; سنڌي شخصيتون: سائين ڄام خان ٽالپر - مير اعظم علي ٽالپر

06 June, 2018

سائين ڄام خان ٽالپر - مير اعظم علي ٽالپر


سائين ڄام خان ٽالپر
انسان دوست استاد
مير اعظم علي ٽالپر
دنيا ۾ فطري طرح سان هڪ پڙهائيندڙ استاد کي نهايت ادب ۽ احترام سان ”سائين“ جي لقب سان سڏيو ويندو آهي. حالانڪ بطور استاد ڪو به ٿي سگهي ٿو، اهو استاد فن، هنر ۽ ٻيا ڪم سيکارڻ جو ماهر ضرور هوندو، پر اصل فيض تعليم واري استاد کان ملي ٿو. ڇو ته اسڪول جي استاد جو پيشو مقدس آهي. استاد به هڪ سوناري جيان آهي، جيڪو سون کي ٺاهي سچو سون بڻائي ٿو. ڇو ته اولاد کي مائٽ جنم ڏين ٿا، پر ان اولاد جي تربيت اسڪول ۾ استاد (سوناري وانگر) ڪري ٿو، ان ڪري استاد عظيم آهي. اهڙن استادن ۾ هڪ انسان دوست استاد سائين ڄام خان ٽالپر به هو، اڄ کان پورا ۴۸ سال اڳ جي ڳالهه آهي، (اولهه ۽ اوڀر) جڏهن گڏيل پاڪستان جي پهرين اليڪشن هڪ ماڻهو هڪ ووٽ راءِ جي بنياد تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، ان اليڪشن جي تياري لاءِ ان وقت جي صدر مملڪت آغا محمد يحيٰ خان جي حڪم ”ليگل فريم ورڪ آرڊر تحت“ 18 سالن جي عمر جي اهل ووٽرن جا نالا لکڻ جو ڪم علائقي ۾ سائين ڄام خان شروع ڪيو هو. ان ۱۹۷۰ع جي پهرين يادگار اليڪشن ۾ ووٽرن جا نالا اردو سان گڏ سنڌيءَ ۾ لکڻ جي ڀرپور تحريڪ هلي هئي ۽ ان ۾ راقم به حصو ورتو هو. انهيءَ پهرين ۱۹۷۰ع جي چونڊن ۾ سائين ڄام خان راقم کي اهل ووٽر بڻائي ووٽ ڏيڻ جو حق ڇا ڏنو، راقم ته اصل عطائي سياسي ورڪر بڻجي ويو. ان زماني ۾ ووٽر جي سڃاڻپ لاءِ ڪارڊ وغيره نه هو. راقم کي اڄ به چٽو ياد آهي ته ان اليڪشن کان اڳ اڄوڪي تاريخ پنجين (جڏهن هي تحرير ڪريان پيو) جُون تي شيخ مجيب الرحمان کي اولهه پاڪستان جي عوامي ليگ جو سربراهه چونڊيو ويو هو ۽ سائين ڄام خان ٽالپر ان تي چيو هو ته هاڻي ملڪ جي سياست ۾ تبديلي ايندي. سائين ڄام خان ٽالپر جي اها سوچ وڏي هئي. ان کانپوءِ ۱۹۷۷ع جي اليڪشن ۾ اسان ان وقت جي قومي اتحاد (هر نشان) جي الحاج مير علي احمد خان ٽالپر لاءِ ڪم ڪيو هو.


سائين ڄام خان ٽالپر کي علم ۽ تعليم سان چاهه ۽ سياست سان محبت سبب ڪيتريون ئي تڪليفون به آيون ۽ هي ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي، جڏهن ضياءَ الحق بلدياتي چونڊون ڪرايون ته سائين ڄام خان ٽالپر هڪ اميدوار جي حمايت نه ڪرڻ سبب عتاب جو شڪار ٿي ويو ۽ سندس مخالفن بدلي ضلعي حيدرآباد کان هڪ اهڙي اسڪول ۾ ڪرائي، جيڪو ضلعي حيدرآباد جو آخري اسڪول هو، پر ان زبردستي واري بدليءَ سائين ڄام خان ٽالپر کي قطعي مايوس نه ڪيو. پر هن حق، انصاف ۽ جمهوريت لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي. ان کانسواءِ سائين ڄام خان ٽالپر کي سماجي ڀلائي ڪرڻ جو ڪم به ورثي ۾ مليو هو. ڇو ته سندس والد محمد صالح ٽالپر به ڳوٺ جا ڪم ڪندو هو ۽ خاص ڪري پاڪ و هند جي ورهاڱي وقت هندستان مان راجا واري (ميٽر گيج) ريل ذريعي سنڌ ۾ ميرپورخاص کان حيدرآباد ڪراچي ويندڙ مسلمانن کي ٽنڊو ڄام ريلوي اسٽيشن تي ڪوهر (چڻن) جي ديڳ رڌرائي ناشتو ڪرائيندو هو ۽ پاڻي پياريندو هو، عالم آشڪار ڳالهه آهي. ان کانسواءِ سائين ڄام خان ٽالپر جو والد محمد صالح ٽالپر سال جي ٻنهي وڏين عيد نمازن تي هڪ لٺ (ڇڙ) ۾ ڪپڙو (پوتڙو) ٻڌي عيد گاهه مسجد جي دروازي ٻاهران بيهي وڏي واڪي سڏيندو هو ته مسلمان ڀائرو، جلدي عيدگاهه ۾ پهچو نماز جو وقت ٿي رهيو آهي. (ان وقت اڃا لائوڊ اسپيڪر ٽنڊو ڄام ۾ نه آيا هئا، هي ۱۹۶۰ص جي ڳالهه آهي.)
سائين ڄام خان ٽالپر سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن لاءِ ڇوڪرين جا هنري اسڪول کولڻ، دستڪاري جو ڪم سيکارڻ ۽ سلائي مشينون ڏيڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ هن پنهنجي اولاد کي وس آهر بهتر تعليم ڏياري ۽ پاڻ پ ٽ الف جو عهديدار چونڊجي رهيو. ان کان اڳ ۱۹۷۵ع ۾ سنڌي پورهيت تنظيم سپت ۾ به سندس ڪم يادگار هو، جنهن ۾ راقم سان سائين ڄام خان ٽالپر ۽ فلمسٽار رحيم شورو، حاجي ڄام شورو وغيره شامل هئا، جڏهن ته سائين ڄام خان ٽالپر سياسي طور پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ٽنڊو ڄام ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪيو ۽ ۱۹۷۲ع ۾ وارڊ نمبر ست (۷) جو صدر به رهيو ۽ راقم پريس سيڪريٽري هو. ڄام خان ٽالپر ۲۰۱۰ع ۾ رٽائر ٿيو. سائين ڄام خان ٽالپر پنهنجي وقت ۾ علائقي واسين کي روزگار به مهيا ڪيو ۽ ڪيترن ئي بيروزگار ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي نوڪريون وٺي ڏنيون. هن ٽالپر ذات ۾ تعليمي سجاڳي آڻڻ لاءِ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جهر جهنگ راقم سان گڏ هلندي دورا ڪيا ۽ پڻ ٽالپر ذات کي هڪ پليٽ فارم (جاءِ) تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
سائين لائق سنڌي جي ڪپڙي جي ٿيلهي جيان سائين ڄام خان ٽالپر وٽ به هڪڙي ڪپڙي جي ٿيلهي هوندي هئي، جنهن ۾ ڪتاب ۽ نوٽ بڪ هوندو هو. اسان گڏجي سنڌ جي ٽالپر ذات جي هر هڪ وڏي، ننڍي، بزرگ سان ملي ان ڪاپيءَ ۾ ملڻ واري شخصيت کان سندس هٿ اکرن ۾ تاثرات نوٽ بڪ تي لکرايا. مذڪوره يادگار ڪاپي هن وقت سائين ڄام خان ٽالپر جي لائق فرزند محمد صالح ٽالپر وٽ ٽالپرن جي رڪارڊ طور موجود آهي (محمد صالح تي پنهنجي ڏاڏي جو نالو آهي). سائين ڄام خان ٽالپر هر اليڪشن ۾ دلچسپي رکندو هو ۽ ان ۾ اميدوارن جي قسمت جي حال ۽ بي حال تي به تبصرو ڪندو هو، ان کانسواءِ ووٽرن کي گهر کان پولنگ اسٽيشن تي پهچائڻ لاءِ اڳڀرو هوندو هو. هن وقت ملڪ ۾ هڪ نئين اليڪشن ۲۰۱۸ع جون تياريون ٿي ريون آهن، پر سائين ڄام خان ٽالپر ۷۰ سالن جي ڄمار ۾ ۲۹ مئي ۲۰۱۸ع تي اسان سڀني کي وڇوڙو ڏئي هليو ويو ۽ پٺيان ڇڏي ويو ڪيتريون ئي يادگيريون. بهرحال هر انسان لاءِ جدائي برحق آهي، ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

No comments:

راءِ ڏيندا