; سنڌي شخصيتون: اسحاق راهي

13 June, 2018

اسحاق راهي


اسحاق راهي
 گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪلام جو شاعر.
آزاد انور ڪانڌڙو/ميهڙ
ناميارو شاعر ۽ اديب اسحاق راهي ۶ جون ۱۹۹۴ع تي ادبي مجلسن، ميڙاڪن ۽ ڪچهرين کي ويران ڪري، دوستن کي روئندو ڇڏي پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. سندس اوچتي جدائيءَ سان سنڌي ادب، خاص طور تي سنڌي شاعريءَ جي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. اسحاق راهي پنهنجي شاعريءَ جي هر صنف کي حسين کان حسين بنائڻ جي سلسلي ۾ فني تجربا ڪيا. ان لحاظ کان سنڌي ادب ۾ راهي صاحب کي چوٽيءَ جي وڏن شاعرن ۾ جڳهه ملي ۽ فني لحاظ کان سنڌي شاعريءَ ۾ انفرادي مقام ماڻيو. اسحاق راهي جو پورو نالو محمد اسحاق سومرو ولد محمد صالح سومرو هو. سندس  جنم ميهڙ ۾ ۹ اپريل ۱۹۳۵ع تي ٿيو. سندس وڏا ڪنڊياري تعلقي جي بکري ڳوٺ جا رهاڪو هئا ۽ زماني جي گردش سبب ميهڙ اچي آباد ٿيا. راهي صاحب پرائمري تعليم ميهڙ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتي، پهريون ۽ ٻيو درجو کيس سنڌ جي نامياري دانشور، محقق، نقاد، ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي  پڙهايو، جو ان وقت ميهڙ ۾ استاد هو. ان طرح مئٽرڪ ميهڙ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. ڏهون درجو کيس سنڌ جي هڪ ٻئي مشهور اديب، دانشور، محقق، مترجم سائين م ن محزون (محمد نواز ڀٽي) پڙهايو. پاڻ پرائمري استاد جي حيثيت سان پنهنجي سروس جي شروعات ڪيائين. ان کان پوءِ زراعت کاتي ۾ نوڪري ڪيائين، جتي آخر تائين ميهڙ ۾ فيلڊ اسسٽنٽ هو. هو ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو، جن ۾ بزمِ لطيف نصير آباد جو جنرل سيڪريٽري، بزم اڪبر ميهڙ جو جنرل سيڪريٽري،  جوائنٽ سيڪريٽري، سنڌ ڪلچر ڪائونسل ضلعي دادو جو آرگنائيزر ۽ حيدرآٻاد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري، بزم طالب الموليٰ خيرپور ناٿن شاهه جو نائب صدر، بزم صرير پنهور ميهڙ جو سرپرست اعليٰ، سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر، رابيل شر ادبي فورم ميهڙ جو ميمبر، بزم گرامي ميهڙ جو سرپرست اعليٰ ۽ ٻين سماجي تنظيمن سان وابسته رهيو. راهي صاحب کي شاعريءَ جو شوق ۱۹۵۶ع ۾ جاڳيو ۽ ان وقت جتي به مشاعرا ٿيندا هئا، اتي وڃي شريڪ ٿيندو هو. نامياري شاعر نشتر ناٿن شاهي جي صحبت ۾ ان شوق ۾ واڌارو ٿيو. ان طرح مولانا غلام محمد گرامي، ٽماهي مهراڻ وسيلي راهي صاحب جي شاعريءَ ۾ رهنمائي ۽ رهبري ڪئي. راهي صاحب جي ڪلام ۾ جماليات ۽ سوزو گداز سان گڏ ماحول ۽ زندگيءَ جي مسئلن ۽ معاملن جي ترجماني موجود آهي. سندس ٻولي سادي، مٺي ۽ من موهيندڙ آهي. کيس شاعريءَ جي تقريباً سڀني صنفن تي دسترس حاصل هئي. سندس انداز بيان ۾ اصليت ۽ صداقت جا نماڻا ۽ سٻاجهڙا عنصر موجود آهن، جي پڙهندڙ کي متاثر ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن. اسٽيج تي ڪلام پڙهڻ جو سندس ڍنگ به نهايت منفرد هو. سندس انداز بيان محفل ۽ سامعين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو هو. سندس ڪلام سريلو ۽ مترنم آهي. ان ڪري ترنم سان پڙهڻ ۾ وجد انگيز ۽ روح پرور ڪيفيتون ٿو پيدا ڪري. سندس ڪلام ۾ بي پناهه سادگي ۽ رواني آهي. ان ڪلام جي مطالعي مان سندس فني پختگي ۽ قادر الڪلامي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. راهي صاحب سڄي عمر خاموش علمي ۽ ادبي خدمت ڪندي گذاري. هو ذاتي زندگيءَ ۾ نهايت قربائتو. خوش مزاج، سادگي پسند، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ مجلس جو مور هو. سندس ڪلام سنڌيءَ جي سمورن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهي، خاص طور تي ٽماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيندو رهيو ۽ وقت بوقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، خيرپور، ڪراچي ۽ ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تان پڻ نشر ٿيندو رهيو آهي. اسحاق راهي پاڻ هڪ اشاعتي اداري “سرمد پبليڪيشن” ميهڙ جو بنياد وجهي ان اداري پاران علامه مستاني سيوهاڻي (رحمت الله ابڙو) جو ناول “ٻير جي ڍنگهري” ۽ هڪ سئو اديبن ۽ شاعرن جي سوانح عمرين تي مشتمل ڪتاب “وڻجارا” ڇپرايا. سندس وڇوڙي جي سترهن سالن بعد سنڌي ادبي سنگت ميهڙ اسحاق راهي جو پهريون شعري مجموعو “مگر تون مان نه هونداسين” ڇپرائي هڪڙو فرض نڀايو ۽ قرض ادا ڪيو آهي. سندس ڪتاب تي برک شاعر عنايت بلوچ، تاج جويو، جوهر بروهي، احمد خان مدهوش، امتياز عادل سومرو، شيخ اسحاق دانش، ادل سومرو ۽ آزاد انور ڪانڌڙو به ٻه اکر لکيا آهن.


ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين
نيون پيون محفلون مچنديون، مگر تون مان نه هونداسين
اسان جي پيار جي خوشبوءِ سان ويندا واسجي راهي،
سڀئي واهڻ، سڀئي وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
........
گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري
ڳالهيون ته الائي ڪهڙيون اٿن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري
وارن جون چڳون جي يار ڇڏيون، رخسار تان ڄڻ پيا نانگ لهي
ڳلڙن کي چمڻ لئه پيا تڙپن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري
راهي کي سزاءِ عشق ڏجي، راهي جي صنم کي ڄاڻ ڪريو،
پنچائت گهرائي بحث پيا ڪن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري.



اسحاق راهي
گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري
آزاد انور ڪانڌڙو
مرحوم اسحاق راهي، ان سڀاڳي سرزمين جي پيداوار هو، جنهن سرزمين شمس الدين بلبل (پاڪستان کان اڳ جو وڏو عالم، اديب، شاعر ۽ صحافي) سنڌ جو برک اديب، دانشور مولانا غلام محمد گرامي، سنڌي ڪهاڻين جو بادشاهه جمال ابڙو، ضياءُ الدين ايس بلبل، ۽ ٻيا عظيم ماڻهو پيدا ڪيا. اسحاق راهي، ميهڙ ۾ ۹ اپريل ۱۹۳۵ع تي محمد صالح سومرو جي گهر ۾ جنم ورتو. پهرئين کان ميٽرڪ تائين ميهڙ ۾ پڙهيو، پاڻ پهريون ۽ ٻيو درجو برک اديب مولانا غلام محمد گرامي ۽ ميٽرڪ تائين مشهور اديب مترجم م ن محزون (محمد نواز ڀٽي) وٽ پڙهيو.
راهي صاحب پرائمري استاد جي حيثيت سان پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. ان کانپوءِ زراعت کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ رهيو، اسحاق راهي ۱۹۵۶ع کان لڳاتار آخري وقت تائين شاعري ڪئي. اسحاق راهيءَ جا شعر سنڌ جي سمورين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن ۽ ڇپجندا رهن ٿا. سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، خيرپور، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي تان نشر ٿيندا رهن ٿا.
اسحاق راهيءَ جو سنڌ جي ادبي جماعتن سان گهاٽو سٻنڌ ۽ واسطو رهيو آهي. پاڻ بزمِ لطيف نصير آباد جو جنرل سيڪريٽري، بزم اڪبر ميهڙ جو جنرل سيڪريٽري ۽ جوائنٽ سيڪريٽري، سنڌ ڪلچر ڪائونسل ضلعي دادو جو آرگنائيزر، حيدرآباد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري بزم شعراءُ ضلعي دادوءَ جو جنرل سيڪريٽري، بزم طالب الموليٰ خيرپور ناٿن شاهه جو نائب صدر ۽ پڻ ٻين ڪيترن ئي ادبي، ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن سان وابسته رهيو.
هن تي نفيس جذبن، احساسن، مُرڪن ۽ نفرتن جو به ڀرپور اثر ٿيندو هو ته قومي سطح تي ٿيندڙ ننڍين توڙي وڏين زيادتين ۽ ظلمن کان علاوه انساني قتل عام تي هو ماٺ ڪري نه ويهندو هو. اظهار جي طاقت کان واقف هو ۽ اظهار راءِ ۾ ڪٿي به سچائيءَ کان ڪم وٺندي ڪيٻائيندو نه هو. پنهنجي وطن ۽ ڌرتي واسين سان راهيءَ جو پيار اَڻ مَيو، بي پناهه محبت ۽ لامحدود عشق هو. جيڪو هڪ انقلابيءَ جيان ڌرتيءَ ۾ پيوست ٿيل آهي. راهيءَ جي سوچ سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سلهاڙيل آهي. هو پنهنجي جيون کي وطن ۽ قوم کان جدا تصور نه ٿو ڪري.
اسحاق راهي، آدرشي شاعر هو. هن جو مقصد امن، اتحاد ۽ محبت جي پرچار ڪرڻ هو. هو انسانيت جي اعليٰ قدرن جو حمايتي هو، طبقاتي ويڇن جو قائل نه هو پر انسانن جي ترقيءَ جو قائل هو. سندس شعر جو موضوع پڻ آزادي، سماجي سهڪار ۽ ديس جي مارن جي آسودگي آهي. اسحاق راهيءَ کي ان ڳالهه تي ايمان هو ته، شاهه لطيف سنڌي زبان، ادب، ثقافت ۽ سنڌ جي قومي وجود جو محافظ آهي. اسحاق راهي سنڌ جي آزاديءَ جا گيت لکيا، هن سچ پچ جيڪا به تخليق ڪئي ان جو نه رڳو پاڻ خلقيندڙ هو، پر ان تي کيس فخر به هو ته هو باعمل شاعر هو. هن جون تخليقون ۽ هن جو عمل هن ڌرتيءَ جي تقدير بدلائڻ ۽ آجپي لاءِ هو. راهي صاحب کي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ بيماريءَ جسماني طور ضرور هيڻو ڪري ڇڏيو هو، پر سندس حوصلو بلند هو. سندس شاعريءَ مان ڪنهن به قسم جي مايوسي ۽ ڪمزوري نه پئي بَکي. ۶ جون ۱۹۹۴ع تي اسان کان وڇڙي ويل اسحاق راهي اسان کان جدا ناهي ٿيو. هو هن وقت به دلين ۾ زنده آهي. سندس لکڻيون زندهه آهن، سندس شاعري، پيغام، سندس تقريرون ۽ ٻيون تحريرون اسان وٽ موجود آهن. سندس شاعريءَ جي اهم خوبي اها آهي ته ان ۾ ڪشش آهي جيڪا پڙهندڙن کي مجبور ڪري ٿي، اها هر شاعر جي خوبي نه هوندي آهي.
گُل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لُڏن،
ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري،
ڳالهيون ته الائي ڪهڙيون اٿن،
ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري،
راهيءَ کي سزاءِ عشق ڏجي،
”راهيءَ“ جي صنم کي ڄاڻ ڪريو،
پنچائت گُهرائي بحث پيا ڪن،
ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري.



اسحاق راهي
رحمت سومرو
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر اسحاق راهي ۹ اپريل ۱۹۳۵ع تي ميهڙ ۾ محمد صالح سومري جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ ان وقت جي نامور استادن ۽ اديبن م ن محزون، غلام محمد گرامي صاحب ۽ نشتر ناٿن شاهي وٽ پڙهيو ۽ انهن جي صحبت مان ڪافي علم پِرايو. راهي صاحب ڪجهه وقت تعليم کاتي ۾ رهيو ۽ بعد ۾ زرعي کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور رهيو. ۱۹۵۶ع هن باقائدي لکڻ جي شروعات ڪئي.
اسحاق راهي پنهنجي دور جي انهن ناميارن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو جيڪي مسلسل لکندا رهيا ۽ متحرڪ رهيا. سندس اوطاق تي هر وقت ادب ۽ فن سان چاهه رکندڙ ماڻهن جو ميڙو متل هوندو هو. ٿيٻا روڊ سان اها اوطاق هر باذوق ماڻهو لاءِ اتساهه ۽ پنهنجائپ جو آستانو به هئي ته علامت به هئي. راهي صاحب انيڪ ادبي تنظيمن جو روح روان رهيو. پاڻ سرمد پبليڪيشن ميهڙ جو بنياد وڌائين، جنهن جي طرفان ”وڻجارا“ جيڪو مختلف شاعرن جي تعارف ۽ ڪلام تي مشتمل ڪتاب هو ۽ نامور اديب رحمت الله ابڙو عرف علامه مستانو سيوهاڻي جو ناول ”ٻير جي ڍينهگري“ ڇپرائي پڌرو ڪيائين. ميهڙ جون ادبي سرگرمين کي اوج ڏيڻ ۾ حقيقت ۾ راهيءَ جو ڪردار ۽ سندس ڪوششون ناقابل فراموش آهن.
راهي صاحب جو ڪلام اڄ به عام  ماڻهن جي زبان تي آهي، سندس شعر دلين جا ترجمان آهن.
ڪچهريون روز پيون ٿينديون،مگر تون مان نه هونداسين.
نيون پيون محفلون مچنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
نيون سسيون، نيون سهڻيون، پيون ڄمنديون زماني ۾،
پنهل ميهر پيون پڇنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
جيتوڻيڪ هو هڪ ڪهنه مشق شاعر هو، جنهن لڳ ڀڳ هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي، ۽ هر صنف سان ڀرپور نڀايو، پر پوءِ به  سندس ڪلام پڙهي ائين ٿو لڳي ته اسحاق راهي بنيادي طرح غزل گو شاعر هو. سندس شاعري ۾ غزل جو خوبصورت رنگ آساني سان ڏسي سگهجي ٿو.
”ياد اٿئي جو سور سڻائي، تو به رنو هو، مون به رنو هو.
ڳوڙهن جي برسات وسائي، تو به رنو هو، مون به رنو هو.“
يا سندس مشهور زمانه غزل جو جي بند پڙهو،
”هي فيصلو عشق محبت جو، مُلن جي  هٿان  نبري  نه  سگهيو.
هڪ ڳالهه تي ڪين ٿا بيهي سگهن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري.“
اسحاق راهي جنهن دور ۾ لکيو، اهو دور نمائشي يا پاڻ پڏائڻ ۽ وڻائڻ جو دور نه هو،  راهي صاحب وارن پنهنجي سچائي سان لڳاتار لکيو ۽ ڀرپور لکيو. نتيجي ۾ اڄ به هنن جو نانءُ عزت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو.
”اسان حسرتن جا دٻيل شهر آهيون.
پراڻن، نون يادگارن ۾ ڳوليو.“
جديد سنڌي ادب ۾ ويهين صدي جي پوئين اڌ ۾ اسان جي ليکڪن ۽ شاعرن پنهنجي شاندار ترقي پسند، انسان دوست، سماجي شعور جون نيون شمعون روشن ڪيون، جيڪي صدين تائين سنڌي سماج جون راهون روشن ڪنديون رهنديون. ڏسجي ته انهن پنجاهه سالن ۾ نمودار ٿيل حالتن سنڌ جي ستل شعور کي جاڳايو به ۽ جنجهوڙيو به، نتيجي ۾ سنڌ جو ستل شعور ڪر موڙي اٿيو. ان دور ۾ سنڌي ادب ۾ ٻه ادبي اسڪول آف ٿاٽ هئا. جن مان هڪ جي اڳواڻي اياز، امداد، تنوير ڪئي ته ٻئي طرف جميعت الشعراءُ جا شاعر هئا جن جو گهڻو زور طرحي مشاعرن تي هئو. توڙي جو راهي صاحب جي حلقي جا اڪثر شاعر جميعت الشعراءَ جا شاعر هئا، انهن ٻنهي اسڪول آف ٿاٽس جي هڪٻئي جي لاءِ مخالفت ۽ انتها پسند لاڙن ٻنهي پاسن جو نقصان ڪيو، پر ان جي باوجود کوڙ شاعر انهن ٻنهي آزمائشن مان نڪري پار پيا.
راهي صاحب جي  لکڻين ۾ جدت جي رنگ  سان گڏ  ان دور جو شعور واضع طور محسوس ڪري سگهجي ٿو. اسحاق راهي عمر جي آخري حصي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ جو بنياد رکيو ۽ ان جي باني ميمبرن مان هيو ۽ آخري وقت تائين ادبي سنگت سان پاڻ کي سلهاڙي رکيو.
راهي صاحب  جي شاعريءَ  ۾ وطن جي سڪ به آهي ته ان جي سانگين سان اڪير جو اظهار به آهي.
”وري مارئي جي مِٽن تي لکي ڏس.
کٿيرن جي کيسن، کٿن ٿي لکي ڏس.
سنواريل اڃان ذلف تي ٿو لکين پيو!
چريا چيڙهه وارين چڳن تي لکي ڏس.“
راهي صاحب اهو خوشنصيب شاعر هو جنهن جي گيتن کي وڏي عوامي مقبوليت ملي ۽ خاص و عام ۾ پسند ڪيو ويو.
”تصوير لڳي هٿ منهنجي وئي، محبوب جي گهر جي ماڻهن کي.
ساڙڻ لئه پيا هڪٻئي کان پڇن، ڪو ها ٿو ڪري، ڪو نه ٿو ڪري.“
۶ جون ۱۹۹۴ تي اسحاق راهي جسماني طور اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. پر سندس شاعري اڄ به زندهه  آهي. سندس گيت اڄ به دلين جي ترجماني ڪن ٿا.
اسان جي پيار جي خوشبو سان ويندا واسجي راهي.
سڀئي واهڻ، سڀئي وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.




اسحاق راهي
گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن – ۶ جون ۲۰۲۰ع تي ۲۶ ھين ورسي
آزاد انور ڪانڌڙو 
اڄ ۶ جون تي  سنڌ جي سدا بھار شاعر اسحاق راھي جي ۲۶ ھين ورسي ملھائي پئي وڃي کيس وڇڙيي ۲۶ سال گذري ويا آهن لڳي ئي نه ٿو ته ڪيترن شاھڪار رومانوي گيتن، غزلن جو خالق شاعر اسان جي وچ ۾ ناھي.
 اسحاق راهي، ان سڀاڳي سرزمين جي پيداوار آهي، جتي شمس الدين بلبل (پاڪستان کان اڳ جو وڏو عالم، اديب، شاعر ۽ صحافي) سنڌ جو برک اديب، دانشور ٽماهي مهراڻ جو ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي، سنڌي ڪهاڻيءَ جو بادشاهه جمال ابڙو، ضياءُ الدين ايس- بلبل، نامور سياسي، سماجي، ديني رهنماءُ سيد علي اڪبر شاهه، سنڌ ۾ خليل جبران کي متعارف ڪرائيندڙ ناميارو اديب ۽ مترجم م.ن محزون، نور محمد سنڌي، اداڪار شيخ سنڌي، ڪالم نويس، ليکڪ صرير پنهور ۽ ٻيا پيدا ٿيا. مٿين شخصيتن ميهڙ جي سرزمين کي سنڌ جي تاريخ ۾ خاص جڳهه وٺرائي آهي.
اسحاق راهي، ميهڙ ۾ ۹-اپريل ۱۹۳۵ع تي محمد صالح سومرو جي گهر ۾ جنم ورتو. پهرئين کان ميٽرڪ تائين ميهڙ ۾ پڙهيو. پاڻ پهريون ۽ ٻيو درجو برک اديب مولانا غلام محمد گرامي ۽ ميٽرڪ تائين مشهور اديب مترجم م ن محزون (محمد نواز ڀٽي) وٽ پڙهيو. راهي صاحب پرائمري استاد جي حيثيت سان پنهنجي نوڪري جي شروعات ڪئي. ان کان پوءِ زراعت کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ رهيو.
سائين اسحاق راهي ۱۹۵۶ع کان لڳاتار مرڻ گهڙيءَ تائين شاعري ڪئي. ڪنهن مشق شاعر نشتر ناٿن شاهي جي صحبت ۾ ان ۾ واڌارو ٿيو ۽ مولانا غلام محمد گرامي صاحب ٽماهي مهراڻ وسيلي راهي صاحب جي شاعريءَ ۾ رهبري ۽ رهنمائي ڪئي. سائين اسحاق راهي سنڌي شاعريءَ ۾ من موهيندڙ لهجي، تشبيهن، استعارن، اصطلاحن، ترڪيبن جي استعمال جي منفرد ڏانءُ ڪري پنهنجو نالو مڃايو. سندس شاعريءَ ۾ نه رڳو دائمي رهڻ واري صلاحيت آهي، پر وقت سان گڏ هلڻ جي سگهه پڻ آهي. سندس شاعري عشقيه، قومي ۽ مذهبي رنگ ۾ رچيل آهي.مذهبي شاعري به تعصب کان پاڪ اٿس.
مندرن جي جستجو ۾ زندهه ٿيو ايمان آ
مومنن کي راههِ حق ۾ مسجدن ڌوڪو ڏنو
مومنن جو روپ ڌاري ڪافري ظاهر رهي
جو مسلمانن کي آهي عالمن ڌوڪو ڏنو.
راهي صاحب جي شاعري وقت جو آواز ۽ پيغام آهي ۽ اهو پيغام اسان کي پنهنجي نئين نسل تائين اهڙي ريت پهچائڻ گهرجي، جيڪو صدين تائين سندن ڪنن ۾ ٻرندو رهي. ڇو ته راهي صاحب هن دؤر جي ۽ هن ڌرتيءَ جي وڏي واڪي ڳالهه ڪئي آهي.
ڪو متان سمجهي ته آهيون ويسلا
حوصلا ۽ همتون آهن سجاڳ
ديس تان صدقي ڪبيون سؤ زندگيون
عظمتون ۽ غيرتون آهن سجاڳ.
سائين اسحاق راهي هڪ انتهائي سٻاجهو، نيڪ سيرت ۽ دردمند دل رکندڙ انسان هو. هن تي نفيس جذبن، احساسن، مُرڪن ۽ نفرتن جو به ڀرپور اثر ٿيندو هو ته قومي سطح تي ٿيندڙ ننڍين توڙي وڏين زيادتين ۽ ظلمن کان علاوه انساني قتل عام تي هو ماٺ ڪري نه ويهندو هو. اظهار جي طاقت کان واقف هو ۽ اظهار راءِ ۾ ڪٿي به سچائي کان ڪم وٺندي ڪيٻائيندو نه هو.
ڳاٽ ڪارونجهر جيان اوچا رکو
ڏاڍ جا زنجير سڀ ٽوڙي ڇڏيو
مڙس ٿي مردن جيان سينو ڏئي
وقت جي طوفان جو رخ موڙي ڇڏيو.
پنهنجي ديس ۽ ديس واسين سان محبت جا فطري عمل آهي. پنهنجي وطن ۽ ڌرتي واسين سان راهيءَ جو پيار اَڻ مَيو، بيپناهه محبت ۽ لامحدود عشق هو. جيڪو هڪ انقلابيءَ جيان ڌرتيءَ ۾ پيوست ٿيل آهي.
وطن جي پوڄا ڪرڻ جي گناهه آ، ته ڪبو
وطن فروش اڳيان مون کي داغدار نه ڪر.
راهي جي سوچ سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سلهاڙيل آهي. هو پنهنجي جيون کي وطن ۽ قوم کان جدا تصور نه ٿو ڪري. وٽس خوشي، قوم جي خوشي ۽ ڀلي لاءِ سوچڻ ۾ آهي.
مارن جي ڳڻ ڪيون ڪا ولهارن جي ڳڻ ڪيون
ويهي ڪا مارئي جي ميارن جي ڳڻ ڪيون
ماڻهو مڙيو ئي ملير جا آهن اکين تي سڀ
سادن سٻاجهڙن ۽ ڌنارن جي ڳڻ ڪيون.
اسحاق راهي، آدرشي شاعر هو، هن جو مقصد امن، اتحاد ۽ محبت جي پرچار ڪرڻ هو. هو انسانيت جي اعليٰ قدرن جو حمايتي هو، طبقاتي ويڇن جو قائل نه هو پر انسانن جي ترقي جو قائل هو. سندس شعر جو موضوع پڻ آزادي، سماجي سهڪار ۽ ديس جي مارن جي آسودگي آهي.
عصبيت جا ڪوٽ ڪيرائڻ کپن
نفرتن جا ديوَ مارائڻ کپن
جي وجهن ڪنهن جي ترقيءَ ۾ خلل
ذهن اهڙا پٺتي موٽائڻ کپن.
محفل ۽ سرعام کڻي آياسين
زهر قاتل سان ڀريل جام کڻي آياسين
دوستو! زهر جو نالو آ مگر محفل ۾
قرب ۽ امن جو پيغام کڻي آياسين.
اسحاق راهي کي ان ڳالهه جو پڪو ايمان هو ته شاهه لطيف سنڌي زبان، ادب، ثقافت ۽ سنڌ جي قومي وجود جو محافظ آهي ۽ جڏهن به ڌاريا پرمار، سنڌ جي وجود، زبان، ثقافتي ورثي ۽ ديس واسين تي وار ڪن ٿا ته شاعر اسحاق راهي ڀٽائي صاحب کي هن لفظن ۾ دانهن ڏئي ٿو.
جيءُ ۾ جاءِ ڏنيسين جنهن کي ،سو ئي دل جو کوٽو ٿي پيو
گود ۾ جاءِ ڏنيسين جنهن کي، سوئي جيءَ جو جوکو ٿي پيو
گهرجي مالڪ ساڻ ڏسو جو ،وقتي اڄ مهمان لڙي ٿو
جنهن تي ٿيو احسان ڀٽائي ،سوئي اڄ انسان لڙي ٿو.
اسحاق راهي سنڌ جي آزاديءَ جا گيت لکيا، هن سچ پچ جيڪا به تخليق ڪئي ان جو نه رڳو پاڻ خلقيندڙ هو، پر ان تي کيس فخر به هو ته هو باعمل فنڪار هو. هن جون تخليقون ۽ هن جو عمل هن ڌرتيءَ جي تقدير بدلائڻ ۽ آجپي لاءِ هو. تڏهن ئي ته هن قسم جا شعر لکي سگهيو.
سنڌي ماڻهو  ڌرتيءَ خاطر-سر جي سٽ لڳائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا
دشمن آڏو جهڪڻا ناهن-ڪونڌر ڪنڌ ڪپائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا
جوڌا دودا نڪري پوندا- ڪوڙ جا ڪوٽ ڪنبائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا
گم ٿي وينديون ڪاريون راتيون- جڳ ۾ جوت جلائي ويندا
آخر سنڌ بچائي ويندا.
راهي صاحب کي پوئين گهڙيءَ ۾ بيماري جسماني طور ضرور هيڻو ڪري ڇڏيو هو،  پر سندس حوصلو ۽ ارادو بلند هو.سندس تازي  شاعريءَ مان ڪنهن به قسم جي مايوسي ۽ ڪمزوري نه پئي بَکي. سندس واتان وفات کان ڪجهه مهينا اڳ سنڌي ادبي سنگت ميهڙ پاران راهي صاحب سان رهاڻ ۳۱ مارچ ۱۹۹۴ع جي موقعي تي تازي شاعري ۾ پڻ مون کي وڏو حوصلو ۽ اتساهه نظر آيو. سندس حوصلي جو اندازو هن بند مان لڳائي ڏسو.
راهي جي کڻي تو کي  ڪا، يار ضرورت پئي،
تنهنجي راهن ۾ پيو هوندو، متان ڳولين مزارن ۾.
راهي صاحب جي شاعريءَ ۾ فطرت جا اهي سمورا رنگ سمايل آهن جيڪي انساني زندگيءَ جو محور رهيا آهن. زندگيءَ جي حسن سان اسحاق راهيءَ جو بي انتها پيار، سونهن جي ڪشش ۽ ان جي پُڪار بس اهوئي اسحاق راهيءَ جو دين ۽ ايمان هو. سندس شاعري جي اهم خوبي اها آهي ته ان ۾ ڪشش آهي جيڪا پڙهندڙن کي مجبور ڪري ٿي، اها هر شاعر جي خوبي نه هوندي آهي. هر شاعر جو پنهنجو پنهنجو هڪ انداز ۽ اسٽائيل هوندو آهي.
گُل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري
ڳالهوين ته الائي ڪهڙيون اٿن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري
تصوير لڳي هٿ منهنجي وئي، محبوب جي گهرجي ماڻهن کي
ساڙڻ لئه پيا هڪ ٻئي کان پڇن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري
راهي کي سزاءِ عشق ڏجي، “راهي” جي صنم کي ڄاڻ ڪريو
پنچائت گهرائي بحث پيا ڪن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري.
اسحاق راهي هڪ حسن پرست انسان هو، محبتي ماڻهو، سندس من ۾ سدائين محبت پئي وسي، هو ڪيني ۽ ڪلفت مان ڪو نه ڄاڻندو هو. اهوئي سبب هو جو هن زندگي محبت سان ئي سهڻي سمجهي، پنهنجي من ۾ محبت  وسائي زندگي گهاري. هو محبت ۾ سڀ ڪجهه فدا ڪرڻ وارو مڙس هو.
ڇني تو جدا ڪيو سڄڻ تو هي ڇا ڪيو
فنا کان ڇو اڳي تو مون کي فنا ڪيو
نيڻ وسندا رهيا پاند پسندا رهيا
محبت ۾ مٺا مون سڀ ڪي فدا ڪيو- سڄڻ تو هي ڇا ڪيو.
سائين اسحاق راهي وٽ دوستن لاءِ بي انتها پيار ملي ٿو. هو دوستن جي دوري کي بهارن جي رخصت سان ڀيٽي ٿو.
وڃن ٿا يار اڄ محفل مان يارن کي ته سمجهايو
بهارون موڪلائن ٿيون بهارن کي ته سمجهايو.
راهيءَ جو اندازِ بيان نهايت نرالو، سليس، سَلوڻُو، وڻندڙ ۽ دلڪش آهي. راهي پيار ڪندڙ دلين جو شاعر آهي ۽ پاڻ به اهل- دل هو.
يار ملڻ ۾ دير ڪئي آ
موت اچڻ ۾ دير ڪئي آ
ڏسجي ڪير اچي ٿو اڳ ۾
مون به مرڻ ۾ دير ڪئي آ.
راهيءَ جي شعر ۾ دک ۽ درد آهي. هونئن به زندگي ڪائي سُکن جي سيج نه آهي. سکن جون گهڙيون گهڙيون پڻ هونديون آهن. اهي ڏينهن، مهينا، سال نه هونديون آهن. اهي ائين ئي هليون وڃن ٿيون جيئن ڪا محبوبه رسي وئي هجي، پر پوءِ اهڙن لمحن ۾ اسان جو هي پيارو شاعر اسحاق راهي مايوس نه آهي.
هزارين سور سيني ۾، سمائي پاڻ ويٺاسين،
غضب جا لُڙڪ مرڪن ۾، لڪائي پاڻ ويٺاسين.
ٽهڪن تي ٽهڪ ڏئي ٿو غمن کان وٺان نجات
مرڪن ۾ پنهنجا لُڙڪ لڪائي ڇڏيا اٿم.
شاعر به ٻين انسانن وانگر هن معاشري جو هڪ فرد آهي جيڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حساس آهي. شاعر ماحول کان ته اثر وٺندو آهي پر ماحول کي پنهنجي تنقيدي شعور سان متاثر به ڪندو آهي. سائين اسحاق راهي جو شمار به اهڙن ئي شاعرن ۾ آهي جن بيان جي وڻندڙ انداز، خيالن جي رنگيني ۽ خوشبوءَ سان سينئر شاعرن ۽ نقادن کي به متاثر ڪيو.
دوستيءَ ۾ ڪلفتون ڪاهي پيون
الفتن ۾ نفرتون ڪاهي پيون
مون وفا جي شهر ۾ “راهي” ڏٺو
وحشتون ۽ شامتون ڪاهي پيون.
يار مون کي آزمائيندا رهيا
زخم زخمن تي رسائيندا رهيا
منهنجي هستيءَ کي مٽائڻ واسطي
پنهنجي پر ۾ پهه پچائيندا رهيا.
راهيءَ جي شاعري جو فني تجزيو ڪندي معلوم ٿيندو ته هن کي نه رڳو علم عروض پر ڪلاسيڪي وزن (موسيقي ۽ ڇند) تي به مڪمل عبور حاصل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ وزني عيب نظر نه ايندو. ائين به نه آهي ته راهي صاحب وزن ۽ بحر جي چڪر ۾ ڦاسي ڪو خيالن کي گهٽو ڏئي ڇڏيو. راهي صاحب بحر وزن جو محتاج ڪونهي. وٽس لفظ اڻ  ميا ملندا. سائين اسحاق راهي جو غزل، نظم روايت کان بغاوت نه آهي پر روايت ۽ جدت جو حسين امتزاج آهي. هو سنڌي شاعري جي ڪهڪشان ۾ روشن ستاري جي حيثيت رکي ٿو.
هر ڪوڪ تي بندش آ ڪا دل جي خبر ناهي
گلشن ته اهوئي آ بلبل جي خبر ناهي
سونهون به منجهي پيو آ راهيءَ جو خدا حافظ
هن راهنما کي ڪا منزل جي خبر ناهي
تنهنجو ويهي مون انتظار ڪيو
ڪيڏو دل کي آ بيقرار ڪيو
بت پرستي گناهه آ ليڪن
توکي سجدو مون بار بار ڪيو
منهنجي نيڻن ڏي ڪجهه نهار سهي
تو سان ڪيڏو مون آهي پيار ڪيو.
سنڌ جي برک اديب ۽ نقاد سائين تاج جويي هڪ هنڌ لکيو آهي ته: “شعر هروڀرو اهو ناهي جيڪو ڳائي سگهجي، پر جيڪو شعر ڳائي سگهجي ٿو ان جي پنهنجي اهميت آهي” سائين اسحاق راهي هڪ سريلو شاعر هو. جيڪي ماڻهو ان ڳالهه جا قائل آهن ته شعر اهو جيڪو ڳائي سگهجي سي به راهي صاحب جي شعر/ڪلام کي سنڌ جي مشهور فنڪارن ممتاز لاشاري ـ سرمد سنڌي، اسلم تنيو، امام بخش زرداري، علي مراد جتوئي، قاسم اوٺو، رضا وسطڙو، غلام قادر چانڊيو، گلزار علي گل سانگهڙائي، ثمينه ڪنول، انجم آرا، نديم سومرو، تاج مستاني، سڄڻ سنڌي، عبدالحميد عباسي مرحوم، ساجد منگي، امام علي چانڊيو، خادم سخيراڻي، ڪريم ڏنو فقير ۽ ٻين جي آواز ۾ ٻڌڻ بعد سندن معيار تي پورو پورو لهندو محسوس ڪندا ڇو ته راهي صاحب جي اڪثر شاعري سريلي (Lyraical) آهي ۽ هو فنڪارن کي پاڻ به ڌنون ترتيب ڏئي ڏيندو هو.
ڪچهريون روز پيون ٿينديون مگر تون مان نه هونداسين
نيون پيون محفلون مچنديون مگر تون مان نه هونداسين
حياتي واري ڪان ميلا محبت جا پيا ايندا
دليون ڪي پرچنديون رسنديون مگر تون مان نه هونداسين
اهائي حسن جي پوڄا ۽ هوندا سونهن کي سجدا
پچارون پيار جون هلنديون مگر تون مان هونداسين
اسان جي پيار جي خوشبوءِ سان ويندا واسجي “راهي”
سڀئي واهڻ سڀئي وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
راهي صاحب هر شاعراڻي صنف تي لکيو آهي ۽ تمام بهترين نموني لکيو آهي. هر صنف تي سو به ڀرپور انداز ۾ لکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. هن کي في البديع (Extempore) شعر لکڻ جو ڏانءُ هو. جيڪو ڏانءُ هر شاعر کي لکڻ ۾ نصيب نه هوندو . سائين اسحاق راهي جا شعر سنڌ جي سمورين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن ۽ ڇپجندا رهن ٿا. سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، خيرپور، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي تان نشر ٿيندو رهندو آهي. راهي صاحب جو ڪلام پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان پڻ  نشر ٿيوآهي. راهي صاحب جي شاعري پهرئين سنڌي ٽي وي چينل ڪي ٽي اين ۽ ڪشش ۽ ٻين چينلن تان به نشر ٿيندي رهي ٿي. سائين اسحاق راهي جو سنڌ جي ادبي جماعتن سان گهاٽو سٻنڌ ۽ واسطو رهيو آهي. پاڻ بزم لطيف نصير آباد جو جنرل سيڪريٽري، بزم اڪبر ميهڙ جو جنرل سيڪريٽري ۽ جوائنٽ سيڪريٽري سنڌ ڪلچر ڪائونسل ضلع دادو جو آرگنائيزر، حيدرآباد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري بزم شعراءُ ضلعي دادو جو جنرل سيڪريٽري، بزم طالب الموليٰ خيرپور ناٿن شاهه جو نائب صدر، بزم صرير پنهور ميهڙ جو سرپرست اعليٰ، بزم گرامي ميهڙ جو سرپرست اعليٰ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ جو ميمبر وفات  وقت ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر ۽ پڻ ٻين ڪيترن ئي ادبي، ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن، سگا ۽ ڳوٺ سڌار سنگت وغيره سان وابسته رهيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ سان راهي صاحب جو ساٿ هڪ ڪارڪن جي حيثيت سان وسارڻ جوڳو نه آهي. راهي صاحب حياتي جي پوئين عرصي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ جي بنيادي سرگرمين واسطي جيڪا جاکوڙ ڪئي، ان جي مڃتا طور ساڻس ۳۱ مارچ ۱۹۹۴ع تي سنڌي ادبي سنگت ميهڙ پاران هڪ شاندار سرهي سانجهه رچائي وئي، جنهن جي صدارت سنگت جي ان وقت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ برک شاعر محترم ادل سومرو ڪئي، خاص مهمان ڀلوڙ شاعر مير محمد پيرزادو ۽ اعزازي مهمان برک اديب مرحوم م-ن-“محزون” هو. ان موقعي تي ٻين ڪيترن ئي ناميارن اديب شاعرن پڻ شرڪت ڪئي.
سائين اسحاق راهي اهڙي دلفريب شخصيت جو مالڪ هو، جنهن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ نفاست هئي، اٿڻي ويهڻي ۾ شاهاڻو وقار هو. راهي صاحب جهڙا انسان ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. جيڪي پنهنجي منفرد شخصيت جي ڇاپ صدين تائين دلين تي قائم رکي ويندا آهن. سائين اسحاق راهي صاحب هڪ شفيق انسان دوست به هو، بزرگ به هو ۽ هڪ اهڙو انسان به هو، جنهن جي ڀر ۾ ويهندي ۽ جنهن سان ڳالهائيندي مون هميشه پنهنجي مٿان ٿڌي ڇانوَ محسوس ڪئي. سچ پڇو ۽ حقيقت هيءَ آهي ته راهي صاحب مئو نه آهي. هو هن وقت به زندهه آهي. سندس لکڻيون زندهه آهن، سندس شاعري، پيغام، سندس تقريرون ۽ ٻيون تحريرون اسان وٽ موجود آهن. سائين اسحاق راهيءَ جي وڇوڙي جي ۱۷ -سالن کانپوءِ سندس پهريون شعري مجموعو “مگر تون مان نه هونداسين” راقم مرتب ڪيو جيڪو سنڌي ادبي سنگت شاخ ميهڙ پاران سال ۲۰۱۱ع ۾ شايع ڪيو ويو ـ ان بعد سندس ٻيو شعري مجموعو ”گل اھڙي طرح ٿا ھوا ۾ لڏن به شايع ٿيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا