; سنڌي شخصيتون: سائين ڄام خان ٽالپر، استاد، مير اعظم علي ٽالپر،
Showing posts with label سائين ڄام خان ٽالپر، استاد، مير اعظم علي ٽالپر،. Show all posts
Showing posts with label سائين ڄام خان ٽالپر، استاد، مير اعظم علي ٽالپر،. Show all posts

06 June, 2018

سائين ڄام خان ٽالپر - مير اعظم علي ٽالپر


سائين ڄام خان ٽالپر
انسان دوست استاد
مير اعظم علي ٽالپر
دنيا ۾ فطري طرح سان هڪ پڙهائيندڙ استاد کي نهايت ادب ۽ احترام سان ”سائين“ جي لقب سان سڏيو ويندو آهي. حالانڪ بطور استاد ڪو به ٿي سگهي ٿو، اهو استاد فن، هنر ۽ ٻيا ڪم سيکارڻ جو ماهر ضرور هوندو، پر اصل فيض تعليم واري استاد کان ملي ٿو. ڇو ته اسڪول جي استاد جو پيشو مقدس آهي. استاد به هڪ سوناري جيان آهي، جيڪو سون کي ٺاهي سچو سون بڻائي ٿو. ڇو ته اولاد کي مائٽ جنم ڏين ٿا، پر ان اولاد جي تربيت اسڪول ۾ استاد (سوناري وانگر) ڪري ٿو، ان ڪري استاد عظيم آهي. اهڙن استادن ۾ هڪ انسان دوست استاد سائين ڄام خان ٽالپر به هو، اڄ کان پورا ۴۸ سال اڳ جي ڳالهه آهي، (اولهه ۽ اوڀر) جڏهن گڏيل پاڪستان جي پهرين اليڪشن هڪ ماڻهو هڪ ووٽ راءِ جي بنياد تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، ان اليڪشن جي تياري لاءِ ان وقت جي صدر مملڪت آغا محمد يحيٰ خان جي حڪم ”ليگل فريم ورڪ آرڊر تحت“ 18 سالن جي عمر جي اهل ووٽرن جا نالا لکڻ جو ڪم علائقي ۾ سائين ڄام خان شروع ڪيو هو. ان ۱۹۷۰ع جي پهرين يادگار اليڪشن ۾ ووٽرن جا نالا اردو سان گڏ سنڌيءَ ۾ لکڻ جي ڀرپور تحريڪ هلي هئي ۽ ان ۾ راقم به حصو ورتو هو. انهيءَ پهرين ۱۹۷۰ع جي چونڊن ۾ سائين ڄام خان راقم کي اهل ووٽر بڻائي ووٽ ڏيڻ جو حق ڇا ڏنو، راقم ته اصل عطائي سياسي ورڪر بڻجي ويو. ان زماني ۾ ووٽر جي سڃاڻپ لاءِ ڪارڊ وغيره نه هو. راقم کي اڄ به چٽو ياد آهي ته ان اليڪشن کان اڳ اڄوڪي تاريخ پنجين (جڏهن هي تحرير ڪريان پيو) جُون تي شيخ مجيب الرحمان کي اولهه پاڪستان جي عوامي ليگ جو سربراهه چونڊيو ويو هو ۽ سائين ڄام خان ٽالپر ان تي چيو هو ته هاڻي ملڪ جي سياست ۾ تبديلي ايندي. سائين ڄام خان ٽالپر جي اها سوچ وڏي هئي. ان کانپوءِ ۱۹۷۷ع جي اليڪشن ۾ اسان ان وقت جي قومي اتحاد (هر نشان) جي الحاج مير علي احمد خان ٽالپر لاءِ ڪم ڪيو هو.