; سنڌي شخصيتون: شاهه محمد ”ثاقب“ منگي

15 June, 2018

شاهه محمد ”ثاقب“ منگي


شاهه محمد ”ثاقب“ منگي
حسيب ناياب منگي
سنڌ جي وڏن ناليوارن اُستادن، شاعرن ۽ موسيقي جي ڄاڻن ۾ سندس شمار ته لاشڪ ٿيندو هو، پر هُو سنڌ جي انهن انسانن ۾ به ليکيو ٿي ويو جن کي شاهه لطيف رح جي ڪلام سان گهڻو چاهه هو. اُٿندي ويهندي سيدنا لطيف جي ڪلام مان مثال پيش ڪري ڀٽائي گهوٽ لاءِ چوندو هو ته “لطيف سائين نه صرف اسان جي موجوده دور پر صدين جو ترجمان آهي، هو پنهنجي ڪلام ۾ انسانيت جو درس ڏيندي زندگي جا راز ٿو سمجهائي”. ڀٽائي کيس گهڻو تڻو ياد هو. اهو اثر هجي به ته ڇو نه؟ جو شڪارپور ضلعي جي ماڻهن جو شاهه سائين سان بيحد پيار رهيو آهي. مجموعي طور تي شاهه ۽ سندس ڪلام تي شڪارپوري ڏاهن گهڻو ادبي ڪم ڪيو آهي.  شاهه جي رسالي جي ترتيب جي حوالي سان جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته عثمان علي انصاري ۽ عبدالغفار دائود پوٽي جو جنم ڀومي شڪارپور! جن رسالي کي منفرد انداز سان سهيڙي پاڻ مڃرايو. شاهه سائين جي ڪلام جو ترجمو هجي ته “سوم دت گاجرا” جو شاهه جي رسالي مان “سر ڪيڏاري” جو انگريزي ترجمو، ورهاڱي کان اڳ ڇپجي منظر عام تي آيو، “گنج” جو انگريزي ترجمو آغا محمد يعقوب خان ڪيو، آغا سليم جو انگريزي ترجمو به جڳ جي سامهون آيو ته شيخ اياز ۽ آغا سليم اردو ۾ ڀٽائي کي متعارف ڪرايو، نياز همايوني فارسي ۾ ڀٽائي جا ڪجهه سُر ترجمو ڪيا. تن سڀني جي جنم ڀومي اسان جي سڻڀي مٽيءَ واري شڪارپور آهي. مولانا دين محمد وفائي، مولانا عبدالڪريم چشتي، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد ۽ عبدالحي ميمڻ جا ڀلاري ڀٽائي تي ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. سوين شڪارپوري قلم ڌڻين شاهه جي فن ۽ فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو آهي، نه صرف ايترو پر هتان جي اشاعتي ادارن شاهه سائين تي لاتعداد ڪتاب ڇپائي اهو واضع ڪيو آهي ته ڀٽائي جو اثر اسان تي ڪيڏو نه پيو آهي ۽ ان کي ڪيڏي نه ڪشادي دل سان اسان قبول به ڪيو آهي. اسان ته ڀٽائي جي پيغام کي جڳ ۾ عام ڪرڻ لاءِ سوين ورق ورائي، هزارين صفحا تحرير ڪيا آهن، ڀٽائي کي عام ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. کيئلداس “فاني” جهڙي طرح “نيوايرا هاءِ اسڪول” شڪارپور ۾ نورالدين سرڪي کان شاهه جا بيت انگريزي ۾ ترجمو ڪرائي سڀ کي حيران ڪندو هو، تهڙي طرح ادبي محفلين ۾ يا عام ڪچهرين ۾ شڪارپور جي مشهور استاد ۽ شاعر سائين غلام نبي “مير” شاهه جي شعر جون سمجهاڻيون ڏئي ماڻهن کي ٻڌائيندو هو ته ڀٽائي جو پيغام ڪهڙو ۽ ڪيڏو نه وڏو آهي سي سمجهاڻيون پڻ اڄ تائين هتان جي شعوري شهرين کان وسريون ناهن اهڙي طرح سائين شاهه محمد “ثاقب” جو لطيف سائين سان اُنس انهن ماڻهن کان ڪڏهن نه وسريو هوندو جن کي منگي صاحب ڪچهري جو قرب حاصل ٿيو هوندو.


سائين شاهه محمد ثاقب منگي جي سُڃاڻپ جا گهڻا ئي حوالا آهن. بهترين انسان، دوستن جو سٺو ساٿي، قربدار، سچو ۽ کرو توڙي موسيقي جو وڏو ڄاڻو هو. پاڻ فرض شناس استاد به هو ۲۰ آگسٽ ۱۹۵۰ع کان تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهندي پاڻ مڃرايائين. ڀلوڙ آرٽسٽ به هو ته علم ادب ۾ به جڳ کان اڳرو هو. نثر لکندي گهڻو ڪجهه ڇڏي ويو، افسوس جو ان مان ٿورو ڪجهه ئي ڇپجي سڀ جي سامهون آيو باقي نه ڇپجي سگهيو نه ئي محفوظ رهيو، اهو ظلم صرف سائين ثاقب جي علمي پورهئي سان ناهي ٿيو اهڙي جُٺ ته گهڻن سان ٿي آهي ۽ سنڌ سموري جي گهڻن اديبن جو قلمي مواد يا ته اُڏهي جي نذر ٿيو يا چوري ٿيو. ان جو ذميوار کڻي ڪير به هجي پر سنڌ اهڙي پورهئي کان محروم ٿي جنهن پورهئي کي پڙهڻ کانپوءِ نسلون سڌري وينديون آهن. سائين شاهه محمد سُٺو شاعر به هو، سندس ڪلام رسالن ۽ اخبارن ۾ ته سندس حياتي ۾ ڇپيو هو پر ڪتابي صورت ۾ اڄ تائين اچي ناهي سگهيو، سائين شاهه محمد جي هٿ اکرن سان لکيل هڪ ڊائري جنهن ۾ مرحوم جي شاعري لکي پئي آهي، جڏهن مون اڳيان آئي ته پڙهڻ لڳس ۽ پڙهڻ کانپوءِ معلوم ٿيو ته هو ڪافي ۽ غزل جو شاعر هو، سندس ڪلام ۾ موسيقي ۽ رواني عام نظر آئي آهي، منجهس تشبيهون نراليون آهن، سندس غزلن جو اڀياس ڪبو ته ان راءِ سان سهمت ٿيڻو پوندو ته ڏکئي صنف تي جهڙي نموني هن نڀايو آهي سو سندس ڪمال آهي.هو پنهنجي ڪلام ۾سسئي جي صدائن، مارئي جي سڪ ۽ ماروئڙن جي دردن کي خوب ڳايي ويو آهي.
جيون جهلڪ ڏانهن نگاهه ڪبي ته پتو پئجي ويندو ته هو پهرين فيبروري ۱۹۳۰ع تي علي نواز منگي جي گهر ۾ ڄائو هو. مقامي مدرسي کان خيرپور واري ناز اسڪول تائين خوب پڙهيائين به ته خوشخطي، ڊرامن ۾ اداڪاري، تقريري مقابلن، موسيقي جي مقابلن ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو ۽ هر ڀيري پوزيشن ماڻيندو رهيو . پنهنجو تعليمي سفر گهڻو تڻو هوشياري سبب ملندڙ اسڪالرشپ مان ئي پار ڪيائين. استاد بڻيو، هيڊماستر ٿي رهيو تان جو وڃي ڊپٽي ايجوڪيشن آفيسر تائين وڃي پهتو، مذڪوره عهدي تي ڪم ڪندي جيڪب آباد ۾ ۲۰ نومبر ۱۹۸۰ع تي هارٽ اٽيڪ ٿيڻ سبب وفات ڪري ويو.
پنهنجن کان پري پئي جي گذريون گهڙيون ٻڌي تون ڇا سگهندين،
ڪــــجهه دشمن ٿـــــي هتي تـــــنهائي، ڪجهه موت مٿان اختيار نه هو.
مرحوم جا ٻه ڪتابچه “قراني معلومات” ۽ “عيدالضحيٰ” منهنجي والد “نقش” ناياب منگي ۽ سندن ويجهي ساٿي غلام رسول ميمڻ ڇپائي پڌرا ڪيا هئا، پر اُهي به ناياب ٿي چُڪا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مرحوم جو نثري پورهيو ۽ شاعري ڇپجي منظر عام تي اچي. هن هيٺ سندس ڪلام جو هڪ نمونو پيش ڪجي ٿو:
راس راحت نه ڪا به آئي آ،
دل جي حالت رهي اِهائي آ.
تنهنجو غم ٿيو عزيز آهه ائين،
ياد تنهنجي وري نه آئي آ.
منهنجو مطلب نه آهه جنت سان،
تو مثل حُور ٿي نه ڪائي آ.
ڇا ڪندس هاڻي مئي پرستي کي،
ديد سان ديد تو ملائي آ.
ڇيڙ خاني ڪندي حسينن سان،
عمر “ثاقب” ائين وڃائي آ.


No comments:

راءِ ڏيندا