شيخ محمد اسماعيل
شاهه جو پارکو، محقق ۽
تعليمي ماهر
طارق عزيز شيخ
شيخ محمد اسماعيل سنڌي ادب ۽ لطيف شناسيءَ جي انهن عالمن منجهان هو
جيڪي ڪنهن غرض کان سواءِ علمي پورهيو ڪندا رهندا آهن. پاڻ سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، سنڌ
جي تاريخ، درسي ڪتابن ۽ لطيف بابت تحقيق تي مڪمل عبور رکندو هو. پاڻ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ
بورد، سنڌي ادبي بورڊ، ثقافت کاتي، لطيف چيئر ۽ سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جهڙن ادارن
جي مختلف تحقيقي پروجيڪٽن ۾ دلجوئي سان ڪم ڪيائين.