; سنڌي شخصيتون: عتيق الله چنجڻي

18 June, 2018

عتيق الله چنجڻي


عتيق الله چنجڻي
مثالي اُستاد
حفيظ چانڊيو
موت ۽ زندگي، هڪ ئي وقت جنم وٺن ٿا. ٻئي زمان ۽ مڪان جي پيچري تي، وجود جي صورت ۾ ڍُرڪندا، پنهنجي ابدي منزل ڏانهن روانا ٿين ٿا. پوءِ اهو وجود تي منحصر آهي ته هُو، پنهنجي منزل ڪهڙي ٿو طئي ڪري. هُو موت جو هم رقاب ٿي پاڻ کي فنا جي حوالي ٿو ڪري يا زندگيءَ کي معنيٰ ڏئي، پاڻ کي ابدي زندگي بخشي، امر ٿي وڃي ٿو. اهو ۲۲ هين جنوري ۱۹۸۶ع جو ڏينهن هيو جڏهن تعلقي وارهه جي تاريخي ڳوٺ ميانداد خان چنجڻيءَ ۾ الائي ڪيترن سڃاڻوند ماڻهن جون اکيون پنهنجي محبوب، همدرد ۽ بي مثال ڪردار جي مالڪ سائين عتيق الله چنجڻيءَ جي آخري ديدار لاءِ آتيون هيون، جنهن پنهنجي سموري زندگيءَ جا سڀئي روشن ڏينهن تعلقي وارهه جي عوام جي تعليم لاءِ پير پٿون ڪيا، ان ڏينهن سندس ڳوٺ ۽ آسپاس جي رهواسين کان ڪراچيءَ جي جناح اسپتال هڪ مثالي ڪردار جهڙو محبوب استاد کسي ورتو جنهن جي وڇوڙي کي اڄ ۳۱ سال گذري چڪا آهن پر پوءِ به هو مثالي استاد، سماج سيوڪ پنهنجي شاگردن، عزيزن، علائقي واسين جي دلين ۾اڄ به زندهه آهي. اڄ به سندس هزارين شاگرد، عزيز ۽ ڳوٺ وارا سندس ڪيل سماجي خدمتن ۽ علم جي واڌاري لاءِ ڪيل غير معمولي خدمتن سبب کيس وساري ناهن سگهيا، استاد عتيق الله چنجڻيءَ جنهن پنهنجي بهترين اخلاق سٺي، نماڻي، شفيق طبعيت ۽ سماج ۾ ادا ڪيل نرالي انداز سبب تعلقي وارهه توڙي ٻين ضلعن جي ماڻهن جي دلين ۾ ٿورڙي ئي عرصي ۾وڏي جاءِ ٺاهي ورتي هئي، جنهن ڪري کيس سڀني حلقن ۾ عزت ۽ مان جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙن فرد جي ڪردار تي لکڻ توڙي سندن يادگيرين کي روشناس ڪرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.


ٿر ٿوهر گهر جهوپڙا، ٻارڻُ جنين ٻُوهه،
وُٺا مينهن ملير تي، ٽهڪي نڪتا ٽوهه،
رات به منهنجي روح، سُتي سانگي ساريا. شاهه
سائين عتيق الله چنجڻي جي شخصيت به اهڙن ڪردارن منجهان هڪ آهي، سنڌ جي تاريخي  ڳوٺ ميانداد خان چنجڻيءَ ۾ ۱۹۴۰ع ۾  جنم ورتو. پنهنجي علمي ۽ ادبي گهراڻي واري سلسلي سبب فارسي ۽ عربي جي تعليم پنهنجي پڙ ڏاڏي مشهور عالم ميان مولوي محمد چنجڻي ۽ والد بزرگوار مولوي غلام صديق “ آصف” چنجڻي وٽان حاصل ڪيائون ۽ بنيادي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل ڪندي وڌيڪ سنڌي فائنل مڪمل ڪري سنڌ جي تعليم کاتي ۾ بحيثيت پرائمري استاد طور پنهنجن خدمتن جو آغاز ڪيائون. سندس مثالي ڪردار جي ناماچاري ڏسي تر توڙي تعلقي اندر سندس تعليمي خدمتن جو اعتراف وڌندورهيو. اڄ کان ڪي ڏهاڪا اڳ سنڌ جي ٻهراڙين اندر تعليم جا حالت ابتر هئڻ ڪري غريب گهراڻن جا ٻار علم جي روشني کان اڪثر محروم رهجي ويندا هيا. استاد عتيق الله چنجڻي پنهنجي سماج اندر پنهنجن ذاتي ڪوششن سان ڪيترن ئي بي پهچ ٻارڙن جي ذاتي پرگهور لهندي کين علم جي زيور سان آراسته ڪيائون. اهيوئي سبب آهي جو سندس وڇڙي ڪيئي ورهيه گذري چڪا آهن پر سندس مثالي ڪردار جي سڳنڌ اڄ به عوام جي دلين ۾ مهڪي رهي آهي.
معاشرن جي تعمير ۾ استاد ئي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا آهن، جن جي اڻ ٿڪي محنتن سبب اهڙيون پڙهيل لکيل نوجوان کيپون پيدا ٿي وينديون آهن جن تي قومون فّخر ڪري سگهن ٿيون، سائين عتيق الله چنجڻي جي وڇوڙي جي وڍ سندس ڳوٺاڻن، نصيرآباد ۽ وارهه تعلقي جي ماڻهن کي نهوڙي جيءَ کي ائين جهوريو هو جيئن ماڻهو پنهنجي عزيز جي وڇڙڻ  واري احساس سبب اندر ئي اندر ۾ ڀري پوندا آهن، ان جو سبب وڇڙي ويل استاد سائين عتيق الله چنجڻيءَ پاران پنهنجي علائقن ۾ ڪيل سماجي ۽ علمي خدمتون ئي هيون. جنهن چاهيو پئي ته سندس ڳوٺ جو هر ٻار توڙي نياڻيون تعليم جهڙي زيور سان مالامال ٿين، هن چاهيو پئي ته سندس ڳوٺ کان وٺي پوري علائقي ۾ تعليمي لاٽ دائمي طور ٻرندي رهي ۽ ان لاٽ مان پوري ڏيهه کي روشن ڪري هڪ بهترين ۽ پڙهيل لکيل سماج جي نئين سر تعمير ڪجي. هي اهو زمانو هو جڏهن سندس ڳوٺ ۽ سندس علائقو داخلي ۽ خارجي منفي اثرن سبب جي ڪري وڏي ڀڄ ڊاهه جو شڪار ٿي رهيو هو، پنهنجي سماج کي زوال پذير ۽ پست حال ڏسي سندس من ۾ اها اميد ۽ آس جاڳي ته ڪو بهتر سماج اڏڻ گهرجي. سندس ڪوشش رهي ته پنهنجو غير معمولي ڪردار ادا ڪري ماڻهن جي ذهنن ۽ ضميرن کي تعليم ڏيئي روشن راهن ڏانهن گامزن ڪن ته جيئن سندن تقدير تعمير جي جذبي سان بدلائي سگهجي. سائين عتيق اللهٰ  جي من ۾ پيدا ٿيل اهڙي تڙپ جڏهن عملي تحرڪ ورتو ته ائين پيو لڳي ڄڻ ته ڪو ديوتا ڪنهن ڏکين حالتن، معاشرتي بحرانن ۾ اچي ماڻهن کي سندن آڱر کان وٺي اوندهه انڌوڪار واري زندگيءَ مان ٻاهر ڪڍي کين ڪاميابين جي سنئين دڳ لائيندو هجي. اهڙا ئي سچيت، ايماندار ۽ خوددار ڪردار ماڻهن جي جياپي ۽ جاڳرتا جي لاءِ پنهنجو غير معمولي ڪردار ادا ڪري تاريخ جي سنهري ورقن ۾ صفِ اول اول رهندا آهن. جڏهن ته اهڙا شخص انفرادي حيثيت ۾ ادارن جهڙي حيثيت رکندڙ قومن جا اهڙا ته معمار هوندا آهن جيڪي وقت جي نبض تي هٿ رکي ماڻهن کي جهالت جي طويل غلاميءَ جي زنجيرن مان نجات ڏياريندا آهن. گذريل ۱۹ ويهين صديءَ ۾ تعلقي وارهه جي هن ننڍڙي ۽ تاريخي ڳوٺ ميانداد خان چنجڻيءَ مان علمي چڻنگ ٻري سموري ڏيهه کي روشن ڪيو،ان وقت جهالت پنهنجا سمورا هٿيار علم جي عظمت آڏو ڦٽي ڪري هار مڃي آخري هڏڪي ڏيئي رهي هئي جنهنجو سبب سائين عتيق الله چنجڻيءَ جي بي لوث محنتن جي ڪري ڪري اسين سندس علم جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن کي وساري نه ٿا سگهون. سندس شاگردن جي وسيع حلقي مان نامور صحافي ۽ نامور اديب ف.م لاشاري به هڪ هيو، نامور استاد عتيق الله چنجڻي ڪڏهن به نه ٿڪيو نه ئي ڪڏهن ڪنهن وڏن سياسي بتن آڏو نوڙي سلامي ڏني بلڪ هن پنهنجو سمورو وقت تعليمي سرگرمين ۾ گهاريو، هو هڪ آدرشي انسان،مثالي استاد هو جنهن پنهنجي پوري علائقي ۾ نه وسامندڙ علم جون روشن ڏياٽيون ٻاري تر کي روشن ڪيو. سندن مسلسل محنتن جي ڪري آسپاس ۾ ڪيترا ئي اسڪول، ڊسپينسريون، روڊ، رستا ۽ بجلي جهڙي سهولتن جي نعمت سان مالامال ٿيون. هو سماج جو اهڙو برجستو،جرئتمند ۽ همٿائيندڙ ڪردار هو جنهن الائي ڪيترن انسانن کي پاڙهيو ۽ اعلٰي اخلاق جي بلندين تي پهچائي وڏن عهدن تي پهچائڻ ۾مدد ڪئي. سندس شاگرد جيئن سائين عبداالمنان چانڊيو اڳوڻو پرنسپال، پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو ۽ عبدالرحمان چانڊيو اڳوڻو ڪنٽرولر لاڙڪاڻو بورڊ، آفتاب هياليپوٽو، آفتاب ٿلهو، انجنيئر رفيق ڪانڌڙو ۽ ڪيترا ئي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ وڏا آفيسر آهن تن جي علمي ۽ اخلاقي تربيت پڻ ڪئي ۽ سندن ڪامياب شخصيت، آدرشي انسان هجڻ جي پٺيان سائين عتيق الله چنجڻي جي شاندار شخصيت ئي آهي. اڄ سندس وڇوڙي کي پورا ۳۲ سال گذري چڪا آهن پر تنهن باوجود به سائين عتيق الله چنجڻيءَ جون ڪيل علمي ميدان ۾ تعليمي خدمتون وساري نه ٿيون سگهجن، حقيقت ۾ اهڙا انسان اڪثر حقيقت پسند،اصول پسنديءَ جي ڏاڪن تي پير رکي بهتر سماج اڏڻ جا خواب پنهنجي جهانورين اکين ۾ پاليندا آهن ۽ عملي طور تي جدوجهد به ڪندا آهن، اهڙن مثالي ڪردار ئي حقيقي جدوجهد ۾ پختو ويساهه رکي اڳتي منزلن ڏانهن روان ڌوان هوندا آهن، جيڪي عملي جدوجهد ڪري سماج جي بهتر جوڙجڪ ڪري سنئين دڳ لائي ترقين جون اهڙيون منزلون طئي ڪرائيندا آهن جن جو نعم البدل ڳولهڻ جي لاءِ صدين جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي. سائين عتيق الله چنجڻي هر دور جو اُتم ۽ اعلٰي انسانن ۾ شمار ٿيندڙ نامور علمي ۽ سماج سڌارڪ شخصيت طور ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو.
 سنڌ جي هن يگاني تعليمدان پنهنجي اهڙي سچائي سان عوام الناس جي بي لوث خدمت ڪئي، هن هميشه چاهيو پئي ته نئين نسل کي روايتي ريتن ۽ رسمن کان هٽي ڪري خدمت جي سچي جذبي سان سرشار ٿي زندگي ارپي، سندس حليم، ماٺيڻي مزاج، شفقت واري مزاج کي به وسارڻ پاڻ وسارڻ جي برابر آهي. اهڙن عظيم انسانن پاران تعليمي ميدان ۾ ادا ڪيل مثالي ڪردار آڏو رکندي هڪڙي پاسي فّخر به ڪري سگهجي ٿو ٻي پاسي سندس عظمت ڀرئي ڪردار کي نوجوان نسل سان تعارف ڪرائيندي بي انتها خوشيءَ جو احساس پڻ ٿڌڙي هير جي ڪنهن جهوٽي جيان محسوس ٿي رهيو آهي اهو ان لاءِ ته سائين عتيق الله جهڙن املهه ڪردارن پاران علمي واڌاري لاءِ ڪيل غير معمولي خدمتون ئي آهن جنهن سبب اتان جي عوام کي غلامين ۽ اوندهه انڌوڪار وارين حالتن جا عڪس ڌنڌلا ٿيندا ويا. سندس ڪيل علمي پورهئي جي ڪري اڄ سندس آبائي ڳوٺ ميانداد خان چنجڻي سميت پوري علائقي ۾ علم جو روشن سج اڀرندو ٿو رهي. سائين عتيق الله جي ڪيل شعوري پورهئي جي ڪٿ ڪرڻ ايڏي آسان ته ڪانهي البته ناممڪن ناهي، هو بنيادي طور تي هڪ اعلٰي فڪر رکندڙ ذهين استاد هو جنهن وٽ اهڙي علمي سجاڳي تڙپ کيس ڄڻ ورثي ۾ ملي هئي. سائين عتيق الله جي مثال ۽ فڪري استاد هئڻ باوجود به تاريخ تي ڪم ڪرڻ وارن جهڙوڪ کيس وساري ئي ڇڏيو ئي آهي جنهن تي افسوس ڪري ئي ٿو سگهجي!! هنجي ڪيل روشن خيالي ۽ سجاڳيءَ واري مهم جنهن پسماندهه علائقن ۾ ۽ جنهن ڏکين حالتن ۾ هلائي سا به تاريخ جو هڪڙو اهڙو ڪڙو سچ آهي جنهن کان ڪوئي به انڪار نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته تبديليون ڪنهن به معجزي جي انتظار م ناهن هونديون پر اهڙين ڳنڀير صورتحال ۾ هڪ انقلابي انسان جو جنم وٺڻ هڪ اڻٽر آهي. سائين عتيق الله چنجڻي پنهنجي دور جو پهريون ماڻهو هو جنهن ڏاڍ ۽ ڏمر جي خلاف بلند آواز اٿاريو ۽ ڳوٺ کان آسپاس تعليمي ادارن جو قيام ڪرائڻ ۾ سرِفهرست رهيو، سائين عتيق الله چنجڻي پنهنجي جوانيءَ جا سڀئي املهه پل عوام جي لاءِ هڪ مفڪر وارو ڪردار ادا ڪيو، جنهن ڪڏهن به سردي يا گرميءَ جي پرواهه ڪرڻ بغير تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجا پير پٿون ڪيا، سندس ماروئڙن سان اهڙي ڪميٽمينٽ کي ڏسي سندس خالق فخر مان مرڪيو هوندو ۽ ملائڪن ريسون ضرور ڪيون هونديون. هن جي شخصيت پوري علائقي جي نوجوانن جي لاءِ تعليمي ميدان ۾ وڏي اتساهه ڏيندڙ شخصيت طور نمايان ڪردار ادا ڪيو جنهن هميشه هڙان وڙان ڏيئي غريب ۽ مسڪينن جي جهوپڙين مان به ٻارڙا ٻاهر ڪڍي اسڪول ۾ اميرن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ويهاري کين پاڙهي طبقاتي نظام جون پاڙون کوکليون ڪيون. حقيقت  ۾ هو پنهنجي وجود ۾ هڪ مڪمل تحريڪ هو سندس ڪردار جهالت جي ٺيڪيدارن کي  مڪمل ناڪام ڪري کين شرمندهه ڪيو ۽ مسڪينن کي ان ڳالهه جي يقين ڏياريو ته تعليم سان ئي جهالت جي ڪُن مان نڪري بهتر سماج جي تعمير ڪري سگهجي ٿي، سائين عتيق الله چنجڻي پنهنجي خداد صلاحيتن آڌار پنهنجي ماڻهن جي ترقي ۽ بقا لاءِ جاکوڙيو، جڏهن به سندس ڳوٺ ۾ يا تعلقي وارهه ۾ ڪو به ننڍو وڏو مسئلو پيش ايندو هو ته هر ڪو ان مسئلي جي حل لاءِ سندس ڳوٺ اچي نڪرندو هيو ڇاڪاڻ ته هنن اهو ڄاتو پئي ته سائين عتيق الله فرض شناسيءَ ۽ بهترين حڪمت عملين جا پائيدار بنياد وجهي ڇڏيا هئا. سندس اهڙي ڏاهپ، مثالي ڪردار ۽ غير معمولي ذهانت واضع ڪيو ته هر پڙهيو ڳڙهيو ۽ ساڃاهه وند انسان پنهنجي صلاحيت تحت سماجي ترقيءَ ۾ ڪارگر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سبب هيو جو سندس پوري ڄمار ۾ سندس چهري تي تازگي برقرار رهي ۽ لبن تي مرڪن جي خوشبودار گلن آخري دم تائين به اهڙي تازگي برقرار رهي. وڏي ڳالهه اها به آهي جو جڏهن به ڪو محقق ڳوٺ جي ناميارين شخصيتن خليفي محمد موسيِٰ، حاجي خانڻ چنجڻيءَ، سيد عباس علي شاهه، دادن فقير ۽ سندس ناني مشهور صوفي شاعر سليمان فقير چنجڻي  جي ڪلام جي تحقيقي سلسلي لاءِ ويا ٿي ته هو سندن وڏي گرم جوشيءَ سان سندن  آجيان ڪندي ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿيندو هيو، سندس ذاتي دوستن ۾ اڳوڻو وزيراعليٰ سنڌ اختر علي جي قاضي، وڪيل فئملي عبدالفتاح،نظام الدين ميمڻ ۽ خالد اقبال ميمڻ، اڳوڻو چيف جسٽس آف پاڪستان راڻا ڀڳوانداس، سيٺ ڪلياڻ داس،شاهه محمد شيخ، حضور بخش ڪوريجو، سرائي  غلام صديق چنجڻي، سرائي عبدالرحمان لاکو، عبدالوحيد ڪٽپر، عبدالغفور ڀرڳڙي، چاڪر علي جوڻيجو، علي حسن هڪڙو، عبدالرزاق سومرو ۽ عبدالڪريم سنديلو وغيره سرفهرست آهن. سندس پٽن ۾ حسين احمد چنجڻي ۽ ثناءُالله “عتيق” جو شمار سنڌ جي نهايت ئي سهڻن شاعرن ۽ تخليقڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. استاد عتيق الله چنجڻي جن لشڪر خان لاشاري، گاجي کهاوڙ، نبي بخش ڪانڌڙو، ميانداد چنجڻي، جان محمد چنجڻي ۽ نصيرآباد چنا محلا جي پرائمري اسڪولن ۾ پنهنجا فرض نڀائيندا رهيا. سندس شخصيت سان ڳوٺاڻن جي عقيدت جي حدتائين محبت رهي، هر ڏکي مرحلي ۾ ساڻس صلاح مشورو ڪيو ويندو هيو ته جيئن بهتر نتيجا ملي سگهن. سندس دانائي سبب تر جي ڳوٺن ۾ سوين غريب ٻارڙا پنهنجي زندگي ۾ امنگ پيدا ڪري سگهيا. اهيو ئي سبب آهي جو استاد عتيق الله چنجڻي پاران شعوري بيداري واري لهر اڄ به نئين نسل لئه ٻاٽ ۾ لاٽ ٿي ٻري رهي آهي. سنڌ جي تعليم کاتي کي گذارش آهي ته سائين عتيق الله چنجڻي جهڙن مثالي استادن جي علمي خدمتن عيوض لئبرريون ۽ علمي ادار قائم ڪندي اهڙن املهه ۽ بي لوث ڪردارن پاران ٻاريل علم جي شمع کي روشن رکيو وڃين.
 جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃين ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.

1 comment:

  1. عتيق الله چنجڻي، جو تعلق تعلقي نصير آباد جي ڳوٺ ميانداد چنجڻي سان هيو، سندس فرزند سنڌي ادب جا نهايت سهڻا نالا آهن، جن ۾ حُسين احمد ۽ پيارو ثناءُالله عتيق پاڻ موکيو آهي

    ReplyDelete