; سنڌي شخصيتون: رسول بخش پليجو - ۱

13 June, 2018

رسول بخش پليجو - ۱


رسول بخش پليجو
ضمير جي ڪوٽ لکپت جو قيدي رسول بخش پليجو زندگي جي جنگ هارائي ويو، سنڌ سوڳوار
حيدرآباد/ ڪراچي/ ٺٽو (رپورٽ: غلام حسين خاصخيلي/ ضياءُ قريشي/ لطيف ميمڻ) سنڌ جو مهان دانشور، سياستدان عوامي تحريڪ جو سربراهه رسول بخش پليجو ۸۸ سالن جي ڄمار ۾ ساهه جي تڪليف ۽ ڦڦڙن جي بيماري سبب ڪراچي ڪلفٽن جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. رسول بخش پليجو جي مڙهه کي ڪلفٽن جي اسپتال جي سرد خاني ۾ رکيو ويو جتان مڙهه کي سندس اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو جنگشاهي ۾ پهچائي اڄ جمعي جي ڏينهن سندس مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. رسول بخش پليجو جي لاڏاڻي جي خبر ملڻ تي سڄي سنڌ سوڳ واري بڻجي وئي. عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي. رسول پليجو جي لاڏاڻي تي عوامي تحريڪ طرفان سڄي سنڌ ۾ ۴۰ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. رسول بخش پليجو جي لاڏاڻي تي سنڌي ادبي سنگت ۽ قومي عوامي تحريڪ طرفان به سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. رسول بخش پليجو ڪجهه کان بيماري سبب ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ داخل هو ڊاڪٽر طرفان سندس علاج ڪيو پي ويو پر سندس ساهه جو سڳو ٽٽي ويو ۽ رسول بخش پليجو هميشه هميشه جي لاءِ سنڌ کي الوداع چئي سنڌ کان موڪلائي ويو. عوامي تحريڪ جي صدر رسول بخش خاصخيلي اعلان ڪيو آهي ته عوامي تحريڪ جي باني رسول بخش پليجو جي لاڏاڻي تي ۴۰ ڏينهن سوڳ ملهايو ويندو ۽ سموريون سياسي سرگرميون معطل ڪيون ويون آهن. قومي عوامي تحريڪ طرفان به رسول بخش پليجو جي لاڏاڻي تي ۱۵ ڏينهن سوڳو جو اعلان ڪيو ويو آهي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو چيو ته عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو جي لاڏاڻي تي قومي عوامي تحريڪ سنڌ ۾ ۱۵ ڏينهن سوڳ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي سياستدانن، اديبن، دانشورن رسول بخش پليجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. رسول بخش پليجو ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين غلام قادر پليجو جو ڀاءُ هو ۽ پ پ سينيٽر سسئي پليجو جو چاچو ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه، جي ڊي اي جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو جو والد هو.

(ڏيھاڙي عبرت جي مھڙئين صفحي تان کنيل بتاريخ ۰۸ جون ۲۰۱۸ع)



رسول بخش پليجو
وڇوڙو - يادگيريون
اقبال ملاح
منهنجي فون جي گهنٽي وڄندي هئي، فون کڻندي ئي ساڳيو آواز ۽ هي جملو ته ”آئون رسول بخش پليجو ٿو ڳالهايان، ڪا ملڻ جي سازش ڪجي“ ۽ پوءِ ويجهن يارن کي وقت سر پهچڻ جو چئي هو فون بند ڪري  ڇڏيندو هو. آئون، امداد سومرو، رشيد راڄڙ، لالا رحمان سمون ۽ مهيش ڪمار سج لٿي مهل اچي قاسم آباد حيدرآباد ۾ پليجي صاحب جي گهر D-10 تي پهچندا هئاسين، جيئن ته اڳ ۾ ئي اسان جي اچڻ جو اطلاع هوندو هو، تنهن ڪري پهچندي ئي عوامي تحريڪ جا ڪامريڊ ساٿي اسان کي گهر اندر وٺي ايندا هئا، ڪڏهن هيٺ ڇٻراٺي تي، ڪڏهن ڪمري جي اندر ۽ ڪڏهن گهر جي ڇت تي اسان ڪيئي راتيون ڪچهريون ڪندي جاڳي گذاريون. اسان جي وچ ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي ذات بحث هيٺ نه آئي، جڏهن به ڳالهايوسين مائوزي تنگ جي نظرياتي فڪري پورهيي، ليننزم، مارڪسزم، پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ، فلسفي ۽ شاعريءَ تي ڳالهايوسين، ها جڏهن رسول بخش پليجو، شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جي سورمين تي ڳالهائيندو هو ۽ انهن ڪردارن کي اچي دنيا جي انقلابي تحريڪن سان جوڙيندو هو ته سچ ته ان وقت اسان يارن مٿان هڪ خاص ڪيفيت تاري ٿي ويندي هئي ۽ اسين پاڻ کي نظرياتي ۽ فڪري طرح پهاڙ جيان سگهارو محسوس ڪندا هئاسين.
پليجي صاحب جي ملڻ جو انداز ئي پنهنجو هو، هو جڏهن ملندو هو ته هٿ ملائيندي ئي چوندو هو ته ”اسٽالن ڪي جئه هو“ ۽ ڪچهري ڪندي ڀلي عصر ٿي وڃي هو گهر جي مک دروازي تي ئي اچي موڪلائي ساڳيو ئي جملو چوندو هو ته “ڪامريڊ اسٽالن ڪي جئه هو”. مون هن ئي گهر تي ڪچهريءَ لاءِ جامي چانڊيو، مشتاق راڄپر، ارشاد لغاري، منظور ميراڻي ۽ جي اين مغل سميت اسان جي نظرياتي ۽ فڪري ٻاريءَ جا ڪيترائي يار ايندي ڏٺا، جن پنهنجا آدرش وڪيا نه هئا ۽ کين مارڪيٽ ايڪاناميءَ واري ڏائڻ پنهنجن گوڏن هيٺان نه لتاڙيو هو.
مون کان ته اهي پل ڪڏهن وسرڻا ئي ناهن جڏهن ڊي ٽين جي ڇت مٿان ويٺي چنڊ جي چانڊاڻ ۽ تارن جا دلڪش منظر ڏسندي رات گذري ويندي هئي، هڪ رات ان ئي گهر جي ڇت تي ويٺي امداد حسينيءَ سان ملاقات ٿي هئي، جنهن پنهنجي نئين نڪور ۽ آڳاٽي شاعري ٻڌائي هئي. هي گهر تخليقڪارن جي ڪچهرين جو مرڪز هوندو هو.  ڏاڏا قادر، وشنو مل، ادا محمد خان ڀرڳڙي ۽ نور احمد ڪاتيار پيا محفلون سجائيندا هئا، وسند ٿري ۽ نظير شيخ به اچي پليجي صاحب وٽ پهچندو هو، اهڙي ڪا به رات نه هئي، جيڪا سر ۽ سنگيت کانسواءِ گذري هجي.
رسول بخش پليجو اختلافن رکڻ تي ارهو نه ٿيندو هو جيئن ته آئون ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ڪارڪن رهيو هئس ۽ رشيد راڄڙ جي ايم سيد جو نظرياتي پوئلڳ هو، ڪيترا ئي دفعا اسان جا اختلافي بحث ٿيا، پر ڳالهه دليل سان شروع ٿيندي هئي ۽ دليل تي ئي ختم ٿيندي هئي، اسان جي ڳالهين کي پليجي صاحب ڪڏهن به دل تي نه ورتو. ڪچهرين ۾ سندس گفتگو هلڪي، ڇُسي ۽ سطحي نه هوندي هئي، هن جي ڳالهائڻ ۽ سوچڻ جو دائرو نج سائنسي ۽ فلسفي تي ٻڌل هوندو هو، هو واقعي تاريخ اڏيندڙ شخص هو. هڪ دور جنهن جي ۷ جون ۲۰۱۸ع تي پڄاڻي ٿي ۽ هو دنيا جي انقلابين کان جسماني طور تي ڌار ٿي ويو. آئون قاسم آباد ۾ پنهنجي آفيس پئي آيس ته منهنجي نظر ڊي ٽين پليجو هائوس جي ان رستي تي پئي جتان گذري اسين دنيا جي عظيم انقلابي اڳواڻ رسول بخش پليجي سان ملڻ ويندا هئاسين.
شيخ اياز “ٿي تند وڙهي تلوارن سان” واري جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، تنهن تي عمل ڪندي مون رسول بخش پليجي کي ڏٺو ۽ هن ائين ڪري به ڏسيو، سنڌياڻي تحريڪ ۽ ٻاڙرن جي تنظيم سجاڳ ٻار تحريڪ ان سٽ ”ٿي تند وڙهي تلوارن سان“ جو عملي روپ هئا. رسول بخش پليجي سنڌ اندر هزارين سنڌياڻين ۾ نظرياتي شعور ڏئي کين وڙهڻ واري سگهه ڏياري، هو سچ ته هيڻن جو آواز هو ۽ روايتي سماج جو حصو ٿيڻ بجاءِ هن سنڌ جي سياست ۾ عورتن کي مک محاذ تي آڻي نئين سياسي تاريخ لکي، ها مون کي ياد آهي ته جڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ جنرل پرويز مشرف اعلان ڪري چڪو هو ته سنڌ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جون سوين عورتون نٽهڻ اُس ۾ معصوم ٻارڙن سميت سراپا احتجاج بڻيون هيون. هن عورتن جي محاذ کي مضبوط ڪري نئين سنڌ اڏي هئي، اها سنڌ جيڪا اسان جي سنڌ آهي.
مون کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اها رات وسري نٿي سگهي، جڏهن پرنس ٽائون حيدرآباد ۾ مڌ پيئندي مزاحمتي ادب ۽ شاعريءَ تي پئي ڳالهايوسين ته ڪچهري هلندي رسول بخش پليجي جو استاد، سنڌ جو ناميارو دانشور ۽ ٻن صدين تائين سنڌ جو درد ڏسندڙ ۽ ان خلاف لکندڙ ڏاهو محمد ابراهيم جويو اچي پليجو هائوس پهتو. هو ٻئي ڳالهائيندا رهيا ۽ اسان صدين جي سياسي ۽ نظرياتي اٿل پٿل، واقعن ۽ نتيجن کي ٻڌندا رهياسين، اها رات اسان جي لاءِ ان ڪري به ڀاڳ ڀري هئي جو ان رات تاريخ جا ٻه وڏا ماڻهو هڪٻئي سان مخاطب هئا. هلندڙ ڪچهريءَ دوران رسول بخش پليجي صاحب اسان دوستن سان مخاطب ٿيندي چيو ته ون يونٽ ۽ ايوبي آمريت خلاف اسان هر محاذ تي وڙهياسين، رات جو ڪچهريون ٿينديون هيون، اسين شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جون ڌنون ٺاهيندا هئاسين ۽ زرينا، شاهه لطيف جا سُر ۽ اياز جا انقلابي گيت ڳائيندي هئي. آمريت خلاف ويڙهه ۾ ادب، شاعريءَ ۽ گيتن جو وڏو ڪردار آهي ۽ ان ئي رات اسان جويي صاحب واتان لطيف جي هيءَ وائي جهونگاريندي ٻڌي هئي.
اکيون پير ڪري، وڃجي وو وڃجي،
سپيريان جي ڳالهڙي، ڪنهن سان ڪين ڪجي،
وڃجي وو!وڃجي،
لڪائي لوڪ کان ڳجهڙي ڳوٺ نجي،
وڃجي، وو! وڃجي،
ڪنهن ميهار جو، سور نه ڪنهن سلجي
وڃجي وو! وڃجي.
ان ويل سنڌ جي هن عاشق جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا هئا، ان ئي ڪچهري هلندي اياز لطيف پليجو به اچي پهتو هو ۽ ان رات اسان پليجو هائوس تي ئي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو جويي صاحب جي اکين ۾ لڙڪ ڏٺا هئا، ان کان اڳ جڏهن به اسان کيس ڏٺو ۽ ٻڌو منطق ۽ دليل ڏيندي ڏٺو ۽ ٻڌو هو.
رسول بخش پليجو ته بلوچن جي مزاحمت سان به نڀائيندو رهيو، هڪ ڏينهن منهنجي ذاتي دوست رئوف خان فون ڪري چيو ته سندس پارٽيءَ جي سربراهه نواب اڪبر خان بگٽيءَ ۽ ان جي حامين خلاف آپريشن هلندڙ آهي ۽ هو رسول بخش پليجي سان ملاقات جو خواهشمند آهي. آئون ۽ رئوف خان ساسولي بنا ڪنهن اڳواٽ اطلاع ڏيڻ جي اچي ڊي ٽين پليجو هائوس تي پهتاسين، اطلاع ملندي ئي رسول بخش پليجو اچي مک دروازي تي گهر وٺي اچڻ لاءِ پهتو ۽ هٿ ملائيندي ئي هن چيو ته “ڪامريڊ اسٽالن ڪي جئه هو”. رئوف خان پرويز مشرف جي ظلمن بابت عوامي تحريڪ جي سربراهه کي پيرائتا حال احوال ڏنا. رسول بخش پليجي جو هي رد عمل هو ته حڪمران تاريخ مان ڪڏهن نه سکندا، سنڌ پرامن، نظرياتي، قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ذريعي حڪمرانن سان مزاحمت ڪندي رهي آهي، اسان هن ڏکئي وقت ۾ بلوچن سان گڏ آهيون، اوهان جي اچڻ ۽ حالي احوالي ٿيڻ بابت تحريڪ جي دوستن سان مشورو ڪيون ٿا ۽ اسين بلوچن کي هن ويڙهه ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين، ڊيرا بگٽي کي حڪمرانن جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌياڻي تحريڪ جي ۵ سئو سنڌياڻين جو جٿو ڊيرا بگٽي هلڻ لاءِ تيار آهي ۽ پوءِ اسين ڪلاڪن تائين ڪچهري ڪندا رهياسين.
پليجي صاحب جي جسماني طور سگهه گهٽجڻ ڪري جيتوڻيڪ هو ڪمزور ضرور ٿيو هو، پر آخري ڪچهريءَ ۾ به هو، سياسي ۽ نظرياتي طرح نه ٽٽو ۽ ئي نه جهڪيو هو. آئون جڏهن پرنس ٽائون ڊي ٽين تي ويو هوس ته کيس تحريڪ جي ساٿين منهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنو، مون کيس پنهنجو ڪتاب ڏنو، هن ڪتاب جا ڪجهه ورق اٿلايا ۽ پنهنجي تحريڪ جي ساٿي ۽ هن تحريڪ کي زندگي ارپيدڙ دوست گل حسن ڪيڙانو کي پنهنجو اڻ ڇپيل ڪتاب وارو مسودو کڻي اچڻ لاءِ چيو ۽ هو ڪتاب جا ورق اٿلائڻ لڳو، پليجي صاحب جو خاص انداز هوندو هو، هن مسڪرائيندي چيو اقبال، گل حسن ڪيڙانو سميت منهنجي پارٽيءَ جي دوستن مٿان ڏنڊو کڻي کين پابند بنائڻو پوندو ته هي ڪتاب وارو ڪم هٿ ۾ کڻن ۽ جلد ڇپرائين، رسول بخش پليجو جو پنهنجن پارٽيءَ جي ساٿين سان محبت جو اظهار ئي مختلف ۽ نرالو هوندو هو. هن موڪلائڻ وقت ساڳيو ئي جملو چيو ”اسٽالن ڪي جئه هو“ ۽ پنهنجي ويڙهه جاري رهندي.
منهنجو آخري ڀيرو ڊي ٽين تي وڃڻ تڏهن ٿيو هو جڏهن سنڌياڻي تحريڪ جي انقلابي تحريڪي ساٿياڻي ڀيڻ زاهدا شيخ جو وڇوڙو ٿيو هو، آئون ۽ بختاور گڏجي پليجي صاحب ۽ ان جي ساٿين جي ڏک ۾ شريڪ ٿيا هئاسين، ان وقت پليجو صاحب تڏي تي ويهڻ بعد ٿوري دير جي لاءِ گهر ۾ وڃي آرامي ٿيو. بختاور پليجي صاحب سان ملاقات لاءِ گهر وئي هئي ۽ اچي ٻڌايو هيائين ته پليجي صاحب جي طبعيت مزي ۾ ناهي، تن ڏينهن ۾ هو بيمار هو، تنهن هوندي به هو تعزيت لاءِ تڏي تي آيل ساٿين جا حوصلا وڌائيندو رهيو.
مون ڪجهه ڏينهن اڳ ڏاڏا قادر کي فون ڪري پليجي صاحب سان ملڻ جي خواهش ڏسي هئي، جنهن ٻڌايو هو ته پليجي صاحب جي طبعيت ٺيڪ ناهي ۽ هو علاج لاءِ ڪراچي ويل آهي، آخري ڀيرو مون کيس عوامي آواز ۾ انٽرويو ڏيندي ڏٺو هو ۽ سوشل ميڊيا تي ڀينرن طرفان رکيل هيءَ ڪلپ ڏٺي هئي، جنهن ۾ پليجو صاحب ويٺل آهي ۽ ڀينرون هي انقلابي گيت ڳائي رهيون آهن ته”جهنڊا کڻو، نعرا هڻو، هلندا هلو، وڙهندا هلو“.
وڏو ماڻهو اهو ناهي، جيڪو پنهنجي لاءِ جيئي ٿو، پر وڏو ۽ عظيم ماڻهو اهو آهي، جيڪو قوم جي لاءِ جيئي ٿو، نظريي دان هجي ٿو ۽ هيڻن جي تاريخ ٺاهي ٿو، رسول بخش پليجو سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ دنيا جو اهو انقلابي اڳواڻ آهي جنهن سنڌ جي نظرياتي ۽ قومي سياست کي هڪ نئين ۽ مختلف سڃاڻپ ڏني. هو جسماني طرح اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي، پر سندس فڪر، تخليق ۽ نظريو وقت جي ڪانٽي هلڻ تائين پيو هلندو. اڄ آئون وري ان ڊي ٽين تي پليجي صاحب جي نظرياتي ساٿين سان ملندس، جتي اسان رسول بخش پليجي سان علم، ادب، سائنس ۽ فلسفي تي ڳالهائيندا هئاسين، اسان هڪ ٻئي سان تعزيت ڪنداسين، ڇا ڪاڻ ته پليجي صاحب جي وڇوڙي جو درد قومي درد آهي ۽ هي تڏو سنڌ جو تڏو آهي.


هڪڙو هو استاد، اهو به هليو ويو
ذوالفقار راڄپر
اسان يونان جي سقراط سميت ان دور جي ٻين ڏاهن جي ڏاهپ، استاد گليلو جي زندگي، بو علي سينا، ابن رشد سميت ڪارل مارڪس، لينن جهڙن انقلابي استادن جا قصا ۽ قول  مٿين ڏاهن جي قبيلي جي هڪ ٻي سرواڻ جنگشاهي جي رڻ پٽ ۾ جنم وٺندڙ، ڪراچي جي منگهو پير جي روڊن تي پنهنجو ٻالڪپڻو گذاريندڙ ۽ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ پڙهندڙ ۽ سنڌ ۾ لکين ماڻهن کي سائنسي بنيادن تي سياسي سمجهه ۽ انقلابي تنظيم ڏيندڙ محترم استاد رسول بخش پليجو جي علم ۽ ڏاهپ جي ٻاريل لاٽ وسيلي پڙهيا ۽ پرکيا آهن.سنڌ پنهنجي هزارين سالن جي تاريخ جي جبر ۽ مسلسل ٻاهرين حملاآورن جي نتيجي ۾ افلاطون کان وٺي نيوٽن، ڊارون ۽ ڪارل مارڪس تائين جي ليول جا عالمي ڏاها ۽ استاد پيدا  ڪرڻ جي حوالي سان هڪ بنجر قسم جي زمين رهي آهي. پر ۲۰ ۽ ۲۱ صدي جي سنڌ ۽ هن سڄي خطي مٿان اهو احسان آهي ته ان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ڪيو جيڪو ڪنهن به حساب سان عالمي استادن ۽ سماجي سائنسدانن جي قبيلي کان مختلف ۽ الڳ نه پر انهن جي جنم جو هڪ سلسلو آهي. استاد رسول بخش پليجو بابت اهي لفظ ڪنهن ذاتي، سياسي ۽ فڪري عقيدتمندي جي بنياد تي نه ٿا لکيا وڃن، پر هن جي ڪتابن صبح ٿيندو کان وٺي سندي ذات هنجن، سندس ڪيل تقريرن، سياسي تجزين، راين، اڳڪٿين، عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جي لاهن چاڙهن تي لکيل ليکن، ماسڪو،دهلي ۽ بمبئي ۾ ڏنل ليڪچرن سميت سندس سوين تحريرن،ادب کي پڙهڻ ۽ سالن جا سال سندس صحبت ۾ رهندي سندس هر ادا ۾ عالمي استادن ۽ سماجي سائنسدانن وارا گڻ نظر آيا .
استاد پليجو جي پرک لاءِ به جنهن اک جي ضرورت ۽ شناسائي جي گهرج آهي يا جن وٽ اهڙي اک آهي اهي سڀ کيس سنڌ ۽ هند جي ڏاهپ جو استاد ڪري مڃن ٿا..استاد پليجو صاحب پنهنجي علم ۽ عقل جي بنياد تي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ چالو سياسي ماحول ۽ نظرين ۾ انقلابي تبديليون آڻي غلط قسم جي خيالن سان سياسي ۽ نظرياتي ويڙه ڪري سنڌ ۽ پاڪستان ۾ قومي عوامي جمهوري انقلاب آڻڻ لاءِ نظرياتي ۽ تنظيمي بنياد رکي ڇڏيا.
استاد پليجو قومي حقن ۽ آزادي جي ڪوڙي ۽ وڏيرڪي نظرين ۽ نقلي ڪميونسٽ انقلاب جو پردا چاڪ ڪيا، هن سنڌ جي هاري، ناري ۽ ٻار کي نظرياتي هٿيارن سان هٿيار بند ڪيو ۽ کين سنڌ جي قومي ۽ جمهوري تحريڪن ۽ جدوجهد ۾ اڳواڻي ڪرائڻ جهڙا ڪارناما انجام ڏنا .استاد پليجي صاحب جا ملڪ جي آزاد صحافت تي به لکين احسان آهن، جڏهن آمر ضياءَ جي دور ۾ صحافين جي جدوجهد ۾ گرفتاري پيش ڪرڻ لاءِ صحافي موجود نه هوندا هئا ته استاد پليجو جي ڏاهپ ۾ تربيت ورتل هاري ۽ شاگرد صحافي بنجي گرفتاريون ڏيندا هئا..سنڌي ادب ۾ سندس ڪهاڻي بختاور هڪ ادبي شاهڪار آهي، جيڪڏهن سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ڪا سمجھ ۽ سوچ جو ماحول هجي ها ته هو سنڌ جي هن عظيم استاد تي پي ايڇ ڊيون ڪرائن ها. جنهن عظيم انسان ملڪ جي خارجه پاليسي کان وٺي جرنيل شاهي ، افغان پاليسي ۽ بنگلاديش  ۽ مذهبي انتها پسندي جي ٻج پوکڻ وارين اسٽبلشمينٽ وارين نادانين تي جيڪو ڪجهه چيو ۽ لکيو هو، جيڪڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ ملڪ جي حالت اها نه هجي ها.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراه مرحوم حميد گل سان بهارين واري مسئلي تي اڄ به يوٽيوب تي هن جي تقرير رڪارڊ تي موجود آهي، اڄ سندس مرحوم وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ آل پارٽيز ڪانفرس ۾ ڪيل اها ئي تقرير سڄي ملڪ جو پڙاڏو بنيل آهي، جنهن ۾ هن اڳڪٿي ڪئي ته جيڪڏهن پاڪستان افغانستان مسئلي تي پنهنجي سامراج دوست پاليسي تبديل نه ڪئي ته پوءِ اها جنگ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي ويندي ۽ اڄ رياست جا اهم ماڻهو به پنهنجي اهڙين غلطين جو احترام ڪن ٿا..استاد رسول بخش پليجو ڪراچي ۾ سنڌين جي وارثي واپس ڪرڻ لاءِ لکين سنڌين جا رخ جيڪي هن شهر طرف موڙيا هئا ۽ دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪايو هو، اهو شهر هاڻي سنڌين لاءِ اوپرو ۽ اجنبي نه رهيو آهي. ان ئي شهر ۾ هن پنهنجي زندگي جي بيمارين جا ڏينهن به گذاريا هئا ۽ هاڻي ان ئي شهر ۾ سندس وفات ۽ اسان کان جدائي ٿي وئي آهي، اڄ ان جي وڇوڙي تي اهو احساس شديد ٿي رهيو آهي ته سنڌ ۾ هڪڙوئي ته استاد هو، جنهن وٽان اسان شاهه لطيف، استاد بخاري، شيخ اياز کانسواءِ رومي، بابا غلام فريد به ٻڌو، هو فزڪس ڪيميسٽري، ڊارون جي ارتقائي نظرئي ۽ فلسفي جي بنيادي سوالن ۽ مادي جي حرڪتن تي سولائي ۽ آساني سان درس به ڏيندو هو، سندس هر خيال ۽ ڳاله ۽ انداز ۾ هيگل،اينگلس ۽ مائوزي تنگ جهڙيون خصلتون هيون، هن سوشلزم کي آسان سان وارھ، ٿر ۽ واهي پانڌي تائين پهچايو.
سنڌ پنهنجن هزارين سالن جي فڪري خشڪ سالي بعد جيڪو ڏاهو ۽ استاد پيدا ڪيو هو اهو به اسان کان جدا ٿي ويو.. استاد پليجو سنڌ کان جسماني طور جدا ته ٿي ويو آهي پر هن جي ڏنل استادي ۽ فڪر جو جهنڊو سنڌ جا لکين ماڻهو ۽ هزارين شاگرد بلند رکندا ان ۾ ئي سنڌ جي نجات جو راز لڪل آهي ته فڪري پليجو جو جهنڊو بلند رکيو وڃي.


هڪ سگهاري آواز ۽ جدوجهد جي پڄاڻي
امير ڀنڀرو
مون حوصلي ۽ سماج جي سياسي ۽ قومي پرورش جو انهي کان وڌيڪ ڪوئي مثال نه ڏٺو جو هڪ شخص پنهنجي زندگيءِ جي ذري ذري تي سماج جي پرورش قرض سمجهي ادا ڪندو رهي ۽ جڏهن هن کي جسم اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان جواب ڏئي هن کي اسپتال جي بيڊ تائين پهچائي پر پوءِ به اهو مهان انسان انهي عمل کان پري نه رهي ۽ هو انهي بيڊ تان به معاشري جي قومي پرورش جا گيت ڳائي اهڙو مثال قائم ڪري جيڪو مثال انقلابي ڪتابن ۽ ملڪن ۾ ملندو هجي ته اهڙي سماجي سياسي ۽ قومي اڳواڻ تي سنڌ جو عوام ڪيترو فخر ڪري جيڪو فخر اسان کي رسول بخش پليجو جي صورت ۾ سماجي ۽ قومي انقلاب جي اها خوشبو ڏيندو رهيو جيڪا خوشبو اسان جي پوري سنڌ کي اهو احساس ڏياري جياريندي رهي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن اسان جي سنڌ رسول بخش پليجو جي انهن گيتن جهڙي ٿيندي جيڪي گيت هو سنڌ جي نالي ڪندو رهيو، مون پنهنجي زندگيءِ ۾ ڏٺو آ ٻڌو آ ۽ پڙهيو آهي ته دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو اهڙا آهن جيڪي وڇڙي وڃڻ سان هنن جي جسم سان گڏوگڏ هنن جو وجود به دفن ٿي وڃي ٿو پر دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهڙا به امر انسان آهن جيڪي جڏهن دنيا مان موڪلائي وڃن ٿا ته هو جسماني طور ته هن ڌرتيءَ ۾ دفن ٿين ٿا پر هنن جو ڪردار هنن جي جدجهد هنن جو قلمي ۽ قومي پورهئي جي ٻريل لاٽ صدين تائين معاشري ۾ روشنين جي واٽ رهي ٿي، رسول بخش پليجو به سنڌ جو اهو ڪردار اها همت اهو حوصلو اها جدوجهد هو جيڪا سنڌ جي شعور وارن ذهنن لاءِ هميشه روشني جو رستو رهندي، رسول بخش پليجو جي پرورش جو پنهنجو انداز هو هن ڪڏهن به ڪارڪن داٻي سان تيار يا خريد نه ڪيا هن هن پوري سنڌ جيان ڪارڪن جي تياري به ڪتابن ۽ انهن ليڪچرن سان ڪئي جيڪا تياري انقلابي ملڪن انقلابي اڳواڻ ڪندا آهن.
منهنجو رسول بخش پليجو سان سوين ملاقاتون رهيون پر مون هن ۾ وڏي خوبي اها ڏٺي ته هن پنهنجي پرورش ۽ قومي جدوجهد ۾ اهو ڪڏهن به محسوس نه ڪرايو ته مان ڪنهن ٻي قومي پارٽيءَ جو چيئرمين آهيان پر هن جڏهن به رهنمائي ڪئي هڪ قومي ليڊر ٿي رهنمائي ڪئي رسول بخش پليجو سان منهنجي آخري ملاقات هن سان ٻه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ٿي جتي پليجو صاحب علاج هيٺ هو مون اتي به ڏٺو ته هو سخت بيمار هوندي به اڃان به گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو گھڻو ڪجهه ڪرڻ جي همت رکي ٿو رسول بخش پليجو سنڌ اهو ڪرادار هو جنهن ڪرادار مان اسان صدين تائين گهڻو ڪجهه پرائي سگهون ٿا، رسول بخش پليجو علم ۽ ادب جي ميدان ۾ جيڪا خدمت ڪئي آهي سا سونهري اکرن ۾ لکڻ جوڳي آهي. خاص ڪري ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن هر طرف کان شيخ اياز کي تنقيد جو نشانو بڻايو پئي ويو، تڏهن پاڻ اُنهن سڀني تنقيد ڪندڙن کي ’انڌا اونڌا ويڄ‘ جي نالي سان جواب ڏنو هو، جيڪو ادب دوستن ۾ اڄ به اوترو ئي مقبول آهي.
رسول بخش پليجو قانون جي ميدان ۾ به تمام وڏي جاکوڙ ڪئي هو قانون ۾ به ڪنهن کان پٺتي نه رهيو ۽ هميشه اڳڀرو رهيو، جڏهن ته قانون جي ميدان ۾ عدالتن وسيلي ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ به سندس خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ڪو غريب سنڌ جي ڪنهن ڪنڊ مان هلي اچي رسول بخش پليجي وٽ پهچي کيس پنهنجي مسئلي بابت ڄاڻ ڏني اها ڄاڻ ٻڌڻ کان پوءِ رسول بخش پليجو بنا فيس وٺڻ جي عدالتن ۾ ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن جا مفت ۾ ڪيس وڙهيا ۽ انهن کي انصاف ڏياريا.
رسول بخش پليجي سياسي ميدان ۾ هزارين نوجوانن جي تربيت ڪئي آهي. هن جي تربيت جو انداز مختلف هو هن تربيت ڪتابن ۽ ليڪچرس سان ڪئي کانئس تربيت وٺندڙ ڪارڪن هميشه علم ۽ تعليم سان سينگاريل رهن ٿا. رسول بخش پليجو سنڌ جي عورتن جي حقن جي لاءِ به ڀرپور آواز بلند ڪندو رهيو ۽ عورتن کي حق ڏيارڻ جي لاءِ سندس جدوجهد ڪنهن کان به ڳجهي ناهي. رسول بخش پليجو اهو سياستدان آهي جنهن ڪڏهن به اهو نه سوچيو ته ڪنهن مظاهري ۾ ڪو وڏو ميڙاڪو هجي، ڀلي ڪيترا به ماڻهو هجن پر رسول بخش پليجو ان جدوجهد يا مظاهري جي اڳواڻي ضرور ڪئي آهي، پليجو صاحب ھڪ جاکوڙي انسان ھو ان کي ڪھڙا ڪھڙا لقب ڏجن ! پليجي صاحب جو فلسفو ـ لکڻيون ـ تقريرون ـ علمي ـ ادبي ڪاوشون اسان لاءِ مشعل راھ آھن سنڌ سميت پوري دنيا جي مظلوم قومن کي گھرجي ته پليجي صاحب جي فڪر مان لاڀ حاصل ڪري پنهنجي آزادي واري خيال کي حقيقي شڪل ڏين.
پليجو صاحب سنڌ جو اھو واحد فرد ھو جنهن عورت کي پنهنجي حقن حاصل ڪرڻ جو گس ڏسيو ۽ ڀٽائي وانگي سنڌ جي عورت کي ھن ٻوسٽ ۽ گھٽيل واري ماحول مان ڪڍي سيڪيولر بڻايو ۽ پليجي صاحب عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙڻ لاءِ سنڌ ۾ پھريون ڀيرو عورت تنظيم ٺاھي جنهن تنظيم جو مقصد عورت کي آزادي آھي ان تنظيم جو نالو ”سنڌياڻي تحريڪ“رکيو ۽ ان تحريڪ جون واڳون به عورتن جي ھٿن ۾ ڏنائين، پليجو صاحب انساني برابري جو علم بردار ھو ھن پنهنجي زندگي انسانيت ۽ سنڌ جي مظلوم عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پليجو صاحب زندگي جا ڏھاڪو سال جيل ۾ پڻ رھيو، پليجي صاحب جمھوريت جي بالادستي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، پليجو صاحب سياسي سماجي حوالي سان ملڪ جي نامور سياسي سماجي شخصيتن جو ويجهو ساٿي رھيو جن ۾ جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، خير بخش مري، خان بابا، ذولفقار علي ڀٽو ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ پليجو صاحب پوري دنيا سميت سنڌ جي مظلوم قومن ۽ طبقن لاءِ انقلابي ڪم ڪيو ۽ ماڻهن کي لطيف شناسي، علمي، فڪري، سياسي، سماجي گس ڏنا، رسول بخش پليجو سياستدان سان گڏ ڏاهو ۽ دانشور به آهي ادب جي ميدان ۾ سندس تمام وڏيون خدمتون موجود آهن. ادب جي واڌ ويجهه ۽ ٻوليءَ جي لاءِ سندس تاريخي جدوجهد تاريخ ۾ سونهري لفظن سان موجود آهي. سندس اهڙي جدوجهد ۽ سچائيءَ واري جذبي کي هر ماڻهو سلام پيش ڪري ٿو. جيڪي ماڻهو سندس سياسي نظريي سان اختلاف رکن ٿا اهي به رسول بخش پليجو جي ڏاهپ کان انڪار نٿا ڪن. سندس ڏاهپ جي هر ماڻهو واکاڻ ڪري ٿو.
رسول بخش پليجي جي سياسي نقطه نظر ۽ حڪمت عملي جو رستو هو، هن سنڌ جي اندر سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات جاکوڙ ڪئي، هن ڪيترن ئي نسلن جي فڪري آبياري ڪئي. هن جو علمي، سياسي توڙي ادبي پورهيو نئين نسل لاءِ مشعل راهه رهندو اهڙو امر ڪردار اسان کان ۷ جون ۲۰۱۸ تي ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ هميشه لاءِ ڇڏي ويو، هو اسان هن جو جسم اڄ اسان جي ڌرتيءَ ۾ هميشه لاءِ آرامي آهي پر هن جو ڪردار ڇڏيل جدوجهد اسان جي سنڌ ۾ صدين تائين روشنين جي راح رهندي.


لاڏ ٻائي جو لاڏلو
پرهه سومرو
ڪاش سنڌ جي ھن امن پسند ڌرتي تي تنهنجو سِجُ  اُڀري ئي نه ھا. سال ۲۰۱۸ تو اسان سنڌين جي هانو تي رڳو نھنڊون ئي پاتيون آھن. تو ھن گلشن مان اُهي گُلَ پٽيا آھن جن گلن جي سرهاڻ سان سنڌ ٻھڪي پئي.
ڪاش!
ڪاش ۲۰۱۸ع جو رھزن سج سنڌ ڌرتي تي اڀري ئي نه ها. مون سميت سموري سنڌ تنهنجي ويدنائن تي توکان رُٺَلَ آ. مئي۲۰۱۸ع، ڪهڙي خبر ھيءَ ڪا آخري ملاقات هوندي، ڪھڙي خبر ته هن ڌرتيءَ جي روح سان گڏ ڏنَلَ هي آخري ٽَھَڪَ هوندا، ڪهڙي خبر هئي ته ڳالھه ڳالھه تي هڻندڙ تاڙي جو آخري ٺڪاءُ ھوندو، ڪهڙي خبر ته اِھي اتساھُ پيدا ڪندڙ چمڪيلي اکين جو آخري ديدار هوندو، ڪهڙي خبر ته اڳئين ملاقات ۽ ڊگهي ڪچهري ڪرڻ جو تو کان ڪيل مونسان هي واعدو سکڻو واعدو ئي رهجي ويندو. مئي ۲۰۱۸ع تي اوچتو اهو فيصلو ٿيو ته امي پپا جي شادي جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي ۽ هي ننڍڙي خوشي پليجي صاحب سان گڏ ملهائي اڄوڪي تقريب کي منفرد بڻائجي. پاڻ سڀ وڃي ”وڏي” (پليجو صاحب) سان ملياسين، خوشي جي ڪا حد نه رهي، اڄ سندس چهري تي ڏاڍي خوشي ڇانيل هئي،اڄ ساڳئي ولولي سان ڪچهريون ڪندو رهيو، مذاق مستي هلندي رهي،ڄڻ خواب نُما حقيقت جا حسين لمحا هئا جو مون پنهنجي اندر ۾ ائين سمائي رکي ڇڏيا جيئن ڪا نازڪ چيز هٿن ۾ ڪوملتا سان سنڀالبي آهي. ڳالهائڻ جو اهو انداز، مسڪرائڻ ۾ اها ڪشش، ڏسڻ ۾ اها ئي شدت جنهن کي ڏسڻ جا اسين هميشه عادي رهياسين. ڪجھه وقت کان پليجي صاحب جي مسلسل ناچاڪ هجڻ باوجود به هر ملاقات ۾ جوش جذبي سان ملندو ڳالهائيندو رهيو جنهن ۾ ملڻ کان پوءِ اسين خوش تازا توانا ٿي موٽي ايندا هئاسين پر هن دفعي جي ڳالھه ئي نرالي هئي، پليجو صاحب ڳالهائي پيو ۽ مسلسل اتساھَ ڀريل جملا پيش ڪندو رهيو، مسلسل کِلَ ڀوڳَ مزاق جاري رهي ڄڻ محفل ۾ چار چنڊ لڳي ويا هجن. امي پاپا پليجي صاحب کي دعوت ڏيندي چيو ته هن دفعي توهان اسانجي گهر چڪر لڳائي چانھه پي پوءِ حيدرآباد وڃجو. جنهن تي پليجي صاحب هلڪو مسڪرائيندي ها ڪرڻ لڳو مٿان وري امي چيو ته جيڪڏهن نه آيا ته پوءِ ڪِٽي. . . . پليجو صاحب ڏاڍي نماڻي لهجي ۾ چوڻ لڳو”نه ڪٽي نه ڪيو مونسان“. . .
اهو اندر چيريندڙ انداز ھي ڏاڍو. . . بابا توسان ڀلا ڪوئي ڪٽي ڪري سگهي ٿو ڇا.؟؟ ڳالهين ڳالهين ۾ پليجو صاحب سان ڳالھه ٿي ته مان به سنڌ بچايو مارچ ۾ وڃڻ جو طئي ڪيو آھي تنهن تي پليجو صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين واپس اچي مون سان ملاقات ضرور ڪجانءِ پاڻ کي گھڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آھن ۽ ھا مارچ جو احوال مونکي ضرور ڏجانءِ، مون به پُر جوش انداز ۾ ھا ڪندي هٿ ملائيندي واعدو ڪيو مونکي ته اندازو ئي نه ٿيو ته اڄوڪا واعدا ۽ اقرار واريءَ تي ليڪن مثل آھن جيڪي هوا جي جهوٽي سان اڏامي ميسارجي ويندا. بابا! مان ڪنهن سان اوريان ھاڻ اِھي اندر ۾ پيل ڳالهيون! ڪير ٻڌندو انهن عام ۽ معمولي پر تنهنجي منهنجي نظريي سان لاڳاپيل چريون پر معنيٰ خيز ڳالهيون؟؟ اي زندگي! هڪڙو ننڍڙو موقعو ڏين ھا ته ڇا ٿيئي ھا؟؟ چوندا آھن ته رت جا رشتا سڀ کان وڌيڪ طاقتور رشتا ٿين ٿا پر منهنجي شعوري عمر ۾ مون ته روح جي رشتن ۾ مضبوطي ۽ گهرائي ڏٺي آھي. اک کوليندي ئي پاڻ رسول بخش پليجي جي عظيم جدوجهد واري راھ تي هلڻ جي لَولِي ٻڌي آھي ۽ رسول بخش پليجو جي سياسي جدوجهد تي هلندي هلندي وڏا ٿيا آھيون، جنهن عمر ۾ والدين ذھني نشونما ۽ جسماني چستي لاءِ ٻارن کي گهٽين ۽ پاڙي ۾ راند روند لاءِ ڇڏيندا آھن ان عمر ۾ اسان جا والدين (پليجي صاحب جي قافلي جا سپاهي) اسان کي علم حاصل ڪرڻ جو صحيح طريقو ۽ علم حاصل ڪري قوم ۽ وطن لاءِ جيون وقف ڪرڻ جو درس ڏيندا هئا، جنهن عمر ۾ ڳلين ۾ کيڏڻ ۾ عام ٻار وانگر وقت کي وڃائڻ ھو ان وقت ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پليجي صاحب جي قافلي سان نڪري ٽيبلوز ڪري پيغام پهچائيندا هئاسين. سنڌ ۽ سنڌين سان جيڪڏھن سنڌ ڄاين مان ڪنهن حقيقي ۽ عملي  عشق ڪيو ته صرف رسول بخش پليجي ڪيو آھي، وقت جي ڪنهن حاڪم،آمر ۽ جابر جن سنڌ ڏي ميري اک کنئين هن سنڌ جي عاشق انهنجي اکين ۾ اکيون وجھي للڪاريو. سنڌ جيڪڏهن هن وقت تائين پنهنجي حيثيت قائم رکندي آئي ۽ اسين سنڌي سک جو ساھ کڻي پنهنجي ڌرتي تي آزادي جو ساھ کڻو ٿا ته صرف بهادر لاڏ ٻائيءَ جي هن لاڏلي جي ڪري، جنهن، جنهنجهي ڪُکِ مان جنم وٺندڙ ماءُ ۽ مٽيء جي خميرَ مان جنم ڏيندڙ ماءُ جو ڀرم رکيو ۽ ان جي اولاد کي به سنڀاليو. خوشنصيب آ اھا قوم جنهن قوم کي زندگي رسول بخش پليجي جھڙا ليڊر ڏيندي آھي. اسين ڌرتيءَ جي ھن گولي تي خوشنصيب قوم آھيون جن کي رسول بخش پليجي جي رهنمائي، ملي جنهنکي دوست ۽ ساٿي جي روپ ۾ رسول بخش پليجو مليو، جنهن قوم کي ھر روپ ۾ پيش ايندڙ گھرڀاتين وانگر چاهيندڙ ۽ پيار پنهنجائپ ڏيندڙ  رسول بخش پليجو مليو مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙو مرد نه ڏٺو جيڪو عورتن جي حقن لاءِ ايتري جاکوڙ ڪري، جيڪو عورت کي مڪمل انسان هئڻ جو احساس ڏياري سندن ئي حقن لاءِ ميدان عمل ۾ آڻي جدوجهد جي صحيح ۽ قانوني واٽ ڏَسي. پليجو صاحب سان جڏھن به ڪچھري ٿي ته پليجي صاحب جو اهو ئي چوڻ هوندو ته سنڌ ۾ انقلاب تڏھن ئي ايندو جڏهن سنڌ جي عورت ميدان عمل ۾ ايندي ۽ مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نه پر ان کان به مٿي ٿي اڀري ايندي. پليجي صاحب جون اهي همٿ ڀريون ۽ حقيقي ڳالهيون اسان جي حوصلن ۽ همٿن لاءِ هميشه رهنمائي ڪنديون رهنديون. پليجو صاحب لاءِ منهنجو ضمير ۽ شعور ان ڳالھ کي تسليم نٿو ڪري ته هو اسانکان وڇڙي ويو آھي!
پليجو صاحب امر ڪردار آ،
هو اسانجي سوچن ۾ زندھ آ،
ھو اسانجي روح ۾ سمايل آ،
ھو اسانجي ساھ ۾ سانڍيل آ،
هو اسانجي آزاد خيالن ۾ آزاد آ،
هو اسان جي سنڌ دشمن خلاف ڪيل هر للڪار ۾ گونجندڙ آواز ۾ زندھ آ، سنڌ جي خوشحالي جي لاءِ اکين ۾ سمايل ان چمڪ ۾ زندھ آ. اڄ پليجي صاحب کي  اسانجي زندگين کي روشن ۽ اسانجي مستقبل کي روشن ڪرڻ لاءِ شڪرگذاري ڪندي ان واعدي سان الوداع ڪيان ٿي ته ”اي منهنجا رهبر منهنجا قائد منهنجا استاد منهنجا ساٿي منهنجا هم خيال دوست تنهنجو خواب ضرور پورو ٿيندو، مون سميت سموري سنڌ تنهنجي ڏسيل واٽ ۽ نظريي کي پنهنجي عمل ۽ ڪردار ذريعي زندھ رکندي ايندي ۽ ايندڙ نسلن تائين ان واٽ تي هلڻ جو درس ڏيندي رهندي.


رسول بخش پليجي جي عظمت کي سرخ سلام....
مريم گوپانگ
اسان جو قائد ۽ سنڌ .پاڪستان ۽ دنيا جو پورهيت اڳواڻ ۽ سائنسي فڪر جو سرواڻ محترم رسول بخش پليجو قانوندان، اديب، دانشور، نقاد ۽ پورهيت نظرئي جي باني اڳواڻن ڪارل مارڪس، لينن، اسٽالن، مائوزي تنگ ۽ هوچي منهه جي فڪر ۽ شخصيتن جو هڪ تاريخي تسلسل هو. جنهن پنهنجي آخري پساهن تائين مارڪس جي نظرئي جي سائنسي بنيادن تي پيروي ڪندي سنڌ ۽ ملڪ ۾ جديد بنياد تي طبقاتي ۽ قومي جدوجهد ۽ سامراج دشمن جدوجهد جا بنياد وڌا. پليجو صاحب فقط هڪ واحد شخصيت نه پر هڪ دور جو نالو هو، جنهن پنهنجي سياسي نظرئي ۽ جدوجهد وسيلي پاڪستان جي سياسي تاريخ جا رخ موڙڻ ۾ صف اول جو ڪردار ادا ڪيو. هن سنڌي قوم جي بنيادي قومي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو، هن وڏيرڪي قوم پرستي سان گڏ نقلي ڪميونسٽ سياست مٿان پيل پردا هٽايا ۽ هن سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد کي مارڪسزم جي جهنڊي هيٺ بلند ڪيو. سندس وڏو ڪمال سنڌ جي پاڻي جي مسئلي تي ننڍڙين ۽ مختصر جدوجهدن کان وٺي وڏين لانگ مارچن ڪرڻ ، ان تي ڪتاب ۽ مضمون لکي نه فقط پنهنجي قوم کي بيدار ڪيو پر هن سنڌ جي پاڻي جو ڪيس ايترو ته مضبوطي سان وڙهيو جو ڪالاباغ ڊئم سنڌ ۽ سنڌين لا۽ قومي گار بنجي ويو آهي. سندس جدوجهد ۽ جنگ جي نتيجي ۾ ڪالاباغ ڊئم جو مسئلو دفن ٿي ويو هو. هو جڏهن سخت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بيمار ٿي پيو ته سنڌ جي دشمنن طرفان هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي پاڻي چوري ۽ ڪالاباغ ڊئم ٺاهڻ جون سازشن شروع ڪري ڏنيون آهن، پر پليجو صاحب ڪالاباغ ڊئم کي سنڌ ۽ سنڌي قوم لا۽ جيڪا قومي گار بنائي جنهن جدوجهد جو بنياد رکي جيڪو جهنڊو بلند ڪري ويو هو، ان کي سنڌ جي مردن سان گڏ عورتون نه بلند ڪندي جدوجهد ۾ اڳين صفن ۾ شامل رهنديون.
محترم رسول بخش پليجو جو هڪ ٻيو وڏو اهم ۽ انقلابي تاريخي ڪارنامو اهو به آهي ته هن سنڌ جي غليظ جاگيردارنه سماج ۾ عورتن ۾ نه فقط سياسي سجاڳي پيدا ڪري انهن کي منظم ڪرڻ ۽ قومي ۽ سياسي جنگ ۾ اڳواڻي ڪرڻ جو فن پيدا ڪيو. پليجو صاحب سنڌ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جهڙي سائنسي ۽ انقلابي بنيادن تي جيڪا تنظيم ايجاد ڪئي ان جو ڪو ٻيو مثال اڃان تائين پاڪستان ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ نظر نه ٿو اچي.پليجو صاحب چيو ته جيستائين سنڌ جي عورت غلام هوندي ۽ انهن ۾ سياسي سجاڳي پيدا نه ٿيندي ۽ اها جنگ جي ميدان ۾ پنهنجا جوهر نه ڏيکاريندي تيستائين سنڌ آزاد ۽ خوشحال نه ٿيندي ۽ ان لاءِ پليجي صاحب پنهنجي گهر جي عورتن کي ميدان ۾ لاٿو ۽ پنهنجي مٿان لڳندڙ هر الزام جي باوجود هن سنڌي عورتن کي ايترو ته منظم ڪيو جو انهن پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي، چيف جسٽس جي تحريڪ ۽ ٻين جدوجهدن ۾ پنهنجا منفرد ڪردار ادا ڪيا ۽ ڪالاباغ ڊئم خلاف گرمين ۽ سردين ۾ سکر کان ڪراچي، ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي ۽ ڀٽ شاهه کان ڪراچي تائين طويل لانگ مارچن ۽ جلسن جلوسن ۾ هزارين سنڌياڻين پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو ۽ ممتاز نظاماڻي جهڙي دلير سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ڪالاباغ ڊئم خلاف جدوجهد ڪندي بيمار ٿي گذاري وئي. پليجو صاحب ڪالاباغ ڊئم سميت هر قومي ۽ جمهوري جدوجهد ۽ سياسي سجاڳي لا۽ ثقافتي مورچي ۾ به ان وقت سنڌي عورت کي ميدان ۾ لاٿو جڏهن ڪنهن نينگر طرفان هزارين ماڻهن اڳيان تقرير ڪرڻ ۽ ٽيبلو پيش ڪرڻ هڪ وڏو مشڪل مرحلو هو پر پليجو صاحب سنڌياڻي  تحريڪ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي نارين طرفان قومي ۽ ثقافتي گيتن تي ٽيبلو پيش ڪري قومي ۽ جمهوري تحريڪ ۾ ولولو ۽ جوش پيدا ڪيو هو، پليجي صاحب جي ان نقش قدم تي هلندي بعد ۾ ٻين سياسي، سماجي تنظيمن ، سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڇوڪرين طرفان ٽيبلو پيش ڪرڻ جو رواج تيزي سان پئجي ويو. رسول بخش پليجو هڪ انقلابي يونيورسٽي بنجي چڪو هو ۽ هن سنڌ ۽ ملڪ ۾ جدوجهد ۽ نون خيالن جا بنياد وڌا، ادب جي ميدان ۾ به بختاور جهڙيون ڪهاڻيون ۽ ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۽ ”سندي ذات هجن“ جهڙا ڪتاب لکيا ۽ هو شاهه لطيف سميت رومي ۽ ٻين شاعرن جو به پارکو هو، جنهن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ وڏي ۽ فيصلاڪن انقلاب آڻڻ لا۽ ڪيترائي ننڍا ننڍا انقلاب آندا، ۽ سنڌ جي اهڙن هنڌن تان انقلاب ۽ آزادي جا نعرا بلند ڪرايا جتان عورتن جا ڪارو ڪاري جي نالي ۾ اڪثر لاش ملن ٿا. رسول بخش پليجو صاحب پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ ۽ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ خلاف رياستي ايجنٽن ۽ ادارن جي سازشن ۽ ڦهلايل ڪوڙين زهريلي ڳالهين سان به مقابلو ڪيو..اڄ اهو رسول بخش پليجو جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويو آهي پر هو جيڪو پنهنجو فڪر ۽ تنظيمي ادارا اسان کي ڏئي ويو آهي اهي سڀ ڪالاباغ ڊئم ، سنڌ جي پاڻي جي چوري، عورتن جي قتل عام ۽ جرڳن خلاف رسول بخش پليجو بنجي پنهنجي ويڙهه آخري ويڙهه ۽ سوڀ تائين جاري رکندا.


الوداع اي عظيم ساٿي الوداع
ڊاڪٽر ذوالفقار علي راھوجو
گھوڙن ۽ گھوٽن جيئن ٿورا ڏينھڙا،
ڪڏھن منجھه ڪوٽن ڪڏھن راھي رڻ جا. (لطيف)
اسان کان اسان جو رھبر جناب رسول بخش پليجو ڪالهه صبح سوير ۷ جون ۲۰۱۸ تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. ھو ڪجھه ڏينھن اڳ به حيدرآباد کان ٻاھر خيرپور ناٿن  شاھ جوھي جي علائقن ۾ پارٽي جي ساٿين جي اجلاس ۾ ويو ھيو ۽ خطاب به ڪيائون. اھڙا فوٽو به سوشل ميڊيا تي آيا ھيا. ڪجھه ڏھاڙا اڳ ۾ جڏھن پھرين به  ھو سائوٿ سٽي اسپتال ۾ داخل ٿيو هو، ته بيماري جي بستري تي به سندس اعتماد ڏسڻ وٽان ھيو جو سندس تربيت ورتل سندس ئي گھر جي ڀاتياڻين  پئي قومي گيت ڳايا ۽ پاڻ وري دوستن ساٿين کي فيض احمد فيض ۽ٻين  انقلابي شاعرن جا گيت شعر پئي ٻڌايائون. سندس ۸۸ سالن عمر ته  ٿي پر ان عمر به  پڇاڙي تائين سندن حوصلي ‘اعتماد کي شڪست نه پئي ڏني سندس ان عمر ۾ به وطن جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ تي سنڌ جي ھڪ پراڻي ساٿي ۽ رٽائر ر وي سي رجب ميمڻ به  ڏکاري لھجي ۾ دانھن ڪئي ھئي ته  ھاڻ پارٽي کي گھرجي ته  ھن لاءِ  پوري اعزاز سان صحت جي پيش نظر سندس سرگرمي کان پارٽي حڪم تحت ئي کيس آجي ڪرڻ جو فرمان جاري ڪن. پر نه  ته  ھو راضي ٿيو نه  ئي پارٽي قيادت کي ان ڳالھه جو ڪو سوير اونو ٿيو. ۽ ھو اسان کان ھڪ سرگرم ساٿي ۽ اڳواڻ جي اورچائي سان جدا ٿيو.
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي
وڃي ڀونءَ پيٺي سڪندي کي سڄڻين. (لطيف)
اڄ جڏھن سنڌ ۽ پاڪستان يا برصغير يا سائوٿ ايشيا جي تاريخ لکبي ته رسول بخش پليجي جو عوام يا تاريخ تي سماجي سياسي يا انقلابي اثر ھڪ نظريي جي صورت ۾ چٽو ٿي اڪريل نظر ايندو. ھي صرف سنڌ ۾ الميو آھي جو سماجي سياسي انقلاب جي ھيرن جو سماج جي ڪاياپلٽ تي اثر صدين کان پوءِ ظاھر ٿئي ٿو.
دراصل ڪنھن نظرياتي اڳواڻ جا شارح سندس پوئلڳ ھوندا آھن اھي ئي ان جي نظرين جا پرچارڪ ھوندا آھن. رسول بخش پليجي جا لکين شارح سندس پارٽي ساٿي آھن ھن جي نظريي جو سماجي اثر باقي اڃا موجود آھن اھو ضرور ڦھلبو. ان لاءِ سماجي حالتون سندس غير موجودگي ۾ به گھر پيون ڪن ته سماج کي اٿلي ھڪ نئين وڻندڙ انسان دوست سماج ۾ تبديل ڪجي. رسول بخش پليجو ھڪ نظرئيدان، سائنسدان يا عمل جي صورت ۾ اسان اڳيان موجود آھي. تاريخ جي ڏھاڪن تائين اھو اسان کي ھڪ گروھ  وانگر پيو ڏس ڏيندو ته اجھو ھن طريقي سان سماج کي بدليو. اسين جڏھن به سندس نظرياتي ليڪچر ادب سياست يا بين الاقواميت تي ڳالهائيندي ٻڌون ٿا، تڏھن اھو احساس ٿئي ٿو ته سندس علم انساني اڀياس ۽ انقلاب جو نقيب ئي ته  آھي. سندس پورھيو لکين انسانن ۽ سنڌ جي قوم جي ميراث آھي. ان جا پڙلاءَ ۽ اثر ديرپا آھن. سنڌ کي به انھن فلسفي جي دنيا جا املھه اثر کپن.
اسين جڏھن سنڌياڻي تحريڪ جو سندس تربيت ۾ جنم ڏسون ٿا تڏھن اسين کيس سائوٿ ايشيا ۾ سندس عورتن جي سياسي phenomenology ۾ بلندي تي ڏسون ٿا ۽ ڪن حالتن ۾ ته ٻيون سڀ عورتازاد سنڌ جون تحريڪون ڄڻ ته ڪمزور لڳن ٿيون. جيڪڏهن گانڌي، لينن، مائو، ھوچي منھه جا پوئلڳ آھن ته پوءِ ھن عظيم ھيري جا به لکين پوئلڳ آھن. سندس سياسي انقلابي وطن دوست ڪردار جي شرح سائنسي انداز ۾ پيش ڪرڻي پوندي پوءِ ئي اسين سندس نظرياتي سگھه کي سمجھي سگھنداسين.
اسان مان لکين ماڻھو سندس بنيادي تربيت ڪري ئي سڃاڻپبا آھن. سندس ئي نظرياتي اثر پذيري جي ڪري اسين قومي طبقاتي جھموري يا بين الاقوامي نظرين جي حقيقت سمجھي سگھياسين. قومون پنھنجي طاقت وسيلي به سڃاڻبيون آھن پر ڪي تاريخ ۾ اڻ شڪست کاڌل ھيرا undaunted heroes به آھن. جناب رسول بخش پليجو به انھن سنڌ ۽ انسان ذات جي ھيروز مان آھي.
اسان کي ان جو صدمو ته آھي پر اسين ان صدمي غم ۽ ڏک کي ڪاوڙ ۽ طاقت ۾ تبديل ڪرڻ چاھيون ٿا. ڇا ته هي عظيم انسان، قدآور، نظريي دان، نجات ڏيندڙ، رومانٽڪ ويڙھ ڪندڙ، دلير، ارڏا، ضدي ۽ ڪڏھن به نه ٽٽندڙ انسان ھيا ۽ اسان جھڙن سوين لکين فردن تي اڻ مٽ نقش ڇڏي ويا. اي عظيم ساٿي الوداع ۽ جيستائين سري ۾ ساھ آھي، تيستائين اسين سندس فڪري واٽ  تي هلنداسين رهنداسين.


سنڌ جي حقيقي عاشق جي موڪلاڻي
سليم جروار
سندس جنم جنگشاهي جي جبلن جي هنج ۾ هڪ عام ڳوٺ ۾ ٿيو، پٿريلي پيچرن تي پرورش ورتل اهو ٻالڪ هڪ ڏينهن سنڌ جي اها شخصيت ٿي اُڀريو جنهن جي شخصيت جو ڪو هڪ پهلو يا هڪ رخ نه هو، هو گهڻ رخي شخصيت بنجي سنڌ جو حقيقي عاشق ثابت ٿيو. ۱۹۳۰ع جي بهار رُت ۾ ۲۱ فيبروري تي جنم ورتل رسول بخش پليجو مزاجن نرم، نازڪ ۽ محنتي انسان پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن آڌار سنڌ جي سياسي هلچل جي سڃاڻپ بنجي ويو. رسول بخش پليجي سنڌ جي هڪ عام ڳوٺ ۾ تپيدار جي گهر ۾ جنم ورتو. عام ملان مڪتب اسڪول ۾ پڙهيو، شرارتون ڪيون، ٻالڪپڻ واريون رانديون انگل آرا سڀ ڪيا، پر اهو ٻالڪ جنهن کي پنهنجي وڏي ڀيڻ مريم ڪڇ تي کڻي گهمايو، رانديون ڪرايون اهو انسان ايڏو وڏو انسان بنجي ويو جنهن پنهنجي ڪُلهن تي سنڌ جو هر ڪيس کنيو ۽ ثابت قدمي سان بيٺو رهيو. بنيادي تعليم ڳوٺ واري مدرسي مان پڙهي، ٺٽي هاءِ اسڪول ۽ سنڌ مدرسة السلام ڪراچي مان سيڪنڊري پاس ڪري، مسلم لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري پاس ڪئي ۽ هن پاڻ کي ملڪ جو وڏو وڪيل ثابت ڪري ڏيکاريو.
رسول بخش پليجي هڪ ئي وقت بهترين وڪيل تاريخدان، لطيف شناس هئڻ سان گڏ هڪ سياسي انقلابي اڳواڻ طور پڻ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي هن جي سياسي زندگي جدوجهد جي علامت رهي، ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد ۽ ٻين سان گڏجي سرگرميون ڪيون.
۱۹۶۸ع ۾ سائين جي ايم سيد پاران ”بزم صوفياءَ سنڌ“ قائم ڪئي وئي ته پليجو صاحب ان جو سيڪريٽري ٿيو، ان فورم تي ”سنڌي قوم جي جديد تصور“ پيش ڪرڻ واري مقصد جي جدوجهد ۾ جي ايم سيد سان گڏ رسول بخش پليجو، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويي اهم ڪردار ادا ڪيو. ون يونٽ خلاف تحريڪ جو ۱۹۶۹ع ۾ هالا ۾ ڪنوينشن ٿيو، ان جدوجهد پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي ون يونٽ جو خاتمو ڪرايو، سنڌ جا اهي سپوت جن سنڌ مخالف هر فيصلي ۽ قدم خلاف ثابت قدمي ۽ جرئت مندي سان جدوجهد ڪئي ۽ ڄمي مقابلو ڪيو. رسول بخش پليجو انهن ۾ هڪ هو.
سياسي اختلافن باعث پليجي صاحب سائين جي.ايم سيد کان سياسي راهون ڌار ڪري ۱۹۷۰ع ۾ ”عوامي تحريڪ“ جو بنياد وڌو جنهن جو پهريون صدر حفيظ قريشي ايڊووڪيٽ ۽ سيڪريٽري جنرل پليجو صاحب ٿيا. ان فورم تي پليجي صاحب رات ڏينهن جاکوڙ ڪري ووٽر لسٽون سنڌي ۾ لکرائڻ، ٻولي ڪنوينشن ڪوٺائڻ، هارين ۽ مزدورن جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ، ايم.آر.ڊي تحريڪ، ڪالا باغ ۽ ٿل ڪئنال خلاف لانگ مارچ، ڪنوينشن ڪوٺائڻ ۽ احتجاج ڪرڻ، دهشتگردي، ڪاروڪاري ۽ جرڳا سسٽم خلاف پليجي صاحب ڪانفرنسون ڪوٺايون، جلسا ڪيا مطلب ته هن سنڌ جي اجتماعي ۽ قومي معاملن تي عملي جدوجهد جي تاريخ رقم ڪئي. سندس قيادت ۾ ۱۹۹۲ع ۾ سکر کان ڪراچي، ۲۰۰۱ع ۾ ڀٽ شاهه کان ڪراچي، ۲۰۰۵ع ۾ سکر کان ڪراچي، ۲۰۰۹ع ۾ ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي، تازو ۲۰۱۶ع ۾ اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين ڪامياب لانگ مارچ ڪيا ويا. سندس قول ۽ عمل ۾ ڪٿي به فرق ڏسڻ ۾ نه آيو، هن عورتن جي سياسي سرگرمين ۾ شموليت جي ڳالهه ڪئي ته سڀ کان پهرين پنهنجي ڀيڻن سميت گهر جي عورتن کي سياسي ميدان ۾ آندو، سندس قائم ڪيل ”سنڌياڻي تحريڪ“ سنڌ ۾ عورتن جي سجاڳي ۽ سياسي جدوجهد ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.
پليجو صاحب ملڪ ۾ چوٽي جي سياستدانن سان مختلف فورمن تي جدوجهد ڪرڻ سان گڏ ”ايشيا پيسفڪ فورم“ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو. هن دنيا جي وڏين يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏنا، اهو سندس ڏاهپ ۽ دانائي جو چٽو ثبوت آهي، پليجو صاحب فڪر طور مائوسٽ نظريي جو حامي رهيو، مائوزي تنگ جي جدوجهد پليجي صاحب لاءِ رول ماڊل هئي. سنڌ جي هن انقلابي پٽ نه فقط سياسي تحريڪن ۾ پنهنجو فيصلاڪن ڪردار ادا ڪيو پر هو ادب جو پڻ وڏو ستارو هو، بهترين نقاد ۽ ليکڪ هو، هن بنياد پرستن خلاف ”انڌا اونڌاويڄ“ جهڙو تنقيدي ڪتاب لکيو، عالمي شاعري ۽ ادب جا ترجما ڪيا، ”سياسي ادب“، ”جيڪي بنگال سان ٿيو“، ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“، ”جن جهوناڳڙهه جلايو“ جهڙا شاهڪار ڪتاب لکيا.
رسول بخش پليجي جي پوري زندگي عملي سرگرمين ۾ گذري، زندگي جي آخري ايامن ۾ وٽس جڏهن به D۱۰ وڃبو هو ته ڪتاب، يا اخبارون سندس سامهون هونديون هيون، هو هر ايندڙ کان پڇندو هو ڪهڙو ڪتاب پيو پڙهين؟ ان ۾ ڇا آهي؟ مطلب سندس رهنمائي هر ڪنهن لاءِ آخري وقت تائين هوندي هئي، منهنجي ۽ منهنجي ٻارڙن جي خوشنصيبي هئي جو منهنجي گهرواري سندن خاندان جي هجڻ ڪري وٽس ٻارن سميت وڃڻ ٿيندو رهندو هو، سندس شفيق ۽ پيار ڀريو رويو منهنجي لاءِ قابل فخر آهي. هڪ ديو مالائي انسان هو. هن وقت جڏهن سنڌ کي چئني طرفن کان بگهڙ ڦريو ويٺا آهن، سنڌ اندر مفادن ۽ موقعي پرستن جا وارا نيارا آهن، سنڌ جي ڀينگ ڪرڻ لاءِ وسان گهٽائڻ لاءِ تيار ناهن، ان وقت اهو سهارو کسجڻ يقينن سنڌ لاءِ هڪ تمام وڏو نقصان آهي، هو ڀلي هڏن جو پڃرو ٿي چڪو هو پر سنڌ لاءِ وڏو ڏڍ هو. هنن حالتن ۾ سنڌ کي اهڙن ڪردارن جي ضرورت آهي، اهڙي وقت ۾ پليجي صاحب جو وڇوڙو ناقابل تلافي آهي، صدين پڄاڻا سنڌ اهڙا پٽ پئدا ڪندي آهي، سندس وڇوڙي کي ڪمزوري ۽ ڏک بجاءِ طاقت ۾ تبديل ڪري نئين حوصلي سان جدوجهد جو عزم ڪري سندس مشن کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. اها ئي کيس عظيم ڀيٽا هوندي.


رسول بخش پليجي جا گهڻ رخا پاسا
راشد شر
رسول بخش پليجي صاحب سان ڪنهن جا ڪيترا به سياسي اختلاف ڇو نه ھجن پر رسول بخش پليجي صاحب جي شفاف زندگي سياست ۽ علمي ادبي محنتن کي ڏسي تاريخ پاڻ پليجي صاحب جي شخصيت جو تعارف سھڻن ۽ سيبتن لفظن ۾ ڪرائيندي، ڇو ته رسول بخش پليجو جي سنڌ جي سياست ۽ ادب ۾ سڃاڻپ عام روايتي سياستدان ۽ اديبن واري نه ھئي
سياست جي دنيا ۾ پليجو صاحب پنهنجي ھڪ الڳ پارٽي جي پليٽ فارم تان بحيثيت ھڪ اڳواڻ ليڊر جي زندگي جو ڳچ عرصو سنڌ جي حقن جي حاصلات ۽ سنڌ مٿان ٿيندڙ وڏيرا شاھي جي ڏاڍ جبر خلاف اڻٿڪ جدوجهد ۾ مشغول رهيو.
پوءِ ڪڏھن سنڌ جي ڳچيءَ ۾ ون يونٽ جو مسئلو  ڦاٿل ھجي يا ڪڏھن ڪالاباغ ڊيم جي آڙ ۾ سنڌ جي سنڌو درياھ تي راتاھو ھڻڻ جا حربا ھجن يا وري ڪڏھن آمر ضياءَ جو ڪارو قانون هجي مطلب ان سموري سنڌ جي گرما گرم سياسي ڪشمڪش دوران پليجي صاحب خوب پاڻ ملهايو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي وحدت جي حفاظت لاءِ تاريخي فرض نڀائيندي احتجاج رڪارڊ ڪرايا جنهن سبب کيس ڪيترائي ڀيرا جيل جو به منهن ڏسڻو پيو
رسول بخش پليجي کي سنڌ جي قومي انقلابي ۽ جمهوري جدوجهد جي حوالي سان ڪافي عرصو قيد ۾ پڻ رکيو ويو
قيد دوران پاڻ ھڪ ڊائري ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ جي نالي سان لکيائين. ھن جيل ڊائري ۾ پاڻ سنڌ سميت پوري ملڪ جي سياسي سماجي حالتن ۽ پنهنجي ذاتي زندگي جي تجربن جو نچوڙ بيان ڪيائين.
هونئن ته سنڌ جي سياست ۾ رسول بخش پليجي صاحب جا ڪيترائي اهم ڪارناما آھن پر سندس سياست ۾ عورت کي اڳتي وٺي اچڻ نوجوانن کي لا جي پروفيشنل ڊگري لاءِ ھمٿائي اڳتي اڀارڻ جھڙا اھم علمي عقلي فيصلا ڪري پاڻ سنڌ مان ڪيترائي باشعور شاگرد تيار ڪيائين.
رسول بخش پليجو صاحب جي سياسي تنظيم جي اھا به واکاڻ جوڳي ڳالھه آھي ته سندس پارٽي جا عهديدار ميمبر علم ادب تاريخ فلسفي سميت سياست جي مطالعي جا ڄاڻو ھجڻ سان گڏوگڏ پارٽي جي عهدي لائق اھي سمجهيا ويندا آهن جيڪي علمي شعوري بحث ۾ هڪٻئي کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿين
رسول بخش پليجو صاحب جنهن جڳھه تي ھڪ سٺو سياستدان ھيو ساڳي جڳھه تي ھڪ سٺو ساڃاھ وند اديب نقاد محقق ۽ ترجما نگار پڻ ھيو،
رسول بخش پليجو اڄ ڪلھه جي اديبن کان مختلف تڏھن به ليکي سگهجي ٿو جو پليجي صاحب پنهنجي ڏيھي ۽ عالمي ادب کي سمجھڻ سان گڏوگڏ ھڪ عالم نقاد جي حيثيت ۾ تنقيدي نظر وجهي بحث ڪري اسان کي پڻ سمجهايو
پليجي صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ ويهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا جن ۾ ڪجھه ھي آھن.
۱) ھرڻ ھٺيلا بيٺا سوچن ڪالم
۲) جن جھونا ڳڙھ جلايو مضمون
۳) مارن مونجھه مياس سياسي ۽ ادبي مضمون
۴) اوھان جي پڄاڻان ترجمو شاعري
۵) جيڪي بنگال سان ٿيو ترجمو سياسيات
۶) قومي انقلابي جدوجهد ۾ ادب ۽ فن جي اھميت سياست ترجمو
۷) ھوچي منھه جي آتم ڪهاڻي ترجمو
۸) مائوزي تنگ شخصيات
۹) ڌاڙن جا ڌڪ
۱۰) واٽون ويھه ٿيون
۱۱) صبح ٿيندو
۱۲) پسي ڳاڙھا گل ڪهاڻيون
۱۳) سندي ذات ھنجن
۱۴ ) انڌا اونڌا ويڄ
ان کانسواءِ رسول بخش پليجي صاحب جا ٻيا به ڪيترائي سياست ادب فلسفي ۽ تاريخ جي موضوع تي ڪتاب لکيل آھن.
سندس سنڌي لکڻين کانسواءِ سنڌ پنجاب پاڻي جي مسئلي تي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب
Sindh punjab water dispute
ساراھ جوڳو آھي
سندس مٿي بيان ڪيل سمورن ڪتابن مان سڀني ڪتابن تي ته بحث نٿو ڪري سگهجي ڇو ته سڀني ڪتابن تي بحث ڪبو ته پوءِ موضوع طويل ٿي ويندو انڪري مختصرن سندس تنقيدي تخليق انڌا اونڌا ويڄ ڪتاب جو ذڪر ڪنداسين
رسول بخش پليجي صاحب جا مون جيڪي به ڪتاب پڙھيا آھن انھن مان مونکي وڌ کان وڌ جنهن ڪتاب متاثر ڪيو اھو آھي انڌا اونڌا ويڄ جنهنجو عنوان به لطيف جي ھن بيت تان ورتل آھي
انڌا اُونڌا ويڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانئِين؟
اسان ڏُکي ڏِيل ۾، تون پيارِئين پيڄَ؟
سُورِي جنِين سيڄَ، مرڻ تن مُشاهِدو. (سُر ڪلياڻ)
ھن ڪتاب کان اڳ ساڳئي موضوع يعنيٰ پوري مشرقي شاعري جي پسمنظر ۾ غلام محمد گرامي صاحب جو به ھڪ جامع ڪتاب مشھور آھي جنهنجو نالو آھي
مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات
پر ان موضوع سان ٺھڪندڙ ھي ڪتاب پنهنجي علمي تنقيدي مقام جي ڪري پنهنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو
پليجو صاحب جو ھي ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ سنڌي ادب ۾ تنقيد جو شاھڪار نمونو آھي
هي پليجي صاحب جو اھو تنقيدي ليک آھي جيڪو انهن تنقيدن جو ردعمل آھي جيڪي شاھ سچل ۽ ٻين صوفي شاعرن جي شاعري کي مذھبن جي خلاف ڀٽڪندڙ شاعري سڏيو ويو جنهن نتيجي ۾ پليجي صاحب ھڪ مدلل تنقيدي جواب ۾رجعت پسندن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو.
مجموعي طور تي رسول بخش پليجي صاحب جي شخصيت تي گھري نظر وجھڻ کانپوءِ اھا صاف ۽ واضع ڳالهھ ثابت ٿئي ٿي ته سنڌ اڄ ھڪ وڏي تاريخ ادب سياست جي ڄاڻو مفڪر انسان کان محروم ٿي وئي آھي جنهن ڪري سنڌ جي ساڃاھ وند طبقي ۾ خال محسوس ٿئي پيو
اچو ته اڄ ان تاريخ جي ڪردار سان لفظن جي تعزيت ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس علمي سياسي ۽ شعوري لاٽ کي اڳتي وڌائڻ جو به وچن ڪريون.


سياست جو سج
عرفان منان
رسول بخش پليجو سياست جي دنيا جو اهو سورج آھي جنهن جي سوجهري سان سنڌ ۾ عوامي انقلابي ۽ قومي سياست ۾ روشني پيدا ٿي، ڦوھ جوڀن واري دلربا حياتيءَ کان وٺي جهور عمر تائين هي منفرد ماڻهو هڪ لمحو به جدوجهد ڪرڻ کان رهي نه سگهيو، پليجو صاحب پنهنجي ذات ۽ ڪردار ۾ سراسر جدوجهد، ڪوشش ۽ ڪجھ نه ڪجھه ڪرڻ جو حقيقي روپ لڳندو ھيو، هو اهڙي يونيورسٽي ۽ ادارو لڳندو هئو، جنهن ۾ ڪئين شعبا هُئا ۽ هرهڪ شعبي جي پنهنجي اهميت ۽ افاديت هوندي آھي.
هن انسان پنهنجي سڄي زندگي مسڪين طبقي جي ڦريل حقن کي واپس وٺڻ واري انوکي ويڙھ ۾ گذاري ،هن املھه انسان سنڌ جي قومي عوامي سياست ۾ نت نوان لاڙا پيدا ڪري سياست جي اهڙي سيج سجائي جنهن مٿان اهو طبقو اچي ويٺو جيڪو پنهنجي بنيادي حقن کان محروم هيو، هن سياست جي افق تي اهڙا ته چنڊ ۽ تارا لڳائي ڇڏيا جن جي روشنيءَ سان جوءِ جرڪي پئي، سنڌ جي قومي ۽ عوامي سياست جيڪا ڀوتارن وڏيرن مرشدن پيرن ميرن وٽ قيد ٿيل هئي ان کي وڏين ماڙين ۽ اوچن محلن مان ڪڍي جهانگين جي جهوپن، مارن جي منھن تي پهچائڻ وارو به پليجو صاحب ئي آھي، جنهن سياست جي اڳواڻي مٿيون طبقو ڪندو هيو عام ماڻهوءَ لاءِ ڄڻ ته سياست حرام ۽ ناجائز هئي،پر پوءِ جڳ ڏٺو ته ڪيئن ان سياست جي اڳواڻي وارو جهنڊو هيٺين طبقي جي مسڪين ماڻھن پنهنجي هٿ ۾ کنيون، جيڪا ڳالھه ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هئي،ان ۾ به پليجي صاحب جون محنتون شامل آھن،
هن هڪ اهڙي نج انقلابي نظرياتي پارٽيءَ جو بنياد وڌو جنهن پنهنجي قيام کان وٺي هن وقت تائين غير معمولي ۽ مثالي جدوجهدون پئي ڪيون آھن، هن جي ذھني، فڪري ۽ شعوري ڌارائن مان ڪيترائي شاگرد سيراب ٿي چڪا آھن، سندس ڏاهپ جي آويءَ مان هزارين خاص ڪري هيٺين طبقي سان واسطو رکندڙ نوجوان، مرد، عورتون، شاگرد، ننڍا وڏا ۽ پڪا پوڙھا پچي لال ٿيا آھن، سندس پارٽيءَ جو هر ڪارڪن علم سان هٿيار بند هئڻ سان گڏوگڏ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن کان منفرد لڳندو آھي،
رسول بخش پليجي جيڪو سياسي دڳ ۽ پيچرو ٻڌايو آھي ۽ انهيءَ تي هلڻ جو ڏس ڏنو آھي اهو به نرالو آھي، هن قومي ۽ طبقاتي نظريو ڏئي اهو منجهيل سُٽ سلجهايو آھي ته ويڙھ فقط هڪئي طريقي سان نٿي وڙھي سگهجي، پر ٻن ٽن مورچن تي سياسي ۽ نظرياتي طور هٿيار بند ٿي سوڀون ماڻي سگهجن ٿيون، عام طورتي ڏٺو ويندو آھي ته هڪ سياسي اڳواڻ فقط سياسي اڳواڻ تائين محدود هوندو آھي، ٻين پاسن جو هو پورائو ناهي ڪري سگهندو، پر پليجي صاحب اها اڻ ٿيڻي ڳالھه قبول نه ڪئي، هو هڪئي وقت مدبر سياسي اڳواڻ هجڻ سان گڏوگڏ تمام وڏو اديب، دانشور، وڪيل، شاعر، لطيف جو  پارکو، تاريخ، فلسفي، سائنس، مذھب جو ڄاڻو، موسيقي تي مهارت رکندڙ تقرير ۽ تحرير جو پڻ ماهر آھي،
پليجو صاحب انهن سڀني شعبن سان اهڙو ته نڀاءُ ڪيو آھي ڪهڙي ڳالھه ڪجي،ادب جي دنيا ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم تنقيد نگاريءَ جو هوندو هئو، پليجي صاحب سنڌي ادب ۾ بلڪل نرالي انداز سان صحيح ڪم ڪيو آھي،هن پنهنجي تيز تکي ۽ سگهاري قلم جي نوڪ سان انڌا اونڌا ويڄ ۽ سندي ذات هنجن. جھڙا شاهڪار ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ هڪ قسم جو انقلاب آڻي ڇڏيو.
انڌا اونڌا ويڄ ڪتاب نام نهاد رجعت پرست ٽولي بابت آھي، جنهن ٽولي سنڌي اديبن ۽ شاعرن تي هٿ ٺوڪيون ڪفر جون فتوائون جاري ڪيون هيون، ان ڪتاب ۾ پليجي صاحب وڏن دليلن ۽ تاريخي مثالن سان سمجهاڻيون ڏئي ان ٽولي کي اهڙي ته ادبي شڪست ڏني جو اهي ٻيهر مجال آھي جو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍن،سندي ذات هنجن. ڪتاب ۾ هن وري اهو ڀرپور ۽ شاندار نموني سان سمجهائڻ ۽ سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته حقيقي اصلي ۽ سچو پچو ادب ڪهڙو ۽ ڪيئن هوندو آھي، ۽ نام نهاد مايوس ڪندڙ ادب ڪهڙو هوندو آھي،پليجي صاحب جا اهي ٻئي ڪتاب هر هڪ ماڻهوءَ کي پڙھڻ گهرجن،سنڌي ادب جي جهول ۾ اهي ٻئي ڪتاب رکي پليجي صاحب سنڌي ادب جي نه وسرندڙ خدمت ڪئي آھي،
پليجو صاحب بنيادي طور تي مارڪسٽ آهي مارڪسزم کي به پليجي صاحب ڏاڍي سولائيءَ ۽ عوامي ٻولي ۾ سنڌ ۾ متعارف ڪرايو آھي. اسان جي سماج ۾ عورت کي ڏٺو ويندو آھي، پر پليجي صاحب سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وجهي ان خام خيالي کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ جي سياست جيڪا مَرد جي اثر هيٺ هئي، پليجي صاحب جو خيال هيو ته جيسين سنڌ جي سياست ۾ عورتن جو حصو نه هوندو تيسين سنڌ جي سُڌ، سمجھه ۽ سياست اڻپوري ۽ اڌوري آھي، سنڌ جي نج سادين ۽ ٻھراڙي جي عورتن سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان جدوجهدون هلايون لانگ مارچ ڪيون ۽ ايم آرڊي تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، عورتن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف، جلسا، جلوس ۽ سيمينار ڪرايا ته سالن کان وٺي مرداڻي سماج ۾ قيد بنيل عورتن جي ڳچين مان غلاميءَ جو طوق ٽٽندي نظر آيو، سنڌ ۾ اهڙي تنظيم کي منظم ڪرڻ ۾ به پليجي صاحب جي فڪر جو ڪمال آھي.
هاري ۽ مزدور طبقا سماج ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکن ٿا، جيڪڏھن اهي شعوري طور صحتمند هوندا ته انهن جي حقن جي  ڪڏھن به حق تلفي ڪونه ٿيندي، پليجي صاحب سنڌجي هاري ۽ مزدور کي سياسي سمجھه ساڃاھ جا ڪيئي سونهري سبق پڙھايا، اهو ئي سبب هيو جو هاري تحريڪ ۽ مزدور تحريڪ جو ڪارڪن جيڪو صرف هڪ يا ٻه درجا پڙھيل هيو اهو لطيف تاريخ دنيا جي انقلابن تي تز دليلن سان بحث ڪرڻ لڳو ۽ ايئن لڳندو آھي ته اهو عام هاري مزدور ڪنهن يونيورسٽيءَ مان پڙھي آيو آھي.
ڪنهن به قوم جو ٻار جيسين ذھني طور امير نه هوندو تيستائين اها قوم ترقيءَ جي راهن تي قدم رکڻ جي قابل نه بنجي سگهندي، ان اهم پاسي کي به نظر ۾ رکندي، پليجي صاحب سجاڳ ٻار تحريڪ جو بنياد وڌو، ان سجاڳ ٻار تحريڪ جو پتڪڙو ٻار جڏھن سياسي تعليم جي سند وٺي ميدان تي لٿو ته راڄن کي ڏندين آڱريون اچي ويون، ان سجاڳ ٻار تحريڪ جو پتڪڙو ٻالڪ ٻاتين ٻولين ۾ سياست سائنس شاعري ۽ فلسفي تي نهايت ئي باريڪ بيني سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائڻ جي سگھه رکندڙ آھن.
شاگرد قوم جو آئينو هوندا آھن، جيترو اهو صاف هوندو اوترو ئي قوم جو چهرو ڏسڻ ۾ چٽو لڳندو، پليجي صاحب سنڌي شاگرد تحريڪ جو وجود وجهي سنڌ جي شاگرد سياست ۾ اهڙي ته سڳنڌ پيدا ڪئي جو ساري سنڌ ان خوشبوءَ سان واسجي وئي،سنڌي شاگرد تحريڪ رڳو سياسي ميدان ۾ ڀڙ نه هئي پر ان سان گڏوگڏ اها پنهنجي تعليمي ميدان ۾ به الڳ اهميت رکندڙ هئي،سنڌي شاگرد تحريڪ جا شاگرد پنهنجي پنهنجي وقت جا ذھين ڊاڪٽر، انجينيئر، وڪيل، پروفيسر، جج ۽ وڏا آفيسر ٿي نڪتا، اهي سڀئي ڪارناما پليجي صاحب جي فڪري نظريي جا آھن، جنهن ان قسم جا ڪيئي ادارا جوڙي سنڌي قوم جي ماڻھن ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي، فڪري روح ڦوڪيو.
عظيم آدرشن جو خالق رسول بخش پليجو ھن وقت اسان کي کان وڇڙي ويو آھي، پر ان جو سدا حيات نظريو سنڌي قوم جي مظلوم محڪوم طبقي جي لئه مشعل راھ آھي. سندس نظريو ھزارين ماڻھن جي رھنمائي ڪندو.
آئي ننڊ نيڻن کي، اڏاڻا ارواح.
سڄڻ منھنجو ساھ، پھتو تو وٽ پل ۾.



رسول بخش پليجو
سندس وڇوڙو - عظيم دور جي پڄاڻي
علي ڏنو جروار
سنڌ جي عظيم انقلابي شخصيت، سياستدان، قانوني ماهر، علم ادب جي پارکو ۽ لطيف شناس رسول بخش پليجو جو وڇوڙو سنڌ واسين لاءِ ڪنهن سانحي کان گهٽ نه آهي. رسول بخش پليجو سنڌ جي علم، ڏاهپ، جدوجهد ۽ جاکوڙ جي آخري نشاني هو. سو به اسان کان وڇڙي ويو آهي. رسول بخش پليجو ۲۱هين فيبروري ۱۹۳۰ع تي جنگشاهي لڳ ڳوٺ مونگر پليجو ۾ علي محمد پليجو جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ ۽ ٺٽي ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي مان تعليم حاصل ڪيائين، ۱۹۵۳ع کان باقاعدگيءَ سان سنڌي هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد شروع ڪيائين. جڏهن ته ۱۹۷۰ع ۾ عوامي تحريڪ جو بنياد وڌيائين ۽ آخر تائين ان جو سربراهه رهيو.
سندس سڃاڻپ کاٻي ڌر جي هڪ مڃيل ساستدان واري هئي. هن ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ، سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون شايع ڪريو، ڪالا باڊع ڊيم تعمير نه ڪريو ۽ ايم آر ڊي جي ۱۹۸۳ ۽ ۱۹۸۶ وارين تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. زندگيءَ جا قيمتي ۱۱ سال جيل جون صعوبتون سٺائين. قيد دوران ڪوٽ لکپت جيل ۾ به ڪجهه عرصو ڪٽيائين. جتي ڊائري به لکيائين. هِن ’صبح ٿيندو‘، ’جيڪي بنگال سان ٿيو‘، ’انڌا اونڌا ويڄ‘، ’ڌڙارن جا ڌڪ‘، ’سندي ذات هنجن‘ ۽ ’ڪوٽ لکپت جيل جي ڊائري‘ سميت سنڌي ادب کي ۲۶ ڪتاب ارپيا. جن سنڌي ماڻهن ۾ تمام گهڻو سياسي شعور اجاگر ڪيو. رسول بخش پليجو ۱۹۸۸ع ۽ ۱۹۹۰ع وارين عام چونڊن ۾ ٺٽي ضلعي مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن به وڙهيو هو پر اتفاق سان ٻئي دفعا چونڊون هارائي ويو.
رسول بخش پليجو جا سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، محمد ابراهيم جويو، باچا خان، ولي خان، ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، جمال ابڙو ۽ ٻين ڪيترين ئي سياستدانن، ادبين توڙي شاعرن سان گهرا تعلق هئا. کيس ۷ پٽ ۽ ۴ نياڻيون آهن. علمي ادبي حوالي سان ڪهاڻيون به لکيائين ته شاعري به ڪيائين. جنهن ۾ سندس هڪ مشهور نظم جيڪو اڄ تائين مختلف سياسي سماجي ۽ علمي پروگرامن ۾ ڳايو به ويندو آهي ”جهان کي ڏيو مبارڪون، اسين پيا ڪاهيندا اچون“ رسول بخش پليجو ملڪي توڙي بين الاقوامي لحاظ کان علم، ادب، سياست ۽ قانون جو ماهر سمجهيو ويندو هو. سياسي حوالي سان سندس هڪ خاص سڃاڻپ هيءَ به رهي آهي ته هن سنڌ جي قومپرست، جمهوريت پسند ۽ سوشلسٽ سياست ۾ سنڌ جي عورتن کي عملي ميدان ۾ آندو. جن اڄ ڏينهن تائين پنهنجو ڀرپور ڪردار نڀايو آهي. رسول بخش پليجو جي تربيت ۽ صحبت سبب ۱۹۶۹ع ۾ اختر بلوچ کي ماڊل اسڪول حيدرآباد جي پارڪ تي ون يونٽ ٽوڙيو ۽ ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪريو تحريڪ جي سلسلي ۾ ٿيل بک هڙتال تي ويهاريو هو، جنهن ۾ ان وقت ڪامريڊ غلام محمد لغاري، لالا قادر ۽ ننڍي عمر وارو شاگرد اڳواڻ رفيق جروار اڳ ئي ويٺل هئا. مٿان وري اختر بلوچ جڏهن شامل ٿي ته تاريخ گواهه آهي ته اختر بلوچ جي هڙتال تي ويهڻ واري اعلان کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ تحريڪ تمام گهڻي تيز ٿي وئي هئي. ۽ آخرڪار وقت جي آمرن سنڌي ماڻهن جا اهي ٻئي مطالبا تسليم ڪيا. اهو سڄو ڪريڊٽ فقط رسول بخش پليجو ڏانهن وڃي ٿو ته هُن سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهري عورتن کي سنڌ جي حقن لاءِ هلندڙ جاکوڙ ۾ شريڪ ڪيو. رسول بخش پليجو جي سياسي ڪيريئر ۾ ڪجهه لانگ مارچ به شامل آهن، جن ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪارڪنن جو گهڻو تعداد عورت ڪارڪنن جو ئي هوندو هو. سندس پارٽي جي عورت ونگ ڪيتريون ئي نالي واريون عورت اڳواڻ پيدا ڪيون.
رسول بخش پليجو جي هڪ خوبي اها به هئي ته هو لطيف جو به تمام وڏو پارکو ۽ لطيف شناس هوندو هو. لطيف جي بيتن جي تمام بهتر انداز ۾ تشريح ڪندو هو ۽ سمجهاڻي ڏيندو هو. تنهن کانسواءِ اسٽيج تي جڏهن تقرير دوران لطيف جا سُر کاهوڙي، ڪاپڙي ۽ ٻين سُرن مان بيت پڙهندو هو ته سڄو پنڊال جهومي پوندو هو. اسانکي سندس پارٽي جي هڪ ڪارڪن ۽ سندس پراڻي ساٿي ڪامريڊ احمد خان لغاري ٻڌايو ته اسان جيپ ۾ حيدرآباد کان ميرپور بٺورو وڃي رهيا هئاسين. جڏهن هوسڙي ڪراس ڪئيسين پئي ته ان وقت کان هِن هڪ لطيف سائين جي بيت جي تشريح ڪرڻ شروع ڪئي، جيڪا جهوڪ شريف تائين جاري رکيائين. اهو بيت هي هو ته ” اُڀر چنڊ پس پرين، تو ويجها مون ڏور“
مطلب ته محترم رسول بخش پليجو سنڌ جي حقن لاءِ سڄي زندگي پاڻ پتوڙيندو رهيو ۽ جدوجهد ڪندو رهيو، هُن انهي ڳالهه جي ڪڏهن به ڪا پرواهه نه ڪئي ته انهيءَ جدوجهد جي رزلٽ ڪهڙي نڪرندي، ڪيترو نقصان ٿيندو، ايتري حد تائين جو جهدوجهد جي مرحلن دوران سندس هڪ بهادر ساٿي فاضل راهو جي به شهادت ٿي وئي پر پوءِ به هن پنهنجو سفر جاري رکيو. ايم آر ڊي جي ٻنهي تحريڪن ۾ سندس جماعت تمام گهڻو ڪم ڪيو. ايتري تائين جو انهي جدوجهد جي نتيجي ۾ اقتدار حاصل ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ لڪي ڀڄي ويندا هئا پر هِن تنظيم جا ڪارڪن سدائين روڊن، رستن تي عملي ميدان ۾ موجود هوندا هئا. آخر ۾ کيس هڪ سوشلسٽ شاعر جون سِٽون ارپيندي اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون آهن.
مان چاهيان ٿو منهنجي ڀومي مونکي سمجهي
پر جي مونکي نه سمجهيو ويو ته به خير آهي
آئون پنهنجن اباڻن پوٺن تان ايئن گذري ويندس
جيئن سانوڻي جي مند ۾ ترڇو مينهن



مٽي ان خمير، اصل ھئي ايتري
جامي چانڊيو
ڪير ويساههُ ڪندو ته رسول بخش پليجو هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. هڪ شخص، جنهن جي سموري حياتي هن دنيا کي بدلائڻ جا خواب ڏسڻ ۽ اُنهن جي ساڀيائن لاءِ ادب، فڪر ۽ سياست جي ميدانن تي گهڻ طرفي جدوجهد ۽ مزاحمت ۾ گذري، ان کان هيءَ دنيا يا هُو هن دنيا کان ڪيئن ٿو موڪلائي سگهي! رسول بخش پيلجو هڪ پوري دور جو انقلابي خيالن، ترقي پسند فڪري روايتن ۽ سياسي مزاحمتن جو اهڃاڻ ۽ استعارو هو. مون کي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ايتري گهڻ طرفي، متحرڪ ۽ بامقصد زندگيءَ جو ٻيو ڪو مثال نظر نه ٿو اچي. لطيف سائينءَ اهڙن ماڻهن لاءِ ئي چيو آهي ته: ”مٽي ان خمير، اصل هئي ايتري.“
هن وسيع ڪائنات ۾ انسان جي زندگي  ڏاڍي مختصر، محدود ۽ حادثاتي آهي. ماڻهن جي اڪثريت ان کي حيوانن وانگر گذاريو ڇڏي پر ڪي ماڻهو ان کي پنهنجيءَ ڏاهپ، پورهيي، جدوجهد، سورهيائيءَ ۽ غيرمعمولي ڪمٽمينٽ سان اهڙي ته معنيٰ، مقصديت ۽ ڪارج بخشين ٿا، جو اُها حياتي هڪ فرد جي وِٿُ نه پر سموري قوم ۽ سماج لاءِ بخت ۽ ڀاڳ ٿيو پوي. ويهين صديءَ ۽ ايڪويهين صديءَ ۾ سنڌ جي هڪ اهڙي سدا ملوڪ ۽ ٻهڳڻي شخصيت سائين رسول بخش پليجو جي هئي. جيڪڏهن سنڌ ۾ ويهين صديءَ ۾ ڪو ماڻهو سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، ادب، سياست ۽ ترقي پسند سماج لاءِ انيڪ بنيادي ميدانن تي غيرمعمولي ڏاهپ، علميت، فڪر جي يگانگت ۽ بي خوفيءَ سان مانجهي مڙس مٿير ٿي وڙهيو ۽ ڪڏهن به وِرچي نه ويٺو ته اهو رسول بخش پليجو هو، جنهن جي سوچَ ۽ لوچَ جا چِٽا نشان سنڌ جي گذريل ڇهن ڏهاڪن جي تاريخ تي ڏسي ۽ پَسي سگهجن ٿا، ان جي ساک ويهين صديءَ جي سنڌ جي تاريخ ڏيندي.
سَٺِ جي ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب ۾ رجعت پسنديءَ جي لهر اُڀاري، سنڌ ۾ روشن خياليءَ ۽ ان جي مَهندارن سائين جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ ٻين تي فڪري حملا ڪيا ويا ته ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۽ ٻين لکڻين ذريعي رسول بخش پليجي جو قلم ڪنهن فڪري ”جرنيل“ جيان وڙهيو. ون يونٽ جي قيام کانپوءِ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو وجود ميساريو ويو ته ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ رسول بخش پليجي بنيادي ڪردار ادا ڪيو. بزمِ صوفياءِ سنڌ ۾ هو سائين جي ايم سيد سان گڏ سيڪريٽري هو. ۴ مارچ جي جدوجهد ۾ شاگردن جي مالڪي ڪرڻ وارو ۽ کين اُتساهڻ وارو رسول بخش پليجو هو. سندس ڪهاڻي ”وَڍيو هُئين ته ويهُه“ ان جي عڪاسي ڪندڙ آهي. سنڌ ۾ ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ، زمينون نيلام ڪرڻ خلاف مزاحمتي تحريڪن جي مَهنداري شهيد فاضل سان گڏ پليجي صاحب ڪئي. ضياءَ جي خلاف ملڪ ۾ پهرين بغاوت ۽ مزاحمت پليجي صاحب ۽ شهيد فاضل راهو ڪئي ۽ ۱۹۷۹ع ۾ گولاڙچيءَ ۾ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن جي پاداش ۾ هو گرفتار ٿيو ۽ ست سال جيل ۾ رهيو، جنهن تي ايمنسٽي انٽرنيشنل کيس ”ضمير جو قيدي“ جو لقب ڏنو. ضياءَ خلاف ايم آر ڊيءَ جي تحريڪن سان گڏ پرويز مشرف دور ۾ ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪئنال خلاف جدوجهد ۾ پليجي صاحب جو بنيادي ڪردار رهيو. هن نه رڳو وسيع تر، لڳاتار ۽ غير معمولي جدوجهد ذريعي ڪالاباغ ڊيم کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو پر سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻيءَ جي تڪرار تي تحقيقي دستاويز انگريزيءَ ۾ لکي سنڌ جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪيو. گذريل ڇهن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ اهڙي ڪابه جمهوري، قومي ۽ طبقاتي يا سامراج دشمن ترقي پسند جدوجهد ناهي هلي، جنهن ۾ پليجي صاحب جو بنيادي ڪردار نه رهيو هجي. هڪ مفڪر، اديب ۽ نقاد جي حيثيت ۾ پڻ پليجي صاحب جا ڪم ۽ ڪارناما غيرمعمولي آهن. هن جا نه رڳو افسانا، مضمون ۽ ترجما شاهڪار آهن پر سنڌي ادب ۾ ترقي پسند فڪري تنقيد جي بنياد وجهندڙن مان پليجو صاحب خاص حيثيت رکي ٿو. ”انڌا اونڌا ويڄ“، ”سَندي ذات هنجن“، “کنڊهر” جهڙا بي مثال ادبي تنقيد جا شاهڪار سندس ئي قلم مان سِرجيا آهن، اِهو ئي سبب آهي جو هن کي سندس استاد محمد ابراهيم جويي سنڌي نثر جو لطيف ۽ سنڌي ادب جو ترگنيف سڏيو آهي. فڪري پختگيءَ، فني همه گيريت سان گڏ ٻوليءَ جي ”ڪاٽَ“ جيڪا رسول بخش پليجي جي ٻوليءَ ۾ ملي ٿي، ان جو سنڌي ادب ۾ ٻيو ڪو مثال نٿو ملي. فڪري جنگ جي ميدان تي ٻوليءَ کي هن هميشه زبردست تخليقي هٿيار طور ڪم آندو آهي.
هڪ مفڪر ۽ اسڪالر طور رسول بخش پليجي جهڙو وسيع مطالعو رکندڙ اسڪالر مون پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نه ڏٺو. هن جو مطالعو نه رڳو وسيع، پر تمام گِهرو ۽ گهڻ طرفو به هو. مان سڄي ڄمار سنڌ ۽ ملڪ جي سمورن وڏن دانشورن، مفڪرن ۽ اديبن سان اُٿيو ويٺو آهيان، پر ايڏو وسيع ۽ گهڻ طرفو مطالعو مون کي پاڪستان ۾ ٻيو ڪنهن شخص جو نه ٿو سُجهي. ادب، شاعري، جنگ، تاريخ، اسلام، مذهب ۽ انقلابن جي علم جي سنڌ ۽ ملڪ ۾ ڪا جيئري انسائيڪلوپيڊيا هو ته اُهو رسول بخش پليجو هو. هو ئي هو جنهن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ سائين جي ايم سيد جي لطيف تي ابتدائي ڪم کان پوءِ لطيف شناسيءَ کي نئين فڪر تحت اؤج تي رَسايو. افسوس جو هو ان تي لکي نه سگهيو پر پوءِ به لطيف تي هن جا سوين ليڪچر ۽ تقريرون رڪارڊ تي موجود آهن ۽ لطيف تي تحقيق ڪندڙن لاءِ بنيادي ماخذ طور ڪم اينديون. جيتوڻيڪ رسول بخش پليجي جون علمي، ادبي، فني، فڪري، سياسي ۽ شخصي سڃاڻپون انيڪ آهن پر مان هن سان پاءُ صديءَ زندگي گڏ گذارڻ کانپوءِ سمجهان ٿو ته هو بنيادي طور هڪ انقلابي آهي ۽ ادب، فڪر ۽ سياست هن لاءِ انقلابيت جي اظهار جا ميدان آهن. پليجي صاحب جي ”انسان سازيءَ“ جي صلاحيت به غيرمعمولي آهي. جيترا پُختا، سمجهه ۽ اڻ ورچ نظرياتي ڪارڪن پليجي صاحب سنڌ ۾ پيدا ڪيا، اُن جو ملڪ ۾ ٻيو ڪو مثال ڪونهي. اڄ اُهي جنهن به شعبي ۾ ۽ جتي به آهن، اُنهن جو ڪردار فخر جوڳو آهي. مون کي خوشي ۽ فخر آهي ته منهنجي زندگيءَ جا لڳ ڀڳ ۲۵ سال هن غيرمعمولي انسان جي صُحبت ۾ گذريا ۽ جيڪا سمجهه، شعور ۽ علميت مون کي سائين جويي صاحب ۽ پليجي صاحب جي صُحبت ۾ ملي، اُها شايد دنيا جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ مان نه ملي سگهي ها. هن سان گڏ هزارين سفر ۽ اڻ ڳڻيون رهاڻيون ۽ بحث مون لاءِ زندگيءَ جو وڏو سرمايو آهن. سياسي لاها چاڙها ۽ فڪري اختلاف زندگيءَ جو حصو آهن ۽ اسان جي وچ ۾ به رهيا پر ۱۹۸۶ع ۾ جيڪو دلي سٻنڌ هن سان جُڙيو هو، اُهو سندس زندگيءَ جي آخري پل تائين ساڻس قائم رهيو. تازو آخري ڀيرو اسپتال وڃڻ کان چند ڏينهن اڳ هو دوست ساڻ ڪري هميشه جيان اوچتو مون سان ملڻ لاءِ گهر اچي سهڙيو، مان اُتي نه هئس ته وري اُتان سڌو منهنجي آفيس آيو، اُتي به مان نه هئس ته نياپو ڇڏي ويو. هو عجب ماڻهو هو، هن جو محبتن ۽ حُجتن جو پنهنجو اندازو هو. لطيف اهڙن ماڻهن لاءِ ئي چيو آهي ته:
ڪَڏِهِن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏِهِن کُلَنِ دَرَ دوسَ جا
ڪَڏِهِن اچان، اچڻُ نه لَهان، ڪَڏِهِن ڪوٺِيو نِينِ
ڪَڏِهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏِهِن ڳُجهاندَرُ ڳَرَهِينِ
اِهِڙا ئِي آهِين، صاحِبَ! مُنهِنجا سُپِرِين
ٻئي ڏينهن ۲۱ اپريل تي مان وٽس ويس. هو مون کي ڊگهي وقت کانپوءِ بيحد چُست، حاضر دماغ ۽ خوش نظر آيو. هن تازو طارق عليءَ جو لينن بابت ڪتاب پئي پڙهيو. اسان جي تمام ڊگهي علمي، ادبي، فڪري ۽ سياسي ڪچهري ٿي. مان هن جو اُتساهه ڏسي حيران پئي ٿيس. هن وٽ ماضيءَ بجاءِ رڳو آئيندي جون ڳالهيون هيون، مايوسيءَ بدران ڪجهه ڪرڻ ۽ اُتساهه جون ڳالهيون هيون. هن سموري زندگي ڪنهن به قوت ۽ ڏاڍ آڏو ذهني، فڪري، احساساتي، ادبي ۽ سياسي گوڏا نه کوڙيا هئا، سو هو هن ڀيري به تاريخ جي جبر آڏو گوڏا کوڙڻ لاءِ تيار نه هو. ماڻهن کي شايد اها خبر نه هجي ته هو زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين روزانو روس، چين، ڪيوبا ۽ ٻين ملڪن جون اخبارون ۽ فڪري تجزياتي مضمون پڙهندو هو. هن جو ڪمال اهو هو ته هن ڪڏهن به پاڻ کي مقامي سطح جو نه ماڻهو سمجهيو ۽ نه پنهنجي سوچ، فڪر ۽ عمل جي دائري کي محدود ڪيو. هو عالمي انساني سماج بابت هڪ انقلابيءَ وانگر سوچيندو هو ۽ هو سنڌ ۾ وطن دوستيءَ، پورهيت دوستيءَ ۽ عالمي سياست جي ڌارائن جو فڪري مرڪب هو.
رسول بخش پليجو اندر ۾ مڪمل طور هڪ آزاد ماڻهو هو، هن ڪڏهن به ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ته هن جا خيال ۽ عمل ماڻهن ۽ هن جي دور کي پسند به ايندا يا نه. جيتوڻيڪ هن جي اهڙي بي پرواهه مزاج سياسي طور نقصان به ڏنا پر هو مڪمل طور هڪ پنهنجي سوچ تحت هلڻ وارو ماڻهو هو. هن پنهنجي اندر جي ٻار کي ڪڏهن به مرڻ نه ڏنو. آخر تائين حيرت هن مان نه وئي، ٻار بي خوف هوندا آهن، هن ۾ خوف گهر ڪري اهو ممڪن ئي نه هو ۽ هميشه چوندو هو ته خوف سان مقابلو ڪري ان کي مات ڏيڻ اصل سورهيائي آهي. ٻين انيڪ ڪارنامن سان گڏوگڏ عورتن کي سياسي جدوجهد جي ميدان تي لاهڻ جي روايت سنڌ ۽ پاڪستان ۾ پليجي صاحب وڌي. سنڌ جي سياست کي محدود فڪري ۽ سياسي دائرن مان ڪڍي ملڪ گير بڻائڻ ۾ سندس وڏو هٿ رهيو. هو هميشه ملڪ جي مظلوم طبقن ۽ قومن جي وسيع تر گڏيل جدوجهدن لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. سنڌ ۽ ملڪ ۾ علم ۽ سياسي عمل جو اهڙو آرٽسٽڪ ۽ حَسين امتزاج پليجي صاحب کانسواءِ وِرلي نظر ايندو. ساڳيءَ طرح هن سنڌي ادب کي عالمي ادب سان ۽ سنڌ جي سياسي فڪر کي عالمي فڪري ترقي پسند ۽ انقلابي ڌارائن سان ڳنڍڻ لاءِ سڄي ڄمار قلم، سياست ۽ علم ذريعي بي مثال جاکوڙ ڪئي.
رسول بخش پليجي جي زندگي، جدوجهد، فڪر، ادب ۽ علم جي ڪارنامن ۽ پنڌ تي نظر وجهجي ٿي ته ماڻهوءَ کي حيرت ٿئي ٿي. هڪ حياتيءَ ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن آهي؟ وڏن وڏن ماڻهن کي موت جو خوف ڊاهي وجهندو آهي. مون پليجي صاحب سان ۳۲ سالن جي بِنهه ويجهي تعلق ۾ ٺهيو پر سندس آخري ڏينهن ۾ به ڪڏهن هن کي موت کان خوف ته پري جي ڳالهه، پر موت جو ذڪر ڪندي به نه ڏٺو. هن جو پنهنجي ماديت پسند، انقلابي، سماجوادي ۽ سيڪيولر فڪر تي پختو ۽ غيرمعمولي ويساهه هو، جنهن ۾ ڪڏهن هڪ لمحي لاءِ به لرزش نه آئي. اڄ پليجي صاحب جي لاڏاڻي تي مون کي ادي زاهده شيخ بيحد ياد اچي رهي آهي، جنهن جيئن پليجي صاحب سان نڀايو، ان جو مثال افسانن ۽ ناولن ۾ ته ملي سگهي ٿو، پر عملي زندگيءَ ۾ نٿو ملي سگهي. هو سگهارو ماڻهو هو، ڏک جو اظهار نه ڪندو هو، ان کي عيب سمجهندو هو، پر هو انسان به هو، مون کي لڳي ٿو ته ادي زاهده جي لاڏاڻي کانپوءِ هو به اُن پار هليو ويو، جتي سچل جي زباني ”وجود“ بس ”خيال“ ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. رسول بخش پليجو ايندڙ زمانن تائين سنڌ لاءِ اتساهه ۽ سُونهائپ جي علامت طور زندهه رهندو. لطيف هن لاءِ ئي چيو آهي ته:
ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سُئي نه ٻُڌي،
پاسا مٿي پاهڻين کاهوڙي کوڙين،
وِڄا اُتِ ووڙين جِت نهايت ناهه ڪا. (لطيف)


رسول بخش پليجو لڙڪن ۽ سڏڪن سان مٽي ماءُ حوالي، هزارن ماڻهن پاران سرخ سلام پيش
ٺٽو (ڊ ر) سنڌ جي مهان ڏاهي دنشور سياستدان رسول بخش پليجو جي جنگشاهي ڀرسان ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ کيس هميشه لاءِ درتي ماءُ جي هنج حوالي ڪوي ويو، جنازي نماز مولوي سيامين جمالي پڙهائي جنهن ۾ سڄي سنڌ کان آيل هزارين ماڻهن سان گڏ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جنازي کي مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ کان اڳ عوامي تحريڪ عورتن ۽ مردن ڪارڪنن پليجي صاحب کي سرخ سلاف پيش ڪري لرڪن سڏ ڪن جي ڀيٽا ڏني لاش کي قبر ۾ هيٺ لڙڪن سڏن جي ڀيٽا ڏني لاش کي قبر ۾ هيٺ لاهڻ وقت انتهاي جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا جڏهن ته سوين ماڻهو اوچنگارائي ڏيئي روئيندا رهيا پليجي صاحب جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ عبدالخالق جوڻيجو ڊاڪٽر قادر مگسي، گل محمد بکراڻي جامي چانڊيو اسماعيل راهو ڊاڪٽر فتح برفت ڊاڪٽر بيکارام، اظهر جتوئي، وسعت الله خان امداد چانڊيو، مشتاق ميراڻي خالد کوکر، لالا رحمان سمون امداد چانڊيو، مشتاق ميراڻي،خالد کوکر ناز سهتو مشتاق ميراڻي ۽ ٻيا موجود هئا، جڏهن ته ٿر کان آيل تمام وڏي تهداد ۾ عورتن ۽ مردن به پليجي صاحب جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي.

(ڏيھاڙي عبرت ۰۹ جون ۲۰۱۸ع تان ٿورن سان کنيل)



تو کي تاريخ جو رت جهڙو ريٽو سلام
نذير سومرو
اڪيلو آءٌ ڪو نه، اڄ هر ڪالم نگار جي ساڳي ئي ڪيفيت هوندي ته هو پليجي صاحب تي ڪالم لکي پر ان کي عنوان ڪهڙو ڏئي؟ هو ڪيترا ئي عنوان لکي ڊاهيندو ۽ وري لکندو ... آخر مطمئن ڪونه ٿيندو ۽ لکڻ ويهندو. ساڳي ڪيفيت اڄ فيس بوڪ تي اسٽيٽس رکڻ دوران ڏٺي ويئي. ته پوءِ جنهن شخصيت لاءِ عنوان ڪونه ملن، عنوان لڀي وڃي ته ان جي نڀاءَ لاءِ لفظ ڪونه ملن اهو ڪيڏو وڏو ماڻهو هوندو ان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پليجي تي ڪجهه لکجي يا ان جي وڇوڙي جو ڏک ڪجي، اهو ڏک جيڪو لکڻ به نه ڏئي ۽ ويهڻ به نه ڏئي. وري جيڪڏهن لکڻ ويهجي ته اهو ساڳيو ئي ڏک ڪي لفظ ڳولهڻ ۾ رنڊڪ وجهي .... ته پوءِ ان تي ڪيئن لکجي؟، ”ڪنهن پر روئان پرينءَ کي، روئي نه ڄاڻان“
آخري فيصلو نه ته مون کي ڪرڻو آهي نه وري ڪنهن فرد واحد کي، آخري فيصلو تاريخ کي ئي ڪرڻو آهي ۽ ان کي ئي ڪرڻ گهرجي ڇو ته لطيف جيڏو وڏو ماڻهو اها ڳالهه فيصلائتي انداز ۾ هيئن ڪري ويو آهي ته ”انهن جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري“ يعني وقت ئي آخري فيصلو لکي تاريخ کي پڙهڻ لاءِ ڏيندو ته ان گهڙي جڏهن هن کي سوريءَ چاڙهيو ٿي ويو، سڀني اهو ئي سمجهيو هو ته هي ڏوهي آهي پر صدين کان پوءِ، سالن کان پوءِ وقت پڌرو ڪيو ته سڀ غلط هئا هي ئي صحيح هو.
حافظ چيو آهي ته مون دنيا جون سڀ ڳنڍيون کوليون آهن پر موت جي ڳنڍ مون کان نه ٿي کلي. ها اها ڳنڍ ڪنهن کولي ناهي ڏٺي پر تاريخ ۾ جيئندڙ ماڻهو اها ڳنڍ کولي وڃي ٿو ۽ ماڻهن کي سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته موت نظر جو دوکو آهي ٻيو ڪجهه ڪونه. هلو ڪجهه گهڙين لاءِ مڃيوسين ته موت اسان کا پليجو کسڻ ۾ ڪامياب ويو آهي پر انهن دلين مان پليجو ڪير ڪڍي سگهندو جيڪي هن جا ليڪچر ٻڌي ڌڙڪنديون هيون، اهو فيصلو ڪري نه سگهبو هو ته هن جي انداز بيان تي ڌيان ڏجي يا هن جي دانش جي ڇوليون هڻندڙ سمنڊ تي؟ دليلن تي ڌيان ڏجي يا اُهي ٻڌي اچرج ۾ پوڻ تي... هن جي سدا لاءِ حالت جنگ ۾ هجڻ تي کيس جس ڏجي يا هن جي مطالعي تي ئي حيران رهجي. سنڌ ۾ پهريون دفعو سنڌ جي وقار ۽ عظمت لاءِ نياڻين کي ڀرپور نموني سنڌي قومي ڌارا ۾ شامل ڪري سنڌ کي سياسي اڌ رنگ (فالج) مان ڪڍڻ ۽ ان عمل جي شروعات پنهنجي خاندان مان ڪرڻ واري اعزاز تي کيس سلام ڪجي يا....... ته پوءِ حوصلن جي هماليه ۽ ڪروڌ جي ڪي ٽو کي موت اسان کان ڪيئن کسي سگهندو؟
مون جڏهن سوشل ميڊيا تي اها تصوير ڏٺي جنهن ۾ پليجي صاحب جي منهن تي اڇي چادر پيل هئي تڏهن منهنجي ڪيفيت بلڪل ان سين جهڙي هئي جيڪا مصطفى عقد جي هدايت ڪاريءَ ۾ ٺهندڙ فلم ميسيج ۾ هئي جڏهن مڪي جو هڪ شهري پنهنجي زال کي فتح ٿيندڙ مڪي کي ڏسي چوي ٿو، ”مڪه هيز بن ٽيڪن“ (مڪو اسان کان کسجي چڪو آهي) يا وري ٽائيٽنڪ فلم جي اها سين جنهن ۾ هن مهان ٻيڙي کي ٺاهيندڙ انجنيئر ٻيڙي جو نقشو هارائيندڙ منهن سان ڏسي رهيو هو. مون ان چادر هيٺان هن عظيم سپهه سالار لاءِ پنهنجي هارائيندڙ منهن سان اهو ئي چيو ” پليجو صاحب اسان کان کسجي چڪو“...پر جنهن کي ڏسي اهو يقين جنم وٺي ته ماڻهو ئي تاريخ جي ڌارا کي ڦيرائيندو آهي اهو پليجو مونکان ۽ ڪروڙين سنڌين کان ڪيئن ٿو کسجي سگهي.
جيڪو جڏهن ڳالهائي ته لفظ غلام ٿي ان جي زبان تي اچڻ لاءِ آتا هجن، هو لفظ ڪونه ڳولهي پر لفظ اعزاز سمجهي ٻڌا ٻانها ٿي بيهن اهو پليجو ڪيئن ٿو کسجي سگهي.
مان ڪيتري وقت کان اهو سوچيندو رهندو آهيان ته آخر پليجي صاحب جا تمام گهڻا پاسا ايترا سگهارا آهن پر سڀ کان وڌيڪ رِچ (شاهوڪار) پاسو ڪهڙو آهي هو سٺو وڪيل آهي، فلاسافر آهي، لطيف جو پارکو آهي مٺڙي مصطفى جو غلامِ مصطفى آهي، مارڪس جو پيروڪار آهي، لينن جي نظرئي تي هلندي پنهنجي قوم جي ٻيڙي وچ سير مان ڪڍندڙ ڪميونسٽ آهي، مائو جي واٽ جو پانڌيئڙو آهي. هوچي منهه صرف هوچي هو هن کي جنرل جياپ جهڙو ٻيو مها انسان مليل هو پر هي ته پاڻ هوچي ۽ جياپ (گڏ) آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ ته هو وڏو باغي آهي ۽ سماج کي سامهون ”نه“ ڪري سگهندڙ انڪاري آهي.
منهنجي نظر ۾ پليجي صاحب جو سڀ کان وڏو ڪارنامو هڪ وقتائتو فيصلو ڪري يو پي سي پي ميڊ ڪميونزم جي ڄار کان سنڌ کي بچائڻ هو جنهن جو پورو پورو انتظام ڪيو ويو هو. پليجي صاحب ڪميونزم ۾ قوم پرستيءَ جي پيوندڪاري ڪئي جنهن کي ڪميونزم جو چهرو مسخ ڪرڻ برابر قرار ڏنو ويو. ان کان پوءِ نئون ڊرامو، اسٽالن کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٽراٽسڪائيت جي راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي جنهن کي به هن مرد مجاهد ناڪام بڻايو. سوويت يونين جي ٽٽڻ کي ڪميونزم جو موت (هار) قرار ڏيئي ڪيترن اڻپورن ڪميونسٽن ۾ ايتري ته ويڳاڻپ آئي جو هو نظرئي کي گاريون ڏيڻ لڳا هتي به پليجو صاحب ثابت قدم رهيو نه صرف ايترو پر هن چيو ته ڪميونزم سان غداري ٿي آهي ٻيو ڪجهه به نه.
رڳو نقلي ڪميونسٽ ڪونه، مذهب وڪڻندڙ ملو جڏهن اصليت تي لهي آيو ته سنڌ جو ڪوبه اهڙو اديب ڪونه هو جيڪو انهن کي دليلن سان اهڙو جواب ڏئي جو هو خاموش ٿي وڃن هتي به هي مڙس ماڻهو اڳتي وڌيو انهن کي آئينو ڏيکاريائين اهو آئينو اڳتي هلي ڪتابي شڪل ”انڌا اونڌا ويڄ“ جي صورت ۾ ڇپيو.
هاڻي هو اسان ۾ ڪونهي، اهو آواز جنهن بهارين جي آبادڪاريءَ لاءِ ماحول ٺاهيندڙ ڪانفرنس ۾ ان جملي ”اسان فيصلو ڪري ڇڏيو“ تي ان وقت جي فرعونن/نمرودن کي هڪ تقرير سان چپ ڪرائي سندن خواب چڪناچور ڪري ڇڏيا. اهڙيون ئي ڪانفرنسن جو فاتح اسان ۾ ڪونهي تڏهن سندس ڪمي محسوس ڪندي سوچيان ٿو ته سنڌ لطيف کان پوءِ اسان کي پليجو ڄڻي ڏنو. اها ڳالهه انتهائي جوابداريءَ سان ڪري سگهجي ٿي ته لطيف ۽ پليجي جي وچ ۾ ڪيترا ئي وڏا انسان پيدا ٿيا پر ڪوبه لطيف ڪو به ٿيو ۽ ڪونه پليجو ڪونه ٿيو. انسان ته ڪيترا ئي ڄمندا، مرندا پر پليجو ڪٿان ايندو صدين جي مهي ولوڙ کان پوءِ ڪو ئي پيدا ٿيندو آهي ته پوءِ....................
سسئيءَ جهڙي نماڻي سنڌ جا اوچا ليڊر توکي تاريخ جو رت جهڙو ريٽو سلام.


عظيم ڏاهو
نعيم ملڪ
ڪي ڪي ماڻهو اهڙا ته املهه ماڻڪ هوندا آهن جيڪي تاريخ ۾ اهڙا روشن مينار هوندا آهن جنهن جي روشني ۾ وقت جا دانشور پنهنجا پيچرا ٺاهيندا آهن، جن تي ڌرتي ناز ڪندي آهي، جن تي عوام فخر ڪندو آهي. انهن تاريخ ساز شخصيتن مان عظيم ڏاهو رسول بخش پليجو به آهي، جيڪو اڄ اسان وٽ ناهي رهيو، رسول بخش پليجو تمام گهڻي رخي شخصيت هئي، هو هڪ ئي وقت سٺو ڪهاڻيڪار، زبردست نقاد، نثرنگار، نثري نظم جو شاعر، سپريم ڪورٽ جو وڏو وڪيل، زبردست مقرر، اديب، بي مثال سياستدان، تاريخ جو ڄاڻو، سماجي پرک رکندڙ، حال تي مستقبل بابت پيشنگويون ڪندڙ، سماجي سائنس جو ڄاڻو، عورتن جي حقن جو علمبردار، قومپرست، جدلياتي علمن جو ڄاڻو سميت رسول بخش پليجو کي گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا سان گڏ کيس انيڪ حوالن سان سڃاتو وڃي ٿو.
ڪنهن پئي ڄاتو ته جنگشاهي ويجهو ضلعي ٺٽي جي ڳوٺ منگر خان ۾ تاريخ ۲۰ جنوري ۱۹۳۰ع تي علي محمد پليجي جي گهر مان ٻَريل هيءُ ڏئيو سج جي روشني بڻجي آڪاش تي اهڙو نروار ٿيندو جو سڄي دنيا سندس علم، عقل، ادب، ڏاهپ ۽ تاريخ شناسي جا متعرف ٿيندي، رسول بخش پليجي قرآن شريف جي تعليم مقامي مدرسي مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ کيس ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان هن جي علم جي اڃ اجهامي نه سگهي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ هن کي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي ٻين استادن سان گڏ محمد ابراهيم جويو، هن جو استاد هو، پليجو صاحب محمد ابراهيم جويو کان گهڻو متاثر هو، ۱۹۴۶ع ۾ محمد ابراهيم جويو سيو سنڌ، سيو ڪانٽينينٽ (سنڌ بچايو کنڊ بچايو) شايع ڪرايو ته سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ تڏ هوڪي تعليم جي وزير جڏهن محمد ابراهيم جويي جي سنڌ مدرسته الاسلام مان نوڪري ختم ڪئي ته رسول بخش پليجي پنهنجي محترم استاد ابراهيم جويو جي ويجهي ٿي ويو، استاد شاگرد وارو اهو رشتو پوءِ دوستي ۾ تبديل ٿي ويو، جيڪو محمد ابراهيم جويي جي وصال تائين جاري رهيو، هيڻائپ ۽ طبيعت جي ناسازي سبب به رسول بخش پليجو سڀ کان پهريان ابراهيم جويو جي تڏي تي پهتو ۽ سندس ڪفن دفن ۾ شامل رهيو.
رسول بخش پليجو بهتر انگريزي دان هو، هو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انگريزي ۾ وڏو عرصو مترجم طور ڪم ڪندو رهيو، هڪ ڀيري ناليوارو وڪيل ۽ شاعر شيخ اياز هن وٽ ڪجهه ڪيس ترجمو ڪرائڻ لاءِ کڻي آيو، شيخ اياز رسول بخش پليجي کان ايترو متاثر ٿيو جو پوءِ ٻئي ڄڻا جنم جنم جا ڄڻ ساٿي بڻجي ويا ۽ هر ادبي، سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ گڏ گڏ رهيا. بعد ۾ رسول بخش پليجو سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان ايل ايل بي ڪري وڪيل ٿي ويو ۽ وڪالت جي شعبي ۾ اهڙو مشهور وڪيل ٿي ويو جو سندس مخالف به سندس دليل ٻڌي دنگ رهجي ويندا هئا.
ادب سان چاهه سبب هي سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو رشيد ڀٽي، شيخ اياز، نجم عباسي، سوڀي گيانچنداڻي جي صحبت ۾ اچي هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. هو تمام سٺو ڪهاڻيڪار هو، هن جي ڪهاڻين جو مجموعو ”پسي ڳاڙهاڳل“ شايع ٿيو.
رسول بخش پليجي جو هڪ پاسو صحافت وارو به هو، هن ۱۹۷۰ع ۾ ”تحريڪ“ رسالو جاري ڪيو جنهن جا ايڊيٽر قاسم پٿر ۽ عالم شاهه هئا، جيتوڻيڪ اهو رسالو هميشه سرڪاري عتاب هيٺ رهيو جتي روج رهاڻ ۽ ٻيا رسالا بند ٿي ويا ۽ هي رسالو بندشن کي منهن ڏيڻ باوجود جاري رهيو.
سنڌي ادب ۾ هميشه کان وڏو خال تنقيدي ادب جو رهيو آهي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل کانپوءِ سنڌي ادب ۾ وڏو ادبي نقاد رسول بخش پليجو رهيو، هن تنقيدي ادب کي ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۽ ”سندي ذات هجن“ جهڙا تنقيد جا ڪتاب ڏنا.
۱۹۹۴ع ۾ منهنجي حيدرآباد ۾ ڪرايل هڪ پروگرام ”استاد بخاري جي سالگرهه“ ۾ رسول بخش پليجو خاص مهمان هو، جڏهن ته صدارت حاڪم علي شاهه ڪئي هئي، جنهن ۾ هن استاد بخاري ۽ ويهين صدي جي ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ لاڳيتو سوين شعر بر زبان پڙهندو رهيو ۽ آخر ۾ چيائين ته استاد بخاري ئي ويهين صدي جو وڏو شاعر آهي، جيتوڻيڪ ان بعد مٿس تنقيد به ٿي پر هن جي دليلن اڳيان ڪير به بيهي نه سگهيو. هن ادبي تنقيد تحت سائين جي ايم سيد جي ٻن ڪتابن ”پيغام لطيف“ ۽ ”جيئن ڏٺو مون“ جيتوڻيڪ ادب ۾ سائين جي ايم سيد جا شاهڪار ڪتاب مڃيا وڃن ٿا، انهن تي به هن مثبت ادبي تنقيد ڪري تنقيدي ادب ۾ پاڻ ملهايو هو، تنقيدي ادب دراصل ڪنهن عالم جي ادبي اڏام کي پرکڻ جو هڪ ذريعو هوندو آهي.
رسول بخش پليجي کي سنڌ گهڻو اڳ سڃاڻي چڪي هئي پر سندس اصل سڃاڻپ ۴ مارچ جي شاگردن جي مالڪي ۽ همت افزائي ڪرڻ هئي.
هي سنڌ جي عوام جي دلين ۾ تڏهن گهر ڪري ويو هو جڏهن پاڻ ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏجي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ نمايان حصو ورتو، هن گهر گهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ وڃي ون يونٽ جي نقصانن بابت سنڌ جي عوام کي آگاهي ڏني، غلام محمد بئراج ٺهڻ کانپوءِ سنڌ جون زمينون ڌارين کي ڏيڻ تي به هن سنڌ جي هر پليٽ فارم تان پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، توڙي جو سندس تحريڪ ۾ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ غلام محمد، قاضي فيض محمد سميت سنڌ جا ڪيترائي اديب سندس حمايت ۾ اٿي بيٺا، جنهن ڪري ون يونٽ جو خاتمو پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي ٿيو، ۱۹۶۸ع ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد ”بزم صوفياءِ سنڌ“ قائم ڪئي ته سائين جي ايم سيد ان جو صدر ۽ رسول بخش پليجو سيڪريٽري هئا. انهيءَ تنظيم جو بنيادي مقصد سنڌي قوم جو جديد تصور پيش ڪرڻو هو، جيتوڻيڪ ان دور ۾ سائين جي ايم سيد سياست کان ڪناره ڪشي جو اعلان ڪري چڪو هو ۽ سياسي پارٽين کي به ايوبي آمريت ۾ هلڻ نه پئي ڏنو ويو، سنڌي عوام کي سياسي شعور ڏيڻ واري ان مهم ۾ شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويو سندن ٻانهن ٻيلي ۽ مددگار هئا.
انهي ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته رسول بخش پليجو حقيقي قومپرست هو، هو سنڌ تي آيل ڪنهن به ڏکي وقت سنڌ جي عوام سان گڏ رهيو پوءِ اها سنڌ مان بدامني جي خاتمي لاءِ هجي، ڪالا باغ ڊيم جي خاتمي، ٿل ڪئنال، چشما جهلم لنڪ ڪئنال لاءِ هجي يا سنڌ مان خانگي جيلن جي خاتمي، بانڊيڊ ليبر، سنڌ مان غير قانوني طور سرڪاري زمينن جي نيلامي هاري ڪانفرنسون ڪوٺائي هارين جي حقن لاءِ علم بلند ڪيو، هي عورتن جي حقن ۾ وڌيڪ آواز بلند ڪرڻ وارن ماڻهن مان هو، ان ڪري هن پنهنجي سياسي پليٽ فارم تان سنڌياڻي تحريڪ جي نالي تي هڪ ذيلي تنظيم قائم ڪري عورتن کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ همٿايو، هن جو چوڻ هو ته عورتن کي مرد جي ڀيٽ ۾ برابري جا حق ڏيئي صنفي متڀيد ختم ڪئي وڃي، عورتن کي ڪمزور سمجهي انهن سان ظلم بند ڪيو وڃي، هن جو چوڻ هو ته عورتن کي شرعي ۽ قانوني طور پسند جي پرڻي جو حق حاصل آهي ته پوءِ ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم ڇو؟.هن جو اهو به چوڻ هو ته حڪومتن ۾ ۽ بيوروڪريسي ۾ عورتن کي اڳيان آندو وڃي ته بدامني ۽ ڪرپشن جو خاتمو اچي ويندو، هن ۱۹۸۶ع ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وڌو، جنهن جي پهرين صدر شهناز راهوجو هئي.
رسول بخش پليجو فڪري طور ڪارل مارڪس ۽ مائوزي تنگ جو حامي هو، ان ڪري هن جي سياست ۽ سوچ جو محور کاٻي ڌر جو رهيو، هي انهن ماڻهن مان آهي، جيڪي مذهب ۽ سياست کي ٻن ڌار ڌار رخن ۾ ڏسن ٿا، هو انتهاپسندي جو هميشه کان ازلي دشمن رهيو آهي، هن هميشه امن، پيار ۽ حق جي ڳالهه ڪئي هئي. هن جو سڀ کان وڏو مخالف اهو سچ آهي جيڪو هن هر فورم ۽ هر وقت تي چيو هو، ان ڪري هو مصلحت پسندن جي اک ۾ ڪنڊي جيان رهيو هو. ۱۹۸۸ع ۾ سائين جي ايم سيد، ”سنڌ؛ قومي اتحاد“ جوڙيو، جنهن جي بنياد تي ۱۹۸۸ع ۾ چونڊون به وڙهيون هيون، تڏهن رسول بخش پليجو به سنڌ قومي اتحادجو حصو هو پر سچ ڳالهائڻ جي ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ انهي کان ڌار ٿي ويو.
کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هئڻ ڪري هن پنهنجي ڪارڪنن ۾ پڻ اها سوچ پيدا ڪئي ۽ پنهنجي ڪارڪنن ۾ اسٽڊي سرڪل کي اهڙو مضبوط ڪيو جو سندس سياسي ڪارڪن، توڙي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اهڙا پڙهيل لکيل ۽ ڀڙ هوندا هئا جو وڏن وڏن علم جي اڪابرن ۽ ڏاهن سان به بحث کان نه ڪيٻائيندا هئا. هن پنهنجي سياسي پارٽي جي پليٽ فارم تان هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ هاري تحريڪ جو ۱۹۷۴ع ۾ بنياد وڌو، جنهن جو پهريون صدر شير خان لنڊ هو، هن ۱۹۷۷ع ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ (ايس ايس ٽي) ۱۹۷۸ع ۾ سنڌي مزدور تحريڪ، ۱۹۷۸ع ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ، ۱۹۸۸ع ۾ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ ۽ ۲۰۰۳ع ۾ هندو سجاڳ تحريڪ جو بنياد وجهي زندگي جي هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ سياسي اتهاس پيدا ڪرڻ لاءِ شعور پيدا ڪيو.
سائين جي ايم سيد کانپوءِ سياستدانن مان واحد رسول بخش پليجو آهي جنهن جا ۱۵ ڪتاب، سوين ڪالم ۽ مقالا شايع ٿيل آهن، جن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو (۱) انڌا اونڌا ويڄ، (۲) صبح ٿيندو، (۳) ڌراڙن جا ڌڪ، (۴) جن جهو ناڳڙهه جلايو، (۵) سنڌي ذات هنجن، (۶) پسي ڳاڙهاڳل، (۷) ويهڻ مون نه وڙاءُ، (۸) اوهان جي پڄاڻان، (۹) ڪوٽ لکپت جو قيدي، (۱۰) وڳ ڪيئن وسرياءِ (۱۱) سياسي ادب جلد پهريون، (۱۲) سياسي ادب جلد ٻيو، (۱۳) سياسي ادب جلد ٽيون، (۱۴) جيڪي بنگال سان ٿيو، (۱۵) هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن وغيره آهن.. هو شعلا بيان مقرر، سٺو وڪيل، ڀلوڙ سياستدان ۽ پنجن ڪتابن جو خالق آهي، جنهن ۾ (۱) ٽي مسافر ٽي شهر (۲) سارون، سپنا آزادي، (۳) دنيا پنهنجي ديس پرايا، (۴) باک جي ساک، (۵) قانون سڀني لاءِ.
رسول بخش پليجو هڪ محب وطن شخص سان گڏ عوام دوست ۽ سنڌ دوست ماڻهو هو، هو عوام سان هر هنڌ ۽ هر مورچي تي گڏ بيٺل هوندو هو، پوءِ اهو سنڌي عوام جو اتحاد هجي، سنڌ پاڻي ڪميٽي اتحاد هجي، گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽي هجي، پاڪستان ڪسان رابطا ڪائونسل هجي، ايشيا پيسفڪ فورم هجي يا عدليه بحالي تحريڪ هجي ان ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندو هو.
هن چار ڀيرا مختلف اشوز تي لانگ مارچ ڪيا (۱) ۱۹۹۲ع ۾ سکر کان ڪراچي تائين، (۲) ۲۰۰۱ع ۾ ڀٽ شاهه کان ڪراچي تائين، (۳) ۲۰۰۵ع ۾ سکر کان ڪراچي تائين، (۴) ۲۰۰۹ع ۾ ڪنڌ ڪوٽ کان ڪراچي تائين لانگ مارچ آهي.
اسان ۾ ڪير به اهو فيصلو ڪرڻ کان قاصر آهي ته هو وڏو اديب هو يا سياستدان هو وڏو سماجي اڳواڻ هو يا وڪيل هو لطيف جو پارکو هو شاعر شناس هو بلند پايه نقاد هو يا قومپرست اڳواڻ هو.


ويڙهجي تاريخ وئي هڪ دور جي
خالد ٻانڀڻ
سنڌ جو عظيم ڏاهو، مفڪر، سياستدان، لطيف جو پارکو، جديد ادب، تاريخ جو ڄاڻو رسول بخش پليجو وڇڙي ويو. سندس وڇوڙي تي اڄ هر اک آلي آهي. سائين جي ايم سيد کانپوءِ سنڌ جي حقن لاءِ اٿندڙ هڪ ٻيو سگھارو آواز اسان کان رسي ويو. هو پاڻيءَ جي مسئلي، ڌارين جي آبادڪاري تي ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو پر انهن جي خلاف سدائين سگھارو آواز ٿي اڀريو. رسول بخش پليجو علم، شعور ۽ ڄاڻ جي خزاني جي اهڙي تاريخ هو، جنهن سان اڄ ڏينهن تائين ڪو مقابلو نه ڪري سگھيو. هو هڪ ئي وقت پنهنجي ذات ۾ اهڙي تاريخ هو جنهن ۾ ادب، سياست، تنقيد، زماني جا لاها چاڙها، ڏک سک دليل سان سمجھي پڙهي سگھبا هئا. هن رجعت پرست سوچ کي مات ڏيڻ لاءِ انڌا اونڌا ويڄ جھڙا ڪتاب لکي کين سبق سيکاريو. ۱۰ سالن تائين جيلن ۾ گذارڻ دوران ڪوٽ لکپت قيدي جھڙو ڪتاب ڏئي ويو. هن ۲۰ جنوري ۱۹۳۰ع تي جنگشاهي جي ڳوٺ منگر پليجو ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مست هوائن ۾ حاصل ڪئي. هن صبح ٿيندو، دراوڙن جا ڌڪ، پسي ڳاڙها ڳل سميت ۳۵ کان مٿي ڪتاب لکي ڏنا. هن دنيا جي مختلف ملڪن ماسڪو، آمريڪا، انگلينڊ ڀارت جي يونيورسٽيءَ ۾ علم، ادب، سياست ۽ قانون جي شاگردن کي ليڪچر ڏنا. رسول بخش پليجو کي ۱۹۸۶ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو. ون يونٽ جي خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي. ڪالاباغ ڊيم خلاف سکر کان ڪراچي تائين تاريخي لانگ مارچ ڪيا، جنهن ۾ هزارين ماڻهن حصو ورتو. هن شهيد بينظير ڀٽو سان ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ڀرپور ساٿ نڀايو. جنرل پرويز مشرف آمريت جي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي خلاف طاقتور آواز بڻجي اڀريو. هو ججن جي بحالي واري تحريڪ جو پڻ حصو رهيو. هن ۵ مارچ ۱۹۷۰ع تي عوامي تحريڪ جو بنياد رکي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد جو آغاز ڪيو هو.
رسول بخش پليجو زمينن جي نيلامي واري تحريڪ جو حصو رهيو ۽ زمينن جي ۱۹۷۰ ۾ نيلامي بند ڪرائي. ان کان پهريان هو سياست جو آغاز ۱۹۶۴ع ۾ نيشنل عوامي پارٽي ۾ شموليت سان ڪري چڪو هيو. اردو واريون ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ لاءِ سنڌ مان سگھارو آواز ٿي اڀريو. هو تنقيد جي حوالي سان جدا سڃاڻپ رکندڙ سياستدان هو. جيتوڻيڪ سياست ۾ ڪيترائي ڀيرا اختلافي رهيو پر سنڌ جي حقن واري آواز تي خاص ڪري ڪالاباغ ڊيم ۽ ڌارين جي آبادڪاريءَ تي پٺتي پير نه ڪيو. مختلف چينلن تي ٿيندڙ بحثن ۾ ڪير به هن جو مقابلو آخري ڏينهن تائين نه ڪري سگھيو. موضوع ڀلي ڪهڙو به هجي پر هو ثبوتن، دليلن سان ڳالهائيندو هيو. ڇو ته هن وٽ ڄاڻ جا درياءَ وهندڙ هئا، جن مان چڪو چڪو ڪري هر ڪنهن کي سيراب ڪندو هيو. رسول بخش پليجو سنڌ ڇا پوري دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ هيو. هن علم ۽ ادب جي حوالي سان سڄي سنڌ کي سوچ سڃاڻپ جا نوان در ۽ گس ڏنا، جن تان هلندي ڪيترائي دماغ پيدا ٿيا، ڪيترن ذهنن رسول بخش پليجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڄ ڏينهن تائين سندس عقل، شعور جي ڏاڪڻ جي هڪڙي سيڙهي به ناهي ڪير چڙهي سگھيو. ڇو ته زندگيءَ جي سفر ۾ هن سدائين اڪيلو رستو اختيار ڪيو. ان چوڻيءَ جيان ته ’لوڪ وهي لهنوارو اسين اوڀارو‘. اها حقيقت آهي ته هن سدائين اوڀارو رستو اختيار ڪيو، تڏهن ته پاڻ گھڻو تنقيد جو شڪار رهيو پر هن تنقيد کي هميشه ڀليڪار ڪيو.
هن صديءَ جو اهڙو عظيم ڏاهو فلاسفر هيو جنهن جي جوڙ جو اڃا تائين ڪو پيدا ناهي ٿيو. رسول بخش پليجو جيئن لطيف سرڪار کي پڙهيو پرکيو لکيو سمجھيو ۽ سمجھايو ان انداز ۾ سندس ڪير به مقابلي ۾ ناهي پهچي سگھيو. ڀٽ ڌڻيءَ جي فلسفي کي لکڻ ۽ پرکڻ جو هن وٽ عظيم ڏانءُ هيو، جنهن شعر جي هو تشريح ڪندو هيو، شايد ئي ڪو اهڙي تنقيد تشريح ڪري سگھي. پليجي لاءِ ادل سومرو جون سٽون آهن ته
مورچو تحريڪ جو تدبير جو
رهنمائي جنهن ڪئي هڪ دور جي
هئي چري دانشوري هن جي پٺيان
ويڙهجي تاريخ وئي هڪ دور جي.
اها حقيقت آهي ته هڪ دور جي تاريخ دفن ٿي وئي آهي پر هن جو ڏنل سڏ گس ڪڏهن به رڪجي نٿو سگھي. ڇو ته پليجي جيئن سنڌ جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي، ان لاءِ ويڙهه ڪئي، ان جو هڪ نرالو انداز آهي. هو ڪٿي به پير پساري نه ويٺو، نه ورچيو پر هميشه سفر ۾ هلندو رهيو. لطيف سرڪار پنهنجي رسالي ۾ ستن سورمين جا سر لکيا، تيئن رسول بخش پليجو عوامي تحريڪ سان گڏ سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وجھي سنڌ جي عورتن کي عقل شعور، پنهنجي حقن لاءِ جدوجھد جو سبق ڏنو. تڏهن ته سندس جلسن، لانگ مارچن ۾ عورتن جو وڏو تعداد نڪري پوندو هو، پير پٿون ڪري ويهنديون هيون پر پنهنجي ليڊر جي سڏ کي لبيڪ چوڻ کان پٺتي نه هٽنديون هيون. هن زندگيءَ جي سفر ۾ مردن سان گڏ عورتن کي به هڪجھڙو مقام مرتبو ڏنو. پاڻ ڪڏهن به انهن جي حقن لاءِ وڙهڻ تان ڪو قدم پوئتي نه ڪيو. هن ڪيترائي پنهنجي سياست مان شاگرد پيدا ڪيا آهن، جن کي سنڌ جي سوچ ۽ درد جو درس ڏئي ويو آهي. هاڻي انهن جو ڪم آهي پنهنجي اڳواڻ جي واٽ کي وٺي ڪيئن ٿا اڳتي پنڌ ڪري هلن. ڇو ته اهڙي سياست جو هن ملڪ ۾ پنڌ ڏاڍو اڙانگو آهي، جنهن تي پير کوڙي بيهڻ ڏاڍو مشڪل آهي. بس هڪڙو ئي رسول بخش پليجو هيو جيڪو وڇڙي ويو پر هو ڪڏهن به وسرڻو ناهي.


هڪ داناءُ، دلير ۽ د لبر انسان جو وڇوڙو
آصف بالادي
رسول بخش بليجو، بيشڪ هڪ، گھڻ پاسائون، مطالعو ڪندڙ. سنڌ توڙي عالمي تاريخ، ادب توڙي آرٽ جو ڄاڻو، هڪ عالم ۽ داناءُ انسان هو. ان جي وسيع تر، گهري ۽ گھڻ طرفي مطالعي سان گڏ سندس مشاهدو ۽ عملي تجربو به ڪمال درجي تائين پهتل هيو. هن وٽ تخيل ۽ تصور جي شاهوڪاري ۽ ڪنهن شيءَ جو ذري گھٽ مڪمل احاطو ڪري نتيجا ڪڍڻ ۽ انهن نتيجن جي آچار تي فيصلا ڪرڻ جو ڏانءُ به ڪمال جو هيو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن ۾ اخلاقي جرئت، همت ۽ بهادري هئي. برملا حقيقت جي اظهار ڪرڻ جي، هن ۾ حوصلو هيو شين کي نئين سر ڏسڻ، سمجھڻ، وري وري اٿلائي پٿلائي پرجھڻ ۽ پروڙڻ جو، هي لڪير جو فقير نه هيو. زندگيءَ جي معامرن کي زندگي جي سياسي، سماجي، معاشي تاريخي، جاگرافيائي، مطلب ته هر ميدان ۾ هڪ هڪ سوال ۽ معامري جو باريڪ بيني سان جائزو وٺڻ، ان جو ڇيد ڪرڻ. سائنسي بنيادن تي ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ڏات به سندس ئي شخصيت جي حصي ۾ اچن ٿا.
نهايت صاف گوئي، چٽائي ۽ جرئت سان پنهنجي راءِ جو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جر جرئت ۽ دليري سندس ڊگھي ۽ لاڳيتي جدوجهد ۾ هر هنڌ نمايان آهي. هن شين کي نئين سر ۽ نئيون رستو ڏسڻ جانچڻ، ٻڌڻ، تنقيد ۽ تصحيح ڪري وري ڄڻ ته هڪ صوفي وانگر انهن جي نفيءَ ڪندي اثبات تائين پهچڻ به هن جهڙي يگاني عالم جو حوصلو هو. نه ته اڪثر حالتن ۾ ڪيترائي داناءَ، عالم، اديب، فاضل ۽ اڳواڻ سدائين هر حالت ۾ پنهنجي ساڳين ساڳين ڳالهين جو ورجاءُ، ڊيگھ ويڪر ۽ پکيڙ جي ڄار ۾ ڦاٿا پيا هوندا آهن. هي شخص هئڻ سان گڏ “Dare To Know وري ايمانوئيل ڪانٽ جي اصول تي عمل ڪندي،  سچ ڄاڻڻ، سچ ٻڌڻ ۽ سچ ٻڌائڻ جي پوري جرئت ، همت ۽ برداشت رکندڙ بيشڪ هڪ داناءُ دلير ۽ دلبر انسان هيو.
سنڌ وطن جي جاگرافيائي وحدت جي انچ انچ جي دفاع لاءِ مون کيس هڪ بهادر جرنيل وانگر گرجندي ڏٺو آهي.
سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ پنهنجي وطن جي مالڪي ۽ عددي اڪثريت ۽ وسيلن توڙي سنڌ جي اقتدار اعليٰ تي سنڌين جي بنيادي حق حڪمراني جي علمي ۽ عملي جدوجهد، ملڪ جي اندران توڙي ٻاهران ٿيندڙ ڌاري آبادڪاري خلاف چڱن ڀلن جا پٽڪا ڌوڙ ڪري سگھڻ جي صلاحيت ۽ جرئت به مون اکين ڏٺي آهي.
سنڌ جي پاڻيءَ واري ڪيس ۾ هن جي وڪالت، هن جا دليل، ۽ جرئت سندي تاريخ جو حصو آهن. ڪالاباغ ڊيم کي ڪارو نانگ ڪوٺڻ به سندس ئي نعرو آهي.
بھرحال هاڻي به سائين جي ايم سيد کان وٺي اسان جي هن بهادر اڳواڻ، داناءَ ۽ دلير رهنما کان پوءِ ڄڻ ته سنڌ جي تاريخ جو هڪ دور پورو ٿي چڪو آهي. ڳڻتيءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته هاڻ سج لهڻ کان پوءِ ڪو ڏيئو به ته نظر نٿو اچي جيڪو هلڪو ۽ هيڻي روشني قائم رکي سگھڻ جي سچي پچي دعويٰ ڪرڻ جي قابل هجي.
ملڪي سياست، علائقائي حالتون، عالمي صورتحال ۽ سنڌ جي حالت، ان جو گھڻ پاسائون ڳوڙهو ۽ گهرو تجزيو، ڇيد، نئين سر نئون جائزو، نيون حڪمتون ڪير ۽ ڪيئن جوڙيندو ۽ علمي توڙي عملي طرح سان سنڌ جي طرفداري ۽ رهنمائي ڪيئن ٿيندي سچ پچ اهو اڄ جو اهم بنيادي ۽ سنجيده سوال آهي. عالمي سامراجيت هجي يا نام نهاد مزاحمتي دعوائون، ڊراما ۽ نعريبازييون هجن پليجي صاحب وانگر ڪير انهن جو ڇيد ڪري سائنسي جائزو وٺي نچوڙ ڪڍي پوري جرئت سان ”سنڌ ۾ مزاحمتي جنگ جي حقيقت“ جهڙو طويل مضمون لکي سگھندو؟
سنڌ کي اهڙا ڪيترا ئي چيلينجز سامهون آهن. جن کي منهن ڏيڻ ان قسم جي اعليٰ سطح تي قيادت ۽ رهنمائي ڪرڻ منظم تنظيم سازي ۽ عوام کي سجاڳ، باخبر، باشعور ڪرڻ لاءِ واقعي به هڪ وڏو خال پئدا ٿي چڪو آهي. جيڪو ڪنهن زماني ۾ اسان جي بزرگن، ڏاهن، رهبرن، دانائن، باضمير اديبن، شاعرن ۽ سچن پچن سڄاڻ ماڻهن ۽ سورهيه اڳواڻن سان پئدا ٿيل هو. توڻي جو انهن جا پنهنجو پاڻ ۾ نظرياتي، سياسي بنيادن تي اصولي اختلاف به هئا، پر اختلاف وڏي شيءَ ناهن. رهبري، رهنمائي، دانائي، دليري، برداشت ۽ مصيبت ٻڌي وڏي شيءِ آهي. شيخ اياز سچ چيو آهي ته عوام ۽ انبوه ۾ فرق ٿيندو آهي. بھرحال في الحال ته سنڌ جي قومي، جمهوري، ترقي پسند جدوجهد جنهن جي رهبري ۽ رهنمائي ڊگهي دور تائين سائين جي ايم سيد جي رهبري، رسول بخش پليجي جي رهنمائي ۽ محمد ابراهيم جويو جهڙي عظيم انسانن جي دانائي جي روشني ۾ هلندي رهي. ۽ سنڌ ڪيترائي اڻ ڳڻيا عظيم ڪردار، اڳواڻ ۽ ڪارڪن ان رهبري، رهنمائي ۽ دانائي جي بي ڌڙڪ ٿي قافلا در قافلا هلندا ٿي رهيا. انهن جي اميدن جو هي سج لهي چڪو آهي. ان اڌ اونداهي ۾ رڍ جي ويس ۾ ڪيترا ئي بگھڙ سنڌ ۽ سنڌي قوم کي پنهنجي نرغن ۾ آڻي چڪا آهن. ڀلا نقوي، نازشي، سازشي ٽولن جا چهرا بي نقاب ڪرڻ جي جرئت هاڻ ڪير ٿو ڪري سگھي؟ عالمي ترقي پسند تحريڪ، سويت يونين جو زوال ۽ چين جو سرمائيداري کي نئين سر سمجھي اڳتي وڌڻ جو راز ڪيئن سمجھي سگھبو؟ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترا ئي سوال آهن؟ نظرين سوچن ويچارن جا، حڪمتن جا، جيڪي سنڌ جي سامهون چيلنج بڻيل آهن. جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي پرن تي تيز اڏام ڪندڙ ايڪويهين صدي سان ڪيئن هم رقاب ٿي سگھبو؟ بنهه نئين سِر تيئن اڏجندڙ، نئين نڪور انساني تحزيب جو حصو ڪيئن بڻجي سگھبو؟ نئين زماني جو نئون رخ ۽ رفتار جو ادراڪ ۽ فهم ڪيئن رکبو؟ پنهنجي نظرين توڙي نعرن ۽ حڪمتن کي وري نئين سر غور ته بحرحال ڪرڻو ئي پوندو. ۽ مٿين سوالن ۽ چئلينجن جا جواب ته ڏيڻا ئي پوندا. شل سنڌ ڏاهپ، جرئت، ديانت جو ڪو نئون جنم وٺي سگھي. اها اميد به اجائي ڪانهي. جي چاهيون ته اسان پنهنجي  بزرگن جي پورهئي ۽ ڪارڪنن جي قربانين مان گھڻو ڪجهه سکي نوان نتيجا ڪڍي پنهنجيون صفون درست ڪري جديد ۽ نئين حڪمت عملين سان وري نئين سر اڳتي وڌي سگھون ٿا.
بھرحال رسول بخش پليجو صاحب سڀني وصفين سندس ترجمو ڪيل هڪ شاندار نظم جي ڪردار وانگر ”سچو پچو مڙس ماڻهو هو“. باقي تنقيدون ۽ تبصرا ميدان عمل جو ڏاج آهن. مفڪر، ڏاها، داناءُ ماڻهو- تنقيد، تبصرن، پارٽين ۽ تنظيمن جي ڀڃ ڊاهه، گروپ بندين، گروهن بندين کان هر حال ۾ مٿانهان هوندا آهن. ۽ پنهنجي ضمير جي روشني ۾ پنهنجي ڌُن تي قائم رهندي پنهنجو سفر جاري رکندا آهن. ڪن حالتن ۾ ته تنهائي ۽ اڪيلائي  هنن جي هستيءَ جو سامان  ٿي پوندي آهي. اهڙن تاريخي ڪردارن کي ڪنهن به طريقي سان ڪو به آئسوليشن نه ڪرائي سگھندو آهي.
Man can be destroyed but can’t be defeated”
اسان جي هن عظيم رهنما پنهنجي آخري ساهن تائين انقلابي گيتن، ۽ سرن جي سهاري  به پنهنجو انقلابي آواز بلند رکيو. اها وڏي ڳالهه آهي.
هڪ قومي ڪارڪن طور منهنجيون  محبتون ۽ ڪچهريون لڳ ڀڳ ۱۹۸۸ کان قائم رهيون. جيڪي لطيف سائين جي هن بيت سان شروع ٿينديون هيون.  ”اوريائين آڻين ميڙيو معلم خبرون“. اهڙو مهربان رهنما ۽ استاد رسول بخش پليجو هن حياتيءَ ۾ وسرڻ جهڙو ناهي. ڪاش! ساڻس اڃان گھڻيون ڪچهريون ڪري سگھان هان!


رسول بخش پليجي جي نانءُ
شازيا جوڻيجو
اي دنيا جا عظيم ڏاھا ۽ اسان جا رھبر توکي ۽ تنھنجي ڪيل سنڌ جي لاءِ خدمت ۽ غريب عوام سان توهان جي ڪيل خدمتن کي لکين ھزارين سلام! توهان جي وڇوڙي سڄي سنڌ کي يتيم بي سھارو ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو، توهان جي ڪمي ۽ ڪيل خدمتن جو خال ڪير به ڪڏهن به نٿو ڀرجي سگهي. منھنجي تو (ابي) ساڻ جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته توهان جون ليڪچر ۽ ڳالهيون اسان کي ھڪ نئين سوچ ۽ روشن مستقبل جي واٽ تي ھلڻ جو دڳ ڏسينديون ويون. تنھنجون تقريريون اسان جي نئين نوجوان نسل اندر حوصلو ۽ اتساھ پيدا ڪنديون ھيون، توهان سماج جي اناپرستيءَ مردا انسان واري زندگي مان ڪڍي ڪري مزاحمت ڪرڻ سنڌ لاءِ وڙھڻ واري سگهھ ذھني تربيت  پيدا ڪئي. توهان اسان کي ذات پات جي ڏسڻ جو نظريو ڏنو ،ھو ڪير ھيو سو توھان رسول بخش پليجو ئي ھيو جنھن وڏيري طبقي کي للڪار ڏني ۽ ڪرپٽ  حڪمرانن جي خلاف آواز اٿاريو، توهان ۱۹۸۸ ۽ ۱۹۹۰ عوامي نيشنل پارٽي جوڙي قومي تڪ تان چوندن ۾ حصو ورتو، توهان ون يونٽ جي  خاتمي ۽ بحالي جمھوريت تحرڪ  ۾ به  سرگرم رھيا توھان جو ھر ڪردار اڄ تاريخ جي سونن ورقن ۾ لکيو ويندو!!
ڪالاباغ ديم خلاف ۽ آمر پرويز مشرف خلاف جدوجهد ۾ پڻ اھم ڪردار ادا ڪيو، رسول بخش پليجو ڪالاباغ ديم خلاف ۱۹۹۱ ۽ ۱۹۹۵ ع ۾ سکر کان ڪراچي تائين  ۽ ۲۰۰۵ ع ۾ ڀٽ شاهه کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪيا جنھن لانگ مارچ پنجابين جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، ڪالاباغ ڊيم جي حامين جو منھن ڪارو ڪري ڇڏيو، سنڌ دشمن قوتن کي للڪاري ڇڏيو آقائن جي غلامن بوٽن وارن کي واضع پيغام ڏئي ڇڏيو تنھنجي مفاد پرستي ڪاري قانون ۽ ان جيڪو ڊيم تون پنھنجي ٻڏي مرڻ لاءِ ٺاھين ٿو، ھي سنڌ ان مصنوعي ڊيم خلاف اڄ تي للڪاري واضع پيغام ڏي رھي آھي ته ڪٿي توکي تنھنجي اڃ مھانگي نه پئجي  وڃي، ڪٿي تنھنجا نسل ڊيم جا خواب ڏسي پياسا نه مري وڃن، ڪٿي تنھنجي گھرن ۾ ايندڙ ڍڪ پاڻي سنڌودرياهه مان نه بند ڪري ڇڏيون. او وقت جي آمريت سوچ رکندڙ ھٽلرو مان رسول بخش پليجو ۽ منھنجا پيروڪار تنھنجي سو صدين تائين حاڪيمت جبري تخت کي لوڏي ڌوڏي للڪاري ڪيرائي ته سگھن تنھنجي مرڻ ٽٽڻ ڦٿڪڻ جي حامي ته ڀري سگھن ٿا پر جيڪو ڊيم سنڌوءَ جا ڪپر سڪائي ھي سنڌي مون رسول بخش پليجو سان گڏ ان ڊيم کي ڪڏھن قبول نه ڪندا ۽ واقعي ڪراچيءَ ۾ مچ مچائي نڪتل مارچ مخالفن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون ھيون!!
رسول بخش پليجو ۲۰۱۷ع ۾ گوڙاڻو ڊيم ۽ ٻين سنڌ منصوبن خلاف اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين پيادل مارچ جي قيادت پڻ ڪئي. پليجي صاحب پنهنجي زندگي جا ۱۱ سال مختلف جيلن ۾ گذاريا ھن سپريم ڪوٽ جي  لوڪيل جي حثيٽ سان پڻ پنهنجون خدمتو سرانجام ڏنيون، پليجو صاحب دنيا جي عظيم انقلابي تحريڪن علم سماجي سائنس فلسفي ۽ لطيف شناسي جا پڻ ڄاڻا رھيان آهن. پليجي صاحب صبح ٿيندو جيڪي بنگال سان ٿيو اندا اونڌا ويڄ ڪيترائي انقلابي ڪتاب پڻ لکيا توهان اسان کي ڪامريد انقلاب جا لقب پڻ ڏنا، بغاوت جو تاج پڻ سيني تي سجايو ۽ انقلاب مزاحمت جو صحيح مطلب ٻڌايو ۽ انهن سنڌ دشمن جي خلاف  ڳالھائي منهن  بند ڪيا!!
اسان  ھميشه ماڻھن جي واتان ڪامريڊ جي خلاف ڳالھائيندي ٻڌو ھو ته ڪامريد صرف غنڊاگردي ڪري ماڻهن ۾ پنھنجي لاءِ ڀئه پيدا ڪندا آهن پر توهان جي فخر نظرئي سان کي اھو سوچڻ تي مجبور ڪيو دل مان آواز نڪتو، ڪامريڊ اھي بلڪل نه آهن ڪامريد ته ھڪ زنده دل انسان آهي جيڪو ھر مظلوم جي آواز آھي ڪامريد اھو آهي جيڪو ھر مظلوم جي ڏک تڪليف کي پنهنجو سمجهي ان جي تڪليف دور ڪندو آهي، ڪامريد اھي آهن جيڪي انسان کي انسانيت جو درس ڏيندا آهن توهان جون پنهنجي ڌرتي جي لاءِ عظيم قربانيون ھميشه ياد رکيون وينديون، اڄ اسان پنهنجي قائد پليجو صاحب کي دفن نه ڪيو آهي پر اسان پنهنجي وطن جي ذرخير زمين ۾ انقلاب جو ٻج پوکيو آهي اسان وچن ٿا ڪريون ته توهان جي انقلابي ٻاريل شمع کي ڪڏهن به وسامڻ ڪو نه  ڏينداسين ۽ توهان جي ڇڏيل مشن کي ھميشا قائم ۽ دائم رکنداسين!!
سر رسول بخش پيلجو صاحب!!
تون اسان اٻوجھ بي يارو مددگارن جو سھارو ھئين، تون لاوارثن جو وارث، مسڪينن جي ماءُ ھئين، تون يتيمن جو ابو اسان جھڙن سٻاجھڙن جو روحاني ابو ھئين،
توڙي جو ۸۰ جون ڏھائيون اوھان سنڌ سان گڏ گذاريون پر شايد منھنجا اوھان سان ۸۰ پل به نصيب نه ٿيا ھجن تڏھن ته سڪون اوھان مان لھي نه سگھيون تون اسان کان وڇڙي ويو آھين ھا وڇڙيا جسم آھن وڇڙيون نظرون اھي ٽھڪ اھي گھڙيون آھن جيڪي گھڙيون اسين توھان سان گذاريون، وڇڙيون رونقون آھن جيڪي سنڌ ۾ ھيون ۽ اڄ سنڌ ويران ٿي لڳي وڇڙيون خوشيون آھن جيڪي اسين تنھنجي ھوندي ناز ڪندا ڪڏندا ھياسين، اڄ ڄڻ ته يتيم ٿي وياسين ڄڻ ته دنيا نڪري وئي ۽ شفقت جو ڇانورو اسان کي ھميشه لاءِ وڇڙي ويو پر بابا تون اسان جي دلين ۾ ھئين آھين ۽ رھندين، تنھنجي جھدوجھد تنھنجون محبتون ڪوڪون للڪارون ٽھڪ سڀ اسان کي ياد آھن، تنھنجا نظريا تنھنجو جوش جذبا تنھنجون تربيتون اڄ به اسان لاءِ اتساھ بخشيندڙ آھن، تنھنجا قول ٻول اڄ به تاريخ جي سچ کي ثابت ڪندا ٿا ھلن اڄ ته مٺيءَ ۾ ماٺ لڳي پئي آ اڄ ته ٿر جا مور به نچڻ ڇڏي ويا، اڄ به مٺيون ٻولين وارا پکي به رنا آھن او بابا تنھنجو وڇوڙي جگر ڇني جيءُ جھوري ويو!!
اڄ سنڌ پنھنجي جگر پٽ کي چميون ڏئي جھولي ۾ آندو اڄ انقلاب جو ريج سنڌ ٻيھر ڪنھن حلالي پٽ ذريعي پوکيو اڄ تنھنجي مڙھ تي پوري سنڌ توکي سلامي ڏيئي اھو ثابت ڪيو پراڻي دور ۾ جنگيون فتح ڪري ايندڙن سنڌين کي جرنلن جو لقب ڏنو ويندو ھيو ۽ تون اھو سنڌ جو ھيرو ھئين جنھن ظلم غلاميءَ خلاف جنگ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ نظرياتي جنگ کٽي پاڻ کانپوءِ ھي نوجوان نسل تيار ڪري ويو!!
تنھنجي جيت ۾ گيت گونجيا اڄ ھي سنڌ سمنڊ وانگي اٿلي توکي سلامي ڏني اڄ تنھنجي مڙھ کي اڄ تنھنجا ڪلھي ڪانڌي سنڌ جو سسئيون ٿيون اڄ نفرت فرق جا سڀ اوچ نيچ ختم ٿيا اڄ لاڙ اتر سڀ ھڪ نظر آيا، واقعي تون ڪامريڊ هئين ۽ ڪامريڊ لفظ کي پاڻي ڏيئي وئين، واقعي ڪارمريڊ لفظ ڪردار جو آھي جيڪو ڪردار اڄ توکي دنيا ۾ روشن ڪري ويو اڄ تنھنجي مڙھ کي مٽيءَ ۾ ته دفنايو ويو پر اي سنڌ جا سورما سر رسو بخش پليجا تون ڊائري ۾ زنده آھين ۽ رھندين!!


رسول بخش پليجو
تاريخ جو عظيم باب
ڪامران چانڊيو
هٿ ڏڪندي هي سٽون پئي لکيم،ڪنن کي ٻڌڻ جي سگهه ئي نه رهي ته رسول بخش پليجو به پنهنجي زندگي جو باب مڪمل ڪري طويل سفر تي روانو ٿي ويو آهي جتان اڄ تائين نه ڪير موٽيو آهي نه وري ڪير موٽندو، بس رهندو آهي ته ان جو نالو، ان جي شناخت باقي رهندي آهي، آءُ هن هستي تي ڪئين لکان منهنجو قلم منهجي استاد تي لکڻ جي سگهه نه ٿو رکي، رسول بخش پليجو پاٻ هڪ تاريخ هيو اهڙي تاريخ جيڪا اڄ هميشه لاءِ امر ٿي وئي ڇو جو رسول بخش پليجو هڪ اهڙي شخصيت هئي جيڪو پنهنجي آخري پساهه تائين پنهنجي نظريي پنهنجي موقف تي قائم رهيو،
پليجو صاحب منهنجو سياسي استاد ۽ پنهنجو قائد هيو، اسان جي خاندان جو تعلق به عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سان رهيو آهي، پليجي صاحب سان ڪجهه وقت اڳ ملاقات ٿي ان وقت به پليجي صاحب جي طبيعت به ڪجهه خاص بهتر نه هئي پوءِ به پڇيائين نوجوان ادبي ڪتاب پڙهو پيا ان سان گڏ سنڌ جي سياسي صورتحال تي پڻ پليجي صاحب تي پڻ تمام گهڻي ڪڇهري ڪئي هئي،
رسول بخش پليجي سنڌ ۾ پنهنجي نظريي ۽ پنهنجي دليلن سان هزارين انقلابي ذهن پيدا ڪرڻ سان گڏ ادبي، سياسي ڪتاب لکي ماڻهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ سماجي ويو،
پليجو صاحب اڪثر جلسن چوندو هيو ته منهبجي ڌيءُ هڪ دفعو مونکان پڇڻ آئي ته بابا مان شادي ڪندس مون جواب ڏنو ڀلي ڪر تو کي ڪنهن روڪيو آهي اهو به چوندو هيو ته مونکي خبر ناهي ته منهنجي گهر جي ڀاتين جا نالا ڇا آهن اهي ڪنهن سان پرڻيل آهن ان مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته پليجو صاحب پنهنجو سمورو ڌيان سنڌ جي خوشحالي، سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن خلاف پنهنجو وقت وقف ڪري ڇڏيو،
پليجو صاحب ايڏو چوٽي جو قانوندان هيو جو چوندو هيو ته جيڪڏهن بينظير صاحب مونکي ڀٽي جو ڪيس ڏئي ها ته ڀٽي کي شايد ڦاسي نه اچي ها،
پليجو صاحب سنڌ جي تاريخ ۾ عورتن جي آزادي جو ڪيس تمام شاندار نموني وڙهيو جنهن سبب اڄ سنڌياڻي تحريڪ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي تحريڪ آهي،
پليجي صاحب سنڌ جو ڪيس اعلي سطح تائين وڙهيو هر ڪم عملي نموني سرانجام ڏنائين ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪراڇي کان ڪشمور تائين تاريخي لانگ مارڄ ڪيائين
پليجو صاحب پنهنجي زندگي جا يارنهن سال قيد ۾ گذاريا قيد ۾ هوندي به هن پنهنجي جهدوجهد جاري رکي جنهن جو مثال ڪوٽ لکپت جي قيدي جو ڪتاب جي صورت ۾ اوهان اڳيان آهي ،ان سان گڏ پليجو عالمي لڙائي،عالمي جنگين،عالمي چالن تي تمام شاندار تجزيا ڪندو هيو جيڪي سمورا اڳتي هلي سچ ثابت ٿيندا هئا
سچ پڇ اسين اڄ عظيم انسان کان محروم ٿي وياسين پليجي صاحب جهڙا انسان تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن پر پنهنجي جهدوجهد باعث هميشه لاءِ امر ٿي ويندا آهي جئين ڪنهن شاعر چيو آهي
سي ماڻهون مور نه مرڻا آهن، ويس مٽائي ورڻا آهن.!


قصو استاد رسول بخش پليجي سان ٿيل ڪجهه آخري ملاقاتن جو...
ذوالفقار راڄپر
۷ جون ۲۰۱۸ جو ڏينهن سنڌ لاءِ ڪارو ڏينهن هو. ان ڏينهن سنڌ جو عاشق ۽ منهنجو سياسي استاد محترم رسول بخش پليجو جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو.هتي مان استاد رسول بخش پليجي سان ٿيل آخري ڏينهن وارين ڪجهه ملاقاتن جو ذڪر ڪندس.
جڏهن گذريل اپريل جي بلڪل آخري تاريخن ۾ ڪراچي آيس ۽ ذوالفقار واهوچي سان ملاقات لاءِ روزاني عوامي آوازجي آفيس وڃڻ لاءِ واهوچو کي فون ڪئي ته هن چيو ته جلد اچ پليجو صاحب عوامي آواز اچي رهيو آهي، مان جلد اتي پهتس ته ڪجهه وقت کان پوءِ محترم رسول بخش پليجو صاحب به پنهنجي پراڻي ساٿي مير محمد بهليم، راحيل ڀٽو ۽ هڪ ٻي ساٿي سميت اچي پهتو. عوامي آواز جي انتظاميه طرفان پليجو صاحب جي ناساز طبيعت ڪري ان جي ويهڻ جو بندوبست پهريان هيٺ ڪيو ويو هو ۽ اتي ئي عوامي آواز ٽي وي جون ڪيميرائون به لڳايون ويون.پليجو صاحب جي پهچڻ بعد ڪجهه گهڙي ۾ عوامي آواز جو چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ به اچي پهتو.جنهن فوري طور اداري جي هڪ ڪمري ۾ ويهڻ جو بندوبست ڪيو، جتي ريڪارڊنگ لاءِ ماحول بهتر هو.پليجو صاحب واهوچو کي چانهه پيئارڻ جي هجت ڪئي هئي، پر پوءِ اتي سنڌ جي ان عالمي سطح جي شخصيت جي اداري ۾ اچڻ تي ان سان ڳالهه ٻولهه ريڪارڊ ڪرڻ جو بندوبست به ڪيو ويو، ان ٽيم ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان گڏ ذوالفقار واهوچو، زاهد ميراڻي، اسد ممتاز رڏ، ابوالحسن ۽ ٻيا دوست به شامل هئا.ڊاڪٽر جبار خٽڪ جڏهن استاد رسول بخش پليجو کي ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ لاءِ چيو ته پليجي صاحب کين مذاق ۾ چيو ته اول چانهه ۽ بسڪوٽ ته حاضر ڪيو. ڊاڪٽر صاحب فوري طور تي اهي گهرائي ورتا ۽ کيس پنهنجن هٿن سان بسڪوٽ چانهه ۾ ٻوڙي ڏيندو رهيو.ان کان پوءِ پليجي صاحب اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ جي مستقل سوالن جوابن جي ڳالهه ٻولهه ۾ عالمي، ملڪي سياست ۽ ٻين مسئلن تي ايئن ڳالهايو ڄڻ ته هو بيمار ئي ناهي، جڏهن ته پليجو صاحب جي طبيعت بهتر نه هئي ۽ کيس ڊاڪٽرن طرفان به گهڻو ڳالهائڻ تي پابندي هئي. پليجي صاحب اتي انگريزي ۽ سنڌي ۾ ڳالهائڻ سان گڏ هڪ اردو ۾ انقلابي گيت به ٻڌايو. پليجو صاحب جڏهن ان پروگرام مان موڪلائي هليو ويو ته ان کان پوءِ ڊاڪٽر جبار خٽڪ پليجي صاحب جي بلند حوصلي جي تعريف ڪندي چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ نوجوانن کي هن وڏي ۽ عظيم اسڪالر ۽ سياسي اڳواڻ تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ گهرجي. پليجي صاحب جو ڪنهن صحافتي اداري کي اسپتال ۾ آخري ڀيرو داخل ٿيڻ کان اڳ اهو آخري انٽريو هيو جيڪو عوامي آواز ٽي وي تي به موجود آهي، ۽ عوامي آواز جي سنڊي مئگزين ۾ به شايع ٿيل آهي، استاد پليجو صاحب جڏهن انتهائي گرمجوشي ۾ اسان کان موڪلايو هو ته هن اسان کي ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي پڻ دعوت ڏني.
۰۲ مئي تي شام جو مان ۽ ذوالفقار واهوچو عوامي آواز مان سڌو استاد رسول بخش پليجو صاحب جي هڪ عارضي گهر پهتاسين، جتي پليجو صاحب ٽي چار ڪلاڪ ويهاري ڪچهري به ڪئي، سندس ڀر ۾ انگريزي ڪتابن سان گڏ سنڌي جي تازي مزاحمتي شاعري جو ڪتاب به پيو هو.ان سڄي ڪچهري ۾ پليجو صاحب سياسي ۽ پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ننڍپڻ کان وٺي ظلم ۽ غلط رسمن رواجن خلاف اختيار ڪيل مزاحمت ۽ جدوجهد بابت گهڻو ڪجهه ٻڌايو ۽ اسان کان به ڳالهرايو،پليجي صاحب ٻڌايو ته بنگلاديش کان وٺي افغانستان ۽ ٻين ملڪي ۽ عالمي مسئلن تي ذوالفقار ڀٽو، ملڪ جا حڪمران طبقا، ڌريون ۽ خود عوامي نيشنل پارٽي ۾ ويٺل ولي خان وارا سندس ڪيل ڳالهين ۽ ڏنل تجويزن تي عمل ڪن ها ته هن ملڪ جو هي حال نه ٿي ها. اسان ان ئي ملاقات ۾ ڪميونسٽ فلاسافي جي وڏي استاد ۽ مزدور اڳواڻ ڪارل مارڪس جي ۰۵مئي تي سالگره ملهائڻ جو پروگرام ڀينس ڪالوني ۾ جو پروگرام رٿيو، استاد پليجو صاحب چيو ته هو به ان ۾ شرڪت ڪندو.. پر ان تاريخ تي پليجو صاحب بيمار ٿي پيو هو.ڊاڪٽرن جي منع باوجود ان ڏينهن به پليجو صاحب ڪافي وقت اسان کي ڏنو ۽ ڏاڍو هشاش بشاش ۽ خوش هو، اسان کي ماني به کارائي ۽ تاڪيد ڪئي ته ماني بعد ڀڄي نه وڃجو.. اسان اتي ئي هئاسين ته شاني سومرو پنهنجي بيگم زاهده گهنجو ۽ ڌيءُ پرهه سومرو ۽ ٻين ڌيئرن سميت اچي پهتو ۽ پليجي صاحب کي مذاق ڪندي چيو ته اڄ هن جي شادي جي سالگره آهي ۽ اڄ نئين سر هنن جو نڪاح پليجو صاحب پڙهائي.. ڏاڍي بهترين ۽ خوشي واري ماحول ۾ ڪچهري هلي رهي هئي، مريم گوپانگ، ستار گوپانگ، راول گوپانگ ۽ پليجو صاحب جي ڀيڻ حور پليجو ۽ ٻيا ساٿي به موجود هئا. ان موقعي تي جڏهن استاد پنهنجي ماءُ جون ڳالهيون ساريندي ٻڌايو ته هو ننڍپڻ ۾ ضدي هئڻ سان گڏ پنهنجي ماءُ کي ڪتاب به پڙهي ٻڌائيندو هو، جنهن جي تصديق حور پليجو ڪندي رهي.
ان ئي ڏينهن مان ساٿي حور پليجو کي چيو ته عالمي ۽ وڏي  سائنسي فڪري  فلسفي ۽ انقلابي حساب سان سنڌ جي ڪک وڏا ماڻهو پيدا ڪري نه سگهي آهي، سنڌ جي ۲۰ ۽ ۲۱صدي جي سنڌ خوشنصيب آهي جو ان پنهنجي سموري تاريخ ۾ صرف هڪڙو ئي وڏو عالمي ليول جو انقلابي استاد محترم رسول بخش پليجو پيدا ڪيو آهي ۽ استاد  عالمي سطح جو اسڪالر، ڏاهو، ڪارل مارڪس، لينن، اسٽالن ۽ ماوزي تنگ جو نئون جنم ۽ تسلسل آهي، پر شايد هن جي پارٽي جي وڏي اڪثريت ۽ خاندان کي هن جي شخصيت بابت ايترو ادراڪ نه آهي..ورنه هن جي ان عمر ۾ به ملڪي ۽ عالمي ليول ۽ ٻين مسئلن تي ٿيندڙ هر ڳالهه ۽ هر لفظ کي محفوظ ڪرڻ ۽ پارٽي ڪارڪنن سان سڌي گفتگو ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو سهارو ورتو وڃي ها ۽ سندس حياتي ۾ پليجو اڪيڊمي بار بار ڏنل تجويزن تي عمل ڪيو وڃي، هن جا لکيل ڪتاب اردو، انگريزي ۽ ٻين عالمي ٻولين ۾ ترجما ٿيڻ گهرجن، سندس هر اداري، عالمي يونيورسٽين ۾ ڏنل ليڪچر گڏ ڪري محفوظ ڪيا وڃن ۽ جيڪڏهن ڪراچي يا حيدرآباد ۾ باقاعدي هڪ اداري جي صورت ۾ پليجو ريسرچ اڪيڊمي هجي ها ته پليجو صاحب تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ کي ڪابه تڪليف نه ٿي ها. مان حور پليجو کي اهو به چيو ته سندس خاندان جو اهو وڏو ڪارنامو آهي ته هو هن جي صحت ۽ ٻين مسئلن جي لڳاتار سنڀال ڪري رهيو آهي، پر ان سان گڏ وڏو ۽ اهم ڪم اهو به آهي ته استاد جي حياتي ۾ ئي هن جي فڪر جي ڦهلاءَ لاءِ پارٽي ۽ سندس خاندان هنگامي اپاءَ وٺي ها ۽ جيڪڏهن پليجو اڪيڊمي کي وڏي ۽ ريسرچ سينٽر ليول تي قائم ڪرڻ لاءِ ڪو پيسي جو جواز پيش ڪري ٿو ته اها ايمانداري جي ڳالهه نه پر اسان سڀني جي نااهلي واري ڳالهه ثابت ٿيندي. مان حور پليجو کي  چيو ته هوءَ اڄ کان ئي هو ان ڪم جي ڪوشش ڪري ۽ پنهنجي ڀاءُ سميت خاندان ۽ پارٽي جي خوشحال ترين ماڻهن سان رابطو ڪري..الائي ڇو مان کي اهو خدشو هو ته استاد پليجو صاحب جي زندگي ۾ اهو سڀ ڪجهه نه ٿي سگهندو..پر استاد جي طرفان سنڌ جي ۵، ۶ هزارن جي تاريخ ۾ سنڌ کي ڏنل واحد انقلابي ۽ وطن دوست پارٽي مان ئي اها اميد آهي ته هو پنهنجن وسيلن جي کوٽ باوجود هن جي فڪر جي جهنڊي کي بلند رکڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.استاد پليجو صاحب جي ان ڀيڻ سميت خاندان جي ڪجهه ٻين فردن ۾ اهو احساس موجود آهي ان لاءِ اهي فڪر پليجو جي جهنڊي کي وڌيڪ اوچو رکڻ لاءِ پنهنجون غير معمولي قوتون صرف ڪندا.گذريل هفتي کان استاد رسول بخش پليجو صاحب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪلفٽن ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل هو
پليجو صاحب پاڻي ۽ ٻين بنيادي انساني گهرجن وارين سهولتن کان محروم هڪ بنجر نما ننڍڙي ڳوٺ جنگشاهي ۾ پيدا ٿيو ۽ ان برپٽ مان ڪراچي شهر ۾ به نپيو ۽ پڙهيو به هو ان ڪري سندس ٻيو اباڻو شهر ڪراچي شهر هو، جنهن قابض شهر تي ڌرتي ڌڻين جي واپسي لاءِ پليجي صاحب جيڪا جدوجهد ۽ حڪمت عملي اپنائي هئي ۽ لکين سنڌين جا قافلا وٺي ڪراچي شهر ۾ اهو آواز بلند ڪيو هو ته ”ڪراچي ڪنهنجي.. سنڌين جي..“ اڄ جيڪي لکين سنڌي هن شهر ۾ مالڪي ڪرڻ جي حالت ۾ پهچي رهيا آهن ۽ سنڌ جو نوجوان ۽ سنڌي سياسي تنظيمون ۽ سنڌي صحافتي ادار پنهنجي موجودگي ظاهر ڪن ٿا انهن سڀني وائڙن ۽ غير سنجيده سنڌين کي ڪراچي شهر جي مالڪي لاءِ ظاهر ۽ ڳجهي جنگ جي خبر نه آهي..پليجو صاحب هر دفعي اسان کان اها گهرج ڪندو رهيو ته کيس شهر جي سنڌي آبادين ۾ وٺي هلو ۽ هو بنا خوف ۽ خطري جي لياري کان وٺي جمع ڳوٺ، گلشن اقبال، گلستان جوهر، ناظم آباد، ڪلفٽن ۽ ڊفينس تائين هر ڪنڊ ۽ رستي تي پنهنجا قدم ۽ فڪر جا نشان ڇڏيندو رهيو،
استاد پليجو اڪثر بيماري جي حالت ۾ پنهنجي تاريخي شهر ڪراچي ۾ اسپتالن ۾ داخل يا گهر ۾ علاج ڪرائيندو رهيو، آخري وقت ۾ هو ڪلفٽن جي نجي اسپتال ۾ داخل هو
مان پنهنجي مضمون جي پڇاڙي سنڌياڻي تحريڪ جي ساٿياڻي ۽ پليجو صاحب سان شديد محبت ڪندڙ ۽ پليجو يونيورسٽي جي شاگردياڻي پرهه سومرو جي هنن لفظن سان ڪيان ٿو ته ”رسول بخش پليجو صاحب کي هينئر اسپتال ۾ ڏسي آياسين. سندس ڪجهھ ڏينهن کان طبيعت ناساز رھندي ٿي اچي.ھونءَ به ڪيترا ئي دفعا جڏھن به پليجو صاحب جي طبيعب ناساز ٿيندي هئي ته اسپتال ۾ سندن ملاقات جو موقعو ملندو هو ۽ ڪچھريون به خوب ٿينديون هيون تان جو ملاقات جو وقت به پورو ٿي ويندو هو پر اسين ڪچهرين ۾ مَحو لڳا پيا هوندا هئاسون ۽ آخر ۾ وري هڪ خوشگوار طبيعت ساڻ الوداع ڪندي اڳئين ملاقات جا واعدا ڪندي نڪري ايندا هئاسين.
پر آخري ملاقات سَکڻي ٿي، حال احوال پڇڻ تي موٽ به نه ملي، هيڏانهن کان هوڏانهن نيهاريو پئي، هڪٻئي کي آٿتون ڏنيونسين، مڃون ٿا بھادر آھيون، بھادر اڳواڻ جا سپاھي آھيون، پٿريلن رستن جا راھي به آھيون پر پوءِ به نرم دل رکندڙ انسان آھيون، حساس جذبا رکندڙ آھيون ۽ احساسن جي مالا ۾ پويل به آھيون.


رسول بخش پليجو
هڪ ٻيو انقلابي رُسي ويو
تنوير زمان خان لنڊن
سنڌ ڌرتيءَ جو سپوت رسول بخش پليجو اسان کان جدا ٿي ويو، پليجو ۱۹۳۰ع ۾ ٺٽي ۾ پيدا ٿيو ۽ ٽيون ڏينهن اٺاسي سالن جي ڄمار ۾ ٺٽي جي ئي مٽيءَ کي هميشه هميشه لاءِ سيني سان لائي ڇڏيائين. اسان هڪ استاد، ليکڪ، سياستدان، نظرياتي عالم، وڪيل مارڪس ۽ غريبن جي هڪ سچي دوست کان جدا ٿي وياسين. پليجي صاحب کي ويجهي کان ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ جو مون کي موقعو مليو. هڪ سچو ۽ محنتي سياستدان هو، جنهن جي ذهانت ۽ علميت جا سڀئي سياستدان ۽ دانشور متعرف هئا.بلڪه پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اڳوڻي وزيراعظم معراج خالد مرحوم چوندو هو ته پليجو دانشورن جو دانشور آهي ۽ هن جو علمي مقام پاڪستان جي سمورن سياستدانن کان مٿي آهي. ارشاد احمد حقاني پنهنجي ڪالمن جي هڪ سيريل ۾ پليجي جي سياست ۽ علميت جي تعريف ڪئي، هو ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو، هن پنهنجي سموري تعليم سنڌ جي مختلف ادارن مان حاصل ڪئي. سنڌ لا ڪاليج ڪراچيءَ مان وڪالت حاصل ڪيائين، کيس سنڌي انگريزي ۽ اردوءَ تي ته مڪمل عبور هو پر هو هندي، بنگالي، بلوچي، سرائڪي، پنجابي ۽ فارسيءَ ۾ به آسانيءَ سان لکي پڙهي ۽ ڳالهائي سگهندو هو. هو اڪثر اسان تي پاڪستان جي مختلف قومن جون ٻوليون سکڻ لاءِ زور ڀريندو هو. مون کي اڄ ۸۷-۱۹۸۶ جا اهي ڏينهن ياد ٿا اچن جڏهن پليجو جنرل ضيائي دور ۾ ڊگهي قيد مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو لنڊن آيو هو، هو ان وقت ڪافي بيمار هو ، جسم جي صورتحال اهڙي هئس جو کيس گرمين ۾ به گرم ڪپڙا پهرڻا پئجي رهيا هئا، جو کيس ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي، ان وقت عوامي نيشنل پارٽي نئين نئين ٺهي هئي ۽ پليجو ان جو پهريون سيڪريٽري جنرل هو. تن ڏينهن ۾ حاڪم علي زرداري به هتي لنڊن ۾ ئي هو، هو اي اين پي سنڌ جو صدر ۽ پارٽيءَ جو مرڪزي نائب صدر هو، هونئن ته مان پليجي صاحب کي لاهور ۾ ان وقت کان سڃاڻان جڏهن مان يونيورسٽيءَ جو شاگرد هئس ۽ هو لاهور ۾ عوامي تحريڪ جي شاگرد ونگ سنڌي شاگرد تحريڪ جي شاگردن کي اسان جي تنظيم اين ايس او سان ملائڻ آيو هو.
اياز لطيف پليجو ان وقت اسڪول ۾ ٻارڙن جي سنڌي شاگرد تحريڪ  جو اڳواڻ هو، رسول بخش پليجو جيڪي ڪجهه به مڃيندو هو دل سان مڃيندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي خاندان جي ڪنهن به ٻار کي سياست کان پري رهڻ نه ڏنو، گهر جون عورتون سنڌياڻي تحريڪ ۾ سرگرم هيون.ڀائرن، ٻارڙن ڪنهن لاءِ به سياست ممنوع وکر نه هو، جڏهن ته اسان جي کاٻي ڌر جا ڪيئي سياستدان اهڙا آهن جيڪي ايئن نه ڪندا آهن ڇو جو هن کاٻي ڌر جي سياست ۾ رڳو جدوجهد ئي جدوجهد آهي، تڪليفون ئي تڪليفون آهن، ڇو جو حڪمران طبقن کي للڪارڻ جوکم جو ڪم آهي، ان باوجود پنهنجي سموري خاندان کي سياست ڏانهن آڻڻ نظريي سان سچي جڙت جو ثبوت آهي.
پليجو لنڊن آيو ته اڪثر چوندو هو ته لنڊن اچي هن گهڻو ڪجهه سکيو، جيڪو شايد هو سنڌ يا پاڪستان ۾ رهي ڪڏهن به نه سکي سگهي ها، مون خراب کان خراب حالتن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جو جيڪو جذبو حوصلو ۽ سليقو رسول بخش پليجي ۾ ڏٺو سو ڪنهن ٻئي ۾ نه ڏسي سگهيس. هو نون ماڻهن کي ڇڪي سياست ۾ آڻڻ جو وڏو ماهر هو ۽ هڪ سياسي يونيورسٽي هو، مون کي ياد آهي ته جڏهن هن جي پارٽي جو سيڪريٽري جنرل فاضل راهو شهيد ٿيو ته اسان لنڊن ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ٻاهران مظاهرو ڪيو هو، منهنجي گهرواري سياسي نه هئي، پليجي صاحب ان کان به تقرير تيار ڪرائي، سندس چوڻ هو ته سياسي بڻجڻ لاءِ ڪو خمير تبديل ڪرڻو نه ٿو پئي، بس دل سان نظريي سان جڙي ويو، مون کي ان وقت لنڊن آئي هڪ ٻه مهينا مس ٿيا هئا، پر سرور باري ۽ ڊاڪٽر فرزانا باري وغير اڳ ئي رهندا هئا، وٽن فليٽ به هو جتي پليجو صاحب به رهندو هو، جتي روز شام جو محفل مچندي هئي.
اسان جو هڪ دوست نعيم سٺو راڳ ڳائيندو هو، پليجي صاحب جي ڪري شام جو ٻيا به ڪيئي دوست اوڏانهن هليا ويندا هئا، پليجو صاحب مون کي چوندو هو ته ڪي سٺا شعر ٻڌايو، وري نعيم کي راڳ جي فرمائش ڪندو هو، ان کان پوءِ اسان خوب انقلاب ۽ نظريي جا بخيا اڊيڙيندا هئاسين.منهنجي لنڊن ايندي ئي انهن محفلن ۾ جن دوستن سان ملاقات ٿي تن ۾ سردار مظهر مشتاق لاشاري، شاهد نديم، جمال شاهه، شاهد گوگي، منيب انور، راجا محبوب، موسيٰ اصغر، عطا خالد ۽ سيد نويد حسين چٽي طرح ياد آهن.
پيپلز پارٽي برطانيا جو موجوده صدر محسن باري به انهن ئي ڏينهن ۾ مون وانگر تازو تازو لنڊن آيو هو، اسان سڀني گڏجي هتي اي اين پي برطانيا يونٽ منظم ڪيو جيڪو گهڻي دير تائين قائم رهي نه سگهيو، ڇو جو ولي خان جي پاليسين جي ڪري گهڻا دوست پارٽي ڇڏيا ويا، پليجي صاحب ۾ اها خصوصيت هوندي هئي ته هو سياسي ڪم لاءِ ڪارڪنن ۾ توانائي ڀرڻ جو ماهر هو، پليجو صاحب هڪ ڀيرو منهنجي گهر آيو، ساڻس سندس گهر واري زرينا بلوچ، سسئي پليجو، سندس ڌيءُ اختر بلوچ (سسئي جي والده) به گڏ هيون، پليجي صاحب چيو مون سان ڪجهه ڳالهائڻ ٿو چاهي، سو اسان سڀ گاڏي ۾ ويهي برائٽن ڏانهن هليا وياسين. پليجي صاحب سڄي واٽ ايترنا تاريخي تجزين۽ نظرين تي ڳالهايو جيڪي هن وقت بيان ڪرڻ ممڪن ناهن، انقلابي ماڻهو اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا، ان سموري ٿيسز جو نچوڙ هي هو ته تنوير تون پاڪستان اچ ۽ پنجاب ۾ سياست ڪر، پنجاب ۾ انهن ڏينهن ۾ چوڌري پرويز الاهي وڏو وزير هو، هو مون کي چوندو هو ته پنجاب ۾ تو جهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي، هو حالتن جي ڪري ڪڏهن به مايوس نه ٿيندو هو، اڄ جڏهن هو اسان ۾ ناهي ته مون کي هن جون ڪجهه ڳالهيون ياد اچن ٿيون، پليجو هميشه اسان جي دلين ۽ ان طبقي جي دلين ۾ زندهه رهندو جنهن پورهيت طبقي لاءِ هن پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي.



رسول بخش پليجو
جديد سنڌ جو هڪ وڏو ماڻهو
عبدالخالق جوڻيجو
رسول بخش پليجي جي صورت ۾ جديد سنڌ جو هڪڙو اهم يگانو، منفرد ۽ متنازعه ڪردار هليو ويو، سندس وفات تي مون سوشل ميڊيا تي پنهنجي مختصر تبصري ۾ لکيو ته ”هر وڏو ماڻهو متنازعه ٿيندو آهي، اهو عالمي اصول آهي. رسول بخش پليجو بلڪل متنازعه هئو ۽ ان اصول مطابق هو وڏو ماڻهو هئو“. سنڌ جي روشن خيال سياست جي هڪڙي دور جي نمائندگي ڪندڙ ماڻهن مان شايد رسول بخش آخري هئو. ويهين صديءَ جي پهرين اڌ دوران سنڌ جي سياسي افق کي روشن ڪندڙ جيڪي ستارا اڀريا انهن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، هرچند راءِ وشنداس، جمشيد مهتا، شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد ايوب کهڙو، الله بخش سومرو، جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻي شامل هئا. انهن جديد دنيا جي تقاضائن مطابق سنڌ ۾ روشن خيال ۽ محب وطن سياست جا بنياد وڌا. صديءَ جي ٻئي اڌ يا چئجي ته پاڪستان ٺهڻ وارن ڏينهن دوران ۽ ان کان پوءِ اهڙي سياست کي فروغ ڏيندڙن جو جيڪو سلسلو آيو ان جي شروعات حيدر بخش جتوئيءَ کان ٿي جيڪو پاڪستان ٺهڻ کان سال ڏيڍ اڳ ۾ نوڪري ڇڏي مالڪيءَ جي ميدان جو مهندار ٿيو. ان دور جا ٻيا مکيه ماڻهو قاضي فيض محمد، شيخ اياز، حفيظ قريشي، غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو ۽ نورالدين سرڪي هئا. سائين جي ايم سيد واحد ماڻهو هئو انهن ٻنهي دورن ۾ نمايان ۽ نروار رهيو، پليجو صاحب ان ٻئي دور جي آخري نشاني هئو.
رسول بخش پليجو هڪ گهڻ پاسائين شخصيت ۽ گهڻين صلاحيتن جو مالڪ هئو، پنهنجي ان صلاحيتن جي آڌار ۽ مسلسل ۽ اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ هن سنڌ ۾ پنهنجي جدا سڃاڻپ تسليم ڪرائي ۽ سوچ، عمل ۽ ڪردار جي لحاظ کان پنهنجو هڪ مڪتبه فڪر ٺاهيو. اڄوڪي سنڌ ۾ ڪيترائي سياسي ڪارڪن آهن جن جي سڃاڻپ ان پليجو اسڪول سان ٿئي ٿي. گهڻين خوبين مان سندس هڪ خوبي ”ماڻهو ٺاهڻ“ يا ماڻهن جي تربيت ڪرڻ هئي ۽ ٻي خوبي تنظيم ڪاري هئي. انهن ٻنهي جي هڪڙي گڏيل شڪل اسان کي سنڌياڻي تحريڪ جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ عورتون سياسي، سماجي، تعليمي ۽ صحت جي ميدان ۾ اهم رول ادا ڪنديون هيون پر اهي لڳ ڀڳ سڀئي هندو مڊل ڪلاس سان واسطو رکندڙ هيون ۽ انهن جي وڏي اڪثريت ڪانگريس سان واڳيل هئي. پاڪستان ٺهڻ جي نتيجي ۾ نه رهيو اهو مڊل ڪلاس ۽ نه رهيون اهي مايون، ورهاڱي جي وار کان پوءِ باقي سنڌ ۾ رهجي ويل سنڌي ذري گهٽ سمورا زراعت سان واڳيل هئا.(زميندار ۽ هاريءَ جي حيثيت ۾) انهن وٽ عورتن جي سياسي ۽ سماجي ڪردار جو تصور ئي ڪو نه هئو. وڏيرو/ زميندار عورت کي پنهنجي آسائش ۽ تفريح جو ذريعو ۽ (ڪوڙي) عزت ۽ انا جي علامت سمجهندو آهي، هاري عورت جي رونبو لابارو ڪرڻ ۽ ميلن جي مفاصلي تان گاهه يا ڪاٺين جون ڀريون کڻي اچڻ يا پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ دلا، مٽ ڀري اچڻ ۾ ته ڪا خرابي ڪو نه ٿو سمجهي پر ڌيءُ يا ڀيڻ جي اسڪول وڃڻ کي پنهنجي ”عزت ۽ غيرت“ جي منافي ٿو قرار ڏئي.
اهڙي ماحول ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ عورتون ته سياست سميت زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندي نظر اچن ٿيون، هڪ فرد جي حيثيت ۾، پر اهو پليجو صاحب هو جنهن سنڌ جي عورتن کي بحيثيت عورت جي متحرڪ ۽ منظم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جهڙي تنظيم وجود ۾ آئي ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهريون دفعو عورتون سنڌ جي سياسي جدوجهد ۾ ڀرپور ۽ منظم ڪردار ادا ڪرڻ لڳيون. ايئن ئي عوامي تحريڪ ۽ ان سان واڳيل ٻين تنظيمن ۾ به ڪافي حد تائين نظم ۽ ضبط ۽ ڊسيپلين نظر اچي ٿو پر سخت ڊسيپلين ۽ يڪسان تربيت جو وري ٻيو پاسو اهو آهي ته عوامي تحريڪ ۽ ان سان لاڳاپيل سمورين تنظيمن جي ۽ انهن جي ميمبرن جي پنهنجي ڪا شناخت ناهي. اهي سڀ جناب رسول بخش پليجي جي نالي ۽ شخصيت سان سڃاتا ٿا وڃن. واسطيدار تنظيمن ۾ ماڻهن جي مختلف عهدن تي موجودگي پليجي صاحب جي مرضي ۽ آشيرواد سان مشروط هوندي هئي.
جيئن شروع ۾ چيو ويو ته جناب رسول بخش پليجي جي شخصيت گهڻ پاسائين ۽ گهڻين خوبين جي مالڪ هئي، هن ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ کان وٺي ڪالاباغ ڊيم تائين سنڌ جي قومي وجود، بقا ۽ ترقيءَ سان واڳيل مسئلن تي نهايت متحرڪ ۽ موثر ڪردار ادا ڪيو. هن پاڪستان ۾ سوشلزم ۽ طبقاتي جدوجهد جي به ڀرپور وڪالت ڪئي (سندس دعويٰ هوندي هئي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ حقيقي ڪميونسٽ آهي ئي صرف هو) ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ذريعي پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ به جاکوڙيو، انهن خوبين ڪري هو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سڃاتو ويندو هئو پر وري انهن ئي ڳالهين جي ڪري جناب پليجي جي سڃاڻپ تي هڪ سواليه نشان به لڳي ٿو. اهو هي ته رسول بخش پليجو اصل ۾ هئو ڇا ۽ سندس سڄي جاکوڙ جو مقصد آخر هئو ڪهڙو؟، ان ڏس ۾ ڪو به واضح نظرياتي ۽ سياسي موقف ۽ ان موقف جي حمايت ۾ مواد نٿو ملي.
ٻيو ته هيڏو وڏو عالم سياستدان هئڻ باوجود هن وٽ پاڪستاني رياست جي بناوٽ ۽ ڪردار جو ڪو تجزيو ڪو نه هئو جيڪو هڪ انقلابي سڏجندڙ سياستدان جو سڀ کان اهم ڪم ۽ اولين ترجيح هئڻ گهربو آهي. صرف اهو چوڻ ته ڪافي ناهي ته ”اسان جناح وارو پاڪستان چاهيون ٿا، جناح کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ سڀني خرابين جو ذميوار لياقت علي خان آهي“.ڳالهه اها آهي ته ان وقت ”ڪنگ ميڪر“ هئڻ جي باوجود (سندس چوڻ هئو ته پاڪستان مون ٺاهيو آهي) جناح صاحب ئي ته لياقت علي کي وزيراعظم مقرر ڪيو جيتوڻيڪ هر سمجهدار ۽ ايماندار ماڻهو ان تي متفق هئو/آهي ته صلاحيتن وارو، قربانين جي بنياد تي ۽ اڪثريتي قوم جو اڳواڻ هجڻ جي ناتي پاڪستان جو پهريون وزيراعظم حسين شهيد سهرورديءَ کي ٿيڻ کپندو هئو ۽ جيڪڏهن ”جناح جو پاڪستان کپي“ ته پوءِ صرف ۽ صرف اردو ملڪ جي قومي ٻولي هوندي، ڪراچي سنڌ جو حصو نه هوندو، بلوچستان تي فوجي چڙهائي جائز هوندي ۽ اسيمبليون ٽوڙي من پسند ماڻهن کي مقرر ڪرڻ درست عمل هوندو، ڇاڪاڻ ته جناح صاحب هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ اهي سڀ ڪم ڪيا.
سياست، تاريخ  فلسفي جي ڄاڻ رکڻ جي باوجود پليجي صاحب رياستي جوڙجڪ ۽ ڪردارجهڙي بنيادي سوال کي ڇو اهميت نه ڏني، چئي نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته مون جهڙي سياسي ڪارڪن کي به ڄاڻ آهي ته پاڪستان ۾ وقت سان گڏ وڌندڙ مسئلن ۽ مصيبتن جو مکيه ڪارڻ هن رياست جو ڪالونيل ڪردار آهي، جنهن ۾ هڪ يونٽ (پنجاب) جي مڪمل بالادستي آهي ۽ پهرئين ڏينهن کان هن ملڪ تي جاگيردار، ملان ۽ سول ملٽري بيورو ڪريسي جي ٽه مورتي جي حڪمراني رهي آهي، جيڪي ٽئي عنصر تاريخي طور پنهنجي فطرت ۾ جمهوريت دشمن آهن.
رسول بخش پليجو پنهنجي تمام گهڻين خوبين ۽ وڏين صلاحيتن جو سنڌ کي ۽ مجموعي طور سماج کي اوترو فائدو نه ڏئي سگهيو ته ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته هن زندگيءَ جو وڏو حصو ”وروڌي“ Anti بنيادن تي سياست ڪئي. مثال طور هن جي تحرير ۽ تقرير، سوچ ۽ عمل مان جي ايم سيد مخالفت واضح طور جهلڪندي نظر ايندي، هڪ دفعي چيائين ته ”پنج هزار سالن جي تاريخ ۾ سنڌ کي ايترو نقصان ڪنهن نه ڏنو جيترو جي ايم سيد ڏنو“. هڪڙو طاقتور خيال آهي ته پليجي صاحب جناح جي ايتري تعريف به جي ايم سيد دشمنيءَ ۾ ڪئي ۽ اها هڪڙي مڃيل حقيقت آهي ته وروڌي بنيادن تي ڪيل ڳالهه ۾ تضاد هوندا آهن. جڏهن جيئي سنڌ وارا چوندا هئا ته ”تنهنجو رهبر منهنجو رهبر جي ايم سيد“ ته پليجو حامي لابي سخت تنقيد ڪندي هئي ته اها شخصيت پرستي آهي پر پوءِ پاڻ وري ”تنهنجو منهنجو کان وڌي رسول بخش پليجي کي سڄي سنڌي قوم جو رهبر بڻائي ڇڏيائون. سندس جنازي واري ڏينهن به سمورو وقت ذاتي تعريف تي ٻڌل ۽ شخصيت پرستيءَ جو درس ڏيندڙ نعرا لڳندا رهيا. خود جناح صاحب کي به جڏهن هو هڪ وڏي سيڪيولر سياستدان طور پيش ٿو ڪري ته يا ته ان جي ۲۲-۱۹۲۱ تائين جي ڪردار جي ڳالهه ٿو ڪري يا وري آگسٽ ۱۹۴۷ع واري تقرير جي. ان وچ ۾ جناح جيڪا فرقيواريت تي ٻڌل ٻه قومي نظريي واري سياست ڪئي ان جو ذڪر ئي نٿو ڪري جنهن جي بنياد تي هڪ ملڪ ٺهيو ۽ اڄ تائين هلي رهيو آهي جنهن ۾ جناح جي سيڪيولر سوچن لاءِ ڪا جاءِ ناهي، ساڳئي نموني پليجي صاحب پنهنجي سوچ ۽ عمل جو چڱو حصو اهو ثابت ڪرڻ تي صرف ڪيو ته امام علي نازش ۽ ڄام ساقيءَ جي قيادت ۾ هلندڙ ڪميونسٽ پارٽي اصلي ناهي.
مون کي ذاتي طور به پليجي صاحب سان گڏ ڪم ڪرڻ ۽ کيس ويجهو کان ڏسڻ جو ڪافي موقعو مليو. منهنجي سياست ۾ پير پائڻ جا لڳ ڀڳ اهي ڏينهن آهن جڏهن پليجي صاحب سنڌي عوامي تحريڪ ٺاهي. منهنجي سڄي سياسي زندگي سائين جي ايم سيد جي مڪتبه فڪر سان ۽ ان لاءِ جدوجهد ۾ رهي آهي، جڏهن ته عوامي تحريڪ ان جي مکيه مخالف هئي، پر سنڌ ۽ سنڌي قوم جو طاقتور عنصر اسان ۾ مشترڪ هئو، سنڌ جي شناخت، نجات ۽ خوشحالي ته مشترڪه مقصد هئو پر ان جي حاصلات جا طريقا ۽ ذريعا صفا مختلف سنڌ جي حقن جي جدوجهد ۾ هلندي اسان ڪڏهن هڪ ٻئي کي ويجها آياسين ته ڪڏهن ڳالهه صفا ..... تائين وڃي پهتي. اسان جي وچ ۾ اتفاق به ٿيا ته اختلاف ۽ جهيڙا به. اهي جهيڙا لکت ۾ به ٿيا ته زباني به، پرپٺ ٿيا ته سامهون به، ميٽنگن ۾ به ٿيا ته سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ به پر اهو چوڻ ۾ مون کي ڪا گهٽتائي محسوس نٿي ٿئي ته ساڻس تعلق مان مون سکيو به، هن سان جهيڙي ۽ مخالفت ۾ به مزو ايندو هئو، ڏاهن صحيح چيو آهي ته ”نادان دوست کان داناءُ دشمن سٺو آهي“.
سنڌ جي ويجهي تاريخ جي ٻن وڏن موقعن ۽ اهم مرحلن تي اسان کي گڏ ڪم ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ جو موقعو مليو. هڪڙو سنڌ سطح جو سنڌ قومي اتحاد ۽ ٻيو پاڪستان جي محڪوم قومن جو اتحاد پونم، ان عرصي دوران ڪڏهن اسان هڪ ٻئي جا سخت ناقد رهياسين ته ڪڏهن ڪن فردن/ڌرين جي ڇڙواڳيءَ وارن عملن خلاف هڪ آواز ٿي وياسين. سنڌ قومي اتحاد ۾ هڪ مک ڌر طور عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي جي هدايتن تي هلي رهي هئي جڏهن ته سائين جي ايم سيد جي رهنمائيءَ ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان اڪثر هوم ورڪ مان ڪندو هئس. پونم جو چارٽر ٺاهڻ واري ۹ رڪني ڪميٽيءَ ۾ به جناب پليجو ۽ مان شامل هئاسين.
اسان جي وچ ۾ جيڪي ٿورا اتفاق هئا انهن مان هڪ آمريڪي سامراجيت جي مخالفت هئي، ۲۰۰۸ع جي صدارتي اليڪشن کان اڳ ۾ پليجو صاحب، مهر حسين شاهه ۽ مان سرڪي صاحب جي آفيس ۾ ملياسين. مهر حسين شاهه آمريڪا جي تعريف ڪندي چوڻ لڳو ته ”ايندڙ اليڪشن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي کٽندي پوءِ اصلي واهه واهه ٿي ويندي“. ان تي مون چيو ته ”ڪو خاص فرق ڪونه پوندو، بس ايترو فرق ٿيندو جيترو غلام هندستان جي باري ۾ برطانيا جي ڪنزرويٽو پارٽي ۽ ليبر پارٽيءَ جي پاليسين ۾ هئو“. پليجو صاحب چوڻ لڳو ”مون کي هن جي (منهنجي) ڳالهين سان گهٽ اتفاق ٿيندو آهي پر هن جي ان ڳالهه سان مڪمل اتفاق ٿو ڪريان“، ڳالهيون ته کوڙ آهن پر اخبار جي انچارج جو ڏنڊو مٿان بيٺو آهي.



رسول بخش پليجو
ورلڊ سٽيزن
اسحاق مڱريو
هو نه رڳو پاڻ ورلڊ سٽيزن آهي پر هن جي خواهش آهي ته؛ هر سنڌي ورلڊ سٽيزن هجي. رسول بخش پليجو، هاڻ ٻياسي سالن جي ڄمار جو آهي. اوڻويھ سؤ ٽيهه ۾ جنگشاهي ويجهو ڳوٺ منگر پليجو ۾ تپيدار علي محمد پليجي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هو ننڍپڻ ۾ پيءُ جي بدران ماءُ جي ويجهو رهيو آهي. ان ڪري هو سٺي سنڌي ڳالهائڻ جو سبب به پنهنجي ماءُ جي ويجهو هئڻ ڄاڻائي ٿو. هو چئي ٿو ته آئون سڄو ڏينهن ماءُ سان چهٽو پيو هوندو هوس. امان ۽ ٻين مائين جي وچ ۾ جيڪا ڪچهري ٿيندي هئي سا آئون سڄي پني تي پيو لکندو هوس، ٻين مائين جي وڃڻ کان پوءِ اهي لکيل پنا امان کي پڙهي ٻڌائيندو هوس. جنهن تي امان وري ڀونڊو گهروڙي چوندي هئي؛ مئا تون ته صفا شاهد ٿيو بيٺو آهين. هن جو چوڻ آهي ته مونکي ٻولي سمجهڻ ۽ لکڻ جو ڏانءُ اتان مليو.
هو صحافين کي انٽرويو ڏيڻ جي بدران، کانئن انٽرويو وٺڻ جو عادي آهي. اهڙيءَ ريت سٺي تقرير ڪرڻ جو سبب هو ٻڌائي ٿو ته؛ اسان جي علائقي ۾ چورين جو وڏو آزار هوندو هو. ان ڪري امان رات جو گاسليٽ واري بتي ٻاري، مال ۽ گهر تي پهرو ڏيندي هئي. جڏهن ته آئون وري رات جو امان کي ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهي ٻڌائيندو هوس. هو روانيءَ سان  تقرير ڪرڻ جو سبب پڻ ننڍي هوندي پنهنجي ماءُ کي ڪهاڻيون پڙهڻ ڄاڻائي ٿو.
ڪوهستاني علائقي سان واسطو رکندڙ رسول بخش پليجو سانوڻين ۾ پنهنجي ڳوٺ جي واٽ نئين مان گجگوڙ ڪري وهڻ واريون ڳالهيون اڄ به ياد ڪري ٿو. هو هڪ ئي وقت ٻهراڙي ۽ شهري ڪلچر رکندڙ آهي. رسول بخش پليجو چئي ٿو ته؛ آئون ننڍي هوندي ئي ڪراچي ۾ پڙهڻ هليو ويس. ان ڪري شهري ڪلچر ۾ ئي وڏو ٿيو آهيان.
هو جتي شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ تي عبور رکندڙ آهي ته ساڳيءَ طرح مخدوم محي الدين ۽ مير تقي مير کان وٺي ٻين اردو شاعرن جي شاعري تي پڻ وڏو عبور رکندڙ آهي. هو روزاني دنيا جي ملڪن جون مکيه اخبارون پڙهي، دنيا جي معاملن کان باخبر رهي ٿو جديد دور وارن مختلف سياسي اسٽيجن ۽ ٽي ويز مناظرن ۾، پنهنجي مخالفن کي مات ڏيڻ، هن جو محبوب مشغلو رهيو آهي.
هو گهڻو سيءُ لڳڻ واري بيماريءَ مان وڏي عرصي کان گزرندڙ آهي. ان ڪري  اونهاري ۾ هن جو جرسيءَ ۾ هئڻ به حيرت وارو نه هوندو آهي. ان ڪري فيبروريءَ ۾ سخت سرديءَ واري مند ۾ جرسيءَ مٿان گرم جيڪٽ پائي سوڙ ۾ سمهندي، ڪچهري ڪرڻ واري هن جي ڳالهه پڻ ڪا گهڻي حيرتناڪ نه هئي. پر حيرتناڪ ڳالهه اها هئي ته اهڙيءَ حالت جي باوجود به هو رات جو ٻين وڳي تائين سمهڻ کان اڳم عالمي نوعيت جو لٽريچر يا ٻئي ڪنهن به موضوع تي پڙهڻ کان پوءِ سمهي ٿو.
هن جا ويهن کان وڌيڪ ڪتاب آيل آهن. جڏهن ته هن جي ڏنل ليڪچرز، شاه لطيف جي موضوع تي ڪيل تقريرون ۽ ٻين سياسي موضوع وارين تقريرن جا مختلف ڪتاب اچڻ وارا آهن. هو وڪيل، اديب، شاعر،  ڪمپوزر، مترجم رهيو آهي. هو بلا جو مقرر آهي. هن جي تقرير ۾ ڪئين رنگ هجن ٿا. هو پنهنجي مخصوس انداز واري تقرير ۾ سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي واري شاعري به پڙهندو ۽ چرچن واري انداز ۾ پنهنجي مخالفن تي طنز به ڪندو. ٺش، ٺش، ٺش، پاتلائي، کودڙا، رذيل، ردي، لوٺيا، سازشي، ڪوڙا قومپرست، نقلي ڪميونسٽ، شاهينگ لوٺيا، دھلي جا ٺڳ وغيره وغيره ۽ ٻيون ڪئين اهڙيون گاريون آهن جيڪو هو تقريرن ۾ پنهنجي مخالفن تي ڪسيندو رهندو آهي.
هو ورلڊ سٽيزن ماڻهو آهي. ان سبب هن وٽ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن بابت تمام گهڻي ڄاڻ آهي. پر آمريڪا هن جو سڀ کان وڏو پسنديده موضوع آهي. سرد جنگ ختم ٿي وڃڻ جي باوجود به آمريڪا جي سامراجي حيثيت ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه اچڻ واري ڳالهه بابت هن وٽ ڪئين دليل آهن. انهن  سامراجي وڌندڙ اثرن بابت پنهنجي دليلن ۾ هو پنهنجي پاڻ کي ورلڊ سٽيزن چئي ٿو. ان ڪري هو پنهنجي ڳالهه ايشيا، يورپ، آمريڪا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا بابت سياسي، سماجي ۽ اقتصادي انگ اکرن سان ڪرڻ جو عادي آهي. هو هر ڳالهه، رفرنس سان ڪرڻ ڄاڻي ٿو. آمريڪا بابت هو چئي ٿو ته؛ هن جو سرد جنگ کان پوءِ انهيءَ حد تائين اثر رسوخ وڌيو آهي جو چين ان جي اڳيان پنهنجو پاڻ بچائي سگهي ٿو يا الائجي نه؟ پوءِ هو چين جو اڄ واري دور ۾ وڌي ويل شاهوڪاري بابت ۽ روس جي شاهوڪاري بابت انگن اکرن سان ڳالهائڻ لڳي ٿو. ان سلسلي ۾ هو دنيا جي ملڪن جي اخبارن جا نيٽ تان دائون لوڊ ڪري ڪتابي صورت ۾ گڏ ڪيل مواد گهرائي ڏيکاري ٿو. هن وٽ اهڙا ڪئين واليم گڏ ڪيل آهن.
جيوڻيڪ هو سنڌي ادب جو وڏو نقاد رهيو آهي پر اڄوڪي سنڌي ادب بابت گهڻو مايوس آهي. هو چئي ٿو؛ آئون اڄ وارو سنڌي ادب پڙهان ئي ڪو نه. مونکي اها به خبر ناهي ته ڪهڙا شاعر ۽ اديب، ڪهاڻيون ۽ شاعري ڪندڙ آهن. مون ته ڪنهنجو به نالو ڪو نه ٻڌو آهي.
هن جو گهر، سياسي ورڪرن جو پنهنجو گهر لڳندو آهي. ان جي ڊرانئنگ روم جا صوفا، انهن جي گدن کي وهاڻو ڪري ستل ورڪر، سگريٽن جا ٽوٽا اڇلايل هن جي گهر واري ڊرائنگ روم ۾ ڪارل مارڪس، اسٽالن ۽ هوچي منھ جون تصويرون لڳل آهن. هن جي ڊرائينگ روم ۾ لڳل تصويرن ۾ پليجي جو ڊاڪٽر نجيب سان نڪتل گروپ فوٽو پڻ لڳل آهي.
رسول بخش پليجو ڪپڙن لٽن بابت به ڪو گهڻو خيال نه رکندڙ آهي. عام طور تي گهڻن ئي هنڌن تي بنا استري ٿيل ڪپڙا پائي وڃڻ ۾ به هو ڪو عار نه سمجهندو آهي. ان جو سبب ٻڌائيندي هو چئي ٿو ته؛ ننڍي هوندي آئون وڏو رول هوندو هوس. ڏينهن جو مانيءَ جي ٽائيم تي عام طور گهر نه هوندو هوس. ان ڪري جنهن مهل دير سان گهر ايندو هوس ته ماني هوندي ڪا نه هئي. امان چوندي هئي ته بابا بس هاڻ سج لهڻ وارو آهي، رات واري ماني پچي ٿي پوءِ کائجانءِ. ان ڪري مونکي ننڍي هوندي کان ئي نه سٺي ماني کائڻ ۽ نه وري سٺن ڪپڙن پائڻ جو ڪڏهن شوق رهيو آهي.
هن سنڌ ۾ سياسي اشوز کي ماڻهن ۾ عام ڪرڻ لاءِ پيرين پنڌ مارچ ڪرڻ جو رواج وڌو. جيتوڻيڪ ڄام ساقيءَ کانسواءِ ڊاڪٽر قادر مگسي، بشير خان قريشي ۽ ٻيون هاري جماعتون به پنهنجي اشوز تي لانگ مارچ ڪنديون رهيون آهن. پر انهيءَ انداز ۾ معاملن کي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ پهچائڻ لاءِ هن ڪئين لانگ مارچ ڪيا. جنهن ۾ ٻه دفعا سکر کان ڪراچي، هڪ دفعو ڀٽ شاهه کان ڪراچي، حيدرآباد کان ڪراچي ۽ ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين وارا لانگ مارچ شامل آهن. انهن لانگ مارچن دؤران گرفتاريون، آنسو گيس جي شيلنگ، لٺين مٿان لٺيون ليڊرن کان وٺي ورڪرن تائين وسنديون رهيون، جن ۾ پليجو پاڻ پنهنجي ٻين ساٿين سميت مٽياريءَ ۾ گرفتار ٿيو. وڏيرو شاهنواز، گرفتار ٿيو. جيجي زرينه تي ٺٽي ۾ لٺيون وسايون ويون، شامل آهن.
پليجو، جديد سنڌ جي سياست ۾ سياسي منتظم آهي. هن پنهنجي پارٽيءَ بابت سامراج دشمني، لبرل ازم، جاگيرداري قدرن خلاف بي پناه ڪم ڪيو آهي. پر هن جو سڀ کان وڏو مثالي ڪم، سنڌ جي جاگيرداري ڪلچر واري سماج ۾ عورتن جي ڀرپور تنظيم جوڙڻ آهي.



جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي
منان چانڊيو
پليجي صاحب جي سياسي، ادبي ۽ انقلابي زندگي تي لکڻ لاءِ قلم هٿ ۾ پڪڙي اڃا شروعات مس ڪندي کيس مرحوم چوندي زبان اٽڪي پئي ۽ مرحوم لکندي قلم پڙ ڪڍي بيهي رهيو، دماغ چڪرائجي ويو ۽ گهڙي پل لاءِ سڄو بت سُن يا پنڊ پهڻ ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ پاڻ سنڀالي پليجي صاحب جي گوناگون ۽ گهڻ رخي شخصيت جو جائزو وٺندي جيڪي به محترم، مهذب ۽ معتبر لفظ يا جملا کيس ارپيم ان جو هو ڀنڊار هيو. جدوجهد، جاکوڙ ۽ جستجو سندس رڳ رڳ ۾ اوتيل هئي. عقل، علم ۽ ادب جو هو پيڪر هيو. سورهيائي، سجاڳي، سچيتائي سندس سرير ۾ سمايل هئي. ارڏائي، اڙٻنگائي ۽ اوچائي هن ۾ وڃي ڇيد ڪيو. دائي، دورانديشي، دليري ۽ دليل بازي جا وٽس کرار هئا. جوش، جذبي ۽ جرئت جو وٽس اڻ ميو خزانو هيو. لفظن جي جوڙجڪ، ادائگي، انداز ۽ روانگي سندس محتاج هئي. هزارين، لکين برجوش ماڻهن جا انبوهه هجن، ٽيبل ٽاڪ ٽي وي شو هجي يا ليڪچر، بحث مباحثا، مذاڪرا، مناظرا ۽ سيمينار هجن. اهڙي ريت ادب، شاعري، نثر، نظم، ڪهاڻي، ناول توڙي مضمون نگاري تي ڳالهائڻو هجي. ساڳي طرح دنيا جون انقلابي تحريڪون هجن، توڙي انهن جي اڳواڻن جي ڪردار تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻي هجي، انهن سڀني موضوعن ۽ صنفن تي پليجو صاحب بنا ڪنهن اڳواٽ تياري گهٻراهٽ جي ٻڌندڙن کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هيو.
مان پاڻ کي وڏو خوشنصيب سمجهان ٿو جو گذريل چئن ڏهاڪن کان وٺي سندس قيادت ۽ رهبري هيٺ هلندڙ عوامي تحريڪ جو ڪارڪن رهندو پيو اچان. ان ڪري پليجي صاحب جي سوين وڏن توڙي ننڍن جلسن، جلوسن، ڌرڻن، ريلين، لانگ ۽ شارٽ مارچن، ليڪچرن ۽ تنظيمي ويهڪن ۾ شامل ٿي، پليجو صاحب کي تمام ويجهو کان ۽ غور سان ٻڌڻ جو شرف حاصل ڪندو پئي آيس، ان تجربي جي بنياد تي چئي سگهان ٿو ته، پليجي صاحب جي تقرير، ليڪچر يا وري عام گفتگو ۾ ڪڏهن ۽ ڪٿي به ورجاءُ ۽ هٻڪ ڪونه ٻڌي. هو سدائين لفظن ۽ جملن کي توري تڪي استعمال ڪندو هو. هو هڪ ئي وقت ۽ هڪ ئي ويهڪ ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، عربي، فارسي وغيره ٻولين ۾ ڪڏهن ڌيري، ڪڏهن جوش ۽ جذبي پر وڻندڙ لهجي ۾ لفظن کي موتين جي مالها ۾ پوئي، حاضر مجلس وارن کان داد وٺڻ تي مجبور ڪندو هو. هن ۾ اها به خوبي هئي ته هو پنهنجي تقرير ۽ تحرير ۾ دنيا جي مهان انقلابين، دانشورن، فلسفيدانن ۽ ڏاهن جي ڪيل جدوجهد قولن، نظرين ۽ ڪاميابين جا مثال ڏيڻ کان علاوه قومي، عوامي شاعرن جي شعرن، بيتن، گيتن، نظمن ۽ واين وغيره ذريعي عوام ۾ پيدا ڪيل اتساهه جي پڻ چٽي نموني ڳالهه ڪندو هيو. چوڻ جو مطلب ته هن ۾ اڻ کٽ گڻن، خصلتن جو ڄڻ ته ذخيرو هجي. اهڙن ئي مڻيادار ماڻهن لاءِ ڀٽائي گهوٽ فرمايو آهي ته،
ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار،
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارو ڌار،
پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.
پليجي صاحب ۾ جتي ڏات هئي اتي وري کيس اهڙا ته دلربا دوست ۽ ساٿ جا ساٿي مليا جو وڃي ٿيا ست خير. پليجو صاحب اهڙن وطن پرستن ۽ سنڌي عوام دوست ماڻهن جهڙوڪ: فاضل راهو، چاچا حفيظ قريشي، مير علي بخش ٽالپر، محسن عباسي، قاضي غفار، محمد قاسم ميرجت، غلام نبي بهراڻي، محمد خان مگسي، سائين عالم شاهه، رسول بخش ڏيٿو عرف جبل، ماما عارف ڪيڙانو ۽ ٻين کوڙ سارن فرض شناس انسانن سان گڏجي ۱۹۷۰ع ڌاري سنڌي عوامي تحريڪ جهڙي نظرياتي پارٽي جو بنياد وجهي قومي عوامي جهموري انقلاب آڻڻ لاءِ سنڌ جي واهڻن وستين تائين هڪ قسم جي شعور، سرت ۽ سمجهه جي لاٽ ٻاري. اهڙي سياسي، نظرياتي ۽ فڪري قافلي لاءِ ڄڻ ته ڀٽائي صاحب هينئن فرمايو آهي،
ڪيچان آيو قافلو جنهن جو ساٿ ڌڻي سرواڻ،
وار وڍي واڳون ڪيان، پوان هوند پلاڻ،
جهڙو پنهل ٿيو پاڻ، تهڙي سٽاءَ ساٿ جي.
مقصد ته پليجي صاحب سان جيڪي پارٽي دوست گڏ هئا انهن جو سنڌي سماج ۽ معاشري ۾ تمام وڏو مقام هيو ۽ گڏوگڏ قومي عوامي ۽ جمهوري راڄ قائم ڪرڻ جي جستجو توڙي سامراج دشمن نظريي ۽ نقطن واري عوامي منشور رکندڙ سنڌي عوامي تحريڪ جو وجود ۾ اچڻ تنهن وقت جو هڪ سياسي معجزو هيو، ڇو ته ان وقت هڪ طرف ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو عوامي مقبوليت رکندڙ سياستدان ۽ ان جي پارٽي ملڪي ماڻهن لاءِ اٽي، لٽي ۽ اجهي جي ڳالهه ڪري رهي هئي، ٻئي طرف دنيا جا پورهيت هڪ هڪ ٿي وڃو جي نعري سان ڪميونسٽ پارٽي جا ڪامريڊ به سرخ انقلاب آڻڻ لاءِ خيبر کان ڪراچيءَ تائين اچ وڃ ڪري رهيا هيا، ٽئين طرف وري سنڌ ۾ سنڌي قوم جي آجپي ۽ خوشحالي خاطر سائين جي ايم سيد جي رهنمائي هيٺ جيئي سنڌ تحريڪ يا جيئي سنڌ محاذ به زورن تي هيو. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته، پليجو صاحب ۽ ان جي سياسي دوستن ۽ ساٿين لاءِ سنڌي قوم جي قومي ۽ عوامي حقن جي حاصلات لاءِ هڪ سياسي پارٽي قائم ڪرڻ جي گنجائش ئي نه هئي، پر پوءِ به پليجي صاحب ۽ ان جي ساٿين لاءِ لطيف سائين ڄڻ ته هينئن فرمايو هجي ته:
جئان وهي تئان واٽ، ڪپر پڇن ڪوڙيون،
جن کي سڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ نه پڇن گهاٽ،
جن کي عشق جي اساٽ، سي واهڙ ڀانئن وکڙي.
پليجي صاحب جي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ عوامي تحريڪ تمام ٿوري وقت ۾ سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين تنظيمي نيٽ ورڪ قائم ڪري ورتو. اهم ڳالهه اها به هئي ته جتي عوامي تحريڪ پنهنجي سياسي تنظيمي ڪم ڪار کي بهتر اثرائتي ۽ سولي نموني بنائڻ لاءِ سنڌي قوم جي مڙني طبقن ۽ حصن کي پارٽي جو حصو بنائڻ لاءِ ڪيترا ئي برادر محاذ جهڙوڪ: سنڌي هاري تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ ۽ تاريخ ساز ڪارنامو سرانجام ڏيندي سنڌياڻي تحريڪ پڻ قائم ڪئي. اتي وري هارين، مزدورن، پورهيتن، شاگردن، عورتن، ننڍن ٻارن سميت سنڌي قوم سان تعلق رکندڙ مختلف مڪتبئه فڪر جي ماڻهن ۾ سياسي، نظرياتي، ادبي، ثقافتي ڄاڻ پيدا ڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ اسٽڊي سرڪل قائم ڪيا، انهن ۾ بين الاقوامي، ملڪي، ترقي پسند ۽ سنڌ سطح جو سنڌي قوم ۽ عوام دوست لٽريچر پڙهيو ۽ پڙهايو ويندو هو. ان کان علاوه منجهن خوداعتمادي پيدا ڪرڻ جي لاءِ تقريري مقابلا ۽ بحث مباحثا ڪرايا ويندا هئا، اهڙن ليڪچرن جو پڻ بندوبست ڪيو ويندو هو جن جي سياسي، نظرياتي ۽ ادبي ويهڪن ۾ هڪ طرف اڻ پڙهيل هاري، مزدور، عورتون توڙي ننڍڙا ٻارڙا مارڪس ازم، لينن ازم، فڪر مائو، کاٻي ڌر، ترقي پسندي، رجعت پسندي، قوم پرستي، شائون ازم وغيره تي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ليڪچر ڏئي لکيل پڙهيل ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيندا هئا، ته ٻئي پاسي عوامي تحريڪ جا معمولي ۽ اڻ پڙهيل ڪارڪن هزارين ماڻهن جي جلسن ۽ اسٽيج تي ويٺل وڏن سياستدانن جي اڳيان اهڙيون ته تقريرون ڪندا هئا جو ٻڌندڙن تي سحر طاري ٿي ويندو هو.
پاڻ مٿي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين پليجو صاحب جي قيادت واري عوامي تحريڪ جي ته، هن سنڌ ۾ جدوجهد، جاکوڙ ۽ عوامي احتجاجن جا نوان رواج متعارف ڪرائيندي هڪ بي مثال ڪارنامو سرانجام ڏيندي هڪ منفرد قسم جي سياسي حيثيت ۽ مڃتا ماڻي ورتي. ان ساڳئي ئي قسم جي روايت کي برقرار رکندي عوامي تحريڪ جي انقلابي ساٿين پليجي صاحب جي آخري رسمن ۽ تدفين وقت به نوان ۽ تاريخي مثال قائم ڪندي ملڪ ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو ته، عورتن جي هڪ وڏي تعداد نه صرف پليجي صاحب جي ميت کي ڪلهو ڏيندي جنازي نماز ۾ صفون ٻڌي بيٺيون پر پليجو صاحب کي مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ وقت هڪ هٿ ۾ پارٽي جو پرچم ۽ ٻئي هٿ ۾ پليجي صاحب جون تصويرون کڻي عظيم انقلابي اڳواڻ کي سلامي پيش ڪئي ۽ اهو پڻ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيو ته، پليجي صاحب جي جسد خاڪي کي دفنائڻ کان پوءِ عوامي، قومي ۽ انقلابي گيتن جي گونجار ٿيڻ کان علاوه هن سان سندس پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وچن ڪيو ته هو فڪر پليجو جي واٽ تي هلندي سندس عوامي مشن کي پايه تڪميل تائين پهچائيندا. اسان جي سمجهه ۾ اها وڏي ڳالهه آهي ۽ اميد ته، پليجي صاحب جا نظرياتي پوئلڳ پاڻ ملهائيندي هن جي روح کي سڪون ۽ فرحت ڏيندا، بس اها ئي ڪنهن انقلابي پارٽيءَ جي اصل سڃاڻ هوندي آهي..


رسول بخش پليجو
سنڌ کي ليجنڊ جو جنم ڏينهن مبارڪ هجي
منان چانڊيو
اڄ سنڌ جي هڪ ارڏي انسان گونا گون صلاحيتن جي مالڪ شاهه لطيف جي شاعري کي قومي ۽ عوامي روپ ۾ سنڌي ماڻهن اڳيان پيش ۽ متعارف ڪرائيندڙ محترم رسول بخش پليجو صاحب جي ۸۸ سالگرهه آهي. هو هڪ ئي وقت سياستدان، فلاسافر، ڏاهو، نقاد، دانشور، صحافي، ليکڪ، اسڪالر، شاعر، قانوندان، ۽ شاهه لطيف جو پارکو آهي. هن ۾ جيڪو لکڻ، پڙهڻ، تقرير ڪرڻ، ليڪچر ڏيڻ ۽ توڙي سياسي ۽ عام ماڻهن سان ڪچهري ڪرڻ ۽ مختلف موضوعن تي بحث مباحثا ڪرڻ جو ڏاءُ ۽ اندازي گفتگو آهي. اهو شايد ڪنهن ٻئي ماڻهون منجهه نه هجي. هن جي زندگي سياسي جدوجهد ادبي ثقافتي، تخليقي، شاهڪارن تي لکڻ لاءِ پاڻ کي اهي لفظ ڪو نه ٿا ملن ۽ نه وري هن جي گهڻ رخي شخصيت کي نکارڻ لاءِ مون جهڙي اڌ مگزي، الهڙ ۽ سيکڙاٽ قلمڪار وٽ لفظن جي ڪا اهڙي انمول مالها آهي جنهن ۾ پليجو صاحب جهڙي مڌبر، بهادر، قول ۽ فعل جي سچي ۽ کري انسان جي گڙن کي پوئي سگها. ان ڪري پليجو صاحب لاءِ ڀٽائي گهوٽ جا هي لفظ ارپيا ٿو ته،
ماڻهو نه سڀ سهڻا، پکي نه سڀ هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي ڀوءِ بهار جي.
هن جي سياسي واٽ نظرئي، گس، پروگرام ۽ لائين سان اگر ڪوئي اختلاف ڪري ته اهو هنن کي حق آهي، پر هن جي قابليت، ڄاڻ، صلاحيت ۽ پنهنجي منفرد مخصوص دليلن، مثالن ۽ دنيا ملڪ توڙي سنڌ جي قومي انقلابي شاعرن، مفڪرن جي شاعري ، قولن ذريعي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن متوجهه يا قائل ڪرڻ واري ڏنگ سان ڪو به اختلاف نٿو ڪري سگهي. هن جي اهڙي سڀاء لاءِ ڄڻ ته شاهه سائين فرمائي ٿو ته،
ڪوڙين ڪايائون تنهنجون لکن لک هزار
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين درسن ڌارو ڌار
پريم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.
پليجو صاحب ٻاراڻي کاني کائي نواڻ طرف مائل هيو. هو ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرن کان مختلف ذهن ۽ خيال اکندڙ هوندو هو. هو اڳتي وڌڻ ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي تڙپ رکي اڳتي وڌندو رهيو. مثال طور تي هن ننڊڙائپ واري وقت ۾ مسلم ليگ جي نيشنل گارڊز ۾ شامل ٿي ويو ۽ ان جي پليٽفارم تان پنهنجون غير معمولي سرگرميون شروع ڪيون ۽ جيئن ئي هن جي ذهن جي اوسر ٿيڻ لڳي تيئن ئي ملڪ، سنڌ ۽ اتان جي پورهيت ماڻهن کي درپيش مثلن جي حل لاءِ مختلف سياسي، سماجي، ادبي، ثقافتي ڌرين سان لهه وچڙ ۾ اچي انهن جو حصو بنجي جدوجهد جي ميدان ۾ لهي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهيو.
پليجي صاحب جڏهن ايس ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پهرين سال ۾ پڙهندو هو تڏهن سنڌ جو هاري رهنما ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي موجودهه قمبر ضلعي جي تنهن وقت جي چانڊڪا جاگير جي والي وارث نواب غيبي خان چانڊيو سان چونڊ لڙيو ته پليجي صاحب هن جي ورڪ ڪئي ۽ پليجو صاحب لکي ٿو ته اسان جڏهن نوابن خلاف ڳوٺن ۾ وڃي ووٽ وٺڻ لاءِ تقريرون ڪندا هئاسين ته وڏيرا اسان کي ملندا هيا ۽ چوندا هيا ته اسان کي گاريون ڏئي وٺو اسان توهان کي ڀت ٿا کارايون.
پليجو صاحب ڪجهه وقت نعپ ۾ رهيو ان کانپوءِ عوامي ليگ جو حصو رهيو. هو ۱۹۶۵ع ڌاري بزم صوفيائي سنڌ جو سيڪريٽري ٿيو. جنهن جو صدر سائين جي ايم سيد هيو. هن سنڌي ثقافتي ميدان ۾ انقلابي قدم کنيا. ان پليٽفارم تان سنڌ ۾ لڳندڙ صوفن ۽ شاعرن جي ميلن ۾ سنڌي قومي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ انقلابي ، قومي مشاعرا موسيقي جا پروگرام ڪيا ويندا هئا. ان دور ۾ سنڌي عوام خاص ڪري پڙهيل ڪڙهيل طبقي ۾ ڪافي سجاڳي پيدا ٿئي. سنڌي عوام جي ان سجاڳي واري جدوجهد ۾ محترم پليجي صاحب جو هڪ خاص مقام رهيو. ۱۹۶۶ع ۾ سنڌ جي دل حيدرآباد ۾ سنڌ جي قومي ۽ انقلابي شاعر شيخ اياز سان هڪ شام ملهائڻ جو پروگرم رٿيو ويو پر ان وقت فوجي حڪومت شيخ اياز کي حيدرآباد شهر بدر ڪري ڇڏيو. بهرحال هن سرڪاري ڌمڪي ۽ دٻاءَ جي باوجود اها شام منعقد ٿئي جنهن ۾ پليجو صاحب ”سنڌي جوڌا“ جي موضوع تي هڪ تاريخ ساز ۽ بيمثال تقرير ڪئي ۽ دليلن سان پنهنجي تقرير ۾ اهو ثابت ڪيو ته محمد بن قاسم سنڌ ۾ اسلام پکيڙڻ نه پر سنڌ ۽ سنڌين کي اربن جو غلام بنائڻ آيو هو. راجا ڏاهر سنڌ جي خودمختياري ۽ آزادي جي لاءِ وڙهندي شهيد ٿي ويو. ان جي ڪري هو سنڌ جي قومي هيرن جو مهندار هو ۽ آهي. سنڌي شامن جي ڪري ۽ ان ۾ پليجو صاحب جي رهنمائي ۽ شعلا بيان تقريرن سنڌي شاگردن ۽ عوام ۾ نئين انقلابي جوش جنم ورتو. پليجو صاحب ۱۹۷۰ع ڌاري سنڌي عوامي تحريڪ جهڙي وطن پرست، عوام دوست پارٽيءَ جو بنياد وڌو. هن سان گڏ سنڌ جا ٻيا ڪيترائي سڄاڻ ماڻهو جهڙوڪ فاضل راهو، چاچا حفيظ قريشي، مير علي بخش ٽالپر، محسن عباسي، محمد قاسم ميرجت، غلام نبي بهراڻي، محمد خان مگسي، سائين عالم شاهه، قاضي غفار ۽ رشيد ڀٽي به گڏ هئا. اهڙي سياسي قافلي لاءِ ڄڻ ته ڀٽائي صاحب هيئن فرمايو آهي ته
ڪيچ آيو قافلو جنهن جو ساٿ ڌڻي سرواڻ
وار وڍي واڳون ڪيا پوان هوند پلاڻ
جهڙو پنهل هيو پاڻ تهڙي سٽاءَ ساٿ جي
چوڻ جو مطلب ته پليجي صاحب سان جيڪي گڏ پارٽي دوست هئا انهن جو سنڌي سماج ۽ معاشري ۾ تمام وڏو قردار هيو. ۽ گڏوگڏ قومي عوامي ۽ جمهوري سامراج دشمن اهم نظرئي ۽ نقطن واري عوامي منشور رکندڙ سنڌي عوامي تحريڪ جو وجود ۾ اچڻ ڄڻ ته سياسي معجزو هيو. ڇو ته ان وقت هڪ طرف ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو عوامي مقبوليت رکندڙ سياستدان ۽ ان جي پارٽي ملڪ ۾ اٽي، لٽي ۽ اجهي جي ڳالهه ڪري رهي هئي. ٻئي طرف وري ”پورهيت هڪ ٿي وڃو“ جي نعري سان ڪميونسٽ پارٽي وارا ڪامريڊ به سرخ انقلاب آڻڻ لاءِ خيبر کان ڪراچي تائين اچ وڃ ڪري رهيا هئا. ٽئي طرف وري سنڌ ۾ سنڌي قوم جي آجپي ۽ خوشحاليءَ خاطر سائين جي ايم سيد جي رهنمائي هيٺ جيئي سنڌ تحريڪ يا محاذ به زورن تي هيو. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته پليجو صاحب ۽ ان جي سياسي دوستن ۽ ساٿن لاءِ ڄڻ ته سنڌي قوم ۽ عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪنهن سياسي پارٽيءَ قائم ڪرڻ يا جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت ۽ گنجائش ڪا نه هئي، پر پليجو صاحب ۽ ان جي ساٿن لاءِ ڀٽائي ضاحب ڄڻ هيئن فرمايو هجي ته
جئان وهي تئان واٽ ڪپر پڇن ڪوڙيون
جن کي سڪ ساهڙ جي سي گهيڙ نه پڇن گهاٽ
جن کي عشق جي اُساٽ سي واهڙ ڀائن وکڙي
پليجي صاحب جي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ سنڌي عوامي تحريڪ موجودهه ”قومي عوامي تحريڪ“ تمام ٿوري وقت ۾ سموري سنڌ ۾ تنظيمي نيٽ ورڪ پيدا ۽ قائم ڪري ورتو ۽ اهم ڳالهه اها هئي ته جتي عوامي تحريڪ پنهنجي سياسي ۽ تنظيمي ڪم ڪار کي بهتر اثرائتي ۽ سولي نموني بنائڻ لاءِ سنڌي قوم جي مڙن ئي طبقن ۽ حصن کي پارٽيءَ جو حصو بنائڻ لاءِ ڪيترائي برادر محاذ جهڙوڪ سنڌي هاري تحريڪ، سنڌي مزدور تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ ۽ سڀ کان وڏو تاريخ ساز ڪارنامو سنڌياڻي تحريڪ جو قائم ٿيڻ هو. اتي وري هارين، مزدورن، پورهيتن، شاگردن، عورتن، ننڊڙن ٻارن سميت سنڌي سماج سان تعلق رکندڙ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن ۾ سياسي نظرياتي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ اسٽڊي سرڪل قائم ڪيا. انهن ۾ بين القوامي، ملڪي، ترقي پسند ۽ سنڌ سطح جا سنڌي قوم ۽ عوام دوست لٽريچر پڙهيو ۽ پڙهايو ويندو هو. ان کان علاوهه هارين، مزدورن، پورهيتن، شاگردن، عورتن، ٻارن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ جي لاءِ تقريري مقابلا ڪرايا ويندا هئا ۽ ليڪچرن جو پڻ بندوبست ڪيو ويندو هو. اهڙن سياسي، نظرياتي ۽ ادبي ويهڪن ۾ هڪ طرف اڻ پڙهيل هاري، مزدور، عورتون ۽ ننڊڙا ٻارڙا مارڪس ازم، لينن ازم فڪر مائو، کاٻي ڌر ، ترقي پسندي، رجعت پرستي، قوم پرستي، شائون ازم وغيرهه تي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ليڪچر ڏئي لکيل پڙهيل ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيندا هئا. ته وري ٻئي پاسي عوامي تحريڪ جا اڻ پڙهيل ۽ معمولي پڙهيل ڪارڪن هزارين ماڻهن جي جلسن ۽ اسٽيج تي ويٺل وڏن وڏن سياستدانن اڳيان اهڙيون ته تقريرون ڪندا هئا جو ٻڌندڙن تي سحر تاري ٿي ويندو هيو. ان تناظر ۾ سنڌ جي هڪ اديب ۽ دانشور علي احمد بروهي، فاضل راهو جي شاهدي تي هلال پاڪستان اخبار ۾ هڪ آرٽيڪل لکيو هيو ته ”جيڪڏهن اوهان ڪنهن هاري، مزدور، شاگرد، ننڊڙي ٻار کان نهايت ئي ادب و احترام سنجيدهه نموني دليلن ۽ مثالن سان گفتگو ڪندي ٻڌو ته اها پڪ ڪيو ته اهي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن هوندا“. چوڻ جو مطلب ته پليجي صاحب جو سياسي ڪمال جو ڄڻ ته ذهني معجزو هيو ته هن سنڌي سماج جي پوئتي پيل طبقن ۽ فردن ۾ اهڙي سجاڳي ۽ بيداري پيدا ڪئي جو هو چڳي لکي پڙهي ماڻهوءَ کي بحث مباحثي ۾ لاجواب ڪري ڇڏيندا هئا. هن جتي سنڌ ۾ جدوجهد جا نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا. اتي ادب، ثقافت جي کيٿر ۾ به نرالا لاڙا پيدا ڪيا. مثال طور تي سنڌين جي زندگي ۽ موت واري مسئلن ۽ معاملن جي حل لاءِ سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سکر کان ڪراچي تائين، ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين، ڀٽ شاه کان ڪراچي تائين قومي عوامي احتجاجي لانگ مارچون، سنڌ جي هڪ شهر ۽ ڳوٺ کان ٻئي شهر ۽ ڳوٺ تائين شارٽ مارچون ڪيون. اتي سنڌي قوم ۽ عوام جي بنيادي مسئلن کي حڪمرانن ۽ وس وارن تائين پهچائڻ لاءِ هزارين لکين ماڻهن کان دستخت ڪرائي ياد داشتن نامن جي صورت ۾ پهچايو.
اهڙي طرح ادب ۽ ثقافت واري اهم مورچر تان قوم، عوام دوست بين القوامي ادب، ڪتابن، شاعرن، ناولن وغيرهه جا آسان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما ڪري سنڌي عوام تائين پهچايا. پارٽي جي جلسن، ڌرڻن ۾ قومي عوامي انقلابي نوعيت جا ٽيبلوز، خاڪا ۽ گيت پيش ڪرڻ ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ جي ڀلوڙ سنڌي شاعرن، دانشورن، اديبن، ليکڪن وغيرهه جي سنڌ، قوم ۽ عوام دوست تخليقن تي جماعت اسلامي جي ادبي تنظيم نظر ۽ فڪر جي پليٽفارم تان قربان بگٽي، موسيٰ ڀٽو ۽ ٻين ڪفر، دهريت، ملحد جون غليظ فتوائون جاري ڪري ۽ ذهريليون مهمون هلائي سنڌي ساڃاه وندن جي لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي ته تڏهن پليجو صاحب ” انڌا اونڌا ويڄ“ جهڙو هڪ انمول ۽ حقيقتن تي ٻڌل شاهڪار ڪتاب لکي ادبي مارڪيٽ ۾ آڻي تنگ نظر مدي خارج رجعت پرست، دقيانوسي قسم جي نام نهاد ۽ همراهن ۽ انهن جي ساڙيلي ۽ بغذي ذهن ۽ حق انصاف، سچ واري فلسفي سنڌي قوم ، عوام، مظلوم، ماڻهن تي وار ڪندڙ قهري قلم جي تيز ۽ شوخ نوڪ کي جڏو ۽ مڏو ڪري چڏيو. پليجو صاحب جا تخليق ڪيل ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾ ”صبح ٿيندو، جيڪي بنگال سان ٿيو، جن جونا ڳڙهه جلايو، ڳالهيون ڳنوارن جون، ڌراڙن جا ڌڪ، سندي ذات هنجن، پسي ڳاڙها گل، سياسي ادب، ڪوٽ لکپت جو قيدي، جي تون چوري چنگ، وڳ ڪيئن وسرياءِ، مائوزيتنگ، هونچي منهه، اوهان جي وڄاڻا، مارن مونج مئاس، ڇا سنڌن لاءِ ملڪي سياست حرام آهي؟ ۽ ان کاسواءِ ڪيترا ئي ٻيا ڪتاب، مضمون ، مقالا، لکي سنڌي قوم، عوام، سنڌي ماڻهن ۽ ملڪ جي ٻين مظلوم طبقن تي ٿيندڙ رياستي جاگيردارن، ڀوتان، سرمائيدارن، پيرن، ميرن، چوڌري خانن، ۽ بيوروڪريسي جي ذيادتن جي ندا ڪئي ۽ متاثر قومن، طبقن، فردن کي نجات حاصل ڪرڻ جي واٽ ٻڌائي. پليجو صاحب جتي مارشالائي راڄ ۾ لاڳيتا اٺ سال قيد و بند رهي انساني حقن جي بين القوامي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ضمير جي قيدي جو اعزاز ماڻيو اتي ڀٽو صاحب جي عوامي جمهوري رعيتي راڄ دوران به پختون، بلوچ قومپرستن تي ڀٽو سرڪار پاران مڙهيل غداري واري ڪيس ۾ مٿين ڌرين جي وڪالت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيل جي ڀوڳنا پڻ ڀوڳي.
حاصل مقصد ته پليجو صاحب ننڊڙائپ ۽ ڦوهه جواني کان عمر جي ۸۷ ورهين واري پيرسني واري عمر ۾ به جدوجهد جي ميدان ۾ ثابت قدم رهندو پيو اچي. اهڙن ماڻهن لاءِ هڪ شاعر فرمايو آهي ته
هي جو پوڙهو جهور وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾
آڻ نه مڃي مور اڃا ڏمرجي ڏاڍن تي.
آخر ۾ اسان سميت ڏيهه پرڏيهه جا هزارين، لکين ۽ ڪروڙين ماڻهو کيس اڄوڪي سالگراهه تي لک مبارڪون ڏيندي اها اميد ڪريون ٿا ته پليجو صاحب جي پارٽي ۽ ان جي موجودهه قيادت پليجو صاحب جي فڪر، نظرئي کي منزل تي پهچائي سنڌي قوم، عوام ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي قومي، طبقاتي ۽ جمهوري حقن تي لڳل ڌاڙن کان نجات ڏياريندي ته جيئن پليجي صاحب جي محنت سان بيان ٿي پوي.



رسول بخش پليجو
هڪ تاريخي ڪردار
عبدالوهاب منشي
هن جي شخصيت تي لکڻ، پنهنجو پاڻ کي ڪنهن امتحان ۾ وجهڻ کان گهٽ ڪونهي، پر وڌيڪ خوشي هن ڳالهه تي اٿم ته مون کيس پنهنجي مختصر صحافتي عرصي ۾ تمام گهڻو ويجهي کان ڏٺو ۽ پريو آهي مان ڪردار ۽ شخصيت تي لکي رهيو آهيان، جيڪو سماجي ۽ سياسي حوالي سان ڪنهن تعارف جو محتاج ڪونهي، هو ڏاهن جو سرتاج آهي، کيس هن جديد صدي جو تمام وڏو ڏاهو، ليکڪ، اديب، عالم، قانوندان، سياسي اڳواڻ ۽ سحر انگيز  مقرر لکجي ته اهو سچ هوندو، اڄ هو جسماني ۽ عمري سطح مطابق ۸۴ سالن جو ٿي ويو آهي. پر سندس ڪچهرين، ارادن، جذبن، قرب ۽ ڳالهائڻ مان هو ڪنهن نوجوان کان گهٽ نظر نٿو اچي. سندس هن ڌرتي ۽ غريب ماڻهن لاءِ ڪيل اڻ ٿڪ پورهيو، ڏاهپ، علم، مطالعي، فلسفي توڙي جديد بين الاقوامي معلومات تي پختگي کي ڏسي ڪير اهيو نٿو چئي سگهي، ته هاڻ هو جهونو ٿيندو پيو وڃي، يقينن اهيو ٿي  سگهي ٿو ته عمر جي ايتري ڊگهي عرصي جو سفر ڪندي هو جسماني طور ڀلي اڀرو ۽ ڪمزور نظر ايندو هجي، پر ڌرتي لاءِ سندس ارادا، ويساهه ۽ قرب اڄ به ايترا پر عزم آهن جهڙو هو ايم آر ڊي جي تحرڪ ۾ سنڌ لاءِ هڪ لازوال ڪردار بڻجي ضمير جو قيدي ٿي ثابت قدم رهيو، هو پنهنجي فطرت ۾ فقير صفت انسان ۽ درويشاڻي طبيعت جو مالڪ آهي،  سندس بين الاقوامي سياست توڙي موجوده حالتن تي مطالعو ۽ مشاهدو ايترو ته وسيع جو هن صدي ۾ سندس معيار جو ڪو ڏاهو ۽ مفڪر نظر نٿو اچي، کيس سنڌي/ اردو/ پنجابي/ سرائيڪي/ فارسي سوڌوانگريزي تي بي پناهه مهارت حاصل هجڻ سان گڏوگڏ هو ڪنهن بهترين سحرانگيز مقرر کان گهٽ ڪونهي، هو جيترو شاندار لکندو آهي اوترو شاندار ڳالهائيندو آهي، کيس مارڪس، ايجنلز، لينين ۽ مائو جهڙا عظيم انقلابي اڳواڻ زباني ياد اٿس، سندس ذات جو اهيو ڪمال آهي ته سندس ذهانت، علمي وسعت ۽ جادو بياني جو مون سوڌو سندس دشمن به هن جي عقلمندي، سياسي تجربي ۽ دور انديشي سوچ کان انڪار نٿو ڪري،  هاڻ هو پنهنجي شخصيت ۾ فرد نه پر تاريخ بڻجي ويو آهي. سندس زندگي جي انيڪ سحر انگيز رنگن ۽ ڪردار تي جيترو لکان اوترو گهٽ هوندو. يقينن اسان هن سماج ۾ سندس ڪيل پورهيو، علم، تجربن، فڪر ۽ ادراڪ جي  قيمت نٿا چُڪائي سگهون. هو بنيادي طور تي روايتي سياستندان مختلف بلڪه هن صدي ۾ هو هڪ پوليٽيڪل سائنٽسٽ، مفڪر ۽ ڪنهن اسڪالر کان گهٽ ڪونهي، سندس شخصيت کي ڪنهن هڪڙي رنگ کان نٿو ڀيٽي سگهجي، هو پنهنجي ذات ۾ پاڻ انجمن آهي، هو هڪ ادارو آهي.
منهنجي خوش نصيبي آهي ته منهنجو ننڍي عمر ۾ پليجو صاحب سان تمام گهرو تعلق، قرب ۽ ويجهڙائپ جو رشتو رهيو آهي. ساڻس جڏهن به ڪچهري ڪجي ٿي ته هو ڪڏهن پنهنجي ڪمري ۾ ڪتابن جي دنيا ۾ گم ۽ مگن رهندي نظر آيو يا وري سنڌ جي ڏکن ۽ سورن بابت بيچين رهندي نظر ايندو آهي هو هميشه اهيو سوال ڪندو آهي ته فلاڻو ڪتاب پڙهيو اٿئي؟ سنڌي نوجوانن کي وڌ کان وڌ نه رڳو تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي پر هن جديد دور ۾ جيترو ٿي سگهي پنهنجي نياڻين ۽ عورتن کي برابري جي بنياد تي تعليم سڌو جديد سکيا ڏجي. هو هڪ لبرل اڳواڻ آهي جيڪو سمجهي ٿو جيڪڏهن هن جديد صدي ۾ عورت لکيل پڙهيل نه هوندي ته اسان جو سماج ترقي نٿو ڪري سگهي، پر مان سندس مداح آهيان، ڪنهن تحريڪ،سياسي جماعت ۽ تنظيم سان ڪو واسطو ڪونهي، مان هڪ قلمڪار آهيان ۽ قلمڪار/ليکڪ جو ڪم فقط حالات ۽ واقعات تي گهري نظر رکندي لکڻ هوندو آهي پر مان ته رڳو هن صحافتي دنيا ۾ هڪ شاگرد آهيان، جيڪو هن تيز رفتار دؤر پليجي صاحب جهڙي ڪردارن کي ڏسي ڪجهه سکڻ، پرائڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پليجي صاحب جون ڪچهريون، ملاقاتون ۽ سندس مشورا مون لاءِ ڪنهن قيمتي اثاثي کان گهٽ ناهن. آءٌ سندس گهڻن پاسائين شخصيت جي جديد رخ جو قائل آهيان، مان کيس هن دؤر ۾ پنهنجو ادبي مرشد لکان ته اهيو سچ هوندو، هو علم ۽ ادب جي دنيا ۾ منهنجو مرشد آهي ۽ مان سندس مريد آهيان،
اڄ هو ۸۴ ورهين جو ٿي رهيو آهي، مون سوڌو سنڌ ڌرتي جو هر هڪ پڙهيل لکيل، سنڌ دوست، ادب دوست ۽ فڪري سوچ جو مالڪ اهيو دعا ڪندو هوندو، ته رب پاڪ کيس وڏي ڄمار ۽ صحت ڏي، سندس قداور شخصيت جو پاڇو اسان جي قوم مٿان ڪنهن ڇپر کان گهٽ ڪونهي، ڇاڪاڻ ته هو اسان جو اثاثو ۽ Progressive لڏي جو سرمايو آهي، پليجي صاحب تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ يقينن ايترو ڏکيو آهي جيترو کيس هڪ سبجيڪٽ سمجهي سندس مٿان PHD ڪرڻ، ها هڪڙي ڏاهي، مفڪر، اديب ۽ دانشور جي علم تي لکڻ يقينن ڪنهن جديد تحقيق کان گهٽ ڪونهي، مان اهيا اسان جي سماج ۽ قوم جي بدنصيبي کان گهٽ نٿو سمجهان ته اسان پنهنجي ڏاهن، عالمن، ليڊرن، اديبن، اڳواڻن، سياستدانن، فلاسفرن ۽ سورمن مٿان، سندس ڪردار مٿان ڪڏهن ڪا تحقيق ڪونهي ڪئي. اسان کين سندس حياتي ۾ ڪڏهن سمجهڻ ڪوشش ڪونهي ڪئي. تنهنڪري اڄ هڪ حلقي ۾ اسان جو شمار مرده پرست قومن ۾ ڪيو وڃي پيو. جيڪي پنهنجي ڏاهن ۽ ليڊرن جي ڪيل پورهئي جو سندس زندگين ۾ قدر نٿا ڪن. جيڪا يقينن اسان جي بدقسمتي کان گهٽ ڪونهي. اڄ جي جديد دؤر جي گهرج آهي ته اسان رسول بخش پليجي جهڙن ڏاهن سوڌو پنهنجي قومي اڳواڻن، مفڪرن، دانشورن، ليڊرن جو سندن زندگين ۾ قدر ڪيون، کين پنهنجي زندگين ڀيٽا ڏيون جيئن دنيا جون تهذيبي يافته قومون پنهنجي ليڊرن جون قدر ڪن ٿيون، هن ڪري اسان اڃان ان منزل تي ڪونه پهتا آهيون جٿي اسان کي پڄڻ گهرجي  اڄ اسان جو نون نسل تعليم ۽ ادب کان تمام گهڻو پري ٿي چڪو آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته اسان لطيف، سچل، سامي، سورهيه بادشاهه، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، حيدربخش جتوئي، بينظير ڀٽو، شيخ اياز، استاد بخاري، شمشيرالحيدري، عبدالشڪور منشي سوڌو رسول بخش پليجي جي علمي، فڪري، سياسي ۽ ادبي ڪردار کي سمجهي سندن مٿان تحقيق ڪريون. رسول بخش پليجي جي ڏاهپ علم ادب ۽ جدوجهدي زندگي تي جيترو لکجي- پڙهجي اوترو گهٽ آهي.
اڄ مون سوڌو سماج جي هر هڪ پڙهيل لکيل فرد جي زميواري آهي ته اسان پنهنجي نئين نسل کي جديد تعليم سوڌو پنهنجي ڏاهن جي علم، ادراڪ، تجربي ۽ سندن تحريرن کي پڙهڻ ڏانهن لاڙو ڪيون مان اهيو ساک سان لکي سگهان ٿو جيڪڏهن اسان جي نيئن نسل پليجي صاحب جي ڪيل ۴۷ سالن جي پورهي، جدوجهد، تقريرن، لکڻين ۽ تحريرن جو مطالعو ڪري ته يقينن هو پاڻ تاريخ ۾ هڪ نئين تحقيق ڏانهن پهچي سگهن ٿا، اڄ به پليجو صاحب جي لکيل ڪتابن ”پسي ڳاڙها گل، ڪوٽ لکپت جو قيدي، صبح ٿيندو، اوهانجي پڇاڻ ۽ انڌ اونڌا ويڄ“ پڙهجي ته کيس هر ڀيري نئين ڄاڻ، سمجهه ۽ نئين تحقيق ملندي، مان مڃان ٿو ته پليجو صاحٻ جي سياسي پالسين ۽ سندس سياسي حڪمتي عملي سان گهڻن کي سياسي اختلافات ٿي سگهن ٿا (جيڪو هر هڪ جو جمهوري حق آهي)، پر سندس ڄاڻ، ادب ۽ معلومات جي پختگي کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي، سندس مقناطيسي شخصيت جو اهيو ڪمال چئي سگهجي ٿو، ته هن هر دؤر ۾ آمريت خلاف ايم آر ڊي تحريڪ کان وٺي اوٻاڙو ڌرڻي تائين پنهنجي لکڻين تحريرن ۽ سياسي ڏاهپ سان ماڻهن کي وقت کان اڳي امڪاني حالتن ۽ مستقبل جي ايندڙ خطرن کان آگاهي ڏني، مون جڏهن به پليجي صاحب سان ڪچهري ڪئي، ته سندس فلسفو، ادب، تاريجي جي مطالعي ۽ ڏاهپ مان مون هر ڀيري سندس نئون رخ ۽ ويساهه ڏٺو، جيئن ڀٽائي کي هر ڀيري پڙهڻ سان نيئن سر سمجهجي ٿو، ائين ئي پليجي صاحب سان هر ملاقات ۾ کيس نئين سر سمجهڻ ۽ جديد آئيڊياز حاصل ڪرڻ موقعو ملي ٿو،
اِها ڳالهه ۲۰۱۲ع جي آهي، پليجي صاحب پاران اسان جي پياري دوست / مهربان، پاڪستان ٺاهيندڙ خاندان جي فرزند، گڏيل قومن جي نمائندي عبدالله حسين هارون جي مان ۾ ڏنل هڪ آجياڻي دوران  ڪچهري هلي رهي هئي، ڪمري ۾  ٽين ماڻهن جي موقعي جو فائدو وٺندي، پليجي صاحب سان  هجت ڪندي  پڇيم ته خدا تعاليٰ توهان کي وڏي ڄمار ڏي پر جيڪڏهن سڀاڻي توهان پنهنجي زندگي جا سؤ سال  پورا ڪندا ته ڇا ٿا سمجهو ته اهيو لڏو ڪيئن هلندو؟ هڪ لمحي لاءِ خاموشي اختيار ڪرڻ کانپوءِ هو کليو ۽ چوڻ لڳو، ته هن اداري پنهنجا هزارين شاگرد پيدا ڪيا آهن پوءِ ڀلي ڪير مڃي ڪير نه مڃي، منهنجي قافلي ۾ جيڪو ثابت قدم ٿي پنهنجي جڳهه تي پير کوڙي بيٺل هوندو ، سنڌ ڌرتي سان وفادار هوندو هو هن لڏي جو سرواڻ هوندو، تو سوڌو گهڻئي با ضمير پٽ سنڌ کي ترقي ۽ خوشحالي ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، مان هتي هڪ رسول بخش پليجو آهيان سڀاڻي لکين سنڌ واسي پليجي جي فڪر کي کڻي ميدان ۾ نڪتل هوندا، مان هجان نه هجان منهنجو مشن پيو هلندو. اهيا حقيقت آهي ته علم ۽ ادب جي دنيا ۾ جيترا شاگرد رسول بخش پليجي پيدا ڪيا اهي، سڀئي اڄ هن منزل تي هجڻ سندس شخصيت جو ڪمال آهن پوءِ کڻي ڪجهه دوستن وڃي اين جي اوز وسايون ته ڪن وڃي پنهنجيون سياسي جماعتون ٺاهيون. پر پليجي جو قافلو اڄ به پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان آهي. يقينن رسول بخش پليجي جهڙا ذهن اسان وٽ هن صدي ۽ تاريخ ۾ گهٽ پيدا ٿيندا جيڪڏهن ادبي حوالي سان اسان اهڙي شخصيت جو قدر نه ڪيو ته اهيو اسان جي بدقسمت کان گهٽ ڪونهي، ڀلي اڄ ڪنهن کي عوامي تحريڪ جي سياست کان ڪيترا اختلاف ۽ ناراضگيون ڇو نه هجن، پر رسول بخش پليجي جهڙي تاريخ شخصيت کي سندس زندگي ۾ ڀيٽا ڏيڻ اسان هر هڪ جو  قومي فرض ٿئي ٿو.



رسول بخش پليجو
اڪيڊمي جي گُهرج
ذوالفقار راڄپر
سنڌ عالمي سطح جي وڏن عظيم ماڻهن، سائنسدانن، فوجي جرنيلن، فيلسوفن، اديبن، شاعرن يا ٻين ميدانن ۾ ڪي وڏيون شخصيتون پيدا ڪرڻ ۾ ڪيتري شاهوڪار يا بنجر زمين رهي آهي،اهو هڪ بحث آهي، ڪافي دوستن جو خيال آهي ته جيڪڏهن خوشفهمي ۽ پاڻ پڏائڻ جي قومي بيماري کان آجو ٿي ڏسجي ته سنڌ ان معاملي ۾ ڄڻ ته هڪ سنڍ ڌرتي ٿي رهي آهي. ان جو هڪ وڏو سبب سنڌ مٿان هميشه ڌارين غلاميءَ هن قوم کي لولو لنگڙو بنائي هميشه کان وٺي اڄ  تائين ايترو ته ڪمزور رکيو آهي،جو اها قوم وڏن تاريخي ڪارنامن ڪرڻ کان قاصر رهي آهي. اڄ جيڪي مصيبتون ڏسي رهيا آهيون ان جو به هڪ سبب سنڌ جي غدار وڏيراشاهي جي مليل غلامي جو تاريخي عذاب آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ واقعي هڪ بنجر زمين آهي يا نه.پر اسان کي ۲۰ ۽ ۲۱ هين ڪجهه وڏيون ۽ تاريخي شخصيتون ڏنيون آهن، انهن ۾ هڪ وڏو نالو محترم رسول بخش پليجو جو به آهي.
اسان جيڪڏهن شخصيتن جي اهميت ۽ پرک جو ادراڪ رکون ٿا ته ته پوءِ اسين اڄوڪي سنڌ جا ماڻهو پاڻ کي خوشنصيب سمجهنداسين ته اسان وٽ هن دور ۾ واقعي عالمي ليول جي هڪ وڏي تاريخي شخصيت ۽ سماجي سائنسدان، اديب، دانشور ۽ سياستدان رسول بخش پليجو موجود آهي. اهو جيڪڏهن سنڌ بدران پنجاب يا ٻئي هنڌ پيدا ٿئي ها ته اڄ ان جو ملهه اڃا به ڪيترا دفعا وڌيڪ هجي ها، پر سنڌ به هن شخصيت کي سٺو مانو ڏئي ان جو پنهنجي تاريخي ادراڪ جي ليول مطابق قدر ڪيو آهي، پر جيڪڏهن سنڌي قوم وڏيرن جي مار ۾ ايتري  نپوڙيل نه هجي ها ته رسول بخش پليجو اچان گهڻو دلين تي راڄ ڪري ها.
اڄ جڏهن هن جي ۸۵ سالگره جو جو جشن سڄي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ٿي رهيو آهي،تڏهن  ڪي اهم ڳالهيون هن بابت هن سان ۽ سندس چاهيندڙن ۽ هن جي پارٽي اڳيان ۽ سنڌي قوم وٽ پيش ڪرڻ ضروري آهن. رسول بخش پليجو جو علم، ادب، سياسي، فلسفي ۽ ٻين ميدانن ۾ ان ليول جو ضرور آهي، جو ان جو مقابلو ڪٿي به ڪري سگهجي ٿو، پر هن جون قربانيون ۽ لاڳيتون، اڻ ٿڪ اڙانگيون سياسي،سماجي ۽ ادبي جدوجهدون نه هجن ها ته سنڌ جو وچون ڪلاس اڃان تائين جمهوري ۽ وڏيرڪي قوم پرست ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل هجي ها، پر ان سان گڏ هن جو سنڌ مٿان اهو به احسان آهي ته هن اسان کي ڪميونزم ۽ ترقي پسند سياست ۽ مزدور جدوجهد جي نالي ۾ سنڌ مٿان هڪ نئين جديد حملي کان نه فقط آگاهه رکيو، پر ان خلاف جدوجهد ڪري انهن جي پاليل سنڌي طوطن کان به خبردار ڪيو، جڏهن سنڌ جي غدار وڏيرن ۽ انهن جي وچين طبقي ۾ موجود ايجنٽن سنڌ مٿان دهشت گردن جي يلغار ڪرائي ۽ انهن جي حق ۾ ڪتاب مضمون لکرايا ۽ سڄي سنڌ جا رستا انهن لاءِ کولي رکيا ته  هن ان جو سڀ طرفو مقابلو پڻ ڪيو،۽ جڏهن سنڌ ۽ مظلوم قومن جي ٺهيل اتحادن ۾ دهشت گردن جا سنڌي ۽ بلوڄ وڏيرا ۽ سردار آمريڪا جي فرمائش تي دهشت گردن کي اتحاد ۾ کڻڻ لاءِ ضد ٻڌي بيهي رهيا ته هن عظيم ماڻهو اهڙن زهر ۾ ٻڏل اتحادن کي ٺوڪر هڻي ڇڏي ۽ جڏهن ولي خان عالمي سامراج ۽ ان جي مقامي رياستي ڌرين ۽ ايجنسين جي آشيرواد تي عوامي نيشنل پارٽي سان غداري ڪئي ته هي ان سان به سڀ ناتا ٽوڙي آيو. هن سنڌ جي شاگرد سياست تي رياستي ايجنسين جي ايجنٽ سنڌي شاگرد سياست کان وٺي هاري  ۽ مزدور سياست جي نالي ۾ نام نهاد ترقي پسند سياست جا به پول وائکا ڪيا.هن سنڌ کي جتي سندي ذات هجن، انڌا اونڌا ويڄ، واٽون ويه ٿيون، ماوزي تنگ، هوچي منھ کان صبح ٿيندو جهڙا ناياب ڪتاب ڏنا، اتي هن اسان کي برصغير جي سياست،ان جي ورهاڱي ۽ قائد اعظم،گانڌي جي سياست تي تحقيقي ۽ لڪل حقيقتون مضمونن جي شڪل ۾ ڏنيون،جن سنڌ ۽ پاڪستان ۾ موجود پراڻن مدي خارج خيالن ۽ ڪوڙن کي وائکو ڪري ڇڏيو.. سڀ کان وڏي ۽ اهم تاريخي ڳالهه اها آهي ته رسول بخش پليجو جيڪڏهن بختاور جهڙي ڪهاڻي به ڏني ته ان سان گڏ هن سنڌ کي سنڌياڻي تحريڪ جهڙو تحفو ۽ اهم سياسي سماجي نظرياتي طور هٿيار بند انقلابي دستو به ڏنو، رياستي ۽ عالمي سامراج، انهن جي مقامي وڏيرن، انهن جي ٺاهيل سياسي پارٽين، اديبن، ليکڪن هن مٿان سڀ طرفي حملا به ڪيا ۽ هن جا ڪجه ماڻهو به خريد ڪيا، ڪافي پنهنجا ايجنٽ هن جي پارٽي ۾ موڪلي انهن کان اهم جدوجهدن يا ان بعد مليل موٽ يا هن طرفان دشمنن سان ويڙھ دوران هٿرادون بغاوتون به ڪرايون، مضمون ۽ اخباري ڪالم به لکرايا،آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جا دورا ڪري انهن کي اين  جي اوز جي معرفت يا نالي ۾ ڪروڙين انعام اقرام به ڏياريا، پر هن جي جدوجهد ۽ نظريو مسلسل نئين بدلجندڙ عالمي ۽ ملڪي حالتن جي سياسي، معاشي، سماجي ۽ تاريخي تضادن مطابق نئين ڍنگ ۽ رنگ ۾ سنڌي قوم ۽ ملڪ جي ٻين مظلوم طبقن ۽ قومن جي رهنمائي  ڪندو رهي ٿو،هن جا عالمي جنگ ۽ عالمي جاسوسي تي لکيل تازا مضمون به ايترا ئي اهم آهن،جيترو صبح ٿيندو ۾ موجود مضمون آهن،جڏهن سوويت يونين جي ڊهڻ جو واقعو پيش آيو،ته سنڌ ۽ ملڪ ۾ موجود سرمائيدارن ۽ عالمي سامراج جا ايجنٽ وڏا ڪميونسٽ اڳواڻ ۽ دانشور پنهنجي اصلي روپ ۾ ظاهر ٿي،پورهيت نظرئي ان جي جدوجهد خلاف شاهد بنجي وڏيرڪي ۽ سرمائيدار پارٽين ۽ حڪومتن جا نوڪر ٿي بيهي رهيا ۽ عوام اندر سياست ۽ عوامي جدوجهد خلاف ميڊيا جي مورچن تان حملا شروع ڪري ڏنا، پر هي عظيم ماڻهو عوامي نظرئي سان نه فقط وڌيڪ هٿيار بند رهيو،پر هن سائنسي علم جي روشني ۾ ان جو بچاءُ به ڪيو. ماڻهن.ڌرين،هن جي چاهيندڙن،هن جي خاندان جي سمورن ڀاتين ۽ خاص طور هن جي پارٽي کي صلاح ۽ اپيل ٿي ڪجي ته هنگامي طور هن جي موجودگي ۾ هڪ رسول بخش پليجو اڪيڊمي ٺاهي وڃي،جيئن هن جي عالمي ليول جي علم ۽ سنڌي عوام جي سڀ طرفي نجات ۽ سمجهه لاءِ پليجو شناسي کي اپنائڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هڪ مخصوص هنڌ يا رستو ملي سگهي. ان اڪيڊمي طرفان پليجو فڪر جا ڪتاب نه فقط نئين سر شايع ڪرايا وڃن،پر لازمي طور انهن جي انگريزي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمي ۽ ڇپائي جا هنگامي بندوبست ڪيا وڃن، ملڪ کان ٻاهر يا ملڪ اندر هن جا ڏنل ليڪچر ۽ تقريرون آڊيو،وڊيو جي صورت ۾ فوري طور گڏ يا هٿ ڪري انهن کي محفوظ ڪرڻ جا هنگامي بندوبست ڪيا وڃن ۽ پليجو فڪر ۽ علم کي پڙهڻ ۽ ان تي تحقيق ڪرڻ يا ان تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارن لاءِ ان اڪيڊمي طرفان ريسرچ سينٽر ٺهرايو وڃي.

پليجي صاحب جي ۸۵هين سالگره تي هن کي سڀ کان وڏو تحفو پارٽي، خاندان ۽ دوستن طرفان هن جي نالي ۽ فڪر لاءِ هڪ اڪيڊمي جو قيام ئي آهي، حقيقت ۾ اهڙي اڪيڊمي جو قيام ۲۱ صدي جي سنڌ ۽ ايندڙ سنڌ ۽ سڄي ملڪ لاءِ به هڪ وڏو تحفو هوندو، اڄوڪي ۽ سڀاڻي جي سنڌ لاءِ رسول بخش پليجو جي فڪر کي وڌيڪ ڦهلائڻ هڪ تاريخي ضرورت ۽ هن وڏي قداور عالمي سماجي، سياسي سائنسدان ۽ پورهيت فڪر جي اڳواڻ کي سالگره جو هڪ وڏو تحفو ۽ سنڌ مٿان هڪ تاريخي احسان به هوندو.




سنڌ جي شعور جو ستارو

جناب رسول بخش پليجي جي وفات تي لکيل

حسين ڪپري

رسول بخش پليجو نه رهيو! هن پنهنجي پويان يارهن ٻار، پارٽي مان ٽٽل پنج  ڌڙا ۽ سڄي سنڌ مان علم سان پيار ڪندڙ هزارين ماڻهو سوڳوار ڇڏيا آهن. هن جا مضمون، شاعري، ڪهاڻيون، تقريرون، ليڪچر، آڊيو، وڊيو سڀ رڪارڊ تي موجود آهن، جيڪي کيس سنڌ ۾ پنهنجو دور جو سڀ کان وڏو عالم ظاهر ڪن ٿا. ادب جي دنيا ۾ هن پنهنجا ڪتاب لکيا، نظريا گهڙيا، دعوائون ڪيون، تنقيدون لکيون، تڪرارن ۾ ڪاهي پيو ۽ پاڻ به ڪنهن حد تائين تڪراري شخصيت بنجي ويو.

اهو فڪري لڙاين جو زمانو هو ڇو ته ڪميونزم اڃا دنيا جي اڌ حصي تي ڇانيل هو. ساڄي ڌر جي ادبي نقادن مٿس شديد اعتراض واريا جن ۾ زبردست جوش ۽ جذبو ته هو مگر علمي گهرائي نه هئي. ان ڪري ڪو به اعتراض ڪندڙ صاحب پنهنجي تمام تر نيڪ نيتي، جوش ۽ جذبي باوجود پليجي سامهون بيهي نه سگهيو. انهن بحثن جي نتيجي ۾ جڏهن هو سوڀارو ٿي اڀريو ته نه صرف چو طرف سندس علمي دٻدٻو قائم ٿي ويو پر سنڌي شاعري توڙي نثر جو رخ وطن دوستي، روشن خيالي ۽ کاٻي ڌر وارن خيالن طرف مڙي ويو.

هن جون ادبي سرگرميون هميشهه سياست سان گڏ هليون. هن پنهنجي پارٽي ٺاهي، جدوجهد ڪئي، جيلون کاڌيون ۽ وٺ پڪڙ وارو هڪڙو اهڙو ڀرپور جيون گذاريو جيڪو تمام ٿورن ماڻهن کي نصيب ٿئي ٿو. سندس ڳالهيون منع ڪيل شين وانگر وڻنديون هيون. ٻولي تي دسترس، لاڙ جو لهجو، تقريرن ۾ شعله بياني ٻڌندڙن کي موهي وجهندي هئي. ماڻهو کيس قوم جو مستقبل ۽ نجات دهندهه سمجهڻ لڳا هئا. هن پنهنجي ڪارڪنن جي نظرياتي تربيت ڪئي، کين پڙهايو، ليڪچر ڏنا، سيمينار ڪرايا، هٿيار بند سلاميون ورتيون ۽ پاڻ کي مڃرايو.

 ايم آر ڊي واري معرڪي ۾ زبردست ڪاميابي ملڻ کان پوءِ هن  پنهنجي نظرياتي پارٽي کي اليڪشني سياست ۾ به لاٿو. سڀني گڏجي هر طرح سان جدوجهد ڪئي، پيسا خرچ ڪيا ۽ عقل جا گهوڙا ڊوڙايا. مگر جيئن اڀرا گهوڙا ريس نه کٽي سگهندا آهن تيئن پارٽي اليڪشن ۾ ڪا هڪڙي سيٽ به نه جيتي سگهي. حقيقت  اها آهي ته ملڪ جون سڀ نظرياتي پارٽيون ڪڏهن به ووٽن ۾ سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيون آهن.

تاريخ جي گهري ڄاڻ سبب کيس انهي ڳالهه جو احساس هو  ته سنڌ ڪڏهن به سنئين لڱين نه رهي آهي تنهنڪري هن ان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ گهڻ پاسائين جدوجهد ڪئي. جيئن ته هر پاسي سڃ ۽ قحط الرجال وارو ماحول هو تنهنڪري سڀ ڪم هن پاڻ ڪيا. هن شاعري ڪئي، افسانا تحرير ڪيا، نظريه ساز ٿيو، وڪالت ڪئي، سڀني ۾  مشهور ٿيو پر ڪنهن ۾ به ڪمال حاصل نه ڪري سگهيو! سبب اهو هو ته جيڪي جينيئس ماڻهو هڪ ئي وقت گهڻيون شيون ڪرڻ چاهيندا آهن سي ڪنهن به فيلڊ ۾ قابليت جي ڪمال بلندين کي نه پهچي سگهندا آهن. هو ڪڏهن به آئن اسٽائن، گارشيا مارڪيز يا مهاتما گانڌي نه ٿي سگهندا آهن، ڇاڪاڻ ته هنن جو وقت ۽ صلاحيتون ورهائجي وينديون آهن.  پر پليجي صاحب کي پنهنجي گهڻ پاسائين علم تي دسترس جي مڃتا ضرور ملي. سندس جيئري ئي سندس پارٽي جا ماڻهو کيس ڏکڻ ايشيا جو سوشل سائنٽسٽ سڏڻ لڳا هئا!

 مگر اهو سڀ ڳالهيون هن جو ظاهري تعارف  آهن، اندر ۾ هو هڪ عاشق ماڻهو هو. اهڙو عاشق جنهن کي ماڻهن بار بار ڏٺو، ڇو ته هڪ بار ۾ ته هن جو هڪڙو رخ ئي ڏسڻ ۾ آيو ٿي. انهي ڳالهه تي اختلاف آهي ته هن جون تحريرون وڌيڪ جاندار هيون يا تقريرون، اهو فيصلو به نه ٿي سگهيو ته هو لطيف جو غير جانب دار اسڪالر هو يا عاشق ۽ ان معاملي تي به بحث ٿين ٿا ته هن سندس شاعري جون درست تشريحون ڪيون يا ان کي ٽوڙي مروڙي پنهنجي انقلابي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. پر انهي نقطي تي بهرحال سڀ متفق  آهن ته  لطيف جي بيتن کي هن کان وڌيڪ بهتر نموني ٻيو ڪير به نه پڙهي سگهندو هو ۽ سندس پڙهڻ جو انداز اهڙو هو جو معنيٰ پاڻهي پڌري ٿي پوندي هئي.

هن ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن کان وٺي وڏين يونيورسٽين تائين جشن لطيف ملهائڻ کي سنڌي قوم جي هڪ عام ثقافتي رسم بنائي ڇڏيو. هن پارٽي جي ڪارڪنن جي تربيتي پروگرامن ۾ ادب، جدليات، سياست وغيرهه تي ٽي کان چار ڪلاڪ طويل ليڪچر ڏيڻ جو رواج وڌو. حالانڪه ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ هڪ معياري ليڪچر جي طوالت عام حالتن ۾ ايتري نه هوندي آهي. گهڻو ڊگهو ليڪچر ان ڪري نه ڏبو آهي ته انساني دماغ هڪڙي نشست ۾ وڌيڪ شيون سمجهي ۽ ياد نٿو ڪري سگهي. مگر سندس ڪارڪنن جو اهو ڪمال هو ته هو سمجهڻ کان سواءِ به کيس پڇاڙي تائين غور سان ٻڌندا هئا!

پليجي صاحب جي زندگي جو هر گوشو، شخصيت جو هر رخ ۽ ڪيل ڪمن جا سڀ تفصيل ماڻهن جي سامهون هئا تنهنڪري مٿس تنقيد  به ٿي. هن پنهنجي مصروفيتن منجهان وقت ڪڍي لڪي لڪي مائٽن کي سرڪاري ٺيڪا وٺي ڏنا جن بزنس ڪيا ۽ ارب پتي ٿي ويا! ذاتي زندگي ۾ هن مخالفتون سٺيون، ياريون نڀايون ۽ شاديون ڪيون. هن جيترا عشق ڪيا اوترا دفعا پارٽي ٽٽي ۽ ڪيترائي ڌڙا ٺهيا!  جڏهن ستر کان ٽپيو ته اهو چئي پيار تان هٿ کڻي ويو ته هاڻي پارٽي جا وڌيڪ ٽڪرا ٿيندي نٿو ڏسي سگهان! ان کان پوءِ  محبت نه ڪري سگهڻ جو غم  هميشهه سندس دل تي ڀاري پٿر وانگر موجود رهيو. ذاتي محفلن ۾ هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو ماٺ ٿي ويندو هو، موضوع تبديل ڪري ڇڏيندو هو يا بنا سبب جي کلڻ لڳندو هو. سچي ڳالهه اها آهي ته نظرياتي پارٽي هجي، عام ماڻهو هجي يا انقلابي ليڊر، عشق سڀني کي ٽوڙيو ڇڏي!

 آخر وقت تائين سندس علم دوستي، زندهه دلي ۽ ارڏي طبيعت جي جولاني بدستور قائم رهي. ان ڪري پنهنجي اٺاسي ورهين واري طويل حياتي جي پڇاڙي واري سالن ۾ به هو ڪالهوڪي اخبار نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ماڻهن سندس نمبر ڊليٽ ڪيو. هن جهڙي نظرياتي سياست سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن ڪو نه ڪئي. ڪو وقت هو جو مزاحمت جي حوالي سان هن جو وڏو نالو هو پر ڪميونزم جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ سياسي راند جا اصول تبديل ٿيا ته  اڪثر شيون اريليونٽ ٿي ويون. سندس تيار ڪيل نظرياتي ڪارڪنن مان هڪڙا ماڻهو پنهنجي ڌنڌي ڪاروبار کي لڳا، ٻيا اين جي اوز جي ور چڙهي ويا ۽ ٽيان اڃا به هن وانگر تقريرون ڪرڻ جون ڪوششون ڪن ٿا پر انبن جون سڪون انبڙين مان نٿيون لهن.

موت جي بستري  تي به هو مطمئن نظر آيو شايد ان جي پويان اهو احساس هو ته هن نه صرف پنهنجي ماڻهن ۾ جبر خلاف مزاحمت اڀاري پر انهن کي پنهنجي ورثي تي فخر ڪرڻ به سيکاريو. هو جو وڻ هئڻ جو هو، تنهنجي وڃڻ کان پوءِ به سنڌ جي شعور جو  چمن برقرار ته رهندو پر ان ۾ وري باغ بهاري الائي ڪڏهن ايندي!

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ سال ۲۰۱۹ع ڌاري ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا