شاهده کوکر
هڪ سگهاري شاعره
نصير احمد فقير چنا
اسان
جي سنڌ سونهاري جيئن ذخيرن سان مالا مال آهي، تيئن سخنورن سان پڻ ٽمٽار آهي. اهي
شاعر جن شاعري ذريعي امن، سلامتي، محبت ۽ ڀلائي جو پيغام هر هڪ تائين پهچايو انهن
صوفين، شاعرن جي سنڌ صدين کان آباد آهي ۽ آباد رهندي. هتي هر ڪنهن شاعر شاعري ۾
پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، يعني مردن سان گڏ عورتن به پنهنجي واري وهائي آهي. اها ڳالهه
هڪ پاسي ڏاڍي ڏکي به آهي ڇو ته اسان جي معاشري ۾ صنفي تضاد به آهن جنهن سبب عورت
کي آزادي نه آهي. پر پوءِ به ڪن عورتن پنهنجي معاشري جو ڀرم به رکيو ۽ آزاد خيالي
شاعري به ڪئي. پنهنجي قلم ذريعي زماني جي وارتائن کي قلمبند ڪيو، پنهنجي ڏات ۽ ڏانون
وسيلي ان اندر جي اُٻَ کي شاعري جو روپ ڏيئي مظلومن/عورتن جي هر ايذاءَ، نقصان ۽
وارتائن کي پنهنجي لفظن ۾ پيش ڪيو، پوءِ انهن مان ڪن کي ڪن لاءِ بيشمار ڏکيائيون
پيش ته آيون پر پوءِ به ڪاميابي ضرور ملي! پر ڪن جي آواز کي ايترو ته دٻايو ويو هو
جو اڄ تائين اهي وري ساڳي پوزيشن ۾ نه آهن اچي سگهيون.
اهو ته
هر هڪ اهلِ علم ۽ اهلِ دل ماڻهو بخوبي سمجهي سگهي ٿو ته مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون وڌيڪ
ٿيون لوڙين/ نڀائين. پر آءٌ سلام ڪيان ٿو انهن عورتن کي جيڪي هر ملامت سِرَ تي سهي
پوءِ به مردن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ميدان ملهايو آهي ۽ اڄ تائين ملهائي رهيون
آهن. ان سفر جي هڪ پانڌياڻي، مسافر، سنڌي شاعره محترمه ادي شاهده کوکر پڻ آهي.
سانئڻ شاهده کوکر جيڪا ڪافي ادوارن کان ڪافي ساريون مسافتون ڪٽيندي ڪٽيندي
معاشرتي/ سماجي سور پٽيندي پٽيندي سنڌ ۽ سنڌياڻين لاءِ هڪ اتساهه بڻجي ڪافي وقت
کان شاعري جي ميدان ۾ اڏول انسان وانگر کڙي ٿي بيٺي آهي ڄڻڪه ايئن ته “ڪٿي نه ڀڃبو
ٿڪ مسافر” قول تحت محنت ۾ مشغول آهي.
هٿ تي
هٿ رکي ناهي ويٺي بلڪه قلم واري ڪرت کي جاري و ساري رکيون اچي پئي. ان محنت جو صلو
اهو مليو آهي ته سانئڻ شاهده سنڌي شاعري جا ٻه مجموعا هڪ “ريشمي خواب ۽ تنهائي” ۽ ٻيو
“هنيانءُ هاريو متان” ادبي دنيا ۾ ڏيئي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته محنت جو ڦل
ضرور ملندو آهي.
وڏي ڳالهه
اها آهي ته ادي شاهده کوکر جي شاعري هڪ طرف پڪي ۽ پختي آهي ته ٻئي طرف سهنجي ۽ سلوڻي
آهي جنهن ۾ رس، چس، تخيل، رڌم، تسلسل ۽ گهڻ موضوعاتي سهڻي ۽ سٺي شاعري آهي. سچ پچ
ته ڪجهه ادوار پهريان جيڪا شاعري لکي، پڙهي ۽ ٻڌي ويندي هئي اڄ سانئڻ شاهده جي
شاعري مان اها ئي خوشبو اچي رهي آهي. اها شاعري تسلسل ۽ رواني، وزنن ۽ بحرن، خيالن
۽ تصور ۾ پڪي ۽ پختي نظر اچي ٿي. شاعري نه صرف خيالن جي اڏام آهي پر شاعري جي نزاڪت
۽ نفاست مان اهو ظاهر ٿئي ته شاعر جو فنِ ڪمال صاف ظاهر آهي. ڏات سان گڏ ڏانون
عيان جرڪي ٿو ته ان کي چئبو آهي شاعر ۽ شاعري ڪمال واري.
ماڻهو
جڏهن اهڙي شاعري ٻڌي ته ان جي دل تي اثر ڪري وڃي ۽ جڏهن پڙهي ته ايئن محسوس ڪري ڄڻ
ته پاڻ ان عمل ۾ مصروف آهي. محو خيال ٿيڻ سان ئي شاعري مان محظوظ ٿيندو. جيئن شاعر
جي شاعري مان هڪ پيغام ملندو آهي، سبق سکبو آهي، نصيحت پيدا ٿيندي آهي يا يادون
تازگي حاصل ڪنديون آهن. يعني گهڻ موضوعاتي ۽ پختي شاعري ۾ اهي سڀ خوبيون هڪ ئي
جاءِ تي موجود هونديون آهن. آءٌ جڏهن به سانئڻ شاهده جي ڪتابن کي پڙهندو آهيان ته
ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ادي شاهده اجايو وقت ناهي وڃايو پر وقت کي سجايو ڪيو اٿائين.
No comments:
راءِ ڏيندا