; سنڌي شخصيتون: شيخ محمد اسماعيل

18 June, 2018

شيخ محمد اسماعيل


شيخ محمد اسماعيل
شاهه جو پارکو، محقق ۽ تعليمي ماهر
طارق عزيز شيخ
شيخ محمد اسماعيل سنڌي ادب ۽ لطيف شناسيءَ جي انهن عالمن منجهان هو جيڪي ڪنهن غرض کان سواءِ علمي پورهيو ڪندا رهندا آهن. پاڻ سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، سنڌ جي تاريخ، درسي ڪتابن ۽ لطيف بابت تحقيق تي مڪمل عبور رکندو هو. پاڻ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورد، سنڌي ادبي بورڊ، ثقافت کاتي، لطيف چيئر ۽ سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جهڙن ادارن جي مختلف تحقيقي پروجيڪٽن ۾ دلجوئي سان ڪم ڪيائين.


شيخ اسماعيل ۲۲ جنوري ۲۰۰۴ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. آخري ڏينهن به لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اهم پروجيڪٽ سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا ۾ مصروف رهيو. فهميده جڏهن لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر هئي تڏهن به ”سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت“ جي تياري لاءِ شيخ محمد اسماعيل کي پروجيڪٽ جي نظرثاني لاءِ مقرر ڪيائين ۽ صلاح مشورا ڪيائين.
شيخ محمد اسماعيل سنڌي ادبي بورڊ جي ڪيترن ئي پروجيڪٽن کي مڪمل ڪيو جن ۾ اهم ترين ڪم لوڪ ادب اسڪيم جو هو، هن اسڪيم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نگراني هئي. جڏهن ته ان جو معاون شيخ محمد اسماعيل هو جنهن سان گڏ ٽيم ورڪ ۾ محمد بخش واصف، عبدالڪريم سنديلو، رشيد احمد لاشاري، محمد يعقوب ميمڻ، ممتاز مرزا ۽ محمد حسين ڪاشف جهڙا سنڌي ادب جا خدمتگذار هئا. اهڙي ريت جامع سنڌي لغت، لوڪ شاعري، لوڪ ڪهاڻيون ۽ ثقافت جي حوالي سان ۴۰ جلدن تي ٻڌل ڪم ڪيو ويو جنهن جهڙو ريڪارڊ تاريخ ۾ نٿو ملي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نالي ۾ ٿيل جيڪو به ڪم آهي انهي ۾ شيخ محمد اسماعيل جو گهڻو تڻو هٿ رهيو. هو سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار هو، جنهن گاڏي کاتي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس ۾ قائم، ڪنڊائتي آفيس ۾ منجهند کان وٺي رات ويندي تائين، ايترو ڪم ڪيو جو وڏا وڏا دفتر به اڄ تائين پنهنجي ٽيمن کان هن اڪيلي شخص جيترو ڪم نه وٺي سگهيا آهن.
شاهه لطيف جي شاعري تي کيس وڏو عبور حاصل هو، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران سندس ادبي خدمتن ۽ خاص طور تي لطيف شناسي تي سال ۲۰۰۴ع ۾ لطيف ايوارڊ ڏنو ويو جيڪو سندس وفات بعد ممتاز مرزا جي فرزند سجاد مرزا ڀٽ شاهه جي ايڪسيلنسي سينٽر ۾ وصول ڪيو هو.
ممتاز مرزا سان شيخ اسماعيل جي بيحد ويجهائپ هئي. ٻنهي اديبن جي سنگت جي ڪري گهرو لاڳاپا به ايترا ويجها هئا جو حيدرآباد جا ماڻهو ٻنهي خاندانن کي هڪ خاندان سمجهندا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيقي ڪمن لاءِ هڪ ٽيم جوڙڻ جو سوچيو ويو تڏهن شيخ اسماعيل انهي ٽيم ۾ هڪ نوجوان ممتاز مرزا کي ڊاڪٽر بلوچ سان ملاقات ڪرائي هئي، سندن وقت گذرڻ سان گڏ محبت جو رشتو اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويو.
شيخ اسماعيل تعليمي ماهر هئڻ جي حيثيت ۾ پرائمري تعليم ۽ استادن لاءِ پڻ ڪافي ڪشالا ڪيا. پ ٽ الف جو بنياد وجهڻ جو يادگار ڪارنامو سندس سر تي آهي. هن استادن جي پگهارن ۾ اضافي لاءِ 7۰ واري ڏهاڪي ۾ گورنر هائوس ڪراچيءَ جو گهيراءُ ڪري پنهنجي استاد برادريءَ جي مطالبن کي مڃرايو. پرائمري سطح جي درسي ڪتابن جي جوڙجڪ لاءِ نياز همايوني، استاد بخاري ۽ عبدالڪريم سنديلي سان سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي پروجيڪٽن تي ڪم ڪيائين.
شيخ محمد اسماعيل مزاج ۽ طبيعت جو خوش باش انسان هو. سير سفر سان دلچسپي رهيس. سيٺ حافظ پرائمري اسڪول حيدرآباد ۾ هيڊ ماستريءَ جي دؤر ۾ هن ڪيئي ڀيرا پنهنجي اسٽاف کي سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ سيرگاهن تي وٺي ويندو هو. ڀنڀور، عمرڪوٽ، موئن جو دڙو، ڪراچيءَ جو ڪلفٽن ۽ شاهه لطيف جي ميلي تي ته عام طور تي گهمندو هو. اسڪول ۾ مختلف قومي ۽ يادگار ڏينهن ملهائڻ جي روايت وڌائين جنهن سان شاگردن ۾ به جاڳرتا پيدا ٿي، نه صرف اهو پر اهڙن موقعن تي ريڊيو پاڪستان ۽ اخباري نمائندن کان به ڪوريج ڪرائيندو هو.
هي صوفي منش انسان پنهنجن پڇاڙڪن ڏينهن ۾ به ۱۲ ڪلاڪ ذهني پورهئي جو ڪم ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا جي کيس ذميواري ڏنل هئي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ڊاڪٽر الانا جي چيئرمين شپ ڇڏڻ بعد سندس وجود پويان اچڻ واري صاحب کي ڏکندو رهيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين اهو ڏک رهيس ته سندس محنت جو اجورو ملڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر انهي محنت کي ئي ڇپائي مان روڪايو ويو. هاڻي جڏهن اها انسائيڪلو پيڊيا سنڌي لئنگئيج ڇپائي ته اداري پاران هڪڙي ڪاپي به سندس حصي ۾ پونيرن کي نه ڏني وئي.
مرحوم شيخ اسماعيل جهڙيون علمي ادبي پورهيو ڪندڙ شخصيتون ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿين ٿيون. هُو آخري وقت ۾ جگر جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو جنهن علالت آخرڪار ۲۲ جنوري ۲۰۰۴ ۾ کيس حقيقي مالڪ سان وڃي ملايو. سندس قبر حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي آغا ۾ آهي.



شيخ محمد اسماعيل
هڪ عظيم تعليمي ماهر
طارق عزيز شيخ
شيخ محمد اسماعيل مرحوم سنڌي لوڪ ادب، لغت، لطيفايت ۽ ماهر تعليم جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو، هن ۲۱ جنوري ۱۹۲۴ع تي حيدرآباد جي علائقي گاڏي کاتي ۾ احمد شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو، محمد اسماعيل مرحوم سنڌي ادب جي خاموشيءَ سان بي لوث خدمت ڪئي، هن جيڪي جيڪي پروجيڪٽ پنهنجي هٿ ۾ کنيا، انهن کي نهايت سچائي سان نڀايائين. جيڪڏهن انهن اهم ۽ تاريخي ڪمن بابت ٿورو به ذڪر ڪبو ته سنڌ جي قداور شخصيتن بابت تڪراري بحث شروع ٿي ويندا ۽ انهن جي ڪريڊٽ جي آيل ڪم تي شڪ شبهات پيدا ٿي ويندا، انهيءَ ڪري هتي نامياري اديب آفتاب ابڙي جي طرفان مرحوم اسماعيل شيخ بابت هي لکيل سيٽون درج ڪندس.
”شيخ اسماعيل، سنڌ جي انهن خاموش عملي ڪارڪنن منجهان هڪ آهي، جن محنت کي ڪڍي ڇڏجي ته هوند موجوده سنڌي علم ادب جي عمارت کي لوڏو اچي وڃي“ (ڪتاب: شاه لطيف بحيثيت مفڪر) مرحوم شيخ صاحب سنڌي لوڪ ادب اسڪيم جي سمورن واليمن جي تياريءَ لاءِ علمي توڙي سياحتي کوجنا ڪئي ۽ وڏي محنت سان ڪتاب جوڙيائين، سنڌي ادبي بورڊ جي ناياب ڪتابن ۾ اهي ئي ڪتاب سنڌي ادب جو اهم سرمايو آهن، جامع سنڌي لغت لاءِ ڪيترن ئي ڳوٺن، وستين ۽ برادرين سان ملي، لفظن کي ڪٺو ڪرڻ ۽ پوءِ انهن جون معنائون لکڻ وارو ڏکيو ڪم هن ڏاڍي دل لگي ۽ جفا ڪشيءَ سان ڪيو.
اهڙي ريت هن تعليم واري شعبي ۾ به اهم ڪارناما ڪيا، ڏسڻ ۾ سادو پر استادن جي حقن لاءِ سخت ويڙهه ڪندڙ اڳواڻ ثابت ٿيو، هن استادن جي ڀلائي واري تنظيم پ ٽ الف جي بنياد کان وٺي ان جي وڌڻ ويجهڻ واري زماني تائين رهنمائي ڪئي، استادن جي پگهارن وڌائڻ، وڌيڪ اسڪول کولڻ ۽ تدريسي سرشتو وڌائڻ لاءِ يادگار جدوجهد ڪئي، گورنر نور خان جي ڏينهن ۾ استادن کي وٺي گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻي، تعليمي پاليسي موجب سبڌ جي پرائمري استان کي اعلانيل حق ڏياريا، هي ۱۹۶۹ع جي پڇاڙي ۽ ۱۹۷۰ع جي شروع وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن تڏهوڪي حڪومت جولاءِ ۾ تعليمي پاليسي جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ استادن جون پگهارون وڌائڻ، تعليم بالغان جو پروگرام ۽ مفت تعليم ڏيڻ جو حڪومت اعلان ڪيو هو پر ان تي ڪو عمل درآمد نه ڪيو ويو هو، اهو ئي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي پرائمري استادن کي گڏ ڪري شيخ اسماعيل اڳواڻي ڪندي ڌرڻو هنيو هو، جيڪو مطالبن جي منظوري تائين قائم رهيو پوليس ۽ فوج ويجهو ايندي هئي ته پاڻ اڳتي وڌي چوندو هو ته ”بابا استاد آهيون، تعليمي اداري سان واسطو آهي، وڳوڙ ڪرڻ نه آيا آهيون، ڇهن مهينن کان سرڪاري اعلان باوجود حق نه مليو آهي ته ياد ڏيارڻ آيا آهيون، توهان پنهنجن استادن جو احترام ڪندا ته توهان جو احترام ٿيندو“ اهڙا گفتا ٻڌي چيڙاڪ يا سخت طبيعت وارا اهلڪار به ٿڌا ٿي واپس مڙي ويندا هئا، مرحوم شيخ اسماعيل تعليم کاتي ۾ ڀرتي به لاتعداد نوجوان ڪرايا، تعليم جي بنياد تي ٽيچر، ڪلارڪ ۽ پٽيوالا کاتي ۾ لڳرايائين، طبيعت ۾ ٿڌو ۽ مزاج ۾ ملنسار هو، ڪنهن به ضرورتمند کي نااميد نه ڪندو هو، پاڻ قرض کڻي ٻئي کي گهرج پوري ڪري ڏيندو هو پوءِ اڳلو پئسا موٽائي نه ڏئي ته اهي به پاڻ لاهيندو هو.
سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن جو ڪورس بهتر ڪرڻ ۽ هر درجي جي نصاب کي سولو توڙي معلوماتي ڪرڻ لاءِ به هن جي معاونت رهندي آئي هن ٻارڙن جي دلچسپي پٽاندڙ ڪورس ڏانهن وڌيڪ زور ڀريو هر سال نصاب ۾ وقت آهر ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو، ٽيچرز برادريءَ کي هر سال موڪلن واري مدي ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن تي وٺي وڃڻ، اسٽڊي ٽوئر ڪرائڻ به هن جي عادت ۾ شامل هو، اهڙي ريت عمرڪوٽ، مڪلي، منڇر ڍنڍ، موهن جو دڙو، ڀنڀور، ڀٽ شاهه، ٺٽو ۽ تاريخي مقام ڏيکاريندي انهن بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو، شيخ اسماعيل پنهنجي اسٽاف لاءِ آئيڊيل هيڊ ماستر هو، سنڌ ۾ شل ئي ڪو اهڙو هيڊ ماستر هوندو جنهن ۾ ايتريون خوبيون هجن.
شيخ اسماعيل جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمت تي هڪ نظر وجهون ته حيرت ٿيندي ته هن اڪيلي شخص هڪ اداري جيان ضخيم ۾ پورهيو ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ پاران لوڪ ادب جا چاليهه واليم جنهن ۾ لوڪ داستان لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ شاعري، تاريخي، واقعا، عشقيه قصا، ڳجهارتون، پروليون ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن، انهن جي مواد لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ وڃي سينه به سينه هلندڙ ڳالهين، ڪهاڻين ۽ ڏاڍي دلجوئي سان ڪم ڪيو پر شرط اهو هوندو هو ته اهڙي محنت ۾ سندس نالو فقط معاون هجڻ ۾ لکجي ايندو هو، اهڙي ريت سوين ڪتاب تيار ٿيا.
سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ جڏهن ٻوليءَ جو ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا چيئرمين بڻجي آيو تڏهن شيخ اسماعيل کي هڪڙي پروجيڪٽ ”سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا“ جي آڇ ڪيائين، جيڪا هن قبولي، سندس زندگيءَ جا آخري ڇهه ست ورهيه هئا، جنهن ۾ هن انسائيڪلو پيڊيا جهڙو ڏکيو ۽ ڊگهو پروجيڪٽ شروع ڪيو، پهريون واليم تيار ٿيو ته ڊاڪٽر الانا صاحب جي چيئرمين شپ ختم ٿي ۽ بعد ۾ اچڻ واري چيئرمين سمورن ڪتابن جي ڇپائي روڪائي ڇڏي، الانا صاحب جي زماني وارا ڪتاب سنڌي ادب جي نامياري دانشور ۽ ماهر تعليم ڊاڪٽر فهميده حسين ڇپرايا، ميڊم فهميده ايمانداري کان ڪم وٺندي شيخ اسماعيل جو نالو پهرين واليم ۾ نگران طور ڏنو، ان کان علاوه جڏهن شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر هئي، تڏهن به ”سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت“ شيخ اسماعيل کان نظرثاني ڪرائي هئائين ته انهي پروجيڪٽ ۾ به سندس نالو مٿان ڏنو اٿس،
افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته پنهنجي حياتيءَ جو وڏو عرصو جنهن شخصيت لاءِ تحقيقي ڪم ڪيائين، وستيون واهڻ ڀڄ ڊڪ ڪيائين، انهيءَ سندس قدر نه ڪيو ۽ شيخ اسماعيل جي محنت پنهنجي نالي ۾ شايع ڪرائيندو رهيو ۽ نالو ڪمائيندو رهيو، شيخ اسماعيل لطيفيات تي تمام گهڻو ڪم ڪيو جنهن جي اعتراف ۾ سندس وفات واري سال ثقافت کاتي پاران لطيف ايوارڊ کيس ڏنو جيڪو ممتاز مرزا جي پٽ سجاد مرزا وصول ڪيو هو. مرحوم اسماعيل شيخ جي زندگيءَ ۾ ڪجهه شخصيتون نهايت قريب رهيون، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ حميد آخوند انهن ۾ خاص آهن، جڏهن ته محمد حسين ڪاشف، محمد يعقوب ميمڻ، عبدالڪريم سنديلو، ولي محمد طاهر زادو، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقيوم صائب سميت هڪ ڊگهو سلسلو آهي، قلمڪارن جو جيڪو کيس قدر جي نگاهه سان ڏسندو هو، شيخ اسماعيل مرحوم جي  پنهنجي ڪم سان مخلص ۽ ديانتدار رهڻ هن جي خوبي هئي ۽ هو ئي هن جي ڪاميابي جو راز هو.
مطالعي ۾ تمام گهڻو شوق رکندو هو، اسٽالن تي نوان ڪتاب ڏسندو رهندو هو ته ڪيتري به ڳري قيمت وارا هجن هو خريد ڪندو هو، پاڻ پڙهندو هو ۽ ٻين کي به پڙهائيندو هو، ڪيترا ئي قيمتي ڪتاب پاڻ پڙهڻ بعد مطالعي جي دلچسپي رکندڙ دوستن ۽ واسطيدارن کي ڏئي ڇڏيندو هو، شيخ صاحب مرحوم تمام مصروف ماڻهو هوندو هو، صبح اٺين وڳي کان رات نوين وڳي تائين اسڪول ۽ پوءِ سنڌي ڊڪشنري آفيس يا ڪنهن تحقيقي ڪم سانگي سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ هليو ويندو هو، ريٽائرمينٽ کانپوءِ پورو وقت ئي سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ پروجيڪٽ ۾ رڌل رهندو هو، مطالعو اڪثر رات جو ڪندو هو، پڙهندي پڙهندي مرحوم کي آڌي رات ٿي ويندي هئي هو هر علمي ۽ ادبي موضوع جا ڪتاب پڙهندو هو، سياسي ڪتابن جو پڻ وڏو ذخيرو گڏ ڪيل هئس، خوشيءَ سان ڪتاب ڏئي ڇڏيندو هو، مزاج ۾ ڪو ورلي چڙ ايندي هئس نه ته کل مذاق ۾ وقت گذارڻ جو عادي هو، ڪچهري ۾ ڳجهارتون، تاريخ جون ڳالهيون، علمي ڄاڻ، سياسي تجزيه اهڙي دلچسپي سان ٻڌائيندو هو جو ٻڌندڙ کي ڪچهري ختم ڪرڻ لاءِ جيءُ نه چاهيندو هو، ننڍي توڙي وڏي ڄمار واري کي برابر عزت ڏيندو هو. جهڙو پٽيوالي يا مالهيءَ سان قربائتو ٿي ڳالهائيندو هو تهڙو ڪنهن امير وزير سان به رويو رهندو هئس، پنهنجي خاندان جو وڏو هو ۽ وڏو ٿي ڏيکاريائين.
سندس وفات کانپوءِ اهڙي رهبري ڪنهن ڪو نه ڪئي، خاندان جي سڀني گهرن جي حالتن کان باخبر رهڻ ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي وڏي خوبي هوندي هئس، ڪيترن گهرن جي خاموشيءَ سان ڪفالت به ڪيائين جيڪا خبر سندس وفات تي پئي ته ڏکي وقت ۾ راشن ۽ خرچ پکو مرحوم ڏئي دعائون وٺندو هو، ائين ته صرف پنهنجي پرڌارين سان به سلسلو رهيس، شيخ صاحب جي مزاج ۽ طبيعت ۾ ايثار ۽ قرباني جو عنصر نمايان هو، هن پنهنجي سڄي زندگي ٻين جي ڪتب اچڻ ۾ گذاريائين، والدين جي انتقال کانپوءِ پنهنجي گهر جي ذميواري کنيائين، هر هڪ گهر ڀاتيءَ کي پڙهائي نوڪرين تائين لڳائڻ جو بار به سندس ڪلهن تي هو، اهڙي ريت سڀني جون شاديون ڪرايائين ۽ پاڻ سڀني کان بعد ۾ ريٽائرمينٽ جي قريب اچي پهتو، تڏهن شادي ڪيائين، هن کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ شيخ ابراهيم جيڪو ريڊيو پاڪستان جو پروگرام مئنيجر هو، جي انتقال تي تمام گهڻو ڏک پهتو هو ۽ سندس دوست ممتاز مرزا جي وڇوڙي تي شديد رنج مليو، اهي ٻئي وفاتون هڪڙي ئي سال ۱۹۹۶ع ۾ ٿيون ۽ ان کانپوءِ ٻنهي دل جي قريب ماڻهن جي جدائي وارو خال هن کي به اندر ۾ کائيندو رهيو جيتوڻيڪ ملندڙ ماڻهو ان جو اندازو نه لڳائي سگهندا هئا.
۲۰۰۳ع ۾ شيخ اسماعيل جي طبيعت خراب ٿيڻ شروع ٿي، جگر تي سوڄ ۽ لڳاتار بخار هن کي ڪمزور بڻائيندو ويو، اهڙي حالت ۾ سندس نياڻي ۽ مهراڻ اسڪول حيدرآباد جي اڳوڻي هيڊ مسٽريس جنهن کي حيدرآباد جون نياڻيون آپا زمرد جي نالي سان سڃاڻين، اها ۽ سندس اولاد کيس ڪم آيو، پنهنجي ڏوهٽي جنيد ڏاهريءَ کي تمام گهڻو ڀائيندو هو، ڪٿي به وڃڻو هوندو هئس ته جنيد ڏاهري کي ساڻ ڪندو هو، سندس ننڍي ڀيڻ زيد اي شيخ پڻ ڀاءُ جي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ دم دم گڏ رهي، وقت سان گڏ طبيعت وڌيڪ بگڙجندي رهيس ۽ هو پنهنجي سالگرهه جي ٻئي ڏينهن ۲۲ جنوري ۲۰۰۴ع تي انتقال ڪري ويو، سندس قبر ٽنڊي آغا جي قديم قبرستان ۾ گهر کان ٿورو فاصلي تي ۽ ممتاز مرزا جي قبر جي ويجهي آهي.




شيخ محمد اسماعيل

سون جهڙو سادو انسان
طارق عزيز شيخ
سنڌ جي سرزمين تي جنهن پنهنجي ڌرتيءَ تي اڻ ملهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، سنڌ جو علم، ادب ۽ ثقافت سڄي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ سان مشهور آهي، هتي ڪروڙين ماڻهو آيا ۽ ويا، جن پنهنجي وس آهر، پنهنجي شعبي ۾ خدمت ڪري راهه رباني ورتي. اهڙن ئي خدمت گذارن مان هڪ نالو شيخ محمد اسماعيل جو آهي، جنهن تعليم، ادب، ثقافت، تاريخ ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان آخري گهڙيءَ تائين عملي پورهيو ڪيو.
شيخ محمد اسماعيل سنڌ جي پهرين انسائيڪلوپيڊيا جو نگران هو، جنهن علمي تحقيق جو طريقيڪار اختيار ڪري، هن انسائيڪلو پيڊيا جو پورو خاڪو ٺاهيو، جنهن کي بعد ۾ تڏهوڪي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سربراهه نامياري محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا منظور ڪيو. اُها انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي نالي سان پروجيڪٽ جي صورت ۾ سڄي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن مان ليکڪن جي مدد سان هڪ ٽيم تيار ڪئي وئي ۽ ڪم اڃان الف کان پ تائين پهتو، پهريون واليم تيار ٿي ويو ته ڪجهه عرصي بعد ۲۲ جنوري ۲۰۰۴ع تي شيخ محمد اسماعيل وفات ڪري ويو، بعد ۾ ڪافي ورهين تائين انسائيڪلو پيڊيا جي اهم ترين پروجيڪٽ کي بند ڪيو ويو ۽ جڏهن سنڌ جي نامياري محقق ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌي لينگويج اٿارتيءَ جي سربراهه بڻي، تڏهن انسائيڪلو پيڊيا جي پروجيڪٽ کي ٻيهر اتان کان ئي شروع ڪيو ويو، جتان روڪيو ويو هو. اُهو ڪريڊٽ ميڊم فهميده حسين کي وڃي ٿو، جنهن پنهنجي ديانتداريءَ سان انسائيڪلو پيڊيا جو ڪم، جيڪو ڏُکيو ۽ تمام طويل هو، مڪمل ڪيو. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي پهرين واليم ۾ پڻ انهي ڳالهه کي تسليم ڪيو ويو آهي ته سڄي پروجيڪٽ جي خاڪي تيار ڪرڻ ۽ محققن جي ٽيم تيار ڪرڻ ۾ شيخ محمد اسماعيل جي محنت هُئي.
سنڌ جو هيءُ علمي پورهيت ۲۱ فيبروري ۱۹۲۴ع ۾ حيدرآباد جي مرڪزي علائقي گاڏي کاتي ۾ پيدا ٿيو، شيخ اسماعيل پنهنجي تعليم حيدرآباد مان ئي پرائڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيو ۽ بعد ۾ هيڊ ماستر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. هن پنهنجي سڄي ڄمار تعليمي، تدريسي ۽ ادبي ڪشالن ۾ گُذاري، پاڻ ٻوليءَ جو ماهر هو، جنهن ڪري تدريسي ڪتابن جو نصاب ٺاهڻ ۾ پڻ سندس بنيادي ڪردار رهيو ۽ پرائمري سطح جي سنڌي ڪتابن جو ڪورس لکڻ توڙي سبق تيار ڪري ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ الڳ الڳ ڪلاسن جا ڪتاب ٺاهڻ ۾ عملي ڪم ڪيائين. پاڻ جيئن ته تعليم کاتي سان لاڳاپيل هو، تنهن ڪري استادن جي مسئلن جي حوالي سان پ ٽ الف، جيڪا استادن جي فلاح لاءِ ڪم ڪندي آهي، ان جو بنياد رکڻ وارن ۾ شامل هو. پ ٽ الف ٺاهڻ لاءِ سڄي سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ قائم پرائمري اسڪولن ۾ تعليم سازي ڪيائين، استادن جي سگهه پهريون ڀيرو حڪومت کي خبر پئي ۽ ڪيترائي مسئلا حل ٿيا.
شيخ محمد اسماعيل جو علمي ۽ ادبي شخصيت هُئڻ ڪري سنڌ جي سمورن عالمن ۽ اديبن سان شروع کان وٺي واسطو رهيو. سڀ کان وڌيڪ ۽ ويجهو تعلق نامياري محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان سندن رهيو، اٽڪل پنجونجاهه (۵۵)، ڇاونجاهه (۵۶) ورهين جو ٻنهي جو ساٿ رهيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪيل سنڌي ڊڪشنري آفيس، اولڊ ڪئمپس جو انچارج شيخ اسماعيل هوندو هو. انهي هڪڙي ڪمري واري آفيس مان سنڌي ٻولي، ادب، لوڪ ادب، تاريخ، ثقافت ۽ لطيفيات جي موضوعن تي سوين ڪتاب تيار ٿيا. سنڌ جو وڏي ۾ وڏو علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم هن ئي آفيس مان ٿيو. هر موضوع جو معياري ڪم ڪندي ڏينهن ۽ رات جو پتو نه پوندو هو، جڏهن شيخ اسماعيل ڪنهن پروجيڪٽ ۾ هٿ وجهندو هو، اُنهي ڳالهه جي گواهي ڏيندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پاڻ شيخ اسماعيل جي وفات تي سندس تڏي تي ڳالهائيندي چيو ته: ”شيخ محمد اسماعيل سنڌي ٻولي ۽ لوڪ ادب جي وڏي خدمت ڪئي، سندس لاڏاڻي سان سنڌي ادب کي وڏو نقصان ٿيو، هو دل سان محنت ڪري ذميواري نڀائيندو هو.“
شيخ اسماعيل جي علمي پورهئي بابت سنڌي ٻوليءَ جو ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا پڻ سندس باري ۾ ٽنڊو آغا ۾ تعزيت دوران چيو هو ته: ”شيخ اسماعيل نه فقط شاهه جو پارکو هو پر آخري وقت تائين منجهس ۱۲ ڪلاڪن تائين ڪم ڪرڻ جو جذبو هو ۽ ايترو اڄوڪي نوجوان ۾ به ناهي.
شيخ محمد اسماعيل ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪيترو ئي تحقيقي ڪم ڪيو پر افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته پنهنجي ڪم جو فائدو ٻين کي ڏنائين. اُها تلخ حقيقت آهي، جيڪي سندس ويجها آهن، سي سڀ سچائي کان واقف آهن، هن جو نالو فقط سهڪار ڪندڙ ۽ ڪم جي نگراني ڪندڙ طور ڳڻائي ٿورو مڃيو ويو. ساڳئي ڳالهه کي سنڌ جي نامياري محقق ۽ ٻوليءَ جي ماهر آفتاب ابڙي پنهنجي ڪتاب ”شاهه لطيف بحيثيت مفڪر“ ۾ هن ريت لکيو آهي ته: ”شيخ محمد اسماعيل، سنڌ جي اُنهن خاموش عملي ڪارڪنن منجهان هڪ آهي، جن جي محنت کي ڪڍي ڇڏجي ته هوند موجوده سنڌي علم ادب جي عمارت کي لوڏو اچي ويو.“
سنڌ جو هي اڏول محقق ۽ جاکوڙي انسان ذاتي زندگيءَ ۾ نهايت سادڙو ۽ ڪشاده دل ماڻهو هو، پنهنجي قريب ترين دوست ممتاز مرزا سان واسطو سڳن ڀائرن جيان رهيس. سنڌي ثقافت ۽ علم ادب جي شخصيت ممتاز مرزا وري شيخ اسماعيل کي پنهنجو علمي استاد قرار ڏنو آهي، ٻنهي شخصيتن جو دوستيءَ جو تعلق ايترو سگهارو رهيو جو شيخ اسماعيل پنهنجو اباڻو گهر، جيڪو گاڏي کاتي ۾ هوندو هو، فقط ممتاز مرزا جي حُب ۾ وڪرو ڪري پنهنجي خاندان سميت ممتاز مرزا جي گهر آڏو پلاٽ خريد ڪري گهر تعمير ڪرائي، باقي جي زندگي اُتي ئي گُذاري. علمي ادب پروگرامن کان وٺي ذاتي محفلن ۽ ڪچهرين ۾ ٻنهي جو ايترو سٺو ساٿ رهيو جو ٻنهي گهرن کي هڪڙو گهر سمجهيو ويندو هو. شيخ محمد اسماعيل سان سندس آخري ڏينهن تائين ممتاز مرزا جي اولاد ائين نينهن نڀاءُ ڪيو، جيئن والد سان ڪبو آهي.
سنڌ جو هيءُ پنهنجي پر ۾ سادڙو پر علمي ۽ ادبي لحاظ کان عظيم انسان سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ شاهه لطيف چيئر جهڙن وڏن علمي، ادبي ۽ تحقيقي ادارن ۾ پنهنجو علمي پورهيو ڪري، اُهو ثابت ڪري ويو ته جاکوڙ ڪرڻ لاءِ نالو مشهور ڪرڻ کان علاوه به پاڻ کي مڃائي سگهجي ٿو. شيخ اسماعيل جنهن سان به نڀايو، سو اُها ڳالهه ضرور قبوليندو، نه ته منافقت چئي ويندي. شيخ محمد اسماعيل جنهن سان به نڀايو، سو اُها ڳالهه ضرور قبوليندو، نه ته منافقت چئي ويندي. شيخ محمد اسماعيل بابت سندس ويجهو ترين دوست ناميارو عالم ۽ اديب ممتاز مرزا چئي ويو ته: ”سون جهڙو سادو انسان“ ۽ اهو وقت ثابت ڪري ڏيکاريو ته شيخ اسماعيل بنهه سادو هوندي به سون جهڙو انسان هو.
روزاني عبرت حيدرآباد، ۲۳ جنوري ۲۰۱۹



شيخ محمد اسماعيل
عالم اديب ۽ تعليمي ماهر - ۱۶ ورسيء جي مناسبت سان
طارق عزيز شيخ
سنڌي ادب ۾ اھڙا ماڻھو تمام ٿورا ھوندا جيڪي بغيرڪنهن غرض ۽ لالچ جي خدمت ڪندڙ ھجن. اھڙن ئي خدمت گذارن مان شيخ محمد اسماعيل به ھڪ ھو، جنھن اھم موضوعن تي ڊ گھي عرصي تائين علمي پورهيو ڪري سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو. سندس علمي پورهيو لوڪ ادب، لغات، لطيفيات، تاريخ، تحقيق ۽ انسائيڪلوپيڊيا جي ضخيم پروجيڪٽس ۾ ڪيل آهي.
شيخ محمد اسماعيل جو جنم حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري علائقي ۾ ۲۱جنوري ۱۹۲۶ع تي احمد شيخ جي گھر ۾ ٿيو. سندن والد پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو جنهن ڪري سندن گھر ۾ به تعليمي رجحان رھيو. انگريزن جي دور ۾ تعليم کاتي کي ٻين کاتن جي ڀيٽ ۾ پھرئين ترجيح مليل هئي، انھيءَ ڪري انگريزن جي دور جو تعليمي معيار به تمام بھترين ھو. مسلمانن کي علمي اھليت تي نوڪري حاصل ڪرڻ به ڄڻ شينهن جي وات مان شڪار ڇڏائڻ برابر ھوندو ھو. احمد شيخ اهڙي زماني ۾ نه فقط تعليم کاتي جو مڃيل استاد رهيو پر خلافت تحريڪ ۾ به سرگرم رھيو. شيخ محمد اسماعيل جي تربيت به اھڙي والد جي نگرانيءَ ۾ ٿي، جنھن ڪري سندس مزاج ۾ به ساڳيا والد وارا گڻ شامل ٿيا. ھن پنھنجي والد جي صلاح سان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ ۱۹۴۸ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. شيخ محمد اسماعيل ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو ھو، جڏھن ته سندس ننڍن ڀائرن ۾ محمد يوسف شيخ، محمد ابراهيم شيخ ۽ شيخ عزيز هئا. والد صاحب جي سٺي تربيت سبب اڳتي ھلي سڀئي پنھنجن پنهنجن شعبن ۾ نالو ڪڍيو ۽ ڪامياب ٿيا. محمد يوسف شيخ ايريگيشن آفيسر ھو. ابراهيم شيخ ريڊيو پاڪستان جو مشھور ڊراما پروڊيوسر رھيو جڏهن ته شيخ عزيز صحافت جي ميدان ۾ پھرئين صف جي صحافين ۾ اچي بيٺو.
شيخ محمد اسماعيل جيئن ته درس تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل ھو تنھنڪري ھن پنھنجي استاد برادري جي فلاح لاءِ پڻ ساراھ جوڳو ڪم ڪيو. شيخ صاحب پرائمري اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن جو باني اڳواڻ ھو. سندس استادن لاءِ ڪيل جدوجهد جي نتيجي ۾ ڪيترائي اهم ۽ پراڻا مطالبا منظور ڪيا ويا. شيخ محمد اسماعيل لاتعداد لائق نوجوانن کي ٽيچنگ توڙي نان ٽيچنگ عملي طور ڀرتي ڪرايو.
اهڙي ريت هن ڪجھ يادگار ۽ اهم ڪارناما ڪيا. ڏسڻ ۾ سادو پر استادن جي حقن لاءِ سخت ويڙهه ڪندڙ اڳواڻ ثابت ٿيو، هن استادن جي ڀلائي واري تنظيم پ ٽ الف جي بنياد کان وٺي ان جي وڌڻ ويجهڻ واري زماني تائين رهنمائي ڪئي. استادن جي پگهار وڌائڻ، وڌيڪ اسڪول کولڻ، استادن جي ٽريننگ، تعليم کاتي ۾ استادن مان اسٽاف کڻڻ ۽ تدريسي سرشتو وڌائڻ لاءِ يادگار جدوجهد ڪئي.
گورنر نور خان جي ڏينهن ۾ استادن کي وٺي گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻي، تعليمي پاليسي موجب سنڌ جي پرائمري استان کي اعلانيل حق ڏياريا، هي ۱۹۶۹ع جي پڇاڙي ۽ ۱۹۷۰ع جي شروع وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن تڏهوڪي حڪومت جولاءِ ۾ تعليمي پاليسي جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ استادن جون پگهارون وڌائڻ، تعليم بالغان جو پروگرام ۽ مفت تعليم ڏيڻ جو حڪومت اعلان ڪيو هو پر ان تي ڪو عمل درآمد نه ڪيو ويو هو، اهو ئي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي پرائمري استادن کي گڏ ڪري شيخ محمد اسماعيل اڳواڻي ڪندي ڌرڻو هنيو هو، جيڪو مطالبن جي منظوري تائين ڌرڻو قائم رهيو. پوليس ۽ فوج ويجهو ايندي هئي ته پاڻ اڳتي وڌي چوندو هو ته ”بابا استاد آهيون، تعليمي اداري سان واسطو آهي، وڳوڙ ڪرڻ نه آيا آهيون، ڇهن مهينن کان سرڪاري اعلان باوجود حق نه مليو آهي ته ياد ڏيارڻ آيا آهيون، توهان پنهنجن استادن جو احترام ڪندا ته توهان جو احترام ٿيندو“ اهڙا گفتا ٻڌي چيڙاڪ يا سخت طبيعت وارا اهلڪار به ٿڌا ٿي واپس مڙي ويندا هئا، مرحوم شيخ اسماعيل تعليم کاتي ۾ ڀرتي به لاتعداد نوجوان ڪرايا، تعليم جي بنياد تي ٽيچر، ڪلارڪ ۽ پٽيوالا کاتي ۾ لڳرايائين، طبيعت ۾ ٿڌو مزاج ۽ ملنسار هو. ڪنهن به ضرورتمند کي نااميد نه ڪندو هو، پاڻ قرض کڻي ٻئي جي گهرج پوري ڪري ڏيندو هو پوءِ اڳلو پئسا موٽائي نه ڏئي ته اهي به پاڻ لاهيندو هو. استادن کي سنڌ جي صوفي بزرگن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست وغيره جي ادبي پروگرامن ۾ وٺي ويندو ھو. ٽيچرز برادريءَ کي هر سال موڪلن واري مدي ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن تي وٺي وڃڻ، اسٽيڊي ٽوئر ڪرائڻ به هن جي عادت ۾ شامل هو، اهڙي ريت عمرڪوٽ، مڪلي، ڪينجهر ڍنڍ، منڇر ڍنڍ، موهن جو دڙو، ڀنڀور، ڀٽ شاهه، ٺٽو ۽ تاريخي مقام ڏيکاريندي انهن بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو، شيخ اسماعيل پنهنجي اسٽاف لاءِ آئيڊيل هيڊ ماستر هو، سنڌ ۾ شل ئي ڪو اهڙو هيڊ ماستر هوندو جنهن ۾ ايتريون خوبيون هجن.
شيخ محمد اسماعيل پاڻ علمي ادبي ذوق شوق رکڻ سبب اديبن ۽ عالمن جي صحبت ۾ رھندو آيو ھو. انھيءَ ڪري سنڌ جي نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان سنڌي ادبي بورڊ جي اهم اسڪيمن ۾ ٻانهن ٻيلي بڻيو ۽ پوءِ اھو ساٿ پنجن ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي تائين ھلندو رھيو.
شيخ محمد اسماعيل مرحوم سنڌي ادب جي خاموشيءَ سان بي لوث خدمت ڪئي، هن جيڪي جيڪي پروجيڪٽ هٿ ۾ کنيا، انهن کي نهايت سچائي سان نڀايائين. جيڪڏهن انهن اهم ۽ تاريخي ڪمن بابت ٿورو به ذڪر ڪبو ته سنڌ جي قداور شخصيتن بابت تڪراري بحث شروع ٿي ويندا ۽ انهن جي ڪريڊٽ جي آيل ڪم تي شڪ شبو پيدا ٿي ويندو، انهيءَ ڪري هتي نامياري اديب آفتاب ابڙي جي طرفان مرحوم شيخ محمد اسماعيل بابت هي لکيل سٽون درج ڪندس.
”شيخ اسماعيل، سنڌ جي انهن خاموش عملي ڪارڪنن منجهان هڪ آهي، جن جي محنت کي ڪڍي ڇڏجي ته هوند موجوده سنڌي علم ادب جي عمارت کي لوڏو اچي وڃي“ (ڪتاب: شاه لطيف بحيثيت مفڪر، سھيڙيندڙ: آفتاب ابڙو)
مرحوم شيخ صاحب سنڌي لوڪ ادب اسڪيم جي سمورن واليمن جي تياريءَ لاءِ علمي توڙي سياحتي کوجنا ڪئي ۽ وڏي محنت سان ڪتاب جوڙيائين. سنڌي ادبي بورڊ جي ناياب ڪتابن ۾ اهي ئي ڪتاب سنڌي ادب جو اهم سرمايو آهن، جامع سنڌي لغت لاءِ ڪيترن ئي ڳوٺن، وستين ۽ برادرين سان ملي، لفظن کي ڪٺو ڪرڻ ۽ پوءِ انهن جون معنائون لکڻ وارو ڏکيو ڪم هن ڏاڍي دل لگي ۽ جفا ڪشيءَ سان ڪيو.
سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن جو ڪورس بهتر ڪرڻ ۽ هر درجي جي نصاب کي سولو توڙي معلوماتي ڪرڻ لاءِ به هن جي معاونت رهندي آئي ھئي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي پرائمري سطح تائين ڪورس جي ڪميٽي ۾ رھيو. هن ٻارڙن جي دلچسپي پٽاندڙ ڪورس ڏانهن وڌيڪ زور ڀريو هر سال نصاب ۾ وقت آهر ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو.
شيخ اسماعيل جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمت تي هڪ نظر وجهون ته حيرت ٿيندي ته هن اڪيلي شخص هڪ اداري جيان ضخيم ۾ پورهيو ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ پاران لوڪ ادب جا چاليهه واليم جنهن ۾ لوڪ داستان لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ شاعري، تاريخي، واقعا، عشقيه قصا، ڳجهارتون، پروليون ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن، انهن جي مواد لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ وڃي سينه به سينه هلندڙ ڳالهين، ڪهاڻين ۽ ڏاڍي دلجوئي سان ڪم ڪيو پر شرط اهو هوندو هو ته اهڙي محنت ۾ سندس نالو فقط معاون هجڻ ۾ لکجي ايندو هو، اهڙي ريت سوين ڪتاب تيار ٿيا.
سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ جڏهن ٻوليءَ جو ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا چيئرمين بڻجي آيو تڏهن شيخ اسماعيل کي هڪڙي پروجيڪٽ ”سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا“ جي آڇ ڪيائين، جيڪا هن قبولي، سندس زندگيءَ جا آخري ڇهه ست ورهيه هئا، جنهن ۾ هن انسائيڪلوپيڊيا جهڙو ڏکيو ۽ ڊگهو پروجيڪٽ شروع ڪيو، پهريون واليم تيار ٿيو ته ڊاڪٽر الانا صاحب جي چيئرمين شپ ختم ٿي ۽ بعد ۾ اچڻ واري چيئرمين سمورن ڪتابن جي ڇپائي روڪائي ڇڏي، الانا صاحب جي زماني وارا ڪتاب سنڌي ادب جي نامياري دانشور ۽ ماهر تعليم ڊاڪٽر فهميده حسين ڇپرايا، ميڊم فهميده ايمانداري کان ڪم وٺندي شيخ اسماعيل جو نالو پهرين واليم ۾ نگران طور ڏنو، ان کان علاوه جڏهن شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر هئي، تڏهن به ”سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت“ شيخ اسماعيل کان نظرثاني ڪرائي هئائين ته انهي پروجيڪٽ ۾ به سندس نالو مٿان ڏنو اٿس. اھا ديانتداري چئبي آھي.
مٿئين ڳالهه سان گڏ ھتي افسوس ان جي ابتڙ ڳالهه جو به ڪجي ٿو ته پنهنجي حياتيءَ جو وڏو عرصو جنهن شخصيت لاءِ تحقيقي ڪم ڪيائين، وستيون واهڻ ڀڄ ڊڪ ڪيائين، انهيءَ سندس قدر نه ڪيو ۽ شيخ اسماعيل جي محنت پنهنجي نالي ۾ شايع ڪرائيندو رهيو ۽ نالو ڪمائيندو رهيو.
شيخ اسماعيل لطيفيات تي تمام گهڻو ڪم ڪيو جنهن جي اعتراف ۾ سندس وفات واري سال ثقافت کاتي پاران لطيف ايوارڊ کيس مليو جيڪو سندس ويجھي دوست، نامياري عالم ممتاز مرزا جي پٽ سجاد مرزا وصول ڪيو هو. مرحوم شيخ محمد اسماعيل جي زندگيءَ ۾ ڪجهه شخصيتون نهايت قريب رهيون. ممتاز مرزا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ حميد آخوند انهن ۾ خاص ھئا، جڏهن ته محمد حسين ڪاشف، محمد يعقوب ميمڻ، عبدالڪريم سنديلو، ولي محمد طاهر زادو، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقيوم صائب سميت هڪ ڊگهو حلقو آهي قلمڪارن جو جيڪو کيس قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندو هو. شيخ اسماعيل مرحوم جي پنهنجي ڪم سان مخلص ۽ ديانتدار رهڻ هن جي خوبي هئي ۽ اهو ئي هن جي ڪاميابي جو راز هو.
مطالعي ۾ تمام گهڻو شوق رکندو هو، اسٽالن تي نوان ڪتاب ڏسندو رهندو هو ته ڪيتري به ڳري قيمت وارا هجن هو خريد ڪندو هو، پاڻ پڙهندو هو ۽ ٻين کي به پڙهائيندو هو. ڪيترائي قيمتي ڪتاب پاڻ پڙهڻ بعد مطالعي جي دلچسپي رکندڙ دوستن ۽ واسطيدارن کي ڏئي ڇڏيندو هو. شيخ صاحب مرحوم تمام مصروف ماڻهو هوندو هو، صبح اٺين وڳي کان رات نوين وڳي تائين اسڪول ۽ پوءِ سنڌي ڊڪشنري آفيس يا ڪنهن تحقيقي ڪم سانگي سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ هليو ويندو هو. ۱۹۸۶ع ۾ ريٽائرمينٽ کانپوءِ پورو وقت ئي سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ پروجيڪٽ ۾ رڌل رهندو هو. مطالعو اڪثر رات جو ڪندو هو، پڙهندي پڙهندي مرحوم کي آڌي رات ٿي ويندي هئي. هو هر علمي ۽ ادبي موضوع جا ڪتاب پڙهندو هو، سياسي ڪتابن جو پڻ وڏو ذخيرو گڏ ڪيل هئس، ادبي ذوق رکندڙن کي خوشيءَ سان ڪتاب ڏئي ڇڏيندو هو. مزاج ۾ ڪو ورلي چڙ ايندي هئس نه ته کل مذاق ۾ وقت گذارڻ جو عادي هو. ڪچهري ۾ ڳجهارتون، تاريخ جون ڳالهيون، علمي ڄاڻ، سياسي تجزيه اهڙي دلچسپي سان ڪندو هو جو ٻڌندڙ کي ڪچهري ختم ڪرڻ لاءِ جيءُ نه چاهيندو هو. ننڍي توڙي وڏي ڄمار واري کي برابر عزت ڏيندو هو. جهڙو پٽيوالي يا مالهيءَ سان قربائتو ٿي ڳالهائيندو هو تهڙو ڪنهن امير وزير سان به رويو رهندو هئس. پنهنجي خاندان جو وڏو هو ۽ وڏو ٿي ڏيکاريائين.
سندس وفات کانپوءِ اهڙي رهبري ڪنهن ڪونه ڪئي، خاندان جي سڀني گهرن جي حالتن کان باخبر رهڻ ۽ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي وڏي خوبي هوندي هئس. ڪيترن گهرن جي خاموشيءَ سان ڪفالت به ڪيائين جيڪا خبر سندس وفات تي پئي ته ڏکي وقت ۾ راشن ۽ خرچ پکو مرحوم ڏئي دعائون وٺندو هو. ائين نه صرف پنهنجن پر ڌارين سان به سلسلو رهيس. شيخ صاحب جي مزاج ۽ طبيعت ۾ ايثار ۽ قرباني جو عنصر نمايان هو، هن پنهنجي سڄي زندگي ٻين جي ڪتب اچڻ ۾ گذاريائين. والدين جي انتقال کانپوءِ پنهنجي گهر جي ذميواري کنيائين، هر هڪ گهر ڀاتيءَ کي پڙهائي نوڪرين تائين لڳائڻ جو بار به سندس ڪلهن تي هو، اهڙي ريت سڀني جون شاديون ڪرايائين ۽ پاڻ سڀني کان بعد ۾ ريٽائرمينٽ جي قريب اچي پهتو، تڏهن شادي ڪيائين. هن کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ شيخ ابراهيم، جيڪو ريڊيو پاڪستان جو پروگرام مئنيجر هو، جي انتقال تي تمام گهڻو ڏک پهتو هو. سندس دوست ممتاز مرزا جي وڇوڙي تي پڻ شديد رنج مليو ھئس. اهي ٻئي وفاتون هڪڙي ئي سال ۱۹۹۶ع ۾ ٿيون ۽ ان کانپوءِ ٻنهي دل جي قريب ماڻهن جي جدائي وارو خال هن کي به اندر ۾ کائيندو رهيو جيتوڻيڪ ملندڙ ماڻهو ان جو اندازو نه لڳائي سگهندا هئا.
۲۰۰۳ع ۾ شيخ اسماعيل جي طبيعت خراب رھڻ لڳي. جگر تي سوڄ ۽ لڳاتار بخار هن کي ڪمزور بڻائيندو ويو، اهڙي حالت ۾ سندس نياڻي ۽ مهراڻ اسڪول حيدرآباد جي اڳوڻي هيڊ مسٽريس جنهن کي حيدرآباد جون نياڻيون آپا زمرد جي نالي سان سڃاڻين، اها ۽ سندس اولاد کيس ڪم آيو. پنهنجي ڏوهٽي جنيد ڏاهريءَ کي تمام گهڻو ڀائيندو هو، ڪٿي به وڃڻو هوندو هئس ته جنيد ڏاهري کي ساڻ ڪندو هو، سندس ننڍي ڀيڻ زيد اي شيخ پڻ ڀاءُ جي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ دم دم گڏ رهي. وقت سان گڏ طبيعت وڌيڪ بگڙجندي رهيس ۽ هو پنهنجي سالگرهه جي ٻئي ڏينهن ۲۲ جنوري ۲۰۰۴ع تي انتقال ڪري ويو، سندس قبر ٽنڊي آغا جي قديم قبرستان ۾ گهر کان ٿورو فاصلي تي ۽ ممتاز مرزا جي قبر جي ويجهي آهي.


(روزاني سوڀ ڪراچي ۾ اربع، ۲۲ جنوري ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


شيخ محمد اسماعيل

لوڪ ادب، لغت نويسي، لطيفيات ۽ تعليم جو ماهر

طارق عزيز شيخ

سنڌي ادب جا لوڪ ادب، لوڪ شاعري، لطيفيات، لغات نويسي ۽ تاريخ سميت ضخيم پراجيڪٽ، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ پاران لڳاتار چاليھن ورھين تائين جاري رھيا تن سمورن پروجيڪٽن ۾ شيخ محمد اسماعيل جو وڌ ۾ وڌ علمي پورهيو رھيو. ھو بھترين ماھر تعليم ۽ استادن جي فلاحي تنظيم جو بانيڪار پڻ ھو.

شيخ محمد اسماعيل جو جنم حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري علائقي ۾ ۲۱ جنوري ۱۹۲۴ع تي احمد شيخ جي گھر ۾ ٿيو، جيڪو انگريز سرڪار جي زير اهتمام قائم ميونسپل اسڪول جو هيڊ ماستر هو. اھوئي سبب ھو جو سندن گھر ۾ به تعليمي رجحان رھيو. احمد شيخ اهڙي زماني ۾ نه فقط تعليم کاتي جو مڃيل استاد رهيو پر ان سان گڏوگڏ ھو خلافت تحريڪ ۾ به سرگرم ڪارڪن رھيو. شيخ محمد اسماعيل جي تعليم ۽ تربيت به اھڙي والد جي نگرانيءَ ۾ ٿي، جنھن ڪري سندس مزاج ۾ به ساڳيا والد وارا گڻ شامل ٿيا. ھن جي ابتدائي تعليم کان وٺي سنڌي فائنل جي امتحان پاس ڪرڻ تائين والد جي نگراني ۽ صلاح جي اوليت رھي. نور محمد ھاءِ اسڪول تڏهن گورنمينٽ اسڪول چوائبو ھو، مان پڙھي ۱۹۴۸ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. شيخ محمد اسماعيل، چئن ڀائرن ۾ ٻيو نمبر ڀاءُ ھو.

شيخ محمد اسماعيل جيئن ته درس تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل ھو تنھنڪري ھن پنھنجي استاد برادري جي فلاح لاءِ پڻ ساراھ جوڳو ڪم ڪيو. شيخ صاحب پرائمري اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن جو باني اڳواڻ ھو جنھن جان محمد جمالي جي سربراهي ۾ سڄي سنڌ ۾ ڏينهن رات ڀڄ ڊڪ ڪري تنظيم سازي ڪئي. سندس استادن لاءِ ڪيل جدوجهد جي نتيجي ۾ ڪيترائي اهم ۽ پراڻا مطالبا منظور ڪيا ويا. هن ڪجهھ يادگار ۽ اهم ڪارناما پڻ سرانجام ڏنا. شيخ صاحب ڏسڻ ۾ سادو پر استادن جي حقن لاءِ سخت ويڙهه ڪندڙ بھادر اڳواڻ ثابت ٿيو. هن استادن جي ڀلائي واري تنظيم پ ٽ الف جي بنياد کان وٺي ان جي وڌڻ ويجهڻ واري زماني تائين رهنمائي ڪئي. استادن جي پگهار وڌائڻ، وڌيڪ اسڪول کولڻ، استادن جي ٽريننگ، تعليم کاتي ۾ استادن مان اسٽاف کڻڻ ۽ تدريسي سرشتو وڌائڻ لاءِ يادگار جدوجهد ڪئي.

هو استادن کي سنڌ جي صوفي بزرگن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست وغيره جي ادبي پروگرامن ۾ وٺي ويندو ھو. ٽيچرز برادريءَ کي هر سال موڪلن واري مدي ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن مڪانن تي وٺي وڃڻ، اسٽيڊي ٽوئر ڪرائڻ به هن جي عادت ۾ شامل هو، اهڙي ريت عمرڪوٽ، مڪلي، ڪينجهر ڍنڍ، منڇر ڍنڍ، موهن جو دڙو، ڀنڀور، ڀٽ شاهه، ٺٽو ۽ تاريخي مقام ڏيکاريندي انهن بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو. اسماعيل شيخ پنهنجي اسٽاف لاءِ آئيڊيل هيڊ ماستر هو، سنڌ ۾ شل ئي ڪو اهڙو هيڊ ماستر هوندو، جنهن ۾ ايتريون خوبيون هجن.

پاڻ علمي ادبي ذوق شوق رکڻ سبب اديبن ۽ عالمن جي صحبت ۾ رھندو آيو ھو. انھيءَ ڪري سنڌ جي نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان سنڌي ادبي بورڊ جي اهم اسڪيمن ۾ ٻانهن ٻيلي بڻيو ۽ پوءِ اھو ساٿ پنجن ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي تائين ھلندو رھيو.

شيخ محمد اسماعيل سنڌي ادب جي خاموشيءَ سان بي لوث خدمت ڪئي، هن جيڪي جيڪي پروجيڪٽ هٿ ۾ کنيا، انهن کي نهايت سچائي سان نڀايائين. جيڪڏهن انهن اهم ۽ تاريخي ڪمن بابت ٿورو به ذڪر ڪبو ته سنڌ جي قداور شخصيتن بابت تڪراري بحث شروع ٿي ويندا ۽ انهن جي ڪريڊٽ جي آيل ڪم تي شڪ شبو پيدا ٿي ويندو،

مرحوم شيخ صاحب سنڌي لوڪ ادب اسڪيم جي سمورن واليمن جي تياريءَ لاءِ علمي توڙي سياحتي کوجنا ڪئي ۽ وڏي محنت سان ڪتاب جوڙيائين. سنڌي ادبي بورڊ جي ناياب ڪتابن ۾ اهي ئي ڪتاب سنڌي ادب جو اهم سرمايو آهن، جامع سنڌي لغت لاءِ ڪيترن ئي ڳوٺن، وستين ۽ برادرين سان ملي، لفظن کي ڪٺو ڪرڻ ۽ پوءِ انهن جون معنائون لکڻ وارو ڏکيو ڪم هن ڏاڍي دل لگي ۽ جفا ڪشيءَ سان ڪيو.

سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن جو ڪورس بهتر ڪرڻ ۽ هر درجي جي نصاب کي سولو توڙي معلوماتي ڪرڻ لاءِ به هن جي معاونت رهندي آئي ھئي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي پرائمري سطح تائين ڪورس جي ڪميٽي ۾ رھيو. هن ٻارڙن جي دلچسپي پٽاندڙ ڪورس ڏانهن وڌيڪ زور ڀريو هر سال نصاب ۾ وقت آهر ترقي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو.

شيخ محمد اسماعيل جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمت تي هڪ نظر وجهون ته حيرت ٿيندي ته هن اڪيلي شخص هڪ اداري جيان ضخيم ۾ پورهيو ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ پاران لوڪ ادب جا چاليهه واليم جنهن ۾ لوڪ داستان لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ شاعري، تاريخي، واقعا، عشقيه قصا، ڳجهارتون، پروليون ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن، انهن جي مواد لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ وڃي سينه به سينه هلندڙ ڳالهين، ڪهاڻين ۽ ڏاڍي دلجوئي سان ڪم ڪيو پر شرط اهو هوندو هو ته اهڙي محنت ۾ سندس نالو فقط معاون هجڻ ۾ لکجي ايندو هو، اهڙي ريت سوين ڪتاب تيار ٿيا.

سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ جڏهن ٻوليءَ جو ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا چيئرمين بڻجي آيو تڏهن شيخ اسماعيل کي هڪڙي پروجيڪٽ “انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا” جي آڇ ڪيائين، جيڪا هن قبولي. ھيء سندس زندگيءَ جا آخري ڇهه ست ورهيه هئا، جنهن ۾ هن انسائيڪلو پيڊيا جهڙو ڏکيو ۽ ڊگهو پروجيڪٽ شروع ڪيو، پهريون واليم تيار ٿيو ته ڊاڪٽر الانا صاحب جي چيئرمين شپ وارو مدو ختم ٿيو ۽ بعد ۾ اچڻ واري چيئرمين سمورن ڪتابن جي ڇپائي روڪائي ڇڏي. ڪجھه ورھين تائين انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وارو پراجيڪٽ سرد خاني جي نذر ٿي ويو. جڏهن ۲۰۰۹ع ۾ سڌي ادب جي نامياري محققہ ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن بڻجي آئي، تڏهن الانا صاحب جي زماني وارا ڪتاب ميڊم فهميده حسين، ايمانداري کان ڪم وٺندي شيخ اسماعيل جو نالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرئين واليم ۾ نگران طور ڏنو، ڇاڪاڻ ته الف کان پ تائين ابتدائي ڪم شيخ اسماعيل ۽ سندس ٽيم ڪيو ھو. ان کان اڳ، جڏهن شاهه لطيف چيئر ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين ڊائريڪٽر هئي، تڏهن به “سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت” واري پراجيڪٽ جي شيخ اسماعيل کان نظرثاني ڪرائي هئائين ۽ انهيءَ پروجيڪٽ ۾ به سندس نالو مٿان ڏنو اٿس.

شيخ محمد اسماعيل لطيفيات جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو، جنهن جي اعتراف ۾ سال ۱۹۹۸ع ۾ ثقافت کاتي پاران کيس لطيف ايوارڊ مليو جيڪو تڏهوڪي سنڌ جي وڏي وزير لياقت علي جتوئي کيس شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي ڏنو. ۱۹۸۶ع ۾ ريٽائرمينٽ کانپوءِ پورو وقت ئي سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ پروجيڪٽ ۾ رڌل رهندو هو.

۲۰۰۳ع ۾ شيخ اسماعيل جي طبيعت خراب رھڻ لڳي. جگر تي سوڄ ۽ لڳاتار بخار هن کي ڪمزور بڻائيندو ويو، وقت سان گڏ طبيعت وڌيڪ بگڙجندي رهيس ۽ هو پنهنجي تاريخ پيدائش جي ٻئي ڏينهن ۲۲ جنوري ۲۰۰۴ع تي انتقال ڪري ويو. سندس قبر ٽنڊي آغا جي قديم قبرستان ۾ گهر کان ٿورو فاصلي تي اسندس پياري دوست ممتاز مرزا جي قبر جي ويجهي آهي. جنهن جي لاڏاڻي تي کيس شديد رنج رسيو هو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۲ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا