين رت وهڻ سبب سنڌ جو هي مهان راڳي ۽ انسانيت جو عظيم پيروڪار ڀڳت ڪنور رام شهادت جو جام پيتو. ۽ نه موٽندڙ دڳ وٺي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو، اهو ڏکوئيندڙ واقعو ۱ نومبر ۱۹۳۹ ۾ ٿيو ۽ سندس اگني سنسڪار ۲ نومبر تي ڪيو ويو، سندس آخري آرام گاهه رهڙڪي ۾ سنت سترام داس جي قدمن ۾ آهي.



ڀڳت ڪنور رام
هڪ سَخي ڪلاونت، جيڪو سَوَرگَ ۾ سُکي ٿيو
ناصر مقصود گل
ها! ان وقت اهو چوونجاهه سالن جو شينھن مڙس نومبر مھيني جي پھرين صبح جو سنڌ جي سنائي ساداتن جي ڳوٺَ ’سن‘ کان ڏهه ٻارهن ميل ڏکڻ طرف واقع هڪ ٻي ڳوٺَ ’مانجهندن‘ کان پئي موٽيو، سندس منزل ته گهوٽڪيءَ طرف هئي، پر سفر جي پھرئين مرحلي ۾ مانجهندن کان دادوءَ تائين ريل گاڏيءَ ۾ روانو ٿيو هو، سندس سـُنگ جا ساٿي به ساڻس همراهه هئا. مانجهندن ۾ يا ته ڪا شاديءَ جي محفل ڳاتي هئائين، يا وري ڪنھن مندر ۾ ڀڳت وجهي روانو ٿيو هو. بھرحال شادي هئي يا ڀڳتي! هن ڪلاونت اُتي سڄي رات رامَ کي ريجهائيندي، پرڀوءَ کي پرچائيندي، الک کي اهڙيءَ ريت آزيون ڪيون هيون ته:
ڪيئن ريجهايان تو کي، ڪيئن پرچايان، ڏس ڪو ڏانءُ“
مانجهندن ۾ ڳائڻ وڄائڻ ۽ جهمريون پائڻ دؤران پوريءَ رات ۾ مٿس پوندڙ پوَتِ، ڏان يا ڏوڪڙ، اسر ويلَ فقيرن، نادارن ۽ گهرجائن تان گهوري ڇڏيا هئائين..!! پاڻ جھڙو ڳوٺان آيو، تھڙو ئي مانجهندن کان موٽيو! هن اها سخا رڳو اُتي ئي نه ڪئي هئي، پر اصل کان ئي سندس اهو اصول هوندو هو، جو راڳ يا ڀڳتيءَ جي موٽَ ۾ مليل دان جا حقدار پاڻ کان وڌيڪ کيس ٻيا ڀاسجندا هئا. خير! مانجهندن کان ريل گاڏي نڪتي ۽ هلڻ هارا سپرين هلي پيا.!
ان ئي هلڻ هاري امر انسان کي سڄي سنڌ توڙي هند هڪ سدا حيات سخيءَ، امر ڪلاڪارَ ۽ امر شھيد جي حيثيت سان ڀڳت ڪنوررام ڪري ڪوٺيندي آهي، جنھن سونھاريءَ سنڌ جي ڇيھَه واري ڇيڙي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ميرپورماٿيلي ڀرسان ڳوٺَ جروارن ۾ ڀائي تارا چندَ جي اڱڻ تي اکيون کوليون. ڪيترين ئي لکتن ۾ سندس جنم جي تاريخ ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ع ڄاڻايل آهي، سندس ماتا/امڙ جو نالو ’تيرٿ ٻائي‘ هو. روزي روزگار جي حسابَ سان هن جي پتا ڀائي تارا چند وٽ ٻنيءَ ٽڪر هو، جنهن جي سيوا هو دل و جان سان ڪندو هو.
مٿس نالو ’ڪنوررام‘ رکڻ جي ڪٿا ڪجھه هن ريت آهي، جو جن ڏينهن ۾ سندس پئدائش ٿي هئي، تن ڏينهن ۾ هندو ڌرم جي ازلي آستاني رهڙڪي صاحب، ضلعي گھوٽڪيءَ جو گادي سر سنت کوتارام ڳوٺ جروارن ۾ آيو هو، (واضح رهي ته ڄاڻايل درٻار سان ڪنوررام جي پتا جو پڻ عقيدت وارو رشتو هوندو هو) ان موقعي تي تارا چند پنهنجي ننڍڙي/نومولود ٻالڪ کي کڻي وڃي سَنتَ کوتارام جي آغوش ۾ ارپي ڇڏيو، جنهن سنت مٿس نالو ’ڪنوررام‘ رکي ڇڏيو.
اڳتي هلي هن سچي سنت کي سندس پتا دنياوي اکر پڙهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ مڪتب ۾ ويهاريو، جتي هن سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. روزانو مڪتب کان فراغت واري وقت ۾ ڪنوررام پنهنجي پتا سان ٻني ٻاري ۾ هٿ ونڊائيندو هو، خاص ڪري جهار هڪلڻ ۽ ٻارِ ورڇڻ وارن ڪمن ۾ هو پيءُ جو ٻانهن ٻيلي هوندو هو. اهڙيءَ ريت پورهيو هن سنت جي سرِير ۽ سرشت جو حصو بڻجي ويو، جنهنڪري عملي زندگيءَ ۾ به هن پنهنجي معاشي گھرجن جي پورائي لاءِ ڪوهر وڪڻي پورهئي جو مان مٿانهون ڪيو.
ڪجهه عرصي بعد رهڙڪي صاحب جو گادي سر سنت کوتارام ديهانت ڪري ويو ۽ سندس گاديءَ تي سندس ئي پٽ سنت سترامداس جاءِ نشين ٿيو، جيڪو هڪ ڀيري ڪنوررام جن جي ڳوٺ جروارن ۾ پنهنجن ششن (مريدن) وٽ آيل هو، اسر جو ويلو هو، سنت سترامداس جي آمد سبب ششن/ شيوادارين توڙي پريمين جي گھڻائي ڀائيندي ڪنور رام ان ڏينهن معمول کان وڌيڪ ڪوهر تيار ڪري گھر کان نڪري پيو ۽ ان ئي مندر جي ٻاهران پهتو، جتي سترامداس آيل هو. ٺيڪ ان وقت سترامداس به ڀڳت پئي وڌي ته هوڏانهن ڪنوررام پنهنجن خيالن ۾ ڪوهرن جو هوڪو پئي ڏنو، جيڪو هڪ مترنم لهجي ۽ انداز ۾ هو،  چون ٿا ته ڀنڀرڪي جو ڪنوررام جي ڪوهرن جي وڪري وارا آلاپَ ايترا ته پر اثر هئا، جو سنت سترامداسَ پنهنجي ڀڳت روڪي، ان هوڪي ڏانهن متوجهه ٿيو ۽ ان آواز تي ايترو موهجي پيو، جو هيڏو وڏو سنت، ڪنور جا ڪوهر خريد ڪرڻ سوا رهي ڪين سگھيو. ان ويلَ ڪنور جا ڪوهر ڇا وڪاڻا، ڪنور خود به سترام جي سِڪَ عيوض وڪجي چڪو هو، ڪنور ڪوهرن جا پئسا وٺڻ کان انڪار ڪندي، پنهنجو پاڻ سائين سترام کي سونپي ڇڏيو ۽ هڪ طالب پنهنجي مطلوبَ وٽ مقيد ٿي ويو،
ان کانپوءِ ڪنوررام پوريءَ طرح سنت سترام جو شيوادار ۽ شِشُ (سيوا ڪندڙ مريد) بڻجي ويو، ان وقت سنت سترامَ ، ڪنور رام جي ڊيوٽي ڳوٺ حيات پتافيءَ واري مندر ۾ مقرر ڪئي، جتي هو ڀائي هاسارام جي نگرانيءَ ۾ گرمکي سکندو هو ۽ هر ايندڙ ويندڙ پريميءَ جي نان ننگر جي انتظام لاءِ نانگري پڻ ٿي رهيو. جڏهن ته هن ڀڳت واري فن جي ابتدا توڙي سکيا به ان ئي مندر مان حاصل ڪئي. ڳوٺ حيات پتافيءَ واري ان مندر ۾ سنت سترامداس به رهڙڪيءَ کان متواتر ايندو رهندو هو ۽ ڪنوررام ان وقت پنهنجي گروءَ جي چرنن ۾ ويهي سڪ سان سرير جا احوال اورڻ سان گڏ کانئس ڀڳتيءَ جا اصول ۽ گر پڻ سکندو رهيو. پر پوءِ حيات پتافيءَ مان ڪوچ ڪري، رهڙڪيءَ ۾ سنت سترام داس جي صحبت ۾ اچي رهيو. ڪنوررام شروع ۾ سنت سترام داس جي حياتيءَ تائين سندس سنگ جو ساٿي بڻجي، ساڻس گڏ ڀڳت ۾ بهرو وٺندو رهيو، جڏهن ته سنت سترامداس جي پرلوڪ پڌارڻ بعد پاڻ الڳ ڀڳت وجھڻ جو آغاز ڪيائين.
هينئر ڪنوررام عملي طور هڪ برجستو ڀڳت بڻجي نروار ٿيو، پر ان هوندي به ڪوهرن واري ڪرت سندس ذريعه معاش رهي. سائين جي. ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ ۾ هڪ هنڌ ڄاڻايو آهي ته: ”ڀڳت ڪنوررام کي دڪان به هو ۽ واپار سندس معاشي ڪرت رهي.“ بهرحال ڀڳت جي موٽَ ۾ ملندڙ ڏوڪڙ يا ڏان ڏاتر جي نانءَ، فقيرن ۽ نادارن جي حوالي ڪري ڇڏيندو هو. جنهن سخا بابت ڪيترائي واقعا مشهور آهن.
ھڪ ڀيري ھڪڙي سواليءَ پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ ۾ ڏاج ڏيوڻ جي مدد لاءِ کيس سوال ڪيو. ڪنور رام اتي ڀڳت وڌي جنهنجي موٽَ ۾ کيس ۱۱۰۰ روپيا روڪَ رقم سان گڏ سون چانديءَ جا ڳَھَه به مليا، جيڪي هن سمورا ان سواليءَ کي ڏئي ڇڏيا. اھڙيءَ طرح ڪنور رام ڪيترن ئي سوالين جي مدد ڪندو رھيو.
سندس درويشي صفتون ته لک لهڻن، پر فني نقطه نگاهه کان جاچي ڏسبو ته ڀڳت ڪنور رام، ڀڳتيءَ جي گائڪيءَ يا لوڪ راڳ ۾ جيڪو انداز پنهنجايو، تنهن ان دور ۾ هڪ الڳ ٿلڳ جاءِ والاري، جو ڪنور رام ان دور جي ۽ خاص ڪري پوئين دور جي سڀني ڀڳتن ۾ هڪ جدا مقام ماڻيو. ھن پنھنجي آواز جي اثر، انداز ۽ ڀڳتيءَ جي فن جي آڌار تي ڀڳتيءَ جي گائيڪيءَ ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. هتي هڪ تحقيقي پهلو اهو به آڏو اچي ٿو ته سنت ڪنور رام جي مختلف هنڌن تي جيون چتر پڙهڻ کان بعد گھٽ ۾ گھٽ مون کي اها ڪٿي به شاهدي ناهي ملي سگھي ته سنت سترام داس کان علاوه ڪنور رام پنهنجي وقت جي ڪنهن استاد ڪلاڪار يا ڪنهن گني گوئيي کان راڳ جي سکيا ورتي هئي، سندس هر حوالي سان ڪامل جيون ۾ اها ڪمي ڪيئن رهجي وئي، منهنجي ناقص ذهن ۾ اهو سوال اڃا سوڌو موجود آهي.



ڀڳت ڪنور رام
سنڌ جو عظيم صوفي فنڪار، انسانيت جو پرچارڪ
منصور خاصخيلي
چاليهه جي ڏهاڪي ۾ ننڍو کنڊ هندو مسلم جي مذهبي تنگ نظري جي تعصب جي باهه ۾ سڙي رهيو هو. انگريزن جي دکايل ان باهه کي ٻنهي ڌرين جا مذهبي جنوني گهر گهر تائين ڦهلائي هن خطي مان صدين کان قائم مذهبي رواداري واري ڪلچر ۽ امن جون پاڙون پٽي رهيا هئا. مذهبي مت ڀيد جي اها برصغير ۾ ڀڙڪيل ڪروڌي نفرت جي باهه سيڪيولر سنڌ تائين به پهچي چڪي هئي جيڪو ان وقت خطي ۾ مذهبي ڀائيچاري، رواداري ۽ امن جو جو صوفي  مرڪز هو. جتي هندو مسلم بغير تفريق جي هولي توڙي عيد جي خوشي گڏجي ملهائيندا هئا. هن خطي جي غير فطري جاگرافيائي ورهاڱي کان اڳ ۾ مذهب کي استعمال ڪندي هن خطي جي باشندن جي ذهنن ۽ دلين ۾ مذهبي تفريق ۽ تعصب پيدا ڪيو ويو. سنڌ ۾ ورهاڱي واري سوچ ڪر کڻي اڃان اڀري رهي هئي ته چاليهه جي ڏهاڪي ۾ ان وقت سنڌ جي تاريخ جا وڏا ڪردار سنڌ جي سلامتي جا ضامن ۽ محافظ ڀڳت ڪنوررام ۽ الاهي بخش سومرو، صبغت الله شاهه راشدي پير پاڳارو موجود  هئا. ڀڳت ڪنور رام سنڌ ۾ عوامي سطح تي پنهنجي امر گيتن وسيلي انسانيت جي پرچار ڪندي هڪ فقير-منش، درويش صفت انسان جيڪو روزانو سنڌ جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ وڃي پنهنجي سريلي آواز سان راڳ وسيلي نه فقط انسانيت جو درس ڏيندو هو پر جيڪو پيسو کيس گيت ڳائڻ دوران گهور طور دان ۾ ملندو هو اهو سڀ سنڌ جو هي سڌورو فقير خلق  خدا ۾ بغير هندو مسلم تفريق جي غريبن، ضرورتمندن ۾ ورائي جهول خالي ڪندو هو. اها هن جي روز جي ڪرت هئي جنهن وسيلي هو خلق خدا جي خدمت ڪندو هو.
ڀڳت ڪنور رام سنڌ ۾ هندو مسلم اتحاد انسان دوستي ۽ سنڌيت جو عوامي اهڃاڻ هيو. ڪنوررام جي عوام ۾ غير معمولي اثر رسوخ سبب هو ورهاڱي جي حامي تعصبي تنگ نظر ملا شاهي جي اک ۾ ڪنڊو هو. سنڌ ۾ مذهبي متڀيد جي خلاف عوامي مزاحمت ڪار هو ان ڏوهه جي پاداش ۾ ڀڳت ڪنور رام کي ورهاڱي کان ست سال اڳ ئي ۱ نومبر ۱۹۳۹ع ۾ رڪ ريلوي اسٽيشن تي انسانيت جي ويرين انسان دوستي جي ڏوهه ۾ ۵۴ سالن جي ڄمار ۾ کيس شهيد ڪري ڇڏيو. ڀڳت ڪنوررام جي شهادت سنڌي سماج ۾ صدين کان قائم ايڪتا واري سوچ ۾ ڏار وجهي ڇڏيو ۽ سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو.. اڄ  پهرين نومبر تي سنڌ جي انسان دوست عظيم صوفي فنڪار، سنڌ جي قومي هيري کي انسان دوستي لاءِ ڪيل سندس ڪاوشن تي ڀڳت ڪنوررام کي سندس ۷۶هين ورسي جي موقعي تي کيس خراج پيش ڪريون ٿا. ورهاڱي وقت شروع ٿيل مذهبي انتهاپسندي جو مرض ورهاڱي بعد سنڌ ۾ ڪينسر بڻجي تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي. سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي خلاف ڀڳت ڪنوررام جي فڪري مشن، مذهبي رواداري امن ۽ انسان دوستي جي سنڌي سماج اندر پرچار جي اڳ کان هاڻ وڌيڪ گهرج آهي.
ڀڳت ڪنور رام جي جيئري انسانيت جا ويري ان سنڌ جي فقير-صفت صوفي راڳي کان ته خائف هئا جنهن ڪري ان کي شهيد ڪيو ويو پر ورهاڱي کان پو سندس سريلي آواز کان به ڊنل هئا. ڊڪٽيٽر جنرل ايوب خان ريڊيو حيدرآباد تان ڀڳت ڪنوررام ۽ ماسٽر چندر جي راڳ جي نشريات تي پابندي وڌي جيڪا ضيا جي آمريت تائين برقرار هئي.
سنڌ جي هن مهان سنگيت ڪار ڀڳت ڪنوررام ضلعي گهوٽڪي تعلقي ميرپور ماٿيلي جي ڪجهه مفاصلي تي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جروار ۾ ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ع تي تارا رام جي غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو. سنڌ جي هن عظيم صوفي فنڪار انسان دوستي ۽ انسانيت جو درس پنهجي سريلي آواز وسيلي سنڌ جي جھر  جهنگ، شهرن توڙي  ڳوٺن تائين صدائون هڻندي پهچايو، هو ته موسيقي جي تاريخ جو بي مثال ڪردار هو، راءِ ڏياچ ته سر، ساز آواز تي عاشق ٿي سر ڏنو پر ڪنوررام ساز وڄائي، سر ٻڌائي سر جو ٻليدان ڏئي انسانيت جي عظمت مٿانهون ڪيو. هو ذات پات جي مت ڀيد کان مٿي انسان دوست هو هندو توڙي مسلم هن جا هڪ جيترا عقيدتمند هئا. هن جو مذهب ماڻهپو هو. ڀڳت ڪنوررام فقط ڌرمي ڀڳت نه بلڪ هو سچو ديش ڀڳت هو. ان جو هڪ ئي مذهب هو خلق خدا سان پيار ڪرڻ ۽ دکي انسانن جي اوکي سوکي مهل ۾ مدد ڪرڻ بيشڪ هن پنهجي حياتي انسانيت جي خدمت ارپي ڇڏي. سندس آخري آرامگاھ رھڙڪي صاحب ۾ سنت سترامداس جي قدمن ۾ آھي. مني صدي گذرڻ باوجود شھيد ڪنور رام ھندو، مسلم مذھبي تفريق کان بالاتر سنڌين جي دلين ۾ زندهه آھي.



ڀڳت ڪنور رام
سنڌ جو امر ڪردار
مير نادر علي ابڙو
سنڌ صدين کان صوفين ولين ۽ اوليائن ڪرام جي ڌرتي رهي آهي جتان هميشه صوفي ازم جو پرچار پوري دنيا ۾ ڦهليو آهي سنڌ ۾ وقت به وقت صوفين ازم جا عاشق ۽ پرچار ڪندڙ پيدا ٿيا آهن، جن جو درس رڳو انسانيت ئي رهيو آهي انهن انسان ن جو جڏهن به ذڪر ٿيندو ته اتي ڀڳت ڪنور رام جو تذڪرو وڏي واقعي ڪيو ويندو .
ڪنور رام ڀڳت غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، سندن پتا جو نالو تارا رام ۽ ماءَ جو نالو تيرٿ ٻائي هو جنهن کي وڏي سڪ ۽ چاهت کان ڪنور رام پٽ ڀڳوان ادا ڪيو. ڪنور ڀڳت جو جنم ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ ۾ ميرپور ماٿيلو اسٽيشن کان ۸ ڪلو ميٽر پري ڳوٺ جروان واهڻ ۾ٿيو، جنم بعد سندن ماتا دعا ڏيارڻ لاءَ مرشد جي درٻار رهڙڪي وٺي ويئي جتي سائين سترامداس کيس خوشي مان کڻي دعا ڪئي ۵ سالن جي عمر ۾ پاڻ علم تعليم پرائڻ شروع ڪئي هي ننڍپڻ کان ئي الله لوڪ انسان دوست، فقير قسم جو ماڻهو هو هي زماني جي ريتن رسمن متڀيد کان تمام گهڻو اونچو سوچندو هو. پاڻ سموري ڄمار الله جي خلق سان پيار ڪندي گذاري ڇڏي ۽ انهن جي کلي دل سان واهر لهندو هو سندن آواز ۾ اهڙو سرور هو جو ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ سندن گلي ۾ ڀڳوان وسي ٿو پاڻ ڳائڻ جي سکيا مختلف جاين تي ورتي. سندن ڳائڻ وقت ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ماڻهو ٻي جهان ۾پهچي چڪو هجي. هو هر وقت الله جي عشق ۾زماني جي خوشين ۽ غمن کان بيخبر رهندو هو ۽ اڪثر زماني جي خفن۽ جهيڙن کان ڪنارا ڪشي ڪري پنهنجي رب کي ريجهائڻ جي رمز ۾ گم رهندو هو. جڏهن پاڻ ۱۸ سال جو ٿيو ته سندن امڙ سندس چهري تي سهرو سجائڻ جو سوچيو ۽ ۱۸۶۰ ۾ سندس شادي ڪرائي پر ڪنور ڀڳت پنهنجي ڌرم پتني جي وفات بعد پنهنجي دل گهرين دوستن ۽ عزيزن جي زور ڀرڻ باوجود به ٻي شادي نه ڪئي، کيس هڪ پٽ پيسورام ۽ ٽي نياڻيون ڪلا، شيلا، ستلس جي اولاد هئي، سندن وٽ زندگي ۾ ڪڏهن به ذات پات، نسل، مذهب رنگ جو ڪو فرق نه رهيو هن سڄي عمر پنهنجي رب جي عشق ۾ گذاري ڇڏي ۽ جيون ڀر ڪنهن کي ڏک نه ڏنو. هو انسانيت جو علمبردار هو هن جي حوالي سان اتمچند پيسو مل شاستري پنهنجي ڪتاب ڪنور رام ۾ هڪ هند لکي ٿو ته جڏهن ڪوئيٽا ۾ زلزلو آيو ته ڪنور ڀڳت جيڪب آباد ۾ ترسيل هو ۽ روزانو پنهنجي ساٿين ۽ پنچائت سان گڏ ايندو هو ۽ جڏهن زخمين جون ٽرينون اينديون هيون ته انهن کي دوا درمل ڏيڻ سان گڏ کاڌي پيتي جو سامان ڏيندو هو.
آڌي مانڌي جنهن وقت به ڪو سوالي هن جي گهر ويندو هو ته هو پنهنجا غم وساري بغير ڪنهن مذهبي مت ڀيد جي هن کي گلي لائي نيڻن جا ڳوڙا اگهي هن جي مدد ڪندو هو، هو معذورن ۽ بيواهن جو تمام وڏو ڀر جهلو هو، جنهن وقت ڪنور ڀڳت شهادت جو جام پيتو ته ان ئي شهر مان گذرندڙ ماڻهن جا ڪٽڪ ڪولين جيان ميڙ ميڙي ٿي ويا جنهن ۾ ماڻهن جا مٿا اگهاڙا اکين ۾ لڙڪ هٿن ۾ ڪارا جهنڊا هئا، سندن جي ڏولي ڏسڻ لاءَ ماڻهن جي ايڏي رش هئي جو تر جيتري به جاءُ نه هئي ڪافي ماڻهو ڏولي ڏسڻ گهرن جي ڇتين تي ۽ ڪوتن تي چڙهي انتظار ڪندا رهيا ۽ جنهن محل سندن گهرن جي اڳيان ڏولي جو گذر ٿيو ته ان مٿان اجرڪ رومال لنگيون ۽ گل اڇلائي زارو قطار روئيندا رهيا. پاڻ جيڪا انسانيت جي خدمت ڪئي سا ڀڳتي جي تاريخ ۾ سدائين سدا بهار رهندي. سندن جا ڪيترائي واقعا آهن جيڪي اڄ به سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ ٻڌايا وڃن ٿا ۽ جيڪي هاڻ تاريخ بڻجي چڪا آهن. منجھس ڪيتريون ئي خوبيون هيون پاڻ سنڌ جي درويش ولين سان انتهاءَ جي محبت ڪندو هو پاڻ جتي ڪنهن درويش صفت ماڻهو جي آمد جو ٻڌندا هئا ته اتي پهچي ويندا، هئا پاڻ وٽ جيڪو وقت بچندو هو انهي ۾ هو. پنهنجي ڳوٺ ۾ ويهي پنهنجي ڀاءُ جاڙا رام سان گڏ سودي سامان جو هٽڙو هلائي ڪري گهر جو گذارو ڪندو هو، گيهه جي واپار جي حوالي سان ۽ کجين جا ٺيڪا ٻولي کڻندا هئا، سندن جي آواز کي سنڌ ۽ هند ۽ بلوچستان ملتان، بهاول پور تائين وڏي چاهه سان ٻڌو ويندو هو. جڏهن پاڻ ڳائڻ شروع ڪندا هئا ته هر طرف شانت ڇائينجي ويندي هئي، هڪ ڀيري سکر ۾ مهاتما گانڌي جي ملاقات ڪرڻ وقت اهڙو ماحول جڙي ويو جو ڪيترن ئي اڳواڻن جي اپيلن ڪرڻ باوجود به ماٺ نه ٿي ۽ ڀڳت ڀڄن چوڻ شروع ڪيو ته هر پاسي ماٺ ڇائنجي ويئي. گوڙ الائي ڪاڏي ويو. سنڌ جي هن امر انسانيت جي عاشق سفير کي ۲ آڪٽوبر ۱۹۳۹ جي نڀاڳي ڏينهن تي، رڪ ريلوي اسٽيشن تي، سکر ايندي گولين جو کاج بڻايو ويو ۽ سنڌ ڌرتي هڪ عظيم انسان کان محروم ٿي ويئي. هر پاسي ماحول ۾ لڙڪن آهن ۽ ڪوڪن جي هوڪار رهجي ويئي.


ڀڳت ڪنور رام
ڏاڍو آهه ستايو دنيا جي گردش، نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو
علي احمد بروهي
راءِ ڏياچ گرنار جو هاڪارو حاڪم هيو. سندس سخا جي ساک ملڪان ملڪ مشهور هئي. ڪنهن سمي، ٻيجل نالي هڪ چارڻ پنهنجو سرندو سينگاري وٽس ڪهي آيو. چنگ چوري، ساز جي آواز ۽ پنهنجي آلاپ سان راءُ ريجهايائين. راجا راضي ٿي پيو ته مڱڻا، ”گهر جيڪي گهرڻو اٿيئي.“ سائل سئن هنئي ته، ”جا مٿي تو مڻيا، تنهن سر سوالي آهيان.“ راجا وراڻيو ته، ”بس! گهري به مٿو گهريئي، چڱا مڙس سکڻي هڏ مون تو کي ڇا هڙ حاصل ٿيندو؟ چڱو ڀلا ٻڌاءِ ته سر ڌڙ سوڌو ڏيانءِ يا ڌڙ سواءِ؟“ سائل سر جي سودي تي اٽل رهيو. ڏياچ ڪنڌ نوايو ۽ مرڪندي هڪ ڪيائين. ”ته وڍ سر ٿي سرهو.“ پوءِ بقول ڀٽائيءَ جي ”تند ڪٽارو ڪنڌ، ٽيئي پرتا پاڻ ۾.“
مون نه ٻيجل کي ٻڌو ۽ نه راءِ ڏياچ ڏٺو. پر مون هڪ اهڙو لکن جو رانجهو ضرور ڏٺو ۽ ٻڌو جو سريلو به رس ڀريو هيو، سخي به اهڙو جو ڏيئي نه پچاري. پڇاڙيءَ جو سر ڏئي ان عيوض ابدي حيات ماڻيائين. اهڙو مائيءَ جو لال ۽ سنڌڙيءَ جو راءِ ڏياچ هو ڀائي ڪنور ڀڳت، ڀائي ڪنور، ميرپور ماٿيلي تعلقي جي هڪ واهڻ ”جروار“ جو ڳوٺاڻو ۽ هڪ مسڪين ۽ فقير منش هٽ واڻيو هيو. سندس علمي لياقت ته پنجن سنڌي درجن ۽ هٽڪي اکرن جي سڃاڻ تائين محدود هئي پر اندر جو سوجهرو الاهي هيس. جنهن جو جرڪو سندس پيشانيءَ ۾ پيو بکندو هو. ڏيک ويک کان ڪوهين ڏور، ڪپڙي لٽي ۾ سادڙو، ڳالهه ٻولهه ۾ سٻاجهڙو، نمائڻو ۽ قربائتو، ٻڍا جوان ۽ ٻار ته ڇڏ پر اڌ اگهاڙي پينو فقير سان به ڳالهائيندو ته ٻئي هٿ ٻڌي! ڄڻ هٿ جوڙي معافي وٺي رهيو هجي. مون کي ياد نه آهي ته ڪنور، سواءِ ٻانهون ٻڌڻ جي ڪنهن سان به مخاطب ٿيو. معلوم ايئن ٿيندو هو ڄڻ سندس ٻنهي ڪراين ۾ آزادي ۽ عاجزيءَ جون هٿ ڪڙيون پيل هونديون هيون.
جي عاجزي سندس عبادت هئي. ننڍي لاڪر ڳائڻ سان دل جو لڳاءُ هيس جو وڌندي وڻ ويڙهي ٿي، سندس دل جي رڳ رڳ کي وڪوڙي ان ۾ سمائجي ويو. ڳائڻ ڏات آهي، جنهن کي ڏاتر ڏئي. پوءِ ڪي ان کي پيٽ پوڄا جو وسيلو بڻائن. ڪن ان پاڪيزه سوغات کي جسماني خواهش ۽ نمائش سان گاڏڙ ڪري پنهنجي ڪاڪ ڪاري ڪن. ڀائي ڪنور، ”آلاپ“ کي سچي سائينءَ جي سوکڙيءَ ڄاڻي کيس ڀڳوان جي ڀڳتي لاءِ ارپڻ ڪري ڇڏيو. ڀڳت ۾ آئي پنهنجي آلاپ جي ابتدا ”سائين جي ساراهه“ سان ڪندو ۽ هميشه پوئين اسر کان شروع ٿي پرهه ڦٽيءَ تائين وڄندو ۽ نچندو رهندو هيو. سر آسا ۽ پرڀاتي سندس دلپسند سر هوا. اسر ويل اٿي ”الک اورڻ“ جي لئه ۽ سواد جو پتو انهن کي بخوبي هوندو جن ڀنڀرڪي جو اٿي پنهنجو رام ريجهايو هوندو. مون جهڙن گڏهن کي ڪهڙي خبر خمار جي، جن پنهنجي عمر ۾ سج کي اڀرندي ئي ٻه چار دفعا مس ڏٺو هوندو.
ڀائي ڪنور جي ڀڳت، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جهڙي هوندي هئي. توڙي جو ان لاءِ اوجاڳو ۽ اوسيئڙو ڪڍڻو پوندو هو. ڇاڪاڻ ته هئو مئو ٽري، اڌ رات وهامي اسر ٿئي ته پوءِ ڪنور نڪري نروار ٿيندو. جسم تي جامون جلويدار پهريل، مٿي تي پڳڙي ۽ ڳچي ڳل ڀوڇڻ جو ڳارو ۽ پيرن ۾ گهنگهرو. ڇيم ڇيم ڪندي ايندڙ ڏسبو ته اهو ئي ٻيئي ٻانهون ٻڌل، ڪنڌ ۽ ڪياڙي نوڙت ۽ نيازيءَ ۾ جهڪيل، هر آئي وئي ۽ هر ويٺل ۽ بيٺل کي نمسڪار ۽ پرنام ڪندي، ميڙ جي وچ ڌاري اچي پنهنجي جاءِ تي بيهندو. جوڙيل هٿ ٽوڙي هڪ ڪن تي ۽ ٻيو هٿ ٻڌندڙ جي سڌ ۾ سڌو ڪندي چپ چوريندو ته پهرين هڪل اها هوندي ته شل ڪا ٻاجهه پويئي. پوءِ شروع ٿيندو ڪلام عارفاڻو يا فقيراڻو. ڪڏهن ڪبير يا فريد جو، ڪڏهن بيڪس ۽ بيدل پر عام طور ”شاهه ڀٽائي“ ۽ ڪنڊڙيءَ جي فقيرن جو ڪلام ڳائيندي ڪنور جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان هوندي هئي. آلاپ کي عروج ۽ اوج تي آڻي موج ۾ مست هاٿيءَ جيان پيو نچندو جهومندو ۽ رڙندو. ”مون کي تن ماروئڙن جي، تن سانگيئڙن، تن ڏوٿيئڙن جي، آءُ ڪانگا، آءُ ڪانگا، ڪر ڳالهه مون کي تن پانڌيئڙن جي...“ اڀو اوساريندي سندس نماڻن نيڻن مون نير جاري ٿيندو. اکين جو آپ ڇلڪندو ريلا ڏئي پيو وهندو ۽ نچندو. وڏ ڦڙي جيان پيو ٽمڪندو. آلاپ جو اهو پتو نه پوندو ته گونج آهي يا گاج. ”ڪين وڻن، ڪين وڻن... ڪين وڻن... سون ڪڙيون ڪٺمال... مون کي تن ماروئڙن جي ...“ پهريون پاڻ اڪيلو ٿي رنو ۽ رڙيون پوءِ ته ”ڪيئي وڏيرا روئيندي ڏٺم راڄ ۾.“ ڪنور جو ڪمال هو جو هر جيءَ ۾ جادو لائيندو هو ۽ محسوس ايئن پيو ٿيندو ته ٻڌندڙ جو اندر مالڪ اڳيان پيو ٻاڪار ته ڪڍ بندياڻي هن بند مون، آئون ٻن ڏيان هن خاڪي ڪوٽ ۽ سندس سونهري ڪنگرن کي.
ورهاڱي کان اڳ ”ڀڳت“ هندو سنڌي ثقافت جو اهم حصو ليکي ويندي هئي. هر ڳوٺ خواهه شهر ۾ عام ڏڻن، ورسين يا خوشيءَ جي موقعن تي ”ڀڳت“ جو انتظام ڪيو ويندو هو. اڄ ڪلهه جي قوالن جيان ڀڳتن جون ڪيئي ٽوليون هونديون هيون. ڀڳتن ۾ شهري ۽ ڳوٺاڻا هر قسم جا ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا ۽ ماڻهن جي ميڙ جو دارومدار ڀڳتن جي ساک تي هوندو هو.
ڪنور جي ڀڳت هڪ عوامي ميلي جو ڏيک ڏيندي هئي. ماڻهن جي پيهه جو سبب ڪنور جي آلاپ کان سواءِ سندس سخا به هئي. جو ڪجهه معاوضو ملندو هيس. اهو ٿڏي تي غريبن ۽ فقيرن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو ۽ کيس ڪافي ڪجهه پلئه پوندو هو. هڙان ته ڏيندو هو پر جي حاجتمند ۽ محتاجن جي حاج پوري ٿيل نه ڏسندو هيو ته ڀڳت دوران پنهنجي جهولي جهليندو هو. پهرياڻ جو پاند هٿن ۾ ڦهلائي هوڪو ڏيندو ته ”ڀائي ڏهه هزاري جهولي آهي جو جس کٽندو ته سچو سائين سندس ڀلو ڪندو..“ مون کي ياد نه آهي ته ڪڏهن سندس جهولي خالي رهي. جهوليءَ واري رقم سفيد پوش محتاجن وچ ۾ ورهائي ويندي. ڪن کي نياڻيون اٿارڻيون هونديون هيون ۽ کين ڏاج ڏيوڻ جي پهچ نه هئي. ڪن مٿان وري قرضن جا انبار چڙهيل هئا. ڪي وري ڦڏن ۾ ڦاٿل هئا جنهن جو حل سواءِ ناڻي جي نه هو. رقمون اهڙي مخفي ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ تقسيم ٿينديون، جيئن لوڪ لکا نه پوي ته سوالي ڪير هو ۽ کيس ڇا مليو.
ڪنور جي سخا ڪنهن خاص مرد يا طبقي تائين محدود نه هئي. محتاجن ۾ اڪثريت مسلمانن جي هوندي هئي. هندن ۾ پنڻ جو شوئنق ۽ شغل البت گهٽ هوندو هيو. خيرات ۾ ڪنور ڪنهن جي منهن ڏي ڪڏهن نه ڏٺو. جو آيو سو اگهيو. کيس فقط هي احساس هوندو هيو ته ڪو ماڻهو تڪليف ۾ آهي ۽ سندس ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ سندس فرض ادائي هئي.
جڏهن ڪنور جي شاديءَ جي ٿت ٻڌي ويئي ته ٽن ڏينهن کان پوءِ هڪ شائق، ڪنور کي سندس ڪنوار لاءِ چار جوڙا ڪپڙن جا ڀرت ڀريل ۽ هڪ بوسڪيءَ جو ٿان ساڻ ڪري کيس نذراني طور ڏيئي ويو. ڀائي ڪنور ڪپڙن جي ڳنڍ وٺي گهر ۾ رکي ڇڏي. ساڳي ڏينهن شام ٽاڻي هڪ مسڪين اچي ڪڙو کڙڪايو. چي: ”ابا سڀاڻي عيد آهي ۽ مون کي ٽن ٻچن جي اڪهه آهي ۽ هڪ جوان نياڻي جا اٿارڻي آهي. جن لاءِ نه اٿم لٽو نه ڪپڙو. آئون بيواهي رن زال ڪٿي در در وڃي هٿ ٽنگيان؟“ ڀائي ڪنور اندر وڃي ڳنڍ کڻي اچي ٻڍڙي مائيءَ جي حوالي ڪئي. چي: ”امڙ وٺ پنهنجي امانت مون صبح کان ويٺي سانڍيم. شڪر ٿيو مال اصلي مالڪن کي مليو.“ ڀائي ڪنور ڀلجي به ڪڏهن پاڻ تي سخاوت جو الزام مڙهجڻ نه ڏنو. هميشه چوندو هو ته ڀائي مون وٽ آهي ڇا جو ڪنهن کي ڏيان. ڏيڻ وارو ٿو ڏئي ۽ وچ ۾ آئون اچي خواه مخواهه ڦاٿو آهيان.
چٺي لکندڙ هڪڙو چٺي وٺندڙ ٻيو پر سرنامو هميشه هوندو ”معرفت منهنجي ۽ ڦري ملي فلاڻي کي.“ ڏيئي نه پچارڻ جي ڏات جا ڪنور کي حاصل هئي ان لاءِ ڪيئي روئندا ڏٺم. جمشيد مهتا جي سوانح حيات پڙهندي جڏهن سندس هيءَ دعا پڙهيم ته؛ ”اي جڳ جا ڌڻي! مون کي ويساري جي ايتري سگهه عطا ڪر جو جڏهن به تنهنجي نالي تي ڪجهه ڏيان ته اهڙو عمل ڀلجي وڃان ۽ اهو ڪڏهن ياد نه رهيم ته مون ڪجهه الله ڪارڻ ڏنو.“ ته مون کي ڪنور ياد اچي ويو. ڪيترو نه خوش نصيب انسان هو جو کيس اهڙي دعا جي لوڙ ئي نه هئي.
زندگي ۽ موت، الله پاڪ جو خاص پورٽ فوليو آهي، جنهن ۾ ڪنهن کي به ڀائيوار نه بڻايو اٿس. ها البت سندس دائره اختيار ٻيا به گهڻا ئي آهن. جهڙو شفا، انصاف ۽ سخا، جن جي نقش قدم تي انسان جيڪڏهن دز برابر نه پيروي ڪري ٿو ته قدرت کيس نعمتن سان ايترو مالا مال ڪري ٿي جو سندس هيڻي هٿ طفيل هزارها حاجتمندن جي مشڪل ڪشائي ٿئي ٿي. در اصل پوءِ اهو انسان قدرت جي ڪاروبار جو هٿيو بڻجي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ماڻهن جا جملي مسئلا ۽ معاملا انسانن ذريعي ئي حل ٿين ٿا. قدرت جو اولين ۽ اڻٽر قانون هي آهي ته حيلي رزق ۽ بهاني موت. ”الله ڏنو“ ضرور ٻڌندا اچون، پر هي ڪڏهن به نه سڻيو سون ته ڪو ”الله ماريو.“
جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو ڀائي ڪنور جي وسيلي آلاپ جو پڙلاءِ سندس سنت ۽ سخي هئڻ جي ساک چوڏس چوڌار هڪ کستوريءَ جي خوشبوءِ جيان ڦهلندي رهي. پري پري جا ماڻهو سفر جا جاکوڙا ڪڍي وٽس اچڻ لڳا. پوءِ ڪي سندس راڳ ٻڌڻ، ڪي آسيس ۽ آشيرواد وٺڻ ۽ ڪي فقط درشن پسڻ لاءِ. اسان جي ملڪ ۾ عام ماڻهن خاص طور غريب ۽ مسڪين عوام جي ڏکئي وقت پرگهور ۽ پرداخت لاءِ ڪي به اداره موجود نه آهن. ان باعث اسان جي ديس جا اڪثر ماڻهو ڪنهن سهاري اڀل ۽ آخري جي تلاش ۾ رهن ٿا. اسان وٽ ويچاري ماڻهوءَ جي بيڪسي ۽ بيوسيءَ جو عالم هي آهي ته جيئرا ماڻهو مئلن وٽ محض هن لاءِ حاضري ڀرين ٿا ته جيئن سندن روزمرهه جي ضرورتن جي پورت ٿئي ۽ سندن مشڪلاتون آسان ٿين. ڀائي ڪنور ته جيئرو جاڳندو ديوتا هيو. سو ماڻهن ۾ سندس مڃتا، مقبوليت ۽ عقيدت ان قدر عام ٿي چڪي جو ڪيترن ته آخر کيس ”اوتار“ ڪري پوڄڻ شروع ڪيو. جو سلسلو اڳتي هلي ڀائي ڪنور جي سر ڏيڻ جو ڪارڻ بڻيو.
ماهه جولاءِ ۱۹۳۹ع جي هڪ ڏينهن سکر جي اناج بازار ۾ هڪ مسلم نوجوان جو ڪنهن هندو دوڪاندار سان ”تون ڇا تون ڇا“ ڪندي تڪرار ٿي پيو. انهيءَ دور ۾ بدقسمتيءَ سان هندو مسلم ڇڪتاڻ چوٽ تي چڙهيل هئي ۽ چند ساکرو هندو تعصبي، آگ ۽ فساد ڦهلائڻ جا ڪوڏيا هئا. مسلمان نوجوان کي اڪيلو ۽ بي هٿيار ڏسي چند بي خير هندو دوڪاندارن نه فقط سندس بي عزتي ڪئي، پر کيس مارڪٽ پڻ ڪئي. نوجوان واپس ڳوٺ ورندو ويو ۽ ڀنڀور کي باهه لڳندي ويئي.



ڀڳت ڪنور رام
هڏ ڏوکي انسان ۽ عظيم راڳي
ممتاز علي وگهيو
ڀڳت ڪنور رام ڪنهن کان به سکيا نه ورتي، سندس اندر جي عشق ۽ آواز کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو. ڀڳت ڪنور رام راڳداريءَ جي دنيا ۾ ڀڳتي گائڪي کي ”ڪافي ٺاٺ“ سان اهڙو ته ميلاپ ڏنو ۽ ڳايو جو سنڌي راڳ جي نئين شڪل، نئون نقشو پيش ٿيو. اهڙي طرح هو ”داستان گوئي ڀڳتي“ کي به پٺتي ڇڏي ويو. مثال طور هن ڪافي ٺاٺ جي راڳ جوڳ، پرڀاتي، لوڙائو ۽ راڻو ڳايو، تن ۾ الاپ جو انداز ڀڳتي وارو رکيو. هن ”شل جيون تون“ ”من ڪا ٻاجهه پوي“ راڻو ڳائڻ وقت ”جيون جيون تون“ جو نئون انداز ۽ الاپ ڏنو. سندس صوفي مرشد سائين دريا خان فقير جي ڪافي ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ جيڪا سنگيت جي راڳ کماج•وهاڳ ۾ ڳائي، تنهن ڪافيءَ جي ڳائڻ ڪري ڪنور رام کي ايڏي ته مقبوليت ملي جو سن ۽ سنڌ جو سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جي جلد ٻئي ۾ لکي ٿو ته، ”جڏهن ”آئون آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ ڪلام ٻڌندو آهيان، ان وقت کاڌو کائيندو هجان يا پڙهندو هجان، ٻئي ڇڏائي ويندا اٿم.“ سائين علي احمد بروهي ڪنور رام کي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ نچڻ جو اکين ڏٺو شاهد هو. پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، ”مون ڪنور ڀڳت کي ڳائيندي ۽ نچندي ڏٺو. ڳائيندي سندس نيڻن مان نار جاري ٿيندا هئا، پاڻ ته مدهوشي ۾ مست هوندو هيو، پر ٻڌندڙن جي لونءِ لونءِ ڪانڊرجي ويندي هئي. ڳائڻ، نچڻ ۽ ڇيرن جي ڇمڪار ته پوءِ به گهڻي ڏٺي ٻڌي، پر اهو ڪنور واري ڪيفيت جو لقاءُ ڪٿي به ڪو نه پسيم.“ ڀڳت ڪنور رام ۽ ميران ٻائي (۱۴۵۰ع-۱۵۴۵ع) جي نچڻ ۽ ڳائڻ ۾ جيڪا هڪجهڙائي هئي، تنهنجو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. ”پائي گهنگهرو ميران نچي نچي“ واري چوڻي ڪنور رام سان ٺهڪي اچي ٿي. ٻنهي ۾ اها به هڪجهڙائي هئي جو ٻنهي جو موت قتل ۾ ٿيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڪنور رام جنهن دور ۾ راڳ جي دنيا ۾ اڀريو پئي، اهو سنڌي راڳداريءَ جو عروج وارو دور هيو. سنڌي ڪافيءَ کي نئون روپ مليو. استاد خير محمد خان مڱڻهار جو وڏو عروج هيو، جنهن سرگم“ ۽ ”ٻول تان“ ڪافي ۾ شامل ڪيو. خانصاحب الهڏنو نوناري سنڌي راڳ ۾ ڪافي ڳائي نئون مثال قائم ڪيو. راڻو ”داڌري“ جي ”لئه“ تي ڳايو ۽ ”سنڌي ڪافي“ ٺاٺ جو نئون نقشو پيش ڪيو. مائي الهه رکي سکر واريءَ جي به وڏي هاڪ هئي، انقلابي شاعر عباالڪريم گدائي جي مجازي ۽ سياسي شاعري پئي ڳائيائين. ۱۹۰۰ع ۾ سکر تعلقي جي ٻن حافظن، حفظ مڱيلڌو ۽ حافظ قائم الدين به تنهن دور جا وڏا نالا هئا. هو ان دور ۾ ستار تي ڳائيندا هئا. استاد منور علي شاهه سکر وارو ته پنهنجو مٽ پاڻ هيو. تمام وڏو نالو هو، راڳ جي عشق ۾ پوري ملڪيت وڪرو ڪري ڇڏيائين. پڇاڙي ۾ هن ”سپڙ تالي“ ڪري گذران ڪيو. اتر سنڌ ۾ ”منور شاهه جون ٻڙيون“ واري چوڻي مشهور ٿي. حقيقت اها آهي ته تصوف ۽ نماڻائيءَ جي راڳداري جو مصوارتي تصور جو منهدار ڀڳت ڪنور رام آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ جيئن استاد منظور علي خان لطيف سائين جي وائي کي ”ڪافي ٺاٺ“ ۾ ڳائي، سنڌي راڳ جو نئون انداز ۽ تصور پيش ڪيو، تيئن ڪنور رام ڀڳتي ۽ ڪافي ٺاٺ جو گڏيل نئون انداز ۽ نقشو پيش ڪيو. سنڌ ۾ جيئن خانصاحب خير محمد مڱڻهار، خانصاحب الهڏنو خان نوناري، استاد منظور علي خان ۽ استاد محمد جمن جي ڳائڪي جو نرالو ڀير آهي، تيئن ڀڳت ڪنور رام جي ڳائڪي جو به پنهنجو هڪ منفرد نرالو ڀير آهي. هينئر به وڏا ڳائڻا ڪنور جون ڳايل ڪافيون ساڳي ٺاٺ ۾ ڳائي رهيا آهن. خاص ڪري ڪنور جو ڳايل راڻي وارو انداز ”جيون جيون تون“ جا ٻول اڄ به وڏا ڳائڻا راڻو ڳائڻ وقت الاپي رهيا آهن. انهيءَ کان سواءِ ڀڳت ڪنور رام راڳداري ۾ صوفيانه ڪلچر جو نرالو انداز نئون رنگ پيش ڪيو، جنهن ۾ جامو، پيشوازي، ڳارو، ويس ۽ ڪنور جو ٽولو شامل آهن. هينئر جڏهن اجتماعي شادين جي لاءِ مخير حضرات يا سرڪاري سطح تي وڏيون تقريبون ٿي رهيون آهن. هڪ صدي پهريون ڪنور رام پنهنجي راڳداري ۽ ڀڳتي ۾ ملندڙ سمورو پيسو اٻوجهن، معذورن ۽ شاديءَ جي ڏاج بابت سوين مسڪينن جي مدد ڪئي، جن ۾ هر طبقي جا ماڻهو، بنا رنگ ۽ نسل جي شامل هئا





ڀڳت ڪنور رام جو جنم ڏينهن!
آچر خاصخيلي
اسان هر وقت فخر سان اهو چئي سگهون ٿا ۽ دنيا ۾ ڳاٽ مٿي ڪري هلي سگهون ٿا ته اسان ان ختي ۾ رهون ٿا جتي پيار، امن پنهجائپ جوسلسلو صدين کان هلندڙ آهي، ماضي ۾ ڏسبو ته ڪڏهن به سنڌ جو ختونفرت جي ويجهو نه ويو آهي، جنهن جو مثال اسان جا  صوفي بزرگ شاھ عبدالطيف ڀٽائي ،سچل ، سامي ڀڳت ڪبير، سنت ٽيئون رام يا اڏيرو لال جهڙا درويش آهن جن وٽ صرف محبت جو ئي درس هو، اهڙو محبت وکيريندڙ ”نالي الک جي ٻيڙو تار منهجو“ جهڙا آلاپ ڏيندڙ امر شهيد ڀڳت ڪنور رام به هڪ آهي،ڪنور رام ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ ۾ سکر ضلعي جي ڳوٺ بيگن جروار ۾ تاراچند جي گھر ۾ جنم ورتو سندس امڙ جو نالو تيرٿ ٻائي هوسندس نالو ان وقت جي هڪ وڏي سنت کوتا رام پاران  ڪنور رام رکيوويو، ڪنور رام ننڍپڻ کان الله لوڪ ۽ انسان دوست هو ڀڳت ڪنور رام ڀڳتي جي سکيا صوفي بزرگ سترام داس کان حاصل ڪئي، هن سنڌي ۽ فارسي ۾ تعليم حاصل ڪئي، ڀڳت ڪنور رام  هڪ بهترين صوفي راڳي ۽ شاعر هئا، پاڻ ۱۹۳۳ ۾ هڪ وڏي زميندار ۽ سيٺ اوٽو مل جي نياڻيء سان شادي ڪيائون، هن جي محفلن جو مهور هند ۽ سڄي سنڌ هئي، هو جتي به ويندو هو ته هن کي احساس غريبن جو هوندوهو، جتي به ڪو غريب ڏسندو هو ته پنهجي راڳ مان مليل سڄي رقم انهن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، پر جي کٽي به پوندي هئي ته هو جھولي جھلي محفل ۾ پني به ان ضرورتمند جي پورت ڪندو هو، هو غريب نياڻين جي شادي ۾ به ضرورتمندن جي گھڻي مدد ڪندو هو، هن  ” لولي لال نون ڏيوان“ نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو“ جهڙا شاهڪار گيت ڏنا جيڪي مشهور ٿيا، لولي نما اهي گيت هر انسان ۾ راحت پيدا ڪري ڇڏيندا هئا، ڀڳت ڪنور رام درگاهن، دربارن ۽ ٻين صوفين جي آستانن تي وڃي محفلون ڪندو هو، هن جي صوفي شاعر سنت ٽيئون رام سان دوستي ۽ راڳ لاء سازگار شهر هجڻ ڪري ٽنڊي آدم سان سندس روح جو رشتو ٿي ويو، صوفي شاعر سنت ٽيئون رام  جي مشهور دعا جيڪا  ڀڳت ڪنور رام سنت ٽيئون رام سان گڏ پنهجي  آواز ۾ به آلاپيندو هو ، “صبح جا سائين ٻيڙا ٻني تون لائين، پلئه ٿا پايون عرض ڪل اگھائين.
سمت ڏي سڀن کي جپن نام تنهنجو،ڪمت کي ڪڍين تو سمت ۾ رهائين . ڀرين پيٽ سڀن جو سڄڻ ڏئي تون روٽي،لٽا ڏئي تون ڏاترننگن کي ڍڪائين رهڻ لاء گھرڙو سڄڻ ڏئي تون سڀ ڪنهن،بنا پاپ واري ڌنڌي سان لڳائين.
رهي سانت سکڙوسڀن وٽ سدائين،دياپال تن جا مرض ڪل مٽائين.
اٿي مهل انبرت جپن نام جيڪي،ڪهي ؛ٽيئون؛تن جاعرض ڪل اگھائين.”جيڪا ڀڳت ڪنور رام کي ڏاڍي پسندهوندي هئي هورات جو سنت ٽيئون رام سان گڏ محفل ڪري اسر ويل دعا ٻڌي روانو ٿي ويندو هو، زندگيء جو ڳچ حصو هو ٽنڊي آدم جي هاڻوڪي امراپور دربار ۽ اڳوڻي سنتن جي (ٿلهي) تي ٿيندڙ سائي سومار ۽ شهر ۾ ٿيندڙ محفلن ۾ شرڪت کي لازمي سمجهندو هو،  ٽنڊي آدم ۾ اچي پاڻ وڌيڪ سڪون محسوس ڪندو هو، ڀڳت ڪنور رام هر ڏک تڪليف برداشت ڪري ويندو هو پر هن کان ڪنهن غريب جي تذليل برداشت نه ٿيندي هئي، هڪ ڏينهن ٽنڊي آدم ۾ سنت ٽيئون رام جي ٿلهي تي صوفين جي محفل هلي رهي هئي جنهن ۾ هند سنڌ جا وڏا صوفي سنت ان محفل ۾ صوفياڻو پيغام عام ڪرڻ آيا هئا جتي راڳ جاري هو اتي وڏا وڏا سيٺيون ۽ زميندار به ويٺل هئا انهيء محفل ۾ بنا مذهبي متڀيد جي ڊوڍو چٽڻي جو لنگر پڻ هلي رهيو هو ته اتي هڪ غريب نينگر جيڪو پاڻي پياري رهيو هو ۽ ڀڳت ڪنور رام ڳائي رهيو هو  ان دوران ان نينگر کان رش جي ڪري پاڻي جو وٽو هٿ مان ڪري پيو ۽ سيٺ جي ڪپڙن تي پاڻي هارجڻ سبب ان سيٺ غريب کي چماٽ وهائي ڪڍي اتي ڀڳت ڪنور رام ڳائڻ بند ڪري ڇڏيو چوندو رهيو ته مالڪ سڀني جو هڪ آهي پوء هي گھمنڊ ڇاجو؟ جيستائين سيٺ نينگر کان معافي نه وٺندو آئون نه ڳائيندس،ان محفل ۾ ويٺل ڪيترن ئي کيس منٿون ڪيون پر سيٺ ڪنهن جي به نه مڃي، اتي ويٺل صوفين به چماٽ هڻندڙ سيٺ کان اهو مطالبو ڪيو ته  هو نينگر کان معافي وٺي پر سيٺ چواڻي ته آئون هڪ هاريء کان معافي وٺان؟ نه ائين نه ٿيندو، تنهن تي ڀڳت ڪنور رام ناراض ٿي اهو چئي روانو ٿيو ته آئون هاڻ ٽنڊي آدم شهر ۾ ايستائين نه ايندس ۽ راڳ نه ڪندس جيستائين سيٺ معافي نه وٺندو، ڪيترن سالن تائين هن کي شهر جي سڪ ستائيندي رهي پر وعدي جو پابند هجڻ ڪري هو شهر اندر  نه آيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن شهر کان ٻاهر اچي سنت ٽيئون رام سان ملي شهر کان ٻاهران هليو ويندو هو،هڪ اهڙي محبتي انسان جنهن جو سڄو مهور پيار،محبت ۽ انسانيت هجي اهڙي انسان جي دل آزاري ان وقت جي سماج تي هڪ گهري چماٽ هئي جنهن تي پنهجي وڏيرپ ۽ حاڪميت تاري هئي، هن الله لوڪ انسان جنهن پنهنجي راڳ جي مليل پورهئي مان  اڻ ڳڻين غريبن جا گھر هلائڻ ۾ مدد حاصل ڪئي، جنهن وٽ الک جي نالي کانسواء ڪجھ به نه هو، پر اسان وٽ ڪجھ عرصي کان اهڙا هاڃا ٿيندا رهيا آهن جتي محبت جا جنازا ڪڍي وڏي واڪي انسانيت جي لتاڙ ڪئي وئي آهي، جنهن جو ثبوت سنڌ جو عظيم ڪلاڪار ڀڳت ڪنور رام  آهي، اهو ڏينهن يقينن سنڌ ۾ انسانيت تي وڏو حملو هو جڏهن ڀڳت ڪنور رام مانجهند ۾ پنهجي زندگيء جي آخري محفل ڪري سکر لاء واپس وڃڻ جي لاء رڪ اسٽيشن تي تيار بيٺل هو ۽ جيئن ئي گاڏي ۾ چڙهيو ته پير ڀرچونڊي جي مريد ظالم شخص جان محمد جلباڻي انسانيت جون ڌڄيون اڏاري هڪ عظيم ڪلاڪار تي پٺيان وارڪري شهيد ڪيوجنهن سان سنڌ تي انتهاپسندي جو هڪ وڏو ٽڪو لڳايو ويو، جنهن جي دنيا هڪ نومبر ۱۹۳۹ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مذمت سان گڏ انهن ظالمن تي ملامت ڪندي پئي اچي، ڀڳت ڪنور رام ته اڄ به آسيس سان آهي جنهن کي وري به سندس مرشد سترام داس جا قدم نصيب ٿيا  جنهن جي آخري آرامگاھ سندس قدمن ۾ آهي، پر اهي قتل ڪرائيندڙ خاندان اڄ به سنڌ آڏو جوابده آهن ،مگر ڀڳت ڪنور رام اڄ به امر آهي جنهن کي دنيا ۾ وڏي چاھ ۽ اڪير سان ياد ڪيو وڃي ٿو، سندس اها ”لولي لال نون ڏيوان“ نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو“ ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان“  آء ڪانگا رھ رات“ جهڙا عظيم شاهڪار گيت دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ بڻيل آهن، هن تي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکڻ سان گڏ هندي سنڌي فلمون به ٺاهيون ويون آهن، اهڙي املھ ڪردار کي دنيا اڄ سونهري لفظن سان ياد ڪري ٿي.۽ قاتلن تي دنيا اڄ به ملامت ڪري ٿي.


شهيد ڀڳت ڪنور رام
سنڌ جو امر راڳي
خليق ميمڻ
سنڌ ڌرتي پنهنجي وجود مان اهڙا انمول موتي پيدا ڪندي رهي آهي، جيڪي هميشه سنڌ ڌرتيء َ ۽ سنڌ واسين جو ڪنڌ اوچو ڪندا رهيا آهن. سنڌ جيڪا درويش ۽ فقيرن جو وطن آهي، جنهن ڪري سنڌ اصل کان ڌاڙيلن جون يلغارون، حملا ۽ ظُلم سَٺا آهن. سنڌي ماڻهو پُرامن، ٻاجهارا، انسان دوست ۽ موهن جي دڙي جي سمبارا ٻڌائي ٿي ته هن ديس جا رهواسي فن فڪر سان چاھُ رکندڙ رهيا آهن. ويهين صديءَ ۾ به ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ شڪارپور ۾ ڪيترائي سنگيت ڪار پيدا ٿيا جن ۾ جيوڻي ۽ خوشحالي ٻائي صوفياڻو ڪلام حيدرآباد ۾ جمن شاھ جي پڙ تي ڳائينديون هيون، ان کان علاوه ڪندگر، برهمانند ( جيڪو پڻ ان وقت جيئپور يونيورسٽيءَ ۾ موسيقيءَ جو استاد هو) مهراج سوامي داس، پنڊت وشنو شرما، گويو گڻپت، جوڳي الله يار خان ۽ ماستر چندر جهڙا سنگيت ڪار هئا، جيڪي پنهنجي فن ذريعي درد ڀري سدا سان صدين کان ننڊ ۾ ستل قوم کي سجاڳ ڪري ڇڏيندا هئا. اهو دؤر صوفي راڳ رنگ جو به ڳڻائي سگهجي ٿو.  شهيد ڀڳت ڪنور رام به سنڌ جي ان صوفي منش هجڻ جي ڄڻڪ هڪ وڏي ثابتي رهيو آهي. ڀڳت ڪنور رام جي جنم بابت سنڌ جي نامياري ليکڪ ڀيرومل چنديرام لکيو آهي ته : ڀڳت سرومڻي ڀائي ڪنور رام جو جنم ميرپور ماٿيلي اسٽيشن  کان ۸ ميل پري ( ۱۲ ڪلو ميٽر) جروارن جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ۱۳اپريل ۱۸۸۵ع تي ماتا تيرٿ ٻائيءَ جي ڪُکِ مان ٿيو. وڌيڪ لکندي چئي ٿو ته : ڳالهه ڪندا آهن ته ڀڳت صاحب جي پتا ڀائي (پيءُ) تارا رام کي اولاد ڪونه ٿيندو هو، هن ڪيترا پير فقير ڀيٽيا، آخر سنت سوامي سترام داس صاحب جي آشيرواد سان کيس اولاد ٿيو. سنڌ جو هي عظيم ڪلاڪار جيڪو راڳ ڳائيندو هو ته راڳ جي آلاپن ۾ گم ٿي ويندو هو، ٻڌندڙ ان جي صحر انگيز آلاپن ۾ مدهوش ٿي ويندا هئا.  هڪ ٻئي نامياري ليکڪ پروفيسر ميناگوپ روپچنداڻي لکيو آهي ته : ڀڳت ڪنور رام ڳائڻ ۾ عارفاڻو ۽ فقيراڻو ڪلام ، ڪبير داس، فريد خان، شاھ، بيدل، بيڪس، سچل، بلي شاھ، دريا خان ۽ سليمان وغيره جو ڪلام ڳائيندو هو. تمام مٿي آلاپ کڻڻ وقت موج مستيءَ ۾ اچي نچڻ ۽ جهومڻ لڳندو هو ۽ ڳائيندو هو.
” آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه ماکي تن ماروئڙن جي،
يا
ڪيئن ريجهايان توکي، ڪيئن پرچايان؟
يا
او نالي ڌڻيءَ جي ٻيڙو تار منهنجو
او نالي الک  جي ٻيڙو تار  منهنجو.
سندس جون اهي گائڪيون امر آهن.سنڌ ۾ جن ڀڳت ڏٺي يا ٻڌي هوندي، سي ڪيڏا نه خوش نصيب ماڻهو هئا جن ڏياريءَ جي ڏينهن ۾ صبح جو سوير پرڀات جو وسڻ رام جي ٽڪاڻي ۾ سنڌوءَ جي ڇولين سان مليل سنت سترامداس ۽ سندس مريد ڪنور رام  جو گڏيل ڀڳت ٻڌو هوندو، آلاپن ۾ سوز ۽ ساز  اوستائين پيا سنڌوءَ جي ڪنارن کي مهڪائيندا هوندا، جيستائين سج جون باکون پنهنجو جوهر ڏيکارينديون هونديون. سنڌ جي اهڙي امر راڳي لاءِ جيترو ڪم سنڌ ۾ ٿيڻ کپي اوترو ڪم ٿيندي نظر نه پيو اچي، ڪجهه عرصو اڳ سندس زندگيءَ تي هڪ شاندار ڊرامو ٺاهيو ويو هو ۽ هاڻي خليل مورياڻي جو سهيڙيل هڪ ڪتاب کان سواءِ ڀڳت ڪنور رام سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن کان اوجهل رهندو پيو اچي،جَس هُجي رواداري تحريڪ وارن دوستن کي جيڪي ڪجهه عرصي کان پنهنجي وِت آهر هر سال پهرين نومبر جي شام جو رڪ اسٽيشن تي ڏيئا ٻاري سندس جي ورسي ملهائيندا آهن. ڪنور رام تي هندستان ۾ رهندڙ سنڌين ڪافي ڪم ڪيو آهي، امر ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان هندستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ آسٿان، ڌرم شالائون، مندر، ٽڪاڻا، روڊ، ڪالونيون ۽ چونڪن تي مورتيون لڳايل آهن، تنهن کان علاوه آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي نشريات تان روزانو ڀڳت ڪنور رام جي سدابهار ۽ مٺي آواز سان پروگرام جي شروعات ڪندا آهن. ڪنور رام ڳوٺن کان ويندي شهرن تائين راڳ ڳائڻ لاءِ ويندو هو جنهن ۾ روهڙي، شڪارپور، ڪراچي، مانجهند، جيڪب آباد، رهڙڪي ۽ گهوٽڪي سميت ٻين شهرن ۾ پڻ پنهنجو ڀڳت وڃي سُڻائيندو هو. شهيد ڀڳت ڪنور رام جو آخري ڏينهن به پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر مانجهند ۾ ڀڳت ڳائيندي گذريو هو پهريون دفعو ايئن ٿيو هوندو جو سندس ڀڳت ڳائڻ دوران ماڻهن گوڙ ڪيو هجي، گوڙ ڏسي، اتي ويٺل ماڻهن کي چيائين ته: بابا! شانتي ڪريو، اسان جو شايد هي آخري ميلو آهي. مانجهند کان واپسي تي رُڪ اسٽيشن پڄڻ شرط کيس گولي هڻي شهيد ڪيو ويو هو. ان وقت جي اخبارن ۾ سندس جي شهادت جي ٻئي ڏينهن تي هيئن خبر ڇپي هئي. سنڌ جو امر راڳي ڀڳت ڪنور رام پهرين نومبر ۱۹۳۹ع تي شام جو پنجين وڳي واريءَ گاڏيءَ ۾ دادو کان چڙهيو، ڀڳت صاحب سان گڏ اٽڪل ست ماڻهو ٻيا به هئا، رڪ اسٽيشن تي هڪ ريلوي جي بابوءَ ڀڳت صاحب کي ڪجهه کاڌي وارو سامان اڳيان ڀيٽا طور رکيو، اهو کاڌي وارو سامان ڀڳت صاحب پنهنجي هڪ آدميءَ کي ڏنو ۽ چيائين ته تون هي پرساد سڀ کي ورهائي ڏي، ڀڳت صاحب پنهنجي آدميءَ کان پڇيو ته کاڌي جو سامان يعني پرساد سڀني کي ورهائي ڏنو؟ جنهن تي سندس ساٿيءَ ڀڳت صاحب کي چيو ته: ”سائين! هڪ مائي کي پرساد ڪو نه مليو آهي ۽ هوءَ ٻئي گاڏي ۾ ويٺي آهي، ڀڳت صاحب چيو ته وڃ، مائي کي به ڏئي اچ، ائين ڪندي ٻه همراهه بندوقن سان آيا، هڪ کي بندوق ويڙهيل هئي ۽ ٻئي کي کليل بندوق هٿ ۾ هئي، انهيءَ مهل ڀڳت صاحب گاڏيءَ جي دروازي جي منڍ وٽ بيٺو هو، انهن ڀڳت صاحب کي هٿ جوڙيا ۽ ڀڳت صاحب به کانئن هٿ جوڙي موڪلايو، کين به انگور ۽ پيڙا کائڻ لاءِ ڏنائون، گاڏي هلڻ جو وقت ٿيو، ٻئي ڄڻا هليا ويا ۽ ڀڳت صاحب گاڏي جي بينچ تي پنهنجي ساٿين سان گڏ وڃي ويٺو، ائين ڪندي ٻئي همراهه گاڏي ۾ ٻئي پاسي کان ڦري آيا، گاڏي به آهستي آهستي هلڻ لڳي، انهيءَ وچ ۾ انهن ڀڳت صاحب کي پٺيان ڪنڌ ۾ بندوق هنئي، گولي ڀڳت صاحب جي ڪنڌ مان آر پار ٿي نڪري وڃي سندس سامهون ويٺل ساٿيءَ سيتلداس کي کٻيءَ ٻانهن ۾ لڳي، ڀڳت صاحب انهيءَ مهل بيهوش ٿي ڪري پيو، تنهن کان پوءِ منو ڪلاڪ جيئرو هو، زنجير کي ڇڪيو ويو ريل گاڏي بيهي رهي پر تيستائين سنڌ جو امر راڳي ڀڳت ڪنور رام وڃي پنهنجي سائين سان ملي چڪو هو، ائين چوونجاھ سالن جي ڄمار ۾ هن فاني جهان کي الوداع ڪيو.
سو   ڪنور  رُڪ   ۾   ڪسجي   ويو ،
ڀڳت درويش رت ۾ رڱجي ويو،
سنهاري سنڌ جي شهيدن ۾ ٿي شريڪ،
هند_سنڌ  ۾ امر سو ڪنور ٿي ويو.
وينا
ان واقعي جي تاريخ ۾ ٿورا تضاد موجود آهن، گهڻن ليکڪن جو خيال آهي ته اها تاريخ پهرين نومبر جي هئي، جڏهن سينئر صحافي ممتاز بخاري چئي ٿو ته: ريلوي جي ريڪارڊ مطابق اها تاريخ ۲ نومبر جي آهي، ۲نومبر جي تاريخ سان ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي به متفق نظر اچي ٿو، پر گهڻي قدر هر سال سندس ورسي پهرين نومبر تي ئي ملهائي ويندي آهي.


ڀڳت ڪنور رام
نالي ڌڻي جي ٻيڙو تار منهنجو
ڪشور ڪمار آسواڻي نهٽه ٿر
دنيا جو ناليوارو ڀڳت، سنڌ جي عظيم شخصيت، پيار، امن، محبت ۽ هم آهنگي جو علمبردار ڀڳت ڪنور رام هڪ اهڙو ته صوفي منش انسان هو، جنهن کي هند ۽ سنڌ جي هڪ مذهب، ذات ۽ قبيلي جا ماڻهو تمام گهڻي عزت ۽ مان ڏيندا هئا، پاڻ صوفي ڀڳت هجڻ کان به وڌيڪ انسان دوست، فطرت دوست انسان هو، هر ڏکي جي مدد ڪندو هو، هڪ مسڪين ۽ مظلوم جو حوصلو ٿيندو هو، ڀڳت ڪنور رام ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ع تي ميرپور ماٿيلي جي ننڍڙي ڳوٺ جروار ۾ جنم ورتائين، ڀڳت ڪنور رام جي والد جو نالو تاراچند ۽ سندس ماءُ جو نالو تيرٿ ٻائي ھو، جنھن وقت ڪنور رام ڄائو، ان وقت ھڪ صوفي بزرگ سنت کوتارام، جروار ڳوٺ ۾ آيو. تاراچند، ھيءُ ننڍڙو ٻار کڻي وڃي سنت کوتارام جي جھوليءَ ۾ وڌو، جنھن ٻار جو نالو “ڪنوررام” رکــيو. شـروع ۾ ڪـنور رام ســنڌي پڙھڻ ويٺو، ان کان پوءِ فارسي پڻ سکيو، سندس پيءُ تاراچند کي زمين جو ٽڪرو ھو. ڪنور رام ڪڏھن ڪڏھن ٻنيءَ تي جھار ھڪليندو ۽ نار ھلائيندو ھو. جوان ٿيو ته ڪُھر وڪڻڻ شروع ڪيائين، ان دوران ڳوٺ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ ڀائي ھاسارام کان گُرمکي به سکندو رھيو، درٻار ۾ آئي وئي جي ٽھل ٽڪور پڻ ڪندو ھو، اتان جو ھڪ سنت سترامداس کيس سنتن ۽ ڀڳتن جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو ھو. اتي ئي ڪنور رام، سترامداس کان ڀڳت وجھڻ سکي ۽ سندس سنگ ۾ خود به سنت ٿيو ۽ سنڌ جي سنتن جو سرتاج بڻجي ويو.
سنت سترام داس سان ڀڳت ڪنور رام جي هڪ واقعي وسيلي واقفيت ٿي. ھڪ دفعي سترام داس صبح جو جروارن ۾ اسر مھل ڀڳت پئي ڪئي ته ڪُھرن وڪڻڻ واري جو ھوڪو ٻڌائين. ھوڪو اھڙي مٺڙي آواز ۾ ھو، جو سنت سترام داس ڪُھرن وٺڻ لاءِ مجبور ٿي پيو. اھو ڪھرن وڪڻڻ وارو ڇوڪرو ڪنور رام ھو، جنھن سنت سترام داس کان پئسن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ سنت سترام داس جو پيار، پنهنجائپ ۽ پاٻوهه ڏسي ھميشه لاءِ سندس چاڪريءَ ۾ رھي پيو ۽ اتي ئي رهي ڀڳتي ۽ سنگيت جي تعليم سان رچي ريٽو ٿيو. ۱۹۰۳ع ۾ منگھرياڻين جي زميندار ڀائي اوتو مل جي نياڻيءَ سان سندس شادي ٿي. ڀڳت ڪنور رام باقاعدي ڀڳتون وجھڻ شروع ڪيون، ان دوران کيس جيڪي ڪجهه ملندو ھو، اھو غريبن ۽ محتاجن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. ھڪ ڀيري ڀڳت ڪنور رام شھدادڪوٽ ۾ اڃا ڀڳت وڌي ته ھڪ فقير دانھن ڪئي: ”خالي جھولي ڀري ڏي، ٻچا پيا بک ۾ پاھه ٿين.“ ڀڳت پنھنجي جھوليءَ مان مٺ ڀري ان فقير کي ڏني. فقير ڏٺو ته اھي سڪا چانديءَ جا نه، پر ٽامي جا آھن، سو ڪاوڙ مان سڪا کڻي ڀڳت جي منھن ۾ ھنيائين ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالھائڻ لڳو. ڀڳت ڪنور کي چڱو خاصو ڌڪ لڳو، ڀڳت جا پريمي ان فقير تي ڪاوڙجي پيا، پر ڀڳت ھڪدم اُٿي پريمين کي روڪيو ۽ فقير کي چيائين “ابا ڏيڻ وارو به الله ۽ وٺڻ وارو به الله، باقي ماريئي هروڀرو مون مسڪين کي”. ائين چئي ٻي به مٺ ڀري فقير کي ڏنائين. ڪنور ڀڳت وٽ ھندو مسلم جو مت ڀيد نه ھو، ڪو به سوالي ايندو هو ته خالي موٽي نه ويندو ھو. اڳتي هلي ڪنور رام پنھنجي ٽوليءَ سان گڏ ڀڳت ڪرڻ لاءِ ٻاھر وڃڻ لڳو ته ڪيترائي غريب ۽ يتيم وٽس سوال کڻي ايندا ھئا، جيڪي ڀڳت ڪنور رام پورا ڪندو ھو. ھڪ ڀيري ھڪڙي سواليءَ نياڻيءَ جي شاديءَ ۾ مدد لاءِ سوال ڪيو. ڪنور رام اتي جھولي جھلي سون چانديءَ جي ڳھن سان گڏ ۱۱۰۰ رپيا جمع ڪري سواليءَ کي ڏنا. اھڙيءَ طرح ڪنور رام ڪيترن ئي سوالين جي مدد ڪندو رھيو.
ڀڳت ڪنور رام ڀڳتي جي گائڪي يا لوڪ راڳ ۾ جيڪا جاءِ والاري، تنھن ۾ پنھنجي دور جي ۽ خاص ڪري پوئين دور جي سڀني ڀڳتن کي پوئتي ڇڏي ويو. ھن پنھنجي آواز جي جادوءَ ۽ انداز سان سنڌ ۾ ڀڳتي گائڪيءَ جو نئون بنياد وڌو. سنڌ ۾ داستان گوئيءَ جو رواج تمام قديم رھيو آھي. خاص ڪري حڪمرانن ۽ بادشاهن جي لڙاين دوران حصو وٺندڙ پھلوانن جي ويڙهه ۽ مرتئي تي جيڪي داستان بيان ڪيا ويندا ھئا، سي ڳاھن جي صورت ۾ ھوندا ھئا، اھا شاعري سنڌ جي واھڻن، وستين ۽ ڪچھرين ۾ چارڻ، سرندن ۽ دنبورن تي وڃي ڳائيندا وڄائيندا ھئا، سنڌ ۾ ڀڳتي ڳائڻ جو انداز پڻ ٽولن جي صورت ۾ وجود م آيو. ڀڳت ڪنور رام جو ٽولو ھونئن ته مشھور ھو، پر ڀڳت صاحب سدائين اڪيلو ڳائيندوھو ۽ اھڙي ته منفرد انداز ۾ ڳائيندو ھو، جو ھن مھل تائين راڳ جي دنيا ۾ جيئن استاد محمد جمن جو نقل ڪرڻ تمام ڏکيو آھي، بلڪل ائين ڀڳت ڪنور رام جي ڳايل صوفيانه ڪلام جو نقل ڪرڻ مشڪل آھي.
جيتوڻيڪ راڳ جي دنيا جي سڀني ڳائڻن، ھن مھل تائين ڪنھن نه ڪنھن طرح راڳ کي پنھنجي معاش جو ذريعو بنايو، پر ڀڳت ڪنور رام واحد راڳي ھو، جنھن راڳ جي ڪمائي غريبن ۽ نادارن جي مدد لاءِ ڪتب آندي. چون ٿا ته ھڪ ڀيري ڀڳت ڪنور رام پير جي ڳوٺ واري مندر ۾ پئي ڳايو ۽ آخري راڻو پئي ڳايائين ته پوليس اچي ڪڙڪي. ھڪ فرياديءَ قرضن جي اوڳاڙڻ لاءِ هڪ ماڻهوءَ کي پوليس جي حوالي ڪيو ته ڪنور رام ان کي ڇڏائڻ لاءِ “جھولي” ڪئي ۽ راڳ تڏھن بس ڪيائين، جڏھن فرياديءَ چيو ته ’سائين! منھنجا پئسا پورا ٿي ويا.
ماسٽر چندر اعتراف ڪندو هو ته ھن “اڏر وڃ طوطل ماڙيءَ” وارو ڪلام، ڪنور رام کان سکيو ۽ ڳايو، جنھن جي اکر اکر ۾ تان ھڻڻ وارو انداز ھو. ڪنور رام گھڻو ڪري آخر ۾ “راڳ مارو” ڳائيندو ھو ۽ ھر محفل جي پڇاڙي “مارو” راڳ ڳائي ڪندو ھو. ڀڳت چندر چواڻي ته ڀائي ڪنور رام “مارو” راڳ ڳائڻ جو سبب اھو ٻڌائيندو ھو ته جيئن انسان کي ”موت“ جي يادگيري رھي.
ڪنور رام زندگيءَ جو آخري راڳ مانجھندن ۾ ڳايو. مانجهند شهر مان ڳائي ريل ۾ چڙهي دادوءَ ۾ لٿو ۽ اتان ٻيءَ گاڏيءَ ۾ سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي پھتو ته گاڏي ڇٽڻ بعد کيس پير صاحب ڀرچونڊيءَ جي هڪ مريد ۽ ظالم شخص جان محمد جلباڻيءَ بندوق ھڻي زخمي ڪري وڌو. گاڏيءَ ۾ علاج نه ٿيڻ سبب باگڙجي اسٽيشن تائين رت وھڻ سبب ڪنور رام لاڏاڻو ڪيو. سکر، روھڙيءَ ۽ ٻين شھرن ۾ ھندو توڙي مسلمان هن افسوسناڪ حادثي تي غم کان ڏاڍو مشتعل ٿيا. اھو حادثو ۱ نومبر ۱۹۳۹ع تي ٿيو ۽ سندس اگني سنسڪار ۲ نومبر تي ڪيو ويو. سندس آخري آرامگاھه رھڙڪيءَ ۾، سنت سترام داس جي قدمن ۾ آھي.
ڪنور ڀڳت جي آواز جي جادوءَ سوين ماڻھن کي موھي وڌو، لڙيءَ رات ڳوٺن ۾ سندس آواز سبب ماڻھو ننڊون ڦٽائي، سندس راڳ ۾ شريڪ ٿيندا ھئا. ڪنور جي آواز جون ماترائون مٿاھين سُر تي اڀرنديون ھيون، اتي سازن جا سر بيھي ويندا ھئا، ڪنور رام سونھن ۽ سُر جي جيڪا ھاڪ پنھنجي وقت ۾ پيدا ڪئي، سا اڄ تائين ڪنھن به ڳائڻي کي نصيب ڪا نه ٿي آھي. هن وقت سنڌ اندر ڀڳتي جون جيڪي به ٿوريون ڪوششون زندهه آهن سي سڀ ڀڳت ڪنور رام جي ڪري ئي موجود آهن، ڀڳت جون انسانيت کي زندهه رکڻ واريون ڪوششون جنم جنم تائين زندهه رهنديون ڀڳت جنمن تائين زنده رهندو.


ڀڳت ڪنور رام

(بوند بره جي)

نذير سومرو

هن کي ته اها خبر به ڪونه هئي ته ڪو هو هندو آهي. “ڪنور” نالو به هن جي والدين رکيو هو جنهن لاءِ به کائنس ڪا صلاح ڪونه ورتي ويئي هئي. هو ته پوءِ “ڪنور” کي ڇڏي رڳو “ڀڳت” ٿي ويو ۽ بس..... پوءِ سموري دنيا کيس “ڀڳت سائين” يا “ڀڳت صاحب” سڏيو. اڌ رات جي سانت ۾، چمڪندڙ ستارن جي ميرڙي روشنيءَ هيٺان. هن جي “صاحبا آ آ آ آ” واري “هڪل” هر اک کي روئاري وجهندي هئي. پوءِ اها اک، نرڙ تي محراب ٺهيل، ستن آسمانن کان مٿي، عرش ڪرسيءَ واري خدا جي حضور ۾ هٿ ٻڌي بيٺل نمازيءَ جي هجي، يا تلڪ لڳائي، پنهنجي هٿ سان ٺاهيل ڀڳوان جي مورتيءَ اڳيان هٿ ٻڌي بيٺل پوڄاريءَ جي هجي يا وري وڏن وارن واري، چيلهه ۾ ڪرپان ٻڌل سک جي هجي. هو اک سان ٻڌل هو، هن جو ڪم اک واري جي مذهب سان ڪونه هو. هن کي خبر هئي ته اک جا ڳوڙها مذهبي ناهن ٿيندا. ڳوڙها “اک مان ڳڙڻ” سکيا آهن نه ڪي فرقا ٺاهڻ. هو هندو/سک/مسلم هجي ها ته سڪه رائج الوقت وانگر ڪجهه نه ڪجهه ڪري ها.

خبر ته ان ريل جي انجڻ کي به ڪونه هئي ته هوءَ جنهن گاڏيءَ کي ڇڪي رهي آهي ان ۾ هڪ اهڙو انسان ويٺل آهي جنهن ۾ سڀني جو ساهه آهي ۽ هن جي ساهه ۾ سڀ آهن. ڪائنات جي هر شيء سندس ساهه ۾ سمايل آهي. هن جو پيار زمين آسمان جي ماپن کان مٿي آهي.خبر ته ان رڪ نالي اسٽيشن کي به ڪونه هئي ته رڪ مان ٺهيل هڪ گولي، هڪ ٺڪاءَ سان هن اسٽيشن جي اڱڻ کي اجاڙي ڇڏيندي. بي خبر، ان سگنل واري ريل کي بيهاريو، ماڻهو لهڻ چڙهڻ جي تيارين ۾ هئا ته................(وسندڙ شهر ويران ڪري) وانگر رڪ جي اسٽيشن کي هڪ گوليء جي اوچتي ٺڪاء  حيران ڪري ويران ڪري ڇڏيو.

خبر ته ان گوليء کي به ڪونه هئي ته هوءَ ڪنهن جي جسم ۾ گهڙي ان مان ست ڪڍي کيس “ڳائيندڙ” (خوشيون ورهائيندڙ) مان “خاموش فريادي” (ڏکارو بڻائيندڙ) بڻائڻ لاء ٺهي آهي. ان هڪ گوليءَ کي ڪهڙي خبر ته هوءَ هن کي ماري دنيا جي تمام پراڻي تهذيب کي ٻه اڌ ڪرڻ جو، حڪمرانن پاران  رکيل بنياد مضبوط ڪري رهي آهي. ان جو فائر ٿيڻ هڪ گهر ۾ “وري” وجهي پيار کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيندو.

اها خبر ته ان ٽرائگر دٻائڻ واري کي به ڪونه هئي ته هو “اهڙي” انسان کي ڇو ماري رهيو آهي جيڪو گودڙي پوش هوندي، دلين تي بادشاهي ڪري ڄاڻيندڙ آهي. ان مارڻ واري جي به دل ۾ ويٺل هن مها پرش سان محبت هڪ لمحي لاء سوچيو هوندو ته هي جيڪو مان ڪري رهيو آهيان، اهو غلط آهي. “اهڙا انسان ماريا ويا ته باقي ڇا بچندو” پر ان لمحي ان جي “مرشد” جي “ڀريل ذهن” فائر جو حڪم ڏنو ۽ هڪ “محبت” زخم تي هٿ رکي، فائر ڪندڙ ڏانهن نهاري، کلي، ڪروڙن کي روئاري ويئي.

ها! اها خبر صرف ان کي هئي ته هو کيس ڇو ٿو مارڻ/مارائڻ چاهي. اهو جيڪو ڪائنات جي ٺهڻ کان وٺي انساني ذهنن ۾ گند جو بارود ڀريندو رهيو آهي. اهو جيڪو ان سوچ جي سلسلي جي پيڙهي آهي ته گلن کي ٽڙڻ نه ڏيو، سچ کي سرجڻ نه ڏيو، چڱايون دفن ڪندا رهو گل پٽي، پن پن ڪري ڇڏيو. برائيءَ سان ياري رکو، انسان ماريو، زندگين کي زهر بڻايو ۽ موت کي عام ڪريو. ها! ان کي خبر هئي ته هن جو “آقا” هن تي مهربان تڏهن ٿيندو جڏهن هو اهڙي “تعبيداري” ڪندو.

پهرئين جنگ عظيم ۾ پراوا گهر اجاڙي، نوٽن سان گهر ڀريندڙن اهو فيصلو ڪيو هو ته هاڻي هڪ نيو ورلڊ آرڊر آڻڻو آهي. وڊروولسن اهو چئي چڪو هو ته “هاڻي دنيا ۾ نوان ملڪ قوميت جي بنياد تي ٺهڻ گهرجن”. پوء ان تي عمل وقت “دُڪي ڏيکاري” “يڪو” هنيو ويو. قوميتون وري مذهبن جي بنياد تي طيء ڪيون ويون. يعني، مسلمان قوم، هندو قوم، يهودي قوم، سک قوم............کين به خبر هئي ته مذهب ڪڏهن به ڪنهن کي قوم بڻائڻ وارو ڪم ڪرڻ کان قاصر هوندو آهي پر ڄاڻي واڻي ڏاهي ارسطو جي مڃيل ٿيوريءَ کي جيئري دفن ڪيو ويو. پوري دنيا وانگر برصغير کي سدا لاءِ جنگ جو ميدان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ هتي ٻه “سدا سهاڳڻا دشمن” ويهاريا ويا. انهن جو ڪم هو/آهي پنهنجي قوم کي تباهه و برباد ڪري، بکون ڪاٽرائي ملڪي ڪمائي هٿيارن تي خرچ ڪرڻ. جيڪو هنن تمام بهتر نموني سان ڪري “انعام” حاصل ڪيا.

انهن جي “محنتن” جا نتيجا قدم قدم تي نظر ايندڙ آهن جنهن جو آخري رزلٽ اهو آهي ته ڪو هڪ ڊپارٽمينٽ به صحيح ناهي. چرس/نشو وڪڻڻ وارن وانگر سڀ کان پهريون انهن کي مفت ۾ هٿيار ڏنا ويا. “امداد ڪنسورشيم” قائم ڪري نشي تي هيرايو ويو. ملڪ کي ملندڙ امدادن جو آخري نتيجو اهو آهي ته اڄ تائين ديدون در ۾ آهن ته ڪٿان “ڪجهه” اچي. باقي قومي عزت هونئن به اچڻي وڃڻي آهي. بلڪل ائين جيئن اڄ ڪلهه مرد مڇون وٽي هوٽل تي ويهي چانهه پيئن ٿا ۽ عورتون “عزت” سان “خيرات” وٺن ٿيون. شهيدن جي پارٽيءَ جي ان عمل جو آخري رزلٽ اهو آهي جو هاڻي هن “قوم” کي صرف اها خبر آهي ته هن دفعي خيرات ڪڏهن ۽ ڪيتري ايندي باقي ست خير.

اوطاقن تي، جتي پيار محبت تي بحث ٿيندا هئا. مينهن، ڳئون، رڍ ٻڪريءَ جي نسلن تي ڳالهايو ويندو هو، انهن جي کير مکڻ تي ڳالهايو ويندو هو. شادين جي ڪاڄن تي ڳالهايو ويندو هو، شاهه سچل ساميءَ تي ڳالهايو ويندو هو.... اتي هاڻي اهو ٿو بحث هلي ته “تو ڪارڊ ڪيئن ٺهرايو” “مان ڪيئن ٺهرايان” صبح جو سوير کان قافلا شروع ٿين ٿا جيڪي شهر ۾ قائم بئنڪن جي در کلڻ کان اڳ لائين ۾ لڳن ٿا......... ڇا اهو ڪوڙ ٿو لڳي ته ڀڳت ڪنوررام جهڙن ماڻهن ئي هن دنيا کي دوزخ بڻجڻ کان بچائڻ لاءِ ڍال جو ڪم ڏنو آهي. هنن کي ڏسندڙ جيسين جيئرا هئا انهن ڪڏهن ڪونه سوچيو هو ته هو مذهبي جنوني ٿين، هو محبتي ئي رهيا. اڄ اهي سڀ مري ويا تڏهن هي معاشرو نرڳ جو ڏيک ٿو ڏئي.

مون پاڻ ته ڀڳت سائين کي ڪونه ڏٺو هو پر “مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي” مصداق پنهنجي پيءَ واتان ڀڳت سائين جي بيشمار دفعا تعريف ٻڌي هئي. منهنجي پيءَ مون کي ٻڌايو هو ته ڀڳت دوران سڀ هيٺ وڇايل تڏن تي ويهندا هئا پوء اهي غريب هجن يا ڪيترا ئي وڏا سيٺ هجن. جيئن ته هن جو پيءُ (منهنجو ڏاڏو) استاد هو، (ان وقت استاد محنت جي ڪري پنهنجي عزت ڪرائي ڄاڻندا هئا) ان ڪري ڀڳت واري پروگرام دوران ان کي کٽ تي ويهاريندا هئا. اسان به سندس طفيل کٽ تي ويهي ڀڳت ٻڌندا هئاسين. منهنجي پيءَ ٻڌايو هو ته هن ٻه يا ٽي دفعا ڪنور سائين کي ڏٺو هو. پاڻ ڀڳت دوران مليل سمورا پيسا اتي ويٺل سائلن ۾ ورهائي ڇڏيندو هئو. ڪيترا ئي ماڻهو جيڪي ڪنهن سيٺ جا قرضي ٿي ويندا هئا اهي اتي پهچي کيس وينتي ڪندا هئا “فلاڻي سيٺ جو مون ڏانهن هيترو قرض آهي، مان اهو ادا ڪري ڪونه ٿو سگهان. گهر ۾ آڻين ۽ چاڙهين واري حالت آهي، مهرباني ڪري اوهان هن سيٺ کي چئو ته منهنجو اهو قرض معاف ڪري ڇڏي” پوءِ ڀڳت سائين جيستائين ان سيٺ جو نالو کڻي اهو پاڻ اڳ ۾ ئي اٿي بيهي معاف ڪري ڇڏيندو ڇوته ان کي پڪ هوندي هئي ته “ڀڳت سائين” جي سوال ڀرين نظرن جو جواب “نه” ناهي هوندو. پر جيڪڏهن ڪو “پڪو” سيٺ هوندو ۽ انڪار ڪندو يا لنوائيندو ته ڀڳت سائين چوندو “اچو ته جهولي جهليون” پوءِ ڪنهنجي مجال جو جهولي ۾ گهڻو ڪجهه نه وجهي ۽ جهوليءَ کي ٽمٽار نه ڪري ڇڏي. زمين آسمان کان وڏي ڳالهه اها ته ان سموري سين ۾ هندو مسلم تضاد ڪٿي ڪونه نظربو هو. منهنجو پيءَ اهڙيون ڳالهيون ڪندي هميشه اشڪ بار ٿي ويندو هو جن کي سوچي هاڻي منهنجي ساڳئي ڪيفيت ٿيندي آهي.

ڪرامتن تي يقين نه به رکان ته به مان پڪ سان چئي سگهان ٿو، ته هن مئل ٻار جيئاريو هو يا نه پر هن “مئل من” ضرور جياريا هئا. هن مايوس ماڻهو ضرور اتساهيا هئا. هن پيار جي گوري کارائي ڪيترا ئي مريض ضرور ٺيڪ ڪيا هئا. نبض ڏسي دل جون دڙڪنو ڳڻي ان مطابق پيار جا نسخا ضرور لکيا هئا. هن بغير آپريشن/چيرڦاڙ جي ڪيتريون ئي نفرتن جون پٿريون پتي مان ڪڍيون هيون. اڄ به سندس ڪلام ٻڌي من مچلي پوي ٿو، “لولي ٻال ڪون ڏيوان” لڳي ٿو ته هو مون کي لولي ڏيئي ننڊ ڪرائي ٿو. “ڪيئن ريجهايان توکي” ٻڌائي مونکي سمجهائي رهيو آهي ته ان جو مطلب لطيف سائين جي ان بيت مان کنيل آهي “روزو نماز اي پڻ......” تون ان علم جو حصو هرگز هرگز نه ٿجانءِ جنهن علم انسانيت کي تقسيم ڪيو آهي ۽ وري جڏهن “بوند بره جي بهار لڳي.......” ڳائي ٿو، پوءِ ته هن “درد ونديء جو ديس وسي ٿو پوي” اندر ۾ وڍ پون ٿا، تن تڙپي پوي ٿو..... اکيون به گهڻو ڪجهه ڳاڙي وجهن ٿيون. هن جي ساز جي هڪ هڪ تند سرير کي تڙپائي ٿي وجهي، سواليه نظرن سان ڏسي ٿي، پڇي ٿي ته تون ان وقت ڇو ڪونه پيدا ٿئين جڏهن هو سامهون/لائيو اهو ڪجهه ڳائي رڳون رباب ڪري ڇڏيندو هو.


ڀڳت ڪنور رام

امر شھيد کي ڀيٽا

سردار رام سنگ

ڀڳت ڪنور رام ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ع ۾ ھاڻوڪي گھوٽڪي جي ضلعي ھيڊڪواٽر ميرپورماٿيلو جي ننڍي ڳوٺ جروار ۾ ڀائي تاراچند ۽ ماتا شريمتي تيرٿ ٻائي جي گهر سنت بابا کوتا رام صاحب جن جي آسيس سان پيدا ٿيو. سنت ماتا تيرٿي ٻائي کي وچن ڏنو ته اوھان جي گھر اھڙو لاکڻو لال پيدا ٿيندو جنھن جو نالو سدا امر ۽ ھنڌ سنڌ ۾ مشھور ٿيندو.

سندس جو نالو سنت بابا کوتا رام صاحب رکيو جيڪي سنت سترام داس جن جا پتا صاحب پڻ ھئا.

ڀڳت ڪنور رام صاحب شروعاتي تعليم جروار مان ورتي ۽ پوءِ پوج شداڻي درٻار حيات پتافي مان گائن وديا گرمکي ۽ ڀگتي ڪيرتن جو گيان پراپت ڪيو.

ڀڳت ڪنور رام ننڍپڻ ۾ ئي ڪرت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ سندن ماتا ڪوھر ڪارا چڻا پڪوڙا پچائي وڪڻڻ لاءِ ڏيندي ھئي. ننڍو ٻالڪ ڪنور اھو ٿالهه کڻي سنت سترام داس وٽ اچي اڳيان رکي آسيس وٺھندو ھو ۽ پوءِ جروار جي گھٽين ۾ ھوڪا ڏيندو ھو ۽ راڳ جي ڏات ھجڻ ڪري صوفي ڪلام به ڳائيندو ھو. سندس آواز نماڻو ۽ دل کي ڇھڻ وارو ھو. سندس ڪوھر ٻار ۽ وڏا عورتون ۽ مرد وٺندا ھيا ۽ انھن کي ڪنور جو انتظار ھوندو ھو ته ڪنور اچي ته  ڪو ڀڄن ٻڌائي ته من کي شانتي اچي. ڀڳت ڪنور رام پنھنجي زندگي، رهڙڪي صاحب جي سنت سترام داس جن جي شيوا ۾ گزاري.

ڀڳت ڪنور رام صوفي راڳ ۽ پنھنجي آواز جي ذريعي مالڪ جي پراٿنا ڪئي ھن غريب ۽ بي سھارا ماڻھن جي مالي مدد ۽ سھائتا ڪئي.

هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪ جيترو مشھور هو ۽ سڀ گڏجي ڪچھري ۽ ڀگتي راڳ ۾ شريڪ ٿيندا ھيا. ڀڳت صاحب گرن جي ٻاڻي صوفين جي ڪلامن ۽ سنتن جا سلوڪن زريعي اپديش ڪندو ھو

هن صوفي شاعرن شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي، ۽ ڪبير جا سلوڪ ۽ ڪيترائي گيت ۽ ڀڄن پڻ ڳايا.

هو شاھ عبداللطيف ڀٽائي سچل سرمست سامي ۽ ڪبير سميت ڪيترن ئي معروف صوفي شاعرن جي شاعري سان پيار ڪندو هو ۽ ڳائيندو هو. هن جي شاعريءَ ۽ ڳائڻ جو بنيادي موضوع خالق جي ساراھ هئي ۽ صوفي راڳ ڳائيندي  هن انسانيت محبت امن ۽ ڀائيچاري کي اڳتي وڌايو.

ايشور ڀڳت صاحب کي هڪ مٺي ۽ مڌر آواز سان نوازيو هو. جڏهن هو ڳائڻ ۽ پرماتما جي ڀڳتي ڪرڻ شروع ڪندو ھو ته ماڻهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندا ھئا ۽ سندس ڀڳتي ست سنگ ٻڌي نھال ٿيندا ھيا.

ڀڳت ڪنور رام سنڌ جي مختلف شھرن جي ڌرمشالا ۽ درٻارن ۾ ڀڳتي ست سنگ ڪندو ھو کيس جيڪي روڪ پئسا يا ڪوئي سامان ملندو ھو اھو سڀ ڪجهھ غريبن ۽ ضرورت مندن ۾ بنا ڪنھن ذات پات مذهبي فرق کان سواءِ سڀني مسڪينن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو.

پهرين نومبر ۱۹۳۹ع تي دادو جي علائقي مانجھند مان واپسي سکر وڃڻ لا۽ ريل ۾ سوار ٿيو سندس شڪارپور ضعلي جي رڪ ريلوي اسٽيشن تي اڳواٽ ئي ٻه ماڻھون ڀڳت صاحب کي قتل ڪرڻ لاءِ ترسيل ھئا ۽ ڀڳت صاحب رڪ اسٽيشن تي پليٽ فارم تي ھيٽ لٿو ۽ اھي ٻئي ماڻھون ساڻس ڳالھائڻ لڳا ۽ پڇائونس ته سائين اسان کي دعا ڪيو ته اسان جو ڪم پورو ٿئي. ڀڳت ڪنور رام انھن کي پرساڌ به ڏنو ۽ چوڻ لڳو ته اڄ اوھان جو ڪم ضرور ٿيندو ۽ ائين چئي ڀڳت ڪنور رام ريل ۾ دري واري پاسي ڏانھن وڃي ويٺا ۽ ريل ھلڻ وقت گولي جو آواز آيو جيڪا ڀڳت ڪنور رام صاحب جن کي لڳي سندس زور سان رت وھڻ لڳي ۽ ريل گاڏي به بيھاري وئي ۽ ريلوي اسٽيشن تي وڌيڪ سھولت نه ھجڻ ڪري سندس سکر اسپتال وڃڻ جو چيو ۽ ڀڳت ڪنور رام صاحب آرائين روڊ ريلوي اسٽيشن ويجھو آخري ساھ مالڪ ايشور حوالي ڪيو.

سندس ڀڳت صاحب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ اڄ به ھزارين ماڻھون کيس خاص خراج عقيدت پيش ڪن ٿا ۽ اڄ به پھرين  نومبر تي رڪ ريلوي اسٽيشن تي مقامي ماڻھون صوفي راڳ ڳائي ۽ سوين ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪن ٿا.

اھڙو ڪردار اسان جي دلين ۾ امر ۽ زنده رھندو.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز،  ۱نومبر ۲۰۲۰ع)


ڀڳت ڪنور رام

روادار سنڌ ۾ رڪ اسٽيشن تي وهيل رت

زين دائودپوٽو

سنڌ جيڪا هميشه مذهبي رواداري جي حوالي سان جڳ مشهور رهي آهي ۽ سڀني بزرگن ۽ صوفين جي عقيدي ۽ مذهب کان مٿانهون هئڻ جو اظهار ڪيو آهي. جنهن جا مظهر، شاهه، سچل، سامي ۽ ٻيا ڪردار آهن جيڪي پنهنجي فڪر ۽ فعل ۾ اها رواداري اظهاري چڪا آهن، سنڌ جنهن عربن جي ڪاهه کان اڳ مسلمان سيدن کي نه رڳو قبول ڪيو پر انهن سان عقيدت جو اظهار ڪري پنهنجي مذهبي رواداري جو ثبوت ڏنو.

سنڌ عام مذهبي رواداري کان گهڻو اڳتي وڌي هڪ ٻئي جي مذهب جون ڪيتريون ئي مذهبي رسمون نه رڳو اختيار ڪيون پر انهن کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائي ڇڏيو. سنڌ تصوف جيڪو ايران ۽ ترڪي جي تصوف کان گهڻو وڏي دل رکندڙ تصوف آهي ان جو ثبوت آهي، سنڌ جو صوفي جڏهن گيڙو ڪپڙو پائي ٿو ۽ وري جڏهن سنڌ جو ڪلياڻ آڏواڻي لطيف جي رسالي ۾ ڪتب آندل قرآني آيتن جي تشريح ڪري ٿو ۽ ورهاڱي کان اڳ جڏهن سنڌ جو هندو محرم ۾ نياز ڪري ٿو ۽ ڪيترين جاين تي عزاداري ڪري ٿو، پڙ ڪڍي ٿو ۽ وري جڏهن سنڌ جو مسلمان ڏهرڪي، رهڙڪي جو مريد ٿئي ٿو ۽ وري ٽنڊوالهيار ۾ راما پير ۽ هنگلاج جي ميلي ۾ هندن سان گڏجي ساڳئي احترام سان ميلو ملهائي ٿو،

وري قلندر، ڀٽائي، سچل، نوراني، مصري شاهه جي ميلن ۾ ان حساب سان شرڪت ڪري ٿو ته هو رڳو انسان آهي، پر انهن سڀني احترامن ۽ روادارين کي ميڙي سيڙي جڏهن جهوڪ ۾ شاهه عنايت جي درگاهه تي آڻي ٿو ۽ اتي لڳل ٻارين ۾ ان جو اظهار اٻڙڪا ڏئي ٻاهر آڻي ٿو ته ڪير چوندو ته سنڌ ۽ ان جا ماڻهو پنهنجي اندر ۾ ڪا مذهبي نفرت رکندڙ آهن. سنڌ جي صوفي فقيرن ايران ۽ ترڪي جي تصوف کان هٽي ڪري پنهنجو Mono Sufism  پيدا ڪيو، جيڪو صدين کان پوري دنيا مان لڏي ايندڙ مختلف دورن ۾ مختلف قومن جي ماڻهن جي عقيدن ۽ ريتن جي سنڌ جي رواداري ۾ ڌوپي اچڻ کان پوءِ جڙندو رهيو آهي ان ڪري ئي سنڌ جي تصوف ۾ ڪنهن هڪ مذهب جي هڪ هٽي ناهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته سنڌ جي صوفي فقيرن جو ناچ رومي جي رقص جو نقل نه آهي.

پر الاجي ڇو ايڏي وڏي دل واري سنڌ جنهن ۾ رهندڙ ٻن وڏن مذهبن جا ماڻهو جيڪي هڪ ٻئي جا ڏڻ گڏجي ملهائيندا هئا ۽ وڏڙن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي هندو نماز پڙهندا هئا ۽ روزا رکندا هئا، ان سنڌ کي ٻن وڏن واقعن جن ۾ هڪ سکر ۾ سنڌو درياءَ جي بندروال لڳ مسجد منزل گاهه ۽ رڪ اسٽيشن تي وهيل معصوم ڀڳت ڪنور رام جي رت جي ڪري شرم اچي ٿو ۽ رواداري جي لاءِ جڳ مشهور ڌرتي جي روادار هجڻ جون سموريون هامون ڪوڙيون ٿي وڃن ٿيون.

ڀڳت ڪنور رام رڳو صوفي نه هئو پر جهڙي طرح جهوڪ جو صوفي استحصال ڪندڙ قوتن خلاف تصوف جي نالي ۾ تحريڪ هلائي ويو، تهڙي طرح هي ڀڳت ڪنور رام به اهڙو تصوف کڻي آيو جنهن ۾ هو پنهنجي اندر جي سچاين سان سرجيل لفظن کي شاعري ڏئي پنهنجي مخصوص آلاپ جي ذريعي جڏهن اظهاريندو هو ته ان وقت مايوس ماڻهن ۽ ڏتڙيل طبقن کي رڳو اتساهه ڪونه ملندو هو پر انهن کي Sensitize  ڪري عملي طور تي Mobilize  ڪندو هو. جنهن کان پوءِ هو جڏهن هڪ سماج سڌارڪ جي روپ ۾ ماڻهن جي هڙان وڙان ڏئي خدمت ڪندو هو ته ان وقت هن جو ڪردار تاريخ جي ڪنهن وڏي ماڻهو کان گهٽ نه هو.

هي اهو فقير ماڻهو هو جنهن جو ماڻهن کي موبلائيز ڪرڻ کان وٺي ماڻهن کي ميڙي آرگنائيز ڪرڻ تائين پنهنجو ڪو به مفاد نه هو. اها ئي حقيقت هئي جيڪا دنيا کي ظاهري طور ڏسندڙ ماڻهن کي سمجهه ۾ نه آئي ۽ پنهنجي مفادي سوچن ۾ ڦاٿل ماڻهن ان کي چئلينج سمجهي رڪ اسٽيشن تي “ صدقي سائينءَ جي  ٻيڙو تار منهنجو” واري آلاپ کي هميشه لاءِ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر وقت انهيءَ ڪڌي ڪم کي هميشه غليظ حرڪت ڪوٺيو آهي. رڪ اسٽيشن تي وهيل رت کي شهيد جو رت ڪوٺيو آهي، ها البت اهو سوال ضرور هر دور ۾ پيڇو ڪندو رهندو ته رواداري جي هام هڻندڙ سنڌ  اهڙي وڏي سانحي کي ڪيئن جنم ڏنو ۽ ان جا محرڪ ڪهڙا هئا ۽ انهن کي ڪهڙي سزا ملڻ گهرجي؟

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



امر شھيد ڪنور ڀڳت

گل ڇنو گرنار جو پٽڻ ٿيون پٽين

سرور سيف

اوڻويھين صدي علم وادب، سر۽ سنگيت جي حوالي سان ننڍي کنڊ لاء عام ۽ سنڌ لاء خاص طور سڀاويڪ ھئي جو ھن صدي ۾ ڪافي عالم اديب، شاعر موسيقار راڳي سنت ڀڳت پيدا ٿيا جن پنھنجي سڀاء سوچ فن فڪر سان سنڌ ۾ امن ڀائيچاري رواداري ۽ روشن خيالي لاء پنھنجي پوري حياتي وقف ڪئي انھي صدي ۾ سنڌ ۾ بيدل بيڪس دريا خان غمدل سامي آسو دلپت ۽ ڪنور ڀڳت جھڙا صوفي سنت شاعر ۽ موسيقار پيدا ٿيا جن اڳتي ھلي پنھنجي ڪلام ۽ آلاپ سان سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر محبت جا واھڙ وھايا تعصب ۽ دوئي کي دور ڪرڻ جا ھوڪا ڏنا ڀائيچاري جو درس ڏنو، روشن خيالي لاء اھڙي تحريڪ پيدا ڪئي جو ھو ڪشش جا مرڪز بڻجي پيا، عام و خاص ھندو خواھ مسلمانن جي اکين جا تارا بڻجي پيا ھو نہ صرف اھڙا وھائو تارا بڻيا جن ڀٽڪيلن کي رستو ڏيکاريو، گمراھن کي راھ ڏيکاري، واھرو ۽ رھنما بڻيا. اھڙن رھبرن مان ھڪ ڀڳت ڪنور آھي جيڪو ڪنول گل جيان ھميشہ اڇو اجرو رھيو ۽ جڳ کي اڇو اجرو بڻائڻ لاء گيت ۽ سنگيت جو جھرڻو بڻيو. ڀڳت ڪنور ڀڳت ڪبير جو تسلسل ھو جيئن ڀڳت ڪبير جي ڪلام ۾ انسان دوستي جي پچار آھي ۽ ھران عمل جي سوچ جي مخالفت آھي جنھن ۾ ڪٽر پڻو تعصب ۽ انسان دشمني آھي يا طلب تانگھ دنيوي لالچ آھي ڀڳت ڪبير چئي ٿو تہ « تون خدا سان ڀلي محبت نہ ڪر پر خلق خدا سان ضرور محبت رکب، خدا توکي مال ملڪيت ڏيندو ۽ خلق توکي خدا سان ملائيندي »

ھري سي تو جن ھيت ڪر، ھري جن ھر ھي ديت

مال ملڪ ھري ديت ھين، ھري جن ھر ھي ديت

ڪبير چئي ٿو جتي پيارآھي اتي سڀ ڪجھ ھوندو آھي جتي پيار ناھي اتي سڀ ڪجھ ھوندي ڪجھ بہ نہ آھي

جو گھٽ پريم نہ سنجري، سو گھٽ جان مساڻ

جيسي کال لوھار ڪي، سانس ليت بن پراڻ

ڪنور ڀڳت بہ ان راھ تي ھليو ۽ انھيء راھ تي شھادت ماڻي امرتا حاصل ڪئي ۽ ننڍي کنڊ جي تاريخ جو امر ورق بڻجي ويو

ڪنور ڀڳت سنڌ جي سنگيت جو اھو آبشار ھو جنھن جي سرن جي ڇھاء سان ميرا من بہ ڌوپجي اڇا ٿي پوندا ھئا. ان چوڻ ۾ ڪوبہ وڌاء ناھي تہ ڪنور ڀڳت عبادت سخاوت محبت ۽ سنگيت جو مجسمو ھو جنھن پنھنجي آواز ۽ ڇير سان نہ صرف دلين ۾ درد پيدا ڪيو پر غريبن جا وساڻل چلھا ٻاريا ۽ مايوس چھرن تي مرڪون آنديون؛، ”نالي الک جي ٻيڙو تار منھنجو!“ جھڙا آلاپ آلاپي اندر مان سيسراٽيون ڪڍائڻ وارو جڏھن

”اچ تہ پيارل ڪيون پرچاء،

ساڻ سليمان جي ڪيون سرچاء،

لائق ناھيان پر تنھنجڙي آھيان. “

چوندو ھو تہ باقي ڪھڙا وڃي رساما رھندا ھئا. ”آء ڪانگا ڪر ڳالھ ھجي يا ”لولي لال ڪون ڏيوان، نڪي جيھي ٻال ڪون ڏيوان جھڙا ڪلام اڄ بہ سنڌ جي فضا ۾ ٻرن ٿا

ڪنور ڀڳت نہ صرف امن، محبت ڀائيچاري ۽ روشن خيالي جو درس ڏنو پر ان تي عمل بہ ڪيو. ھو آدرشي انسان ھو. سادي زندگي جو عظيم مثال ھو مسڪين ۽ مظلوم ماڻھن سان گوڏو گوڏي ۾ گڏي ويھي انھن سان رشتو ڳنڍڻ سندس ئي وڙ ھو ھن انساني قدرن کي اجاگر ڪيو لاچار ۽ مسڪين ماڻھن جي بنا ڪنھن امتياز جي مالي سھائتا ڪئي، ھو خاموش انقلاب جو امين ھو، دلين جو فاتح ھو، ھن ڳايو ڏکايلن لاء گھايل دلين لاء بي سھارا ماڻھن لاء ڀڳت ڪنور دولت گڏ ڪرڻ جي خلاف ھو ونڊ کاء ايمان پاء جي علامت ھو ، ڀڳت ڪنور نہ صرف سنڌ پر ننڍي کنڊ جو عظيم راڳي ھو جنھن کي راڳداري جي مڪمل ڄاڻ ھئي ڀٽائي جيان سرن جو اڀياس ھيس، ڀڳت ڪنور رام چندن گرو ھو جنھن پنھنجي مرشد ست گرو سترامداس کان روحاني فيض حاصل ڪيو ۽ پوء اھو فيض پيشوازي پائي ڇيريون ٻڌي سڄي لوڪ کي تہ آڇيو پر پني عاقل جي آسودارام کي بہ پارس گرو بڻائي ڇڏيو.

سنت ڪنور رام وٽ ڪوبہ ڏيکاء ڪونہ ھو، زعفراني پڳڙي ڪنن ۾ڪنڍل ڪڙتي ۽ ڌوتي سان نماڻائي جي صورت بڻجي جڏھن ٻانھون ٻڌي پرنام ڪري پنھنجي گلي مان ميٺاڄ ڀري الو ميان ڪندو ھو تہ سڄي دنيا تي سانت جي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي ھئي ۽ سندس لئي جي لئي سان ساري ڪائنات لين ٿي ويندي ھئي ۽ ھرڪو قلبي سڪون حاصل ڪندو ھو. نياز ۽ نئڙت جي ھي مورت اڄ بہ قلبي قرار جو نالو آھي ، ۱۹۳۹ع جي پھرين نومبر تي ڪنور اسان کان جدا ضرور ڪيو ويو پر ھي امر گائڪ سنت ڀڳت پنھنجي امر آواز سان اسان سڀني جي دلين ۾ زندہ آ زندھ رھندو.

 

(ڏھاڙي سنڌ حيدرآباد ۾ ۱ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



ڀڳت ڪنور رام

نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو

استاد لغاري

اڄ کان ٺيڪ ۸۴ سال اڳ، پهرين نومبر ۱۹۳۹ع ڌاري، رُڪ ريلوي اسٽيشن تي، هڪ سچي صوفي منش ماڻهوءَ کي شهيد ڪيو ويو هو. ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان مشهور، هن محبتي ماڻهوءَ جي مُک تي، هي مٺڙا ٻول هميشه ٻُرندا رهندا هئا، ته “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو.” الک لفظ جي لغوي معنيٰ آهي، اُهو ڌڻِي، جنهن جي لکا نه پوي، غير محسوس، اڻ ڏٺو، اڻ لکو، مخفي، غائب، بي نشان يا اُها هستي جيڪا ڏسڻ پسڻ کان پاڪ هجي. 

آئون ۽ منهنجو لائق فرزند اياز علي لغاري، هڪ ڀيري موهن جو دڙو کان ٿيندا، ڏوڪري، آريجا، باقراڻي، لاڙڪاڻو، ماهوٽا، نئون ديرو، ڳڙهي خدا بخش ۽ لکي غلام شاھ کان ڦيرو ڪندا، رُڪ ريلوي اسٽيشن تي اچي بيٺاسين. منهنجي تصور ۾ اچانڪ هڪ گمنام گولي آئي، جيڪا ڪنن جي پاپڙين وٽان زُوزٽ ڪندي، گُسِي گذري ويئي. مون منهنجي فرزند اياز عليءَ کان رڙ ڪندي پڇيو: “بابا! اڃان جانو جلباڻي جئرو آهي ڇا؟” اياز علي وراڻيو: “بابا سائين! هن جُوٺي جڳ ۾، اڃان الاءِ ڪيترا جانو جلباڻي جئرا آهن. اڳي فقط هڪڙو جانو جئرو هيو، جنهن جي گولي ڀڳت ڪنور رام جن جي ڇاتي ڇلني ڪري، آرپار هلي وئي هئي. هاڻي ته هر هنڌ جانو جهڙن جا جٿا، جڳ جهانَ کي جهنم بنائڻ جي جُستجُو ۾ جُنبي ويا آهن.” آئون اياز عليءَ جو اهڙو انوکو ۽ عجيب جواب ٻُڌي، لاجواب ٿي ويو هوس. هاڻي منهنجي ذهن تي ڀڳت ڪنور رام جن جي مٺڙي آواز ۾ ڳايل ڪلام “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو” گُونجڻ لڳو. “الک” هڪ اهڙو لفظ آهي، جنهن کي دنيا جي ڪنهن به مسلڪ وارو ماڻهو اُچاري سگھي ٿو. صرف ڪنهن مخصوص مسلڪ وارو ماڻهو ڇو؟ اهڙو ئي هڪ اجايو اعتراض ۽ عجيب قسم جو سوال، جانو جلباڻيءَ جي دل ۾ پيدا ٿيو، ته اُن امن، پيار، مُحبت، مُروت، اُخوت، اخلاق، مذهبي رواداري ۽ دين جو دڳ ڇڏي، دهشت گرديءَ جو دڳ اپنايو هو. دنيا جي ڪنهن به مذهب توڙي مسلڪ ۾ دهشتگردي جائز ڪونهي. اها الڳ ڳالھ آهي، جو هر هڪ دهشتگرد، پنهنجي مذموم عزائم ۽ سفاڪيت کي لڪائڻ لاءِ، ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي مذهب ۽ مسلڪ جي آڙ وٺندو رهيو آهي. وري عجيب منطق اها آهي، جو اسان جي معاشري جي، اهڙي قاتل کي به ماڻهن ڪُلهن تي کنيو هوندو. ڪُڏيا، نچيا ۽ ٽِپيا هوندا.

رُڪ ريلوي اسٽيشن تي، ڀڳت ڪنور رام جن جي هاريل رت جِي لڪير کي، مون فقير ڳولڻ جِي تدبير ڪئي. ليڪن سج جھڻي پڻي ٿي رهيو هو. انگريزن جي جوڙايل سفيد رنگ واري بلڊنگ جي چَوڌاري، ابابيل پنهنجا پُسيل پَوِيتر پرڙا ڦڙڪائي رهيا هئا. مڇرن جي ڳولا ۾، ڀِن ڀِن ڀُورڙيون ڀنڀوريون ڀُون ڀُون ڪري ڀنڀولجي رهيون هيون. مون اياز عليءَ کي چيو: “هاڻي هتان هڪدم هلڻ گھرجي، ڇو جو اڃان تائين ڪيتريون ئي بي نام، بدنام ۽ گُمنام گوليون، عظيم انسانن کي ڳوٺ ڳوٺ ۽ ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳولي رهيون آهن.” پهرين نومبر ۱۹۳۹ع ۾، هتي ڀڳت ڪنور رام جن جي مٺڙي آواز کي، ڪارتوس سان خاموش ڪيو ويو هو. جنهن جي رت جي سِير جِي لڪير، تاريخ جي اتهاس ۾ اڃان تائين سُڪي ناهي. 

منهنجو نانا حاجي خاوند بخش لغاري مرحوم چوندو هيو، ته “اسان جيوڻِي ٻائي ۽ ڀڳت ڪنور رام کي ڏٺو ۽ انهن کي روبرو ڳائيندي ٻُڌو. جيوڻِي ٻائي ڪن تي هٿ ڏيئي جڏهن چوندي هئي: “سانگ کان ڪئي سانگين پرديس ڏي تياري.” ته ماڻهن تي سحر طاري ٿي ويندو هو. ڀڳت ڪنور رام ڪنهن امير ماڻهو (جنهن جو نالو مون کان وسري ويو آهي) جي اوطاق تي آيو هو، ته هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا هئا. تِر ڇٽڻ جي جاءِ به نه هئي. ڀڳت ڪنور رام ڇيريون ٻَڌي ڪلام ڳايو هو: “آءُ ڪانگا! ڪر ڳالھ، ما کي تن ماروئڙن جي”، ته ماڻهو پنڊ پهڻ ٿي ويا هئا.” ڀڳت صاحب لاءِ هي ڳالھ مشهور هوندي هئي، ته “پاڻ سُر آسا ۾ تمام ڀلو ڳائيندو هو، ته ٻُڌندڙ هوش وڃائي ويهندا هئا.” هڪ ڀيري ڀڳت صاحب ڪلام ڳائي بس ڪئي، ته هڪ محبتي ماڻهو محفل کي چيريندو ڀڳت صاحب وٽ اچي پهتو. ڀڳت صاحب کي عرض ڪيائين، ته “سائين! آسا سُر سُڻاءِ.” ڀڳت فرمايو “اي جِڪو ڳاوان پَڙيو، اِيو آسا سُر اهي.” ان تي انهي عقيدت مند چيو “تو ڀلو.. تو ڀلو..” چون ٿا ته ڀڳت صاحب کي جيڪا به گھور يا نذرانو وغيره ملندو هيو، ته اهو اُتي جو اُتي، ضرورت مندن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. ڀڳت صاحب جي اچڻ جو ٻُڌي، ڪيترائي اڙيال، غريب، مسڪين، مجبور، معذور، قرضي، نياڻين جي لاءِ ڏاج جا سُوالي ۽ انڌا منڊا اچي گڏ ٿيندا هئا. اهڙن مسڪين ماڻهن جي قطار، محفل کان ٻاهران لڳائي ويندي هئي. ڀڳت صاحب راڳ ويراڳ کان واندو ٿي، سموري مايا ملڪيت انهن ۾ ورهائي، پاڻ هٿين خالي هليو ويندو هو. 

شيخ اياز پنهنجي ڪتاب “پتڻ ٿو پُور ڪري” ۾، هڪ خوبصورت نثري نظم لکي ٿو. اهو نثري نظم هن کان اڳ ۾ به، مان ڪنهن ٻئي مضمون ۾ رقم ڪري آيو آهيان. البت موقعي جي مناسبت سان، هتي هڪ دفعو ٻيهر پيش ڪري، ڀڳت ڪنور رام جن ڏانهن منسوب ڪريان ٿو: 

“اڄ تنهنجي ڪُڙتي ۾، 

ڪيئي ڪَتيون جَڙيل آهن، 

۽ تنهنجي ڪُلھي تي

هِي ڪِينرو

چنڊ جئن چمڪي رهيو آهي،

ڪٿي ڌوئي آئين ڌرتيءَ جِي ڌُوڙ او چارڻ!

هو ماڻهوءَ ماڻهوءَ جو ميرو مَنُ!

هو ديس ديس جِي نِيتِيءَ جو ڪارو ڄارو،

جنهن ۾ ڪُوڙ جا ڪوريئڙا، پنهنجو ڄارُ ڦهلائي ويٺا آهن.

ڪيترو نه پري آهي انهن کان تنهنجو پاند!

ڪنهن ڄاتو آهي

سماج جي ڪِنِي ڪَسِيءَ کان دور

سنگيت، کيرڌارا ۾ وِهجندي آهي.” 

شيخ اياز اڃان اڳتي هلي، پنهنجي ڪتاب “چنڊ چنبيليءَ ول” ۾ لکي ٿو:

“دنيا ڪيڏي ننڍڙي آهي،

ڄڻ ڪا وِھُ جي ڳنڍڙي آهي.

ڪن کي رنگ ورهايو آهي،

ڪن کي نسل ڀري نفرت سان،

آپس ۾ اٽڪايو آهي.

قومن جا قومن جي اندر،

وحشِي ڏند کُتا آهن،

مذهب، قوم پرستي، ٻولِي،

ماڻهن لئي گُتا آهن.”

۽ “اياز” ايئن به چَوندو ويو آهي، ته “مان روزانو نوان پيرا کڻي رهيو آهيان، جي سمونڊر ڏانهن وڃن ٿا ۽ موٽن نٿا. صدين کان اهي پيرا سمونڊر ڏانهن وڃي رهيا آهن. سمونڊر جو اٿاھ آهي، اَگھور آهي، اَننت آهي. ڪي پيرا واريءَ تان ويا آهن، ته ڪي پهاڙين تان پهتا آهن. ڪن جا رڳو پٻ ڏسي، ايئن محسوس ٿيو آهي، ته اُهي تيزيءَ سان ڀڄندا ويا آهن. ڪائي اَجھل ڇڪ انهن کي واريءَ تان وِير ڏانهن ڇڪي وئي آهي.” اڄ آئون به هتي، هن رُڪ اسٽيشن تي، ڀڳت ڪنور رام جن جا پيرا پسڻ آيو آهيان. جي هتان کان تمام تيزيءَ سان روانا ٿي ويا آهن، ته وري واپس نه وريا آهن. 

ان کان اڳ جو اسان کي، رُڪ ريلوي اسٽيشن تي سج لهي وڃي، اسان ان کي الوداع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دُور دُور تائين ڀڳت ڪنور رام جن جو ڳايل ڪلام، منهنجي من تي گُونجندو رهيو، ته “دنيا سڀ درياھ، ڪو ڪو تارُو تنهن ۾، هِڪڙِي لهر لوڀَ جِي، ٻئو آتشِي اوڙاھ، طالبن توڙاھُ، موڙي چاڙهي مڪڙي.” ڏاڍي آھِ چَنڊِي، دُنيا دورنگي، بِنا ڌَنُ پنهنجي، ڪونهي ڪو مائٽُ ڪنهن جو، “نالي الک جي، ٻيڙو تار منهنجو.”


(ڏھاڙي آجيان شڪارپو ۾ ۱ نومبر ۲.۲۳ع تي ڇپيل)

ڀَڳت ڪنور رام

راڳ ۽ رواداريءَ جو مُجسم - ورسيءَ جي مناسبت سان.

عامر انصاري

راڳ رقص، سُرن ۽ سازن جو اھڙو ته سنگم آهي، جيڪو ٻڌندڙ جي ذھن ۽ دل کي موھي ھڪ لطف ڀري تازگي بخشي ٿو. راڳ رقص ۽ سازن جو آواز نه، پر راڳ رقص ۽ سازن کي ٻڌڻ ۽ روح کي سُرور حاصل ڪرڻ جو نالو آهي. راڳ رقص جو آواز ٻڌندڙ کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي. راڳ رقص انساني ارتقا کان انسان ۾ سمايل آهي، جنھن کي روح جي غذا به چيو ويندو آهي. اُن راڳ رقص جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائيندڙ املھه ماڻڪ موتي جھڙو ڪردار انساني برابري جي محبتن جا گُل ورھائيندڙ ڀڳت ڪنور رام سنڌي صوفي راڳين ۾ تمام وڏو نالو آهي. ‘ڀڳت’ سنڌي ٻوليءَ ۾ هِن وقت مروج ٿيل لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڀڄن (راڳ) ڳائيندڙ. قديم سنڌو ماٿري جي تهذيب ۾ حضرت عيسيٰ جي پيدائش کان ۶.. سال اڳ ڀاڳوت ذات جا ماڻهو، جيڪي ڀڄن ڳائيندا هئا، اُهو آهستي آهستي سنسڪرت لفظ ڀڪت کان بگڙجي ڀڳت ۾ تبديل ٿي ويو. ڀڳت ڪنور رام اڄ کان ۱۳۲ سال اڳ ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ع تي سنڌو تهذيب جي ننڍڙي شهر ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ ‘جروار’ ۾ جنم ورتو. ڀڳت ڪنور رام جي والد جو نالو ڀائي تارا چند ۽ ماءُ جو نالو تيرٿ ٻائي هو. هو سِنڌ سان گڏ هند ۽ سَڄي دُنيا ۾ مشهور ٿي ويو. هُن جو آواز ايترو ته مِٺو هو جو پَکين جي ٻولين جَهڙو سُرور بَخشيندو هو.

ڀڳت ڪنور رام کي ننڍپڻ کان لکڻ ۽ پڙھڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو، پر غربت ڪارڻ ڪنھن پاٺ شالا مان تعليم پرائڻ واري شوق کي ڏسندي هُن پنهنجي ست گرو سنت سترام داس وٽان سنڌي پڙھي ۽ فارسي پڻ سکي ورتي. سندس پيءُ ڀائي تارا چند کي ڪجهه زمين جو ٽڪرو ھو. ڪنور رام ڪڏھن ڪڏھن ٻنيءَ تي پيءُ سان وڃي جھار ھڪليندو ۽ نار ھلائيندو ھو. جوان ٿيو ته پيٽ گذر لاءِ ڪُھر (چڻا) وڪڻڻ شروع ڪيائين. سندس مٺڙي ۽ سريلي آلاپ ۾ ايڏو ته لطف ۽ جادو ھو جو ‘ڪُھر’ کپائڻ وارو ٻار پنھنجي نالي جيان ھميشه ڪنول گل جيان ٽڙيل ۽ پکڙيل رھيو. ڪنور رام جي ھوڪي ڏيڻ واري آواز ۾ ايتري ته ميٺاس ھئي جو ھڪ وقت ننڍا توڙي وڏا گڏ ٿي ويندا هئا. جيتوڻيڪ جنهن کي ‘ڪُهر’ نه وٺڻا هوندا هئا، سو به خوش ٿي خوشي سان ‘ڪُهر’ وٺي ويندو هو. اُن دوران ڳوٺ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ ڀائي ھاسارام کان گُرمکي به سکندو رھيو. درٻار ۾ آئي وئي جي ٽھل ٽڪور پڻ ڪندو ھو، اُتان جو ھڪ ست گرو سنت سترام داس کيس سنتن ۽ ڀڳتن جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو ھو، اُتي ئي ڪنور رام پنھنجي گرو سنت سترام داس کان ڀڳتي وڄائڻ سکي ۽ سندس سنگ ۾ خود به سنت ٿيو. ڀڳت ڪنور رام جي ۱۹۰۳ع ۾ اوتو مل جي نياڻيءَ سان شادي ٿي. هن وٽ ھندو مسلم جي متڀيد جو ڪو تصور ئي نه ھو، جيڪڏهن ھِن وٽ ڪو به سوالي اِيندو هو ته خالي موٽي نه ويندو ھو، هو بنا ٻانهون ٻڌڻ جي ئي شايد ڪنهن سان مخاطب ٿيو هجي. سندس عاجزي عادت ھئي ته راڳ سندس عبادت هو. راڳ سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو ۽ ڪنور ساز بڻيو ۽ رام هِن جي آخري منزل ٿي. ھِن پنھنجي آواز جي جادوءَ ۽ انداز سان سنڌ ۾ ڀڳتي گائيڪيءَ جو بنياد وڌو. ڀڳت ڪنور رام واحد راڳي ھو، جنھن پنھنجي راڳ جي ڪمائي غريبن ۽ نادارن جي مدد لاءِ ڪتب آندي. ماسٽر چندر اعتراف ڪندو هو ته ھِن “اڏري وڃ طوطل ماڙيءَ ...” وارو ڪلام ڪنور رام کان سکيو ۽ ڳايو. ڪنور رام گھڻو ڪري آخر ۾ “راڳ مارو” ڳائيندو ھو ۽ ھر محفل جي پڇاڙي “مارو” راڳ ڳائي ڪندو ھو. ڀڳت ڪنور جو “مارو” راڳ ڳائڻ جو سبب اُھو ھو ته جيئن انسان کي موت جي يادگيري رھي. نامياري اديب علي احمد بروھيءَ ڪنور رام بابت لکيو آهي ته، “ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ نه ٻڌوسين ۽ نه ڏٺوسين، پر اَسان ھڪ اھڙو سخي ڏٺو، جيڪو ڏئي نه پچاري”. ڪنور رام ڀڳتيءَ جو جيڪو انداز اختيار ڪيو، سا سڌو سنئون صوفياڻي ثقافت جي عڪاسي ھئي. جامو ۽ ڇير، خاص ڪري ڪنور رام ئي متعارف ڪرائي. ڀڳتي ۽ لوڪ رس گائيڪيءَ جو باني ڀڳت ڪنور رام ڪنور ھو. ڀڳت ڪنور رام صاحب ساڻ ڀڳت ۾ ڪجهه ننڍڙا نالي ماتر راڳي پڻ هوندا هئا، اُنهن ننڍڙن راڳين جي پاڻ حوصلا افزائي سان پذيرائي ڪري اُنهن جو مانَ مٿانهون ڪندو هو. ڀڳت ڪنور رام جي مخصوص ۽ منفرد انداز ۾ ڏوهيڙي ڏيڻ، ڳائڻ ۽ ڇير هڻڻ تي سندن پرستار ۽ پارکو بي خودي جي ڪيفيت ۾ کيس مڃتا ۽ ڀيٽا ڏيندي مٿس نوٽن جي برسات ڪري ڀرپور داد ڏيندا هئا.

ڀڳت ڪنور رام ورهاڱي کان اڳ مسجد منزل گاهه سکر وارن مذهبي فسادات ۾ پران ڏنو. در حقيقت ڀڳت ڪنور رام زندگي جو آخري راڳ مانجهند شهر ۾ ڳايو. مانجهند شهر مان ڳائي ريل ۾ چڙهي دادوءَ ۾ لٿو. ڀڳت ڪنور رام کي اُتي ڪي ٻه شخص مليا ۽ پيرين پئي چيائيون ته، “دعا ڪجو ته اَسان جنهن مقصد لاءِ نڪتا آهيون، اُهو مقصد پورو ٿئي”. ڀڳت ڪنور رام اُنهن ٻنهي شخصن کي غور سان ڏسي مرڪندي چيو ته، “اوهان جو مقصد پورو ٿيندو، اوهان جا ٻيڙا پار آھن”. ائين چئي اُتان ٻيءَ گاڏيءَ ۾ سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي پھتو ته گاڏي نڪرڻ کانپوءِ هڪ ظالم شخص جان محمد جلباڻيءَ بندوق سان سڌا فائر ڪري کيس زخمي ڪري وڌو، تڏهن به سندس جي زبان تي اِھي لفظ ھئا ته سندس قاتلن کي ڪجهه به نه چيو وڃي. گاڏيءَ ۾ علاج نه ٿيڻ سبب باگڙجي اسٽيشن تائين ڀڳت ڪنور رام جو رت وھڻ ڪري اَمن، شانتي، پيار ۽ محبت جو درس ڏيندڙ، ڌرتي ماتا جي پوڄا ڪندڙ عالم انسانيت سان محبت ۽ ايمان رکندڙ عظيم صوفي درويش وڃي حقيقي مالڪ سان مليو. اُھو جيءُ کي جهوريندڙ سانحو پهرين نومبر ۱۹۳۹ع تي ٿيو ۽ سندس اگني سنسڪار ۲ نومبر تي ڪيو ويو. سندس آخري آرامگاھه رھڙڪيءَ ۾ گرو سنت سترام داس جي قدمن ۾ آھي. سنڌ ڌرتي اڄ ڏينهن تائين رواداري لاءِ سڪي رھي آھي، اڄ به پوري دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ بڻيل ڀڳت ڪنور رام جي زندگي تي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ئي ليکڪن پڻ ڪتاب لکيا آهن، اُن سان گڏ ھند ۽ سنڌ ۾ هندي سنڌي فلمون به ٺاهيون ويون آهن، جيڪي رواداريءَ، انساني ڀائيچاري جو مثال قائم ڪرڻ، ھند ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ جو مثال قائم ڪن ٿيون.

ڀڳت ڪنور رام کي لکين چاھيندڙ سندس ورسي جي موقعي تي رڪ اسٽيشن تي گڏ ٿي سٺن لفظن ۾ ياد ڪري انساني برابري ۽ رواداري جا وچن ورجائيندي نمي پرنام ڪري ڀيٽائون پيش ڪندا آهن. سَچ پچ ته هِي سِنڌ جي تاريخ جو نهايت ئي نُمايان، عَظيم، ۽ انمول ڪِردار آهي، جيڪو سِنڌو تهذيب جي رُوح مِثل آهي، جَنهن تي اَسان فخر آهي، ۽ اُهو فخر تيستائين رَهندو، جيستائين ڪائنات باقي آهي.


(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱ نومبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

ڀڳت ڪنور رام

۽ رواداريءَ جي راهه

آزاد انور مھر

ڀگت ڪنور رام ڀاڳ جي ڪنھن گھڙي ۾ ديوتائن ۽ امڙين جي اجتمائي دعائن جي طفيل ڌرتي کي مليو ھو، اهڙا سچا صوفي سنت ڌرتي تي سونهن جو سبب هوندا آهن. سنڌ اها ڀاڳ ڀري سرزمين آهي. جنهن هر دور ۾ سرن سوين واهڙ وهايا آهن, جن ڪائنات جي ڪنڊ ڪنڊ کي سيراب ڪيو آهي, ڀگت ڪنور رام انهن مان هڪ هو. جيڪو ماڻھن جي مونجھارن کي محبت جي موھ سان ڏسندو ھو. ان ڪري ماڻھو کيس پنھجو اوتار مڃيندا ھئا. اداس اکين وارو اهڙو ٻاجهارو ماڻھو ھاڻ رڳو يادن جي جزيري تي هر سال پهرين نومبر جي ڏينهن ورسيءَ جي موقعي تي ئي دريافت ٿئي ٿو. ۸۵ سال اڳ ڀگت ڪنور رام جي قتل سان ڪلا جي ڪائنات جي وسعت پنڊ پهڻ ٿي بيهي رهي هئي, سندس موت کيس هميشه جي لاءِ صدا حيات تسليم ڪندي امر ڪري ويو.

امر ڀگت ڪنوار رام جي نفيس ۽ نازڪ جسم ۾ گرم گوليون پوکيندڙ قاتل صرف ڪنور رام جهڙي ڪردار کي قتل نه ڪيو هو پر تصوف جو تعارف پيش ڪندڙ صوفين جي سنڌ جي مک تي مذهبي ڪٽرپڻيءَ جو تيزاب هاري سيڪيولر سنڌ جي مهانڊا مٽائڻ جو ٻج ڇٽڻ جي شروعات ڪئي هئي. ڪنوار رام سڄي عمر جي عبادت جي طفيل کانپوءِ ڏٺل معصوم خواب هو، جيڪو ساڀيان جي قيد ۾ قابو نه ٿيڻ جهڙو انسان، جيڪو وچ ميدان تي ڇير ٻڌي نچندو ھو ۽ راڳ کان پوءِ جڏهن جھولي ڦھلائيندو ھو، ان جھوليءَ ۾ جيڪو ڪجهه پوندو ھو ته ضرورتمندن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو پر جڏهن هن جي جهوليءَ ۾ گولي آئي ته اها به هن ڪنهن سان به نه ورهائي، شايد ان گوليءَ کي هن ڌرتي جي دين سمجهي پاڻ وٽ رکي هن دنيا مان جسماني طور جدا ٿي ويو. جنھن جي ھڪ جھلڪ ڏسڻ سان درد جي سموري ڪوڙاڻ امرت رس م بدلجي ويندي ھئي ، ھو اڃارن چپن تي آيل ان چنگ جيان ھو. جنھن چرڻ سان مايوسيون مات ٿي وينديون ھيون. ھو ڪلا جو اھو ڪينر ھو، جيڪو وڄت تي وقت وڇوڙا ميٽي وصال جا وچن ڦلاريندو ھو. ھو اھڙو انسان ھو، جنھن جي معصوم مرڪ جي گھور گھائي وجھندي ھئي. هن جي سخاوت جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هو جڏهن ڳائيندو هو ته نه صرف پيار جي پالوٽ ٿيندي هئي پر ماڻهو مٿس ڌن ۽ دولت به گهور ڪندا هئا. هو پنهنجي صوفي ڪلامن ذريعي ملندڙ سموري ميڙي چونڊي سنڌ جي مسڪين غريب خاندانن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، پوءِ اهو مسڪين ڀلي ڪهڙي به مذهب ۽ مسلڪ جو ڇو نه هجي. هو ڪنهن ۾ به فرق نه ڪندو هو. هو وحدانيت واري فڪر سان سلهاڙيل اهڙو صوفي هو، جنهن جو مذهب محبت پيار ۽ انسانيت هو. امر ڀگت ڪنور رام ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ع ۾ تاراچند ۽ تيرٿ ٻائي جي جروار ضلعي گهوٽڪيءَ واري گهر ۾ پيدا ٿيو هو. هو راڳ کي عبادت سمجهندو هو. سندس ٻاجهاري آواز ۾ اهڙي ته مٺاس موجود هئي جو کيس ٻڌندڙن جا هجوم گڏ ٿي ويندا هئا هو جڏهن پنهنجي مٺڙي آواز ۾ “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو” ڳائيندو هو ته کيس ٻڌندڙ عورتون نه صرف پيسا پر سونا زيور لاهي ڪنور رام جي جهوليءَ ۾ رکي دان ڪنديون هيون ۽ هو هڪ مُٺ ڀري پنهنجي ضرورت لاءِ رکي باقي اُتي ئي ويٺل مسڪين ماڻهن کي ڏئي گيڙو رتو پوتڙو ڇنڊي اٿندڙ اهو انسان هن ڌرتيءَ جو گهاٽو بڙ هو، جنهن ڇانوري ۾ هر انسان مذهبي فرق کان آجو ٿي ويهندو هو.

اڄ سنڌ جي امر جي ۸۵ هين ورسيءَ آهي. اچو ته اڄ پنهنجي ڌرتيءَ جي حقيقي ۽ اصل ڪردار جي سڃاڻپ امر ڀڳت ڪنور رام جي پاڪ ۽ مقدس آتما آڏو پنهنجو سيس نمائي کيس سلام پيش ڪريون. سڀاڻي رڪ ريلوي اسٽيشن تي سون جي تعداد ۾ گڏجي هزارين ڏياٽيون ٻاري لال سلام پيش ڪريون.


(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

ڀڳت ڪنور رام

انسانيت جي پرچارڪ ۽ سنڌي سُر جي سرتاج جي ورسيء تي ڀيٽا

دليپ ڪمار ٺاڪر

سنڌ جي سڀاڳي سرزمين ضلعي گهوٽڪي تعلقي ميرپور ماٿيلي جي ڪجهه مفاصلي تي هڪ ننڍڙي شهر جروارن ۾ ۱۳ اپريل ۱۸۸۵ع تي ماتا تيرٿ ٻائي ڀڳوان جي دان ڀاڳيه وارن ڀڳت کي جنم ڏنو. جنهن نمرتا، نماڻائي ۽ نهٺائي وچان هوندي سڀني جي داس سڏائي سڪ ۽ سوز جي ساز سان مڌرمن موهيندڙ مٺڙي آواز جڳديش جي جنتا کي پريم جو پيغام ڏيئي سنسار روپي ساگر ۾ ڪنول جي گل جيئان رهيو. (اهي ڀڳت ڪنور رام جو اڄ ۱۲۶ هون جنم مها اتسيو (پئدائش جو ڏينهن) آهي، سنت ڪنور رام صاحب هڪ ڳوٺاڻو ۽ هڪ مسڪين ۽ فقير منش (ماڻهو) هيو. سندس علمي لياقت ته فقط پنجن ، سنڌي درجن ۽ هند ڪي اکرن جي سڃاڻ تائين محدود هئي. پر اندر جو سوجهرو گهڻو هيس. جنهن جو جرڪو سندس پيشاني ۾ پيو بکندو هيس. ڏيک ويکا کان ڪوهين ڏور، ڪپڙي لٽي ۾ سادڙو، ڳالهه ٻولهه ۾ سٻاجهڙو. نماڻو ۽ قربائتو هو. پوڙهو. چوان ته ڇڏيو پر اڌ اگهاڙي پينو فقير سان ڳالجهائيندا هئا ته به ٻئي هٿ ٻڌي. معلوم ائين ٿيندو هو ڄڻ سندس ٻنهي هٿن ۾ عاجزي ۽ نوڙت جون هٿڪڙيون پيل آهن. عاجزي سندس عادت هئي ته راڳ سندس عبادت هئي. ننڍي هوندي ئي ڳائڻ سان دلي لڳاءُ هيس جيڪو سندس وڌڻ سان گڏ وڌندي وڻ ٿيو ته رڳ رڳ ۾ راڳ سمائجي ويو. چوندا آهن ته ڳائڻ ڀڳوان طرفان مليل هڪ انمول ڏات هوندي آهي. جنهن کي ڏاتر ڏئي پوءِ ڪي هن کي پيٽ پوڄا جو ذريعو بڻائن ٿا ته ڪي وري ان سوغات کي جسماني خواهش ۽ نمائش سان ڀيٽي پنهنجي ڪاڪ ڪاري ڪن ٿا. سنت ڪنور رام ته ”آلاپ“ ڀڳوان جي ڀڳتي لاءِ ارپڻ ڪري ڇڏيو.

سنت ڪنور رام صاحب جن جي سريلي. من موهيندڙ مٺڙي آواز ۾ درد، سوزهو، درد مند جا درد ڀڳتي ۾ ڀرجي ڳائيندو هيو، هر ماڻهو جي دل تي جادو لڳائيندو هو. هن پياري ڀڳت سنت ڪنور صاحب جن ڪيترائي سريلا من موهيندڙ مٺڙي آواز ۾ گيت ڳايا، پر هن جو سڀني ۾ اتم (وڏو) سڀني ۾ سندر سڀني ۾ سٺو گيت هيو. ته پرڀو کي نه وساريو. نه وساريو انهيءَ دکي دردن دان دان کي، غريب مسڪينن کي انهن جي شوا ڪريو. انهن جي مدد ڪريو، انهن کي سکي رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريو. سنت ڪنور رام صاحب کي جيون ۾ جيڪو ڪجهه به مليو اهو انهن سنتن پنهنجن هٿن سان دان ڪيو، ايتري قدر جو سنتن پنهنجي مت –من موهيندڙ مٺڙي آواز تي موهت ٿي ماڻهو پنهنجي سڌ ٻڌ ڀلائي جيڪو وٽس هوندو سو سڀ سندس جهولي ۾ وجهندا هئا. ناريون به سنت ڪنور رام صاحب جن جي مٺڙي آواز جي جادو هيٺ اچي پنهنجا پاتل زيور لاهي سندس جهولي ۾ وجهنديون هيون. اهڙي طرح سنت ڪنور رام صاحب جي هر ڀڄن تي هزارين رپين سان گڏوگڏ قسمين قسمين ڪپڙا، سون توڙي ٻيو سامان گڏ ٿيندا هئا، ڀڳت صاحب مهان يوڳي ۽ سنت هئا. اهي هڪ پئسو يا سامان به پنهنجي لاءِ نه رکندا هئا.

جيڪو ڪجهه به سندس جهولي ۾ گڏ هيو سوڀ اتئي جو اتي فقيرن، غريبن ۽ محتاجن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا. جيڪي سوالي وٽن ايندا هئا تن ۾ نوي سيڪڙو مسلمان هوندا هئا انهيءَ مان چٽو ٿابت ٿئي ٿو ته سنت ڪنور رام جن جي ته منزل مذهب، ذات، رنگ ۽ ڀاشا جي ڀيد کان گهڻو مٿي هئي. هو سڀني کي هڪ ئي نظر سان ڏسندا هئا، سندس دان ڏيڻ مهل اکين کي به خبر نه پوندي هئي ته دان ڪنهن ورتو. دل ۾ صرف ۽ صرف انسان ذات لاءِ محبت ۽ اڪير منجهان اٿاهه محبت هئي.

جڏهن سنت ڪنور رام کي پتا شري تاراچندر رهڙڪي صاحب وٺي آيو ته ان وقت ڪنور رام صاحب جي عمر ۹ سال هئي، سائين ڪنور رام سچي سائين سترام داس جن جي (پيرن) ۾سيس (سر) جهڪايو. تڏهن سائين جن ڪنور رام جن جي پتاشري کان اچڻ جو ڪارڻ پڇيو، تڏهن ڀائي تاراچند سائين جن کي هٿ ٻڌي نوڙي چوڻ لڳو ته سائين هي پٽ ڪنور جنم به هڪ مهان يوڳي سنت ستگرو کوتارام صاحب جن جي وردان سان ٿيو، جن سنتن تيرٿ ٻائي کي ٻن مٽڪن ڀرڻ جي عيوض آشيرواد روپي وچن ۾ چيو ته پهرين اسانکي ڏجان، سو سائين هي پٽ ڪنور توهان جي امانت آهي. هي توهان جي ڏنل امانت آئون واپس ڪرڻ آيو آهيان، تڏهن سائين جن ڪنور کي آسيس ڪندي چوڻ لڳا ته پٽ ڪنور پهرين سچ ڳالهائجان. ٻيو شيوا ڪجان ۽ ٽيون غريبن، اٻوجهن گهر جائن جي سار لهجان. ڀڳتي مان جيڪو ڪجهه ملي ان مان ڪوبه انگيڪار نه ڪجان. ڪڏهن به ڪنهن سوالي کي خالي نه موٽائجان، جي وچن ڪرين ته نڀائجان. ايترو ٻڌي سنت ڪنور رام سائين جن جي چرنن (پيرن) ۾ ڪري پيو ۽ هٿ ٻڌي چوڻ لڳو. سائين: ڪنور تي مهر ڪجو ته جيئن ڪنور توهان جي ڏنل وچنن تي هلي، پنهنجو جيون سنواري. انهيءَ ڏينهن سنت ڪنور رام صاحب جن پنهنجو پاڻ کي ستگرو درٻار ۾ وڪڻي ڇڏيو هو ۽ پنهنجو تن، من ڌن ارپڻ ڪيو هو. ساري زندگي ستگرو جي ٻڌايل نيڪ راهه تي نيڪ نيتي، سچائي ۽ ايمانداري سان عمل ڪندي سور داس، لولن، لنگڙن، غريبن ۽ محتاجن جي ڏاڍي پريم سان شيوا ڪندي گذاري. انهيءَ جي ڪري امر سنت ڪنور رام صاحب جن جو نالو هند ۽ سنڌ ۾ مشهور ٿيو.

سنت ڪنور رام صاحب هر سال جيان هن سال به دستور مطابق مانجهند ۾ ڀائي گوبند رام صاحب جن جي ورسي تي ويا، جتي هر سال ڀڳت لاءِ عاليشان بندوبست ڪيو ويندو هيو جٿي سائين وارا چارئي ڏينهن لڳاتار ڀڳتي ڪندا هئا. دستور موجب هن سال به سائين ڪنور رام مانجهند ۾ ڀيرو مور نه ڀڳو ۽ چارئي راتيون سائين جن وارن اتي خوب ڳايو ۽ ٻڌندڙ به سائين جن جي سريلي من موهيندڙ مڌر ۽ مٺڙي آواز ۾ (مست) ٿي جهومندا رهيا، مانجهند ۾ پڄاڻي کان پوءِ سنت ڪنور رام پنهنجي سنگيت واري ٽولي سميت دادو شهر ۾ پهتو جٿي پڻ ڀڳتي جو انتظام ڪيل هو. اتان هو صبح جو پهرين نومبر ۱۹۳۹ع خميس ڏهاڙي ان اڀاڳي صبح ويل دادو کان سکر اچڻ لاءِ سنگت سوڌو ٽرين ۾ سوار ٿيا ته شام ٽاڻي ٽرين ”رڪ“ اسٽيشن تي پهتي. جتي سندس سکر وڃڻ لاءِ ٽرين تبديل ڪرڻي هئي، پليٽ فارم جي جهنگ واري پاسي کان بندوق جو فائر ٿيو. ۽ سندس گولي سڌي اچي سنت ڪنور رام جي مٿي ۾ لڳي، سنت ڪنور رام رت ٿي سيٽ تي ليٽي پيا، پنجن ستن منٽن بعد جڏهن ٽرين آرائين اسٽيشن وٽ پهتي ته سنت ڪنور رام پور لوڪ ۾ پنهنجي پرماتما وٽ پهچي چڪا هئا۔


روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان

No comments:

راءِ ڏيندا