; سنڌي شخصيتون: توفيق سولنگي - رشيد احمد خاصخيلي

25 May, 2018

توفيق سولنگي - رشيد احمد خاصخيلي


توفيق سولنگي
ڄامشوري جي چنچل هوائن جو البيلو مصور
رشيد احمد خاصخيلي
اُھو چوڻ ۾ ڪو واڌارو نه ٿيندو ته سنڌ ئي اُھا ڌرتيءَ آھي جتي علم جو پھريون سج اُڀريو، ھن مٽيءَ کي اُھو به مان مرتبو رھيو آھي ته ھي مٽيءَ ازل کان شاعر ۽ مصور پيدا ڪندي رھي آھي.
ھر دور ۾ ھڪ کان ھڪ لازوال شاعر ۽ مصور پيدا ٿيندا رھيا آھن، پر پوءِ به انھن شاعرن ۽ مصورن کي اُھو احساس رھندو آيو آھي ته اڃان ڪو نرمل احساس آھي اڃا ڪا شاعري آھي اڃان ڪا  چترڪاري آھي جيڪا اسان کان رھجي وئي آھي.


اُھو ھڪ تلسمي احساس ئي ته آھي، اھڙن نفيس احساسن جو مصور لفظن جو شاعر توفيق سولنگي به آھي، جنھن وٽ اُھا لفظن جي مالھا پويل آھي جنھن سان سڄو ڏينھن گھاريندي به اُھو احساس ناھي ٿيندو ته ڪو ھن جا مٺڙا ٻول ھاڻ ختم ٿيڻ وارا آھن، ڀلي ته ڏينھن جا ڏينھن، راتين جو راتيون ڍلي وڃن، پر ھن محبوب شاعر مصور جون مٺڙيون لاتيون کڙنديون ئي رھنديون آھن، جيئن ڪينجھر ڍنڍ تي ڪنول کڙندا آھن. ھن محبوب جي مٺڙي گفتارن جو ڪو ڇيڙو ٿيڻو ئي ناھي، ھن جي ڳالھين ۾ ڀٽائي جو سر سارنگ ھميشه ڳائبو ئي رھندو آھي ھر وقت ڀٽائي جا ھي ٻه  شعر چپن تي ھوندا اٿس؛
سارنگ سار لھيج، الله لڳ اڃين جي،
پاڻي پوڄ پٽن ۾، ارزان ان ڪريج،
وطن وسائيج، ته سنگھارن سک ٿئي.

مند ٿي منڊل وڄيا، تاڙي ڪي تنوار،
ھارين ھر سنباھيا، سرھا ٿيا سنگھار
اڄ پڻ منھجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.
ڀٽائي سان ھن جي قربت انوکي لڳندي اٿم ڀٽائي جا شعر ھن جي چپن تي جڏھن ترن ٿا ھن جو چھرو ان ويلي چمپا جي گلڙي وانگي ٽڙي ٿو پئي، پنھنجي مٽيءَ پنھنجي وطن سان عشق محبت پيار ھڪ عظيم مثبت جذبو آھي منجھس اُھو جذبو ھن محبوب جي مصوري ۾ ھر جاءِ ملي ٿو، ۽ ھن جي ھر ڳالھه ۾ کڙي پوي ٿو ان جذبي تي آئون ھميشه ھن سان متعرف رھيو آھيان.
توفيق سولنگي سنڌو جي ساڄي پاسي آباد ڄامشوري، مادر علمين جي ڪڇ ۾ وادي مھراڻ جي مست موجن جي رنگين ڇولين جھڙي برش کان ڪم وٺي ٿو ڄڻڪ برشن تي ھن جو مٿس جادو ٿيل ھجي جئين چوي برش کڙي عڪس نمايان ڪن، ھي طلسمي مصور پنھنجي مصوري جي فن پارن جي مھارت سان سنڌو جي قديم تھذيب ۽ ثقافت کي پنھنجي اکين جي ايڪسري سان پسي فريمن ۾ لڳل شيٽن جي سيني تي رنگن سان رقص ڪرائي ٿو، ھي صوفين جو مائل مصور دل فريب پس منظر چٽي ھر روز سنڌو جي خدمت ۾ پاڻ ارپي ٿو.
ھن جون بي بھا خدمتون يا پورھيو، ڄامشوري جي ڇڙواڳ ھوائن ۽ نظارن ۾ خوب نظر اچي ٿو، ھن محبوب توفيق سولنگي جي مصوري ۾ حسين احساس رکندڙ ريکائن جي شاعر کان ويندي فقيري خالي ڪششڪول کان ويندي نازبوءِ جي خوشبودار ٻوٽي تائين سراپا سونھن سان نکريل نظر اچي ٿي.
ڪنھن ڪنواري جي ڪنواري اکين ۾ ڇلڪندڙ احساس پرکڻ ۽ شيٽ تي مصوري جي مھارت سان شيٽن جي ڇاتين تي مصوري اوتڻ ڪو ھن محبوب مصور کان سکي..
شاعر مصور اُھو احساس ئي کڻي شاعر يا مصور بڻبا آھن جنھن احساسن ۾ محبوب جي جدائين جو داستان ھجي وڇوڙن جا وڍ ھجن فراق جو ڊگهيون شامون ھجن، اکڙين مان لڙڪن سان گڏ ڳڙندڙ امنگون آرزون اميدون حسرتون ھجن وقت جي لھرن ۾ محبتن جو ٻيڙيون ٻڏندڙ ھجن، جنھن کي ڪنھن نفيس وينگس جا ھٿڙا ڪناري بجائي جھاڳ جو دڳ ڏسيندا ھجن، جنھن محبت کي وقت جا اڪبر تلوارن سان ڪپيندا ھجن.
اُھي احساس ئي شاعري ۽ مصوري جو اثاثو آھن، جنھن کي شاعر مصور اندر جي الماڙين ۾ ھميشه لاءِ سجائي انھن جي پوڄا ڪندا آھن، انھن احساسن جو اثر ئي نکري پوندو آھي ڪڏھن نظم ۾ ڪڏھن غزل ۾ ته وري ڪڏھن ڪنھن ھٿ ڇڏائيندڙ محبوب کان ڪنھن وينگس جي چٽيل مصوري ۾ اُھي احساس پوءِ اسان توھان شاعري مصوري ۾ پسندا آھيون، اُھي احساس ئي پھريان ڏاڪا ھوندا آھن شاعري ۽ مصوري جا، اھڙو فراق محبتن ۾ توفيق کي به نصيب ٿيو آھي، ھن جي محبوبا به وقت ھن کان ڇني ورتي ھئي اُھو ئي فراق جو ڏينھن توفيق جي مصوري ڏانھن پھرين وک ھئي، ٻيھر ان محبوب جي ترشي گاھن ڳاڙھن گلڙن ۽ ڪارن وارن کي پسڻ ديدار درشن لاءِ ھن مصوري جي پند جا ڪشالا ڪاٽيا ائين چئجي ته ھن مصور محبوب سُپرين جي تصوير ھٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ ئي مصوري ۾ پير پاتو پر وقت جو وھڪرو تيز ھو. ھن محبوب کي ته ھر فطرتي حسن ۾ ڏٺو ڪينواسيو پر اُھو ڇھاءُ پلڪن مان نرمل ڳوڙھا ھن ٻڪن مان وھي ويا، جنھن کي تيز وھڪرن وڃي تويل جدائين جي ساگر ۾ اوتيو ڪنھن اردو جي شاعر اُھو احساس ڪيڏي نه خوبصورتي سان لکيو آھي،
”مين ني يون ھي ريت په ڦيري انگليان
ديکا جو غور سي تيري تصوير بن گئي“
توفيق نه صرف محبوب کي مصوري ۾ سجايو آھي پر ھن جي فن-پارن ۾ ٻئي کوڙ ساري  مصوري جي جدت ۽ اڪثريت به جڙيل آھي
توفيق سولنگيءَ ھن فني لطيف جي دنيا کي رنگن جي سونھن بخشيندڙ راڻي پور جي چيڪي مٽي تي جنم ورتو ھو. رات ڏينھن استادن جي پويان ھلندڙ نيٺ محنت رنگ لاتو جو اڄ  توفيق لازوال ڄامشوري جو مصور ڪوٺيو وڃي ٿو، ھن جي فن پويان وقت جي لازوال استادن جو وڏو رول رھيو آھيو جيڪو ھن محبوب جي مصوري ٻڌائي پئي، پوءِ ڀلا ان استادن کي ڇو وسارجي استادن ۾ محبوب شاھ خيرپور، استاد غلام شبير سومرو ھنگورجه، استاد جابر لمس يونيورسٽي، ۽ استاد بندھ علي حيدرآباد، ھن استادن جي گھري شفقت مٿس رھي آھي جنھن توفيق کي طلسمي مصور بڻايو آھي.
ھن سنڌو جي لھرن جھڙي سڌي ساڌي سٻاجھڙي مصور توفيق سولنگي جيڪڏهن مصوري جو آل رائونڊر ڪوٺجي ته آئون سمجھان ٿو ڪو واڌارو نه ٿيندو، توفيق جي فن ۾ پوٽريٽ، آئل پينٽگس، واٽر ڪلر، مجسمه سازي، ڪئليگرافي، ڊزائن، چارڪول، اسڪيچ  ڊراپيسٽل، ڪولاج ورڪ، ڪلاٿ پينٽگس، گلاس پينٽگس، آئل پيسٽل، آرڪيٽيڪچر وغيره تي لا محدود ڪم ٿيل آھي.
پوءِ ڀلا ھن کي ڇو نه ڪوٺجي جنھن جي اندر ۾ ايترا فني ٽيڪنسڪس سمايل ھجن! ھي محبوب مصور سنڌو جي عظيم تھذيب تي يعني ڪلچر پينٽگس تي ڪم ڪرڻ ۾ مگن ملي ٿو، ھن جي ڪلچر سان محبت ڏسي اُھو چئي سگھجي ٿو، ته اڃا سنڌو جي اُھا خدمت ناھي ٿي ڪجھ رھجي ويو آھي، جنھن جو اُونو ھر ويل توفيق جھڙي سھڻي مصورن جي من ۾ آھي.
ھن سلڇڻي مصور جي ڪاريگري پوٽريٽ ۾ شھيد  ذولفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو، سائين جي ايم سيد، علڻ فقير، استاد بخاري، ڄام ساقي، بشير خان قريشي، حڪيم سعيد، عبدالستار ايڌي، سڪندر اعظم ۽ نشان حيدر فوجي جوان وغيره تيار ٿيل ملن ٿا جنھن چتڪاري مان ھن جو خوبيون سراپا سونھن آھن، سراپا سينگار آھن.
ھن جي مجسما سازي ۾ گوتم ٻڌ، ڪنگ پريسٽ، ڊانسنگ گرل، سائين جي ايم سيد، وينس، سقراط، ارسطو، ھوچي منه، فيڊرل ڪاسترو ۽ ٻيا کوڙ سارا وقت جا ڪردار سونھن جي ڪاريگري سان سجايل آھن، ھن محبوب جي چترڪاري ڏسي دل ۾ عجيب ڪفيت ٽھڪ ڏيندي آھي خوشي سرھائي مان فخر محسوس ڪندي آھي ته اُھو عظيم چترڪاري جو ڏانءُ اسان جي سنڌ سونھاري کي گھڻو ارپيل آھي، اڄ به اسان جي قديم سھڻي ثقافت جھڙي ثقافت دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ نٿي ملي اُھو فخر صرف اسان جي ھن چيڪي مٽيءَ سنڌ امڙ کي ئي مليل آھي.
ھي محبوب مصور ھن وقت سنڌ جي علمي درسگاھ لياقت ميڊڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پنھنجون فني خدمتون ڏيندو رھي ٿو، آئون جڏھن به ھن سان ملندو آھيان اندر ۾ احساس ڦٽندا آھن ته خدا تون ھن محبوب کي وڏي ڄمار عطا ڪرين ۽ ھي محبتن جو ڪوڏيو مصور سنڌو جو گم ٿيل يادون چترڪاري سان ڳولھيندو رھي، مصوري جي مٽجندڙ ماحول ۾ ھن جي برشن کي نئين جوت ڏئي، جو ھو ھر روز، سنڌوءَ جا ماٺا ۽ من موھيندڙ منظر ڪينواسيندو رھي.. جن منظرن ۾ ھن کان ھن جي دوشيزه وينگس وقت ڦري ورتي ھئي. ھي وقت کي مات ڏئي، انھن منظرن کي دنيا جي اسڪرين تي سجائي ته مون محبت وڃائي ناھي، مون محبت سجائي آھي..


No comments:

راءِ ڏيندا