; سنڌي شخصيتون: علي روشن شيخ

16 June, 2018

علي روشن شيخ


علي روشن شيخ
اسٽيج ڊرامن کي نئين روشني ڏيندڙ، ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار، شاعر، ھدايتڪار ۽ ھڪ گھڻ ڳڻو انسان
رضوان گــل
فنونِ لطيفا جي مڙني شعبن جي پنھنجي پنھنجي اھميت آھي پر ھن وقت ترقي پذير کان ويندي ترقي يافته ملڪن ۾ عام ماڻھن تائين سجاڳي ۽ شعور پھچائڻ جو عوامي طريقو ٿئيٽر بڻجي چڪو آھي جنھن ذريعي سماج ۾ مثبت تبديليون رونما ٿين ٿيون جنھن جا بھتر نتيجا پڻ حاصل ٿين ٿا. ٿئيٽر ذريعي عام ماڻھن تائين سڌيءَ ريت پيغام پھچي ٿو جنھن جو ھاڪاري اثر ظاھر پڻ ٿئي ٿو. لاڙڪاڻو جيڪو ٿئيٽر جي حوالي سان پنھنجو شاندار ماضي رکندڙ آھي اتي حال ۾ به ٿئيٽر سان لنئون لائيندڙ ڪيترا ئي اھم نالا موجود آھن جن ۾ لاڙڪاڻي جو نالو روشن ڪري پاڻ مڃرايو آھي، اھڙين شخصيتن ۾ پنھنجي نالي جھڙو روشن خيال ۽ ٿئيٽر جي دنيا ۾ پنھنجي ڏاھپ جي روشني ڦھلائيندڙ شخص اسان جو پيارو ساٿي علي روشن شيخ پڻ شامل آھن جنھن پنھنجي محنتن سان سلسليوار ڪاميابيون ماڻيون آھي.


علي روشن شيخ نومبر ۱۹۷۲ تي ڳوٺ ڀيڏا تعلقو لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو. اداڪاريءَ جي ابتدا ۱۹۸۷ ۾ ڊرامي ”قرباني“ کان بحيثيت اداڪار ڪئي. علي روشن ھن وقت تائين ۳۰ کان مٿي اسٽيج ڊرامن، ۷ مختلف چينلس جي سيريل، ۲ سوپ سيريل، ۴ سولو ڊرامن، ريڊيو ۽ سئنيما لاءِ ٺھندڙ ھڪ انٽرنيشنل آرٽ فلم ۾ پنھنجي فن جا جوھر ڏيکاري چڪو آھي. علي روشن بھترين اداڪار ۽ ڊائريڪٽر ھئڻ کان علاوہ تمام سھڻو شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار پڻ آھي. ھن لکڻ جي شروعات سن ۲۰۰۳ کان اسٽيج ناٽڪ ”ڀوتار جي بادشاهيءَ  جو خير“ کان ڪئي. جيڪو سلسلو تيزيءَ سان راون دوان آھي. علي روشن هن وقت تائين، ”ڀوتار جي بادشاهي جو خير“، ”سڀ ديوانا“، ”مسافر“، ”گمراه“، ”ريسٽ ٽائيم“، ”هڙتال“، ”سنڌ منهنجي امان“ ( جيڪو ۹ مارچ ۲۰۱۸ تي ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ پاران دبئي ۾ ڪيو پڻ پيش ڪيو ويو) ”پنهنجن سان ڪهڙا ليکا“، ”دل ڏئي درد پرايو“، ”اڻ پورا خواب“، ”رواج ۽ اولڊ ھائوس“ (جيڪو ۳۰ مارچ ۲۰۱۸ تي ”ناپا“ پاران ٿيندڙ انٽرنيشنل ٿئيٽر فيسٽيول ۾ پيش ٿيندڙ پهريون سنڌي ڊرامو هئو) جھڙا خوبصورت اسٽيج ڊراما لکي چڪو آھي. سندس لکيل اڪثر ڊرامن جون هدايتون به ھن پاڻ ئي ڏنيون آھن. ان کان علاوه شيخ اياز جو جڳ مشھور اوپيرا ”دودي سومري جو موت“ ۽ آغا سليم جو لکيل ڊرامو ”سورٺ راءِ ڏياچ“ (جيڪو ڀٽائي سرڪار جي ۲۷۳ عرس تي پيش ٿيندڙ پهرين اسٽيج ناٽڪ طور ڪلچر ڊپارٽمينٽ سنڌ پاران پيش ڪيو ويو) جون هدايتون به ڏنيون جنھن جي نتيجي ۾ کيس ”شاھ لطيف ايوارڊ“ سان نوازيو ويو، ان کان علاوه ۲۰۱۴ جي ڊرامه فيسٽيول ۾ بهترين ليکڪ ۽ ۲۰۱۶ جي ”سنڌ ڊراما فيسٽيول“ ۾ ”بهترين ڪريڪٽر ايڪٽر“ جو ايوارڊ به ماڻي چڪو آھي. علي روشن ڪم کي عبادت سمجھي ڪيو آھي سندس محنتن جو اھو نتيجو آھي جو ھن تمام ٿوري وقت ۾ ھڪ ڊراما ليکڪ، اداڪار ۽ ھدايتڪار طور تمام گھڻي مقبوليت ماڻي آھي ٽي وي لاءِ سندس لکيل ڊرامن ۾ سزا، جاگير، وڃي ٿيا خير ۽ سرجيس تان سور، نالي ۲۶ قسطن جي سيريز سان گڏ ”غريب آباد جي عزرا ۽ شمي“ جون ۴۰ قسطون، ”آڙاھ“ نالي سان هڪ ”سوپ سيريل“ ۽ ”اميزنگ اسٽوريز“ جي نالي سان ۱۳ قسطن جي سيريز کان علاوہ ”اکيون تنهنجي آسري“ ۽ ”هٿ جي وڍي“ نالي ۲ فائيو ڊيز ۽ ڪجھه سولو ڊراما شامل آھن جيڪي مختلف چينلس تان آن ايئر ٿي چڪا آھن ٻه سال ۲۰۱۵ ۽ ۲۰۱۶ ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ شعبي پرفارمنگ آرٽ جو چيئرمين به رهي چڪو جنھن دوران ھن ڪامياب ڊراما فيسٽيول ڪرائي مڃتا ماڻي. علي روشن آرٽس ڪائونسل جي اوپن ايئر ٿيٽر جي اسٽيج تي ڪيترن ئي نون اداڪارن کي پڻ اسٽيج مهيا ڪري کين نه صرف صوبائي پر ملڪي ۽ ملڪ جي سرحدن کان ٻاھر تائين متعارف ڪرايو آھي. اھو ڪريڊٽ پڻ علي روشن ڏانھن وڃي ٿو ته ھن ڪيترا ئي آرٽ ڊراما پڻ اسٽيج تي پيش ڪيا جن کي ڏسندڙن تمام سھڻي موٽ ڏني. تاريخي نوعيت وارن ڊرامن جي حوالي سان سڀ کان اول اڪبر لغاري صاحب جي ڪوششن سان اسان گڏجي جڏھن آرٽس ڪائونسل ۾ ”جشن اياز“ ملھايو ھو ته علي روشن اياز جو لکيل اوپيرا ”دودي سومري جو موت“ اسٽيج ڪيو ھو جنھن جي ڊائريڪشن ھڪ ڪٺن ڪم ھو اھو اسان سڀني دوستن لاءِ ھڪ چئلينج پڻ ھو جنھن کي علي روشن شيخ بخوبي نڀايو جنھن جي موٽ ۾ کيس نه صرف لاڙڪاڻي واسين پر سموري سنڌ محبتن جون مالھائون پارايون جو ھي تاريخي ڊرامو سنڌ جي مختلف علاعقن ۾ اسٽيج ٿيو.
علي روشن مٿي ذڪر ڪيل ڪيترا ئي اسٽيج ڊراما تحرير ڪري پنھنجي ڊائريڪشن ۾ پيش ڪري چڪو آھي جن کي مانائتي موٽ ملي، تازو ئي سندس لکيل ۽ ڊائريڪٽ ڪيل اسٽيج ڊرامو ”سنڌ منھنجي امان“ سنڌ ۾ مڃتا ماڻڻ بعد دبئي ۾ پڻ پيش ٿيو جتي سنڌ جي نمائندگي ڪندي لاڙڪاڻي جي باصلاحيت اداڪارن علي روشن، رياض سومري ۽ بدر خان سومري جي اڳواڻي ۾ پنھنجي اداڪاري جو جادو ڏيکاريو.
علي روشن جي شخصيت جا ھونئن ڪيترا ئي پھلو آھن ھن جي سڃاڻپ جا ڪيترا ئي حوالا آھن پر ھڪ اداڪار جي حيثيت ۾ ھو جڏھن ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي اچي ٿو ته ان ڪردار جي جذبن ۽ احساسن جي نمائندگي ڪندي ڏسندڙن جي نيڻن مان لڙڪ وھائي ٿو ڇڏي. پر جتي کيس مرڪون وکيرڻيون آھن اتي ماڻھن کي کِلائي کلائي کيرو به ڪري ڇڏي ٿو. ھن گھڻ ڳڻي انسان لاءِ اسان جون نيڪ تمنائون شال سدائين ڪاميابيون ماڻيندو رھي.


علي روشن شيخ

ماکي جي لار جيان مٺو ماڻهو - بهترين اداڪار، ڊائريڪٽر، شاعر ۽ رائيٽر

منور رند

چوندا آهن محبت جا ماپا ناهن ٿيندا محبت محبوب سان به ٿيندي آهي ته محبت ماءُ ۽ پيءُ سان به ٿيندي آهي ته محبت دوستن سان به ٿيندي آهي. اڄڪلھ جي دور ۾ جتي دوستي جو قدر گهٽجي ويو آهي جتي دوستي جي رشتي کي ڪمزور ڌاڳي جيان ڇني ڦٽو ڪيو وڃي ٿو اتي هڪ بهترين شخصيت جو مالڪ سنڌ جو ناليوارو اداڪار، ليکڪ، شاعر ڊائريڪٽر علي روشن شيخ دوستي نڀائڻ جو انمول هيرو آهي جيڪو دوستن کي گڏ کڻي هلڻ جو ڏانء رکي ٿو.

 علي روشن شيخ جو جنم ۳نومبر ۱۹۷۲ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ڀيڏا ۾ محمد پريل شيخ جي گهر ۾ ٿيو. ڦوه جواني ۾ اسڪول وڃڻ گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ توڙي پنهنجي والد محترم سان ڪم ڪار ڪري وڏن جي عزت ڪرڻ سندس جي اولين ترجيح هئي. علي روشن شيخ پرائمري تعليم ڳوٺ ڀيڏا، مڊل تعليم شيخ زيد هاء اسڪول۽ مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان حاصل ڪئي. علي روشن شيخ جواني کان ئي محنتي ۽ قابل ماڻهو آهي جيڪو هن وقت تائين محنت، جستجو سان پنهنجو هڪ الڳ مقام پيدا ڪيو آهي اسڪول جي دور کان لکڻ پڙهڻ جي شروعات ڪئي ۽ ۱۹۸۷ع ۾ پهريون سنڌي اسٽيج ڊرامو قرباني ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا جنهن بعد سخت محنت شوق علي روشن شيخ کي بهترين اداڪار بڻائي ڇڏيو هن وقت تائين ۵۰کان وڌيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي اسٽيج تي ڪردار ڪرڻ دوران هو پاڻ ڪردار بڻجي ويندو آهي آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو ۾ اسٽيج تي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڊائلاگ ۽ اداڪاري ذريعي ماڻهن کي روئاري ڇڏيندو آهي.

علي روشن شيخ جڏهن ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته اندر جي اڌمن سندس کي لکڻ تي به مجبور ڪيو هن معاشري ۾ ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ جبر ۽ ڪيترائي اصلاحي ڊرامه پڻ لکي چڪو آهي ۱۵کان وڌيڪ سوپ سيريل، سيريل، ون ڊي پلي لکيا آهن. سنڌي چئنلن تي هن جا لکيل ڪافي ڊرامه نشر ٿي چڪا آهن جنهن ۾ ڪي ٽي اين تي غريب آباد جي عذرا شمي جون ۴۰قسطون آن ايئر ٿيون ۽ سنڌ ٽي وي تي ڄار ۽ سزا ڊرامي تمام گهڻي مشهوري ماڻي آهي.

علي روشن شيخ جا تمام گهڻا حوالا آهن جيڪڏهن تفصيلي لکجي ته مواد ايترو آهي جو پڙهندڙ ٿڪجي پوي پر مختصر لکي دوستن تائين ڄاڻ پهچائي اٿم.

علي روشن شيخ جي زندگي ۾ دوستي جو مثال آهي جنهن سان دوستي جي رسي کي ڳنڍ ڏئي شايد اها ڳنڍ ايستائين نه کلندي جيستائين ساه جو ساٿ هجي. دوستن کي اوليت ڏيندڙ ماٺيڻو ماڻهو علي روشن شيخ يارن جو يار آهي دوستي ۾ ڪس کائي ڄاڻي ته دوستي جو مان به مٿانهون ڪري ڄاڻي هن دوستي ۾ ڪيتريون تڪليفون پڻ سٺيون آهن.

علي روشن شيخ ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ پرفارمنس ڪري چڪو آهي دبئي ۾ سنڌ منهنجي امان اسٽيج ڊرامو ڪري چڪو آهي. ناپا ۾ ۳ انٽرنيشنل ڊرامه ڪيا آهن. اسٽيج ڊرامي گل ڇنو گرنار ۾ لطيف ايوارڊ ماڻيندڙ علي روشن واقعي ئي روشن آهي هن اداڪاري جي فيلڊ ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا آهن. ۲۵کان وڌيڪ ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۾ ۲۰۱۵کان ۲۰۱۶ تائين ڊرامه چيئرمين پڻ رهي چڪو آهي

علي روشن شيخ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر آهي پي ٽي ايس لاڙڪاڻو ۾ جتي هو ٽريننگ حاصل ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي پوليس جو قانون پڙهائيندو آهي اتي به سندس جا ڪيترائي شاگرد آهن.

علي روشن شيخ طبيعت ۾ منفرد مزاج رکندڙ آهي هو گهٽ ڳالهائڻ ۽ ٻئي کي گهڻو ٻڌڻ ۽ عزت ڏيڻ کي ترجيح ڏيندو آهي.

منهن تي هميشه مرڪ مرڪندڙ علي روشن شيخ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ماڻهن کان نفرت ڪندو آهي پيار ڏيندڙ ماڻهو کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو آهي.

علي روشن شيخ جو پيغام آهي ته جيترو ٿي سگهي ٻين سان ڀلائي ڪريو ننڍن سان پيار ۽ وڏن جو ادب ڪريو، دوستن پاڙيوارن جو خيال رکوڪنهن جي دل نه ڏکايو ڇو جو دلين جو مالڪ منهنجو رب آهي

ديد سدائين چائٺ تي

آته آکين جي آس لهي

تو لئه جا مون قلندر تي

باسي آ سا باس لهي

(شاعري علي روشن شيخ)

 

(منور رند جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا