; سنڌي شخصيتون: محمد يوسف سومرو

17 June, 2018

محمد يوسف سومرو


محمد يوسف سومرو
محنت ۽ ماڻهپي جو انمول ڪردار
سارنگ منير سومرو
اڄ پوري دنيا ۾ انهن پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو جيڪي سال جا سڀ ڏينهن اسان سان ملهائيندا آهن، جيڪي سال جون سڀ محنتون اسان جي نالي ڪندا آهن، جن ڪڏهن به پاڻ ڏانهن ناهين ڏٺو ته هنن جو ڪهڙو حال آهي هنن جي گهر ۾ ڪهڙيون پريشانيون بيماريون ۽ لاچاريون آهن، بس هنن جي زندگيءَ جو هڪ ازم، جذبو ۽ جوش هوندو آهي ته هنن لٽائڻ ڪڏهن به سکيو ناهي، بهانن جي هنن کي خبر نه آهي، هو سکيا آهن ته اها جرئت محنت جذبو ۽ سچائي جيڪا هنن جي زندگيءَ جو واحد سرمايو آهي جنهن جي سهاري هو جيئندا آهن.


مون دنيا ۾ سوين هزارين لکين اهڙو پورهيت ڏٺا آهن، جيڪي پنهنجي هٿڙن سان گڏوگڏ ارادن جا به ارڏا هوندا آهن، هنن کي ڏک ڏولاوا ۽ زندگيءَ جون سوين تڪليفون به جهوري نه سگهنديون آهن، ها انهن وٽ درد احساس ايترو هوندو آهي جو هو ٻين جي ڳاله ٻڌڻ سان ئي روئي پوندا آهن پر هو پنهنجي ڏکن ۽ پهاڙن جهڙي تڪليفن کي به مرڪي ٽاري جيئندا آهن، مون جيئڻ جا فن ڏٺا آهن ٻڌا آهن ته دنيا جا اهي ماڻهون عظيم سڏجن ٿا جيڪي ڏکن جي پهاڙن آڏو به جيئڻ جو حوصلو رکن ۽ ڪجهه ڪرڻ جي جرئت رکن ٿا، مون اهي انسانيت جون سڀ صنعتون پورهيتن جي پگهر ۾ ڏٺيون آهن، جن جي پگهر ۾ به اهڙي جيءَ جياريندڙ خوشبو هوندي آهي، جيڪا خوشبو اسان جي خدا ۽ پياري نبي ڪريمﷺ کي به سرور ڏيندي هئي، دنيا ۾ سوين هزارين لکين پورهيت آهن جيڪي پورهيت هجڻ سان گڏوگڏ عظيم انسان جو اعزاز به رکن ٿا مون آرٽيڪل لکڻ کان اڳ ڪيترا ئي ڀيرا سوچو ته مان سوين هزارين لکين پورهيتن مان ڪنهن ڪنهن جو ذڪر ڪيان جيڪي پورهيت هڪ ٻئي کان اتم ۽ مهان آهن، جن جو ڪردار ۽ انهن جي محنتن جو مهان رتبو هڪ آرٽيڪل ۾ ڏئي نٿو سگهجي، ايئن سوچيندي سوچيندي مون آڏو پنهجي ڳوٺ جي هڪ پورهيت محمد يوسف سومري جي تصوير آڏو اچي وئي.
اسان جي ڳوٺ جو اهو محمد يوسف سومرو جنهن جو ڪردار ۽ محنتن جو سفر به دنيا جي انهن لکين پورهيت جهڙو رهيو، جن لکين پورهيتن پنهنجي زندگيءَ ۾ پورهي جو اهو مثال قائم ڪيو جنهن کي دنيا سلامي ڏئي ٿي، لکي غلام شاهه جي چڪ شهر ۾ هڪ پورهيت لطيف سومري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد يوسف سومري کي مون پوري زندگي تمام ويجهڙائي سان ڏٺو هن جي وڏي ۾ وڏي خوبي ته هو ايمانداريءَ ۾ پوري ڳوٺ ۾ مشهور هو، هن جي ننڍي ۾ ننڍي خوبي ته مون پوري زندگي هن کي محنتن کان ڪڏهن به  آجو نه ڏٺو، پوري زندگي پورهئي کي ڏيندڙ محمد يوسف سومري لاءِ مونکي هڪ دڪاندار ٻڌايو هو ته هو منهنجو واحد اوڌر کڻندڙ گراھڪ هو، جنهن جي کنيل اوڌر مان ڪڏهن به بوڪ تي نه لکي هئي، هو سامان به پاڻ دڪان تان کڻي ويندو هو، ۽ پئسا به پاڻ ڏئي ويندو هو، چڪ شهر ۾ زندگيءَ جا ۴۵ سال گڏهه گاڏو هلائي پوري زندگي عزت ۽ آجپي سان اولاد کي پڙهائي لکائي وڏو ڪري شادي ڪرائي زندگيءَ جا سڀ فرض قرض سمجهي ادا ڪندڙ پورهيت محمد يوسف سومري جي دروازي تي مون ڪڏهن به قرضي نه ڏٺو، هن جا حالت اهڙا ٿي ويندا هئا، جو ڄڻ هن جا حال پورا ٿي ويندا هئا هو بيمارين گهر جي پريشانين ۾ منجهل رهندو هو، پر مون ڪڏهن به هن کي ڪنهن آڏو هٿ ٽگيندي نه ڏٺو، هن ڪڏهن به ڪنهن آڏو سوال نه ڪيو، هنن ڪڏهن به مجبوريءَ کي ڪيش نه ڪرايو هن جي جذبن کي مون هميشا ڏٺو هو ته هن ڪڏهن به حالتن آڏو هار نه مڃي هئي، هن ڪڏهن به همت ۽ حوصلو نه هاريو هو، مون هن جي گهر ۾ ڪيتريون ئي پريشانيون ڏٺيون بيماريون ڏٺيون پر هنن پنهنجي جذبن کي بيمار ٿيڻ کان بچايو، هو عظيم پورهيت هو هن جي عظيم هجڻ جو انهي کان وڌيڪ ثبوت ڪهڙو هجي جو هو اسان کان جدا به پهرين مئي تي ٿي ويو هو هن جي وفات کي اڄ ڏهون سال آهي پر هن جي ڏنل گهر ۾ پرورش اڃان به قائم ۽ دائم آهي هو وڏن ماڻهن جيان وڏيون گاڏيون ۽ بنگلا نه پر هڪ پورهيت جيان اهو ماحول اهو جوش اهو جذبو اها پرورش ڇڏي ويو آهي ته محنت سڀ ڪجهه آهي محنت کانسواءِ جيئڻ اجايو آهي محمد يوسف سومرو چوندو هو ته محنت سان زندگي وڌندي آهي محنت ئي دنيا جو سڀ ڪجهه آهي. محمد يوسف سومرو چڪ جو اهو پورهيت هو جنهن زندگيءَ جا ۴۵ سال گڏهه گاڏو هلائي زندگيءَ جو اهو مثالي سفر ادا ڪيو جنهن جومثال اڄ تائين به قائم آهي محمد يوسف سومري کي چڪ شهري اتحاد پارن بهترين ۽ ايماندار مزدور جي اعزاز ۾ مرحوم جان محمد منگي ايوارڊ به ڏنو ويو هو، مونکي ياد آهي جڏهن ايوارڊ ڏيڻ لاءِ چڪ شهري اتحاد جا عهديدار مختلف دڪان ۽ گودامن وارن سان مليا هئا ته اوهان کي وڌيڪ ايماندار ۽ محنتي پورهيت ڪير لڳندو آهي ته انهن سڀني دڪاندارن محمد يوسف سومرو جو نالو کڻندي چيو هو ته محمد يوسف سومرو چڪ جو واحد پورهيت آهي، جنهن کي اسان جي گودامن جو چاٻيون هونديون آهن ۽ ۴۵ سالن ۾ هن جي هوندي اسان جو ڪڏهن هڪ داڻو به هيڏي هوڏي نه ٿيو آهي، محمد يوسف سومري ۾ اهي خوبيون پنهنجي جاءِ تي پر هن جي هي خوبيون مونکي اڃان وڌيڪ وڻنديون هيون ته هو پوري برادريءَ جي غمي ۽ خوشيءَ ۾ بغير ڪنهن معاوضي جي رڌ-پچاءَ جو پورو ڪم ڪندو هو، مونکي ياد آهي ته هڪ شاديءَ ۾ هو برداريءَ سطع تي ڪاوڙيل هو. هن اها شادي نه کاڌي هئي پر اتي حيران ڪندڙ ڳالهه ته شاديءَ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ لاءِ هو سڀ کان پهريان پهتو هو، محمد يوسف سومرو چڪ ۾ نه صرف محنت ۽ پورهئي ۾ مثال قائم ڪيو هو ايمانداري ۽ انسانيت ۾ به پوري چڪ جو پسنديده ڪردار هو هن جو دوست مزدور جن ۾ علي نواز شيخ ۽ ٻيا به هن سان گڏ رهي اهڙيون ئي صلاحيتون رکندا هئا، اهي صلاحيتون جن کي نه صرف چڪ ۽ سنڌ جو عوام پر پوري دنيا جو عوام انهن کي اڄ سلام پيش ڪري ٿو. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جي محنتن جا اهي مثالي ڪردار آهن جن جي محنتن سان اسان جي سنڌ ۽ ملڪ قائم ۽ دائم آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا