محمد يوسف سومرو
محنت ۽ ماڻهپي جو انمول ڪردار
سارنگ منير سومرو
اڄ
پوري دنيا ۾ انهن پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو جيڪي سال جا سڀ ڏينهن اسان
سان ملهائيندا آهن، جيڪي سال جون سڀ محنتون اسان جي نالي ڪندا آهن، جن ڪڏهن به پاڻ
ڏانهن ناهين ڏٺو ته هنن جو ڪهڙو حال آهي هنن جي گهر ۾ ڪهڙيون پريشانيون بيماريون ۽
لاچاريون آهن، بس هنن جي زندگيءَ جو هڪ ازم، جذبو ۽ جوش هوندو آهي ته هنن لٽائڻ ڪڏهن
به سکيو ناهي، بهانن جي هنن کي خبر نه آهي، هو سکيا آهن ته اها جرئت محنت جذبو ۽
سچائي جيڪا هنن جي زندگيءَ جو واحد سرمايو آهي جنهن جي سهاري هو جيئندا آهن.
