; سنڌي شخصيتون: علي روشن شيخ، رضوان گــل، منور رند ،
Showing posts with label علي روشن شيخ، رضوان گــل، منور رند ،. Show all posts
Showing posts with label علي روشن شيخ، رضوان گــل، منور رند ،. Show all posts

16 June, 2018

علي روشن شيخ


علي روشن شيخ
اسٽيج ڊرامن کي نئين روشني ڏيندڙ، ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار، شاعر، ھدايتڪار ۽ ھڪ گھڻ ڳڻو انسان
رضوان گــل
فنونِ لطيفا جي مڙني شعبن جي پنھنجي پنھنجي اھميت آھي پر ھن وقت ترقي پذير کان ويندي ترقي يافته ملڪن ۾ عام ماڻھن تائين سجاڳي ۽ شعور پھچائڻ جو عوامي طريقو ٿئيٽر بڻجي چڪو آھي جنھن ذريعي سماج ۾ مثبت تبديليون رونما ٿين ٿيون جنھن جا بھتر نتيجا پڻ حاصل ٿين ٿا. ٿئيٽر ذريعي عام ماڻھن تائين سڌيءَ ريت پيغام پھچي ٿو جنھن جو ھاڪاري اثر ظاھر پڻ ٿئي ٿو. لاڙڪاڻو جيڪو ٿئيٽر جي حوالي سان پنھنجو شاندار ماضي رکندڙ آھي اتي حال ۾ به ٿئيٽر سان لنئون لائيندڙ ڪيترا ئي اھم نالا موجود آھن جن ۾ لاڙڪاڻي جو نالو روشن ڪري پاڻ مڃرايو آھي، اھڙين شخصيتن ۾ پنھنجي نالي جھڙو روشن خيال ۽ ٿئيٽر جي دنيا ۾ پنھنجي ڏاھپ جي روشني ڦھلائيندڙ شخص اسان جو پيارو ساٿي علي روشن شيخ پڻ شامل آھن جنھن پنھنجي محنتن سان سلسليوار ڪاميابيون ماڻيون آھي.