; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ ڄام ساقي

16 June, 2018

ڪامريڊ ڄام ساقي

ڪامريڊ ڄام ساقي

تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي

سر بزم یار چلے گئے

عاجز جمالي



ماڻهوءَ کي سمجهڻ لاءِ حياتي ڪافي نه ٿي رهي پر عشق کي سمجهڻ اڃا به اوکو ڪم آهي. عشق کي سمجهڻ لاءِ زمانا گهرجن ٿا، ڪيئي زندگيون گهرجن ٿيون. هُو جيڪو هڪ ماڻهو هو، پر تاريخ لاءِ هُو هڪ مونجهارو ثابت ٿيو، هُو تاريخ کي ڇرڪائيندو رهيو. هُو عاشق هو ته لکين ماڻهن جو محبوب به هو. هُو صوفي هو لا ڪوفي هو، هُو مرشد هو ته سندس هزارين مريد هئا. هُو باغي هو ته هن سنڌ ۾ هزارين باغي پيدا ڪيا. هُو انقلابي هو، هُو اڏول هو، هُو شاعر هو، هُو صحافي هو، هُو پورهيت به هو ته پورهيت اڳواڻ به هو. هُو ڀٽائيءَ جو سر کاهوڙي هو ۽ چوندو هو ته،

نه ڪا ڪن فيَڪون هئي نه ڪو لڱ لحم

بنيو هو نه بت ۾، اڃا ڪي آدم،

مون توهين سين سڱ، اها ساڃاءِ سپرين (شاهه)


ها هُن جو اهڙو ئي رشتو هو اسان سان، جيڪو اسان جي روح ۾ اوتجي ويو آهي، اسان جي ساهن ۾ سمائجي ويو. هُو وڇڙي ويو ته ڄڻ ائين لڳو ته ڪاڏي ويندو، ڀلا روح ۽ ساهن ۾ سمايل ۽ اسان جي ساڃهه ۾، اسان جي شعور ۾ ڦٽي نڪتل آدرشن جو محور اسان کان ڪاڏي ويندو. جسماني طور تي ته اسان سڀني کي ڪائنات جي محور کان وڇڙڻو آهي پر شاهه لطيف کي ڀلا ڪير ڌرتيءَ کان الڳ ڪري سگهيو آهي جو ڪامريڊ ڄام ساقي الڳ ٿي سگهندو. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جو موت بي معنيٰ شيءِ آهي، پر ڪامريڊ ڄام ساقيءَ حياتي ۾ دنيا کي جيڪو ڪجهه ڏنو، ان جا اثر هن زمين تي رهندڙ ماڻهن جي شعور ۾ هميشه زنده رهندا. ان ڪري ڪامريڊ ڄام ساقي هِن  ڌرتيءَ تي ڪڏهن به مري نه ٿو سگهي. ڇو ته هُن جو ابد کان ازل تائين جو نالو هو پر سندس وڇوڙي جي خبر سچ ته هڪ دور کي لوڏي ڇڏيو. ذهن جي اسڪرين تي تيزيءَ سان هزارين منظر ڊوڙڻ لڳا، ياد ئي نه رهيو ته اسين ڪيئن سندس پٺيان ان محبوبا وانگر ڊوڙندا رهياسين، جنهن کي اسان ڪڏهن ڏٺو ئي ڪونه هو. صرف ڳاڙها پوسٽر ڏٺا هئا، جن تي لکيل هوندو هو ”ڄام ساقي ضمير جو قيدي“. سوچيندا هئاسين ڄام ساقي ته شاهي قلعي جو قيدي آهي پوءِ کيس ضمير ڪيئن قيد ڪيو؟ پر عشق ۾ سوال ڪرڻ سڀ کان وڏو گناهه هوندو آهي. اسان ڪوئي سوال ڪونه ڪيو. جوانيءَ جي آڳر تي قدم رکيوسين ته هڪ نعرو هنيوسين،

تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي،

ڄام ساقي ڄام ساقي.

ها اهو نعرو اسان کي گگهه انڌاري ۾ اهو ڏيئو لڳندو هو، جنهن جو ٽمڪڻ اسان لاءِ آٿت هو ۽ گهڻو پري کان نظر ايندڙ روشنيءَ جي اها ننڍڙي لاٽ اسان کي زندگيءَ جي اميد لڳندي هئي. سو اسين ان اميد آهر اڳتي وڌندا رهياسين، وڌندا رهياسين، ڏاڍو ٿڪجي پوڻ باوجود سندس نانءُ وٺڻ سان سارا ٿڪ لهي پوندا هئا. زندگيءَ لاءِ عجيب ڪشش هئي، نه ٿڪندڙ رومانس هو، بُک به نه لڳندي هئي، نه اسان کي اڃ لڳندي هئي. باهه جا شعلا ساڙي نه سگهندا هئا، گولين جو ڏهڪاءُ روڪي نه سگهندو هو، هِڪ جُنون هو، ها عشق هو، انقلاب جا آدرش اسان جي رڳن ۾ عشق بڻجي ڊوڙي رهيا هئا ۽ اسين اکيون بند ڪري پنهنجي محبوب پٺيان ڊوڙي رهيا هئاسين. اسان جو محبوب ڪڏهن شاهي قلعي ۾ قيد هو ته ڪڏهن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ فوجي جنتا آڏو پنهنجو اهو تاريخي دليل ڏئي رهيو هو ته تاريخ ۾ حُسين کي زنده رهڻو آهي ۽ يزيد کي ڦٽڪار پوڻي آهي ۽ اسين جيلن کان ٻاهر بيهي اهو نعرو هڻي رهيا هئاسين:

جيل ڪا ڦاٽڪ ٽوٽي گا،

ڄام ساقي ڇوٽي گا.

اسين سڀ حُسينيت جي پاسي هُئاسين، يزيديت خلاف پوسٽر کڻي موت کي دعوت ڏيندا هئاسين. وقت جي جابرن کي للڪاريندا هُئاسين.

چوويهه ڪلاڪ مرڻ جو شوق، ماڻهو چوندا هئا غريب جا ٻار اوهان جو ڇا وڃي انقلاب سان، سياست سان؟ هڪڙو ئي جواب هوندو هو، جيڪو سڀني کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو. اسين چوندا هُئاسين ”ڪامريڊ ڄام ساقي به ته غريب ماستر محمد سچل جنجهيءَ جو پُٽ آهي، پوءِ ايڏي سگهاري رياست کانئس ڇو ٿي ڊڄي؟ سواليه نشان خاموشي بڻجي ويندو هو. اسين اڳتي وڌي عشق جي مستيءَ ۾ محو ٿي ويندا هئاسين. زمانو رڳو ڪفر جون فتوائون ئي نه ڏيندو هو پر ”رولاڪ“ هجڻ جا طعنا به ڏيندو هو، ”واندا“ هجڻ جا الزام لڳندا هئا ۽ رياست ”تخريبڪار“ سمجهندي هئي، جڏهن ته اسان وٽ ڪجهه به نه هوندو هو، صرف نظريو هوندو هو، ڪتاب هوندا هئا، نصاب جي ڪتابن جي وچ ۾ رکيل ”سُرخ پرچم“ هوندو هو.

یہ ہمیں تھے جن کے لباس پر سر رہ سیاہی لکھی گئی

یہی داغ تھے جو سجا کے ہم سر بزم یار چلے گئے

ها اسين الزامن ۽ فتوائن تي ٿو ٿو ڪندا اڳتي وڌندا هئاسين، تن تي ڪپڙا ميرا هوندا هئا پر مَن اڇو اجرو هوندو هو. وار وکريل هوندا هئا، پر سوچ ڏاڍي سگهاري هوندي هئي.

سوچ سگهاري پنهنجي عاجز،

ڌرتيءَ سان هِن فطري رشتا.

ها سچ ته ڌرتيءَ خاطر سمورن رشتن سان وڙهندا رهنداسين، ماما، چاچا، مٽ مائٽ، يار دوست سڀ بيزار هئا. غريب والدين ايترو ئي چوندا هئا ته ڇو ٿا پنهنجو وقت وڃايو، ڪا محنت مزدوري ڪريو، ٻه چار ڏوڪڙ گهر ۾ آڻيو، گهرڀاتي بُکون اڃون ڪاٽي رهيا آهن. چوندا هئاسين ڌرتيءَ جي گهڻائي بُک تي اڃ تي آهي، پر مير وڏيرا پير سيٺ سڀ لُٽي رهيا آهن، غريب جو استحصال ڪري رهيا آهن، غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙڻ ٿا چاهيون.

”مير وڏيرا پير هڙئي هِن فوجي جرنل سان“

اسان جي دوست منظور سولنگيءَ جي آواز ۾ سندس نظم جڏهن گونجندو هو ته اسين هم آواز ٿي تاڙين جي رڌم ۾ گڏجي ڳائيندا هئاسين.

شاگردو هاري مزدورو ساٿ نئون ڳوليون،

فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳوليون،

منَهنِ، ڇپرن، لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون.

هي سڄو دور اسان انقلاب جي عشق ۾ گهاريو. ان ڪري ڪنهن به قسم جي پڇتاءُ يا مايوسيءَ جو ته سوال ئي پيدا ڪونه پئي ٿيو. وقت جي سمورن ظالمن سان ٽڪر پئي کاڌو، موت جو ته بلڪل به خوف نه هو. آمريت جي جبر ۾ موت جو خيال ايندي ئي شهيد نذير عباسيءَ کي ياد ڪندا هئاسين، ڀٽائي جي هيءَ سٽ اسان ڇاتيءَ تي سجائي رکندا هئاسين:

آڏو ٽڪر ٽر متان روهه رتيون ٿئين (شاهه)

۽ جڏهن اسان جو محبوب اڳواڻ واقعي جيل جا ڦاٽڪ پار ڪري ڊگهي قيد مان آزاد ٿيو ته اسان کي انقلاب تي ايمان وڌي ويو. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ لاءِ ماڻهو لفظ ڪميونسٽ لکڻ کان ڊڄندا هئا، کيس هاري اڳواڻ ۽ کاٻي ڌر جو اڳواڻ لکندا هئا پر ڪامريڊ ڄام ساقيءَ هزارين ماڻهن آڏو پاڻ کي ڪميونسٽ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اهو تاثر ڏنو ته ”مذهب“ الڳ آهي ته ڪميونزم جو فلسفو الڳ آهي، هُن شاهه عنايت جي جدوجهد ۽ مائي بختاور جي جدوجهد کي عوامي انداز ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هُن ٿر ۾ پهچي سجاد ظهير ۽ بختاور کي ساڻ ڪري ماڻهن کي ”سُکان“ جي سُورن ۽ آپگهات جي ڪهاڻي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هُن ٻڌايو ته کيس اذيت گهر ۾ مارڻ جي خبر هاسيڪار ڦهلائي وئي هئي، ردعمل ڏسڻ لاءِ. سچ ته سُکان جو موت ڪامريڊ ڄام جي جيئندان جو رستو بڻيو. سُکان هڪ عام عورت هئي پر هُوءَ مارئي جي ويس جي سُکان هئي، کانئس پنهنجي محبوب جو وڇوڙو برداشت نه ٿي سگهيو هوندو، تڏهن هُن کوهه ۾ ٽپو ڏئي موت کي زندگيءَ جو ڇوٽڪارو سمجهيو هوندو پر ڪامريڊ ڄام ساقيءَ اسان کي سمجهايو ته موت زندگيءَ جو تسلسل آهي. ڇو ته زندگي ڪڏهن ختم نه ٿيندي آهي، نه ماڻهو ڪڏهن ختم ٿيندو آهي، سچ به ائين ئي آهي. ڀلا ماڻهو مري ويندو هُجي ها ته مان اڄ ”حسين“ يا ”يزيد“ جو ذڪر ڪيئن ڪريان ها. ڪائنات ۾ انسان ته لکين سالن کان موجود آهن ۽ موجود رهندو، بس اسين پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري هليا وينداسين. جڏهن اسين نه هونداسين ته ماڻهو اسان جي ڪردار کي ياد ڪندا رهندا ۽ جيڪڏهن ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جهڙو هُجي ته ان ڪردار مان اڳتي هلي لکين ڪروڙين ڪردار ڦٽي نڪرندا. ڏهين محرم تي ڪربلا جي ميدان ۾ صرف ۷۲ ساٿي هئا پر اڄ حسين جي پاسي ڪروڙين ماڻهو ڪيئن بيٺل هُجن ها؟

مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،

جو سنڌ جيئاري سو جيئندو رهندو. (بخاري)

ڪامريڊ ڄام ساقي سنڌ جي سرزمين جو هڪ انوکو ڪردار هو، جيڪو به ماڻهو ساڻس هڪ ڀيرو مليو هوندو يا جنهن جي به ڳل تي سندس چُمي پهتي هوندي، اهو هميشه لاءِ سندس مُريد بڻيو هوندو. ڪامريڊ ڄام ساقي هِن طبقاتي سماج جو هڪ سياسي اڳواڻ هو، مٿس تنقيد ڪندڙن جو پنهنجو خيال آهي، پر سندس اڏولتا سان گڏ سندس نه وڪامندڙ ڪردار تاريخ ۾ کيس سدائين جيئرو رکندو.

مرے چارہ گرکو نوید ہو، صفِ دشمناں کو خبر کرو

وہ جو قرض رکھتے تھے جان پر وہ حساب آج چکا دیا

کرو کج جبیں پہ سرِ کفن ، مرے قاتلوں کو گماں نہ ہو

کہ غرورِ عشق کا بانکپن ، پسِ مرگ ہم نے بھلا دیا  (فيض)

مون ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي سياست ۽ ذاتي زندگيءَ کي ويجهڙائپ کان ڏٺو. مٿس پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو، پر هُن جڏهن به سوچيو مسڪين ماڻهن لاءِ سوچيو. ڪامريڊ جڏهن عبدالله شاهه جو صلاحڪار بڻيو، سرڪار ۾ آيو ته هُن اقبال حيدر جي ذريعي محترمه بينظير ڀٽو کي چورائي شهيد نذير عباسيءَ جو ڪيس کولرائڻ جي ڳالهه ڪئي. اسان جو ڪامريڊ دوست آدم ملڪ سندس پرسنل سيڪريٽري هو. هُو انهن ڳالهين جو شاهد آهي ته ڪامريڊ ڄام ساقي صلاحڪاري دوران ”بانڊيڊ ليبر“ (جبري محنت) خلاف بل ٺاهي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڏنو پر هُو پاڻ اسيمبليءَ ۾ ڪونه هو. کيس خبر هُئي ته سنڌ جا وڏيرا سنڌ اسيمبليءَ مان اهڙو قانون منظور ڪرائڻ ۾ ڪيٻائيندا، پر ڄام ساقيءَ پنهنجو فرض نڀايو. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ ۱۹۸۸ع ۾ جڏهن ٿر مان عام چونڊن ۾ حصو ورتو، تڏهن کان پاڪستان جا ڪميونسٽ، ڀارتي ڪميونسٽ پارٽيءَ وانگر اسيمبلي ۽ اقتدار ۾ پهچڻ جا حامي بڻيا هئا، پر بعد ۾ ۱۹۹۰ع ڌاري جڏهن سوويت يونين جو نظرياتي بحران شروع ٿيو ته پاڪستان جا ڪميونسٽ وکري ويا ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي، محترمه بينظير ڀٽو ۽ عبدالله شاهه جي اسرار تي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، اِهو سندس فيصلو هو. ان زماني ۾ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جو خيال هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط هوندي ته ترقي پسند ماڻهو سياست ڪري سگهندا. جيتوڻيڪ پاڪستان جا ترقي پسند، جنرل ضياءُ جي آمريت ۾ تمام گهڻا مضبوط رهيا، ذاتي طور تي مان به ڪامريڊ ڄام ساقي جي ان راءِ جو حامي ڪونه هئس. ۱۹۹۷ع کانپوءِ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سان ذاتي تعلق برقرار رهيو، سندس سياست پنهنجي رهي. سال ڏيڍ اڳ تائين بيمار هوندي به هُو ڪچهري ڪري سگهندو هو، تڏهن ئي سندس نسيم نگر واري گهر تي سندس پُٽ ”سارنگ“ جي موجودگيءَ ۾ ڪچهري ٿي هئي. اها ڪچهري ساڻس آخري ڪچهري هئي. چار مارچ جو هيرو پنج مارچ تي اسان کان وڇڙي ويو، پر سندس تاريخي ڪردار هميشه زنده رهندو.

تو جي پهڻ پٻ جا ته لڱ منهنجا لوهه.


لطيف جي کاهوڙي ڄام ساقي جو وڇوڙو

ادل سولنگي

عالمي سامراجيت کي للڪاريندڙ غلام ۽ پيڙهيل انسانن جي آزاديءَ لاءِ ويڙهاند ڪندڙ ۽ سرمائيداري نظام جو خاتمو ڪري دنيا ۾ سوشلزم، ڪميونزم لاڳو ڪرڻ لاءِ جرمن ڏاهي ڪارل مارڪس، مظلوم ۽ محڪوم قومن ۽ انسانن کي انقلاب جو آدرشيءَ پيغام ڏنو، جنهن کي انسان ذات جي آزاديءَ جو عظيم ڪارنامو ڄاتو ويو ۽ ان انقلابي فلاسافيءَ جي ڌڍ تي دنيا ۾ انقلابن جا نوان نوان گلاب ڦٽڻ لڳا، تڏهن سنڌ به ان مارڪسي فلاسافي کي مان ڏنو ۽ اُن کي پنهنجي بهتر مستقبل ۽ ڌرتي واسين جي سُک سڪار، سلامتي ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو انقلابي رستو ورتو ۽ وقت تي آمرن سان مهاڏو اٽڪائي مظلومن ۽ محڪومن کي انقلابي جدوجهد جو سڏ ڏنو، جنهن کي اياز جي لفظن ۾ ٻين سان گڏ ڄام ساقيءَ به ورنايو، سڻي تنهنجو سَڏ، ڪُلهي پاتم ڪينرو ۽ ڄام انقلابي سياسي جدوجهد ۾ ڪڏي ڪاهي پيو هو.

ڄام ساقي نظرياتي تنگ نظريءَ کان تمام مٿاهون ڪردار ادا ڪندڙ اهڙو آدرسي انقلابي ويڙهاڪ هيو، جنهن ننڍ پڻ کان وٺي جوانيءَ تائين ۽ جواني کان وٺي موٽندڙ وهيءَ تائين، پورهيت راڄ ۽ جمهوري قدرن کي پنهنجي جدوجهد جو مقصد ڄاتو ۽ سنڌ ۽ سياسي سهپ ۽ رواداريءَ جو مثال رهيو.ڄام ساقي مئٽرڪ واري زماني ۽ سنڌ جي سياست ۾ پير پاتو. فطري طور تي هو سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ  تهذيب ۽ جدوجهد جو شعور رکندڙ شخص هئو، جنهن جي مزاج ۾ نهٺائي ۽ ارڏائپ شامل رهي، هو جڏهن پنهنجي ساٿين وچ ۾ هوندو هو ته نهايت ئي نهٺائي سان پنهنجي سياسي وهنوار ۾ انتهائي روشن خيال ۽ سيڪيولر رهيو ۽ جڏهن آمرن جي سامهون هوندو هئو ته انتهائي ارڏو اٽل ۽ اڻ موٽ ويڙهاڪ رهيو. ملڪ ۾ لاڳو ٿيندڙ مسلسل آمريتن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ڄام ساقي لاهور جي لال قلعي جو فاتح به رهيو. مختلف دورن ۾ جيل جي انڌارين ڪوٺين ۾ به واڙيو ويو پر هن مٿير مڙس جيل ۾ به پنهنجي وطن جي مارو ماڻهن سان پنهنجي پنهوارن واري پريت کي خوب نڀايو ۽ مارئي جي ورثي جي وارثي ڪندي آمرن جي هر آمراڻي ڪوٽ کي ڪيري ڇڏيو پر ڪنهن به وقت جي عمر آڏو آڻ نه مڃيائين. جيل جون سختيون ۽ ٽارچر سيلن جا ايذاءَ هن کي پنهنجي آدرشي جدوجهد تان ٿيڙي نه سگهيا. وقت جي هر آمر هن کي سهولتون ڏيڻ جي آڇ ڪئي، ٻي صورت ۾ هن کي خريدڻ لاءِ هن کي ڪيتريون ئي آڇون ڏنيون پر هن مارئي جي پر کي قائم رکندي چيو ته:

ايءَ نه مارين ريت، جو سيڻ مٽائن سون تي،

آچي عمر ڪوٽ، ڪنديس ڪا نه ڪُريت،

پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.

ڪامريڊ ڄام ساقي جنهن ٿر جي وارياسيءَ مٽيءَ مان جنم وٺي سنڌ ڌرتي تي پنهنجي شعور جي اک کولي ۽کاهوڙي بڻجي ڌرتي جي چئوڏسائن ۾ ڦهليل. مارن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ عمل جي ميدان ۾ رهيو، هن جوانيءَ ۾ سنڌ وطن جي مان ۽ مريادا لاءِ سياسي، سماجي، ادبي مورچن/محاذن تان سنڌ جي مظلوم، محڪوم، انسانن، پورهيتن، هارين، ڪمين ۽ڪاسبين سميت، نوجوانن ٻارن توڙي ٻڍن، مردن توڙي عورتن تي حقن جي حاصلات لاءِ ويڙهاند ڪئي ۽ پنهنجي پورهيت دوستيءَ کي وسيح ڪيو. هن سنڌ سان گڏ ملڪ ۽ دنيا جي مظلوم، محڪوم، قومن ۽ انسانن جي آزادي، سک، سڪار لاءِ سڄي ڄمار جدوجهد ڪئي. ڄام ساقي، ڪارل مارڪس، شاهه لطيف جي فڪري ڇانوَ ۾ پنهنجي جدوجهد کي  جاري رکندي لوڪ راڄ قائم ڪرڻ لاءِ ڪميونزم جي واٽ وٺي سرخ انقلاب آڻڻ لاءِ پنهنجو عملي پنڌ ڪيو ۽ انقلابي جدوجهد کي منظم ڪندي اڳتي وڌندو رهيو. ڪامريڊ ڄام ساقي عام ڪارڪن  کان مرڪزيءَ اڳواڻ تائين نهايت ئي ايمانداريءَ سان پنهنجي آدرشي جدوجهد کي جاري رکيو ۽ ڪميونزم، سوشلزم کي پنهنجو آدرش ڄاڻي ان تي آخري وقت تائين بيٺل رهيو. توڙي جو مختلف دورن/زمانن ۾ هن جي سياست ۽ زندگي ۾ ڪيترائي لاها ۽ چاڙها آيا پر هن ڪڏهن به هار نه مڃي ۽ لڳاتار پنهنجو انقلابي پنڌ جاري رکيو.  هو اياز جو اهو ڳاڙهو ڳڀرو هيو، جيڪو اياز جي نئين سنڌ اڏجڻ واري خواب جي ساڀيان هيو. جيڪو صدين جي سوال جو اهڙو ته جواب هيو، جنهن لاءِ اياز کي  وقت جو انتظار ۽ اوسيئڙو هيو، پنهنجي خوبصورت جوانيءَ ۾ انقلاب ۽ آزادين جا خواب ڏسندڙ ڪامريڊ ڄام ساقي پنهنجي انقلاب سان ڪمينٽمنٽ کي سدائين مٿاهون رکندو رهيو. جنهن وٽ گهڻيون ئي سياسي حڪمت عمليون هيون. جن کي هن ڪتب آڻيندي پنهنجي سياسي سفر کي سڦلائتو بڻايو. ها ڄام ساقي پنهنجي دور ۾ پنهنجي حصي جو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي پاڻ کي ساڀارو بڻايو. اها هئي سندس مضبوط انقلابي ڪردار هجڻ واري بيهڪ، جنهن کي وت جون نٽهڻون هيسائي نه سگهيون، هو پنهنجي انقلابي منزل ماڻڻ لاءِ سدائين سفر ۾ رهيو ۽ سياسي جدوجهد ويساهه کي قائم رکيو.

ڪامريڊ ڄام ساقي، جنهن اياز جي نظمن جي اوٽ ۾ وقت جي آمرن ۽ آمريتن کي للڪاريندي، پورهيتن ۽ هارين جي سوڀاري ٿيڻ جي هام هنئين.

اي ڌرتي! تنهنجا ڌاڃ ڌڻي،

هيئن ڪيسين ڪاڻيا را  رهندا،

۽ پنڊارن مان بُکَ کڻي،

هو ڪيسين ڏک پيا سهندا؟

انڌير نگر جي درد رتي،

اُنياءُ تُراڙو توري ٿو،

ٿي آزادي جي وٿ ملي،

جي گهر تڙڪوئي گهوري ٿو!

هن مرڪُ مهانگيءَ دنيا ۾،

مان ڪنهن جا، ڪنهن جا لڙڪ اُگهان،

هن ڏاڍ ڏمرجي ويلا ۾،

مان ڪنهن کي ڪنهن کي ڏڍ ڏيان

اَڄ بات ٿئي ٿي گوليءَ سان،

مون عُمر ُوڃائي ٻوليءَ ۾!

مان ڪهڙي منهن سان گيت وجهان،

اي ديس!دکن جي جهوليءَ ۾؟

اڄ گيت اجايا ڀاسن ٿا،

اَڄ مان به ملان ٿو ميڙي ۾،

ڇا پيارا  نعارا گونجن ٿا،

جهونجار وڌن ٿا جهيڙي ۾!

ڪامريڊ ڄام ساقي اياز جي شاعريءَ جو هڪ اهم ڪردار رهيو، جنهن کي هن ديس جي ڌرتيءَ تي ”لوڪ راڄ“ قائم ڪرڻ لاءِ منزلو لتاڙي ”سوراج“ تائين پهچڻو هئو. جيئن لطيف وٽ بهادر، سورما وطن جا ويڙهاڪ ۽ جهونجهار آهن، اهڙي طرح اياز جي شاعريءَ ۾ به ڄام ساقيءَ جهڙا جوڌا جوان، گهوٽ ۽ اڻ ۽ موٽ، سوڍا، روپلا، هيمون ۽ هوشو رهيا آهن، ڄام ساقي سنڌ جي مٽيءَ مان جڙيل اهڙو انسان هئو. جنهن انقلابي پنڌ ۾ ڪنهن به رنڊڪ کي پاڻ لاءِ مجبوري نه ڄاتو ۽ بي پرواهه تي پنهنجي رستي تي هلندو رهيو. اهو به انقلابي رومانس جو هڪ ڏيک آهي، جنهن ۾ ڪو به  انقلابي ۽ باغي ڪردار پنهنجو تن، من ۽ ڌن ڏيڻ کان سواءِ پنهنجو سِيسُ سهائڻ لاءِ به تيار ٿي وڃي ٿو ۽ ڄام ساقي اهڙن انسانن مان هئو. جيڪي پنهنجي آدرشن کي ذاتي زندگيءَ جي حاصلاتن کان مٿاهون، سمجهندا آهن، جيڪي انفرادي مفادن کي پٺي ڏئي اجتماعي مفادن لاءِ جدوجهد ڪندا آهن.

سنڌ ۾ ڪميونزم لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪيترائي نالا ۽ حوالا وجود آهن پر ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، انور پيرزادو، ڊاڪٽر اربارب کهاوڙ، نظير عباسي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي، سنڌ ۾ ڪميونزم  فلاسافي جا پرچارڪ ، عالم، اديب، سياست دان آهن، جيڪي دانشور طبقي جي نمائندگي ڪندڙ رهيا آهن. جن جي رڳن ۾ سنڌو درياهه جو پاڻي سدائين ڇوليون هڻندو رهيو آهي، جن سدائين حب الوطنيءَ جي ڳالهه ڪئي،

انقلاب وطن ۽ قوم لاءِ هوندا آهن، قوم ۽وطن کان سواءِ ڪنهن به انقلاب جو ڪو به تصور  ئي نٿو سگهي، جيڪي ماڻهو سمجهين ٿا ته قومي سوال کي پٺي ڏئي سرخ انقلاب آڻي سگهجي ٿو ته اها شايد انهن جي ڀُل آهي. ڇاڪاڻ جو ڪو به انقلابي جيستائين محب وطن ۽ وطن دوست ناهي، اهو ڪنهن به ريت انقلابي نٿو ٿي سگهي. جڏهن ته سنڌ ۾ڪميونزم جي ڇانوَ ۾ ڄاڻايل اسان جي مانوارين شخصيتن محب وطنيءَ جا ڪيترائي مٿال قائم ڪيا آهن، جنهن ۾ ڪامرڊ ڄام ساقي به شامل آهي، جنهن چار مارچ ۱۹۶۷ع ۾ سنڌ جي ننگ ۽ ناموس لاءِ وطن جي ويرين سان ويڙهاند ڪئي، هي اهو زمانو آهي، جنهن ۾ آمريتن ڌرتي تي گهگهه اونداهي جي ڪاري چادر چاڙهي ڇڏي هئي.اُن وقت  سنڌ يونيورسٽي جي انهن بهادرشاگردن پنهنجي جدوجهد جون مشعلون ٻاري  آمريت جي اونداهيءَ رات کي وطن تان نيڪالي ڏيڻ ۾ پنهنجو قومي ڪردار نڀايو، ڄام ساقي به انهن جهونجهار جي جي جٿي ۾ شامل هيو، جن ون يونٽ خلاف بهادراڻي جدوجهد ڪئي ۽ سنڌ کي سوڀارو ڪيو.

سوڀون سرگهرن، سر ري ءَ سوڀ نه سنجري،

سوڀ برابر سسيون، توريان تان نه تُرن،

جي هينئڙي منجهه هرن، سي مُلهه مهانگا سپرين.

اهڙن ملهه مهانگن سپرين ۽ سوڀ لاءِ سِرُ سهائڻ وارن جوڌن مان ڪامريڊ ڄام ساقي به هڪ جوڌو هيو، جنهن شاگرد سياست کي تعليمي ادارن ۾ سگهارو ڪرڻ لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪئي ۽ يونيورسٽي کي قومي انقلابي تحريڪ جو اهم مورچو بڻائي ڇڏيو، جتي محب وطن شاگرد پنهنجي روشن مستقبل لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ  سان گڏ سنڌ جي آجپي جي رٿابندي ڪندي جاڳرتا جي هلچل هلائي رهيا هئا. ڄام ساقي انهيءَ هلچل جو روح روان هيو، جنهن جي سياسي ڪردار سياست کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني، ڄام ساقي جنهن ۸۰ واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ۽ سگهارو بڻائڻ لاءِ تحرڪ ورتو ۽ سنڌي ادبي سنگت جون مرڪزي چونڊون ڪرائي، جمهوري عمل کي بحال ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪن ماڻهن سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ان تي گذريل ڪيترن ئي سالن کان قبضو ڪيو آهي، جنهن عمل تي ڄام ساقي گهڻو رنج رهندو هيو، ڄام ساقي تعليمي سجاڳي ۽ سماجي جاڳرتا جي حوالي سان پڻ مختلف حوالن سان سرگرم رهيو،

خاص ڪري انساني حقن جي  حاصلات لاءِ ڪامريڊ ڄام ساقي جو ”امن لانگ مارچ “ انتهائي اهم قدم هيو، جيڪو ڪمون شهيد کان وٺي مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ تائين مسلسل ۳۳ ڏينهن پنڌ ۾ رهيو، ڪامريڊ ڄام ساقي ادبي حوالي سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو به ساراهڻ جوڳو آهي، سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ڪرڻ سان گڏ هن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي جهوليءَ ۾ ست ڪتاب رکيا، جنهن تي به ٻوليءَ ۽ ادب کي انتهائي فخر رهندو، ڇاڪاڻ جو اهو هن جو سنڌي ادب جي واڌ ويجهه واري سوچ سان سلهاڙيل هجڻ جو عملي ڪردار جو مثال رهيو، جنهن هن کي ادبي دنيا ۾ پڻ احترام ۽ مڃتا ڏني.

ڄام ساقي سنڌ کي پنهنجي سموري ڄمار جي لازوال جدوجهد ڏني ۽ سنڌ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ کي صدين جو مان مرتبو، مڃتا، قبوليت ۽ ڀيٽا ڏني، عزت ڏني، احترام ڏنو. ڄام ساقي هڪ دور، هڪ زماني، هڪ جدوجهد، هڪ تاريخ جو نالو آهي، جيڪو صدين تائين هڪ مثالي حوالي طور ياد ڪيو ويندو. اياز جي لفظن ۾ ته...

هاڻي ڪير مٿو، ڀڙ کان پٺيرو ڪري!

اجهو سج لٿو، وڙهندي وڙهندي ويڙهه ۾.

ڄام ساقي وطن جي ويڙهاند کي پنهنجي زندگيءَ

جي لهندڙ آخري سج تائين جاري رکيو.

سدا اُڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان،

وڙهندي مڙس مهانَ، مٽيءَ منهنجو سهائيا.

ڄام ساقي مٽيءَ جي مهانتا لاءِ سموري ڄمار ويڙهه وڙهندي، پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ  تي آرام ٿيو آهي ۽ اياز جي لفظن ۾ چئي ويو آهي ته :

وڙهو، وڙهو، ويڙ هئو! متان پٺ ڏيو!

آهي پنڌُ پيو، اڃا جيئڻ جيت ۾.


ڄام ساقي جي غيرطبقاتي سماج لاءِ ڪيل جدوجهد کي سرخ سلام

ڊاڪٽر توصيف احمد

ڄام ساقيءَ جو ذڪر پاڪستان ۾ عوامي جدوجهد ڪرڻ وارن ۾ سڀ کان اول ٿيندو هو. غير طبقاتي سماج لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڄام ساقيءَ ڪڏهن به مفاهمت نه ڪئي ۽ نه ئي ڪڏهن پنهنجن سياسي نظرئي ۽ اصولن کي قربان ڪيو.

هُو پاڪستان جي عوامي تاريخ جو هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن جي لاڳيتي جدوجهد اڄ نه ته سڀاڻي انقلاب جو تسلسل ثابت ٿيندي.

ڄام ساقي ۳۱ آڪٽوبر  ۱۹۹۴ع تي ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جهنجهيءَ ۾ اک کولي، هي اهو وقت آهي جڏهن دنيا جي پهرين سوشلسٽ رياست جرمنيءَ کي شڪست ڏئڻ واري هُئي، ڄام ساقي اڃا ڪجهه مهينن جو ئي هو ته سڄي دنيا ۾ جمهوري اتحاد جي فتح سامهون نظر اچي رهي هُئي ۽ وڏي پئماني تي دنيا ۾ ماڻهن جي قتل ٿيڻ جو سلسلو ختم ٿي رهيو هو.

ڄام ساقيءَ جي پيدائش کان ٺيڪ هڪ صدي پهريان ۱۸۴۴ع ۾ جرنيل هوش محمد شيدي وطن لاءِ گوريلا جنگ وڙهي رهيو هو، هُن پنهنجي وطن سان محبت ۽ بهادريءَ  جا جوهر ڏيکاري وطن جي آزاديءَ لاءِ هڪ لافاني نعرو “ مرويسون مرويسون، سنڌ نه ڏيسون”. هنيو هو.

ڄام ساقيءَ جو ننڍپڻ جيڪو ٿرپارڪر ۾ گذريو هو جيڪو ان وقت به جديد دور کان هڪ صدي پوئتي هو، ڄام ساقيءَ جي ذهن ۾ ان دور جي جيڪڏهن سڀ کان وڏي ڪا يادگيري محفوظ هُئي ته اها هئي اخبارن جي هيڊنگس ۽ اخباري هاڪرن جو گوڙ  ۽ شور هو.

ڄام ساقيءَ جي ڪچڙي ذهن ۾ جيڪي ڳالهيون سڀ کان پهريان پيون، سي سندس والد صاحب جون هيون، جيڪي پنهنجن دوستن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي سياست تي بحث ڪندي ڪندو هو،

روس، زار، انقلاب ۽ مزدورن جي حڪومت جون ڳالهيون انهيءَ ننڍڙي ۽ ڪچڙي ذهن ۾ سڀ کان پهريان پيون هيون.

ڄام ساقيءَ کي چٽي نموني اها ڳالهه به ياد نه هُئي ته هو جڏهن پهريون دفعو اسڪول ويو هو ته پهرين ڏينهن اسڪول ۾ ڇا ٿيو هو، ڇو جو سندس والد صاحب انهيءَ پرائمري اسڪول ۾ استاد هيو، جنهن ۾ ڄام ساقي داخل ٿيو هو.

ڄام ساقيءَ جو والد پيشي جي حوالي سان استاد هيو پر سماجي ڪم ڪارين ۾ به ڀرپونموني سرگرم رهندو هو، هُن جي سماجي سرگرمين طرف دلچسپي ايتري ته شديد هُئي جو هو پنهنجي سڄي مهيني جي پگهار پڻ انهن سماجي سرگرمين تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو.

ڄام ساقيءَ ننڍڙي عمر ۾ ئي تقرير ۽ تعليم طرف توجهه ڏيڻ شروع ڪئي هُئي. پنهنجي تعليم جي شروعاتي سالن ۾ ئي تقريري مقابلي ۾ حصو ورتو هو ۽ هُن ان وقت پاڪستان جي وزير اعظم لياقت علي خان کي موضوع بڻائي تقرير ڪئي هُئي. ان وقت هڪ رٽائرڊ پرائمري استاد عنايت الله جنهن جو تعلق انڊر گرائونڊ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان هو، ان جڏهن ڄام جي تقرير ٻڌي ته هو تمام گهڻو متاثر ٿيو ۽ ان ڄام سان ملاقات ڪئي.

ان ملاقات ڄام جي زندگيءَ جي حقيقي رستي جو تعين ڪري ڇڏيو هو. ۱۹۶۲ع ۾ لوڪل بورڊ اسڪول ڇاڇرو مان ميٽرڪ ڪرڻ بعد حيدرآباد اچي ويو هو جتي هُن گورنمينٽ ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخل ورتي هُئي.

ڄام جو پنهنجي استاد جي معرفت ڪميونسٽ پارٽيءَ سان رابطو ٿيو هو ۽ بعد ۾سندس ملاقات نامياري ڪميونسٽ اڳواڻ سلام بخاريءَ سان پڻ ٿي هُئي. هُن ڪاليج جي دور ۾ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن سان ملاقات بعد جهڙوڪر پنهنجي سياسي سفر جو آغاز ڪري ڇڏيو هو، هُن ان وقت ون يونٽ خلاف پمفليٽ لکيو هو جنهن جي قيمت ۱۰- پئسا هُئي، ڪجهه مهينن بعد ان پمفليٽ تي پابندي لڳائي وئي جنهن ڪري ان پمفليٽ جي مقبوليت ۾ انتهائي اضافو ٿي ويو هو.

انهن ڏينهن ۾بلوچ اڳواڻ غوث بخش بزنجو جو پُٽ بزن بزنجو جهڙوڪر سياست ۾ سرگرم ٿي رهيو هو، غوث بخش بزنجو ان وقت جي سياسي قيادت کي گذارش ڪئي هُئي ته منهنجي پُٽ جي تربيت ڪئي وڃي ۽ کائنس ڪم ورتو وڃي.

۱۹۶۳ع ۾ ڄام ساقي ۽ انهن جي دوستن ٽن نقطن تي ٻڌل هڪ دستخطي مهم هلائي جن ۾ پهريون نقطو هو ته سمورا تعليمي  امتحان مادري زبان ۾ ورتا وڃن، ٻيو نقطو هو ته انٽر سائنس ۾ پاس ٿيندڙ شاگردن کي لاڳاپيل ادارن ۾ سيٽون وڌائي داخلائون ڏنيون وڃن يا نوان ڪاليج قائم ڪيا وڃن ۽ ٽيون نقطو هو ته ڪاليج ۾ هر سال في نه ورتي وڃي پهريون ئي دفعو ورتل داخلا فيءَ کي سموري تعليمي عرصي لاءِ تسليم ڪيو وڃي.

۱۹۶۴ع ۾ مدئجي ۾ هاري ڪانفرنس ۾ شموليت تان واپسيءَ بعد حيدرآباد ايندي ئي حيدرآباد اسٽوڊنسٽس فيڊريشن قائم ڪئي ۽ ۱۰- نومبر ۱۹۶۴ع تي شاگرد ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو. ڪنوينشن ۾ ڄام ساقي جنرل سيڪريٽري ۽ يوسف لغاري ڪنوينر چونڊيا ويا. ڄام ساقي جي سياسي سرگرمين سبب ۱۹۶۴ع جي آخري مهينن ۾ ڄام ساقيءَ جو والد ساڻس ناراض ٿي ويو  ڇو  جو سندس خواهش هُئي ته ڄام ساقي سائنس جي مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪري، پر سياسي سرگرمين سبب ڄام جي توجهه سائنس جي مضمونن تان هٽي وئي هُئي.

ڄام جي والد کيس خط لکيو هو ته، “ يا ته تون سائنس پڙهه يا ڳوٺ واپس اچ”، ڄام جيڪڏهن واپس ڳوٺ وڃي ها ته سياسي ڪم ڪري نه سگهي ها، پر هُن ڳوٺ وڃڻ نه پئي چاهيو تنهنڪري هُن نوڪري ڳولڻ شروع ڪئي، اهي ڏينهن ڄام جي زندگيءَ جي ڏکين ڏينهن مان هُئا ان ڏينهن دوران هو ڪڏهن پنهنجي دوست نجم الدين ميمن جي گهر ماني کائيندو هو ته ڪڏهن بک تي گذاريندو هو، ڄام انهن ڏينهن ۾ اڪثر ڪري پڪوڙن تي گذاريندو هو.

۱۹۶۴ع ۾ کيس واپڊا ۾ نوڪري ملي وئي هو صبح جو نوڪري ڪندو هو ۽ شام جو يونيورسٽي يا هاسٽلز ۾ ويندو هو جتي هو شاگردن ۾ سياسي ڪم ڪندو هو، هو سياسي سرگرمين دوران ايوب خان خلاف چونڊن ۾ بيٺل فاطمه جناح جي چونڊ مهم ۾ پهچي ويندو هو، ۱۹۶۶ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جا تاشقند معاهدي سبب ايوب خان سان اختلاف ٿي پيا جنهن ڪري هو ايوب ڪابينا مان ٻاهر ٿي ويو.

انهن ئي ڏينهن ۾ عنايت ڪاشميري حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪنوينشن جي تجويز پيش ڪئي، انهيءَ ڪنوينشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي اچڻ جي دعوت ڏني وئي، انهيءَ ڪنوينشن ۾ ڄام جي ملاقات ڀٽي سان ٿي.

انهيءَ ڪنوينشن ۾ ڀٽي اِهو اعتراف ڪيو هو ته ايوب حڪومت منهنجي خلاف آهي ان ڪري منهنجي هتي اچڻ تي فيڊريشن جي ڪارڪنن کي تنگ ڪيو ويندو. ذوالفقار علي ڀٽي جي اهڙي اظهار تي ڄام کيس چيو “ اسين به ڦرڻ وارن مان ناهيون”.

ان ڪنوينشن ۾ ڀٽي هندستان، اسرائيل ۽ ايوب خلاف سخت تقرير ڪئي پر ان ون يونٽ خلاف هڪ لفظ به نه ڳالهايو، انهيءَ ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڀٽي مختلف ذريعن سان حيدرآباد اسٽوڊٽس فيڊريشن جي اڳواڻن سان رابطو ڪري کين چيو ته، مون کي انهيءَ ڪنوينشن جو مهمان خاص بڻايو وڃي.

پر ڄام کيس جواب ۾ چيو ته اوهان ايوب خان جي مخالفت ڪيو ٿا ۽ تاشقند معاهدي جي مخالفت ۽ ون يونٽ جي حمايت ڪيو ٿا ۽ اسان جي جماعت تاشقند معاهدي جي حمايت ۽ ون يونٽ جي مخالفت ڪري ٿي.

ڀٽي ساڻن معاهدو ڪيو ته هو پنهنجي تقرير ۾ جمهوريت جي حمايت ڪندو ۽ ون يونٽ ۽ تاشقند معاهدي تي خاموش رهندو، پر ڄام ۽ ان جا ساٿي تڏهن به تيار نه ٿيا پر مير رسول بخش ٽالپر جي اصرار تي ڀٽي کي پنهنجي جلسي لاءِ خاص مهمان بڻائڻ لاءِ تيار ٿي ويا.

جلسي بعد رسول بخش پليجو جي گهر  ڀٽي ڄام جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، “ ڄام مان تنهنجو هي احسان ڪڏهن به وساري نه سگهندس”، ۽ واقعي ڀٽي اهو احسان سڄي زندگي نه وساريو، ڀٽو جيئن ئي پاڪستان جو صدر ٿيو ته هن فوري طور تي ڄام کي گرفتار ڪرائي ورتو.

ڄام دانشور نديم اختر، هدايت حسين ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو انڊس هوٽل ۾ پهريون ڪنوينشن ڪيو، اجلاس ۾ ڄام ساقي صدر، نديم اختر سينيئر نائب صدر ۽ مير ٿيٻو جنرل سيڪريٽري چونڊيا ويا.

ڄام ساقيءَ جيئن ئي پنهنجي سياسي  زندگيءَ شروع ڪئي ته مٿس جيلن جا منهن کلي ويا. ڄام ۱۹۶۶ع کان ۱۹۶۹ع تائين جيل ۾ قيد رهيو.

۴- مارچ ۱۹۶۷ع جي شاگرد تحريڪ سنڌ جي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي، جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کي غير قانوني طور تي برطرف ڪيو ويو ته شاگردن احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي جنهن ۾ ڄام ۽ سندس دوست پيش پيش رهيا.

ان وقت جي ڪمشنر مسرور حسن شاگردن تي بي انتها تشدد ڪرايو ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪرايو ويو، ڄام موقعي جو فائدو وٺي انهيءَ تحريڪ کي ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، نديم اختر جيل جون ساروڻيون بيان ڪندي چوي ٿو، “اسان کي چئن ڪمرن واري هڪ بيئرڪ ۾ رکيو ويو. هيءَ اُها کي بيئرڪ هُئي جنهن ۾ نام نهاد پنڊي سازش ڪيس جي ملزمن سجاد ظهير ۽ فيض احمد فيض کي قيد رکيو ويو هو. حيدرآباد جيل ۾ غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو، يوسف ٽالپر، مسعود نوراني، راجا عبدالقادر ۽ اقبال ترين شامل هو.


آدرشن سان گڏ جيئڻ وارو ڄام ساقي اسان کان موڪلائي ويو

رکيل مورائي

ٿر جي نٽهڻ اس جهڙي ڌرتيءَ تي ڄاول نم جي ڇانوَ جهڙو شخص ڄام ساقي ڪالهه سنڌ کان موڪلائي ويو.

ڄام ساقي پنهنجي سڄي ڄمار ڪيئن گذاري ان جا الڳ الڳ پاسا آهن ۽ اهي سڀ تصور ان هنڌ اچي گڏ ٿين ٿا جتان ماڻهپو ڦٽي نڪري ٿو.

ڄمار جو وڏو حصو ترقي پسند سياسي نظرئي سان هٿياربند ٿي، سنڌ سميت سڄي عالم جي پورهيتن لاءِ، انهن جي مسئلن لاءِ غيرطبقاتي سماج اڏڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڄام ساقي سنڌ جو اهو پٽ هو، جنهن سان سنڌ جي دائري ۾ سياسي اسهمتي رکندي به ڪو شخص کيس ان دائري ۾ بيهاري نه سگهندو، جنهن دائري ۾ اڄ جي سياست ۽ سياسي ليڊر توڻي ڪارڪن بيٺا آهن، يا جنهن سياست جي هوا هلي رهي آهي.

هو شاگرد سياست جي ان اڳواڻ جٿي مان هئو، جنهن دنيا جي شاگرد سياست وانگر خاص طور انقلاب آڻيندڙ ملڪن جي شاگرد سياست وانگر اهي سڀ طريقا استعمال ڪيا جيڪي انقلابي شاگرد اڳواڻ پنهنجن پنهنجن سماجن ۾ استعمال ڪندا رهيا.

سنڌ جي شاگرد سياست کان وٺي دنيا جي سوشلسٽ بلاڪ جي سياست تائين هن هڪ اهڙي شخص طور سياست ڪئي، جنهن لاءِ آدرش ئي سڀ ڪجهه هئا، اڳتي هلي آدرشن جي ٽٽڻ کان پوءِ جيئن دنيا جي ذهنن جو وڏو حصو مايوس ٿيو ايئن هو به مايوس ٿيو پر سندس مايوسي هڪ نظرياتي آدرش جي پوري نه ٿيڻ واري ته چئي سگهبي پر اها فرار وٺڻ واري مايوسي نه هئي.

هو جنهن کي لال قلعي جا برج نه لوڏي سگهيا هئا، ان کي دوستن ۽ سياسي همسفرن جي روين دلي طور ڌوڏي وڌو، هن جيڪو تشدد سٺو ان تشدد هن جي جسم کي ٿڌو ته ڪيو پر هن جي سياسي ايمان ۽ آدرشن کي لوڏي نه سگهيو. هو سمورو تشدد سهي جڏهن ٻاهر نڪتو ته پنهنجي سموري سلامتي ۽ توانائي سان نڪتو ۽ پوءِ دنيا ۾ جيڪي تبديليون آيون، انهن هڪ خوفناڪ طوفان جيان گهڻو ڪجهه ڊانوانڊول ڪري ڇڏيو.

ڄام ساقي سنڌ جي سياست جو اهو ڪردار آهي، جنهن تي سنڌ سان گڏ دنيا جا اهي سمورا مظلوم ماڻهو، قومون ۽ طبقا فخر ڪندا، جن پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ ساڳين آدرشن ۽ نظرئي جي هٿيار سان هڪ اهڙي معاشري اڏڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، جيڪو معاشرو عام ماڻهن جي جيئڻ کي سهنجو ڪري ۽ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ اهڙي آدرشي سماج رنگ ڏيکاريو ۽ هڪ نئين دنيا وجود ۾ آئي جنهن کي سوشلسٽ دنيا ڪوٺجي ٿو.

ڳاڙهي جهنڊي جنهن دنيا تي جيڪي اثر ڇڏيا، اسين سڀ ان جو حصو هئاسين ۽ سنڌ ۾ ان جي علامت ڄام ساقي هئو سچ پچ هو سنڌي ناول (جيڪو سندس ئي لکيل آهي)  ”کاهوڙي کجن“ جو اهو کاهوڙي ڪردار هو، جنهن تي اڄ به اهو اعتماد آهي ته هو ٽٽي ته سگهي ٿو پر جهڪي نٿو سگهي.

هو ته ان ڏينهن به ڪو نه جهڪيو هو، جنهن ڏينهن سٺ پُرهه اونهي کوهه ۾ هن جي سکيءَ ”سکان“ بختاور ۽ سجاد ظهير جي مامتا کي تياڳي، فقط ان اڏامندڙ خبر جي اثر هيٺ ٽپو ڏنو هو ته اڄ ڄام هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، جنهن دنيا ۾ هوءَ اڪيلي رهجي وئي هئي.

هو جيڪو ٿر کي ساري، ڪاليداس جو ”ميگهه دوت“ پڙهي، اداس ٿي ويندو هو پر ڪمزور ڪڏهن به ڪو نه ٿيو.

هو تڏهن به ڪمزور ڪو نه ٿيو جڏهن هٿ ڪڙين ۾ ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اچي بيهندو هو ۽ پنهنجي پختي ويساهه سان چوندو هو ته ”فتح آخر عوام جي ٿيندي“.

۽ نيٺ هن پنهنجي عوام جي فتح ٿيندي پنهنجي اکين سان ڏٺي، لانگ بوٽن سان سنڌ کي لتاڙيندڙن جو خوفناڪ انت، جن جو انتم سنسڪار به نه ٿي سگهيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان عوامي فتح کي وري انهن فتح ڪري ورتو جن سنڌ جي ويساهه جون ڌڄيون اڏايون ۽ آدرشن تان عوام جو ارواح ئي کڻائي ڇڏيو، ان ئي عوام کي ڪنهن انقلابي سفر تي وٺي وڃڻ بدران انهن کي اهڙي لڪير جو فقير بڻايو جيڪا هن ڪڏهن به نه سوچي هئي. ڇاڪاڻ ته هو اهڙو ڪردار هو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار جي لاءِ اهڙو رستو چونڊيو هئو جنهن رستي ۾ ڪٿي به ڇانوَ نه هئي پر هڪ ٿڌي ڇانوَ جهڙو ماڳ ضرور هئو، جيڪو اسان جي نسل جي اکين آڏو هئو ۽ اسان جي آدرشن لاءِ اجهو به هئو ته ماڳ به.

عالمي انساني ڏک، بک، بدحالي، فوجي ڦرلٽ ان دور جون ڪجهه سڃاڻپون هيون ۽ مظلوم طبقن ۽ قومن جي لاءِ اتساهه اهو جهنڊو هئو، جنهن جو رنگ ته ڳاڙهو هئو پر ان ۾ هڪ سفيد ستارو به هئو، جيڪو عالمي امن جي علامت طور جرڪي رهيو هئو ۽ ان امن لاءِ خود هڪ ڊگهي جنگ وڙهڻ ضروري هئي، جنهن جنگ جو هڪ ننڍڙو حصو اهو نظريو هئو، جنهن دنيا جي وڏي حصي کي موهيو هئو ۽ ايئن ان سنڌ جي ڏور هڪ ننڍڙي ڏيهه کي به موهيو هئو، جنهن موهه جي پيداوار ڄام ساقي به هئو ته شهيد نظير عباسيءَ سميت اهي ڪيترائي اڻ ڄاتل سڃاتل چهرا ۽ نالا به هئا جيڪي رهزن ڪاري رات ۾ ڳاڙهي جهنڊي جهڙو پنهنجو رت ڏيئي ڪنهن اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويا پر هُو هلندو رهيو پنهنجي سرخ سج اڀرڻ جي اميد ۾، جنهن اڀرڻ ۾ گهڻي دير ڪري ڇڏي ۽ هو ان جو آسرو پلي ڪالهه سنڌ جي علمي ۽ ادبي شهر حيدرآباد جي هوائن سان گڏ اڏامي ويو ۽ پويان ڇڏي ويو، هڪ اهڙو دور جنهن وٽ نه آدرش آهن ۽ نه اتساهه، جيڪو اعليٰ نموني ۽ فخر لائق جيئڻ جو سبب پيدا ڪري سگهي.

جيستائين اهي سبب هئا جيستائين باوقار زندگي جيئڻ جو اتساهه هئو، ڄام ساقي اسان سان گڏ هئو. جڏهن اهڙو ڪجهه به نه رهيو ته شايد هن لاءِ جيئڻ جو سبب به نه رهيو، جيڪو هڪ خوفناڪ دور ۾ به بهادريءَ سان جيئڻ وارو هئو، اهو هڪ خاموش ۽ اڻ وڻندڙ دور ۾ پنهنجو جيئڻ جو اتساهه ختم ڪري شايد هتان روانو ٿي ويو. اهو سڀ هتي ئي ڇڏي جيڪو هاڻ سندس ڪنهن ڪم جو نه هئو، جن جي ڪم جو آهي، اهي سڀ انهيءَ سان جڙيل آهن ۽ بس.


ڪامريڊ ڄام تون ته زندهه رهڻو آهين

غوث پيرزادو

ننڍڙا هوندا هياسين ته تنهنجي آزاديءَ لاءِ نعرا هڻندا هياسين ته تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي ڄام ساقي ڄام ساقي، يا وري جيل ڪا ڦاٽڪ ٽوٽي گا جام ساقي ڇوٽي گا، تنهنجي شاهي قلعي ۾ قيد هجڻ تي ڪيڏا ته بيقرار ٿي ويا هياسين. سمورا تنهنجا ساٿي ۽ انقلابي رڳو انڪري ئي پيارا لڳندا هئا جو اهي تنهنجي آزاديءَ لا ءِ جدوجهد ڪندا هئا. تنهنجي درشن جو ڪيڏو نه انتظار ٿي پيو هو، تنهنجي جهلڪ ڏسڻ لاءِ عجيب اتاولائي من تي واسي ڪري وئي هئي. چنڊ جي چانڊوڪي ۾ ۽ تارن جي جهرمٽ ۾ تون مرڪندي نظر ايندو هئين. کوڙ ڪامريڊ ان لاءِ وڻڻ لڳا هئا جو اهي تنهنجون ڳالهيون ڪندا هئا، رڳو ان لالچ ۾ وڏيون وڏيون نظرياتي ڳالهيون نه سمجهڻ جي باوجود به انڪري وڻنديون هيون جو ڪٿي نه ڪٿي انهن ڳالهين ۾ تنهنجو ذڪر به هوندو هو محبوب لفظ جي معنيٰ ته گهڻو پوءِ سمجهه ۾ آئي تون اسان جو اڳ ۾ ئي محبوب بڻجي ويو هئين. تون مظلومن جو آواز بڻجي ويو هئين انڪري تون لکين هارين پورهيتن، عورتن، نوجوانن توڙي ٻارن جو هيرو بڻجي چڪو هئين.

هڪڙو ڏينهن اهو به آيو جڏهن ڳل کي تنهنجي ڪوسي چمي نصيب ٿي هئي، جنهن جو سحر منهنجي روح تي تاحيات طاري رهندو. اها تنهنجي چمي اڄ به منهنجي ڳل کي روشني بخشيندي آهي. تنهنجي اها چمي اڄ به مونکي جيئڻ لاءِ صحي گس ڏيکاريندي آهي. تنهنجي چميءَ جو ذڪر به انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڪنن سان ٽڪرايو هيو جن ڏينهن ۾ محبوبا جي چميءِ لاٰ سانگ رچائبا آهن، هر ماڻهو سان ملي ڳل تي چمي پوکڻ واري تنهنجي ڳالهه به عيد جي چنڊ جيان اڻ لکي پر حسين خوشخبري بڻجي وئي هئي. پو تنهنجي چمي اسان جي محبوبا بڻجي وئي هئي پوٰ اها چمي تعويز به بڻجي وئي اهڙو تعويز جيڪو تاحيات پيڙهيل طبقن سان پيار جو الم بڻجي ويو. ڄام! همياليه اڄ به تنهنجي حوصلن کان تمام گهڻو هيٺ نظر ايندو آهي.

بي لوث محبت جا بنياد وجهندڙ ڄام ساقي تون زندگي جا ڏهه سال زندان ۾ گهاري ثابت ڪيو هيو ته توهان جو عشق جيڪڏهن انسان سان آهي ته اوهان کي دنيا جي ڪابه طاقت لوڏي نه ٿي سگهي. پر توکي سلام انڪري ٿو ڪريان ته تون جهڪيو نه هئين تون آخر تائين نه جهڪيو هئين نه تون پنهنجي رستو بدلايو هيو تون آخر تائين ثابت قدم رهئين. توهان جي نظرين ۾ ٿوري به لچڪ پيدا نه ٿي، مت جي موڙهن کي متان ابتڙ نظر ايندو هجي. منهنجا ڪامريڊ! جيل جا زندان توکي جهڪائي نه سگهيا ٽارچر تنهنجو ڪجهه بکاڙي نه سگهيا پر تنهنجي دماغ کي هٿوڙا هڻي زبون ڪيو ويو. منهنجا ڄام ساقي هنن کي خبر هئي ته اعصابن جو ڪمزو ماڻهو ناهي هن کي ڊاهي نه ٿو سگهجي هن کي لوڏي نه ٿو سگهجي هن تي اهڙا وار ڪجن، هن تي اهڙي قسم جو تشدد ڪيو وڃي جو هو موت جي آغوش ۾ هليو وڃي پر هنن کي اها خبر نه هئي ته برين هيمرج به ڄام کي ماري نه ٿي سگهي ۽ تون موت کي مات ڏئي وري بيهي رهيو هئين.

مون هميشه اهو پئي چيو آهي ته توکي رد ڪرڻ ايڏو آسان نه آهي، توکي رد ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين اسان کي توکي تنهنجي محبوبا تنهنجي وني سکان توکي واپس آڻي ڏيڻي پوندي، توکي سکان سمورين مسڪراهٽن سان گڏ خلائن مان ڳولهي آڻي ڏيڻي پوندي. تو تي گند اڇلڻ لاءِ سڀ کان پهرين ابهم بختاور ۽ سجاد جي خاموش سڏڪن کي ٽهڪن ۾ بدلائي آڻي ڏيڻو پوندو هنن جي تاحيات اکين جي ويراني کي خوشين ۾ تبديل ڪرڻو پوندو جن کان تون ته کسيو ئي ويو هئين پر پوءِ جڏهن کانئن ماءُ به کسي وئي هئي ته پوءِ سندن زندگي سناٽا بڻجي وئي، ڏينهن به ڪاري رات بڻجي کين ڏنگيندا رهيا ۽ سموري زندگي سموري زندگي اڪيلائي جو آسمان بڻجي زندگي گذاريندا رهيا.

ڪامريڊ تنهنجي انقلابي راهه بدلائڻ وارا کوکلا ۽ ڪوڙا الزام هڻڻ کان اڳ اسان کي توکي تنهنجي زندگي جا اهي سمورا سال واپس آڻي ڏيڻا پوندا جيڪي تو ٽانڊن تي سمهي گذاريا. پر تون بدليو ڪٿي هئين، تو پنهنجي انقلابي واٽ ڪٿي وساري هئي، انقلاب واٽ ته امداد چانڊئي به نه وساري آهي انقلابي واٽ تي ته سهتو موجود آهي، انقلابي واٽ تي ته صالح بلو به آهي انقلابي واٽ ته علي حسن چانڊئي نه بدلائي هئي، سراپا انقلاب کي ڀلا ڪنهن ٻئي نظر ۾ ڪيئن ٿو بدلائي سگهي، روح کي جسم کان جدا ته موت ئي ڪري سگهي ٿو سو انقلاب ته ڄام ساقيءَ جو روح هيو سو ته تيستائين ساڻس گڏ رهيو جيستائين ساهه جو پکيئڙو پر هڻي اڏري نه ويو. منهنجا ڪامريڊ ڄام تون ته زندهه رهڻو آهين تون ته تاريخ جي ورقن جو اتساهه آهين، جيستائين ڌرتي رهندي، جيستائين چنڊ تارن جو وجود هوندو اوسيتائين تاريخ جي ورقن ۾ تنهنجو ذڪر انسان ذات جي ڇوٽڪاري لاءِ آٿت جيان رهندو.

ڪالهه ته تنهنجي ننڍڙي بختاور تنهنجي حياتي لاءِ ٻاڏايو هو ڪالهه ته هن تنهنجي گهر ۾ جنم وٺڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو پر بختاور جي لفظن ۾ مونکي تنهنجي وڇوڙو چٽو نظر آيو هو، بختاور جا لفظ پڙهي منهنجي روح سراپجي ويو هو، الائي ڇو مونکي لڳو هو ته هاڻي هڪ دفعو بختاور ۽ سجاد يتيم ٿيڻ وارا آهن، اڄ وري سندن وجود تي اڪيلائي طاري ٿيڻ واري آهي ۽ اهو ئي ٿيو اڄ تنهنجي وڇوڙي جي پورهيتن جي وجود کي لوڏي ڇڏيو آهي. تنهنجي وڇوڙي ته امداد چانڊيو، جمال ناصر، انور ابڙو، مجيب پيرزادو، سڏڪي رهيا آهن، حميده گل روئي رهي آهي، سمورا ڪامريڊ تولاءِ واجهائي رهيا آهن هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو تنهنجي وڇوڙي تي اداس آهي ۽ ڄام ساقي لاءِ هر اک آلي ڇونه هجي، ڇو ته هو نظرين جي عينڪ پائڻ بدران انسانيت جي عينڪ پائي هر ماڻهو سان اٿاهه گهرائين سان پيار ڪندو هو، هو نظرياتي طور تي الڳ عبدالواحد آريسر کي پنهنجو ڀاءُ تصور ڪندو هو ته هو امر جي ايم سيد سان پيار به ڪندڙ هيو ته هو پنهنجن سمورن ڪامريڊن سان دلي لڳاءُ رکندو هو. اڄ ڄام جي لاءِ هر اک آلي آهي، ڄام جي زندگيءَ انقلاب جو سبق آهي، هڪ انقلابي ائين ئي هوندو آهي جيئن ڄام ساقي هيو، کوڙ نظريا کوڙ پارٽيون سنڌ ۾ موجود هيون پر ڄام ساقي پ پ ۾ شامل ٿي اسان جي ويساهه کي ٽٽڻ کان بچايو هيو يا ٻئي طرف اهو چئي ٿو سگهجي ته هن رستو نه بدلايو هو نه ته جماعت اسلامي فنڪشنل، يا ڪنهن ٻي اهڙي فڪر سان وڃي گڏ بيهي ها جيڪو انسان دشمني تي ٻڌل هجي ها پر پاڪستان ۾ رهندي ۽ حالتن بدلجڻ سان جيڪڏهن وري به ڪو رستو ورتو ته اهو عوام جي پاسي جو رستو يا جنهن رستي جو سرو وري به ڪٿي نه ڪٿي عوام جي مفادن سان ملي رهيو هو. جيڪا واٽ اڄ به آمريتن سان ٽڪراءِ ۾ آهي يا جيڪا واٽ هتان جي جابرقوتن کي اک ۾ ڪنڊي جيان ڇڀندي آهي اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جي ويڙهه ۾ ڪيترو دم آهي يا نه يا ڄام کي به اهو ادراڪ ٿيو ته پو هو گهر ويهي رهيو پر هن آخر تائين ڪا اهڙي واٽ نه ورتي جيڪا انقلابين لاءِ شرمساريءَ جو ڪارڻ هجي، ڪامريڊ تون هميشه اسان جي دلين م جيئرو رهندين،


اچو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي زندگيءَ کي ملهايون

زرار پيرزادو

هن سال موت جو اهڙو ته واچوڙو اچي لٿو آهي جيڪو ساهه سيباڻن ماڻهن کي کنڀيو کنيو هلندو ٿو وڃي ۽ رڪجڻ جو نالو ئي نٿو وٺي.

جنوري کان مارچ جي ۵ تاريخ تائين موت جو اهو واچوڙو اسان کان غلام مصطفيٰ لاکو، قربان پيرزادو، منو ڀائي، عبدالحڪيم ارشد، عاصمه جهانگير، قاضي واجد، سوز هالائي، سري ديوي کسڻ کان پوءِ به نه مڙيو ۽ ڪالهه ڪامريڊ ڄام ساقي به اسان کان کسي ويو آهي.

ڪامريڊ ڄام ساقي ڊگهي بيماريءَ کانپوءِ ڪالهه پنهنجي زندگيءَ کي ملهائي جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو آهي.

ڪامريڊ ڄام ساقي حقيقت ۾ انهن شخصيتن مان هڪ آهي، جن جي مرتئي تي سوڳ ڪرڻ تي نه پر سندس زندگيءَ کي ملهائڻ جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي.

عام ماڻهو پنهنجي زندگي مليل ماحول ۽ نظام تحت گذاريندو آهي پر ڄام ساقيءَ زندگي گذارڻ جو پنهنجو آدرشي ۽ انقلابي انداز اختيار ڪيو ۽ ٻين کي به زندگيءَ جي ان دڳ ۽ نظريي تي لاتو.

هي ڌرتيءَ تي رهندڙ بظاهر عام ماڻهن جهڙو هو پر پنهنجي ڪردار ۾ هتان جي مخلوق نه لڳندو هو، ڪا ديومالائي شخصيت هو.

عظيم انسان اندر جيڪي خوبيون هئڻ گهرجن سي سڀ جون سڀ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ ۾ هيون. انسانيت ڇا ٿيندي آهي، اجتماعيت ڇا ٿيندي آهي، قرباني ڪيئن ڏبي آهي، بهادري ڇا ٿيندي آهي، ڄام ساقي انهن وصفن جو جڙيل هڪ شخص هو ۽ انهن وصفن جي تشريح هو.

هو ماڻهن سان رنگ، نسل، ذات ۽ مذهب کان مٿانهون ٿي محبت ڪندو هو. هو بحيثيت انسان سڀني ي تعظيم ڏيندو هو ۽ سڀني سان ملندي سندن ڳلي تي چمي ڏيندو هو. هو پنهنجن مخالفن سان به بحيثيت انسان پيار ۽ قدر ڪندو هو.

ڪامريڊ ڄام ساقيءَ تي جيڪي اهلڪار ٽارچر سيل ۾ تشدد ڪندا هئا تن سان به نفرت نه ڪندو هو، اڃا به سندن مسئلا معلوم ڪندو هو ته جيئن انهن جي حل لاءِ جدوجهد ڪري سگهجي. جڏهن اهلڪار سندن اهڙي ورتاءُ تي اچرج ۾ پئجي ويندا هئا ته هي کين سمجهائيندو هو ته اوهان جي مون سان ڪا ذاتي دشمني ناهي، اوهان ته پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪري رهيا آهيو ۽ اوهان ان لاءِ مجبور آهيو.

ڄام ساقيءَ تي جڏهن فوجي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو هو ته ڪامريڊ کين دلجاءِ ڏني هئي ته هُو پيشيءَ وقت عدالت کي اوهان جا مسئلا ٻڌائيندو.

اهو ڪامريڊ ڄام ساقي ئي هو جنهن مخالف سياسي جماعتن جي جلسن ۾ به شريڪ ٿيڻ جي روايت وڌي ۽ مخالف جماعتن سان به پير کڻڻ شروع ڪيو.

اهڙي جرئتمند سياسي روايت اهو ماڻهو ئي پيدا ڪرڻ جي همت ساري سگهي ٿو جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ ”نظرياتي ماڻهو“ هوندو جيڪو نظرياتي طور لڪير جو فقير نه هوندو ۽ جنهن کي پاڻ تي اعتماد هوندو.

ڄام ساقي کي خبر هوندي هئي ته انقلابي ۽ نظرياتي ماحول ڪيئن ٺاهبو آهي ۽ اها سندس ڪرشماتي سحر انگيز شخصيت ئي هئي جنهن کي ڏسندي هزارين ماڻهو پنهنجيون جماعتون ڇڏي ساڻس سلهاڙجي ويا.

هو پنهنجي وجود ۾ آدرشي به هو، انقلابي به هو، بهادر به هو، امن پسند به هو، اديب به هو، سياسي اڳواڻ به هو ته ڪارڪن به هو، هڪ ئي وقت اڳواڻ ۽ ڪارڪن ٿيڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي.

اسان لاءِ اها اطمينان جي ڳالهه آهي ته ڪامريڊ ڄام ساقيءَ پنهنجي ٺهيل سياسي تاريخ پنهنجي اکين سان ڏٺي.

هن سياسي اڳواڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪا محبت ۽ عزت ماڻي سا حقيقي هئي ۽ اها حقيقي محبت ۽ عزت هر ڪنهن جي نصيب ۾ ناهي هوندي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي جنم تي اخبار ايڊيشن ڏٺا ۽ عوامي سطح تي پنهنجا جنم ڏينهن ملهائيندي ڏٺا.

مان به انهن خوشنصيب ماڻهن مان هڪ آهيان جن سندن زندگيءَ ۾ سندن شخصيت ۽ جدوجهد تي لکيو جن کي ڄام ساقيءَ ڏٺو، پڙهيو ۽ فون ڪري شڪريو به ادا ڪيو.

ڪامريڊ پنهنجي متعلق منهنجي ان لکيل هيڊنگ تي سرهائي جو اظهار ڪيو هو ته ”شينهن جوان هجي يا پوڙهو، شينهن شينهن ئي هوندو آهي“.

سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي بهادر شخص جي مرتئي تي اسان کي سوڳ نٿو جڳائي، ڇاڪاڻ ته هن سڄي ڄمار پنهنجن ڏکن کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جو نه رڳو درس پئي ڏنو هو پر عملي طور ايئن ڪري به ڏيکاريو هو.


ڪامريڊ ڄام ساقي سان ٿيل يادگار ملاقات

مهوش عباسي

ڄام ساقي هڪ انقلاب، شعور ۽ آدرش جو نالو آهي، ڪامريڊ ڄام ساقي پنهنجي سموري ڄمار مظلوم قومن، طبقن، هارين ۽ پورهيتن جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ارپي ڇڏي. ڪامريڊ ڄام ساقي جو والد محمد سچل جھنجھي به هڪ آدرشي انسان هو، هن پنهنجي علائقي ۾ تعليم لاءِ جاکوڙيو، پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏياري، هڪ آدرشي شخص جو پٽ به هڪ آدرشي انسان ٿيو، ڪامريڊ ڄام ساقي سڄي علائقي جي ٻارڙن کي پاڻ وٽ رهائي تعليم ڏيندو هو.

ننڍپڻ کان ئي ادب سان به وابسته رهيو. سندس پهرين ڪهاڻي ٽنڊي محمد خان مان نڪرندڙ ٻارن جي ڪتابي سلسلي ’گلشن ادب‘ ۾ ڇپي. ڄام ساقيءَ جا ۷ ڪتاب شايع ٿيا.  ڄام ساقيءَ سياسي سرگرمين جي شروعات هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ۱۹۶۱ع ۾ ڪئي. هيءُ پهريون ڀيرو ڪاليج واري زماني ۾ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڪامريد جي جدوجهد ۽ جاکوڙ تمام وڏي آهي ان سلسلي ۾ مان هڪ ڀيري ڪامريڊ ڄام ساقي سان ملاقات به ڪئي ۽ ان ڳالهه ٻولهه دوران هن مون سان جيڪي ڳالهيون ڪيون ۽ مون جهڙي طرح ڪامريڊ جي شخصيت کي ڏٺو اهو آءُ لکڻ کان بنا رهي نه ٿي سگھان ۽ اها ملاقات ڪامريڊ جي چاهيندڙن تائين پهچائڻ پنهنجو فرض سمجھان ٿي.

ڪامريڊ هڪ خوش طبعيت انسان هو، چار سال اڳ سندس گھر پهچي مان ساڻس ملاقات ڪئي ان دوران هو شام جي واڪ تي ويل هو، ايتري وقت ۾ ڪامريڊ جي جيون ساٿياڻي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اندازو ٿيو ته ڪامريڊ جيڪي اصول پنهنجي سياست ۾ رکيا اهي ئي اصول ۽ اها ئي عظيم سوچ سندس گھر ۾ به هئي. واڪ تان واپس اچي ڪامريڊ مون سان مليو سندس چوڻ هو ته  طبعيت ساٿ ڏئي ها ته اڄ به سياست ۾ هجان ها، پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ غريب طبقي لاءِ وسيلا نه رهيا آهن ۽ آءُ هڪ سادگي پسند شخص آهيان، امير طبقي لاءِ آءُ قابل قبول ناهيان پوءِ به ڪوشش آهي ته حياتي جي خاتمي تائين ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪندو رهان، ان ڪري مختلف پروگرامن ۾ ويندو رهندو آهيان مون جهڙي شخص کان هڪ جاءِ تي ويهي سنڌ جي اها صورتحال نه ٿي ڏسجي. ڪامريڊ ڄام ساقي جا اهي لفظ يقينن بيحد وزن وارا هئا ۽ هو پنهنجي ان قول تي قائم به رهيو، ٻالڪپڻ کان ويندي جواني ۽ پوءِ زندگي جي آخري لمحي تائين سندس جاکوڙ جاري ۽ ساري رهي. ڪامريڊ جا اهي لفظ اڄ به مون کي چٽي طرح ياد آهن، سندس چوڻ هو ته سڄي زندگي ريلن ۽ جيلن ۾ گذاري آهي، اڄ صحت ساٿ نه ٿي ڏئي نه ته اڄ به ڪنهن لاءِ حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪرڻ تي وقت جا يزيد مون کي ڪنهن جيل جي حوالي ڪرڻ ۾ دير نه ڪن ها. ڪامريڊ جي خوش طبعيت ۾ اها به ڳالهه شامل هئي ته هو اڪثر وقت پنهنجي دوستن ۽ پٽن سان به دوست وانگر ڪچهري ڪندو هو جنهن دوران هو کين پنهنجا تجربا ۽ زندگي جا اصول به سمجهائيندو هو، ڪامريڊ اڪثر فرصت جي لمحن ۾ ڪتاب ۽ اخبار پڙهندو هو، جيڪا عادت هن هميشه قائم رکي.

ڳالهه ٻولهه ڪندي ڄام ساقي جو چوڻ هو ته هو پنهنجي سياسي سفر کان مطمئن آهي، سندس سياسي سفر سجايو ويو، منهنجي جدوجهد دوران ون يونٽ ٽٽو، سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ٺهيون، مادري ٻولي ۾ ايم اي ڪرڻ جي اجازت ملي، نوجوان ۽ ٻين ماڻهن جا ذهن سنڌ جي جاکوڙ ۽ عوام جي جائز حقن لاءِ تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسين، اهڙين جاکوڙن ۾ جيل پڻ ڪاٽيا پر ان ڳالهه تي افسوس ناهي ڇو ته اسان کان ڊڄي اسان کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو ان باوجود به پنهنجي جاکوڙ نه روڪي. ڪامريڊ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس ٻي زندگي ملي ته هو ان ۾ به سياست ڪرڻ پسند ڪندو ڇو ته کيس لڳي ٿو سياست ۾ رهي هو سنڌ لاءِ گھڻو ڪجهھ ڪري سگھي ٿو ۽ سنڌ سان سندس عشق هر جنم ۾ اهڙو ئي هوندو. موجوده سياست جي حوالي سان پنهنجا ويچار ونڊيندي ڪامريڊ چيو ته موجوده سياست مطلب واري سياست آهي، اڳ جي سياست عوام جي سياست هوندي هئي، مجموعي طور ماضي واري سياست بهتر هئي پر ماضي ۾ به ڪجھه ماڻهن پنهنجي مفادن ۽ مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ سياست ڪئي، ڪجھ ماڻهن مشهور ٿيڻ لاءِ سياست ڪئي ته وري ڪجهھ دوستن انسان ذات جي ڀلائي لاي سياسي جاکوڙ ڪئي. ڪامريڊ سنڌ جي قومپرست سياست بابت چيو ته اها سياست به مختلف مقصد ماڻڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي، سائين جي ايم سيد اهڙو واحد انسان هو جنهن حقيقي طرح سنڌ لاءِ سياست ڪئي، ماضي ۾ سياست جو استعمال نوجوانن جي بهتري لاءِ ٿيندو هو پر افسوس آهي جو اڄ سياست لاءِ نوجوانن کي استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ نوجوان ڪامريڊ لفظ جي حقيقي مطلب ۽ فرضن کان به واقف ناهن.

جيلُن ۾ گذاريل وقت بابت ڪامريڊ جو چوڻ هو ته آءُ فوجي ڪيمپينن ۽ پوليس جي ٿاڻن ۾ باندي بڻيس، فوجي ڪيمپينن ۾ سخت ٽارچر ڪيو ويندو هو ان جي ڀيٽ ۾ پوليس گھٽ تشدد ڪندي هئي، هميشه اهو ئي چيو ويندو هو ته قومپرستي واري سياست نه ڪيو. جڏهن مون کي پهريون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو تنهن وقت ۳ نوجوانن مون تي ٽارچر ڪيو، ڪيترا ئي ڦٽڪا هنيا ويا آءُ بلڪل پريشان نه ٿيس پر اهي نوجوان ٿڪجي ويا. ڪامريڊ چيو ته سياسي سفر ۾ کيس ڪيترائي ڀيرا آڇون ٿيون پر مون ڪڏهن به پنهنجي سياست جو سودو نه ڪيو، ۱۹۶۸ع واري زماني ۾ جڏهن جنرل ايوب خان جو دور هو، مون کي آڇ ڪئي وئي ته آءُ ڪميشن جو امتحان ڏيان مون کي پاس ڪرائي هڪ سال ۾ ڪمشنر ۽ پوءِ سيڪريٽري جو عهدو ڏنو ويندو پر مون اها به آڇ نه قبولي. ڄام صادق علي جڏهن وڏو وزير هو تڏهن به مون کي ڪيتريون ئي آڇون ڪيون ويون پر مون ڪا به قبول نه ڪئي. سياسي سفر ۾ دوستن بابت ڪامريڊ وراڻيو ته سياسي سفر ۾ انيڪ دوست مليا جن مان ڪيترن ئي سياست ڇڏي ۽ ڪن کي حالتن گمنام ڪري ڇڏيو، ڪامريڊ پنهنجن دوستن کي ياد ڪندي چيو ته پروفيسر جمال نقوي به سٺو دوست هو جيڪو هاڻي سوشلزم تان هٿ کڻي ويو آهي، مير ٿيٻو به دوست آهي جنهن هاڻي وڃي آمريڪا جا وڻ وسايا آهن.

ڪامريڊ مون سان سياسي سفر جا دلچسپ واقعا به ونڊيا، سندس چوڻ هو ته جنهن وقت محترمه بينظير ڀٽو دبئي هئي ته ان محترمه کي اي ميل ڪئي هئي ته پاڪستان جو مسئلو بلوچستان واري مسئلي جي حل کانسواءِ حل ڪون ٿيندو ان لاءِ جڏهن محترمه پاڪستان واپس آئي ته هن اچڻ شرط تاج حيدر کي چيو ته ڄام ساقي سان رابطو ڪيو ۽ ملو هو جيئن چئي سندس هدايت تي هلو. ڪامريڊ اهو به ڏسيو ته سائين جي ايم سيد سان سندس اختلاف به ٿيندا هيا پر جي ايم سيد سندس آخري ڏينهن دوران هڪ انٽرويو ۾ چيو ته سندس پسنديده شخصيتن مان هڪ ڄام ساقي آهي جنهن تي کيس خوشي ٿي هئي. پنهنجي پسنديده شخصيتن بابت ڪامريڊ جو چوڻ هو ته سندس پسنديده شخصيتون، مهاتما گانڌي، ڪارل مارڪس ۽ ڀڳت سنگهھ آهن. انهن انسان ذات لاءِ ڪم ڪيو جنهن سبب هو انهن کان متاثر آهي.

زندگي جي يادگار واقعن ۾ ڄام ساقي جو ۱۹۹۱ع ۾ انساني حقن لاءِ ڪمون شهيد کان ڪراچي تائين پيرين پنڌ لانگ مارچ هو، ڪامريڊ موجب اهو مارچ ۳۳ ڏينهن جاري رهيو جنهن ۾ نورالهدا شاهه به شامل ٿي هئي ۽ ان ۾ مطالبا امن ۽ انسانن جا بنيادي حق هئا. مارچ ۾ اسان اهو به چيو ته ڌاڙيل پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪن جنهن بعد ڌاڙيلن مون کي دعوت به ڏني ۽ چيو ته هو هٿيار کڻڻ تي مجبور آهن هٿيار ڦٽا ڪندا ته وڏيرا اسان کي مارائي ڇڏيندا. پنهنجي سيڪيولر هجڻ تي ڄام ساقيءَ چيو ته ان لانگ مارچ ۾ سنڌي ادبي سنگت وارن شاه جو رسالو ڏنو، ڊاڪٽر خالد محمود سومري قرآن پاڪ ڏنو، ڪوٽڙي ۾ هندو پنچائت طرفان گيتا مليو، خواجه فريد جو رسالو، مولانا رومي جو ڪتاب ۽ عيسائي برادري بائيبل به ڏنو. لانگ مارچ دوران ماڻهن پاران مليل محبتون ڪڏهن به وسري نه سگهنديون.

آخر ۾ جڏهن منهنجي وڃڻ جو وقت آيو ته ڪامريڊ سان اڄ جي نوجوان سياست بابت ڳالهائڻ کان رڪي نه سگھيس جنهن تي ڪامريڊ چيو ته تعليمي ادارن تي نوجوانن جي سياست تي پابندي وجھڻ غلط آهي، شاگرد تنظيمن کي بحال ڪرڻ گھرجي تعليمي ادارن مان سٺا سياستدان پيدا ٿي سگھن ٿا.

ڪامريڊ جو پيغام سندس سوچ ۽ فڪر هميشه اسان سان رهندو، ڀلي هو اڄ جسماني طور اسان کان الڳ آهي پر سندس سوچ هميشه اسان ۾ موجود رهندي. ڪامريڊ پنهنجي دور ۾ پنهنجي حساب سان سڄي سماج ۾ جوت کي جڳايو. اهڙي باهه ڀڙڪائي جنهن ۾ آزادي ۽ انقلاب جا هزارين لکين پروانا جَلي جَلي اُجالا ڪندا رهيا. سندس وڇوڙي سان هڪ جدوجهد ڪندڙ تاريخ جي پڄاڻي ٿي آهي، ڪامريڊ کي تاريخ هميشه ياد رکندي.


ڪامريڊ ڄام ساقي

جدوجهد جي علامت

علي مراد چانڊيو

ناليواري سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڄام ساقيءَ جو پورو نالو محمد ڄام ولد محمد سچل جنجهي آهي. هن ۳۱ آڪٽوبر ۱۹۴۴ع تي ڳوٺ جنجهيءَ، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ۱۹۵۳ع ۾ ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ ۱۹۶۳ع ۾ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ڇاڇري مان، انٽر ۱۹۶۴ع ۾ ۽ بي اي ۱۹۶۷ع ۾ سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد ايم اي (سياسيات) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڄام ساقي سياسي سرگرمين جي شروعات هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ۱۹۶۱ع ۾ ڪئي، جنهن دوران هن صحي مهم شروع ڪري مطالبو ڪيو ته هر ٻار کي سندس مادري زبان ۾ تعليم ڏني وڃي. سنڌ ۾ ۴ مارچ واري تحريڪ جو آغاز ٿيو، جنهن ۾ هن  حصو ورتو، ۵ مارچ ۱۹۶۷ع ۾ پهريون ڀيرو گرفتار ڪري کيس نارا جيل اماڻيو ويو. ۱۳ مارچ ۱۹۶۸ع پهرين شادي سندس سئوٽ سکان سان ٿي، ۲۸ مارچ ۱۹۶۸ع کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿس ون يونٽ ۽ ايوبي آمريت خلاف تحريڪ هلائڻ جو الزام هنيو ويو، کيس ۵ مهينن کانپوءِ آزاد ڪيو ويو، جنهن بعد هن ظلم خلاف آواز اٿارڻ جو وچن ورجايو ۽ پنهنجي سوچ جي جدوجهد ۽ ترقي پسند دوستن سان گڏ سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو بنياد وڌو، جنهن جو هو پهريون صدر به رهيو.

۸ نومبر ۱۹۶۸ع ۾ کيس لاهور جي شاهي قلعي ۾ قيد ڪيو ويو، جنهن دوران کيس سخت اذيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، حيدر بخش جتوئي جي جلسن ۽ ترقي پسند سياسي اڳواڻن جي مداخلت سبب ايوب شاهي اهي حڪم روڪي ڇڏيا ۽ فيبروري ۱۹۶۹ع تي کيس آزاد ڪيو ويو. کيس اپريل ۱۹۶۹ع ۾ چوٿون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو، ان وقت سندس مٿان ون يونٽ خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جا الزام مڙهي کيس مڇ جيل اماڻيو ويو. حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ ڄام ساقي بنگال ۾ ٿيل فوجي آپريشن ۾ بنگالين جي قتل عام خلاف بيان جاري ڪيو، جيڪو بي بي سي، ريڊيو آل انڊيا ۽ ٻين عالمي نشرياتي ادارن تان نشر ٿيو، جنهن بعد کيس سخت حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو ۽ ڪيترائي سال فوجي ۽ سول قانون وٽ ملزم قرار رهيو. جنهن دوران هيءُ ڪڏهن روپوشي، ڪڏهن گرفتاري، ڪڏهن عدالتن، ڪورٽ مارشلن ۽ جيلن جي عتاب هيٺ رهيو. سندس روپوشيءَ دوران سمري ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ ٻين الزامن هيٺ مٿس سمري ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي کيس هڪ سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. ۱۰ جنوري ۱۹۷۲ع تي روپوشي ختم ڪري نيشنل عوامي پارٽي ’نعپ‘ جي مرڪزي اڳواڻن سيد باقر شاهه ۽ غلام محمد لغاريءَ جي پريس ڪانفرنس ۾ ظاهر ٿيو. ان بعد هن سنڌ جو دورو شروع ڪيو، جنهن دوران کيس سکر مان گرفتار ڪري حيدرآباد سٽي ٿاڻي تي آندو ويو، جتي هن ڏهه پندرهن ڏينهن بک هڙتال ڪئي. پوءِ کيس ۱۵ فبروريءَ تي جيل موڪليو ويو، جتي پڻ هن بک هڙتال شروع ڪئي، جيڪا ٻن هفتن کانپوءِ ”نعپ“ اڳواڻن جي چوڻ تي ختم ڪيائين. سندس ملاقات تي ڳچ عرصي تائين پابندي رهي. جيل ۾ قيدين کي پڙهائڻ ۽ جيل جي فيڪٽريءَ ۾ پورهيو ڪرڻ سبب سندس سزا گهٽ ٿي ۽ کيس پهرين نومبر ۱۹۷۲ع تي آزاد ڪيو ويو. آزاديءَ واري ڏينهن فيض محمد قصور گرديزيءَ سان بلوچستان ويو، جتي تنهن وقت نعپ جي حڪومت هئي ۽ ولي خان، ذوالفقار علي ڀُٽي سان ڳالهايو به هو ته کيس گرفتار نه ڪيو وڃي پر تنهن باوجود مختلف وقتن تي کيس گرفتار ڪري اذيتون ڏيڻ وارو سلسلو جاري رهيو. هڪ ڀيرو جڏهن کيس ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو ته ان کانپوءِ پي آءِ اي جو جهاز اغوا ڪيو ويو ۽ اغوا ڪندڙن ڄام ساقي ۽ ان جي ساٿين کي آزاد ڪري پرڏيهه موڪلڻ جو مطالبو ڪيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ملڪ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. سندس جدوجهد دوران ڪامريڊ ڄام ساقي بابت ڦهلايل ڳالهين کانپوءِ ۲۱ جنوري ۱۹۷۹ع تي سندس وني سکان کوهه اندر ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو. سکان مان کيس سجاد ظهير ۽ بختاور جو اولاد هو.

۱۰ ڊسمبر ۱۹۸۶ع تي آزادي ملڻ جي هڪ سال کانپوءِ ڪامريڊ ڄام ساقي رڪن الدين قاسمي جي ڌيءُ اختر بيگم سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ۴ ٻار ٿيا.  ۱۹۹۱ع سجاد ظهير کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن دوران هو سوويت يونين جي دوري تي هو، سجاد ظهير ۽ ٻين جي اغوا خلاف سندس هم خيال ساٿين سخت احتجاج ڪيو،  جنهن تي ڌاڙيلن سجاد ظهير ۽ سندس ساٿين کي آزاد ڪيو. هن تي ۷۳-۱۹۷۲ع ۾ بغاوت جو ڪيس مڙهيو ويو. جنهن دؤران هن ماهوار ٽي اخبارون جاري ڪيون، جن ۾ سنڌ مان ’هلچل‘ (سنڌيءَ ۾) ۽ ’سرخ پرچم‘ (اردو ۾) ۽ بلوچستان مان ’جدوجهد‘ (اردو) شامل هيون. انهن مان ٻه اخبارون: ’سرخ پرچم‘، ’جدوجهد‘ ۱۹۸۰ع تائين جاري رهيون، جن جو پاڻ ايڊيٽر هو. جڏهن ته هلچل اڃا تائين نڪرندڙ آهي. فوج ۽ پوليس ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو ۽ ۱۹۸۶ع تائين کيس مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. جنهن کانپوءِ حيدرآباد سينٽرل جيل مان بيماريءَ جي حالت ۾ ڪڍي جناح اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪرڻ بعد کيس آزاد ڪيو ويو. هيءُ سنڌ ۾ ڪميونسٽ اڳواڻ طور اڀريو. ۱۹۸۸ع ۾ سوئيڊن سان تعلق رکندڙ سندس هم خيال ساٿين هن کي جرمني، بلغاريا، چيڪوسلواڪيا، سوئيڊن ۽ سوويت يونين وغيره جا دورا ڪرايا. ڄام ساقي ڪميونسٽ سياست کان اڳ ۽ پوءِ واري عرصي ۾ روزگار کي به وقت ڏنو. ۱۹۶۴ع ڌاري هو واپڊا ۾ ڪجهه عرصو ڪلارڪ رهيو، پر سياست سان گهڻي چاهه سبب هن اها نوڪري ڇڏي ڏني. ۹۹- ۱۹۹۸ع ۾ هيءُ اسٽيٽ لائيف ۾ سيلز آفيسر ۽ هڪ غير ملڪي ڪيميائي ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر به رهيو. ڄام ساقي ننڍپڻ کان ئي ادب سان به وابسطا رهيو. سندس پهرين ڪهاڻي ٽنڊي محمد خان مان نڪرندڙ ٻارن جي ڪتابي سلسلي ”گلشن ادب“ ۾ ڇپي. ان بعد مختلف وقتن تي سندس ۷ ڪتاب شايع ٿيا. جن ۾: ’کاهوڙي کجن‘ (ناوليٽ: ۱۹۷۲ع)، ’سنڌ جي شاگرد تحريڪ‘ (۱۹۷۳ع، جيڪو ٻيو ڀيرو ’سنڌ جي شاگرد جدوجهد‘ جي نالي سان پڻ ڇپيو)، ’مظلوم قومن جو مستقبل‘ (انٽرويو)، ’چکين جي چيت ڪري‘ (مضمون: ۷۴-۱۹۷۳ع)، ’ضمير ڪي قيدي‘ (اردو: ۸۷-۱۹۸۶ع)، ’ضمير جا قيدي‘ (سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو) شامل آهن.

ڄام ساقيءَ جون سياسي وابستگيون ۽ همدرديون مختلف پارٽين سان رهيون، جن ۾: جون ۱۹۶۴ع کان ۱۹۹۱ع تائين ڪميونسٽ پارٽي؛ ۱۹۶۸ع کان پيپلز پارٽي؛ ۱۹۷۰ع کان نيشنل عوامي پارٽي (پارٽيءَ تي پابندي مڙهجڻ تائين) شامل آهن. سوويت يونين ٽٽڻ کان ڪجهه سال پوءِ هو (۱۹۹۴ع) پيپلز پارٽيءَ جو باقاعده ميمبر ٿيو ۽ جولاءِ ۱۹۹۴ع کان نومبر ۱۹۹۶ع تائين سنڌ جي وڏي وزير عبدالله شاهه جو جبري پورهئي مامرن بابت صلاحڪار پڻ رهيو. هو پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽيءَ (پيمرا) جو (اپريل ۲۰۱۰ع) کان ميمبر به رهيو ۽ آخري وقت ۾ پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جو ميمبر هو. کاٻي ڌر جو سياسي اڳواڻ سندس سڃاڻپ بڻجي وئي. سندس وڇوڙي سان هڪ جدوجهد ڪندڙ تاريخ جي پڄاڻي ٿي آهي.


 

مارئي ۽ ڄام ساقي روز روز پيدا ناهن ٿيندا!

حسن مجتبيٰ

ننڍپڻ ۾ هو پنهنجي امڙ سان گڏ جابلو علائقن ۽ ان مٿان ٿيندڙ ٿوري گهڻي ساوڪ يا قدرتي ڀاڄين ۾ ٻڪريون چارڻ ويندو هو ۽ شام جو ماءُ ۽ ٻڪرين جي ڪڍ پوندڙ آواره ڪتن کي ڊوڙائڻ جو ڪم به ڪندو هو. ڪيترن ئي سالن کانپوءِ هُن مونکي چيو ته، هو هينئر به سڄي ڄمار مالڪ جي خلق ۽ انهن جي محنت تي حاوي ٿيندڙ جانورن کي ڊوڙائيندو رهيو آهي. هي ڄام ساقي هو.

سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڇاڇرو ويجهو ننڍي ڳوٺ جنجهي ۾ علائقي جي مقامي سر سيد، پرائمري استاد محمد سچل جي گهر ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جنهن جو نالو محمد ڄام رکيو ويو هو. پاڪستان جو پنهنجي دور ۾ جڳ مشهور گڏيل ۽ مشهور طالبِ علم ليڊر، جنهن پنهنجي جواني جو وڏو حصو يا ته جيلن، اذيت گهرن ۾ گذاريو يا روپوشي جي حالت ۾ گذاريو، جنهن ۾ هو پنهنجي اصطلاح ۾ ”يو جي“ (انڊر گرائونڊ) يا زير زمين چوندا آهن. اهڙي زيرِ زمين سياست جنهن جي سڀني کي ڄاڻ هجي. سواءِ سندس عام ساٿين جي. خفيه ماڻهو خفيه ماڻهن پويان لڳندا رهندا آهن. ڪميونسٽ پارٽي اهڙو ڪمبل هئي، جنهن کي هي خرقه پوش درويش صفت انسان ڪڏهوڪو ڇڏي چڪو پر اهو ڪمبل کيس مرڻ کانپوءِ به نٿو ڇڏي. جڏهن مونسان سندس آخري ملاقات ٿي ته هو ڪميونسٽ مان صوفي ٿي چڪو هو ۽ کيس معجزن ۽ پيشگوئين تي يقين ٿيڻ لڳو هو. هُن مونکي ٻڌايو هو ته ننڍپڻ ۾ جڏهن ڳوٺ ۾ ڪنهن جو ڍور ڍڳو لاپتا ٿي ويندو هو ته هو کائنس ان باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪرڻ ايندا هئا. بقول هن جي ته هو کين ٻڌائيندو هو ته سندن ڍور ڍڳو فلاڻي ٽلي پويان يا ڪنهن جي ڳوٺ ۾ آهي. مالڪن کي اهو لاپتا ٿيل جانور ملي ويندو هو. پوءِ عمر سان گڏ سندس پيشگوئين جون صلاحيتون وڌنديون ويون ۽ هو ملڪي سياست ۾ ٿيندڙ واقعن يا ماڻهن سان لاڳاپيل پيشگوئيون ڪرڻ جي صلاحيت به رکڻ لڳو. مون سندس جهڙو سياسي تجزيي نگار اڄ تائين نه ڏٺو نه ٻڌو. ڄام جو پرائمري ٽيچر والد محمد سچل جيڪو پنهنجي علائقي سميت ٿر ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن تائين ماڻهن ۾ ”سائين سچل“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو ۽ ڄام جي والده جي تربيت هُن کي ڄمندي ئي ڄام بڻائي ڇڏيو هو. مطلب ته انتهائي ذهين ۽ ملنسار، محبت ڪندڙ انسان، ايترو عوام دوست ۽ انسان دوست ماڻهو شايد ئي ڪنهن ڏٺو هجي. هو هر هڪ سان اهڙي پيار سان ملندو هو، جيئن پنهنجي ساٿي پنهون مڱڻهار سان. اڪثر بس ڪنڊيڪٽر ۽ چانهه وارا کانئس پئسا نه وٺندا هئا. شريف پوليس وارا کيس گرفتار نه ڪندا هئا ۽ ڌاڙيل سندس اغوا ٿيل پٽ کي بنا ڪنهن ڀُنگ عيوض ڇڏي ڏيندا هئا، جيڪي پنهنجي پيءُ کي به نه ڇڏين. اهو صرف اڳوڻي وزيراعليٰ ارباب رحيم جو دور هو جو سندس گهرواريءَ کي گرفتار ڪيو ويو هو. ارباب رحيم جنهن سان گڏ هو هڪ ڀيرو تبليغي دوري تي به ويو هو. فوجي سپاهي ۽ ڪجهه آفيسر به سندس احترام ڪندا هئا. هو چوندو هو ته هو سڀ هارين، مزدورن ۽ سندس جيان استادن جو اولاد آهن.

ضياءُ آمريت جي دور ۾ هُن ۽ سندس ساٿين خلاف هڪ مقدمو بغاوت جي ٻڌڻي ڪندڙ خاص ٽربيونل جي هڪ ميمبر ميجر افتخار جليس جيڪو هڪ مشهور صحافي ۽ اديب ابراهيم جليس جو پٽ هو کي ڄام چيو هو ته ان حوالي سان ”اسان سڀ ڪامريڊ تنهنجا چاچا ٿياسين“ ميجر افتخار جليس هاڻي آمريڪا ۾ هوندو آهي. ان مقدمي ۾ ڄام ساقي ۽ ٻين جوابدارن جي صفائي ۾ گواهي ڏيڻ لاءِ ايندڙن ۾ بينظير ڀٽو، خان عبدالولي خان، مير غوث بخش بزنجو، جميعت علماءِ اسلام جو مولانا شاهه محمود امروٽي، معراج محمد خان، فهميده رياض، مشهور صحافي ۽ استاد صحافت شيخ عزيز، اُن وقت جو سينيٽر شيخ علي محمد شامل هئا. ڄام پاران گواهن واري لسٽ ۾ شايد مهتاب راشدي جو نالو به هو. ڄام ساقي جي پنهنجي صفائي وارن گواهن ۾ شريف الدين پيرزاده، اي ڪي بروهي ته هئا پر آمر ضياءُ الحق جو پنهنجو نالو به شامل هو. ته جوابدار مٿس جرح ڪرڻ چاهين پيا ته ”آخر نظريه پاڪستان جي اصل تعريف ڇا آهي؟ بغاوت حقيقت ۾ ڪنهن ڪئي آهي؟ هي جيڪي سندن مٿان الزام هئا ته مختلف طبقن وچ ۾ نفرت پکيڙڻ ۽ فورس لاءِ نفرت وڌائڻ، اهي ڄام ساقي ۽ سندس ساٿي پکيڙي رهيا هئا يا ضياءُ الحق ۽ سندس ساٿي؟ جڏهن پي آءِ اي جو جهاز اغوا ٿيو ته يرغمال بڻايل مسافرن کي آزاد ڪرڻ عيوض اغوا ڪندڙن جن سياسي قيدين جي آزادي جي گهر ڪئي ۽ کين دمشق آڻڻ جو مطالبو ڪيو ان ۾ ڄام ساقي ۽ سندس ساٿين جو نالو به شامل هو. جيل اختيارين کيس زبردستي آزاد ڪري شام موڪلڻ چاهيو پر ڄام ۽ سندس ساٿين سختيءَ سان ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. تشدد جي باوجود به هُنن آزادي کان انڪار ڪيو. هُنن چيو ته ”شام وڃڻ جي ضرورت اسان کي ناهي، آمر ضياءُ الحق کي موڪليو وڃي ته ملڪ کي آمريت مان ڇوٽڪارو ملي ويندو.“ ۱۹۷۵ع ۾ جڏهن ڀٽو حڪومت ولي خان جي نيشنل عوامي پارٽي تي پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس موڪليو ته ڄام ساقي ان پارٽي جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر هو. ريفرنس جي جوابي تحريري بيانن ۾ نيپ جي مرڪزي عهديدارن جي حيثيت ۾ پنهنجي بيان ۾ ڄام هڪ جاءِ تي چيو هو ته ”آئون پنج هزار سالن کان سنڌي، ۱۴ سئو سالن کان مسلمان ۽ اٺاويهن سالن کان پاڪستاني آهيان.“

سندس والد سائين سچل پنهنجي علائقي جو هڪ طريقي سان سر سيد هو جنهن جي غربت باوجود سندس ڪوششن سان علائقي ۾ هاءِ اسڪول ۽ نياڻين ۾ تعليم لاءِ اسڪول بڻايا ويا. هو پنهنجي پگهار مان غريب ٻارڙن ۾ سڄي عمر ڪاپيون، ڪتاب، پين، پينسلون مفت ورهائيندو هو. ڄام جڏهن هاءِ اسڪول ڇاڇرو ۾ پهتو ته اُتي مباحثن جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ لڳو. تقرير جي فن سان شوق ڏسندي سندس مٿان اسڪول جي استاد عنايت الله جيڪو انسان جي آزاديءَ جو قائل هو. اِتان کان ڄام جا خيال به بدليا. پر ننڍي عمر کان وٺي کيس غريبن ۽ مسڪينن سان محبت هوندي هئي. ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ هو حيدرآباد ڪاليج پڙهڻ لاءِ آيو، جتي سٽي ڪاليج ۾ پروفيسر جمال نقوي پڙهائيندو هو. ڄام ساقي سڄي عمر پروفيسر جمال نقوي جي خيالن جي اثرن هيٺ رهيو. حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، عزيز سلام بخاري ۽ سوڀو گيانچنداڻي جي صحبت ۽ اثر ۾ به رهيو. غريبن، هارين، مزدورن جي ڳالهه ته هر سياستدان ڪندو آهي پر ڄام ساقي حقيقت ۾ غريبن، هارين ۽ مزدورن جو ليدر هو. ڇو ته هو انهن مان ئي هو. هونئن ته برصغير جي اشتراڪي سياست ۾ پنهنجي طبقي کي ڇڏي ”ڊي ڪلاس“ بڻجڻ جو به ڪلچر ڪڏهن هو. پر ڄام ته پيدائشي ”ڊي ڪلاس“ هو. هوائي چپل، کاديءَ جو لباس ۽ ڪي ٽو سگريٽ، اڪثر کيسا خالي، بلڪل سنڌ جي شاعر نياز همايونيءَ جي بقول ”عشق ۾ اسين تونگر آهيون، ڀلي ته کيسا خالي آهن.“

ڄام ساقي ۽ سندس جهڙن جو مسئلو اهو هو ته هو ان دور جي سياست ڪري رهيا هئا، جڏهن سياست بقول سندن جي ”سياست ڪيو يا هيروئن وڪڻو فائدو هڪ جهڙو آهي“ جهڙي نه ٿي هئي. ڄام نفعي ۽ نقصان کان اڳتي جو ماڻهو هو. هُن پنهنجي ڪجهه ساٿين ۽ ڪالهه جي ساٿي انقلابين جيان نه ڪيو، جن انقلاب ۽ ترقي جي نالي تي صرف بنگلا بڻايا.

ڄام ساقي جي موت سان هڪ ڪهاڻي پنهنجي اختتام تائين پهتي. هو هڪ ديومالائي ۽ حقيقي انقلابي ڪردار جي عڪاسي هو. هُن هر دور جي حاڪم اڳيان حق جو ڪلمو پڙهيو، پوءِ اهي فوجي آمر هئا، ڀٽو جهڙا سول ايڊمنسٽريٽر. سنڌ جي صحرا ۾ جنم وٺندڙ هي جبلن جهڙو مضبوط ماڻهو به مري ويو. منهنجو سدا لاءِ دوست ”ڪڏهن نه“ ۾ بدلجندو. بس هو ايئن آيو جيئن اڃايل ٿر جي زمين تي سارنگ ايندو آهي. هر هنڌ وُٺو، ذهنن ۽ دلين جي خشڪ تلائن کي سيراب ڪيو، ملڪ کي پنهنجي سوچ ۽ جدوجهد سان امير ڪري ويو. مونکي ان سان ڪا غرض ناهي ته هو ڪميونسٽ هو، صوفي هو، عاشق هو، شاعر هو يا انقلابي، هو ڄام ساقي هو. هو وڏو انسان هو. هو ٿر ۽ سنڌ جي حب الوطني جي اٽل ڪردار مارئي جيان نه جهڪڻ وارو، نه وڪامجڻ وارو هو. جيڪو نيٺ زندگيءَ جي عمر بادشاهه جي قيد مان آزاد ٿي لوڪ داستانن جو حصو بڻجي ويو. مارئي ۽ ڄام ساقي روز روز پيدا ناهن ٿيندا!

 

(جنگ جي ٿورن سان)


جيسلمير جو ڀاٽي ۽ جنجھي تڙ جو ساقي

ارباب نيڪ محمد

رياض سهيل عرف ”بابُوءَ“ جي بيان ۾ هڪڙي ڳالهه واضح ناهي ٿي سگهي. جڏهن ”بابُوءَ“ جو بابو سهيل سانگي، ڄام جي تيمارداريءَ لاءِ ولايت ڏانهن اُسهيو هو، تڏهن سندس پوين (ڪامريڊن) موصوف جي شراڪتداريءَ ۾ نڪرندڙ ”پرچي“ مان سندس حق واسطن وارن پئسا ائين ڪُرٽي ڇڏيا هُئا، جيئن ”ڪاڪا دُورا ليکا پورا“... جهڙو چٽو جواب ڪنهن سيٺ لميٽيڊ ڪمپنيءَ جي شيئر هولڊر کي ڏنو هو. سهيل، ڄام جي سڳي چاچي ڪاڪي رمضان جو پٽ آهي. عرس ۽ اڪبر به ادڙا آهن، والد صاحب حال حيات آهي. جڏهن ته ڄام جو ٻيو چاچو ڪاڪو قاضي آهي، جيڪو موصوف جي اهليه محترمه ڀيڻ ”سکان“ جو بابو آهي. قاضي به حال حيات آهي. لکاني ۾ طاهر نالي وارا سندس لخت جگر ساقيءَ جا سڳا سوٽ آهن. طاهر جو ڪِڪڙو ڊاڪٽر صاحبڏنو مٺي جي ”موچارن“ ڊاڪٽرن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ”سکان“ جي المناڪ وڇوڙي تي عبدالقادر جوڻيجي ”جاني تان مانهنجو جيل ۾، هون تان ريل وٺيو جائون“ جهڙن ڊائلاگن سان ڊرامون به لکيو هو. ثاقب آريسر جي هن موضوع تي ڪهاڻي به ڇپيل آهي. سجاد ظهير، رمضان ميمڻ جو ”پُٽ ان لا“ آهي. جڏهن ته اديءَ بختاور هوسڙيءَ جي اقبال ملاح جي زوجه محترمه آهي. سندن دولت خاني تي ڪنهن صوفياڻي پروگرام ۾ شرڪت دوران ”سکان“ جو حقيقي درد بختاور جي منهن مهانڊي مان ايئن محسوس ڪيو هئم جيئن مولوي ملاح پنهنجي پيارن جي وڇوڙي کي محسوس ڪيو هو

مٺا محبوب، توکان پوءِ،

مرڻ جي هجي موڪل،

ته راڻن لاءِ راڻين جيئن،

جسم جيئري جلايان ها!

جنجهي نسلي حوالي سان ”جيسلمير“ جا راڻا آهن. سنڌ سمون، ڪڇ چنون، ڀاٽي جيسلمير چوٿون هيون جڳڌو، جنهن جو پيڙهيءَ مٿي پير پنجون ٿيو واڻيو. جنهن ساهمي ۽ سير جهڙن چئوآکڙن ۾ محفوظ ٿيل ”ڀاٽين“ جي شاخ مان ”جنجهي“ ڳڻي سگهجن ٿا. پروفيسر نور احمد جنجهي برادري جي تواريخ جو تفصيلي تذڪرو ڪتاب ”ڀلان جوڙايو ڀاٽيان، سيڙهه جيسلمير“ ۾ محفوظ ڪري چڪو آهي. ڄام ساقي لاهور ۾ ”دُلا ڀاٽي“ جي ياد ۾ ٿيل ڪانفرنس وارو ميلو به لُٽي ويو هو. ڇاڪاڻ ته وٽس راڄ برادري جي حوالي سان پيڙهين جو پوتاميل به موجود هو. ڀاٽن جيون پوٿيون به ڏٺيون هئائين ته سگهڙ حاجي الهداد، ناچيز ۽ يوسف سنڌي ڪراچيءَ مان نيرون ڪوٽ لاءِ پنڌ پيل هجون...جڏهن موصوف سنڌي ادبي سنگت جو ”ڪمانڊر انچيف“ هجي. راهه واٽ تي پتو پيو ته محترمه نصرت ڀٽُ صاحبه جن رحلت فرمائي ويون آهن. نسيم نگر چئوسول تي گاڏي مان لٿاسين ته نيڪڻ فقير جي مشوري تي وڃي سي پي جي سابق ناظم اعلى وٽ ٺڪاءُ ڪيوسين. چئون: ادا ڄام! اصفهاني خاندان سان اسان جي آليڪ ماليڪ ناهي. ڀُٽو خاندان به ”عجوبه روزگار“ بڻيل آهي. سو هٿ مٿي کڻ ته پاڪستان جي سابق خاتون اول لاءِ چار قُل پڙهون. چيائين، منهنجو انتخاب ڪرڻ تي اوهان جي ”حسين انتخاب“ تي سرهو آهيان. ڇاڪاڻ ته پندرهان سال مون به ترم ياترا ۾ ڪٽيا آهن. ڏُٻري نه پر ٿلهي متاري هاٺي ڪاٺي واري ڏيل تي ڏنڊا به جام کاڌا اٿم، بيگم نصرت جو اهو چهرو به اکين اڳيان آهي، جڏهن تخت لاهور جي قذافي اسٽيڊيم وٽ مٿس لٺن جي وارو وار ٿي هُئي ۽ هي حسين شهزادي پنهنجي خوبصورت چهري تان لار ڪري وهندڙ رت جا نشان اُگهي رهي هُئي. پوءِ سائين اچي شاهوڙ قسم جو ڪچهرڙو جو شروع ڪيائين ته سج به کٽو پر ٻج ڪو نه کٽو. ڪلام شاعر برزبان شاعر جيان اڳتي واري طويل ٿيندڙ داستان جو ”راڻو“ پاڻ آهي. وچ ۾ ڏهاڪو کن سوال به ڪيل آهن پر انٽرويو بدران آکاڻي ٻڌو: ادا، آئون سچل جي ڏاڏي جو نالو الهانو، امان مينهن ٻائي يوسف جو ڏاڏو ۽ نانو يوسف به الهاني جو سڳو ڀاءُ هو. اهي ”پنهون“ جا ۽ پنهون آهي موسي جو. اسان جي ڳوٺ جو قبرستان ”فقير موسي“ ڏانهن منسوب آهي. فقير صاحب درگاهه پير ڳوٺ تي رهندو هو. کيس تڏهوڪي پير صاحب ”ديوان مسڪين“ واري قادر الڪلام شاعر سائين حزب الله شاهه راشدي جي خلافت مليل هئي. منهنجي پير پاڳاري سان واسطيداري جي پسمنظر ۾ اهو ”مريداڻو“ تعلق پڻ آهي. اڄ به اسان جي ڳوٺ جا جنجهي رڻملاڻي نظرو، سراج ۽ عاقيل ٻورلي محمود شاهه وارن سيدن سڳورن جي لڳ لاڳاپي ۾ آهن ۽ درگاهي ڦرهات ۽ ڦوڙي به ڀيڙي ڪندا آهن. جڏهن ته مون پير سائين پاڳاري کان الاهي ڀيرا انگل ڪري پارٽي فنڊ لاءِ الاهي سارا درهم ۽ دينار پڻ ورتا آهن. ننڍپڻ ۾ ٻڪريون چاريندي ”لوڻڪي ڀٽ“ به اڪري ويندو هئس. اسان جي گناتپي سنگراسين، جيسرن ۽ ويسرن سان آهي. اهي رشتيداريون غير مسلم هئاسين تڏهن به قائم هيون، جيڪي اڄ سوڌو نڀائيندا اچون.

سلطان سوويت يونين مان ڊاڪٽر ٿي آيو آهي. آئون رڄ چڱو مڙس لڳو پيو آهيان. حقيقت اها آهي ته اها ڀونگي جنهن ۾ پاڻ ويٺا آهيون، بابي مرهيات جي پئنشن مان ٺاهي آهي. ڊاڪٽر سلطان جو گهر امان جيجان جي پئنشن مان ٺهيو آهي. الزام ته اهي آهن ته ماسڪو ۽ دهلي جون سڀئي بئنڪون ڄام جي ترقي لاءِ اي ٽيم ايم بڻيل آهن. ۱۹۷۱ع جي جنگ لڳي. طاهر سدائين ٻاهر، آئون رلي ڪلهي تي روٽي راڄ تي، سرخ انقلاب لاءِ پنڌ پيل هجان. ميڊيا تي اهي ڪوڙ ته ڄام ساقي لڇمڻ سنگهه سان گڏ هندساني فوجن جو سونهون بڻجي ڇاڇري پهتل آهي. خبر پئي ته ملٽري ۽ پئرا ملٽري فورس مقامي ”سنگتين“ جي ڏس پتي تي ڳوٺ ۾ موجود ليسن وارا هٿيار هٿ ڪيا. چار بندوقون هٿ آين، ڪاڪي ٻٻر تي ڪاهه ڪري آيا. ٻٻر حافظ ميگهه جي کڏ ۾ وڃي لڪو، پئرا ملٽري فورسز جي اڳواڻي مٺڙئي چارڻ وارو هڏيون چارڻ ڪري رهيو هو. هن در تي ٿڏا هڻڻ شروع ڪيا، ٻٻر به ٻاڙيو ويٺو هو. سڌي ڇاتي واري هنيائين، هڏيو هلاڪ ٿي ويو، سگهڙ الهداد جي اڱڻ ۾ پوري مٿي رک ڦلهيار سان راڳو ڏيئي ڇڏيائون. جيڪي بچيا سي ڇاڇري وڃي فوج کي وٺي آيا. لڇمڻ سنگهه گڏ هجي، موصوف جو خاندان ٽن پيڙهين کان ايم ايل اي منتخب ٿيندو پئي آيو، رکجي جي ڍاڻي جو رهاڪو هو. جنگ کان سال ٻه اڳ هندستان هليو ويو هو. ساڻس به ڪا ”ويڌن“ وساڻ گروپ وارن ڪئي پر جنگ دوران انتقام جي باهه ۾ ڀريل هو. الاهي سارا سنڌي هندي فوج هٿان هلاڪ ڪرايائين. چئي ٻٻر حوالي ڪريو، بابي ۽ ڪاڪي مٺن پٽڪن جا پلاند وڌا. حرام جو ڪا ڪهل اچيس. مٺن کي ته سانپڙين ۽ تلهڙين سان ماري ماري مڃ ڪري ڇڏيائين، ٻٻر ڪنهن نم تي چڙهي لڪي ويو. هيٺ لهي اچي ها ۽ هڏئي جي خون ۾ سامهين ڌر اڳيان پيش پئي ها ته اسان جا ٽي ڪونڌر ڪين ڪسجن ها. چئن ڳوٺاڻن کي کنڀي کڻي ويا. ست ڪلوميٽرن تي شادي رند جي ڳوٺ ۾ ساٺيڪي ۾ اڇلائي ڇڏيائون... اسانجي ڳوٺ ۾ جيڪا  ڦر ڦران ٿي انجو ته حساب ڪرڻ ڏکيو آهي پر مون کي ”قومي پريس“ انڊين ايجنٽ پئي لکيو. بابو مون کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو وٺي آيو، ٽيسٽ ۾ پاس ٿي ويس. جسماني ٽيسٽ جي رزلٽ آئي، جنهن ۾ لکيائون ته همراهه جو مٿو فطري ساخت سان ميچ نٿو کائي ناپاس ڪيائون. واقعي پنهنجو مٿو خراب آهي. مون پهريون ايجيٽيشن ڇاڇري ۾ مئٽرڪ دوران ڪيو هو، جنهن جو هاڻ پڇتاءُ آهي. هندستاني سيد سڳورو سائين احمد علي شاهه مسلم هاسٽل جو انچارج هو. ٻانگ صلوات تي سختي ڪندو هو پر صلواتون مون به خوب ياد ڪيون. ان استاد خلاف ڪن مها سڀائين جي اشارن تي مظاهرو ڪرايو هئم. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن پاڻ پنڌ ۾ آهيون. عبدالله شاهه جي دور واري صلاحڪاري دوران مون کي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جيڪا آفيس ڏنائون سا بئرڪن ۾ هئي، جيڪو ملڻ اچي ۽ روايتي مبارڪون ڏي ته پاڻ چئون، ابا جيلن ۾ به بئرڪن ۾ هئاسين ته، هتي به بئرڪ پلئه پئي آهي. آدم ملڪ ۽ فيض سوڍو جيسر پوٽو اسٽاف ۾ شامل هئا. سندن ڪک سائي ٿي الائي نه پر پاڻ وٽ ”يا سڃائي تيرا آسرا“ وارو مامرو آهي. تون مولبي آهين، اسان راوت سر ۽ ساهو ساند جي مولبين جا ڪيڙيل آهيون. سارنگ وارن جو پڙ نانو ديوبند جو فاضل هو. رڪن الدين قاسمي” منهنجو فادر ان لا“ ان ڪري ٿو سڏائي ڇاڪاڻ ته سندس والد ديوبند جي باني مولانا محمد قاسم نانو جو شاگرد هو. ع ق شيخ وارا گدڙي جا ”سوٽهڙ“ آهن. ڊاڪٽر سلطان جي ساهري جو والد حڪيم مولانا قادر بخش مسلمان ٿيو هو، جنهن سڀ کان اڳ ۾ ”گرهوڙي گهوٽ“ جون پيشنگوئيون ڇپرايون هيون، تون ساڄو آهين، آئون کاٻو آهيان. هاڻ ڪيئن خبر پوي ته وڌيڪ مٿو خراب ڪنهن جو آهي؟ رات ٽڪي پئه، ڊاڪٽر سلطان جي گهر واري منهنجي ڀاڀي ايندي، معئانو ڪري ٻڌائيندي ته وڌيڪ ڪل ٿڙيل ڪنهن جي آهي. محترمه نفسياتي ڊاڪٽر آهي ۽ گدو ۾ ڊيوٽي اٿس.

مولانا محمد شاهه امروٽي مهرباني ڪري بغاوت جي ڪيس ۾ محترمه، ولي خان ۽ بزنجو جيان شاهد هو. ههڙا مولوي ته خدا ڏيکاري. مولوي عبدالحق رباني، مولوي محمد اسماعيل لغاري ۽ مولوي نذير حسين جلالي جتوئي جهڙا جيڪر مولانا عبيدالله سنڌي جا پوئلڳ پيدا ٿي پون ته ”انقلاب“ جي واٽ آسان ٿي وڃي. رهيو بابي مرهيات طرفان تعليمي انقلاب وارو ڪردار ته ٻه مثال ٻڌايان ٿو. ايڪهتر جي جنگ ۾ ٽن ڪمرن تي مشتمل هاسٽل جيڪا پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺهي هُئي، ان جا دانسا، تڏا ۽ پٽيون به انڊين فوج کڻي ويئي. بابي کُڏي جي ڀيلن کان ٿلهو ٿنڀرو نم خريد ڪيو. ڊکڻ ڪرٽ سوڌو اچي حاضر ٿيو. مزوري جو وڌيڪ پئسو هو ڪونه، سوٽهڙ جي مزور هڪ پاسي ڪرٽ ۾ هٿ وڌا ته ٻئي پاسي بابي ڪرٽ ڇڪيو... ٽي ڏينهن ساندهه پورهيو ڪري هاسٽل جي ڇت وجهرايائين. مهڪي جي تڙ ۽ اسان جي ڳوٺ وچ تي ٺٺ آهي، زمين ڪاري هُئي. هاءِ اسڪول لاءِ چريون کوٽجي ويون، ٺيڪيدار راڻا رفيق تڳوسر جو رهاڪو هو. تعيلم دشمن مافيا اعتراض ڪيا. کوٽيل کڏون پوري ويا. بابي پنهنجي کاتي جي چاليهه ايڪڙ زمين اسڪول لاءِ وقف ڪئي پر حوصلو ڪين هاريائين. مونکي ٿي کُٽي کڻي وڃي پهتس ”کيتلاري“، تو وارن اربابن جي ڳوٺ. سائين عبدالصمد وارا اسان جي ڳوٺ ۾ اربابن جا ماڻهو رهيا آهن. تن به ارباب غلام رحيم کي چيو ته، ڄام جي پچر ڇڏ. غلام محمد جنجهي جماعت اسلامي جو هو پر اربابن سان پيڙهاتو واسطو هئس، هُن به ”پارت“ ڪئي  پر ادا نهڙئي هڪڙو ”نائچ“ ڪامريڊ هٿ ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ مونکي ڦاسايو. اقبال ميمڻ ۽ حاجي سراج سومري سان گڏ ”تبليغي جماعت“ جي گشت دوران غلام رحيم به مليو، ڏوراپو ڪونه ڏنومانس. آئون به جيسلمير جو ڀاٽي، هو به سوڍن ”ٺڪرن“ جو ڏوهٽاڻ... مُلان! هاڻ بس ڀلي آ. دعا ڪر ته رهجي اچي. لطيف سرڪار جو اهو بيت آخري سوال جو جواب اٿئي.

جا ڀُون پيرين مون، سا ڀونئن مٿي سڄڻين،

ڌڱ لٽبا ڌُوڙ ۾، بيٺي ڏٺاسون،

ڏينهن مڙيئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي


ڄام ساقي

تو ۾ مٽي ملير جي...

بختاور ڄام

سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن ۽ ڪٿان شروعات ڪيان! اکين مان آب جاري آهي، دل ۾ هزارين اڌمان اٿلي رهيا آهن.

ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ منهنجو ڪارونجهر ڊهي پٽ پيو آ، منهنجي مٿان بيٺل گهاٽو وڻ ڪپجي چڪو آهي، منهنجي مٿي تي چمي ڏيڻ وارو منهنجو مٺڙو بابا هليو ويو آهي!

هو جنهن ورهين کان ڏاڍ ۽ ظلم سان جنگ جوٽي هئي، جيڪو ڪنهن جرنل ڪرنل کان ڪو نه ڊنو، جيڪو جنرل ايوب، جنرل يحيٰ، جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل مشرف جي آمريتن آڏو ڪونه جهڪيو، اڄ موت آڏو پنهنجا هٿيار ڪيئن ڦٽا ڪيائين؟،

منهنجو هيرو، منهنجي لکڻين جو هيرو، اڄ وڇڙي ويو، منهنجو فخر، منهنجو تعارف، ڄڻ ته گم ٿي ويو!

آئون ڪيڏي خوشقسمت ڌيءُ آهيان، جو مون تو جهڙي انقلابي ماڻهو جي گهر ۾ جنم ورتو، بابا، جو تو مون کي ايڏو خوبصورت نانءُ ڏنو، بختاور پنهنجي ثقافت ۽ ڌرتي جي خوشبو ۽ بهادري جي علامت وارو نالو!

تو کي مون پهريون ڀيرو جڏهن پنهنجي سمجهه واري عمر ۾ ڏٺو ته تون جيل جي سلاخن جي پويان قيد هئين بابا. ۱۹۷۵ ۾ جڏهن مون حيدرآباد جي پڪي قلعي واري هڪ ڪمري جي ڪرائي واري گهر ۾ جنم ورتو هو، تون مسلسل روپوش ۽ جدوجهد ۾ مصروف هئين.

۱۰ ڊسمبر ۱۹۷۸ ۾ جڏهن توکي ايجنسيون کنڀي ويون، تون ۱۸ مهينا لاڳيتو انهن جي عتاب ۾ هئين ۽ خاندان خاص ڪري منهنجي امڙ سکان مون کي ۽ سجاد کي هنج ۾ کڻي تنهنجي اوسيئڙي ۽  عذاب ۾ هئي، هن جي ڀر ۾ ستل منهنجي ننڍڙي ڀيڻ ذبيده ڪيئن گذاري وئي هئي، هن کي شايد پتو ئي نه پيو، يا هو ڪجهه ڪري نه سگهي ۽ هو اعزاز نذير جي گهر ۾ رهيل هئي، تون روپوش هئين بابا.

مون ته توکان پڇيو ڪو نه ته تون تڏهن ڪٿي هئين؟ اسان ته ڪڏهن ذاتي ڏکن کي اهميت ئي ڪونه ڏني هئي.

پنهنجي آدرشي پيءُ کان ڪيئن چتاري پڇان، ڪٿي هو اهو نه سوچي ته آئون کيس امان کي وڃائڻ ۾ ڪو جوابدار ٿي سمجهان، يا اهو ٿي سمجهان ته سندس وطن ۽ ماڻهن سان عشق جي رستي ۾ منهنجي امڙ تڪليف ۾ اچي پنهنجو انت آندو، هو منهنجي ماءُ  ته پوءِ هئي، پر سندس پياري جيون ساٿي پهرين هئي. آئون ڪيئن بابا کان اهڙا سوال ڪنديس؟ شايد لاشعوري ڪجهه ائين سوچيو هيو.

پوءِ اوهان جي ۱۰ ڊسمبر ۱۹۷۸ع واري گرفتاري کانپوءِ ڏاڏي امان، ڀاءُ سجاد ۽ مون کي ڳوٺ وٺي وئي، جتي امان توهان بابت پکڙيل افواهن ۾ ته (توهان کي شايد ماريو ويو آهي) گهيرجي سخت ذهني دٻاءَ ۾ اچي، کوهه ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجو انت آندو. جيڪو هڪ هلڪي جهلڪ وانگر مون کي ٿورو ٿورو ياد آهي، آئون تڏهن ٽن سالن جي هيس.

پوءِ هميشه ٿر مان پنهنجي ڳوٺ جنجهي مان توهان سان ملڻ جيل ايندا هئاسين.

ملاقات واري ڪمري ۾ جڏهن توهان جو انتظار پيا ڪندا هئاسين، بابا، پهرين تنهنجو خوبصورت گونجندڙ آواز جيل جي ديوارن ۽ ورانڊن ۾ گونجندو هو ۽ تنهنجا ٽهڪ ديوارن تي  ڄڻ ته چٿرون ڪندا گونجندا هئا! ته ڏسو اي ظالم حڪمرانو، انسانيت جا ويريو، مون کي اوهان جي قيد جي رتي برابر به پرواهه ناهي! تون شينهن وانگر  گجندو، مرڪندو، اچي اسان سان ملندو هئين، مان ننڍي هئڻ ۽ ڌيءُ هئڻ ڪري ڏاڍا فائدا کنيا نه بابا. پهرين ڀاڪر مون کي چمي مونکي ڏاڏا ۽ ڏاڏي جي  پيرين پئي پوءِ تون سجاد کي ڳراٺڙي پائيندو هئين.

آئون وري توتي وڌيڪ حق جتائيندي پٺن تي چڙهي ويندي هيس ۽ تنهنجا شينهن جهڙا مضبوط هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي پڇندي هيس تون گهر ڪڏهن هلندين بابا.؟ تون کلندي چوندو هئين، جڏهن (ذيان خور) ضياءَ الحق موڪل ڏيندو.

پوءِ مون ڳوٺ ۾ ٻارن کي ٻڌايو هو ته ضياءَ الحق منهنجي بابا کي قيد ڪيو آهي، ضياءَ الحق مري ته مٺائي ورهائينداسين، جڏهن ڳوٺان نڪرندا هئا سين ته رات جو خوشي ۾ ننڊ نه ايندي هئي ۽ اهو اوسئڙو هوندو هو ته ته سڀاڻي ڳوٺان نڪرون ٿا بابا سان ملاقات لاءِ. تن ڏينهن ۾ اوهان سان گڏ ڄام ساقي ڪيس جا سمورا ساٿي، چاچا شبير شر، سهيل سانگي، بدر ابڙو، ڪمال وارثي، امر لال ۽ جمال نقوي به فوجي عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا هئا. ائين پوءِ توهان سان ڪڏهن حيدرآباد سينٽرل جيل، ڪڏهن ڪراچي لانڍي جيل ۽ ڪراچي ۾ ملٽري ڪورٽ ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون.

مونکي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ ٿر ۾ روڊ ڪونه هئا، ڇڪڙن گاڏين ۾ چڙهي سڄو ڏينهن سفر ڪري اچي عمرڪوٽ يا  ڪنري پهچندا هئاسين، ٻئي ڏينهن وري صبح جو پوءِ ڪراچي، حيدرآباد يا سکر توهان هوندا هئا، اتي بس يا ريل گاڏي ۾ چڙهي ملاقات لاءِ پهچندا هئاسين، هڪ ڏينهن يا ٻه ڏينهن ملاقات ڪري پوءِ واپس ڳوٺ ويندا هئاسين.

عمرڪوٽ ۾ مائٽ هئا، تن جي گهر ۽ ميرپورخاص ۾ بابا اوهان جي دوست، ڪلاس فيلو ڊاڪٽر پرڌان سوٽهڙ جي گهر رهنداهئاسين ۽ حيدرآباد ۾ گلزار ڀڙدي جي گهر ۾ مهمان ٿيندا هئاسين، جتي امان ۽ بابا اوهان پهرين مسواڙي هئا، ان ئي گهر ۾ ته مون جنم ورتو هو!

۱۹۸۶ع ۾ توکي ملڪ دشمني يا غداري جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ جي ڪري آزاد ڪيو ويو هو، سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ توکي مان ۽ آجياڻا ڏنا ويا هئا بابا.

تون نعرن جي گونج ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ آيو هئين، خلق اٿلي پئي هئي، منهنجين پڦين، ماسين ۽ ٻين مائٽياڻين ٿري گيت ڳائي تنهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو هو.

تون ڳوٺ جي هر ننڍي وڏي سان اٿي ڀاڪر پائي پئي ملين، پوڙها، پڪا، عورتون، مرد ۽ ٻار هرڪو توهان سان ملڻ آيو، سڄو ٿر اٿلي پيو هو، پوءِ تو ڳوٺ ۾ ڪجهه ڏينهن رهي وري پنهنجو سياسي سفر شروع ڪيو هو، ها تون گهر ۾ ٻڌائڻ کان بنا امان سکان جي قبر تي ويو هئين، جيئن مون کي ۽ ادا سجاد کي ڏک نه ٿئي.

پوءِ تو امي اختر سلطانه سان لائون لڌيون هيون، تو پڇيو هو ته توهان هن کي ڇا سڏيندوءَ.؟ مون يڪدم وراڻيو هيو ته ”امي“.

پوءِ اسان ۱۹۸۸ع ۾ توهان سان گڏ رهڻ شروع ڪيو هو بابا. تون صبح جو سوير اٿڻ جو عادي هئين، تون اٿي منهنجي ۽ پنهنجي چانهن ٺاهيندو هئين، آئون چانهه ناشتو ڪري ميران اسڪول ويندي هيس.

تنهنجي سياسي سرگرمين ۾ به اسان گڏ هوندا هئاسين، ساٿي ٻارڙا سنگت ۾ ته ڳوٺ کان وٺي ڪم ڪندا هئاسين، پر هتي اڪثر ڪامريڊ دوستن سان ملاقاتون ٿينديون هيون،  مظاهرا، جلسا ۽ گڏجاڻيون، ڪاري موري واري ٻن ڪمرن وارو ننڍڙو فليٽ هر وقت ماڻهن ۽ ڪتابن سان ڀريل هوندو هو، تن ڏينهن ۾ پوءِ خبر پئي هئي ته ڪجهه دوستن ۽ اوهان وچ ۾ ڪي اختلاف ٿيا هئا ۽ پوءِ سوويت يونين جي ٽٽڻ شايد اوهان کي ٿورو ڪمزور ڪيو هو، اوهان ڪميونسٽ پارٽي جي سياست ڇڏي هئي، پر اوهان ماڻهن ۽ وطن سان محبت ڪونه ڇڏي هئي، تنهن ڪري  ته اوهان ملڪ ۽ سنڌ ۾ امن لاءِ سنڌ ۽ پنجاب جي دنگ ڪمون شهيد کان ڪراچي پيرين پنڌ لانگ مارچ شروع ڪيو ۽ هر شهر، هر واهڻ ۽ وستي ۾ اوهان کي تمام گهڻيون محبتون ۽ پيار مليو ۽ آئون به ان سفر ۾ اوهان سان ڪجهه وقت شامل هيس، مون پهريون ڀيرو هالا ۾ تمام وڏي جلسي ۾ تڏهن ئي تقرير ڪئي هئي، ايترا ماڻهو هئا جو نظر کٽي پئي ، پر ماڻهن جو هجوم نه.

تنهنجا پير پٿون ٿي ويا هئا، رات جو دوست انهن تي تيل ۽ هيڊ هڻندا هئا، صبح جو وري سفر شروع، جيڪي چند ماڻهو اوهان تي تنقيد جا تير هڻي رهيا هئا، تن کي اوهان جا پٿون ٿيل پير ڇو ڪو نه ٿي نظر آيا.  ڀلا رستو بدلائڻ سان منزل وڃائجي ويندي آهي ڇا.؟ ماڻهن کان الائي ڇو تنهنجا جيل، قيد تنهائيون ۽ ٽارچر سيل ۾ سٺل عذاب وسري ويا هئا، پر خير، بابا تو کي انهن جي تر جيتري به پرواهه ڪونه هئي. توکي پنهنجي وطن ۽ مارن سان بي لوث محبت هئي، تو چيو هو ته سهڻي هڪڙي ميهار لاءِ سر ڏئي سگهي ٿي ته آئون ايترن ماڻهن لاءِ پنهنجو پاڻ کي جوکي ۾ ڇو نه ٿو وجهي سگهان. ۽ موٽ ۾ توکي ڪجهه نه ٿي کپيو، تو کي مون ڪڏهن به پنهنجي مارن کي مياري ڪندي ڪونه ٻڌو ته منهنجي قوم ڪا بيقدري آهي، ڪڏهن به نه! تو پنهنجي قوم سان مظلوم ماڻهن سان غير مشروط محبت ڪئي.

وري تو سياست سان گڏ انشورنس ڪمپني ۾ ٿورو عرصو ڪم ڪيو ته به ماڻهن کي اها ڳالهه ڪونه وڻي، جي ڀتا وٺين ها ته شايد انهن جا وات بند هجن ها.

خير تون دل جو درياءُ هئين، وڏي سهپ ۽ رواداري وارو ماڻهو هئين، تو ڪڏهن تقرير ۽ تحرير ۾ جواب ڪونه ڏنو، سواءِ ظالمن، جابرن، سرمائيدارن ۽ وڏيرن جي. ماڻهن جا ترڪش تير هلندا هئا، جن جي اڄ به مون سرگوشي ٻڌي، پر خير اسان انهن هزارين ماڻهن کي ڏسنداسين جيڪي توسان پيارڪن ٿا، تنهنجي جدوجهد، سچائي ۽ ارڏائي کي مڃن ٿا. اهي ڪير ٿيندا آهن تو تي آڱر کڻڻ وارا جن ڪڏهن جيل ته ٺهيو ٿاڻي جو لاڪ اپ به نه ڏٺو آهي، سي تنهنجي جدوجهد جو ۽ تنهنجو احتساب ڪندا.؟

خير... .

جڏهن محترمه بينظيرڀٽو اسان جي تڏي تي هلي آئي هئي، تڏهن تون پ پ پ ۾ شامل ٿئين، پر تو جهڙو نج سادو ماڻهو اتي پنهنجي ڪا جاءِ ٺاهي نه سگهيو..! پر پوءِ به تو پنهنجو سفر جاري رکيو هو، هر ادبي، علمي، سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ تون پهرين مورچي تي وڙهين..!

تو کي انساني حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ جي ڏوهه ۾ ارباب رحيم ۽ جنرل مشرف به بخش ڪو نه ڪيو هو ۽ سنڌ ۽ سڄي ملڪ جا ترقي پسند توسان گڏ بيٺا هئا، منهنجا ڪارونجهر... !

۽ پاڻ اها جنگ به کٽي ڏيکاري هئي بابا.

۱۹۹۳ع واري بيماري کانپوءِ ۲۰۱۳ع جي آخر ۾ تون وري شديد بيمار ٿيو هئين بابا، بيمارين جو به توسان ڪو وير هو، بلڊ پريشر، سي وي اي ۽ هاڻي وري دل جو دورو.. پر تون واقعي Born Fighter (ڄمندي ڄام) هئين، تو هر دفعي انهن کي جنرل سمجهي مقابلو ڪيو هو پر هن ڀيري تون هيڻو ٿي چڪي هئين بابا... .

وقت ۽ حالتن تنهنجي جسماني سگهه گهٽائي ڇڏي هئي.

تڏهن مون ننڍپڻ جون يادگيريون پئي لکيون... مون وري تنهنجي جيل جي ڊائري ۽ فوجي ڪورٽ ۾ ڏنل بيان پئي پڙهيو.... ”فتح آخر عوام جي ٿيندي“ ۾ اوهان جون لکيل هي سٽون پڙهيم”تقريبن هڪ وڳي رات کان وٺي ڏنڊي بازي شروع ٿي وئي، جيڪي گارين ۽ وڙهڻ سان گڏ ان وقت تائين جاري رهي، جيستائين اسان جا فوج جا هي سجيلا جوان ٿڪجي نه پيا، منهنجي جان مان رت وهي رهيو هو ۽ پرهه ڦٽي رهي هئي“

منهنجي شادي ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن جڏهن آئون توسان ملڻ گهر آئي هيس، ته مون تنهنجو هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليو هو، ان وقت مون کي تو مٿان ٿيل ٽارچر واريون مٿيون سٽون منهنجي ذهن ۾ گهمڻ لڳيون هيون ۽ منهنجي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. مون ڪنڌ پرتي ڪري لڙڪ اگهيا...  ساڳي پاليسي هڪٻئي کي روئي ڪمزور ڪو نه ڪبو.

آئون ايندي هيس ته تون چوندو هئين آپا آئي آ ڇا؟ (ننڍا ڀاءُ ڀيڻيون آپا چوندا هئا ته بابا به آپا چوڻ شروع ڪيو هو، مون کي)

”سونهن انهيءَ خوشي ۾ چانهن ته پياريو بابا“

تنهنجي اکين ۾ اوسيئڙو هوندو هو، هڪ انتظار هوندو هو توکي وقت ۽ حالتن وري هڪ دفعو ڄڻ ته قيدي ڪري ڇڏيو هو، هاڻ تون منهنجي فليٽ جون چار منزلون چڙهي مون وٽ نٿي اچي سگهين بابا..! ۽ آئون  هاڻي رڳو تنهنجي ڌيءُ نه پر ٻن ٻارن جي ماءُ بڻجي وئي هيس، آئون انهن جي ڪمن ۽ انگلن ۾ الجهي وئي هيس...

شايد تو وٽ گهٽ به ايندي هيس ڪڏهن ڪڏهن... .. پر پوءِ به اڪثر ايندي هيس، تون ڪچهري لاءِ آتو هوندو هئين. يادگيريون... . سياست... .هاڻوڪي سياست، عالمي سياست تي ئي ته ڳاليهون ٿينديون هيون.

ٻه ٽي دفعا گهڻو بيمار ٿي پوءِ چاڪ به ٿي ويو هئين، هن ڀيري به ائين سمجهيو هو پر... .. اها قيامت خيز گهڙي به نيٺ مٿان اچي بيٺي هئي جو هاڻي هي آخري ملاقات جو وقت هو. سوچيم امان ته گذاري وئي اها ڳالهه ٻڌي هيم پر هي وقت، هي گهڙي آئون برداشت ڪيئن ڪيان..؟ منهنجو آسرو، منهنجي آٿت منهنجو بابو...

اقبال کي فون ڪيم... . بابا هليو ويو، هو به سخت صدمي ۾ هو، ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ ئي بابا کي ڏسي روئيندو رهيو هيو، امي، سارنگ، سرواڻ سونهن ۽ پارس، ادا سجاد ڀاڄائي هميرا، چاچا سلطان ۽ سڀ مائٽ غم جي شدت کان سڏڪي رهيا هئا... !

ماسي مٺان منهنجي ماءُ سکان جي ڀيڻ پارڪڍي رهي هئي منهنجا راڻا ڄام ساقي ڀاءُ تون ڇو رسي وئين... ؟! گهرڀاتين کان علاوه سڀ کان پهرين ميڊيا وارا پهتا، هن سچي، کري اصلي ماڻهوءَ جي آخري ڪوريج لاءِ... ...

مون امر سنڌوءَ کي ميسج ڪيو، امر بابا ”از نو مور“ هن يڪدم فون ڪيو...  اسان اچون ٿا سڀ پليز تون پنهنجو خيال رکجان.

وري ميسج ڪيائين پليز ڪمپوز يورسيلف..! هو منهنجي سالن جي پراڻي دوست آهي، هن کي خبر آهي ته مان پنهنجي بابا سان ڪيترو جذباني ۽ ذهني طرح لاڳاپيل هئس. پوءِ مائٽ مٽ اچي پهتا، ٿر مان ڳوٺ جنجهي مان ۽ ڪامريڊ دوست سڄي سنڌ مان بابا جي آخري ديدار لاءِ پهتا. اها بيرحم گهڙي آئي جڏهن تنهنجو جسم خاڪي کڻي وڃڻ لڳا.. پويان مارئي به پار ڪڍي روئي رهي هئي، منهنجا موڀي ڀاءُ تون نه وڃ...  منهنجي دل سڏڪن ۾ ورتل هئي، منهنجي دل چاهيو رڙيون ڪيان اڀ ڏاريندڙ رڙيون... . بابا جي مڙهه جي ڀر ۾ بيٺل منهنجن ميرن، سيرن ٿري چاچن ۽ مامن ڏانهن نهاريم منهنجو هانءُ ڇڄي پيو...  اڄ انهن جي ڄڻ ته سڃاڻپ ئي گم ٿي ويئي هئي، مون وانگر، سڏڪا  منهنجي اندر۾ گُهٽجي رهيا هئا، ڀاڄائي حميرا چيو تون قبرستان هلي ٿين، آئون وڃان ٿي. مون چيو مون ۾ همت ناهي. مون امر ۽ عرفانه کي چيو منهنجي خواهش آهي ته آئون منهنجي بابي کي انهيءَ نعري سان رخصت ڪيان “تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي ڄام ساقي ڄام ساقي” هنن چيو ته ها تون نعرو هڻ اسان جواب ڏينداسين، مون ٿورو اڳيان وڌي پنهنجي بچيل سڀ همت جمع ڪري نعرو هنيو“تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي، سڀني چيو ڄام ساقي ڄام ساقي“ هاري ۽ مزدور جو ساٿي ڄام ساقي ڄام ساقي.


ڦَڳُڻَ مَلَ جا ڦَٽاڪا جيل ڀريو تحريڪ ۽ ڄام ساقيءَ سان ملاقات

مير اعظم علي ٽالپر

دنيا ۾ تاريخن ۽ هر مهينن لاءِ مختلف ڪلئنڊر آهن. سنڌ ۾ ورهاڱي تائين ۽ ان کانپوءِ به سنڌ جي سماجي ريتن ۽ رسمن سان گڏوگڏ سنڌ جي زراعت ۾ فصلن جي پوکڻ لاءِ هندي مهينا رائج هئا. جيئن چيٽُ ۽ ڪَتيءَ جو فصل المعروف تپيداري قاعدي ۽ قانون موجب ربيع ۽ حريف جو پوکجڻ وارو فصل جنهن لاءِ عابده پروين جو ڳايل مشهور سنڌي ۾ گيت آهي ته ”آيا ڪَتِيءَ جا ڏينهن ڌار راهون ڪيئن“ پر هن وقت اهو ڪئلينڊر هتي ته ڪنهن کي شايد ياد هجي پر سرحد پار به عام طرح ياد نه آهي. ڪجهه سال اڳ ۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ مردِ حق مردِ مومن ضياءُ الحق جي حڪومت دوران هڪ همراهه راقم کان هندي مهيني جي تاريخ معلوم ڪئي هئي ڇو ته سندس نياڻي جي شادي جا ڏينهن طئه ڪرڻا هئا. اڄڪلهه به شايد پنجاب جي اندر ٻهراڙي ۾ هندي تاريخن جو رواج هجي. بهرحال جڏهن اوهان هي تحرير پڙهي رهيا آهيو ته هندي ڪئلينڊر جي سڀ کان دلچسپ مهيني ڦڳڻ جي ۱۹ تاريخ آهي. سنڌ ۾ صدين کان ڦڳڻ مهيني لاءِ پهاڪو مشهور آهي ته؛ ”ڦڳڻ ڦُلهاريو؛ رات سيارو، ڏينهن اونهارو.“ هن مهيني جي عجيب موسم آهي. سج لهڻ کان ٺيڪ ٺاڪ سيءُ سڄي رات ۽ موسم ۾ خنگي رهندي آهي. پر سج اڀرڻ کانپوءِ آهستي آهستي گرمي تيز ٿي ويندي آهي. ان کانسواءِ هن مهيني دوران سنڌ ۾ باغن اندر انبن جي وڻن ۾ ٻُور ڦلهاربو آهي ۽ انبڙيون ٿيڻ شروع ٿينديون آهن. جنهن ڪري شام جو سج لهڻ وقت باغن مان ٻور جي هڪ خاص خوشبوءِ جي سرهاڻ فضا ۽ ماحول ۾ هلڪي هلڪي هوا ۾ ايندي محسوس ٿيندي آهي.

سنڌ ۾ آڳاٽي دور ۾ انساني نالن ۾ ڦڳڻ به هڪ انساني نالو هو، ممڪن آهي ته هن وقت به ڪنهن جو نالو ڦڳڻ هجي. ڇو ته سنڌ ۾ پهرين نالن ۾ انب، صوف، چڀڙ وغيره نالا رکيا ويندا هئا. چڀڙ فقير ته ڀٽ شاهه تي شاهه صاحب جو راڳي به هو ۽ ذات جو ميربحر هو. ڦڳڻ جي نالي سان بابا مرحوم هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هو ته ملڪ جي ورهاڱي ٿيڻ جي ڳالهين وقت اسان جي ننڍي شهر ۾ چند دڪان هوندا هئا. جن ۾ هڪ دڪان سيٺ ڌنومل جو به هوندو هو. هي ان زماني جي ڳالهه جڏهن شهر ۾ ڪا به چهل پهل نه هوندي هئي ۽ ڪو به مرد ريل ٽپي شهر ۾ نه ويندو هو ۽ جيڪو به مرد شهر ۾ ايندو هو ته ڪنهن خاص ڪم لاءِ ايندو هو. جيئن ڪو هاري لوهار ۽ واڍي وٽ ويندو هو ته ڪو مرد موچي، مينگهواڙن ۾ ويندو هو يا وري ڪو حجم وٽ ويندو هو. جڏهن ته شهري بازار ۾ ڪا شيءِ خريد ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرندو هو. پر ڪا به عورت ذات شهر ۾ ڪٿي به نظر نه ايندي هئي. مطلب ته شهر جي بازار ۾ ڪو به مرد و ذن (عورت ته نه) بنا ۽ بغير ڪم جي نه ايندو هو پر اڄڪلهه زمانو بلڪل بدلجي ويو آهي. مرد جي خريد ڪيل شيءِ عورتن کي پسند نٿي اچي ۽ دڪاندارن جو به خيال آهي ته سندن بازار جو ڪاروبار هنن عورتن جي ڪري آهي. ان ڪري بازار ۾ عورتن جا اصل ڪلها پيا لڳن.

سيٺ ڌنو مل جي تماڪ واري دڪان جي ٻن طرفن کان درگاهون هيون (اڄ به آهن) ان ڪري دڪان تي صبح کان شام تائين هندو مسلم ٻئي گراهڪ ايندا هئا. دڪان تي هندو ۽ سماچار نالي ٻه هندو ازم اخبارن سان گڏ مسلم ۾ الوحيد اخبار به ايندي هئي. بابا (مرحوم) انگريز بهادر جي سرڪار ۾ پوليس وارو هو ۽ جڏهن به دڪان تي ايندو هو ته هندو ۽ مسلم ٻنهي کي اخبارون پڙهي ٻڌائيندو هو. اخبارن جي خبرن ٻڌڻ تي دڪان تي ايندڙ ڦڳڻ مل خبرون ٻڌي انهن ۾ مرچ مصالحو وجهي ٻين کي ٻڌائيندو هو، ان ڪري ان ڦڳڻ مل کي ڦڳڻ مل جا ڦٽاڪا سڏيندا هئا ۽ ڦڳڻ مل پنهنجي پاڙيسري دوست ويرو مل کي انهن ڦٽاڪن جو نشانو بڻائيندو هو. انهن ڦٽاڪن جي ڪري ويرو مل کي ويري مل جي ويراني سان سڏيو ويندو هو. اخبارن جي خبرن ۾ انگريز سرڪار جنهن جو ڪڏهن به سج نه لهڻ مشهور هو يعني برطانيه کان هندستان تائين سندن حڪومت سبب سج نه لهندو هو پر هندستان جي ورهاڱي سان اهو سج لهڻ لازمي هو. سيٺ ڌنو مل جي دڪان تي ڦڳڻ مل جا ڦٽاڪا جڏهن وسندا هئا ته ويري مل تي ويراني اچي ويندي هئي، بقول ڦڳڻ مل ڦٽاڪي واري جي ته ورهاڱي کانپوءِ مسلمانن جو مسلم ملڪ هوندو ته هندن جو هندستان ملڪ ٿيندو. پر ان تي ويري مل جو خيال هو ته انگريز ڀلي هتان هليو وڃي پر پاڻ ته هتي ئي رهنداسين. جيئن سعادت حسين منٽو جي ڪتاب ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ هڪ چريو سک ٻين چرين کي چوندو آهي ته رات ته هتي هندستان هو ۽ صبح ٿيو آهي ته چون ٿا ته پاڪستان آهي، پوءِ آخر هندستان ڪيڏانهن ويو؟ پر ڦڳڻ مل جا مزاحيه ڦٽاڪا هر ڪنهن کي لڳندا هئا. بقول بابا مرحو جي ته ورهاڱو ٿيڻ کانپوءِ سيٺ ڌنو مل جي دڪان تي جيڪي اڳ سڀ ويهندا هئا، انهن ۾ ڪجهه ڦير ڦار ٿيڻ لڳي هئي. آهستي آهستي سيٺ دڪان تي پهرين اچڻ گهٽ ڪري ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ گهر ۾ رهڻ لڳو ۽ اچانڪ هڪ ڏينهن بقول بابا مرحوم جي ته سيٺ کيس گهرائي حيرت انگيز انداز ۾ ڏک سان چيو ته ”سائين مون فيصلو ڪيو آهي ته سڀاڻي آئون هتان اڻ ڏٺل ڌرتي لاءِ نڪري وڃا، ان ڪري دڪان جي اوڌر واري روزنامچي جي لسٽ ۾ جيڪو ڏيڻو آهي ۽ جيڪو وٺڻو آهي سا اوهان رکو باقي پڪي بندي ڳاڙهي آئون کڻي وڃان ٿو، ڌڻي گهريو ته وري موٽي اچبو. ايئن سيٺ ڌني مل پنهنجي شاهي بازار جي حويلي ۾ دڪان جون چاٻيون ڏنيون ۽ ٻي ڏينهن ريلوي اسٽيشن تان راجا جي ريل ۾ ڌنومل ۽ سندس ڌيءَ سُين ٻائي هليا ويا ۽ دڪان واري سنگت الوداع وقت روئي رهي هئي.

البته ڦڳڻ مل ان وقت به ڦٽاڪا هڻي ويري جي ويراني ۽ پريشاني ۾ اضافو ڪري رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته يار پنهنجي قسمت جو به ٽڪيٽ ڪٽجي چڪو جيڪو وٺڻ جي ضرورت آهي ۽ گاڏي جو انتظار ڪرڻو آهي. ڪجهه ڏينهن بعد هڪ واقعو پيش اچڻ کانپوءِ ٻين تي کلندڙ ڦڳڻ مل بابا وٽ اچي چيو ته سائين هاڻي اڻ ڏٺي ڏيهه تي روانگي آهي، اوهان فقط منهنجي هي گائين پاڻ وٽ امانت ڪري بيهاريو، ٿورن ڏينهن بعد ويرو مل پنهنجو ڪٽنب وٺي هليو ويو. بقول بابا (مرحوم) ته سيٺ ڌنل مل پهرين خط ۾ لکيو هو ته هو شاهه صاحب جي سُر ڪلياڻ جي نالي واري هڪ امدادي ڪئمپ ۾ رهيو ۽ ان کانپوءِ ممبئي شهر ۾ هڪ جهونپڙ پٽي ۾ رهندي مانڊڻي کولي آهي ۽ مراٺي زبان سکي رهيو آهي. جڏهن ته ڦڳڻ مل ۽ ويري مل محنت مزدوري جو حوالو ڏنو پر سال کن ۾ خطن جو سلسلو بند ٿي ويو. بابا اهو به ٻڌايو ته جتي ڦڳڻ ۽ ويري جا گهر هوندا هئا، اهو اصل ۾ ماڪوڙي جو نمبر هو، انهن گهرن ۾ نوان ماڻهو آباد ٿي ويا ۽ ان علائقي جو نالو غريب آباد ٿي ويو ۽ ڌنو مل واري بابا کي ڏنل دڪان تي هڪ ڏينهن هڪ شخص اچي بيٺو ۽ چيائين ته هي دڪان فلاڻي سيٺ (واڻيي) جو آهي جيڪو مون کي ڪليم ۾ مليو آهي. اوهان خالي ڪريو، بهرحال هي سڄو ماضي جو پراڻو قصو ڦڳڻ مهيني تان ياد اچي ويو. پر راقم جي پنهنجي ماضي ۽ يادگيرين موجب گذريل هفتي يعني سومر پنجين مارچ تي سنڌ جي نامور شخصيت ڄام ساقي گذاري ويو. ڄام ساقي لاءِ گهڻو ڪجهه لکڻ وارن لکيو ۽ ڇپڻ وارن ڇپيو ۽ پڙهڻ وارن پڙهيو. هر ڪنهن پنهنجي حساب ڪتاب سان قلم کنيو، هو ڇا هو ۽ ڇا نه هو، اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر جيڪو ڪم ڪندو هو غريبن ۽ مسڪينن لاءِ ڪندو هو. راقم (خدا کي حاضر ناظر) سچ سمجهي لکندو ته ڄام ساقي سان پهرين ملاقات سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ اڄ کان ۴۹ سال اڳ ۱۹۶۹ع تي ٿي هئي پر تاريخ پڪي ياد نه آهي، ممڪن آهي ته ڊسمبر جي مهيني جي ڪا تاريخ آهي، جڏهن ملڪ ۾ ايوب جي حڪومت کانپوءِ يحيٰ سرڪار خلاف سنڌ ۾ جيل ڀريو تحريڪ هلندڙ هئي. ان جا مطالبا هئا ته ۱۹۶۹ع جي سال کانپوءِ نئين اچڻ واري سال ۱۹۷۰ع ۾ ٿيندڙ پهرين عام اليڪشن ۾ ووٽرن جي لسٽ ۾ سنڌ جي اندر نالا سنڌي ۾ ڇاپڻ ۽ ون يونٽ جي خاتمي لاءِ بک هڙتالون ٿي رهيون هيون.

هن تحريڪ ۾ زرعي ڪاليج ۽ اسان جي اسڪول جو نمبر ۲۵ نومبر اڱاري ڏينهن صبح جو ۹ بجي آيو ۽ ۷۲ ڪلاڪن جي بک هڙتال تي ويهڻ شرط پوليس گرفتار ڪري اسان نون ڄڻن هر هڪ نواب شوڪت، نور محمد، نظير احمد ٽالپر، دين محمد لغاري، شمس الدين، خان محمد، محمد امين، محمد هاشم لغاري (سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري تعليم ۽ زاعت رهندڙ) ۽ راقم شامل هئا. ضروري ڪارروائي بعد هڪ ٽرڪ ڀري سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليو. ٻي ڏينهن ۲۶ نومبر اربع ۱۹۶۹ع جي سڀني ملڪي اخبارن اردو، سنڌي، انگريزي، بنگالي (ان وقت جي واحد ميڊيا هئي) اها خبر ڏني، عبرت اخبار پهرين صفحي مٿان ئي مٿان ٽن ڪالمن جي اها خبر هن هيڊنگ سان ”وڌيڪ ۴۰ ڄڻا گرفتار“ انهن نالن ۾ راقم جو نالو ۱۴ نمبر تي هو. ان وقت بنگال کان وٺي سڄي ملڪ ۾ عام مطالبو هو ته ون يونٽ جو خاتمو، ايندڙ سال ۱۹۷۰ع جي ڊسمبر مهيني ۾ ٿيندڙ چونڊن جي ووٽر لسٽ ۾ سنڌ اندر نالا سنڌي ۾ لکڻ جو مطالبو اهم هو.

اسان کي سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو جتي سج لهي چڪو هو، نوجوان ۽ شاگرد سڀني جو زبردست استقبال ڪيو ۽ ان وقت ان بيرڪ کان فاصلي تي جيل ۾ اسپتال ۽ کاڌي جي بورچي خاني طرف خاص قيدين لاءِ ڪاري چڪر مان سائين ڄام ساقي جا انقلابي نعرا کولي مان ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا.

آخرڪار هڪ ڏينهن جيل سپرنٽينڊنٽ لالا اعظم ڄام ساقي کي اسان جي بيرڪ ۾ وٺي آيو، جيڪا ڦاسي گهاٽ منصور جي سامهون هئي، اسان سان گڏ فرش (پٽ) تي ويهي لالا قادر، مسعود نوراني، محمد هاشم لغاري، قاضي فيض محمد ۽ ٻيا کوڙ سارا سنگت ۾ ويٺا هئا ۽ ڄام ساقي جون سحر انگيز ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا، سائين ڄام ساقي چئي رهيو هو ته اسان لاءِ پاڻي جو مسئلو آهي، پنجن صوبن جي بحالي ۽ ون يونٽ جي خاتمي جو مسئلو آهي، ان کانسواءِ ايندڙ سال ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ جو به امڪان آهي. انهن ۾ سنڌ اندر نالا سنڌي ٻولي ۾ لکيا وڃن، ڄام ساقي پنهنجي گفتگو دوران اهو به چيو هو ته اسان جو وڏو ليڊر سائين ذوالفقار علي ڀٽو اسان جي هن تحريڪ ۽ اسان سان متفق نه آهي. ان جي سياست ۽ سوچ ۾ مرڪزيت جو عنصر شامل آهي. جنهن ڪري اسان جي سوچ ۽ فڪر ۽ هن جي سوچ ۾ فرق آهي. ڄام ساقي جون جيل جون ڪچهريون اڄ به ياد آهن ۽ ڪجهه وسري به ويون آهن.

هن وقت ملڪ ۾ سينيٽ جي چيئرمين شپ لاءِ لڪ لڪوٽڪي ۽ اک ٻوٽ راند هلندڙ آهي. بهرحال ڪو نه ڪو ڪٿان ته ڪٿان ڪنهن ڪنڊ مان چيئرمين ٿي ويندو پر اڄڪلهه سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبر سازي جي مهم زور شور سان جاري آهي. ان جي ميمبر سازي لاءِ نالن لکڻ وارو ڪتاب اردو ۾ آهي. اردو اسان جي قومي زبان آهي پر پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ سنڌ جي حوالي سان نالا سنڌيءَ ۾ لکڻ جي سهولت (انگريزي ۽ اردو سان) ڏيڻ گهرجن ها. ان لاءِ ته ۱۹۶۹ع ۾ تحريڪ هلي هئي پر اهو ڪم ايئن هليو ته پوءِ معنيٰ اسان ماضي ۾ سنڌي ۾ نالا لکرائڻ لاءِ خوام خواهه تحريڪ هلائي هئي ڇوته سنڌ جي حڪمران پارٽي کي شايد سنڌ ۽ سنڌي گهرجن پر سنڌي زبان نه کپي...!


ڪامريڊ ڄام ساقي جي سياست ۽ جدوجهد تي هڪ سرسري نظر

قاسم سوڍر

اهو ۳۰ جنوري ۲۰۱۶ع جو ڏينهن هو، جڏهن سائين اقبال ملاح سان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ، مون هن کي گذارش ڪئي ته، مون کي ڪامريڊ ڄام ساقي سان منهنجي ايم فل ٿيسز لاءِ انٽرويو ڪرڻ جي حوالي سان ملڻو آهي. اقبلاح ملاح صاحب ٻڌايو ته، ڪامريڊ جي طبيعت ٺيڪ نه آهي، پر وري مان توهان کي هن جي فرزند سارنگ جو نمبر ڏيان ٿو، توهان هن سان رابطو ڪيو. مزي جي ڳالهه ته مون جڏهن سارنگ سان رابطو ڪيو ته هن مون کي سڃاڻي ورتو ۽ مون کان پڇيو ته، مان ساڳيو ئي قاسم سوڍر آهيان جيڪو عوامي آواز سنڊي مئگزين ۾ مضمون لکندو آهيان؟ مون کيس وراڻيو ته ها مان اهو ئي آهيان.

ان ئي ڏينهن شام ڌاري مان نسيم نگر ۾ ڪامريڊ جي گھر پهتس جتي سارنگ مون کي گھر جي اندر هڪ ڪمري ۾ ويهاري چيو ته هو ڪامريڊ ڄام کي منهنجي باري ۾ ٻڌائي ٿو. مون لاءِ اهو تمام حيراني جو عالم هو ته ڪامريڊ ساقي پنهنجي ان طبيعت ناساز واري صورتحال ۾ به سارنگ جي ڪلهن جي سهاري گھر جي ٻئي ڪمري کان هلي اچي ان ڪمري ۾ پهتو، جتي مان ويٺل هيس. مون تمام گھڻي تجسس ۽ ندامت واري انداز ۾ ڪامريڊ کي چيو ته، معاف ڪجو مون کي خبر نه هئي ته توهان جي ايتري طبيعت ناساز آهي. جيڪڏهن مون کي اها خبر هجي ها ته مان توهان کي تڪليف نه ڏيان هان ۽ ڪنهن ٻئي وقت اچان ها. ڪامريڊ مسڪرائيندي مون ڏانهن ڏسڻ کانپوءِ چيو، مون کي بيحد خوشي آهي ته توهان جهڙا نوجوان نه صرف بهادري سان لکن ۽ تحقيق ڪن ٿا، پر عملي طور به ميدان تي هجو ٿا. خير ڪامريڊ جي موجودگي ۾ ئي سارنگ ٻڌايو ته اسين سڀ توهان جا مضمون ڏاڍي شوق ۽ غور سان پڙهندا آهيون. ڪامريڊ منهنجي هڪ ڪجھ وقت اڳ بلوچستان جي سياسي صورتحال تي لکيل مضمون جو ذڪر به ڪيو، جيڪو بقول ڪامريڊ جي ته، تمام دليري سان لکيل هو.

مون لاءِ يقينن هميشه کان اها ڳالهه تمام گھڻي فخر لائق رهي آهي ته، سنڌ جا اهڙا املهه ڪردار جن بابت مون ننڍي هوندي کان پئي پڙهيو ۽ انهن بابت ٻڌو آهي، تن جي واتان اهو ٻڌڻ ته اهي منهنجا مضمون نه صرف پڙهندا آهن، پر انهن کي پسند به ڪن ٿا. بهرحال، مون پنهنجي ٿيسز جي حوالي سان ڪامريڊ کان مختلف سوال ڪيا؛ جن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو قومي سوال جي حوالي سان موقف، ڪامريڊ جو ڪميونسٽ پارٽي ڇڏي پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ کان ويندي پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ اندر کاٻي ڌر جي سياست متعلق ڪامريڊ جا تاثر وغيرهه شامل هئا، بابت سوال ڪيا. هاڻي جڏهن مان هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز تي ڪم ڪري رهيو آهيان ته، منهنجي ذهن ۾ هيو ته مان مارچ جي آخر ۾ حيدرآباد ويندس، جتي هڪ دفعو ٻيهر ڪامريڊ ڄام ساقي کان انٽرويو ڪندس. جيڪڏهن انٽرويو ممڪن نه بڻجي سگھيو تڏهن به هن سان ملندس ضرور. پر وقت وڏو بي رحم آهي جو ۵ مارچ جي صبح خبر پئي ته ڄام ساقي هن دنيا ۾ جسماني طور اسان سان وڌيڪ گڏ نه رهيو آهي.

ڪامريڊ ڄام ساقي به هڪ انسان هو جنهن جي زندگي ۽ سندس سياسي سفر بابت مختلف رايا ٿي سگھن ٿا. ان حوالي سان ڪجھ ماڻهو، جن ۾ سندس ڪجھ سياسي سفر جا ساٿي به شامل آهن، طرفان هن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو رهيو آهي. مثلن، پروفيسر جمال نقوي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ هڪ طرف کاٻي ڌر جي سياست کي ئي رد ڪيو آهي ته ساڳئي وقت ڪامريڊ ڄام ساقي جو پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان به لکيو آهي. گڏوگڏ پروفيسر جمال نقوي جي بقول ته، ڪامريڊ ڄام ساقي انٽيليڪچيوئل حوالي سان گھڻو پوئتي رهيو آهي. شايد ان موقف جو سبب جمال نقوي جو پروفيسر هجڻ ۽ پاڻ سان ڪامريڊ کي ڀيٽڻ هو، يا ان جو ٻيو ڪو سبب هو. پر ڪامريڊ ڄام ساقي يقينن هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو هو. ها اها الڳ ڳالهه آهي ته، هو پارٽي جي پولٽ بيورو جي بجاءِ هڪ هاري اڳواڻ طور وڌيڪ سرگرم ۽ مشهور رهيو.

مان جڏهن ۲۰۱۶ع ۾ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ پنهنجي ايم فل ٿيسز تي تحقيقي ڪم پئي ڪيو، ان وقت منهنجي اسلام آباد ۾ ئي هڪ تمام عظيم ۽ دلچسپ ماڻهو سان ملاقات ٿي. اهو دلچسپ ماڻهو محترم احمد سليم صاحب هو. احمد سليم به ڪميونسٽ سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ هڪ اهڙو يگانو ڪردار آهي، جنهن هڪ طرف پنهنجي پوري ڄمار پنهنجي ذاتي ۽ گھريلو مصروفيتن باوجود سياست کي به چڱو وقت ڏنو، پر هن جو هڪ اهم ڪارنامو اسلام آباد ۾ هڪ لائبريري جو قيام عمل ۾ آڻڻ آهي. اها ڪا عام لائبريري نه آهي پر ان لائبريري ۾ سوشل سائنسز جي حوالي سان بي انتها مواد موجود آهي، جنهن ۾ ڪتابن ۽ رسالن کان ويندي اخبارون ۽ ٻيو کوڙ سارو آرڪائيول مواد پڻ موجود آهي. احمد سليم صاحب پنهنجي سڄي ڄمار جتي به ويندو رهيو آهي، پوءِ چاهي اهو پاڪستان جو ڪو شهر هجي يا صوبو يا پوءِ دنيا جو ڪو به ملڪ، پر هي جسماني طور صفا نفيس ۽ هن عمر جڏهن هن جا هٿ به ڏڪندا رهن ٿا، دوران به پوري ڪوشش ڪندو رهي ٿو ته، جيترو مواد پوءِ چاهي اهو انگريزي ۾ هجي، اردو، سنڌي، بلوچي، پشتو، براهوي، سرائيڪي ۾ پر هو پنهنجي لائبريري جي وسيع پيٽ کي ڀرڻ لاءِ اهو مواد ضرور آڻيندو رهي ٿو.

احمد سليم صاحب جي ان لائبريري ۽ ڪاوشن جو اقرار ڪامران اصدر علي به پنهنجي پاڪستان جي ڪميونسٽ سياست متعلق لکيل ڪتاب ۾ ڪيو آهي ته، هن کي احمد سليم صاحب کان اهڙو مواد به مليو جيڪو هن کي باقي پوري ملڪ جي لائبريرين ۾ به نه ملي سگھيو. ساڳئي وقت احمد سليم صاحب اهو مانجھي مرد آهي جنهن جي ڪامريڊ هوچي منهه سان به مختصر خط ڪتابت رهي آهي. خير احمد سليم صاحب جو ايترو طويل ذڪر ڪرڻ جو مقصد فقط اهو آهي ته، احمد سليم ۽ سندس هڪ شاگردياڻي نزهت عباس طرفان گذريل سال ئي ڪامريڊ ڄام ساقي جي زندگي ۽ سندس سياسي سفر متعلق اردو ٻولي ۾ هڪ تمام بهترين ڪتاب ڇپايو ويو آهي. ان ڪتاب لکڻ جي حوالي سان ۲۰۱۶ع ۾ احمد سليم صاحب مون سان به ذڪر ڪيو هو ۽ هن سائين بدر ابڙو جي جيل ڊائري جا ڪجھ صفحا مون کي سنڌي منجھان اردو ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ به ڏنا هئا، جيڪي ان ڪتاب ۾ ئي شامل ڪرڻا هئا. منهنجي خيال ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جي زندگي ۽ سياست کي سمجھڻ لاءِ ان ڪتاب کان وڌيڪ ٻيو ڪو به مواد ايترو ڪارآمد ثابت نٿو ٿي سگھي. ان سان گڏوگڏ تمام بهترين ڳالهه اها به آهي ته اهو ڪتاب ڪامريڊ ڄام ساقي جي زندگيءَ ۾ ئي ڇپجي ويو.

ڪامريڊ ڄام ساقي جو تعلق ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنجھي سان هو، جتي سندس جنم ۱۹۴۴ع ۾ ٿيو. ڪامريڊ منظم سياست جي شروعات پنهنجي شاگردي واري زماني کان ڪئي، جڏهن هن جي ئي ڪوششن سان حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد وڌو ويو. حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻي ماما يوسف لغاري ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي وٽ ئي هئي، جڏهن ۴ مارچ ۱۹۶۷ع ڏينهن سنڌ يونيورسٽي جي هڪ سنڌي وائيس چانسلر جنهن کي حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ ڪمشنر مسرور طرفان بدلي ڪيو ويو هو، جي بحالي لاءِ هلندڙ تحريڪ تي پوليس ڏمرجي پئي. اهو ڏينهن سنڌ اندر شاگرد جدوجهد جي حوالي سان تمام گھڻو مشهور آهي جيڪو هر سال ۴ مارچ تي تمام جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي. اهو ڪامريڊ ڄام ساقي جو ئي ڪمال هو جنهن هڪ طرف بعد ۾ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ايس اين ايس ايف) جو نالو ڏنو ته ساڳئي وقت، ان شاگرد جدوجهد جو مورچو ايوبي آمريت مخالف بڻايو ويو. اهي ان دور جا شاگرد ئي هئا جن پوري ملڪ اندر ايوبي آمريت خلاف زبردست جدوجهد ڪئي، جنهن کي پروفيسر عزيزالدين احمد پنهنجي شاگرد سياست جي حوالي سان لکيل ڪتاب ۾ تمام بهتر نموني بيان ڪيو آهي. ان ئي شاگرد جدوجهد دوران سنڌ اندر ڪامريڊ ڄام ساقي جي اڳواڻي ۾ به ايوب خلاف زبردست جدوجهد هلي. ان شاگرد جدوجهد کانپوءِ ڪمزور ٿيل ايوب شاهي کي وڌيڪ ڏار وجھڻ لاءِ ذوالفقار ڀٽو به ميدان تي لٿو، جنهن کي پڻ ڪامريڊ ڄام ساقي طرفان حيدرآباد ۾ هڪ جلسي ۾ بطور مهمان خاص طور گھرايو ويو هو.

ڄام ساقي جو تعلق ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سان رهيو جنهن پارٽي تي شروع ڏينهن کانوٺي اهو الزام لڳندو رهيو آهي ته، سڀ کان پهرين ته ان جي قيادت هندستان کان گھرايل هئي جنهن کي پاڪستان جي صورتحال جي درست نموني پروڻ نه هئي. ڪميونسٽ پارٽي تي ٻيو الزام اهو به لڳندو رهيو آهي ته، اها قومي سوال تي چٽو موقف اختيار نه ڪري سگھي. ان حوالي سان جيتريقدر پهرين الزام جو سوال آهي ته، ان لاءِ اهو واضع هو ته، ۱۹۴۸ع ۾ پارٽي جي ٺهڻ شرط ئي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا طرفان سجاد ظهير، سبط حسن، حسن ناصر ۽ ڪجھ ٻين ڪامريڊن کي پاڪستان موڪليو ويو. ان وقت جيڪو پارٽي جو پولٽ بيورو يعني جنهن وٽ آخري فيصلي جا سمورا اختيار هئا، سو انهن ئي هندستان کان آيل ڪامريڊن تي مشتمل هو. ان منجھان اها ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته، ڪميونسٽ پارٽي جون واڳون انهن ئي هندستان کان آيل ڪامريڊن جي هٿ وس هيون. ان حد تائين جو ڪميونسٽ پارٽي جي ئي محاذ انجمن ترقي پسند مصنفين جو سيڪريٽري جنرل به ڪافي عرصي تائين سجاد ظهير ئي رهيو، جنهن جو هو حقدار به هو ڇاڪاڻ ته بنيادي طور سجاد ظهير سياست کان وڌيڪ ادبي دنيا جو ماڻهو هو.

پر جيتريحد تائين قومي سوال جي حوالي سان ڪميونسٽ پارٽي جو موقف چٽو نه هجڻ وارو سوال آهي، سو ڪافي بحث طلب موضوع آهي. مثلن، ڪميونسٽ پارٽي جي ئي شاگرد محاذ تحت جڏهن ڄام ساقي ۽ ٻيا ڪامريڊ تحريڪ هلائي رهيا هئا ته، ان تحريڪ جي مطالبن ۾ سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي حق ۾ به مطالبا شامل هئا. ساڳيءَ طرح، ڪامريڊ ڄام ساقي جي هڪ قومي سوال جي حوالي سان تقرير جنهن کي بعد ۾ ڪتابچي جي شڪل ۾ ڇاپيو ويو هو، تنهن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو قومي سوال جي حوالي سان موقف بهتر نظر اچي ٿو. ها البته ڪميونسٽ پارٽي جي اردو ڳالهائيندڙ قيادت جنهن جو گھڻو تڻو زور ڪراچي جي مزدورن کي ئي منظم ڪرڻ ۽ اردو ڳالهائيندڙ ڪجھ ڌرين ان حد تائين جو بعد ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي ۽ غنڊاگردي متعلق ڪو خاص ردعمل نظر نه آيو آهي. ڪنهن حد تائين پروفيسر جمال نقوي پارٽي تي تنقيدي نقطئه نظر پيش ڪرڻ جي حوالي سان لکيل پنهنجي رپورٽ ۾ قومي سوال واري معاملي کي اجاگر ڪيو آهي، پر جڏهن تنقيدي نقطئه نگاهه سان ڏسجي ته، اردو ڳالهائيندڙ قيادت جي هوندي ننڍين قومن خاص طور سنڌين جو پوري سنڌ سميت ڪراچي ۾ به استحصال تي ان قيادت جو خاص موقف نظر نٿو اچي.

بهرحال، قومي سوال تي ڪامريڊ ڄام ساقي ڪافي حد تائين متحرڪ نظر ايندو رهيو، جنهن نيشنل عوامي پارٽي جي پليٽ فارم تان ۱۹۷۲ع ۾ جڏهن ۱۹۷۳ع واري آئين متعلق بحث هلندڙ هو، متعلق به ڪافي بهتر موقف رکندي، آئين ۾ صوبائي خودمختياري تي ڪافي زور ڏنو. اها ڳالهه احمد سليم به پنهنجي ڪتاب ۾ لکي آهي ۽ ساڳي ڳالهه مون سان انٽرويو دوران به ڪامريڊ دهرائي هئي ته ڪهڙي نموني هو سنڌي قوم سميت سنڌي ٻولي ۽ ٻين قومن ۽ ٻولين جي حوالي سان ڪردار ادا ڪندو رهيو. ها اهو ممڪن ٿي سگھي ٿو ته، ڪامريڊ ڄام ساقي شايد قومي سوال تي ايڏو چٽو موقف اختيار نه به ڪندو هجي، جيترو سنڌي قومپرست ڪندا رهن ٿا. پر ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته، قومپرست سياست فقط هڪ دائري يعني قومي مسئلي جي چوطرف گھمي ٿي، پر ٻئي طرف ڪميونسٽ هڪ ئي وقت قومي جبر کي به نندي ٿو ته طبقاتي استحصال خلاف به آواز بلند ڪري ٿو. ان حوالي سان بلوچستان ۾ ۱۹۷۸ع ۾ پٽ فيڊر واري تحريڪ ۾ ڪميونسٽ پارٽي خاص طور ادي حميدهه گھانگرو ۽ ٻين ڪامريڊن جي جدوجهد به مثالي هئي. باقي بقول مير ٿيٻو جي ته، ڪامريڊ نظير عباسي پارٽي اندر قومپرست رجحانن کي ننديندو رهندو هو. ڇاڪاڻ ته هو پاڻ کي پاڪستاني تصور ڪندي اهو چوندو هو ته، جڏهن طبقاتي نظام ختم ٿيندو ته قومي جبر خد بخد ختم ٿي ويندو.

شاگرد سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ ضياءَ آمريت دوران ڪامريڊ ڄام ساقي ڪيترين ئي اذيتن کي منهن پڻ ڏنو. هن کي ۱۹۷۸ع ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ۱۹۸۰ع ۾ جڏهن ڪميونسٽ پارٽي جي ستن ٻين ڪامريڊن؛ نظير عباسي، پروفيسر جمال نقوي، امر لال، سهيل سانگي، احمد ڪمال وارثي، شبير شر ۽ بدر ابڙو کي گرفتار ڪيو ويو، تن منجھان نظير عباسي کي ڇڏي باقي ڪامريڊن جي خلاف ملٽري ٽربيونل ۾ ڪيس هلايو ويو، جيڪو پهرين ڪميونسٽ ڪيس ۽ بعد ۾ ڄام ساقي ڪيس جي نالي سان مشهور ٿيو. اهو ضياءَ شاهي جو ئي دور هو جڏهن ڪيس هلڻ کان پهرين ئي خفيه نموني ڪامريڊ نظير عباسي کي ڪامريڊ حسن ناصر جيان اذيتون ڏيئي جيل ۾ ئي شهيد ڪيو ويو. جنهن کان ڪجھ وقت بعد، اها ڪوڙي خبر هلائي وئي ته، ڪامريڊ ڄام ساقي به ماريو ويو آهي. اها ئي ڪوڙي خبر ڪامريڊ جي گھرواري سکان مٿان وڄ جيان ڪري، جنهن ان خبر کي صحيح سمجھندي کوهه ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجي زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجھائي ڇڏيو. ضياءُ دور ۽ خاص طور ڄام ساقي ڪيس وارو عرصو جيتوڻيڪ ڪميونسٽ پارٽي لاءِ ڏکيو ضرور هو، جڏهن نه صرف ڪميونسٽ پارٽي پر هر کاٻي ڌر، ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند آواز کي دٻايو پئي ويو. ان وقت هڪ طرف حيدرآباد سازش ڪيس تحت ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ سندس مٿي بيان ڪيل ساٿي جيل جي شيخن پٺيان هئا ته، جيل کان ٻاهر وري جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ (ايم آر ڊي) به زور پڪڙي رهي هئي. اهو ئي وقت هو جڏهن ضياءَ آمريت جمهوريت جي تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ مختلف حربا هلائي رهي هئي ته ۱۹۸۱ع ۾ جهاز هائيجيڪنگ ڪيس سامهون آيو، جنهن مطابق الذوالفقار تنظيم جيڪا ميرمرتضي ڀٽي جي قيادت ۾ هلائي پئي وئي، طرفان جهاز هائيجيڪ ڪيو ويو. ان جهاز هائيجيڪ ڪيس جو نزلو سمورين سياسي پارٽين تي ڪريو جنهن بعد ايم آر ڊي تحريڪ ڪافي ماٺي ٿي وئي. پر هڪ دفعو ٻيهر جڏهن ڄام ساقي ۽ ساٿين طرفان پنهنجي گواهن طور ملڪ جي نامور شخصيتن بشمول محترمه بينظير ڀٽو، ولي خان ۽ مير غوث بخش بزنجو جا نالا ڏنا ويا ته، ان سان نه صرف ڄام ساقي ڪيس ۾ جدت آئي پر گڏوگڏ ايم آر ڊي تحريڪ به وري نئين سري سان اڀرڻ لڳي. جيتوڻيڪ اها به حقيقت آهي ته، ايم آر ڊي کي صحيح معني ۾ عوامي جدوجهد بڻائڻ ۾ پ پ پ ۽ عوامي تحريڪ جو وڏو ڪردار هو. پر ڪميونسٽن خلاف ڌرتي تنگ هجڻ باوجود جيل جي اندران ئي ڄام ساقي ڪيس جي شڪل ۾ تحريڪ کي اڀارڻ جي به ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وئي. ڪامريڊ ڄام ساقي جو ڊگھو بيان جيڪو هن ملٽري ٽربيونل جي سامهون ڏنو سو اڄ به تاريخ جو حصو آهي. اهو انگريزي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا طرفان ڇپايل به آهي، جنهن کي پڙهڻ سان ڪامريڊ ڄام ساقي جي شخصيت، ڄاڻ ۽ حوصلي جي بخوبي ڄاڻ ملي ٿي.

۱۹۹۱ع جيڪو ڪميونسٽ سياست جو هڪ بدترين سال ثابت ٿيو جڏهن سوويت يونين جو خاتمو ڪيو ويو. مون طرفان ورتل انٽرويو ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي سوويت جي زوال جو اهم سبب گورباچوف جي پاليسين کي سمجھي رهيو هو، جنهن سوويت جو ٻيڙو ٻوڙيو. بهرحال، سوويت يونين جو زوال صرف سوويت يونين تائين محدود نه رهيو پر ان جا منفي اثر پوري دنيا بشمول پاڪستان جي سياست تي به پيا. انهن ئي اثرن جو نتيجو هو جو ڪامريڊ ڄام ساقي به ڪميونسٽ پارٽي کان جدا ٿي ويو ۽ بعد ۾ هن پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي. پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ پٺيان محترمه بينظير ڀٽو ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير عبدالله شاهه جي ذريعي ڄام ساقي کي پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جي دعوت ڏني، جيڪا ڪامريڊ قبول ڪئي. ڪامريڊ جي پ پ پ ۾ شموليت تي هن جا ڪيترائي ويجھا ساٿي جن کي شهيد ڀٽي جي دور جو به خاص تجربو هو ۽ اهي اهو به سمجھي رهيا هئا ته، هاڻي پ پ پ جو پري پري تائين سوشلزم سان ڪو واسطو نه رهيو هو، ان گھڙيءَ ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جو پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ تڪراري بڻجي چڪو هو. منهنجي ان متعلق سوال جي جواب ۾ ڪامريڊ جو چوڻ هو ته، بلڪل هن تنقيد کي منهن ڏنو آهي پر پنهنجي ان دور ۾ هن طرفان جيڪي مزدورن جي حقن لاءِ ڪانفرنسون ڪرايون ويون، جن ۾ ڪيترن ئي ليبر يونين ۽ کاٻي ڌر جي اڳواڻن کي پنهنجو موقف رکڻ جو موقعو مليو، اهو تنقيد ڪندڙن کان ڇو ٿو وسري.

بهرحال، تقريبن هر سياسي ماڻهو جي سياسي سفر متعلق ٻه مختلف رايا ضرور هجن ٿا، پر اهو هرگز نه وسارڻ گھرجي ته ان شخصيت جو ڪهڙو پاسو وڌيڪ اهم رهيو آهي. ڪامريڊ سان اختلاف رکڻ جو حق هر ڪنهن کي آهي پر ڇا ان جو اهو مطلب آهي ته، هن جي سمورين جدوجهدن ۽ قربانين کي رد ڪري ڇڏجي؟ منهنجي خيال ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جي پوري جدوجهد پر خاص طور شاگرد جدوجهد سنڌ سميت پوري ملڪ جي شاگردن لاءِ مشعل راهه آهي. ائين ئي جيئن بلوچستان ۾ بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (بي ايس او) جي پليٽ فارم تان بعد ۾ وڏا وڏا نالا سامهون آيا، تيئن ئي سنڌ اندر به ڊي ايس ايف، ايس اين ايس ايف، اين ايس ايف، جساف، ۽ ايس ايس ٽي جي پليٽ فارمن تان سياست جي شروعات ڪندڙ به بعد ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ جي اهم سياسي شخصيتن ۾ شمار ٿيندا رهيا آهن.

مان ڪامريڊ ڄام ساقي جي وڇوڙي تي سندس ڪٽنب سميت پوري سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي ڌرين خاص طور کاٻي ڌر سان سلهاڙيل ڌرين سان تعزيت ڪندي، اها اميد ڪيان ٿو ته، هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان اندر اها ماضي واري مزاحمتي سياست جو دور واپس ايندو، جڏهن بجاءِ پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن جي پورائي خاطر سياست جي، سنڌ ۽ ملڪ جي ڏتڙيل عوام جي حقن جي سياست لاءِ ميدان ملهائبو.


 

ڄام ساقي

رومانس جو ٻيو نالو

سجاد ظهير

سماج جي مت ڀيد کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي تحريڪون ملن ٿيون، انهن پُٺ تي پيل انسانن کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي وِت ۽ وس آهر جدوجهد پئي ڪئي آهي. انهن تحريڪن سماجي روين ۾ برداشت جو هڪڙو عنصر پڻ پيدا ڪيو. اهي تحريڪون جن عوامي مورچن تي ويڙهه وڙهي، اهي مورچا سماجي تاريخ جا وڏا باب بڻجي ويا. انهن جا ٻه نمونا هُئا هڪڙيون اهي جيڪي مٿاهين طبقي پاران شروع ڪيون ويون هيون. ٻيون اهي تحريڪون جن هيٺين طبقي خاص ڪري پيڙيل طبقي جي خوشحالي لاءِ عوام کي متحرڪ ڪيو. انهن ۾ کاٻي ڌر جي تحريڪن تمام گهڻو عملي ڪردار ادا ڪيو. ڪميونسٽ پارٽيءَ ننڍي کنڊ ۾ هڪ تمام وڏي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو. جنهن وڏن وڏن ماڻهن کي ڊي ڪلاس ڪري پاڻ سان گڏ بيهاريو. مسلم- هندو فرق واري سياست ۽ ڪانگريس جي رومانوي جٿن جي هوندي ڪميونسٽ سياست پنهنجا پيرا مضبوط ڪيا اها ننڍي کنڊ جي عام ماڻهو جي سوڀ هُئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻي ۾ تمام وڏا نالا شامل هُئا. سجاد ظهير، سبط حسن، فيروزالدين منصور، ايرڪ سپرين، ميجر اسحاق، سوڀو گيان چنداڻي، سي آر اسلم ۽ ٻيا کوڙ نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. هيءُ سمورا نالا ڪميونسٽن خلاف مشهور جوڙيل ڪيس “ پنڊي سازش ڪيس” دوران وڏي ڏاڍ جو شڪار بڻيا. جيل ڪاٽڻ کان پوءِ جڏهن آزاد ٿيا ته هنن سياست کان هٽي ڪري علمي ۽ ادبي ڪم کي بنياد بڻايو. پاڪستان جي کاٻي ڌر واري واري سياست کي ڄڻ ٻنڊو آيو. انهي ماٺ کي ٽوڙيو، جنهن جو نالو ڄام ساقي هو. جنهن پُٺ تي پيل علائقي، ٿر پارڪر مان ان ماٺ کي ٽوڙيندي سامراج کي للڪار ڪئي. کيس پورهيت ۽ پيڙيل عوام گهٽي گهٽي ۽ ڳلي ڳلي ۾ “ تنهنجو ساٿي، منهنجو ساٿي، ڄام ساقي ڄام ساقي” جي نعرن سان مشهور ڪري ڇڏيو. ها انهي ڄام ساقي کي هاڻي تاريخ جي ڪتابن ۽ پاڪستان جي عوامي سياست ۾ هڪ وڏي سياستدان جي طور تي ياد ڪنداسين. اهو ڄام ساقي ڌرتي کي آخري چمي ڏئي پيڙيل طبقي جي بقا جو سپنو سانڍي ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿي چڪو آهي. اسان ساڻس ڪيترو انصاف ڪيو. ان جو فيصلو وقت ڪندو، پر تاريخ کيس جيڪا مهانتا ڏني، اها ورلي ڪنهن ماڻهو کي ملندي آهي.

ڄام ساقي جنهن جو اصل نالو محمد ڄام هو، سندس جنم ٿرپارڪر جي هڪ استاد سائين محمد سچل جي گهر ۾ ۳۱ آڪٽوبر ۱۹۴۴ع تي ڳوٺ جنجهيءَ، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٿيو. سياست سندس مضمون هئو. جڏهن ڪاليجن ۾ شاگرد تحريڪ پنهنجي جوهر ۾ بيٺي هُئي، ڪامريڊ ڄام ساقي انهي ۾ شامل ٿي ويو. حيدرآباد ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ۱۹۶۱ع دوران حيدرآباد شاگردن جي تنظيم “حيدرآباد اسٽوڊنٽ فيڊريشن” جو جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو. شاگردن جي مسئلن تي سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. ڦوهه جواني ۾ سندس اکين اڳيان هڪ پاسي بنگال جي ٻولي جي سوال کي سامهون ڏٺائين ۽ پرکيائين. ٻئي پاسي ون يونٽ جي سوال سندس ذهن ۾ ڪيترائي بحث اٿاري وڌا. ٽئين پاسي قومي سوال سندس ذهن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو. چوٿون بُک ۽ غربت ۾ ورتل مظلومن جي ڏکن ۽ ڏوجهرن جو ڪُوڪُون هيون. اهڙي ماحول ۾ هن سمجهي ورتو شاگردن کي سنڌ سطح تي منظم ڪجي. ترقي پسند شاگردن سان گڏجي سنڌ نيشنل اسٽوڊينٽ فيڊريشن جو بنياد وڌائين. کيس انهي جي صدارت لاءِ چونڊيو ويو، اهي ڏينهن هئا، جڏهن ملڪ ۾ قومن جو سوال اُڀُ ڪڍيو بيٺو هو. تاريخ ۾ ملي ٿو ته بنگال انهي تحريڪ ۾ سڀني قومن کان اڳرو نظر پئي آيو. بنگال جي مسئلي تي سندس پريس بيان سموري ملڪ ۾ باهه لڳائي ڇڏي هُئي، جيڪا سندس لاءِ ڀنڀٽ بڻي ۽ هو روپوش ٿي جدوجهد ڪرڻ لڳو. کيس فوجي عدالتن پاران ڳولي جيل ڀيڙو به ڪيو ويو، جيل ۾ سندس ملاقاتون مختلف ترقي پسندن سان ٿيون. جن سندس ذهن کي کوليو ۽ ڌوڏيو. هيءُ اهي ڏينهن هُئا جڏهن ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي پابندي هُئي، ملڪ جي ترقي پسندن ۽ جمهوريت پسندن گڏجي نيشنل عوامي پارٽي جو بنياد وڌو، ڄام ساقي جيڪو هاڻي مڪمل طور ڪامريڊ بڻجي چڪو هو نعپ ۾ شامل ٿي ويو. ان وقت ۾ چوٽي جي ڪميونسٽ اڳواڻن سان سندس ملاقاتون رهيون. پاڪستاني سياست مٿان روشن خيال ۽ ترقي پسند قوتن جو چڱو اثر هو. جنهن کي ڪامريڊ ڄام ساقي پڪو ۽ پختو بڻايو. جنرل ضياءَ جو  آمريتي دور ڪميونسٽ تحريڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ رهيو، ڪامريڊ ڄام وڌ کان وڌ انهي سموري مارشل لا دور ۾ قيد رهيو. ڪميونسٽ پارٽي جي ليڊر ۽ سندس ساٿي ڪامريڊ نذير عباسي کي ٽارچر سيل ۾ قتل ڪيو ويو. سوشلسٽ تحريڪ جو هيءُ قافلو جنهن جي اڳواڻي ڪامريڊ ڄام ساقي پئي ڪئي، آمريتي دور ۾ کن پل لاءِ به ماٺو ڪِين ٿيو. ڊڪٽيٽرشپ جي ڪاري دور ڪامريڊ ڄام جمهوري جنگ لاٰءِ ويڙهه ڪندو رهيو. سندس ونيءَ جي ڏکوئيندڙ وفات واري درد به کيس ڪين جهوري سگهيو، هو جبلن کي ڏاريندو رهيو. ۹۰ واري ڏهاڪي دوران پاڪستان ۾ جهاز اغوا ڪرڻ واري واقعي کان پوءِ ڪامريڊ ڄام جي آزادي جو پڻ مطالبو رکيو ويو، جيڪو هن رد ڪندي پنهنجي الڳ سياسي طريقي جي ثابتي ڏني. جنهن ڪيس ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سمورن اڳواڻ کي جيل ۾ بند ڪيو ويو، انهي ۾ اهي قوتون ناڪام ٿيون، آمريت جو سج لٿو،

هڪ نئين صبح جمهوريت جي بحالي ۾ آرس ڀڳو، نيٺ عدالتن جي منصفن کي ڪجھه خيال آيو، جمهوريت پسندن جو هيءُ سوشلسٽ ليڊر سمورن ساٿين سان آزادي ماڻي عوام ۾ لٿو ته ٻئي پاسي آمريتي بادشاهه جهاز جي بم ڌماڪي ۾ اهڙو تباهه ٿيو جو سڃاڻپ ئي نه بچيس. هر پاسي جمهوريت جي سوڀ جا نگارا وڄڻ لڳا. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان منظر تي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو. ڪامريڊ ڄام ساقي سيڪريٽري جنرل طور سموري پاڪستان جا دورا ڪيا. سموري ملڪ سميت سنڌ ۾ ڪامريڊ ڄام کي تمام گهڻي موٽ ملي، هر پاسي سندس آجيان ۾ نعرن جي گونج ٿيندي وئي. ۱۹۸۸ع جڏهن منهنجي جنم واري شهر موري ۾ کيس آجياڻو ڏنو ويو ته اتي پير رکڻ جي جڳهه به نه هُئي. مون پهريون دفعو کيس پنهنجي گهر جي آڳر ۾ ڏٺو جيڪا دعوت سندس جلسي کان پوءِ منهنجي والد پاران ڪئي وئي هُئي. اسان جي گهر جا ڪيترائي فرد سندس پارٽي جي مختلف فرنٽن تي سرگرم هوندا هئا. جنهن ۾ هاري ڪميٽي، ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊينٽ فيڊريشن، ساٿي ٻارڙا سنگت شامل هئا، آءُ ٻارڙن واري پليٽ فارم جو سرگرم ڪارڪن هئس. ڪامريڊ ڄام سان ملڻ جا ڪيترائي موقعا مليا. دادو ۾ حيدر بخش جتوئي جي ايڪويهين ورسي جيڪا ميونسپل پارڪ ۾ ٿي هُئي، انهي رات هندستاني وزير اعظم راجيو گانڌي جو قتل ٿيو هو، ڪامريڊ ڄام پنهنجي ڪرشماتي انداز سان انهي سموري منظر نامي، خاص ڪري ايشيائي سياست تي سائنسي نقطئه نگاهه سان ڳالهايو هو. دوڙ (نواب شاهه) ۾ ٿيل نذير عباسي جي ورسي جيڪا ڊي ايس ايف طرفان ملهائي وئي هُئي، اتي اسان کيس ٻڌو سندس استقبال اسان جي ننڍن ذهنن کي پريشان ڪري ڇڏيندو هو. سيد رشيد شاهه جي گهر تي ڪامريڊ ڄام سان ٿيل ملاقاتون اسان جي سياسي زندگي جون شاهڪار ملاقاتون هيون. مٺياڻي( نوشهرو فيروز) ۾ ٿيل پهرين مئي جا جلسا ۽ اسان جا نعرا اڄ به اسان کي ياد آهن. سندس سياست ۾ لاها چاڙها آيا، سوويت يونين ٽٽو، پر ڄام ساقي مضبوط بڻيو رهيو، جمهوري سوال تي پاڻ “جمهوري تحريڪ” نالي تنظيم جوڙيائين ريتي کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪيائين اسان پنهنجي ٻاروتڻ ۾ ان لانگ مارچ جو حصو بڻياسين، پيرين پنڌ هلياسين، ڇاڪاڻ جو ڄام ساقي هڪ رومانس هو، جنهن کي ڇڏڻ اسان لاءِ مشڪل هو. ساڻس مختلف تقريبن ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون ڪامريڊ مون کي هميشه پري کان سڃاڻي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندو هو.

سندس سياست سماج مان متڀيد ختم ڪرڻ لاءِ هميشه جهيڙيندي رهي. ڪامريڊ ڄام ساقي اڏول انسان هو، جنهن کي ڪو به نه لوڏي سگهيو، سندس مٿان آمريتي ٽارچر سيلن ۾ ڪيل تشدد سندس ذهن تي اثر ڪندو رهيو. مون کي ياد پئي ٿو ته اهو سال ۱۹۹۳ع جو هو، لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي کي هڪ تقريب دوران برين هيمريج جو حملو ٿيو، ڊاڪٽر کيس لادوا ۽ لاعلاج ڪري ڇڏيو، سموري سنڌ ۾ سندس علاج لاءِ مظاهرا ٿيا. وقت جي حڪومت کي خيال پيو، جمهوريت جي هن عظيم سپاهي جو علاج ٻاهرين ملڪ مان ڪرايو ويو، علاج ضرور ٿيو، زندگي موٽي ملي پر سگهه اُها برقرار نه رهي، جنهن جو اندازو کوڙ سال پوءِ ۱۹۹۹ع ڌاري نسيم نگر ۾ ٿيل ملاقات دوران ٿيو، ڪامريڊ مون کي نه سڃاتو، سندس طبيعت ۾ اهو مزو نه لڳو، مون سمجهي ورتو ته سندس جدوجهد جيتري سگهه اسان ۾ ناهي، انهي تي تنقيد اهو ڪري جيڪو ايڏي وڏي ويڙهه وڙهي آيو هجي، تندرست ڄام ساقي هر حال ۾ وڙهندو رهيو، ذهنن تي ٿيل برين هيمريج جهڙن حملن کان پوءِ به زندگي جي آخري گهڙين ۾ به هُن سوشلزم تان هٿ نه کنيو. کيس پختو يقين هو ته پيڙيل طبقي جي آزادي برابري واري نظام ۾ آهي. ڪامريڊ ڄام ساقي. جي ڊگهي جدوجهد ۽ عظمت انهي ڳالهه جي سڃاڻپ آهي، اُها اها ته ملڪ جي سمورين ٻولين واري پرنٽ توڙي ايڪٽرانڪ ميڊيا کيس جيڪا جڳهه ڏني آهي سندس عظيم ليڊر واري حيثيت کي ٻيڻو ڪيو بيٺي آهي. ڪامريڊ ڄام جنهن تي کوڙ حلقن جا سوال آهن، اهي هجڻ گهرجن، سوال سماجي سائنس جو جُز آهي. هُو پنهنجي جدوجهد جا مختلف دور پورا ڪري هاڻي ابدي ننڊ سمهي چڪو آهي، هاڻي انهي ساز کي وڃائڻ لاءِ هڪ ٻئي راڳي جي ضرورت آهي، جيڪو انهي فن تي ان کان وڌيڪ دسترس رکندو هجي! بي صورت اختلافن باوجود سندس عظمت ٻيڻي بڻيو بيٺي آهي، جيڪا هيڪوڻي ڪرڻ آسان ناهي. انهي لاءِ ڪامريڊ ڄام ساقي پورهيتن، ڏتڙيلن، مظلومن، هڏڏوکين ۽ مزدورن جي عملي جدوجهد جو رومانس بڻيل رهندو.

جو ساز سدائين پيو وڄندو ۽ گيت ازل جا ڳائيندو

جي آءُ نه سهي ڪو ٻيو راڳي جاڳي اڌ رات وڃائيندو (شيخ اياز)


 

ڄام ساقيءَ جا خواب ۽ جدوجهد

مهتاب اڪبر راشدي

۵ مارچ تي ملڪ کان ٻاهر هئس، پرديس ۾ ڄام ساقيءَ جي فاني جهان مان لاڏاڻي جي خبر ملي، اکيون ڀرجي آيون، ڏک ڪنهن سان ونڊيا ها؟ دير تائين هوٽل جي ڪمري ۾ ويهي، وڃڻ واري کي ڏکيل دل ۽ جذبن جي ڀيٽا ڏيندي رهيس.

ڄام ساقي! جنهن جي سڄي زندگي پاڻ کي ڇڏي باقي ٻين جي لاءِ عزت ڀري جيئدان جي ڳولا ۾ گذري وئي، جيڪو نه ڄام هو نه ساقي هو پر سڀني جو ساٿي هو. ٿر جي ريگستان مان اڀريل هڪ کُنڀي مثل هو، جيڪا مينهن جي هڪ ڦڙي جي ٻاجهه مان جنم وٺندي آهي. هن جي دل ٿر جي ئي ريگستان وانگر وشال هئي ۽ ريگستان جي ئي سخت موسمن ۾ پلجي هو برداشت ۾ ته ڏاڍو هو پر مزاج ۾ ٻين لاءِ انتهائي نرم ۽ ويجهڙائي ڏيڻ وارو هو. تڏهن ته هو سڀني جي ڏک سک جو ساٿي هو. سندس زندگيءَ تي ويچاريندي اهو پئي خيال آيو ته انسانن کي پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي دور ملندا آهن آس پاس جي جن ماڻهن سان سندس ميل ميلاپ رهندو آهي، انهن مان ملڻ جلڻ ۽ گڏ رهڻ سان ئي سندن سوچ ۽ لاڙا تبديل ٿيندا آهن. ڄام ساقي ته انتهائي اٿل پٿل واري دور ۾ اکيون پٽيون. دنيا ٻه عالمي جنگيون ڏسي چڪي هئي، انگريزن جو بيٺڪيت وارو دور موٽ کائڻ لڳو هو. ننڍي کنڊ ۾ به انگريزن ويندي ويندي نفرت ۽ تعصب جو ٻج پوکيو. مذهب کي بنياد بڻائي ملڪ ورهايا ويا، جتي ڄام پئي وسيو اتي نئون ”پاڪستان“ نالي سان نروار ٿيو.

سمجهان ٿي ته هو جتي جو ڄايو هو، اتي هن کي انسان کي سڀني تعصب کان مٿاهون ٿي پرکڻ جو بنيادي سبق ان ”فطرت“ ڏنو، جيڪا ٿر ۾ مختلف حوالن سان ظاهر ٿيندي رهندي آهي. ٿر ڀلي ته برُ هجي پر رنگ برنگي به اتي پنهنجي تمام تر حسناڪي سان ويراني ۾ رنگ پيا پکيڙيندا، هرڻ به اتي وڏا ڇال ڏيندا ڊوڙندا، اٺ به انهيءَ ئي بي رحم سج ۽ بي آب و گياهه مسافت ۾ انسان کي سفر جو وسيلو بڻيو وڃن. ته وري جڏهن ڪڪر مهربان ٿين ته ڏسندي ئي ڏسندي سڄو ريگستان چراگاهه ۾ تبديل ٿيو وڃي.

ڄام ساقي به فطرت جي انهن موسمن جو پرورده هو، جتان به پڙهيو ۽ جنهن کان به پڙهيو پر اهڙو رچي راس ٿيو جو، سندس اها سوچ ۽ خيال نه ڪڏهن بدليا ۽ نه ئي کوٽ ثابت ٿيا. هن پنهنجي نوجوانيءَ ۾ ملڪ کي انگريزن کان آزاد ٿيندي ڏٺو ته وري ان آزاديءَ کي جاگيردارن، سرمائيدارن، نوڪر شاهي ۽ فوجي حڪمرانيءَ جي چنبي ۾ قابو ٿيندي به ڏٺو.

ڄام ساقيءَ جو دور”کاٻي ڌر ۽ مارڪسسٽ“ سوچ ۽ خيال رکڻ وارن جو دور هو. مارڪس ۽ لينن هر آزاد فڪر نوجوان جو آئيڊيل هئا ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اهو نوجوان نسل مارڪسسٽ نظرئي تحت معاشري ۾ هڪ جهڙائي، اقتصادي برابري ۽ انصاف تي ٻڌل نظام کي قائم ڪرڻ جي گهر ڪري رهيا هئا، هو سوويت يونين ۾ هلندر عملي نظام جي جبر کان اڻ واقف هئا پر نظرياتي طور ان سان سلهاڙيل رهيا، کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ هر اديب، شاعر ۽ دانشور ان نظرئي جي سرور ۾ سرشار هو، سبط حسن کان وٺي فيض احمد فيض جهڙا کاٻي ڌر وارا لکندڙ ۽ شاعر هر نوجوان لاءِ سوچ ۽ حوصلي جو اهڃاڻ رهيا. ڄام ساقي به انهي دور ۾ انهن ئي خيالن ۽ نظرين سان اڳتي وڌيو، سرخ سلام به پيش ڪندو رهيو ته سرخ جهنڊو به هٿ ۾ کنيائين.

سڄي دنيا جي محروم ماڻهن سان گڏوگڏ، پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي صوبي جي پنهنجن حقن کان محروم ماڻهن جي رهبري ۽ رهنمائي جي ذميواري به ٻين گهڻن سڄاڻ ماڻهن سان گڏ ڄام ساقيءَ جي مٿان آئي. سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد يونين ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ کان وٺي معاشري جي پٺتي پيل طبقن کي به سجاڳيءَ طرف آڻڻ جي ڪوشش ڪيائين. نوجوان ڄام ساقي پنهنجن آدرشن کي جيئرو رکڻ سان گڏوگڏ بدلجندڙ دنيا جا رنگ ڍنگ به ڏٺا، نظريا ٺهندي به ڏٺائين ته ڊهندي به ڏٺائين. جتي پاڪستان ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي وجود ۾ آيو، اتي انهيءَ ملڪ ۾ لساني ۽ مذهبي، تعصب وڌيا، مشرقي پاڪستان ۾ بنگاليءَ کي اردوءَ سان گڏ قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ لاءِ تحريڪون هليون، فساد ٿيا ۽ ڍاڪا يونيورستي جا شاگرد پنهنجي ٻولي جي تحفظ لاءِ شهيد ٿي بنگالين جا هيرو بڻجي ويا.

هندستان جي ڀيٽ ۾، پاڪستان ۾ جمهوريت، پير نه کوڙي سگهي ۽ مذهب جي نالي ۾ ٺهيل ان ملڪ ۾ مفاد پرست طبقي هڪ ٻئي سان ڳٺ جوڙ ڪري اهڙي حڪمراني جو بنياد وڌو جنهن ۾ وچولي ۽ غريب طبقي لاءِ ڪا واهه ئي ڪا نه بچي. انڌي منڊي پارلياماني نظام پير ئي نه کوڙيا ته ايوب خان جي مارشل لا جو ڏنڊو قوم مٿان وسڻ شروع ٿيو. کاٻي ڌر وارن جا سڀ آدرش آزمائش ۾ اچي ويا، نه انساني بنيادي حق رهيا، نه پنهنجي زبان جي تحفظ جي ڳالهه ٿي پئي سگهي، نه ئي ڪنهن صوبي جو تشخص رهيو ۽ نه ئي وري معاشيات ۽ اقتصاديات جي اڻ برابري تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي اجازت هئي. اهي سڀ ان دور جا تحفا هئا، جيڪي ”ون يونٽ“ جي ”نظرئي“ تحت ”پاڪستان“ کي مليا. ڄام ساقي جي عمر ڇا هوندي تڏهن؟ اها ئي ويهه پنجويهه سال! پر هن نوجوان، پنهنجي اها الهڙ جواني پنهنجي ماڻهن جي نانءُ ڪري ڇڏي، هن عمر ۾ هو پنهنجي زماني جو ڄاتل سڃاتل ڪامريڊ ۽ (اڄوڪي دور جي اظهار ۾) Activist هو. چوٿين مارچ ۱۹۶۷ع جي وڏي مظاهري جو روح روان هو، ان مارچ معاشري جي هر طبقي جي ماڻهن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ شاگردن، استادن ۽ مزدورن جو هڪ وڏو انگ شريڪ هو. اها ئي اها ”تاريخي“ تاريخ هئي، جنهن ۾ سڀني ڪارن قانونن ۽ خاص طور تي ون يونٽ جي خاتمي جي گهر ڪئي وئي. اها تاريخ ڄڻ ته آغاز هو، ان تحريڪ جو جنهن سنڌين کي پنهنجي سڃاڻپ ياد ڏيارائي. پنهنجي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ملڪ جي جابر حڪمرانن جي آڏو بيهي، انهن جي اکين ۾ اکيون وجهي پنهنجن حقن جي گهُر ڪئي. ان تحريڪ جي هر اول دستي ۾ ڄام ساقي هو، جيڪو ان مارچ ۾ شامل هو. پنهنجن حقن ماڻن لاءِ خوابن جي ساڀيان لاءِ سرخ جهنڊو کڻي، پيرين پنڌ هلندو رهيو، هن جي ساٿين سميت سڀني جا پير پٿون ٿيندا رهيا. رات جي پهر ۾ هيڊ جو ليپ لڦن تي لڳائي ٻئي ڏينهن وري سفر تي روانگي... ڇا جي لاءِ.....؟ ڄام ساقي ڇا پئي ڪرڻ چاهيو؟ هن جي منزل ڇا هئي، ڪا وڏي نوڪري، ڪا وزارت ڪا سفارت...؟ شايد نه! هن جي خواهش ته سڀني لاءِ ڪنهن اهڙي صبح جي آمد جي اميد هئي، جنهن ۾ بي گهرن کي اجهو، بي لباس کي لٽو ۽ بکين جي وات ۾ ڪو ڳڀو ملي سگهي پر ان لاءِ ته ملڪ جي سياسي نظام جو مٽجڻ ضروري هو. ان لاءِ جدوجهد ۽ مسلسل جدوجهد کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڪو نه هو.هن مارڪسٽ نظرين سان سلهاڙيل ”سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جو بنياد وڌو. جنهن جو وڏو تعلق مزدور يونين سان به رهيو ته حيدربخش جتوئي واري هاري ڪميٽي به هن لاءِ اتساهه جو سبب بڻي رهي.

ڄام ساقي ۽ ان جهڙن ڪيترن جاکوڙين ۽ ملڪ جي کاٻي ڌر سان سلهاڙيل متحرڪ ماڻهن جون ڪوششون بار آور ٿيون. ايوب خان جو ڏهه سالن وارو دور زرين اختتام پذير ٿيو. فوجي حڪومت جون واڳون ٻئي فوجي حڪمران جنرل يحيٰ خان جي هٿن ۾ آيون. حيرت انگيز طور تي هن ٻه ڪم ڀلا ڪيا هڪ ته ون يونٽ جو خاتمو ۽ ٻيو Adult Franchise  يعني هڪ شخص هڪ ووٽ جي بنياد تي ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون.

۱۹۷۰ع وارين چونڊن ۾ ڄام ساقي ٿر جي هڪ تڪ مان صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهيو، ٺاهوڪو مقابلو به ڪائين پر پنهنجي سامهون بيٺل وڏيري کان ڪامريڊ کٽي نه سگهيو. انهن ئي چونڊن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اولهه پاڪستان مان مقبول ليڊر ٿي اڀريو ۽ اوڀر پاڪستان مان شيخ مجيب الرحمان اڪثريتي سيٽن سان سامهون ايو. ان کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو هو هن ملڪ جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي. فوج، ڀٽي صاحب تي مهربانيءَ جو هٿ رکيو. بنگالين کي سبق سکارڻ لاءِ جيڪو ڪري گذريا، اهو به تاريخ جو حصو آهي. هندستان جي فوجن ۽ مڪتي باهني اهڙو ڪم ڪيو جو پاڪستاني ۹۳ هزار فوجي انهن جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪري، هندستان جي جيلن ۾ واڙجي ويا. اوڀر پاڪستان ۱۶ ڊسمبر ۱۹۷۱ ۾ بنگلاديش بڻجي ويو ۽ اولهه پاڪستان ”پورو“ پاڪستان بڻجي ويو. ذوالفقار علي ڀٽو (انعام طور پهريون ۽ شايد آخري) سولين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻجي ويو.

اهو به عجيب دور هو، خبر ئي ڪا نه پئي ته مارشل لا  هئي يا جمهوري نظام؟ انهيءَ جمهوري يعني ذوالفقار ڀٽي جي دور ۾ ان مهل سرحد ۽ بلوچستان جون چونڊيل حڪومتون ڊسمس ڪيون ويون. عوامي نيشنل پارٽي جي ولي خان سميت ڪيترائي ليڊر جيل جي سلاخن پٺيان ڪيا ويا. انهن تي ”قومي وحدت“ جي خلاف هئڻ جا الزام لڳا. سنڌ ۾ تعميري، قومي تشخص ۽ فڪر رکندڙ ڪتاب ۽ رسالا بندش جو نشانو بڻيا. سياسي رسالن جي بنهه ڪا گنجائش ئي نه هئي ۽ نه ئي وري دانشورن ۽ مخالف نظرئي رکڻ وارن کي اظهار جي آزادي هئي. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور حڪومت ۾ اسان جو لاڏلو، سچو ۽ کرو سڀ جو ساٿي ڄام ساقي، تقريبن روپوش يا انڊر گرائونڊ رهيو ۽ هن سميت ڪيترن ئي ليڊرن تي بغاوت جا الزام مڙهيا ويا.

ڄام ساقيءَ جا نظريا ۽ آدرش ته تڏهن ئي ڇيهون ڇيهون ٿي ويا هوندا پر ان باوجود ڀٽي جي حڪم خلاف ساڄي ڌر جي مذهبي جماعتن تي ٻڌل اتحاد جي پاسي کڻڻ کان به هن گريز ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽي ۽ فوج جو رومانس ۹۳ هزار فوجين جي واپسي تي هيو ۽ جڏهن هن جمهوريت مطابق خودمختيار ٿيڻ جو ڏيک ڏنو ته ڪايا پلٽجي وئي.

۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي ذوالفقار علي ڀٽي جو دور پڄاڻي تي پهتو ۽ ۹۰ ڏينهن اندر چونڊون ڪرائي چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪرڻ واري واعدي جي ابتڙ ۱۰ سال ڏاڍ تي حڪومت ڪرڻ واري منافق ۽ جابر، ميسڻي جنرل ضياءَ الحق جي جبر واري حڪومت ڪاري رات وانگر ملڪ تي مسلط رهي.

اهو شايد دنيا ۾ وڏين تبديلين آڻڻ وارو هڪ خوفناڪ دور هو، ان عرصي ۾ پاڪستان جو مقبول ترين ليڊر پيپلز پارٽي جو باني چيئرمين کي عدالتي قتل جو نشانو بڻائي ڦاسي جي سزا ڏني وئي. ايران ۾ رضا شاهه پهلوي جي شهنشاهيت ختم ٿي ۽ امام خميني جي اڳواڻيءَ ۾ اتي ”اسلامي“ انقلاب اچي ويو، آمريڪا پنهنجي پاليسي ڦيرائي، سوويت يونين کي غيرمستحڪم  ڪرڻ لاءِ اهڙو پلان ٺاهيو، جنهن ۾ پاڪستان جي جنرل ضياءَ هنن جو ڀرپور ساٿ ڏنو. ان پاليسي تحت نه صرف روس کي افغانستان مان پسپائي اختيار ڪرڻي پئي پر طالبان ٺاهڻ کان وٺي ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ هيروئن جي سمگلنگ ۽ ان جو عام ماڻهن ۾ واهپو هاڻي پاڪستاني معاشري جي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي آهي.

ڄام ساقي پنهنجي جمهوري روين ۽ مارڪسسٽ نظريي سبب ضياءَ الحق جي جبر جو شڪار رهيو، هي ڪامريڊ پنهنجن اصولن تي قائم رهيو، جيلن ۾ بدترين تشدد جو شڪار ٿيو. فوجي عدالتن جون پيشيون ڀوڳيائين. بينظير ڀتو به هن جي پاران هڪ پيشيءَ ۾ سڏائي وئي. ظلم جي هيءَ ڊگهي رات جاري رهي، ڄام ساقي قيد ٿيو ۽ نيٺ آزادي به ماڻيائين.

پر هتي سوال رڳو آزادي ماڻڻ جو ته آهي ئي ڪونه، اصل سوال ته ان جدوجهد جو آهي جيڪا ڄام ساقي سڄي عمر ڪندو رهيو. ڇا جي لاءِ...؟ زندگيءَ جي آخري حصي ۾ رات جي خاموش پهر ۾ هو پاڻ کان پڇندو هوندو ته حاصل ڇا ٿيو...؟ اهو به ته سچ آهي ته اسان سڀ حاصل ۽ لاحاصل جي دائرن ۾ ڦرندا رهون ٿا. حاصل جي ناقدري ۽ لا حاصل جي حسرت ختم ئي ڪو نه ٿي ٿئي. پر هن کي لاحاصل جي ته ڪا حسرت ئي ڪا نه هئي. هن سان گڏ چوٿين مارچ جي ڪيترائي اهڙا جوڌا  هيا جيڪي انهيءَ واقعي جو فائدو وٺندي ملڪ کان ٻاهر آسوده ٿيا ته ڪي جمهوريت جي خدمت ڪرڻ لاءِ حڪومتي پارٽين جي بس جا سوار ٿيا، صوبائي ۽ قومي اسيمبلين جا معزز ميمبر به ٿيا، هاڻي ته سندن اولاد به انهن منصبن تي هن جي وراثت سنڀاليو ويٺا آهن پر هي مولائي ڪامريڊ نه ڪنهن جي در تي ويو ۽ نه ئي ڪنهن خوشامدي ٽولي جي قطار ۾ بيٺو، سواءِ هڪ دفعي جي، جڏهن بينظير صاحبه جي حڪومت کيس سنڌ جي وزيراعليٰ جو ليبر لاءِ صلاحڪار مقرر ڪيو ويو هو. ڄام ساقيءَ کان وزيراعليٰ صاحب ڪهڙا مشورو ڪندو هوندو سو پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا.

هن جي ته حيثيت ان قابل ڪو نه سمجهي کيس سندس اڻ ٿڪ جدوجهد جي اعتراف طور ملڪ جي شانائتي ايوان سينيٽ ۾ پهچائجي. ان معاملي ۾ ٿر جي ئي ڪرشنا ڪولهي، ڄام ساقيءَ کان خوش قسمت نڪتي، ڄام ڪن لمحن ۾ پنهنجي زندگي جي ڏک (سک ته هن جي قسمت ۾ هئا ئي ڪونه) جي ساٿياڻي ”سکان“ جي لاءِ به سوچيو هوندو، جنهن زندگيءَ جو گهڻو حصو هن جي خوابن کي تعبير حاصل ڪرڻ واري سفر ۾ مدد ڪندي گذاريو. هن سان سندس محبت جي انتها اها هئي جو اها (غير مصدقه) خبر ٻڌي ته ڄام ساقي جيل ۾ تشدد جي نتيجي ۾ گذاري ويو آهي، هن کان بنا زندگيءَ جو تصور نه ڪري سگهي ۽ وڃي کوهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي زندگيءَ جو انت آندائين. اهو قدم کڻندي پنهنجي ٽن ٻچن جو به نه سوچيائين. سندس وني سکان پياري ڌيءُ بختاور ڪيتري نه عجيب قسمت کڻي آيون، سکان سک جي گهڙي لاءِ سڪندي رهي ۽ ننڍڙي بختاور ابهم عمر کان وٺي سمجهه واري عمر ماڻهن تائين پنهنجي پياري بابا کي جيل جي سيخن پٺيان ڪجهه گهڙين ڏسڻ جي منتظر رهي. هنن گڏجي، ڄام ساقيءَ کي هڪ آدرشي انسان بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. هنن ڏکن ڀرئي سفر جي هڪ هڪ وک هن سان گڏ کنئي. انتظار ۽ اذيت جا جيڪا لمحا سکان ۽ بختاور گذاريا هوندا، ڄام ساقي شايد ان اذيت کان اڻ واقف هوندو. پر جنهن معاشري جي بدلجڻ جي لاءِ هن پنهنجي جواني، گهر جو سک، ٻچن کي وڏو ٿيندي ڏسڻ جو مزو ۽ زندگي ۾ پنهنجي لاءِ پنهنجي اولاد لاءِ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي ڪا تمنا نه ڪئي. سو معاشرو ۽ ان جا ڏتڙيل ڏوٿي ته اڳ کان به بدتر حالتن ۾ ڏٺائين. ها البته، جمهوريت، سول سوسائٽي، ترقي پسندي ۽ تبديليءَ جا بيانيا ئي بدلجي ويا. بقول زاهد مخدوم جي ”پروگريسو اڄ ڪلهه لبرل ٿا سڏائجن ۽ ترقي، هاڻي مغرب جي مالي مدد ڏيڻ وارن  Donorsجي ٺاهيل غير سرڪاري تنظيمن NGOs جي مرهون منت آهي. ڄام ساقي ان سفر جو پانڌيئڙو نه پئي ٿي سگهيو، هو پنهنجي پٺيان پنهنجي زندگيءَ جي ساٿياڻي اختر، پٽڙا ۽ ڀاڳن واري بختاور جهڙي باوقار اولاد ڇڏي ويو. اهي سڀ اوچي ڳاٽ سر بلند بيٺا آهن. انهن سڀني خوابن جا امين جيڪي ڄام ساقي ڏٺا ۽ شايد اسان جا ٻچا انهن خوابن کي ساڀيان ڪن.


ڄام ساقي

سچ جو ساٿي

آغا نور محمد پٺاڻ

هونءَ ته سنڌ جي تاريخ ۾ لفظ ”ڄام“ بادشاهن لاءِ استعمال ٿيندو رهيو آهي جيئن ڄام تماچي، ڄام ڪامڀو خان، ڄام لسٻيلا، ڄام ملير، اهو ڄامن جو سلسلو مون بهاولپور تائين ڏٺو ۽ ٻڌو. سنڌ جو آخري  بادشاهي مزاج رکڻ وارو ڄام صادق وڏي وزير جي حيثيت ۾ به ڏٺو جنهن تي سائين غلام مصطفيٰ شاهه جهڙي اسڪالر تعريف ۾ ڪتاب لکيو. پنجاب جي سرائڪي بيلٽ ۾ ڄام پور شهر جو نالو به آهي پر اسانجو ڄام ساقي هڪ بادشاهه نه پر درويش صفت وارو سياستدان هيو ۽ آخري وقت تائين ايئن ئي رهيو.

شاگردي جي زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي اسانجي لاءِ هڪ سياسي مرڪز هئي، جنهن ۾ سنڌ جا شاگرد سنڌ جي هر مسئلي تي ڳالهائيندا ۽ ڪچهريون ڪندا هيا ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌ جي مسئلن تي مارشل لا جي ڀؤ کان وڏا وڏا خاندان خاموش هيا. فقط اديب، شاعر ۽ شاگرد سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ڳالهائيندا ۽ تحريڪون هلائيندا هيا. ان موقعي تي کاٻي ڌر جا وڏا وڏا سياستدان به شاگردن سان ڪچهريون ڪرڻ ايندا هيا جن ۾ اسانجو دوست ڄام ساقي به شامل هيو جيڪو ليڊر گھٽ ڪارڪن وڌيڪ  هيو. مون کاٻي ڌر جي ٻن ماڻهن کي نهايت سادن ڪپڙن ۾ اتي ڏٺو جيڪي چپل پائي يونيورسٽي ۾ ايندا هيا انهن مان هڪڙو ڄام ساقي هيو.

جڏهن اوڀر پاڪستان ڌار ٿي بنگلاديش ٺهيو تڏهن ڄام ساقي هاسٽل ۾ اچي سنڌ جي مستقبل جي باري ۾ شاگردن سان ڪچهريون ڪندو هيو. ان زماني ۾ ايئن لڳندو هيو ته هاڻي هي ملڪ انتشار جو شڪار ٿي ويندو پر بعد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ هن ملڪ کي متفق آئين ڏئي وري متحد ڪيو ۽ هن جي نياڻي شهيد بينظير ڀٽو به چئني صوبن جي زنجير بڻجي سامهون آئي. ان کان پهريون جنرل يحيٰ جي مارشل لا جي زماني ۾ ون يونٽ جو خاتمو ٿيو ۽ ڪراچي سنڌ صوبي کي واپس ملي، ڪراچي ته واپس ملي پر لسٻيلو ۽ بلوچستان جا ڪجھه علائقا جهٽ پٽ، اوستو محمد، ڀاڳ ناڙي، بيل پٽ ۽ بارکان اسان کان کسجي ويا.

ڪامريڊ ڄام ساقي کي ٻيو دفعو مون ٿرپارڪر جي مٺي شهر ۾ تقرير ڪندي ڏٺو، جڏهن ”ٿر بچايو“ تحريڪ جي سلسلي ۾ اسان سڀئي شاگرد يونيورسٽيءَ کان بسون ڀري اتي پهتا هياسين. مون سان گڏ اسانجو دوست انور پيرزادو ۽ يونس مهر به اتي آيو هيو ۽ سياستدانن ۾ محترم رسول بخش پليجو، ڄام ساقي ۽ معراج محمد خان به آيل هيا. ان موقعي تي ڄام ساقي جي تقرير مونکي اڃا تائين ياد آهي، جنهن ۾ هن چيو هيو ته هڪ جنگي جهاز جي خريداري ۾ جيترو خرچ اچي ٿو ان خرچ مان اسان ٿر جي هر ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪري سگھون ٿا ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي پهچائي سگھون ٿا. مون ان وقت هڪ پرڏيهي انگريزي رسالي دي يونيورسل ميسج ۾ Save Thar جي نالي سان مضمون لکيو هيو. مارشل لا جي زماني ۾ ڄام ساقي سالن جا سال جيل ۾ رهيو پر جيل ۾ رهي به هن اهڙو سلسلو هلايو جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ خان ولي خان سميت ڪيترن سياستدانن کي ملٽري ڪورٽ ۾ گھرائي بيان رڪارڊ ڪرايا. ان موقعي تي ئي هن چيو هيو ته مان پنجن هزارن سالن کان سنڌي، ۱۴ سئو سالن کان مسلمان ۽ گذريل ۲۵ سالن کان پاڪستاني آهيان. بهر حال مارشل لا ختم ٿي ته ڄام ساقي به آزاد ٿيو ۽ هن وري پنهنجي سياسي هلچل جاري رکي.

ڄام ساقيءَ جو تعلق کاٻي ڌر جي ڪميونسٽ پارٽي سان هيو پر هي سوڀي گيانچنداڻي وانگر ايم اين راءِ واري ڪميونسٽ خيالن جو نه هيو ۽ روس سان سياسي وابستگي رکندڙ هيو پر جڏهن روس جي سوشلسٽ ريپبلڪ جو خاتمو ٿيو ته سنڌ جي کاٻي ڌر جي سڀني اڳواڻن کي وڏو ڌڪ لڳو ۽ اهو ڪاپائتي ڌڪ هيو. ڄام ساقي سان منهنجي ملاقات اسلام آباد جي قومي ادبي ڪانفرنس ۾ فخر زمان جي چيئرميني واري زماني ۾ وري ٻيهر ٿي جڏهن سيد خورشيد شاهه وزير تعليم هيو،

ان ڪانفرنس ۾ مان هن جو، محترم رسول بخش پليجي ۽ مرحوم ابراهيم منشي جو ميزبان هيس. ابراهيم منشي ۽ پليجي صاحب کي ته مون ميرٽ هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ گڏ رهايو جڏهن ته ڄام ساقي کي پاڻ سان گڏ اسلام آباد هوٽل ۾ رکيو، ان ڪري جو مونکي ان سان ڪچهري ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هيو.  ٻن ڏينهن جي ان ڪانفرنس ۾ مون هن سان هر موضوع تي ڳالهايو ۽ ڪوهه مري جو سير ڪرائڻ لاءِ به هن سان گڏ ويس ۽ اڪيلائي ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي صورتحال تي به وڏي تفصيل سان گفتگو ڪئي. ان وقت ڄام ساقي تبليغي جماعت جي جلسن ۽ سه روزن ۾ وڃڻ شروع ڪيو هيو، مون هن کان پڇيو ته سائين اوهان ته لا مذهب سمجهيا ويندا آهيو، اوهان کي تبليغي جماعت ۾ ڏسي حيرت ٿئي ٿي، هن چيو ته انسان کي جسماني ضرورت سان گڏ روحاني ضرورت به هوندي آهي جيئن ماڻهو ماني کائي جسماني خوارڪ جي پورائي ڪري ٿو ايئن نماز، روزو ۽ انسانيت جي ڀلائي ۽ هڪ ٻئي لاءِ دعا گھرڻ به هڪ خوراڪ آهي جنهن جي ڪنهن به مذهب ۾ پابندي ڪونهي. باقي مذهبي نفرت جو مان قائل ناهيان ۽ حضور پاڪ کي ڏتڙيل انسانيت جو محسن سمجهان ٿو. اها ئي ڳالهه شيخ اياز به پنهنجي آخري ڏهن سالن ۾ ڪندو هيو هن مونکان ڪيترا ڪتاب پڙهڻ لاءِ گھرايا جن کي هو ٻين ڪتابن کان الڳ رکندو هيو، جن ۾ جرمن اسڪالر ڊاڪٽر محمد اسد جو Road to Makkah، پروفيسر احمد علي جي قرآن پاڪ جو ترجموThe Meaning of Quran ۽ ”نو مسلم“ مريم جميلا جا ڪتاب مون هن کي وٺي ڏنا هيا. شيخ صاحب سان منهنجون روزانو ڪچهريون ٿينديون هيون. هن ”روزاني برسات“ ۾ ڪيتريون دعائون لکيون جيڪي پنهنجي پروردگار کي پرچائڻ لاءِ هيون.

اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ڪراچي جي طارق روڊ واري آفيس ۾ هڪ ڏينهن اوچتو هڪ پراڊو گاڏي اچي منهنجي آفيس جي ٻاهران بيٺي. آفيس جي عملي مون کي اچي ٻڌايو ته ڪو صاحب اوهان سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي جنهن تي مون آفيس کان ٻاهر نڪري ڏٺو ته اهو ڄام ساقي هيو. مون ان جو استقبال ڪيو ۽ فوري طور تي چانهه پاڻي جو بندوبست ڪرايو. مون کي ٻڌايائين ته هن سنڌ حڪومت ۾ صوبائي مشير جو عهدو سنڀاليو آهي ۽ هاڻي سڀ کان پهريون توسان ملڻ آيو آهيان ڇاڪاڻ ته اديب ۽ ادبي ادارا منهنجا مرڪز آهن ان ڪري مون سوچيو ته ڪراچيءَ ۾ توسان ملان. سندس اچڻ تي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. ڄام صاحب پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏاڪي ۾ شهيد محترمه سان گڏ هيو ۽ آخري وقت تائين هن پنهنجي سياسي وفا ۾ ڪا تبديلي نه آندي.


ڄام ساقي

جدوجهد جو ڊگهو سفر

پروفيسر اعجاز قريشي

ڄام ساقي گذاري ويو! هو اهڙي پار هليو ويو جتان ڪو به واپس ناهي آيو، جيتوڻيڪ واري واري سان اسان سڀني کي اوڏانهن هلڻو آهي پر هر انسان پنهنجي پٺيان هڪ ياد ۽ هڪ تاثر ڇڏي ويندو آهي.

ڄام ساقيءَ جو نالو وٺڻ سان ئي ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي جي ايس اين ايس ايف، ۴ مارچ واقعو، ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ، طبقاتي ۽ جمهوري جدوجهد جي حوالي سان قيد بند جي صعوبتن جو هڪ ڊگهو سلسلو، جنهن دوران سنڌ جي ڀتين تي ٿيل اها چاڪنگ شايد اڃا به هجي ”ڄام ساقي کي آزاد ڪريو“ سميت يادن جا ورق ذهن جي اسڪرين تي هڪ هڪ ٿي سامهون ايندا پيا وڃن.

ڄام ساقي سچ پچ ته هڪ اهڙو شخص هو، جنهن پنهنجي همٿ ڀرئي ڪردار ۽ مستقل مزاجي واري جدوجهد سان نه رڳو سنڌ جي نئين ٽهي پر پنهنجي همعصر دوستن ۽ ساٿين لاءِ به هڪ کاهوڙي ۽ مثالي رهنما وارو عظمت ڀريو ڪردار ادا ڪيو.

اهو ۶۷-۱۹۶۶ع وارو زمانو هو، جڏهن ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ سڄي سنڌ ۾ مختلف تنظيمي پليٽ فارمن تان زور شور سان هلي رهي هئي، جيتوڻيڪو اهو ايوبي مارشل لا جي ڏهڪاءَ وارو دور هو پوءِ به سنڌ واسين جو قومي جوش جذبو پنهنجي عروج تي هو. ۴ مارچ واري ڏينهن ڄام ساقي حيدرآباد ۾ هو، کيس ٻئي ڏينهن تي گرفتار ڪري نارا جيل منتقل ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ آزاد ٿيڻ بعد وري جدوجهد ۾ مشغول ٿي ويو. ان دور ۾ مختلف ضلعن ۾ شاگردن جون تنظيمون وجود ۾ آيون، اسان ڪجهه دوستن گڏجي دادو اسٽوڊنٽس فيڊريشن قائم ڪئي، مون کي ان جو صدر چونڊيو ويو.

نومبر ۱۹۶۷ع ۾ ڄام ساقي اسان وٽ دادو آيو ۽ هڪ اجلاس جي صدارت پڻ ڪيائين. بعد ۾ ڳالهيون ٻولهيون ٿيون ته ڪيئن جدوجهد کي اڳتي وڌائجي. اڳتي هلي وري۳ نومبر ۱۹۶۸ع تي گڏيل صلاح مصلحت سان سڄي سنڌ جي شاگرد تنظيمن جو گڏيل ڪنوينشن حيدرآباد ۾ سڏايو ويو. جنهن ۾ ”سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن“  قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. صدر ڄام ساقي، نائب صدر نديم اختر، اعجاز قريشي، جنرل سيڪريٽري مير ٿيٻو، پريس سيڪريٽري مهر حسين شاهه، جوائنٽ سيڪريٽري شاهه محمد شاهه، مسعود پيرزادو، شهزادو شيخ، سوشل سيڪريٽري عبدالحيي پليجو، امداد علي اوڍو، منير احمد، احمد خان جمالي، علي اڪبر بروهي، هدايت حسين چونڊيا ويا.

۸ مارچ ۱۹۶۸ع تي ڄام ساقي کي ون يونٽ خلاف تحريڪ هلائڻ سبب بغاوت ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. مٿس سخت جسماني تشدد ڪيو ويو. سندس جسم تي سگريٽن جا ڏنڀ ڏنا ويا، کيس راتين جون راتيون جاڳايو به ويو پر پوءِ به هو پنهنجي عزم ۽ حوصلي تي قائم رهيو. وري کيس ۸ نومبر ۱۹۶۸ ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايوبي آمريت خلاف جلوس جي قيادت ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو. فيبروري ۱۹۶۹ع ۾ آزاديءَ بعد ڄام ساقي ايس اين ايس ايف جي سرگرمين ۾ مصروف هو ته وري اپريل ۱۹۶۹ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي ۾ ون يونٽ خلاف پمفليٽ ورهائيندي کيس گرفتار ڪيو ويو. پهريان حيدرآباد ۽ پوءِ کيس پشاور جيل منتقل ڪيو ويو. وري نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ووٽر لسٽن جي سنڌي ۾ ڇپرائڻ لاءِ هلندڙ تحريڪ ۾ حصو وٺڻ ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو.

سچ پچ ته ون يونٽ جو قهري ڪوٽ ڄام ساقي جهڙن بهادر ۽ جرئتمند جوانن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي ڀڄي ڀورا ٿي ويو هو. ون يونٽ ٽٽڻ بعد به جيئن ته ملڪي چرخو ساڳئي انداز ۾ پئي ڦريو، تنهن ڪري ۱۹۷۱ع ۾ فوجي عدالت کيس روپوشي دوران هڪ سال سخت پورهئي سان سزا ڏني. ۱۹۷۲ع ۾ هن سزا تي ڀٽي صاحب جي حڪومت عمل ڪندي کيس گرفتار ڪري ملتان جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو. مٿس تشدد ڪيو ويو. ان دور ۾ سندس پهرين گهرواري صدمن سبب کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي، پوءِ به سنڌ ڌرتي جو هيءُ بهادر سپوت پوئتي نه هٽيو ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ، انعام ۽ نيلام ۾ فوجين ۽ ڪامورن کي ڏنل زمينون واپس وٺي سنڌي هارين ۾ ورهائڻ ۽ صوبن کي خودمختياري ڏيارڻ واري ايس اين ايس ايف جي جدوجهد ۾ رڌل رهيو.

ايس اين ايس ايف کان پوءِ هو ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۾ شامل ٿي ويو ۽ ان جي مرڪزي اڳواڻن ۾ سندس شمار ٿيڻ لڳو، ضياءَ آمريت دوران هو اٺ سال قيد ۾ رهيو. جون ۱۹۸۰ع ۾ جڏهن کيس فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته هن جيڪو عدالت ۾ بيان ڏسو سو عدالتي تاريخ جي اهم ترين بيانن مان هڪ آهي. هن نهايت جرئتمندي ۽ بيباڪيءَ سان فوجي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ چيو:

”فوجي عدالتون، فوجي وڌيڪ ۽ عدالتون گهٽ هونديون آهن، سندن فيصلا پهريائين مٿان کان تيار ٿيندا آهن ۽ بعد ۾ ٻڌايا ويندا آهن، انهن حالتن ۾ ان جي ڪا گهڻي گنجائش ڪونهي ته هي ”معزز“ عدالت هن مقدمي جو فيصلو بنا ڪنهن خوف ۽ رعايت جي ڪري سگهندي، اهو خاص طور تي ان ڪري آهي ته لاڳاپيل عملدار شروع کان ئي ان تي اصرار ڪندا رهيا آهن ته جيل يا ٽارچر سيلن مان منهنجو لاش ئي برآمد ٿئي، ڇا هيءَ عجيب ڳالهه ڪونهي ته هڪ شخص تي فوج جي مخالفت جو الزام هجي ۽ مٿس مقدمو به فوجي عدالت ۾ هلايو وڃي، مدعي پاڻ ئي منصف به هجي، سنڌي ٻوليءَ ۾ اسان ان انصاف کي ”جهان خاني انصاف“ چوندا آهيون، جيڪڏهن مراعات يافتا طبقن سان لاڳاپيل حفيظ پيرزادي جهڙن ماڻهن کي به انصاف نه ٿو ملي ته پورهيت طبقن جي ڪاز لاءِ وڙهندڙ ڪميونسٽ کي ڪيئن ٿو انصاف ملي سگهي. جيڪڏهن پٽ فيڊر جي هاري، ملتان جي مزدورن ۽ ٻين هزارين هنڌن جي عوام کي گولين جو نشانو بڻايو وڃي، جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ۽ ٻين تعليمي ادارن جا شاگرد جيلن ۽ اذيت گهرن ۾ قيد ڪيا وڃن ۽ ڪيمپس کي بند ڪيو وڃي ته مان جيڪو مزدور، هارين، نوجوانن، دانشورن، مظلوم قومن ۽ ٻين پيڙهيل عوام جي ڪاز جو ترجمان هجان ڪيئن حڪمران ٽولي کان انصاف جي توقع رکي سگهان ٿو جيڪو کلي عام پاڻ کي کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هجڻ جو اقرار ڪري“.

ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جو ڄاڻايل ڊگهو بيان سنڌ توڙي ملڪي تاريخ جو اهم ترين بيان آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ضياءَ آمريت واري فوجي دور جي نهايت اهم حقيقتن کي وائکو ڪري ٿو، نه رڳو اهو بيان پر ڪامريڊ ڄام جون سموريون تحريرون سنڌ جي سياسي تاريخ جو نهايت اهم اثاثو آهن، جن کي جيڪڏهن سهيڙي ڇپرايو وڃي ته اهو نهايت اهم ڪم ٿيندو.

ضياءَ آمريت جي خاتمي بعد ڄام ساقي ۱۹۸۸ع واري اليڪشن ۾ ٿرپارڪر جي تڪ تان بيٺو پر کٽي نه سگهيو. ۱۹۹۱ع ۾ ڄام ساقي سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي راڄ جي خاتمي ۽ امن لاءِ هڪ لانگ مارچ ڪيو، جنهن ۾ هن پاڻ سان قرآن مجيد، شاهه جو رسالو، سچل جو رسالو، بلهي شاهه ۽ بابا فريد جو ڪلام، بائيبل ۽ گيتا کنيا. پيرين پنڌ ڪيل اهو لانگ مارچ ڪمون شهيد کان ڪراچيءَ تائين تمام وڏي عوامي پذيرائيءَ سان جاري رهيو. سڄي سنڌ ۾ سندس آجيان ڪئي وئي ۽ ان مارچ دوران ۳۱ ڊسمبر ۱۹۹۱ع تي سندس والد سڳورو پڻ وفات ڪري ويو پر هن پوءِ به مارچ کي پورو ڪيو ۽ ان دوران تعزيتون پڻ وصول ڪندو رهيو. پيرين پنڌ مارچ سبب کيس برين هيمرج ٿي ويو ۽ ڪجهه عرصو بيمار رهيو. مطلب ته هو پنهنجي عمر جي آخري وقت تائين حق ۽ سچ واري واٽ تي اڏول ٿي بيٺو رهيو. مون جڏهن ۲۰۱۳ع ۾ پنهنجو ڪتاب ”ون يونٽ ۽ سنڌ“ کيس پيش ڪيو ته منهنجي هن ڪتاب کي تمام گهڻو ساراهيائين، تازو سندس وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هو علاج خاطر سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي پٽ جي گهر ۾ ترسيل هو ته مان سندس عيادت خاطر وٽس ويس، نهايت خوشگوار ماحول ۾ ڪچهري ٿي پر چند ڏينهن بعد اها افسوسناڪ خبر ملي ته ڄام ساقي وفات ڪري ويو.

جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.


انــدر ٿــو آهــون ڪــــري..

امداد جنجهي

انسانيت جهڙي اعليٰ مذهب جو  علمبردار  باغياڻي رويئي جي انسانيت  جو اعليٰ ڪردار ڄام ساقي ۳۱ آڪٽوبر ۱۹۴۴ تي ڳوٺ جنجهي ۾ سائين محمد سچل جنجهي جي گهر  امڙ مينهن ٻائي جي پيٽان پيو.

سي مائرون ڀلين مَرڪن جني ڄايا ڄام

مهاندا ڏينهن محشر ۾ ڏوڻا ڏاج ملن

ٻين ويچارين اوجاڳا ئي اجايا ڪيا (شاهه)

انسان جي عظمت ۽ تخليق جي تعظيم ڪُل ڪائنات جي مالڪ ۽ ملائڪن به ڪئي. انهن سڀني مذهبن کان مضبوط انسانيت جي مذهب سان سڄي زندگي سلهاڙيل  هن هماليه جبل جيڏهن حوصلن جي مالڪ آمرن، جاگيردارن، وڏيرن، پيرن ۽ ڏاڍ طبقاتي ديوتائن توڙي خارجي خدائن کي انساني حقن جي برابري، رنگ نسل ۽ مذهب کان مٿانهون  برابري جي بين الاقوامي لڪير تي بيهي للڪاريو. هُو ٻاروتڻ جي عمر کان ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ لهڻ تائين بي داغ، بي تمنا، بهادر، آدرشي ۽ هيٺين طبقي لاءِ ڇپر ڇانو رهيو.

ملڪي سياسيت ۾ شاگردي واري هلچل کان وٺي آخر تائين کاٻي ڌُر سان لاڳاپيل رهيو. فوجي ٽارچر سيلن ۾ ٿيل عتاب، بند بيرڪن ۾ تشدد جا ساوا داغ، شاهي قلعي ۾ ٿيل جسماني تشدد ۽ ذهني ٽارچر هن جوڌي جوان کي پنهنجي نظريي کان هيسائي نه سگهيا. ۱۹۷۹ع ۾ پنهنجو پهريون گهر قربان ڪندڙ  ڄام ساقي لاءِ شيخ اياز صحيح لکيو ته. هي ڄمندي ئي ڄام آهي. طبقاتي جدوجهد لاءِ پنهنجو ٻيو گهر به قربان ڪندي دير نه ڪندو. زندگي جي سڀني لاهين، چاڙهين توڙي هيٺاهين ۽ مٿانهين سفر ۾  پنهنجي عاشق طبعيت ۽ ڪروڙين ماڻهن جون قسمتون بدلائڻ واري سفر ۾ ڪڏهن ڪنهن دوست، مائٽ کي ڪا ميار يا ڏوراپو ڏياري ڪو نه موڪليو نه وري ڪڏهن ڪرسي يا ڪوڏي ڪمائڻ  جو سوچائين. محترمه بينظير ڀٽو جي گهڻي اصرار کان پوءِ  ڪجهه وقت سندس پارٽي سان لڳاپي واري دور ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ جي پراڻي بلڊنگ جي بيرڪن واري آفيس  جي ڪمري ۾  ڪنهن دوست پُڇيو ڪامريڊ اڳ ۽ هينئر ۾ ڪهڙي تبديلي آهي....؟ من موهيندڙ مُرڪ سان جواب ڏنائين ابا اڳي به هئاسين بيرڪن ۾ هاڻ به آهيون بيرڪن ۾.

اٺ ڀيرا جيل جي ياترا ۽ ڏهاڪو کن زندگي جا خوبصورت سال روپوشين جي نظر ڪري سرخرو بڻيل آدرشي اڳواڻ عبدالله شاهه جي سلهاڪاري جي دوران جڏهن پهريون دفعو جڏهن اباڻي ديس اُسهيو ته  ڪاڪي ڪريم ڏني پڇيو ساقي پروٽوڪول ۽  دٻدٻو هاڻي ڇا ٿا چئو؟ يڪدم ٽهڪ ڏيئي چيائين ماسات ٻيوته فرق نظر نٿو اچي  باقي پوليس اڳي اسان جي پويان هوندي هئي سا  هاڻي اڳ جلهيو ٿي هلي.

اندر ۾ انقلاب جون انيڪ تمنائون  ۽ اميدن جي اُجالن سان  انهيءَ اڙانگي سفر ۾ هليو ته  هو اڪيلو ئي ڪافي هو ۽ ثابت قدم رهيو. سُکان مامي به شائسته بڻجي  سُرخ  پرچم واري تحريڪ ۾  پنهنجو پاڻ کي  تياڳڻ تائين پنهنجي محبوب وَر سان گڏ بيٺي رهي.

وطن سي وَر ڄايون، سهرا سترڄن،

گولاڙا ۽ گُگُريون اوڇن اباڻن،

مونکي ماروئڙن سُڃ ڳڻائي سيج ۾ (شاهه)

پوءِ  پنهنجي محبوب وَر ۽ انقلابي اڳواڻ جي موت جي اڻ تصديق ٿيل خبر تي  پنهنجو پاڻ انت آندائين ته.

پنهون پُڄاڻا پوءِ، باهه ڏيان ڀنڀور کي.

پٺيان ادا سجاد ڄام ۽ ڊاڪٽر بختاور ڄام جهڙا گُل  سندن نالي تي منسوب ڪري وئي. زندگي جي همسفر  جي بي مندائتي موت جوبه کيس ڪجهه مهينا گذرڻ کان پوءِ تڏهن پتو پيو  جڏهن هن ارڏي اڻ موٽ کي حيدرآباد سينٽرل جيل کان  ڪراچي ٽارچر سيل ڏانهن منتقل ڪيو پئي ويو  اُتي به هو ڪونه مڙيو ۽ ثابت قدم رهيو سندن والد  سائين سچل جنجهي  ۽ امڙ مينهن ٻائي جي شفقت ٿر جي ٻارن تي  وسڪاري جي مندائتي مينهن مثل ته هُئي سو هاڻي  اهي ٻئي گُل ٻالڪپڻ جو  لاشعوري کان باشعوري جو سفر ڪرڻ لڳا. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيو جو  ڏات ڌڻين ۽ ڌرتي لاءِ  الهه تلهه  قربان ڪندڙن کي غدار به چيو وڃي ٿو. ڄام ساقي جي والد  سائين سچل کي ۱۹۷۴ع  ۾ڄام ساقي جو والد هئڻ سبب ضلعي بدر ڪري حيدرآباد موڪليو ويو ۽ الزام هنيو ويو ته هندستان سان ملي ٿر ديش صوبو ٿو ٺاهي.

ڇا اهو ڪرشمو ناهي جو هيٺاهين طبقي جي نمائندگي ڪندڙ هڪ پسماندهه علائقي جو کاهوڙي شُهرت جي بلندين جي بالائي کان به اعليٰ ٿي وڃي نه ته دنيا جي رگين لهرن ۽ وڻندڙ وهڪرن ۾ ڪو لُڙهي وڃي ٿو ته ڪو ڪالهوڪي سج وانگر لڙي وڃي ٿو پر هو تري نڪتو هن تار مان بلڪل ڀٽائي جي هن سِٽ جي عڪاسي وانگر،

”دنيا سڀ درياهه، ڪو ڪو تارو تنهن ۾“

هو سچ پچ هر امتحان مان تِري نڪتو موقعي جي مناسبت سان اهڙو ته ڳالهائيندو ۽ لکندو هو جو گُنجائش ئي ڪانهه رهندي هئي. هو رهيو ته صرف ضمير جو قيدي ٿي رهيو.

هن جو هڪ ئي نعرو هو ته رياست هر هڪ لاءَ برابري هجي عوام جي فتح جي سفر لاءَ  هو دل جي دنيا کي قيد ۽ تنهاين توڙي ظلم ۽ عقوبتن ۾ به روشن رکندو آيو سندس بي داغ دامن تي سڳند اڄ ڪروڙين اکين ۾ ڳوڙهن جي صورت ۾ سامهون آهن.

کاٻي ڌُر جي مزاحمتي هلچل ۽ سنڌ جي شاگرد تحريڪ توڙي مظلوم قومن جي مستقبل جي تحريڪن دوران هي مهراڻ جو موتي نه صرف پاڻ محمد ڄام کان ڄام ساقي جو سفر ڪيو پر لکين شعوري، انقلابي اڳواڻ ۽ نظرياتي ڄام بڻايا سندن مزاحمتي تحريڪ دوران سندن جيل جي ساٿين ۾ سندن چاچا جو فرزند محمد سنهيل به سهيل سانگي بڻيو جيل ۾ سندس تربيت هيٺ رهندڙ محمد شبير به نالي وارو وڪيل ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ شبير شر بڻجي ويو هو پارس بڻجي جتي لوهه کي لڳو سڃي سون ڪري چڏيائين.

سچن جي سرڪش، جبر ۽ ڏاڍ جي سامهون اڻ جهڪيل اڳواڻ سان جڏهن منهنجي پهرين ملاقات ٿي ته منهنجي عمر مشڪل سان چار سال هوندي. عيد جو ڏينهن هو ڳوٺ کان ٻه ڏينهن سفر ڪري حيدرآباد پهتاسين، سينٽرل جيل اندر سفيدي جي وڻن هيٺ ڪافي انتظار ڪرڻ کان پوءِ  اسان کي ملاقات واري ڪمري ۾ ويهاريو ويو ڪجهه گهڙيون  گذريون ته هن گونجدڙ آواز ٽهڪ ڏيندي شينهن نما جيل جي ديوارن کي ڏيڪائيندوڏنڊا ٻيڙيون ۽ هٿ ڪڙيون لڳل  اڏول انسان پنهنجي انقلابي نظرين وارن نيڻن سان ضمير جي قيدي طور نروار ٿيو پنهنجي  امڙ ۽ شفيق بابا سان پيرين پئي مليو اسان کي پنهنجي روايتي انداز ۾ چُمي ڏيئي مليو امان چيو پُٽ ماما ڄام اهو اٿو. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن  بس سکي ورتو سين ته.

سُکن واري سَڌ، متان ڪا مون سين ڪري

پنج سال پهرين کانئن علمي ۽ ادبي رهاڻ جي روح پرور محفل ۾ فيضاب ٿيندي مون گذارش ڪئي  ته ڪامريڊ ڪميونسٽ نظريو جنهن جا پانڌيئڙا ۽ پرچاري آهيو ان جو مذهب سان ڳانڍاپو ڪهڙو آهي...؟ مُرڪندي وراڻيائين مٺا خاتم النبين ظاهري حال حيات هجن ها ته هن نظريي ۽ قافلي جي  پاڻ سرواڻي ڪن ها.

انسانيت جهڙي اعليٰ مذهب جو مڻيادار موتين هار تنهنجو ساٿي، منهنجو ساٿي سڀ جو ساٿي ڄام ساقي۷۴ سالن تائين زندانن، جيلن ۽ ٽارچر سيلن کي  ڏڪائيندي جبر ۽ ڏاڍ خلاف  هماليه ٿي بيهندڙ  حلالي پُٽ  هميشه لال وڇڙي ويو.

شل موت پوي تو ۾ موت جو تون آئين اوچتو،

گهڻا سڪندر ماريا، ارڏا ۽ اڻ موٽ،

لاڙو ڪرين ها لطيف چئي، ڪونه پوي ها کوٽ،

گهايئي اهي گهوٽ جن مند نه هئي مرڻ جي.

اڄ هن جي ۷۲ سالن جي ويرا جنهن کي هو پيار مان مارئيءِ بدران  مالي چوندو هو ۽ سندس چالهيارو سالن جي شهزادي  بختاور ڄام جي اکين ۾ گرم لُڙڪ قطارون ڪري ڪرندا ڏٺم تڏهن يام آيو ته هو جڏهن  انسانيت جهڙي اعليٰ مذهب سان  سلهاڙجي انهي سمنڊ ۾  جنهن بيٽ تان هيٺ لٿو هو  ته واپسي جان سڀئي ٻيڙا ساڙي ثابت قدمي سان لٿو هو.

هاڻي ضرورت آهي هن جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ جي  ۽ ان جي نظري تي هلڻ جي اڄ لکين دليون اڻ ملهه ۽ اڻ لڀ  موتين جي مهراڻ کان  جسماني طرح ته ڏور ٿينديون پيون ڏسجن  پر هن جي نظريي  ۽ انقلابي ڪردار کي سُرخ سلام ڪندي اهو ٿيون چون ته هو زندهه رهڻو آ تڏهن ته شاهه سائين فرمايو آهي.

مرڻا اڳي جي مئا،سي مري ٿيا نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻان اڳي جي جيئا، (شاهه)


يادگيرين جو سفر

عبدالقادر منگي

۱۹۶۲ع کان ڄام ساقي سچل جي پاڇي ۾ اچي ويو. ڄام ڀڃ ڀڄان ۾ ۽ غيبات سندس ڪڍ. هي ته غيبات کان به ڏاڍو هو، ان ڀڄ ڀڄان ۾ ڪڏهن مولوي عبدالڪريم ته ڪڏهن ڪو ٻيو ڪردار... ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن جيل ۾...

ان وچ ۾ اهو هُل هليو ته ڄام کي به ڦاهي ملي وئي آهي. ٿر جي لڪڙتار ذريعي سندس گهر واري سکان ٻائيءَ کي به سڌ پئي. هن به ڪئي هم نه تم. .. ڳوٺ جي اونهي کوهه ۾ کڻي ٽپو ڏنائين... مري وئي.

پڄاڻان پرين، ڏجي باهه ڀنڀور کي.

هونءَ وٽس ڄام ڪهڙو ويٺو هيو... پر اها ته خبر هيس ته زندهه آهي. نيٺ وٽس ورندو. سکان ستي ٿي وئي!

سچل جا سُور وڌي ويا. ڄام ۽ سُکان جا ٻار، سجاد ظهير ۽ بختاور ماءُ جي پاڇي کان محروم. سچل هاڻي هنن جو پيءُ به ماءُ به. پر وقت کيس جهوري رهيو هيو.  آخري ڳري ڳري مري ويو. سال ۱۹۹۱ع جي آخري ڏينهن تي حيدرآباد ۾ دم ڏنائين. سچل جي لاءِ سندس مئي کان پوءِ سج اڀري ته ڇا نه اڀري ته ڇا.  سندس پوين ته وڃي حيدرآباد وسايو هيو. سچل کي به حيدرآباد ۾ دفن ڪيائون.

سنڌي شاگردن جي جدوجهد جو ٻڌون ته، ڄام ساقي، ڄام ساقي... جمهوريت لاءِ ويڙهاند لاءِ ٻڌون ته ڄام ساقي ڄام ساقي... غريبن جي حقن لاءِ ٻڌون ته ڄام ساقي ڄام ساقي... ڄام ساقي ۽ ٻين ويڙهاند ڪندڙ سنڌين جي ذات ڄڻ ديوالائي ڪردار هئا. انهن جي جدوجهد،  مڙسيءَ ۽ حڪومت سان ويڙهاند جا قصا، اسان لاءِ ته ڄڻ ڪهاڻيءَ جي روزانو جي قسط هئي،  جيڪا آهستي آهستي کُلي رهي هئي ۽ اسان ٻڌي رهيا هئاسون،  پر انهن سڀني ڪردارن ۾ ٿر جو هي جوڌو روپلو ڪولهي، جيڪو ڌارين ۽ انگريزن سان سوڍن ۽ ننگر جي ڪولهين سان مقابلن جو امين هيو. اهو ڄڻ انهن ڪردارن جو روپ وٺي سر وٽم اسٽئنلي ريڪس ۽ ٻين انگريزن سان عملي جنگ جوٽيندي جوٽيندي الائي جي ڪٿان کان ڪٿي ٽائيم فريم ۾ پهچي ويو هيو.

انگريزن ته کيس ڦاسي ڏئي سندس انت آندو، پر پنهنجن ڪارن صاحبن  نه کيس مرڻ پئي ڏنو، نه جيئڻ. هن لاءِ جيل سجايا ويا، عقوبت خانن ۾ نوان نوان هٿيار تکا تيز ڪري هن تي آزمايا ويا!

جس دھج سے کوئی مقتل میں گیا وہ شان سلامت رہتی ھے،

یہ جان تو آنی جانی ہے، اس جان کی کوئی بات نہیں۔

ڪيترا ڏينهن ڪيترا سال ڄام، جيل ۽ عقوبت خانن ۾ رهيو. ساڻس ڇا ڇا وهيو واپريو. چيو ويو ته هو پاڪستان جو نمبر ون دشمن ۽ خطرناڪ مجرم آهي. پاڻ ڪڏهن مولوي عبدالڪريم ٿي ويو ته ڪڏهن مولوي عبدالعزيز. شايد آخري ڀيرو حيدرآباد مان ڪنهن دوست جي گهر مان نڪتو ته جهلجي پيو. وري جيل ۽ سختيون، ڊگهو عرصو جيل ۾ رهيو. ٻين ”مرغن“ کي به هن جو ” ساٿي“ هجڻ جي ڏوهه ۾ جهليائون.  جن ۾ سهيل سانگي ۽ بدر ابڙو به هئا. جن به جيل ڀوڳيو، پر رچي ريٽا ٿيا.

مليٽري ڪورٽ ۾ محترمه ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جي به بچاءَ جي شاهد طور پيش ڪيو ويو. انهن کي به سياسي ڳالهين لاءِ پليت فارم ملي ويو. جڏهن آخري ڀيرو ڄام ساقي جيل مان نڪتو، ته هو جسماني ۽ ذهني طرح مفلوج هيو.  کيس سهيل سانگي ساڻ وٺي پرڏيهه علاج ڪرائي آيو. پر ڄام ساقي اهو ڄام نه هيو، جيڪو ارڏو ۽ مٿي ڦريل ڄام هيو. جسم مان به توانائي گهٽ ٿي وئي هئس.

ڄام علقمندي ڪئي. پ پ جو ايڊوائيزر ٿيو. هاڻي ننڍڙي گهر ۾ ” اندوءَ“ پنهنجي زال، چئن ٻارن سان رهي ٿو. انهن مان هڪ نياڻي ته پرائي ٿي وئي، ٻي به تيارين ۾ آهي. پاڻ کٽ ڀيڙو آهي، نظر در تي آهي. ”ڪوئي آئيگا“ اهو ڪوئي اچي ٿو ته سَرهو ٿئي ٿو.  ڊگهي ڪچهريءَ لاءِ.

منهنجا ڄام ساقيءَ سان ويجها لاڳاپا ۲۰۰۱ع ۾ ٿيا، جڏهن ڪمشنر حيدرآباد هئس حيدرآباد ڪلب ۾ فئملي لاءِ هڪ شام غزل پروگرام رٿيو هيوسين،  جتي حيدرآباد جون ٻيون فئمليز به آيون هيون، اُتي ڄام صاحب به پنهنجي فئملي سان آيو هو. ملاقات ٿي پوءِ ملاقاتون ٿينديون رهيون. ڄام جي وڏي گهر واري سکان ته کوهه ۾ ڪري وڃي سُکي ٿي پر جڏهن ڄام سياسي هلچل مان واندو ٿيو ۽ سندس حال به هيڻو ٿيڻ لڳو ۽ مسلسل ڪنهن پرگهور لهڻ واري  جي ضرورت محسوس ٿيس ته سندس دوست ڪامريڊ رڪن الدين قاسمي پنهنجي ڌيءَ اندو/اندرا/اختر پروين جي ساڻس شادي ڪرائي ڏني. اندو ان وقت مشڪل سان ۱۲ سالن جي هئي. ڄام پڪو پختو هيو. شابس آ قاسمي صاحب کي ۽ وڏي شابس آ اندوءَ کي، جو اڃا تائين ڄام کي واقعي مجازي خدا سمجهي نباهي رهي آهي. ان سفر ۾ هوءَ ارباب حڪومت ۾ ” اغوا“ جي ڪيس ۾ ڪيترا ڏينهن جيل ۾ رهي. دل جو درد به پرايائين. مرڻ کان بچي وئي. ڄام جي زال هجي ۽ جيل جو مزو نه وٺي!

سارنگ تڏهن ننڍڙو هيو. هاڻِ ته ماشاءَ الله جوان جماڻ آهي. ڄام کان به ڊگهو ٿي ويو آهي. گهاٽي ڏاڙهي، ڪاريون مڇون، صفا مرد ماڻهو. جڏهن مون سان ملي ته چئي ”ڪامريڊ“ مون کي چڙ لڳي،  مان چوانس ” چاچا چوندو ڪر...“ پوءِ وري جڏهن ٻيهر ملي ته چئي ”ڪامريڊ...“ مان وڌي وڃي سندس وات تي هٿ رکان... اهو لفظ مون کي ڏاڍو اوپرو لڳندو آهي. ”ڪامريڊ“.

جڏهن آخري ڀيرو مليو ته چوڻ لڳو ”چاچا ڪامريڊ“ مان محسوس ٿو ڪيان ٿه سڌارو اچي رهيو آهيس... هاڻي ته ذميوار آهي. پيءُ جو خيال ڪري ٿو. والده جو ۽ ڀينرن ڀائرن جي سنڀال ڪري ٿو ۽ پيءُ جي دوستن سان اٿي ويهي ٿو ۽ پير ڀري ٿو. ڇا سارنگ سڀاڻي جو سچل يا ساقي ٿيندو؟ اسان جي کيس دعا آهي ۽ هاڻ جڏهن ڄام نه رهيو آهي ته سندس يادگيريون ئي رهجي ويون آهن.


ڄام ساقي، اسٽيفن هاڪنگ ۽ بالشويڪي نظريي جا امين

امتياز عالم

ڄام ساقي ته انقلاب جو جام پي ويو پر انقلاب جو ذائقو آهي جو ختم ئي نه ٿو ٿئي ۽ هڪ ڀيرو وري ڪفر جي همت، تحقيق جي جرئت ۽ قاتل جا هٿ وڍڻ جي تمنا آهي جو جهڪي ئي نه ٿي ٿئي. باليشويڪي انقلابي لهر جا ٻار ويهين صديءَ ۾ ٽمڪڻ کان پوءِ ايڪويهين صديءَ جي ڪنهن اونهي کاهيءَ ۾ ڄڻ ته ڪٿي گم ٿي ويا آهن. انقلابين جي ڪيئي نسلن سرمائيداراڻي استحصال جي خاتمي ۽ پورهيت عوام جي نجات لاءِ ڪهڙا ڪهڙا حيلا هئا جيڪي نه هلايا. روس ۾ آڪٽوبر انقلاب نه رڳو زار شاهي روس جو پاسو ئي تبديل ڪري ڇڏيو پر سڄي اوڀر ۾ قومي آزادين جي لهر کي اهڙي ته توانائي بخشي جو نوآبادياتي نظام ڄڻ ته مدي خارج قصو بڻجي ويو. چيني انقلاب کان ويندي ڪيوبا تائين هر طرف هٿوڙي ۽ ڏاٽي جو نشان ۽ سرخ پرچم جهولندو رهيو. فسطائيت کي شڪست ٿي هڪ ٻن قطبن واري دنيا وجود ۾ آئي ۽ سرد جنگ هٿان ڪيئي سامراج دشمن قومپرست ۽ ڪٿي مارڪس وادي ڇائنجي ويا ته ڪٿي وري انقلابين جو قتل عام ٿيو، جهڙوڪ انڊونيشيا، چلي، سريلنڪا ۽ درزن کن ٻين ملڪن ۾ به ترقي پسندن جي رت سان راند کيڏي وئي. ننڍي کنڊ جي مقدر ۾ قومي آزادي جي لهر آئي به ته عوامي بغاوتن ۽ فرقي واراڻي ورڇ جي صورت ۾. ان کان پوءِ وري نوآبادياتي دور ۾ ٻنهي ملڪن ۾ جيڪو حشر ٿيو ۽ جهڙي طرح انقلاب مخالف رجعتي قوتون حاوي ٿيون سو به هڪ رنج ۽ غم جو هڪ ڊگهو داستان آهي. ڀارت ۾ ته نهروءَ جي جعلي سوشلزم جو ڀرم ٽٽندي ٽٽندي گهڻو وقت لڳو ۽ ان جي ٽٽڻ کان پوءِ برآمد ٿي به ته تنگ نظر هندو قومپرستيءَ جي فسطائي هندوتوا.

پاڪستان ۾ سرد جنگ جي مراعت يافتا فوجي ۽ سول حڪمرانن ڪميونسٽ پارٽي، ترقي پسند تنظيمن ۽ عوامي ميڙن کي ڪالعدم ڪندي هزارين انقلابين کي قيد ۽ بند جي ور چاڙهي ڇڏيو. ڄام ساقي به انهن مان هڪ هو جيڪو فقط جنتا جا ٻه ڳوڙها اگهڻ خاطر پاڻ پنهنجي پيغام تي قربان ٿي ويو.

جڏهن سوويت يونين ٽٽي رهيو هو ته پاڪستاني بالشويڪين ۽ مينيشويڪين جا هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿ هئا ۽ ايئن هو وکري ويا. جڏهن آڪٽوبر انقلاب جي آخري پريڊ ڏسڻ لاءِ مون کي گهرايو ويو ۽ مان پوڙهن آمريڪي ڪامريڊن سان گڏ ماسڪو جي سرخ چوڪ تي ويٺي سخت سرديءَ ۾ رت گرمائڻ جا جتن ڪري رهيو هيس ته مان جڏهن آمريڪي عورت ڪامريڊ کي چيو ته ڪامريڊ اسان شايد آڪٽوبر انقلاب جي آخري پريڊ ڏسي رهيا آهيون ته هوءَ زارو قطار روئي ويٺي ۽ مان گرم جوشي سان ان انقلابي امان جو هٿ وٺي صبر جي دعا ڪئي هئي. هي اهو وقت هو جڏهن سوويت يونين ۾ گوربا چوڪ جي گلاس ناس (کليل نموني) ۽ پريسترائيڪا (نئين سر تعمير) جو ٿرٿلو متل هيو، سڀئي سوويت يونين جي ڊهي پٽ پوڻ واري تاريخي واقعي ي ڏسي رهيا هئا ۽ ڪنهن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو. ڪوشش ڪيم ته اوڀر جرمني ۽ چيڪو سلواڪيا وڃا پر اتان به منظر تبديل ٿيڻ جون خبرون اچي رهيون هيون. واپسيءَ تي لنڊن ۾ رڪيس. ڪميونسٽ پارٽي آف دي گريٽ برٽين ٻائيتاليهين ڪانگريس. (هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته سي پي جي بي، ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي مڌر پارٽي هئي جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهائڻ وقت ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي  ماءُ بڻي) اهو به عظيم منظر هئو،

ڪانگريس جي افتتاح جي موقعي تي يورو ڪميونزم جي علمبردار  جا هڪ وڏي اسڪرين تي چيڪوسلواڪيا ۾ ڪميونسٽ حڪمراني جي خاتمي جا منظر ڏسندي جمهوري تبديليءَ جو پرجوش تاڙين سان استقبال ڪري رهيا هئا. اها ڪانگريس  سي پي جي بيءَ جي آخري ڪانگريس ثابت ٿي ۽ پارٽيءَ جي خاتمي تي هڪ نيو ٽائيم ميني فيسٽو جاري ڪيو ويو هئو ته ڪهڙي نموني مڪاني آزاد جمهوري تنظيمن جي ذريعي نئين دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ڪم ڪيو وڃي ۽ خيالن جي فڪري ۽ تجرباتي ڏي وٺ کي به جاري رکيو وڃي. پر جيڪا تمام دلچسپ ڳالهه آهي سا هيءَ آهي ته سوويت ڪميونزم جي مارڪسوي تنقيد تي پلجندڙ يورو ڪميونزم جي جماعتن (جيڪي ان وقت فرانس ۽ اٽليءَ ۾ تمام وڏيون جماعتون هيون) نيو ليفٽ جي فڪري ۽ تنظيمي حلقي ۽ عظيم انقلابي ٽراٽسڪي جي پير تي هلندڙ عالمي انقلابي سوويت يونين ٽٽندي ئي آهسته آهسته پاڻ به ٽٽندا ويا، سو ماضيءَ جي تنقيد تي ۽ اوڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري پيش ڪيل ڪميونسٽ منشور يا وري ان جي ڪنهن سبب جي بنياد تي اوهان ڪيئن زمان ۽ مڪان کي ڄاڻڻ بنا نئون فڪري ماحول جوڙي سگهو ٿا ۽ بغير نئين ۽ پيچيدا سماجي صورتحال کي ڄاڻڻ بنا ڪا نئين حڪمت عملي جوڙي سگهو ٿا؟. بيٺڪي راڄ کان پوءِ واري دور ۾ ۽ گرهڻ لڳل آزادي ملڻ تي جيڪو ورهاڱو ٿيو تنهن جي نتيجي ۾ ڪميونسٽن جو وڏو تعداد فرقي واريت جي ور چڙهي هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿيو. جيڪو رهيو کهيو بچيو به سو به انتهائي هيڻو هو، پوءِ به ڪامريڊ سجاد ظهير ۽ سندس ساٿين پابندين ۽ انتهائي مشڪلات باوجود ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان کي نئين نموني منظم ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. اهو ڪم اڃا جاري هو ته راولپنڊي سازش ڪيس جو بم ڦاٽو ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان سان لاڳاپيل سڀني تنظيمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو، هي تمام ڏکيو دور هو ۽ ڪهڙو ڪهڙو ظلم هئو جيڪو نه ٿيو پر ان باوجود به انقلابين همٿ نه هاري، تاريخ وري ڪر موڙي اٿي ۽ ۱۹۶۸ع ۾ هڪ عظيم عوامي جمهوري اڀار ملڪ جي ٻنهي ڌرين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، هر طرف سوشلزم اچي اچي جا نعرا هئا ۽ رجعتي قوتون پٺ تي هٽڻ تي مجبور هيون. ان عوامي اڀار مان مون واري نسل جا سماج وادي پيدا ٿيا، جن مان گهڻن گهڻو ڪجهه تياڳي پورهيت عوام سان جڙيو رهڻ ۽ انهن کي منظم ڪرڻ جي راهه ورتي، وري مارشل لا لڳي، چونڊون ٿيون ۽ ملڪ جي ٻنهي حصن ۾ ترقي پسند جون جماعتون ڪامياب ٿيون. بڻڇيءَ کي  پرچيءَ تي فوقيت ڏيڻ وارن پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل هئڻ باوجود پاڻ کي پارلياماني سياست جي گناهه صغيره کان محفوظ رکيو.

هي چيني روسي جهيڙو به ان کان اڳ ورڇ جو سبب بڻجي چڪو هو ۽ ان حماقت جو اسان سڀ شڪار ٿياسين. ڀٽو جي آمراڻي پاپولزم هٿان هڪ عظيم انقلابي عوامي لهر اٿي ۽ ان کان پوءِ جي آئي به ته جنرل ضياءَ الحق جي بدترين رجعتي آمريت. وکرجي ويل کاٻي ڌر لاءِ هي انتهائي ڏکيو وقت هئو، جڏهن سڀئي سڀئي پنهنجي پنهنجي صليبن تي هلڻ تي بضد هئا. اهڙِي صورتحال ۾ جيل ۾ قيد ساٿين ۽ جلاوطن دوستن ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي، گهڻا ماڻهو هڪ ئي پارٽي ۾ شامل ٿي به ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ رهيل کهيل اميد وري سوويت يونين جي ٽٽڻ سان وکري وئي. ڪهاڻي وڏي آهي ۽ ٻيو ته شڪست جي راڳڻي کي ڪير ڀلا ڇو ٻڌي.

اسان جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي ياد تازا ڪري رهيا هئاسين ته سائنس جي دنيا جو هڪ ٻيو چمڪندڙ ستارو ٻڏي ويو. اسٽيفن هاڪنگ ته پاڻ کان اڳ واري آئنسٽائن جي اضافيت ۽ طبعيات جي علم ۾ ڪيل انقلابي اضافن تي ڪم ڪندي بليڪ هولز جو پتو کر به معلوم ڪري ورتو هو ۽ اهڙي جسماني معذوري جي هوندي جو سواءِ هڪ اک جي ان جي جسم جي ڪنهن به عضوي ڪم نه ٿي ڪيو، هاڪنگ زبردست ذهني جستجو سان جسماني حدن کي شڪست ڏني.

ڳالهه پيرس ۾ مزدورن جي انقلابي ڪميون کان آڪٽوبر انقلاب ۽ چيني انقلاب کان ٿيندي ڪٿي کان ڪٿي پهچي وئي ۽ اڄوڪي هن جدلياتي داروگريءَ کان مارڪسزم به بچيل ناهي. اسان اڄ به گذري ويل فڪري دور جي لاڙن تي ڳالهائي رهيا آهيون، ڀلا تاريخ جو ان سان ڇا وڃي ۽ شڪست جا ڦٽ چٽيندي اسان وري به تاريخ جو هر اول دستو بڻجڻ جا آخر خواب ڇو ڏسي رهيا آهيون.هاڻي جڏهن جمهوري تحريڪ جو سلسلو هليو آهي ته ضرورت گهٽ ۾ گهٽ کاٻي ڌر جي هڪ وسيع جمهوري متبادل اڳتي آڻڻ جي آهي. کاٻي ڌر نه هوندي ته فسطائيت جمهوريت جو متبادل بڻجندي. ڄام ساقي ته انقلاب جو سُتي پي ويو پر انقلاب جو ذائقو آهي جو گهٽجي ئي نٿو.


ڪامريڊ ڄام ساقي

هڪ عظيم انقلابي

انور پنهور

۵ مارچ ۲۰۱۸ع تي سانجهيءَ مهل برصغير جي نامور ۽ عظيم انقلابي ڪامريڊ ڄام ساقي کي بابن شاهه جي قبرستان حيدرآباد ۾ پورهيتن جي عالمي تراني جي سلامي سان لحد ۾ لاٿو ويو ۽ ڏهاڪو کن انقلابي گيتن جي اعزاز سان مٽيءَ ماءَ حوالي ڪيو ويو.

ڪامريڊ ڄام ساقي جي ۷۴ سالن جي ڄمار ۾ اڌ صدي کان وڌيڪ هن جي انقلابي جدوجهد جي تاريخ آهي. جنهن کي هڪ اخباري ڪالم ۾ سموئڻ نه صرف مشڪل پر ناممڪن آهي. ٿر جي بيابان جي ڳوٺ جنجهي تڙ ۾ هڪ پرائمري استاد سائين سچل جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڪامريڊ ڄام ساقي سماجي جدوجهد ڪرڻ جو اتساهه پنهنجي والد محترم کان حاصل ڪيو هو، جيڪو استاد هجڻ سان گڏ هڪ سماجي خدمتگار پڻ هو.

ڪامريڊ ڄام پنهنجي سياسي ۽ انقلابي جدوجهد جو آغاز سنڌ يونيورسٽي اندر هڪ شاگرد طور ڪيو. اهو فوجي ڊڪٽيٽر ايوب جي آمريت جو دور هو. جنهن ۾ ۴ مارچ جي حوالي سان پهريون ڀيرو ۵ مارچ ۱۹۶۷ع تي فوجي قانون ڊفينس آف پاڪستان رولزDPR  تحت گرفتار ڪيو ويو. بقول چار مارچ جي هڪ هيري مسعود نوراني جي ته شاگردن جي اها تحريڪ هڪ آفيسر (وائيس چانسلر جي بدلي) کي بچائڻ جي تحريڪ هئي، جنهن کي ڪامريڊ ڄام ساقي آمريت جي بدترين ڪاري قانون ”ون يونٽ“ جي خاتمي جي تحريڪ بنائڻ پئي چاهي. ڇاڪاڻ ته ون يونٽ سبب سمورين قومن جي مٿان راتاهو هنيو ويو هو. ڪامريڊ ڄام جي ان نقطي اٿارڻ سان اها مارچي هيرن واري تحريڪ شاگردن جي ٻن ڌار ڌار نظرين جي وچ ۾ ورهائجي وئي. هڪ پورهيت طبقي ۽ ٻيو مڊل ڪلاسي طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو هو. هتان ئي ڪامريڊ جي حقيقي سياست جو آغاز ٿئي ٿو ۽ پنهنجي مضبوط موقف سان اڳتي وڌي ٿو. اڳتي هلي ڪامريڊ ڄام ۱۹۶۸ع ۾ اين ايس ايف ۾ شامل ٿئي ٿو. هن ئي سال مارچ ۾ ساڍن چئن مهينن لاءِ ٻيو دفعو گرفتار ٿيو. آزادي کان پوءِ شاگردن جي جدوجهد کي ٻيهر منظم ڪري ۳ نومبر ۱۹۶۸ع تي ايس اين ايس ايف جو صدر چونڊيو ۽ ٻئي ڏينهن تي ٽيهر ٽن مهينن لاءِ گرفتار ڪيو ويو. مارچ ۱۹۶۹ع تي چوٿون ڀيرو مارشل لا آرڊر ۱۹ تحت ڪامريڊ ڄام کي گرفتار ڪري پشاور سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو. انهيءَ گرفتاري دوران ڪامريڊ ڄام کي سنڌ يونيورسٽي مان پڻ رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. هن ئي سال نومبر مهيني ۾ پنجون ڀيرو گرفتار ڪري مچ جيل بلوچستان ۾ قيد ڪيو ويو. ان کان پوءِ لڳاتار ملتان جيل، بدنام زمانا شاهي قلعي جو اسير رهيو، ٽارچر سيلن اندر تشدد جو نشانو بنجندو رهيو ۽ هڪ ڊگهي روپوشي ۾ پڻ هُن وقت گذاريو.

ڪامريڊ ڄام نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ذريعي ڪميونسٽ پارٽي جو حصو بنجي چڪو هو ۽ بعد ۾ ان جو سيڪريٽري جنرل پڻ چونڊجي ويو هو. پر جيئن ته هن پارٽيءَ سميت دنيا جي سمورين ڪميونسٽ پارٽين جو قبلو سوويت يونين طرف هو ۽ شايد تاريخ جي اها ستم ظريفي چئبي جو گورباچوف پنهنجي نام نهاد سڌارن وارين پاليسين يعني پروسترائيڪا ۽ گلاسنوسٽ وسيلي سوويت يونين کي ردانقلاب جي طرف ڌڪي ڇڏيو هو ۽ آخرڪار سوويت يونين ٽُٽي ويو. ان جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ان جا سنگين اثر دنيا جي سمورين ڪميونسٽ پارٽين تي پيا ۽ انهيءَ تسلسل ۾ پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي به بچي نه سگهي، جنهن ۾ ڪامريڊ ڄام سميت هتان جي ڪنهن به ڪامريڊ جو قصور نه هو.

ڪامريڊ ڄام ساقي پنهنجي شاگردي واري زماني کان وٺي ڪميونسٽ پارٽي جي استعيفى (۱۶ آڪٽوبر ۱۹۹۱ع) تائين پنهنجي ڪردار ۾ وطن پرست ۽ انقلاب پسند هو ۽ ڪامنٽرن جي مرحليوار نظرئي ۽ ان جي فيصلن موجب عمل پيرا رهيو هو. شاگردي واري زماني ۾ قومن کي قيد ڪندڙ ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلائي هن اهو ثابت ڪيو هو ته هو ڌرتي جو حلالي پٽ آهي. ڪميونسٽ پارٽي جو بار ڪلهن تي کڻڻ کان پوءِ هيءُ پورهيت طبقي جي نجات واري مقصد کان هڪ منٽ به غافل نه رهيو هو. يقينن برلن ديوار جي ڊهڻ ۽ ڪامنٽرن جي غيرموثر ٿيڻ وارا عمل ڪنهن به اذيت کان گهٽ ڪونه هئا ۽ اهڙو صدمو برداشت ڪرڻ ڪامريڊ ڄام لاءِ آسان نه هو.

اڳيان هلي ڪامريڊ ڄام ساقي پنهنجي سياسي ۽ انقلابي حڪمت عملي تحت پ پ ۾ شامل ٿيو ته واريءَ جي بنياد تي بيٺل کوڙ سارن جي دانشوري جا ڪنگرا هيٺ ڪري پيا ۽ انهن جي اهڙي تنقيد اڄ تائين به جاري آهي. جيڪي ماڻهو پيپلز پارٽي کي خراب ۽ ڪرڀ واري پارٽي سمجهندا هئا، انهن کي ياد رکڻ گهرجي ها ته روس اندر بالشويڪ جڏهن اڃا پارٽي نه ٿي هئي پر هڪ ڌڙي جي طور روس جي سوشل ڊيموڪريٽ پارٽيRSDLP  ۾ شامل هئي، ته اها سوشل ڊيموڪريٽ پارٽي ڪا پ پ کان بهتر پارٽي نه هئي، پر ان ۾ مختلف نظرياتي رجحان رکندڙ هڪ ۱۰۰ تنظيمون شامل هيون، جن ۾ يهودين جي بند، جيڪا پرولتاري نظرئي کان بلڪل خالي هئي، يوڪرين جي بليڪ هنڊريڊ جيڪا مارڪسزم دشمن هئي، ان سان گڏ ڪيترائي معيشت پرست ۽ اصلاح پرست به شامل هئا. اهڙي پارٽيءَ اندر رهڻ ڪنهن به اذيت کان گهٽ نه هو، پر انهن ڪامريڊن جي اڳيان سوشلسٽ انقلاب برپا ڪرڻ وارو مقصد سڀ کان وڌيڪ اهم هئو. تڏهن ته انهن هٿن ڪارن ٿيڻ جي خوف کي بلڪل نظرانداز ڪندي، ڪوئلن جي ان کاڻ مان هيرا ڳولي بالشويڪ پارٽي تعمير ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا ۽ ان جي جهنڊي هيٺ انساني تاريخ جو ڪامياب سوشلسٽ انقلاب برپا ڪري ڏيکاريو. اهو ڪو حادثو نه هو، پر اها مارڪسزم جي نظرياتي سچائي هئي. تنهن هوندي به ڪامريڊ ڄام ساقي جي انهيءَ انقلابي حڪمت عملي تي جيڪي ماڻهو تنقيد ڪن ٿا ته اهي پنهنجي نظرياتي ڪوتاهه هجڻ جو ثبوت پيا ڏين. يقينن ايندڙ وقت ئي ثابت ڪندو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ڪالهه ڪميونسٽ پارٽي ۾ درست هو يا پيپلز پارٽي ۾ بطور حڪمت عملي شامل ٿيڻ وقت، معروضي حالتن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ بهتر هو.

هتي هي ٻڌائڻ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته ڪامريڊ ڄام طرفان پ پ ۾ شموليت کان ۱۵ سال اڳ کان ئي بالشويڪ روايتن کي برقرار رکندڙ ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ ان جي بنيادي سوشلسٽ منشور جي ڳالهه ڪندڙ ”طبقاتي جدوجهد“ جا ڪامريڊ به ان وقت اتي سرگرم هئا. ان وقت کان وٺي جتي هو پ پ جي سوشلسٽ منشور جي ڳالهه ڪندو هو، اتي ئي طبقن جي خاتمي ۽ انهن جي مصالحت واري رجحان ۽ قيادت جي عوام دشمن پاليسين کي پڻ وائکو ڪندي، انهن جي کليل لفظن ۾ مخالفت پڻ ڪندو رهيو. اهڙي طريقيڪار کي بهتر سمجهندي، ڪامريڊ ڄام ساقي طبقاتي جدوجهد جي ساٿين سان انهن جي عملي جدوجهد ۾ شامل ٿيو. پنهنجي بين الاقوامي سوچ ۽ مسلسل انقلاب جي نظرئي تي قوي يقين رکندڙ ڪامريڊ ڄام جو ثبوت سندس جو اهو انٽرويو به هو جيڪو هن ۲۸ مئي ۲۰۰۶ع تي پاڪستان اخبار جي سنڊي مئگزين کي ڏنو هو، جنهن ۾ ڪامريڊ ڄام ٻڌائي ٿو، ته ”اسان جي جدوجهد سموري دنيا جي پورهيت طبقي سان جڙيل آهي ۽ اسان پنجاهه کان وڌيڪ ملڪن ۾ هن جدوجهد کي منظم ڪري رهيا آهيون. ان تنظيم جو نالو طبقاتي جدوجهد آهي ۽ مان ان جو حصو آهيان.“ ۽ اهو سچ آهي ته ڪامريڊ ڄام زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين طبقاتي جدوجهد جو ساٿي رهيو. ها باقي جيڪي ماڻهو انقلابي پارٽي جي تعمير جي حڪمت عملي ۽ ”طبقاتي جدوجهد“ کي ئي سنجيده نه ٿا سمجهن، انهن کي ڀلي ڪامريڊ ڄام ساقي مٿان تنقيد ڪرڻ جو حق هجي ٿو، پر توهين ڪرڻ جو حق ڪڏهن به ڏئي نه ٿو سگهجي. جهڙيءَ طرح ڪجهه ماڻهن سنڌي ميڊيا ۾ حد ڪري ڇڏي آهي. ڄڻ ڪاسائي کي گلاب جو گل ڏئي چيو وڃي ته ان جي تعريف ڪري ٻڌاءِ، ته اهو گل جي سونهن ۽ خوشبوءِ جي ساراهه ڪرڻ کان پوءِ چوندو، ته ڪاش ان ۾ گوشت هجي ها، ته هو سڻڀن ماڻهن کي هرکائي وجهي ها ۽ جيڪڏهن ان ۾ هڏو هجي ها ته گوشت جو وزن وڌي وڃي ها ۽ پوءِ ڏاڍا پئسا ڪمائي ها. اهڙي ڪار هنن به ڪئي آهي، هر ماڻهو پنهنجي قد کي ڪامريڊ ڄام ساقي جي قد ڪاٺ سان ملائڻ ۾ مصروف ڏسڻ ۾ پيو اچي. ڪو هن کي قومپرست، ڪو جمهوريت پسند، ۽ ڪو انساني حقن جي جاکوڙيندڙ جا لقب پيو فرمائي. سچ ته اهو آهي، ته ذڪر ڪيل اهي خاصيتون هڪ ڪامريڊ ۾ گڻ ٿيندا آهن. اهي سڀئي وصفون گڏجي هڪ انسان کي ڪامريڊ بنائينديون آهن. هڪ ڪامريڊ اهڙو انسان دوست ۽ حساس طبيعت وارو ٿيندو آهي، جنهن ۾ غربت جي ماريل ماڻهو کي ڏسندي ئي ان جو جيءُ جهري پوندو آهي. اهي سمورا گڻ ٻين ۾ نه سهي پر ڪامريڊ ڄام ساقي ۾ ڀرپور طريقي سان موجود هئا ۽ سڀ کان اهم گڻ ڪامريڊ ڄام ۾ هڪ انقلابي هجڻ واري خوبي اها هئي، ته هن پنهنجي مقصد سان ڪڏهن به مصلحت نه ڪئي ۽ آخري وقت تائين هن کي اهو پختو ويساهه هئو ته انقلاب هڪ ڏينهن ضرور ايندو ۽ هارين، مزدورن، شاگردن، بيوسن ۽ مجبورن جي نجات ٿيندي ۽ اهي خوشحالي ماڻيندا ۽ يقينن اهڙو مقصد ڪنهن عظيم انقلابي جو ئي ٿي سگهي ٿو.


 

ڄام ساقي

جاکوڙي سچل جو کاهوڙي پُٽ

امداد جنجهي

ڄام ساقي جي ياد ۾ پيپلز پارٽي ٿرپارڪر جي پليٽ فارم تان انجينئير گيانچند جي طرفان ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ۲۳ مارچ تي ميڙاڪو منقعد ڪيو ويو انجينئر گيانچند سنڌ جي شاگرد تحريڪ واري هلچل واري زماني کان ڄام ساقي جو مداح آهي. سو ٿر ڄائي پاران  ڪوٺايل اهڙي عظيم باغياڻي رويي جي بادشاهه کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو پروگرام ڪيو سو رهيو نه ٿيو ۽ هي فقير به وڃي پڙلاءَ تي پهتو.

جيالن جي جوش ۽ ولولي جي جذباتي انداز ماضي ڏانهن موٽائي  گهايل من جا گهاو وري  رهنڊي ڇڏيائون  ڀٽائي سرڪار جي هن سٽ جي عڪاسي.

وڍي چيري، چچري، ٻاريائون ٻيرا،

لٿي سج لطيف چئي ڪيا گوندرن گهيرا،

وڏي ڪنهن ويرا مون سرتيون سور پرايا.

سو اهو سفر آهي ته اڻانگو جڏهن کان کاهوڙين سان ننڍپڻ کان رت ست ۽ احساس جو رشتو جُڙيل آهي ته پوءَ محد کان لحد تائين جو سفر تپيل ٽامي تي پير رکڻ وارو ئي هوندو پوءِ تکا هلون يا وک روز ازل کان روز  محشر تائين سچل ۽ ڄام جا ٿيندا سين.

ڪلچرل ڊپارٽمينٽ جي بينظير آڊيٽوريم مٺي ۾ منقعد انهي پُروقار تقريب ۾ ڄام ساقي جي پراڻي ۽ نظرياتي جدوجهد جي پيروڪار سائين رمضان جوڻيجي سان ملاقات ٿي جنهن پروگرام جي لاءِ اول کان آخر تائين وڏا جتن ۽ گذارش ڪئي ته ان جنجهي فقير کي به ٻه اکر سورمن سچل ۽ ڄام تي ڳالهائڻ ڏيو پر چئن ڪلاڪن تائين ساڳيو جواب بابا مقرر ڳالهائيندا ٽائيم گهٽ آهي.

خير جڏهن کان  شعوري زندگي لاءِ قدم اسهيا آهن  ان کان پوءِ نيلسن منڊيلا ۽ ڄام ساقي جي موت جهڙي ڏک جي لهر نه ڏٺم. اهڙا ناقابل فراموش ڪردار جيڪي انساني حقن جي برابري ورڇ لاءِ ڏهاڪن تائين دلين جا راڻا ٿي راج ڪندا رهيا مونکي رمضان جوڻيجي ٻڌايو ته ڄام ساقي کاٻي ڌر جي تحريڪ جي اڳواڻ جي حيثيت سان مونکي ۽ ٽن  ٻين شاگردن کي ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار ڀُٽو ڏانهن موڪليو حيدرآباد ۾ ملڻ لاءِ  ته جيئن هن کي قائل ڪريون ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياري. ملاقات ته  مثبت رهي پر سنڌي ٻولي پنج هزار سالن کان پُراڻي پر ڄام ساقي جي سپنن کي ساڀيان نه ملي  ٻي اهم ڳالهه  جيڪا ڄام ساقي مشهور  ڪيس جي ڪتابن ۾ موجود آهي  جڏهن هن  سچل جي سورهيه پُٽ  ڀُٽو صاحب کي  چيو ته ”بلوچ محب وطن آهن انهن جي خلاف فوجي آپريشن ڪنهن نئين مصيبت کي جنم ڏيندو ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو ڀُٽي صاحب جي  چاهڻ باوجود  به فوجي آپريشن بند نه ٿيو  ۽ معاملا ڪٿي وڃي بيٺا“ (حوالو ڪتاب ضمير ڪي قيدي)

خير فقير ته ڀيٽا ڏيڻ چاهي پئي امڙ مينهن ٻائي کي ۱۹۴۳ع جي شروعات ۾ امڙ مينهن ٻائي  پنهنجي وَر سائين سچل جنجهي جي گهر ۾ ڌر تتيءَ مهل ٻاجهر جا داڻا پئي ڇڙيا رٻ رنڌڻ لاءِ حسيني فقير سدا هنئي ته اما سون زيور ڏي  سو به ڪنن ۾ پاتل زيور ته عورت جي من موهيندڙ شيءِ جنهن کي سنڀالڻ  لاءِ تالو ايجاد ٿيو هونئن به

ڏيڻ، روئڻ، ڏيهه ڇڏڻ؛  ٽيئي ڪم ڏُکيا

قادر پنهنجي قدرت سين، هنئين هيٺ رکيا.

سو نه ڪيائين دير ڪنن مان لاهي زيور منگتي حسيني فقير جي حوالي ڪيائين  حسيني فقير اُٿندي دعا ڪئي اما الله سائين  اهڙو پُٽ ڏيندو ئي جو مُلڪان ملڪ  هاڪ هوندس. ٿر جي سڀني ٻچڙن جي آدرشي امڙ مونکي ۱۹۹۴ع ۾ ٻڌايو ته ابا مونکي پڪ هُئي ته ڄام ئي ڄمندو ڀٽائي سرڪار فرمايو ته

پکا پکاريو ڄام تماچي آيو، گوندر لاهيو گندريون

آتڻ اُجاريو ڪينجهر قراريو، ڄام تماچي آيو

پنهنجي موڀي پُٽ جي پيدائش کان پهرين پنهنجي ساڄي ڄنگهه ڪينسر سبب ڪٽيل هجڻ واري امڙ مينهن ٻائي  پنهنجي معذوري کي طاقت بڻائي پنهنجي ور ۽ ٿر جي سرمست  ۽ سدا بهار ڪردار سائين سچل جنجهي سان ائين ساٿ نڀايو جيئن سچيون ۽ ستيون، سرتيون ۽ سورميون نڀائين ٿيون مرد پڙهيو فرد پڙهيو ماءُ پڙهي معاشرو پڙهيو سو ٿر ۾ علم جي شمع اُجاگر ڪندڙ سماج سڌارڪ سيوڪ سائين سچل جي شاگرد ٿي شادي کان پوءِ پاڻ پڙهي پر پنهنجي دختر جي ڪلاس فيلو بڻجي وئي ته جيئن ان وقت  ٻهراڙي  ۽ ڳوٺاڻي ماحول ۾ نياڻي کي علم جهڙن زيورن سان آراستا ڪرڻ  معاشري جو وڏي ۾ وڏو عيب ۽ ڏوهه تصور ڪيو ويندو هو سو ماءُ ۽ ڌي گڏ پڙهڻ سان گڏ سندن تعليم کاتي ۾ استاد ٿيڻ  جو به سفر رهيو. سائين سچل انگلش ڪلاس اسڪول کولرايو جنهن لاءِ سائين پاڻ امڙ مينهن ٻائي ۽ امان مارئي سان گڏ ڍڳين جو ڇيڻو ڪچن ڪمرن جي ليپي لاءَ پنهنجي مٿي ته کنيو ڪچا منهن اسڪول لاءِ اهڙيون ئي لانڍيون هاسٽل لاءِ ٽيهه کان چاليهه ٻار جن کي سائين سچل مختلف  ڏورانهن علائقن مان مائٽن کان منٿون ڪري وٺي آيو ته ٻار ڏيو ماني کارائيندس رهائش آهي دوا درمل ڪندس (جو پاڻ ڪيشولال واڻيئي کان ميڊيڪل جو سڄو ڪم سکي ورتو هئائون) ڪجهه مائٽن دل جلهي ٻار ڏنا  سي سندن تربيت ۾ رهي رچي لال ٿيا باقي ڪرڙ خان ولد ڪانڊيرو خان جهڙن فرضي نالن سان  پنهنجي پگهار مان في ڀري پيو هلائيندو هو  مٿان وري ڪجهه شرارتي عناصرن  جي اشاري تي سائين سچل، امڙ مينهن ٻائي ۽ امان مارئي کي سرڪاري نوڪري مان ٽرمينيٽ ڪيو ويو اهي معاش جا ذريعا  بظاهر ته بند ٿيا  پر اُتي به سچل ثابت قدم رهيو

هٿ جنهن جا  هيئن، پهرين پتڻ سي چڙهندا

غالبن اها ۱۹۶۶ع جي ڳالهه آهي  وري نوڪريون به بحال ڪرائي آيو. ان وقت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سنڌ هاري ڪاميٽي کي اڪيلو ڪري ۱۹۶۹ع ۾ پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي  مليو ته ڄام ساقي سنڌ هاري ڪاميٽي  ۾ روح ڦوڪڻ لاءِ گهڙي پيو پوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جو نعارو هر هٿوڙو ڏاٽو ڪهاڙو جيئي اسان جو ساقي پيارو ۽ ون-يونٽ جون تحريڪون زور سان هليون ته سائين سچل کي به آمرن ڄام ساقي جو والد هئڻ سبب  غدار چئي ضلعي بدر ڪري حيدرآباد ضلعي ۾ ڪڏهن عارف ڪاڪا ته ڪڏهن جرار ٿيٻي ۾ نوڪري ڪرائي ويئي انهن ماڳن تي به اسڪولون اسپتالون ۽ پوسٽ آفيسون کولرايائين.

جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي

وڃي ڀونءَ پيٺي، ساريندي  کي سڄڻين

سو ڄام ساقي شروع کان وٺي ڏاڍ جبر اڻ برابري خلاف فيصلاتي ۽ ڊگهي نظرياتي ويڙهه، اصول پسندي جا گُڻ ۽ گُر پنهنجي آدرشي بابا سچل ۽ امڙ مينهن ٻائي کان سکي ورتا هئا. سچل واقعي سارو سچ هو علم جي اڃايلن لاءِ وڏي مشڪلات سان هاءِ اسڪول منظور ڪرايائين بلڊنگ منظور ڪرايائين پر علائقي جا نام نهاد  وڏيرا  بنياد رکڻ نه ڏين.

پنهنجي ڪُل ملڪيت  مائٽاڻي زمين  پنهنجي ڳوٺ ڀر سان  سنڌ سرڪار کي لکي ڏيئي سرخرو  ٿيو.

مرد مرندا ڪين نه ڪي، مري نه ٿيندا مات

مرندو هرڪو آهي اسان به مرنداسين پر هو  پيءُ پُٽ ائين زندهه رهيا ۽ ائين ويا جو تاريخ ۽ تقدير ٻنهي ۾ سنورجي ويا. نظرياتي شاگرد پيدا ڪندڙ  سائين سچل ۽ سندن فرزند  ارجمند  مان  فيضاب  ٿيندڙ هزارين شاگرد جيڪي مشهور صحافي، ضمير جا قيدي، وڏا وڏا تعليم دان،   ڊاڪٽر ، انجينئر،  شاعر ۽ اديب شامل آهن  انهي سموري جدوجهد ۾ امڙ مينهن ٻائي جو به  نمايان ڪردار  رهيو آهي هن پنهنجي اولاد محمد ڄام، ڊاڪٽر سلطان  ۽ امان مارئي توڙي  ڄام ساقي جي اولاد سميت ٿر جي سوين ٻارن جي  ماءُ بڻجي  پرورش ڪئي تڏهن ته ڀٽائي فرمايو آهي ته:

ڏُکارو ڏونگر ڏٺم ري ڏوٿيئن، پٻ اوريو پنهنجو،

انهي لاءِ اندر  ڇورو ٿيو ڇپر  ڀيرو کاهوڙين  بس ڪيو

باغياڻي وريي جي سوچ، اڻ برابري ، علم عام ڪرڻ ۽ انسانيت جا نظرياتي پنڌ جاٻئي پانڌيئڙا پنهنجا پير  ٿر جي  گسڪندڙ واري  اهڙا ته اثرائتا ۽ چٽا ڇڏي چُڪا آهن جو  سندن رت ۽ ست سان سڃيل انسانيت لاءِوقف ٿيل واٽ کي  ڳولڻو پوندو ڇاڪاڻ ته واٽ اها وڃي بيهندي

جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهي سجود

وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چئو.

رهڻو آهي ته ڄام ٿي رهڻو آهي جيئڻو آهي ته سچل ٿي  پر ڀٽائي چوي ٿو  ته

سي مائرون ڀلين مَرڪن،  جني ڄايا ڄام،

روح جي رڳن سي جر پياريا جام

جن جي  هڏن ۾ حرام،  سي ڪهڙا ڪونڌر  ڄڻينديون

هاڻي ضرورت آهي علم جي، ضرورت آهي قلم جي جنگ جوٽڻ جي ضرورت آهي سچن جي  نظريي تي هلڻ  جي رستا ٿوهر جي ڪنڊن وانگر پر ڦل اهڙو جٽادار  مضبوط ۽ مٺو  جو ويل چيئر تي ويٺل ڪامريڊ ڄام ساقي کان مون پڇيو اُڀ تتل ڀونءَ ٽامڻي  ڪوسا ڪڪرا ساٺي ڪو سالن  وارو سفر ڪيئن لڳو  کلي وراڻيائين

سکر سيئي ڏينهن  جي مون گهاريا بند ۾

مٿي بيهي  ماڙين تي  وڏ ڦڙا وسايم مينهن،

نيئر منهنجي نينهن اُجاري اڇو ڪيو

موقعو ملي ته اڄ به جيڪر  هاري، مزدور ۽ پورهيت جي حقن لاءِ جيل جي زنجيرن ۾  جڪڙجي وڃان.

ٻڌو ڪنهن  ٻانڌاڻ ، هينئڙو هوتاڻن سين،

ڪا جا آهيس ڪاڻ ، نبيريانس  نه نبري (شاهه)

هنن پانڌيئڙن، جهانگيڙن  ۽ سانگيڙن  جي پيرن جا نشان ڏئي ٿا هلون

نالي الک جي  ٻيڙو تار منهنجو

سچل سائين ڄام ساقي  سُرخ سلام

ٻڌي سورن سندرو ڏونگر ڏوريام

ويو ٻاروچو نڪري وچ ويلا پيام

سوين ساٿ گڏيام پر پرين پاري ناهي ڪو.


ڪامريڊ ڄام ساقي

ڪميونسٽ تحريڪ جو هڪ ڪردار

نثار لغاري

تاريخ ۾ جڏهن وڏيون تبديليون اينديون آهن تڏهن ڏاها ماڻهو، سمجهدار ماڻهو اُن جي پرک ڪندي ڪڏهن ثابت قدم ٿي بيهندا آهن ته اُنهن جو اُهو تاريخي ڪردار هميشه ياد رکيو ويندو آهي، اهڙن تاريخي ڪردارن ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جو به اهم ترين ڪردار آهي. ڪامريڊ ڄام ساقي هڪ پوري دؤر جي تاريخ آهي، جنهن ۾ هُن جي عوامي ڏاهپ ۽ دؤر جي عوامي مزاحمت هڪ ٿي ويون هيون.

مظلوم، محڪوم ۽ مجبور طبقن کي ڪامريڊ لينن جي سربراهي ۾ آيل آڪٽوبر انقلاب ايترو متاثر ڪيو هو جو روسي سوشلسٽ انقلاب کانپوءِ جي تاريخ درحقيقت حقيقي، عوامي مزاحمتي شعور جي تاريخ آهي. هن دؤر ۾ عام ماڻهن، مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن اِهو سمجهيو ته اسان سماج کي تبديل ڪري سگهون ٿا، اسان جو تاريخ ۾ ڪو ڪردار آهي، ڪجهه ڪري سگهجي ٿو، هڪ عام غريب ماڻهو فقط تاريخ جي ٿيٽر ۾ ڪو تماش بين نه آهي، هو خود هڪ ڪردار آهي ۽ اُهو پڻ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو، هو هِن ظلم تي ٻڌل سماج ۾ پنهنجا سوال اُٿاري سگهي ٿو، هن سماج تي تنقيد ٿي سگهي ٿي. هي غربت، بدحالي، افلاس، پاڻي جي کوٽ، سماج ۾ بيماريون، بک ۽ جنگيون توڙي لاقانونيت ڇو آهي؟ ڇا هن تي ڪو سوال ڪرڻ ڏوهه آهي؟ ڪو غريب جيڪڏهن ڪي صلاحيتون رکي ٿو ته پوءِ به کيس پوئتي ڇو ڌڪيو وڃي ٿو. انهيءَ سموري اڻ تڻ واري دؤر ۽ پوءِ اهڙي تربيت ۽ سکيا جي ڪري ئي ڄام ساقي پيدا ٿئي ٿو، پوءِ اياز شيخ پيدا ٿئي ٿو. شيخ اياز هڪ آزاد انسان لاءِ لکيو آهي ته ”جنهن آزاد گذاريو آهي، تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي“. هن کان اڳ ڀٽائي چوي ٿو ته، ”اڳيان ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين“ هن جو مطلب آهي ته زندگي مسلسل جدوجهد، جستجو ۽ حوصلن سان گڏ اڳتي وڌڻ جو نالو آهي. هڪ شاعر موجب ”پهاڙ پرزا ٿي پوندا، ٻانهن ۾ جي آهي ٻل...!!

سموري ترقي پسند انقلابي تحريڪ مارڪسزم، جديد عوامي مزاحمت، پورهيت تحريڪ جو  اهم ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي هو، هن جي ڪردار ۾ هڪ دؤر لاءِ سنڌ پنهنجي هڪ جهلڪ، هڪ روپ پسايو هو. سموري ملڪ ۾ عالمي سطح تي ڄام ساقي هڪ علامت هو، جدوجهد جي تحريڪ جي ۽ سماجي عوامي تبديلي جو هڪ علامتي ڪردار هو. سماج ۾ وڏا عوامي ڪردار هميشه تڪراري رهندا آهن پر اُنهن جي جدوجهد، سندن ڪردار کي هميشه ڪڏهن انتهائي سخت تنقيد ته ڪڏهن تمام گهڻي پيار ۽ نزاڪت سان ڏسڻ جي ضرورت هوندي آهي پر جن ڪردارن بابت اڃا درست ڄاڻ موجود نه آهي انهن بابت آگاهي ڏيڻ اهم ڪم آهي. تنقيد جو هن وقت دؤر نه آهي. هن وقت عملي تنقيد جو دؤر آهي. سماج ۾ جيڪو پنهنجو انقلابي ڪردار ادا ڪري ٿو، هو سماج ۾ ڀٽائي جي حق جي پيغام کي سمجهي ٿو، اُهو ڪردار ئي هن وقت، وقت جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هن وقت به اسين جاکوڙي ڪردار نه جوڙي سگهياسين ته نتيجي ۾ وري به مايوسي پلئه پوندي. هن وقت مايوس ۽ بزدل سوچ سان تضاد ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. گهٽ علم، بي عمل ۽ بزدل ڪردار هن وقت مايوسي ڦهلائي رهيا آهن، انهن بزدل ۽ مايوس سوچن کي عملي طرح شڪست ڏيڻ جي ضرورت آهي.

۱۹۹۱ع ۾ جيڪا ٿوري مايوسي ڦهلي هئي ۽ جيڪا پروپئگنڊا لينزم خلاف ٿي هئي، اُها هن وقت پنهنجو دم ٽوڙي چڪي آهي. عالمي سرمائي واري نظام، انهيءَ جا هتي موجود ٻالڪا، دانشور دُهلاري، کڙپيل سياسي پادري، نام نهاد ڏاها، جهڳاڙي ليکڪ، مناظري باز ناڪام ٿي چڪا آهن. نئين صورتحال جنم وٺي رهي آهي، جنهن کي چڱي طرح سمجهڻ جي ضرورت آهي. تربيتي ڪچهريون، اسٽيڊي سرڪلز، ڀٽائي تي ڪچهرين نئين صورتحال کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ضرورت آهي. اسان جي سماج ۾ حقيقي سماجي خدمتگارن جي کوٽ سبب مسئلا، ناانصافيون، ظلم ۽ جبر وڌي چڪو آهي پر اُن خلاف حقيقي معنيٰ ۾ ڪو آواز اٿارڻ وارو نه آهي. هن حوالي سان جيڪڏهن اسين هلچل هلايون ماڻهن کي سجاڳ ڪريون ته اُن جا نتيجا نڪرندا.

ڪامريڊ لينن لکيو آهي ته ”هر صدي جو پهريون ڏهاڪو وڏين تبديلين کي جنم ڏيندو آهي“ نائين اليون کانپوءِ اِهو ثابت ٿي ويو ته عالمي سامراجيت وٽ هن وقت ڪابه سچائي نه رهي آهي. دهشتگردي هڪ عالمي ڪوڙ آهي، جنهن جو هنن وٽ ڪو جواب نه آهي. عراق وٽان اڄ به ڪيميائي هٿيار نه نڪري سگهيا آهن، اِهو هڪ عالمي ڪوڙ هو، جنهن جي بنياد تي هڪ پوري سماج کي برباد ڪيو ويو، جنهن سبب اولهه قوتن پاران وچ اوڀر ۾ لڳايل باهه اڄ سڄي خطي کي وڪوڙي ڇڏيو آهي. جڏهن ته سرمائيدارن چيو هو ته دنيا مان بک، جنگين ۽ سماجي ناانصافي جو خاتمو ڪري ڇڏينداسين پر هن وقت تائين اهو نه ٿي سگهيو آهي. ۲۰۲۵ع ۾ هنن چيو آهي ته اسين هڪ مثالي سماج قائم ڪنداسين پر هن وقت ئي انتهائي خراب صورتحال آهي. سنڌ ۾ بک سڀني صوبن کان وڌيڪ آهي.

ڪامريڊ ڄام ساقي ڪميونسٽ پارٽي کي عوامي ڪيو، سنڌ هاري ڪاميٽي کي متحرڪ ڪيو، مارڪس فڪر کي، ڪميونسٽ ڪردار کي عام ڪري جيلن، لالچن، مفادن جي دنيا کان مٿانهون رکيو ۽ هُن جيڪو معيار مقرر ڪيو اُهو سندس ڪردار کي اظهاري ٿو. ڄام ساقي جو دؤر وري اچڻو آهي، پورهيت سياست جو دؤر ٻيهر زنده ٿيڻو آهي، عوامي جمهوري سياست زنده ٿيڻي آهي.


سنڌ جي ارڏي پٽ ڄام ساقيءَ کي جنم ڏينهن مبارڪ

ادل سولنگي

ڄام ساقي سنڌ جي سياست ۾ اهڙي ڪردار جو نالو آهي، جنهن مٿان اعتبار ڪري سگهجي ٿو ۽ اعتماد برقرار رکندڙ، ماڻهو سماج ۾ معتبر  لکيو ويندو آهي ۽ اهڙو ئي معتبر نالو آهي، جنهن کي ڄام ساقي سڏيو وڃي ٿو،

مارڪسي فلسفي جي ڇانو ۾ سرخ انقلاب لاءِ جدوجهد ڪندڙ هن شخص پنهنجي جوڀن ۽ جوانيءَ کي انساني وقار، آجپي ۽ اجتماعي خوشحالي واري اعليٰ مقصد لاءِ ارپي  ڇڏيو، جنهن وقت جي آمرن سان مهاڏو اٽڪائي لال قلعي کي فتح ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته لال قلعي ۾ مٿس ٿيندڙ ذهني ۽ جسماني تشدد پنهنجا اثر گهڻو وقت پوءِ ڏيکاريا، جڏهن لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ سوڀي سان ملهائجندڙ شام ۾ مٿس ان تشدد جو ذهن ۽ جسم مٿان حملو ٿيو ۽ هو پنهنجو سمورو ست وڃائي ويٺو، ڄام ساقي پنهنجي آدرشن جي حاصلات ۽ نظريي سان پابند هجڻ جي حوالي سان نهايت ئي ذميوار رهندڙ اهڙو کاهوڙي رهيو آهي، جيڪو اصل ۾ شاهه سائين جي کاهوڙيءَ جو ٻيو روپ سروپ آهي جيڪي،

کرڪڻا لاهي، سُک نه ستاڪڏهين،

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

ٿر جي اڃاري وارياسي ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪرندڙ شخص ڄڻ ته مينديءَ  ٻوٽو هيو، جنهن جي رنگ، سدائين انقلابي ڪنوارين ۽ گهوٽن  کي پئي ريٽو ڪيو. هن جي سٿ ۾  ڪيترائي ڳڀرو انقلابي رومانس ۾ ڇڪجي آيا هئا، ڪميونزم فلاسافيءَ جي پرچار جدوجهد ۽ انقلاب لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ ڄام ساقي اهڙي ٽه مورتي آهي، جنهن جدوجهد جا ڪيترائي حوالا سنڌ جي سياست کي ڏنا.

هارين لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي مثالي جدوجهد، ڪامريڊ سوڀي جي ٽريڊ يونينسٽ سياست ۽ ڪامريڊ ڄام جي شاگرد ۽ عوامي سياست، سنڌ ۾ هڪ وڏو اوٿر آڻي ڇڏيو هئو، جنهن آمريتن کي ڪک پن جيان اڏارڻ جي سگهه حاصل ڪري ورتي هئي، جنهن کي ڪامريڊ نذير عباسي، ڊاڪٽر بخش علي ۽ ٻين ڪيترن ئي ساٿين سنڀاليو هئو ۽ انقلاب جو هي قافلو، هڙڪ هلو هو، ڌيما هلو هو، جي گونجار ۾ اڳتي وڌندو رهيو، اها ٻي ڳالهه اهي ته سوويت يونين ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه اسان وٽ آدرشي ، انقلابي نظرياتي سياست کي ماٺو ڪري ڇڏيو پر بنيادي طور تي ڪميونزم جي ڪارج کي مٿاهون رکڻ سرخ انقلاب سان واڳيل ساٿين هرممڪن ڪوشش ۽ جدوجهد ڪئي، سموري جواني ۽ جوڀن انقلاب کي ارپيندڙ ڄام ساقي اهڙو شخص آهي، جنهن کي وقت جي هر دور ۾ واٽ تي احترام لائق ڄاتو ۽ قبوليو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ قيمتي شيءَ هوندي آهي، زندگي جواني ۽ معتبر مستقبل، جيڪي ماڻهو انفرادي طور تي پنهنجي زندگي جواني ۽ معتبر مستقبل اجتماعي حقن ۽ مفادن جي حاصلات لاءِ قربانڪن ٿا. ڇا اهڙو عمل صالح عمل ناهي ؟ اهڙو عمل نيڪي ناهي، ڇا اهڙو عمل انقلاب ناهي، کاٻي ڌر جي اڳواڻي ڪندڙ ڄام ساقي، ترقي پسند ۽ روشن خيال سماج اڏڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجون ذاتي خواهشون قربان ڪري. جدوجهد جي ميدان کي ملهايو.

ڄام ساقي اهو ڪردار آهي، جنهن کاٻي ڌر جي سياسي ڪئمپ ۾ هند به سنڌ جي اجتماعي مسئلن جي خاص ڪري ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ اهم ۽ معتبر شخص رهيو آهي. سنڌ ۾ کاٻي ڌر جي سياست تي هڪ اهڙي ڌر جو  قبضو رهيو، جنهن سنڌ جي قومي سوال کان ڪن لاٽار ڪندي پنهنجي اندر ۾ ويٺل ان اوپري/ڌارئي  ماڻهوءَ وارو ورتاءُ ڪيو، جنهن جو سنڌ ڌرتي جي اجتماعي مفادن سان ڪو به لاڳاپو جڙي نه سگهيو، اڄ به کاٻي ڌر جي سياست ئي سنڌ توڻي ملڪ جي اجتماعي مفادن جو تحفظ ۽ حاصلات ڪري سگهي ٿي.

اهڙي سياست جنهن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪامريڊ، سوڀي گيانچنداڻي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جي جدوجهد شامل رهي آهي، شهيد ڪامريڊ نذير عباسي جي جدوجهد جو تسلسل آهي ته پنهنجي وڏڙن جي روايتن جو پنهنجي دور ۽ زماني جي سياست ۾ بي داڳ ڪردار ادا ڪندڙ ڪامريڊ ڄام ساقي ئي ٿي سگهي ٿو، سنڌ جي سياست ۾ کاٻي ڌر جي دعويٰ ڪندڙ ڪئمپ ۾ اهڙا دانشور به موجود هيا، جن ڪميونزم  جي انقلابي روح قومي سوال کي پٺي ڏئي انقلابي محور تان پاڻ هٽائي، مصلحتن ۾ مفادن جي سياست کي هٿي ڏني ۽ جڏهن کاٻي ڌر پنهنجون انقلابي ذميواريون نڀائڻ کان نابري واريندي سياست کي بحراني ڪيفيت ۾ آڻي ڇڏيو. جنهن جي ڪري کاٻي ڌر جي سياست ڪمزور ٿي وئي، باوجود اهڙين ڪوتاهين جي اسان جي محبتن جو محور ڄام ساقي رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو اسان جي انهن وڏڙن جي انقلابي جدوجهد به هن سان سياسي سفر ۾ گڏ ۽ رهنمائي ڪندڙ رهي آهي. ڄام ڄام آهي، جنهن جي سياسي جدوجهد کي هر دور ۾ مڃتا ۽ مان ڏنو ويندو، ڇاڪاڻ جو هن جي اندر ۾ ڌڙڪندڙ دل ٿر جي آهي، سندس جسم ۾ سنڌوءَ جو پاڻي آهي ۽ سندس روح ۾ سنڌ سمايل آهي، سنڌ جو هي ارڏو پٽ تاريخ جو هيرو آهي.


ڄام ساقي ڪيس ۽ ان وقت جي ميڊيا

اقبال ملاح

اڄ اسان جي هٿن ۾ موبائل آهن ۽ اسان واٽس اپ سميت سوشل ميڊيا جا مختلف ذريعا ڄاڻ ڏيڻ ۽ وٺڻ لاءِ استعمال ڪيون ٿا، ڪو حادثو، واقعو يا خبر ٿئي ٿي ته سيڪنڊن ۾ سوشل ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي موجود هجي ٿي، پر ضياءُ الحق جي قهري آمريت واري ڏينهن ۾ ڪو به نجي ٽي وي چينل نه هو، ٽي وي ۽ ريڊيو سرڪاري ميڊيا طور ڄاتيون ۽ سڃاتيون وينديون هيون، اخبارن تي حڪومت جي سختي هوندي هئي، اهڙين حالتن ۾ بي بي سي اسان لاءِ ڄاڻ جو هڪ اهم ذريعو هئي، جس لهڻن ان وقت جا ايڊيٽر ۽ صحافي جن اهڙين بندشن هوندي نت نون طريقن سان پنهنجا فرض نڀايا ۽ آمريت هوندي ڄاڻ ڏيڻ واري دري بند نه ڪئي.

۱۹۸۳ع  ۾ ڪراچيءَ جي فوجي عدالت ۾ جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي، پروفيسر جمال نقوي، احمد ڪمال وارثي، شبير شر، امر لال، بدر جمال ابڙو ۽ سهيل سانگي تي ڪيس هلڻ شروع ٿيو ته ان ڪيس سياسي ۽ نظرياتي طرح ڪميونسٽ پارٽي ۽ کاٻي ڌر جي سياست کي غير معمولي حد تائين فائدو ڏنو. ڄام ساقي ڪيس واري سڃاڻپ رکندڙ هن ڪيس ۾ مير غوث بخش بزنجو، عبدالولي خان، محترمه بينظير ڀٽو، مولانا شاهه محمد امروٽي، معراج محمد خان، منهاج برنا، فتحياب علي خان ۽ افضل صديقي شاهد طور پيش ٿيا، پاڪستان جي نظريي ۽ ملڪ خلاف بغاوت جهڙن الزامن هيٺ فوجي عدالتن کي منهن ڏيندڙ ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ان جي ساٿين لاءِ مير غوث بخش بزنجي فوجي عدالت ۾ هي بيان ڏنو هو ته “مون ڪڏهن به ڪامريڊ ڄام ساقي کي ملڪ دشمن سرگرمين ۾ شرڪت ڪندي ناهي ڏٺو ۽ آئون فوج خلاف نفرت پکيڙڻ جو ذميوار انهن مُهِمجو جنرلن کي سمجهان ٿو، جن مارشل لا مڙهي پنهنجي ذاتي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ فوج ۽ عوام کي هڪٻئي سامهون بيهاريو آهي.”

ڄام ساقي ۽ ان جا ساٿي ضمير جا قيدي هئا ۽ هي ڪيس ڪراچي جي فوجي عدالت ۾ هلندڙ هو، جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نياڻي ۽ ضيائي آمريت خلاف ملڪ ۾ جيل ۽ سختيون سهندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو جي فوجي عدالت ۾ اچڻ ۽ هي بيان ڏيڻ ته  “هن وقت پاڪستان ۾ قانوني حڪومت ناهي، مارشل لا آهي، مارشل لا جو مقصد فوج جي حڪومت آهي، آئون مارشل لا جي عدالت کي غير قانوني سمجهان ٿي، قانوني مجرم اهو هوندو آهي، جنهن کي قانوني عدالت سزا ڏئي، جنهن کي مارشل لا جي عدالت سزا ڏئي، منهنجي نظر ۾ اهو شخص قانوني طور معصوم آهي”  محترمه بينظير ڀٽو جي اهڙي بيان سان هي راءِ عامه جڙي هئي ته اسان جي ساٿين کي بيڏوهي جيلن ۾ قيد رکيو ويو هو. ان وقت شايع ٿيندڙ سنڌي اخبارن عبرت، مهراڻ، آفتاب ۽ هلال پاڪستان سان گڏ امن ۽ بشارت هن ڪيس کي نمايا طور شايع ڪيو. امن اخبار ۾ جمع خان جو ڪالم چپبو هو، جنهن ڪالم کي وڏي پذيرائي ملي هئي. ان ڪيس ۾ فوجي عدالت جي ڪمري ۾ نڪتل هيءَ يادگار تصوير ان دؤر جي جدوجهد جو عڪس چٽي ٿي، جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو فوجي عدالت ۾ آهي. جڏهن ته ڪميونسٽ اڳواڻ ۽ ضمير جي قيدي ڄام ساقي جي ڪُلهن تي هٿڪڙين واري زنجير رکيل آهي.

اسان جي تحريڪ کان گهڻي ڀاڱي اڄ جا سياسي ڪارڪن اڻڄاڻ آهن، هيءُ سماج کي تبديل ڪرڻ واري هڪ بي مثال جدوجهد آهي، جنهن جي وکريل ورقن کي گڏ ڪري سنڌ جي نئين ٽهيءَ حوالي ڪرڻ وارو هي ڪم هٿ ۾ کڻجي ته ٻن ڏهاڪن واري خال کي پورو ڪري سگهجي ٿو.

 

(اقبال ملاح جي آتم ڪٿا ”اسان مرڻا ناهيون“ تان ورتل)


تاريخ جا ٽي وڏا ڪردار

عاجز جمالي

زندگي موت جو تسلسل آهي يا موت زندگيءَ جو انت آهي پر زندگيءَ سان گڏ موت برحق آهي. زندگيءَ جي پڄاڻي ڪانهي پر فرد جي پڄاڻي موت جي صورت ۾ آڏو اچي ٿي. فرد جو ڪردار ڪو نه ٿو مري، اهو سدائين جيئرو رهي ٿو. گذريل ڪجهه ڏينهن کان تاريخ جي ڪِن اهم ڪردارن جي بيماريءَ جون خبرون ٻڌي جيءُ جُهري رهيو آهي. دل ٿي چوي ته ڪاش موت کي روڪي سگهجي ۽ اهڙا ڪردار هميشه جيئرا رهن. ڪامريڊ ڄام ساقي، محترم رسول بخش پليجو ۽ سردار عطاءُ الله مينگل اڄڪلهه الڳ الڳ استپالن ۾ علاج هيٺ آهن ۽ هنن ٽنهي عظيم ڪردارن جون حياتيون ڳڻتيءَ جهڙي ماحول ۾ گذري رهيون آهن. هي ٽئي ماڻهو پاڪستان جي سياسي تاريخ جا تمام وڏا نالا آهن.

آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي

پر ايئن نه مرنداسين ساٿي

ڪا آگ لڳائي وينداسين

ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين

ٽئي ڪردار اهي آهن جن پنهنجي پنهنجي دور ۾ پنهنجي حساب سان سڄي سماج ۾ جوت کي جڳايو. اهڙي باهه ڀڙڪائي جنهن ۾ آزادي ۽ انقلاب جا هزارين لکين پروانا جَلي جَلي اُجالا ڪندا رهيا.

 

ڪامريڊ ڄام ساقي:

ٿر جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ڄام ساقي هڪ اهڙي اُستاد جو پُٽ آهي، جيڪو سڄي علائقي جي ٻارڙن کي پاڻ وٽ رهائي تعليم ڏيندو هو. جيڪو شاهه لطيف جو پارکو هو. استاد محمد سچل جنجهيءَ جي چئونري ۾ ٿر جو ڄام پليو ۽ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهتو ته ڄامن جو ڄام بڻجي ويو. حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان وٺي ۴ مارچ جي شاگرد تحريڪ جي روح روان بڻجڻ تائين، سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي وجود کان وٺي پاڪستان جي ڪميونسٽ سياست جي تاريخ تائين، سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ پاڪستان جي پورهيت تنظيمن کان وٺي مُلڪ ۾ سوشلزم انقلاب لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ تائين ڪامريڊ ڄام ساقي هڪ اڏول ڪردار رهيو. ڪامريڊ ڄام ساقي سنڌ ۾ پورهيت جدوجهد جو علمبردار رهيو، زندگيءَ جا حسين ڏهاڙا رياست ۽ آمريتن جي بنديخانن ۾ گذاريا. ڪامريڊ ڄام ساقي مُلڪ ۾ جمهوريت پسندن ۽ انقلابين وچ ۾ پُل جو ڪردار به ادا ڪيو. هن سنڌين، بلوچن، پشتونن ۽ پنجابين جي قومپرستن، ترقي پسندن ۽ جمهوريت پسندن کي گڏ به ڪيو. ساڻن اتحاد به ڪيا. سنڌ قومي اتحاد هُجي يا پاڪستان نيشنل پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي هُجن. اسين ڄام ساقيءَ جا ساٿي انهن پارٽين ۽ اتحادن ۾ رهياسين. ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ ۱۹۸۳ع کانپوءِ منهنجي اندر ۾ انقلاب جي جيڪا چڻنگ ٻري سا اچي صحافت ۾ وسامي. ان دوران ڏهاڪو سال اسين ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جا پيروڪار رهياسين. هو اسانجو سياسي مُرشد رهيو. نظرياتي ولي رهيو. اسين سندس ساٿي ڇڏي وياسين هو پنهنجي حساب سان ماڻهن جي حقن جي جدوجهد جي سٿ ۾ بيٺو رهيو. هُن فيصلا غلط ڪيا يا صحيح ڪيا ان تي بحث ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته سياسي تحريڪن ۾ غلط فيصلا ٿيندا رهيا آهن پر هڪ ڳالهه تي هو اٽل رهيو ته پوري ايمانداريءَ سان ماروئڙن جي حقن لاءِ ميدان تي بيٺو رهيو. ڪميونسٽ پارٽيءَ کان پيپلز پارٽيءَ ۾ ويو. وڏي وزير عبدالله شاهه جو صلاحڪار بڻيو. اسانجو ڪامريڊ دوست آدم ملڪ سندس سيڪريٽري هو. ان ئي زماني ۾ مان عملي صحافت ۾ اچي چڪو هئس. تن ڏهاڙن ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي هڪ وڏي بيماريءَ کان بچي نڪتو هو ۽ سرڪاري خرچ تي سندس علاج لنڊن مان ٿيو هو. اسين شاگرد سياست ۾ داخل ٿيڻ وقت جيڪو پهريون نعرو سکيو هو، اهو هوندو هو ”تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي ڄام ساقي ڄام ساقي“ ان کانپوءِ اسين ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ سندس ساٿين جي آزاديءَ لاءِ ڀتين تي نعرا لکيا، پوسٽر هنيا، مظاهرا ڪيا، جيلن ۾ وياسين، پوليس جون مارون کاڌيوسين. جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ سندس ساٿين کي آزادي ملي ته اسان لاءِ اهو عمل هڪ ننڍڙي انقلاب برابر هو ۽ اسين ايئن سمجهي رهيا هئاسين ته فتح جي پهرين ڏاڪي کي پار ڪري چڪا آهيون. سندس عدالتي بيان ”فتح نيٺ عوام جو ٿيندو“ پڙهي ويٺا هئاسين. اسين شاگرد سياست ۾ داخل ٿيڻ ۽ ڄام ساقيءَ جا مُريد بڻجڻ کان اڳ اهو ٻُڌي چڪا هئاسين ته سندس وني سُکان (سجاد ۽ بختاور جي امڙ) کوهه ۾ ٽپو ڏئي تڏهن آپگهات ڪيو جڏهن کيس اها خبر پئي هئي ته رياستي ادارن اذيت گهرن ۾ ڄام ساقيءَ کي ماري ڇڏيو.

سکان سورن نام

بند ۾

آهي بيوس ڄام

ان زماني ۾ مزاحمتي شاعر ڄام ساقيءَ جي آزاديءَ لاءِ شاعري ڪئي. ڪامريڊ ڄام ساقي جي زندگيءَ جا سمورا رخ هڪ مضمون ۾ سمائجي نٿا سگهجن. سندس زندگي هڪ ڪتاب ۾ به نه سمائبي؛ ڇو ته هو تاريخ ساز شخصيت آهي. تاريخ کي مختصر تحرير ۾ سمائڻ ڏکيو ڪم آهي. مونکي ايتري خبر آهي ته ڄام ساقيءَ شاعري به ڪئي. ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون. ڪالم به لکندو رهيو پر سندس زندگيءَ جو گهڻو حصو ماڻهپي جي آجپي لاءِ جدوجهد ڪندي گذريو. ايوبي آمريت خلاف وڙهندڙ ڄام ساقي ذوالفقار علي ڀٽو دور ۾ بلوچستان ۾ ٿيندڙ آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي. نذير عباسيءَ جي شهادت کانپوءِ ڄام ساقيءَ جو وارو هو پر ڪامريڊ ڄام ڪافي سال اڳ ٻڌايو هو ته ڪڏهن ڪڏهن اخبار جي ”سنگل ڪالم“ خبر به اسانجي جان بچائي وجهندي آهي. جنرل ضياءَ جي دور ۾ ”اِمروز“ اخبار اها خبر ڏني هئي ته ڄام ساقي کي به ٽارچر سيل ۾ ماريو ويو آهي. ان کانپوءِ ”بي بي سي“ اها رپورٽ ڏني. عالمي سطح تي اٿندڙ آواز سبب آمر جنرل ضياءُ مجبور ٿيو هيو ته هو ڄام ساقيءَ کي منظر تي آڻي. جنهن سبب ڄام ساقيءَ کي جيئندان ملي سگهيو.

جکرا جيئو شال اوهان جو مندو مور نه سُڻان“

اها سٽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي پسند جي سٽ آهي. هو شاهه لطيف جو کاهوڙي ڪردار رهيو. اڄڪلهه سندس طبيعت ڳڻتي جوڳي آهي. ڪجهه وقت اسپتال ۾ رهڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن گهر منتقل ٿي ويو آهي، پر سندس حالت ٺيڪ نه آهي.

 

رسول بخش پليجو:

”رهبر ڪير قوم جو، رسول بخش پليجو“ ڇا ته نعرا هئا ۽ ڇا نعرن جي گونج هوندي هئي. سنڌ جي سياست ۾ ڏاهو ۽ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ محترم رسول بخش پليجو به اڄڪلهه بيمار آهي. هو اڄ به عوامي تحريڪ جو سرواڻ آهي. ڪجهه سال اڳ سندس پٽ اياز لطيف پليجي قومي عوامي تحريڪ رجسٽرڊ ڪرائي هئي پر پليجي صاحب ٻيهر پراڻي عوامي تحريڪ کي بحال ڪيو هو. رسول بخش پليجو رڳو سياستدان ناهي هو زندگيءَ جي گهڻن شعبن ۾ ڪمال جي شخصيت رکندڙ ڏاهو آهي. ادب جي ميدان ۾ سندس ڪهاڻيون پڙهو ته هو مڪمل ڪهاڻيڪار جي صورت ۾ ملندو، شاعريءَ ۾ ”جهان کي ڏيو مبارڪون، اسين پيا ڪاهيندا اچون“ هو وڪالت ۾ مُدلل وڪيل رهيو. دليل جي زبان ۽ دليل جو وٽس ڏانءُ آهي. محترم پليجي سان ڪيتريون ئي ملاقاتون، ڪيتريون ئي ڪچهريون رهيون. جيتوڻيڪ شاگرد سياست ۾ اسين سندس مخالف هُئاسين. پليجو صاحب چيني انقلاب ۽ مائوزي تنگ جو پيروڪار رهيو. ڪامريڊ ڄام ساقي وري سوويت يونين ۽ ڪامريڊ لينن جو پيروڪار رهيو. ان تضاد ۾ اسين سندس مخالف رهياسين. ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ قومي جمهوري انقلاب ۽ عوامي جمهوري انقلاب بحثن جو موضوع رهيو پر رسول بخش پليجو اڄ سوڌو تمام مستقل مزاجيءَ سان پنهنجي سياسي فڪر ۽ نظرئي تي ثابت قدم رهيو. جي ايم سيد سان گڏجي سياست ڪندڙ رسول بخش پليجي کي سنڌ جو تمام ڏاهو تصور ڪيو ويندو آهي. هُن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. سياست ۾ سندس ڪمال اهو آهي جو هُن سنڌ ۾ عورتن کي سياست ۾ اڳيان آڻڻ جو عملي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. سنڌياڻي تحريڪ سنڌ ۾ عورتن جي سڀ کان وڏي تنظيم رهي (هاڻي ناهي رهي). اسانجي اباڻي خطي ڪاڇي جهڙي پُٺ تي ڌڪيل علائقي تائين عورتن ۾ جاڳرتا آندي. جو مرد پنهنجي عورتن سان گڏجي يا عورتون ٻين ساهيڙين سان گڏجي پري پري تائين سياسي جلسن ۾ شريڪ ٿينديون رهيون. محترم سول بخش پليجو سنڌ جي حقن جي هر جدوجهد ۾ هر فورم تي ”مدلل“ رهيو ۽ هر سطح جي ماهرن کي ناڪام بڻائيندو رهيو. پاڪستان ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي شروع واري زماني جي هڪ ڳالهه ياد اچي پئي. مون انڊس ٽيلي ويزن جي ”انڊس نيوز“ کان ٽي وي جي رپورٽنگ شروع ڪئي. تيرهن چوڏهن سال پراڻي ڳالهه آهي. مجاهد بريلوي انڊس نيوز تي روزانو رات جو ۸:۰۰ وڳي براه راست شو ڪندو هو. هڪ شام جو مجاهد بريلوي چوڻ لڳو يار اڄ ڪو مهمان گهرجي. مون جاچ ڪري کيس ٻڌايو ته رسول بخش پليجو صاحب ڪراچي آيل آهي کيس گهرائي سگهون ٿا. مُجاهد بريلوي پاڻ به رسول بخش پليجي کي چڱي طرح سُڃاڻيندو هو. ٽائيم طئه ٿيو پليجو صاحب وقت تي اچي ويو. ۸ لڳي ۵ منٽن تي ”لائيو شو“ شروع ٿيو. پندرهن منٽ کن گذريا. ڏسان ته انڊس ٽي وي جو مالڪ رڙيون ڪندو اچي پيو ۽ مونکي اچي دڙڪا ڏيڻ لڳو ته لائيو پروگرام بند ڪرايو نه ته منهنجو چئنل بند ٿي ويندو. ڪجهه منٽن کانپوءِ وقفو ٿيو ۽ مجاهد بريلوي کي وقفي کانپوءِ اچي پروگرام پندرنهن منٽ اڳ ختم ڪرڻو پيو.

لائيو پروگرام ۾ پليجي صاحب جرنيلن کي ڇڪي رکيو هُجي. کيس اهو اندازو ئي نه هو ته جنهن چئنل تي ڳالهائي رهيو هو اهو به جرنيلي سهڪار سان هلي رهيو هو. اڄڪلهه ته پاڪستان جا گهڻا تڻا چئنل جرنيلي سهڪار سان هلي رهيا آهن. خير پليجو صاحب اڄڪلهه اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. گذريل سال ڪراچيءَ ۾ عوامي تحريڪ وڏي ريلي ڪڍي هئي. زيب النساءَ اسٽريٽ تي جلسي ۾ ساڻس ملاقات رهي. اسان صحافي دوستن گڏجي ساڻس تصويرون ڪڍرايون.

پليجي صاحب جا پراڻا ساٿي اسپتال پهچي ساڻس ڪچهريون ڪري رهيا آهن. گذريل ڏينهن اسپتال ۾ کيس گيت ڳائي ٻڌايا ويا. پليجو سنڌ لاءِ نه رڳو وڏو نانءُ آهي پر سنڌ جو تمام وڏو وڪيل آهي. سنڌ جي نئين نسل جي خواهش آهي ته هو سنڌ لاءِ ڇپر ڇانوَ جي صورت ۾ هميشه اسان وٽ رهي.

 

سردار عطاءُ الله مينگل:

بلوچ سردارن ۾ عطاءُ الله مينگل جي شخصيت چمڪ جهڙي شخصيت آهي، جنهن کي عام طور تي مقناطيسي شخصيت چيو ويندو آهي. ساڻس به ڪيتريون ئي ڪچهريون ٿيون آهن. اڄڪلهه لنڊن جي اسپتال ۾ انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهي. سردار عطاءُ الله مينگل پنهنجي نسل جي انهن آخري سردارن مان آهي، جن زندگيءَ جو وڏو حصو پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سان وڙهندي گذاريو. هو بلوچستان جو وڏو وزير رهيو. نيشنل عوامي پارٽيءَ جي سرڪار هُئي. چيو وڃي ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽو پاران فوج جي دٻاءُ تي بلوچستان آپريشن جاري رکڻ ۽ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) تي پابندي هڻي ٻن صوبن مان نعپ جي حڪومت ختم ڪرڻ تاريخي غلطي هئي. سردار عطاءُ الله مينگل جي سنڌ ۾ ڄام ساقي ۽ رسول بخش پليجي جي سياست سان ويجهڙائپ رهي. سندس سنڌي قومپرستن سان به ويجها لاڳاپا رهيا. سردار عطاءُ الله مينگل هڪ ويڙهاڪ قبيلي جو سردار رهندي به سڄي حياتي ترقي پسند قومپرست رهيو. نواب خير بخش مري، نواب شير محمد مري، سردار اڪبر بگٽيءَ کانپوءِ سردار عطاءُ الله مينگل آهي جيڪو بلوچستان جي نوجوان نسل لاءِ اُتساهه جو رستو آهي. سردار عطاءُ الله مينگل به غوث بخش بزنجي، ولي خان ۽ بينظير ڀٽو سان گڏ ڄام ساقي ڪيس جو شاهد هو، جنهن حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ اچي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو هو. نواب اڪبر بگٽيءَ جي شهادت کانپوءِ بزرگ سياستدان سردار عطاءُ الله مينگل پاڪستان جي رياست، سياست ۽ جمهوريت کان شديد بيزار ٿي چڪو هو. هو ميڊيا کان به پري رهڻ لڳو هو. هُن خود مونکي چيو هو ته ”انٽرويو ڏئي به ڇا ڪندس، اوهان چئنل تي ته هلائيندا ڪو نه!“ سردار عطاءُ الله مينگل جهڙي شڪايت نواب خير بخش مريءَ کي به رهي. سواءِ ”بي بي سي“ جي ڪير به سندس ڳالهيون ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. سردار عطاءُ الله مينگل جي وڏي پٽ کي ايوب دور ۾ آپريشن دوران غائب ڪيو ويو هو. سندس فرزند سردار اختر مينگل به ۱۹۹۷ع کانپوءِ بلوچستان جو وڏو وزير بڻيو هو. سردار عطاءُ الله مينگل ڪافي سالن کان بيمار آهي ۽ علاج هيٺ آهي. ڄام ساقي، رسول بخش پليجي ۽ سردار عطاءُ الله مينگل جهڙا ڪردار هن ملڪ جا تمام وڏا ماڻهو آهن. سندن صحت ۽ حياتي سدائين سلامت رهي.


 

ڪامريڊ ڄام ساقي

سندس عظمت کي سرخ سلام

امداد جنجهي

کاٻي ڌر جي انقلابي اڳواڻ ڄام ساقي جي  اڄ پهرين ورسي آهي ٿر جي گسڪندڙ واري تان هن جيڪي انقلابي قدم کنيا انهن جو پڙاڏو پئرس ۽ ماسڪو جي يونيورسٽين ۾ ٻڌو ويو هو جنهن به تحريڪ ۾ گھريو ان تحريڪ کي سُرور بخشي ڇڏيائين پوءِ اها سنڌ جي شاگرد تحريڪ هجي يا حيدربخش جتوئي جي هاري ڪميٽي مغليه سلطنت کان وٺي تخت ايران جي شهنشايت توڙي عرب ليگ جي حڪمراني به يا ته ناڻي جي ذخيرن جي زور تي هلي يا وري وردي جي آڌار تي پر هو بنا ناڻي ۽ وردي ۵۰ سالن تائين هر طبقي جي دلين جو شهنشاھ ٿي رهيو. اسان جي سماج جي بي حسي جو ڄام ساقي ۽ سوڀو گيانچنداڻي عوامي امنگن جو آواز پارليامينٽ جي پليٽ فارم تان پهچائي نه سگھيا پر سياسي ۽ اَدبي شعور جي مڃتائن مطابق گھڻا سگھارا هئا

هڪ پرائمري استاد جي کاڌي جا ڪپڙا ۽ پيرن ۾ چپل پاتل پٽ کان ان وقت جا نام نهاد حڪمران ايترا ته ڊنل هئا جو هڪ ٽارچر سيل کان ٻئي تائين منتقل ڪرڻ لاءِ لاتعداد فوجي گاڏيون استعمال ڪندا هئا. انقلابي تحريڪ جي سربراهن جي باري ۾ ڄام ساقي صحيح چوندو هو ته وادي طائف ۾ دنيا جي عظيم انقلابي اڳواڻ حضرت محمد تي به پٿر وسايا ويا ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام تي به سندن ڀاءُ حضرت هارون عليه السلام جي قتل جو الزام مڙهيو ويو.

هو قيد تنهائي ۾ سالن جا سال رهيو سندس ملاقات تي به پابندي هئي ان دوران سندن ڳوٺ ۾ گھر جا ريڊ وارنٽ جاري ڪري تلاشي ورتي وئي سندس والد جي کولرايل هاءِ اسڪول ۾ ايجنسي جي ملازم کي استاد مقرر ڪري سندن خاندان جي سڀني فردن جي هر چرپر تي نظر رکي وئي.

ڄام ساقي جي محب وطن والد سچل کي ٿر بدر ڪري اهو تاثر پکيڙيو ويو ته هو غدار آهي ۽ انڊيا سان ملي ٿر ديس ٿو ٺاهي ان وقت سنڌ جي چڱن ڀلن وڏيرن کي زمينون ۽ مراعتون ڏيئي مارشل لا جو حامي ڪيو ويو آهي زرعي قرض ڏيئي ملڪي معشيت کي تباھ ڪيو ويو. ڄام ساقي زرعي سڌارا آڻڻ جو مطالبو ڪيو بلوچن جي قتل جو آواز بڻيو، فوجي آپريشن بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

انقلابي تحريڪن جا اڪثر ٻيڙا بندرگاھ پهچڻ کان اڳم ئي ٻڏي ويندا آهن پر هو هميشه سرخرو ٿيندو رهيو.

دنيــا ســـڀ دريـــاھ، ڪـــــو ڪـــــــو تـــــارو تـــــنــــهن ۾،

سنڌ جي هن سورمي غربت ۽ اڻ برابري جا انيڪ ڏينهن ڏٺا هر ادبي ۽ سياسي سرگرمين جي ڪوٺ ۾ کيس مانائتي موٽ نه ملندي هئي پر پوءِ به هر سٺي قدم جي آجيان ڪندو هو. هو ايترو ته سادو ۽ سچو هوندو هو جي کيس اها به خبر نه پئي ته پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو ختم ٿي وڃڻ روس کان پارٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ سندن نالي تي آيل رقم هئي جيڪا وڏن واڳن جي ور چڙهي وئي هو ماڻهپي جو اهڙو ته گھاڙيت هو جو سنڌ جي شاگرد تحريڪ دوران هن ڪيترا ئي اديب، دانشور، صحافي ۽ ناليوارا وڪيل اڳواڻ تراشيا جيڪي هن جا وارث ۽ ميراث آهن هو ضمير جي سامهون ايترو  ته جوابده رهيو جو سندن ٻارن جو ننڍپڻ والدين جو پيار ۽ جيون ساٿي جو وڇوڙو به کيس جھڪائي نه سگھيا فوجي اذيتن دوران هو چوندو هو ته پاڪستاني فوج وٽ اهڙي ڪابه گولي ناهي جيڪا ڄام ساقي کي ڇُهي سگھي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا فوجي جوان محب وطن آهن ۽ هڪ محب وطن ٻئي جو خون نٿو ڪري سگھي ڄام ساقي ايڏو ته مضبوط ڪردار رهيو جو هميشه چوندو هو

ســــــکــــــر ســـــيــــئـــي ڏيــــنـــــهــــن جــــي مـــون گــــــھــاريـــــا بـــــــند ۾

ڪــــــهـــــو جـــــــي وڻ جــــــي پــراڻـــي ڪـــاٺــي به وزن جـــھــــليــــــندي

ڀُــــــتـــــــــو ئـــــي بــــــــــــار ســــــــهـــي، ڪـــــــــهــــــــــو مــــــــنــــجھه ڪـاٺـــين

ٿر ۽ ٿر وارن جو ڄام ساقي سان ايترو ڳانڍاپو رهيو جو هو مسلسل ۱۸ سالن جي روپوشي ۽ قيد کانپوءِ آزاد ٿي ڳوٺ وريو ته ٿر جي ماڻهن جو سمنڊ سندن ڳوٺ ڏانهن اٿلي پيو ٻن ڏينهن تائين استقبال لاءِ آيل ماڻهو پنهنجي ملاقات جو انتظار ڪندا رهيا سندن ڀاءُ ڊاڪٽر سلطان جنجھي مطابق هو آزاد ٿي اچڻ کانپوءِ سڪون سان ويهي نه سگھيو. هن سڄي سنڌ جا طوفاني دورا ڪيا جنهن ۾ راتين جا اوجاڳا ۽ ڏينهن جو جلسن ۾ بيهڻ صحت تي ناڪاري اثر ڇڏيا ۽ هو هميشه لاءِ دوائن جي حوالي ٿي پيو. ۱۹۹۲ع ۾ فالج ۽ دماغ جي رڳ بيهڻ کانپوءِ هو معجزاتي طور زندهه رهيو، ڄام ساقي سنڌ ۾ ڪمون شهيد کان ڪراچي تائين امن مارچ ڪيو حيدرآباد واري جلسي ۾ اسان شرڪت ڪئي هو تقرير لاءِ اٿيو ته جلسي ۾ موجود لکين ماڻهن آجيان ڪئي هو حڪومتي پالسين تي ۽ عالمي طاقتن جي پاڪستان دٻاءُ تي اهڙو ته ڳالهايو جو مون سمجھيو اڄ جلسي ۾ وڳوڙ ٿيندو ۽ هاڻي بچڻ مشڪل آهي پر هو ناقابل  شڪست ڳالهائيندو هو، سندن ڪنهن به جلسي يا قافلي ۾ ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو ڪڏهن به نه ٿيو.  اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي جون تحريڪون هن سان گڏ دفن ٿي چڪيون آهن.


 

ڪامريڊ ڄام ساقي

کاهوڙي ڪردار

سارنگ ڄام

جڏهن آئون ڪامريڊ ڄام ساقي جا ڪورٽ وارا بيان پڙهندو آهيان يا پراڻيون تقريرون ٻڌندو آهيان ته هو هڪ گوريلا جنگ تي يقين رکندڙ ماڻهو لڳندو آهي، جيڪو غريبن ۽ مسڪينن جي حق وٺڻ لاءِ ڪابه ويڙهه وڙهڻ لاءِ تيار هجي ٿو، پر ڪامريڊ پنهنجي طبعيت ۾ تمام نرم، ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ وارو ماڻهو هو. هو رياست اڳيان ته هماليا جبل بڻجي بيٺو رهيو پر پنهنجن دوستن، ساٿين ۽ مٽن مائٽڻ اڳيان انتهائي نرم مزاج رکندڙ هو.

ڪامريڊ جي سياسي عشق جو معاملو ڏاڍو دلچسپ آهي، جيڪو هڪ طرفو قطعي نه آهي، بلڪ ڪامريڊ جيترو عشق مظلوم طبقن ۽ عوام سان ڪيو، عوام به ساڳي ريت کيس ڀرپور موٽ ڏني، جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي دورا ڪيا ته عوام سندس ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ جڏهن ۱۹۸۶ع ۾ نون سالن جي لاڳيتي قيد ڪاٽڻ کانپوءِ آزاد ٿيو ته هر شهر توڙي جهر جنگ ۾ سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ ماڻهن جا هجوم گڏ ٿيا، ڪامريڊ سنڌ توڙي پنجاب جا تاريخي دورا ڪيا، ان وقت جون به ڪافي يادگار ڳالهيون رهيون، جنهن مان وڏي ڳالهه اها هئي ته ايتري ڊگهي قيد ڪاٽڻ کانپوءِ به ڪامريڊ پنهنجي موقف تي اٽل رهيو ۽ عوام جي درد کي پنهنجو درد سمجهي عوام جي وچ ۾ رهيو، ڪامريڊ جي دوستن ۽ ساٿين جو به ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جيڪي عوام جي حقن جي خاطر جيلن ۾ ٽارچر ڀوڳي رهيا هئا، اهو احساس ڪنهن تنظيم توڙي فلسفي کان مٿانهون هو، جيئن ڪامريڊ پاڻ اڪثر چوندو هو ته ”مان سوشلزم صرف ڪتابن مان ناهيان سکيو، بلڪه پورهيت عوام جي عشق مان سکيو آهيان.“ ڪامريڊ جي چيل ان جملي کي ڪامريڊ گل شير شر سکر ۾ ٿيل تعزيتي ريفرنس جيڪو جاڳرتا پاران ڪوٺايل هو سو ائين وضاحت ڪئي ته ”ڪامريڊ ڪتابي نه پر عملي مارڪسٽ هو“.

اها ڳالهه به صحيح آهي ته ڪامريڊ جيڪو هارين ۽ مزدورن جي حڪومت وارو خواب ڏٺو ان خواب جي تعبير نه ٿي هئي، پر انهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪامريڊ ڄام پورهيت طبقي جي دل تي راڄ ڪندو هو.

۱۹۸۷ع ۾ جڏهن ڪميونسٽ پارٽي جا اندروني اختلاف ٿيا ته تنظيم ٻن گروپن، اقليت ۽ اڪثريت ۾ ورهائجي وئي، تنهن هوندي به ٻنهي گروپن جا دوست ڪامريڊ جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. انهن سڀني جذبن کي سمجهڻ لاءِ هڪ اڌ ڪتاب پڙهڻ يا ڊاڪيومينٽري ڏسڻ ڪافي نه آهي، ڪافي دوستن جي ڪتابن ۾ ان رومانس جو حوالو پڻ محسوس ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪامريڊ جو لکيل ڪتاب ”سنڌي شاگرد جدوجهد“، ڪامريڊ بدر ابڙي جو ڪتاب ”جيل جي ڊائري“، ”چلي چلو که منزل ابهي آئي نهين“، امداد اوڍو جي ”آپ بيتي“ ۽ ڪامريڊ اقبال ملاح جو ڪتاب ”اسان مرڻا ناهيون“ مان ڪافي سارا حوالا ملن ٿا.

ڪامريڊ جي سموري جدوجهد کي هر ڪو پنهنجي انداز سان ڏسندو هوندو پر آئون اهو سمجهان ٿو ته ڪامريڊ جي زندگي  ۽ وڇوڙي سان اهو سبق ملي ٿو هڪ ته اصولن سان زندگي گذاري سگهجي ٿي ۽ ٻيو ته سادي زبان ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته ڌن دولت سڀ ڪجهه ناهي هوندو ۽ اصول ۽ آدرشن جي خاطر ڪجهه به هليو وڃي سو ٿورو آهي، “ڪامريڊ چوندو هو ته مقصد ماڻڻ لاءِ جان ته ننڍڙي شيءِ آهي، ان کان وڏي شيءِ هجي ها ته اها به آئون قربان ڪري سگهان ٿو.سوويت يونين جي دوري کانپوءِ ڪيئي شيون واضع ٿيون ته انقلاب جي نعري ۽ نالي پويان بيوروڪريٽڪ رياست بڻجي چڪي هئي، ان حوالي سان ڪامريڊ سندس دوستن گهڻو ڪجهه لکيو آهي، تنهن کي وڌيڪ بيان ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.

سال۱۹۹۱ع ۾ ڪامريڊ جا پارٽي سان اختلافات ٿيا، جنهن کانپوءِ ڪامريڊ ڪميونسٽ پارٽي کان استعيفيٰ ڏني، ائين ڪامريڊ سياسي سفر اڳتي وڌائيندي، پاڻ کي ”جمهوري تحريڪ“ سان جوڙيو، جنهن ڪمون شهيد کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪيو، بظاهر ته هي مارچ ڌاڙيل ڪلچر جي مخالفت هئي، پر ان جي پٺيان اصل مقصد سياسي هم آهنگي هئي، ان دور تي ڪامريڊ عبداش ۽ ادا اقبال ملاح گڏجي ڪتاب لکي سگهن ٿا ۽ کين لکڻ به گهرجي.

ڪامريڊ ڄام ساقي جون وڌيڪ حالتون ان طرح بدليون جو ڪامريڊ کي ۱۹۹۳ع ۾ CVA جو اٽيڪ ٿيو، جنهن ۾ ڪامريڊ شديد بيمار ٿيو، جنهن تي هتان جي ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن تي سمورين پارٽين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪامريڊ کي علاج لاءِ ٻاهر اماڻيو وڃي ۽ نيٺ حڪومت کي اهو مطالبو مڃڻو پيو، حياتي ته بچي وئي پر ڪامريڊ جسماني ۽ ذهني طور بيمار رهڻ لڳو. سال ۱۹۹۴ع ۾ ڪامريڊ، محترمه جي چوڻ ۽ ويجهي دوستن جي زور ڀرڻ تي پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، وڌيڪ ڪامريڊ جي ان دور جي مصروفيات ايڇ آر سي پي ۽ سماجي پروگرام وغيره رهيا.

۲۰۰۵ع ۾ جڏهن ان وقت جي وڏي وزير جي ڀاڻيجن ڪنهن مظلوم ميگهواڙ عورت سان ظلم ڪيو ۽ اها عورت ايڇ آر سي پي جي ڪراچي واري آفيس پهتي ته ڪامريڊ ٻين ساٿين سميت Facts Finding لاءِ ٿر ويو، جنهن تي ارباب رحيم کي ڪاوڙ لڳي، ارباب ڪامريڊ کي ته هڪ ڏينهن جيل رکي سگهيو، جنهن تي وڪيلن، سماجي ۽ سياسي تنظيمن ڪافي گوڙ ڪيو، پر امان اختر کي ڪامريڊ ڄام جي وني هئڻ ڪري ڏهه ڏينهن جيل ڀوڳڻو پيو، جنهن تي امان جو اهو بيان دوستن کي تمام جرئتمنداڻو لڳو ته ”جيڪڏهن ڪامريڊ جي ڪري مون کي ڏهه جنم به ڀوڳڻا پون ته خوشي سان ڀوڳينديس.“ نيٺ هن جهيڙي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ وچ ۾ پئي ۽ فيصلو ڏنو ته ڪامريڊ ۽ سندس زال کي سواءِ ڪورٽ جي پرميشن جي ڪنهن به ڪيس ۾ تنگ ڪرڻ جي ارادي سان گرفتار نه ٿو ڪري سگهجي، اهڙو فيصلو هاءِ ڪورٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو درج ٿيو.

ڪامريڊ ڄام سان شام

هي به هڪ دلچسپ موڙ هو، جو صحت ۽ ڪمزور مالي حالت جي ڪري ڪامريڊ سياسي گڏجاڻي نه پئي ڪوٺائي سگهيو، وڌيڪ تنظيمي ڀڃ ڊاهه جي ڪري پراڻن دوستن سان رابطا به ڪمزور رهيا هئا ۽ سياست به اهڙو وڪڙ کاڌو جو سڌي ۽ ايماندار ماڻهو جي گنجائش به نه رهي هئي. ۲۰۱۳ع ۾ ڪامريڊ دل جي بيماري ۾ بري طرح مبتلا ٿيو هو جو سندس بچڻ هڪ معجزو هو ۽ انهيءَ حالت ۾ ڪامريڊ بلڪل گهر ويهي چڪو هو، ڇو جو هلڻ ڦرڻ به مشڪل ٿي پيو هو، اهڙي صورتحال ۾ پراڻن چاهيندڙ ۽ دوست ڊاڪٽر نياز سومرو، لاهور کان رابطو ڪيو ۽ چيو ته آئون ڪامريڊ جو لاهور ۾ پروگرام ڪرڻ چاهيان ٿو پر ڪامريڊ جي صحت سبب اهو پروگرام  ممڪن نه ٿيو، ڊاڪٽر نياز جيئن ئي رٽائرڊ ٿيو ته حيدرآباد شفٽ ٿيڻ سان ان پهريون ڪم ”ڄام سان شام“ وارو پروگرام ڪرايو، جنهن ۾ سنڌ ميوزيم جو ممتاز مرزا آڊيٽوريم ٻاهر تائين ڀريل هو، ايترو شاندار پروگرام ٿيو جو ڪنهن جي توقع به نه هجي. مان سمجهان ٿو ته ايڪٽو سياست کانپوءِ ايتري وڏي گڏجاڻي پهريون ڀيرو ٿي مان ذاتي طور سائين نياز جو ان ڪري به ٿورائتو آهيان جو هن شاندار پروگرام جو حصو بنائڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ جو موقعو ڏنو، ان کان سواءِ اهو به هڪ وڏو ڪم ٿيو جو ڪامريڊ جو لکيل ڪتاب ”چلي چلو که وه منزل ابهي آئي نهين“ شايع ٿيو، سليم ۽ نزهت عباس جو اهو ڪتاب ڪامريڊ جي يادگيرين تي ٻڌل هو، اهو ڪتاب پنهنجي جوهر ۾ هڪ بي مثال تاريخي دستاويز آهي، جنهن ۾ مون به ڪيترائي پنا جوڙيا آهن.

ڪامريڊ ڄام ساقي جي زندگي جي آخري ڏهاڙين ۾ سندس آخري سالگرهه واري تقريب ڪمال جي هئي، جيڪا ۲۰۱۷ع ۾ ٿي، جنهن ۾ سليم جمالي جو ڀرپور ڪردار رهيو ۽ اسان جا ٻانهن ٻيلي دوست ۽ ساٿي ڪامريڊ مهيش ڪمار، انيل حب علي، گڏجي فنڊنگ کان آرگنائيزنگ ڪرڻ تائين گڏ هئا. ڪامريڊ ڄام ساقي سان شام ملهائڻ واري تقريب ۾ ڪامريڊ امداد چانڊيي ڪامريڊ ڄام ساقي سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته توتي هن ڌرتي تي ڪو قرض نه آهي، بلڪ اسين تنهنجا قرضي آهيون، هيءَ ڌرتي تنهنجي قرضي آهي.

ڪامريڊ جي زندگي جا ڪيترائي پاسا آهن، جنهن تي ڪم ٿيڻ گهرجي ۽ Collective work اچڻ گهرجي ته جيئن نوجوان ان جذبي کي سمجهن ۽ پنهنجن حقن، قومي توڙي طبقاتي مسئلن کي منهن ڏئي سگهن ۽ مظلوم طبقي جي حقن لاءِ جهونجهار جيڪو سنڌي لوڪ ڪٿائن جو ڪردار آهي، جيڪو سر ڌڙ کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ به وڙهندو رهي ٿو، ڪامريڊ ڄام ساقي جي زندگي ۽ جدوجهد به نوجوانن کي اهڙو ئي درس ڏئي ٿي ته هو لطيف جي ڪردارن جهڙا ٿين، ڪامريڊ ڄام ساقي به لطيف جي انهن مزاحمتي ڪردارن مان آهي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي ظلم ۽ جبر خلاف مزاحمت ڪندي گذاري ۽ زندگي جي آخري ڏينهن تائين هو پنهنجن اصولن ۽ آدرشن تي اٽل بيٺل رهيو، ڪامريڊ جو امر ڪردار جيڪو سدا راهه مشعل رهندو، ڪامريڊ ڄام ساقي ۴ مارچ شاگرد جدوجهد جو هيرو پڻ هو، ۴ مارچ واري شاگردن جي تاريخي جدوجهد جو جڏهن به ذڪر ٿيندو ته ڪامريڊ ڄام ساقي به ان ۾ اڳڀرو نظر ايندو، اڄ وري ۵ مارچ آهي ۽ هن ڏهاڙي تي ڪامريڊ ڄام ساقي اسان کان جسماني طور تي وڇڙي ويو، پر ڪامريڊ ڄام ساقي پنهنجي ڪردار ۽ جدوجهد جي ڪري سدائين زندهه رهندو.

 

(ليکڪ ڄام ساقيءَ جو فرزند  آهي)


 

ڪامريڊ ڄام ساقي جي سياسي جدوجهد

سجاد ظهير

سماج کي انقلابي بڻائڻ ڏاڍو ڏکيوآهي، انهيءَ لاءِ تاريخي ويڙھ جي ضرورت پوي ٿي، ان تاريخي ويڙھ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ تاريخ ساز ڪردارن جي ضرورت پوي ٿي، فرد پنهنجي ڪردار سان هن معاشري کي نون اصولن تحت هلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر اها ڪوشش انهن جي وس نه هوندي آهي، وڏا ڪتاب، وڏا فلسفا، وڏيون تقريرون ۽ وڏا نالا فقط نالا رهجي وڃن ٿا. جيڪڏهن سندن نانءُ جي پٺيان ڪابه تاريخ نٿي جڙي ته, اهي تاريخ جا غير ضروري ڪردار بڻجي وڃن ٿا. تاريخ ۾ فرد کي پنهنجي ڪردار ٺاهڻ لاءِ تاريخ لکڻ نه پر تاريخ جوڙڻي پوندي آهي، اها تاريخ جنهن جو بنياد عوام هوندو آهي. جنهن جو نانءُ کڻڻ سان تاريخ پاڻ خود رقص ڪرڻ لڳندي آهي، اهڙا ڪردار جن جي اڳيان جهالت جو ساھ منجهڻ لڳي، اهي اهي تاريخ جا اڏيندڙ ڪردار جيڪي ڏاڍ سان اقتدار جي سرواڻي ڪندڙن جي اک ۾ ڪنڊو نظر ايندا هجن ته پوءِ انهن جي وڇڙڻ جو ڪو به سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ جو انهن تاريخ جوڙي هُئي، تبديلي لاءِ علمي جدوجهد ڪئي، پنهنجي جند جي ساٿ ڏيڻ تائين، انساني بقا لاءِ ويڙھ سان ڳاٽ اوچو رکيو هو. سندن نالا مُئي پڄاڻان به حيات رهندا. شايد ئي ڪنهن کي اندازو هجي، هيءُ اهي سرواڻ هُئا جن سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر تاريخ مٿان سندن عوامي ويڙھ جي جيڪا ڇاپ لڳل هُئي، سندن اڳواڻي ۾ هليل تحريڪن نئين سماج کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيترائي محاذ، گس ۽ وقت انهن اڳواڻڻ جي انقلابي پرچارڪ کان خالي نه رهي سگهيا. اهڙن ڪردارن کي تاريخ  امر بڻائي ڇڏي ٿي، هيءُ اهو قافلو هو، جنهن جي سرواڻن جا نالا پاڻ خود تاريخ جي طور ڳڻيا وڃن ٿا. جهڙوڪ ننڍي کنڊ جي انقلابي تحريڪ ۾ ڏتڙيل ماڻهن جي سوال کي انقلابي، اديبن، سياسي ڪارڪنن، ڏاهن ۽ پورهيت اڳواڻن جن ۾ سياست کان وٺي علم ادب تائين جيترا به به نالا ڳڻيا وڃن، جيڪي مارڪسي، لينني فڪر سان هن پيڙيل سماج کي پنهنجي قلم توڙي عمل سان بدلائڻ واري جنگ وڙهندا رهيا.

انهي قافلي ۾حسرت موهاني، منشي پريم چند، رشيد جهان، پروفيسر احتشام، ڊاڪٽر مُلڪ راج آنند، ڊاڪٽر حسين رائي پوري، مخدوم محي الدين، فراق گورکپوري، ڪرشن چندر پروفيسر ممتاز حسين، راجندر سنگهه بيدي، اسرار الحق مجاز، راج بهادر گورڙ، مجروح سلطان پوري، ظ انصاري، جوش مليح آبادي، سجاد ظهير، سوڀو گيانچنداڻي، مجنون گورکپوري، فيض احمد فيض، ساحر لڌيانوي، سبط حسن، علي عباس جلال پوري، جانثار اختر، شيخ اياز، ڪيفي اعظمي، علي سردار جعفري، حبيب جالب، ڊاڪٽر محمد علي صديقي، جمال الدين بخاري، اي جي اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي رشيد ڀٽي ۽ احمد فراز جهڙا املهه ماڻهو پيدا ڪيا. پاڪستان جي سياست ۾ انهي قافلي جو جاکوڙي ڪردار جيڪڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي کي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، ڪامريڊ ساقي هن ملڪ جي پورهيت تاريخ ۾ تمام وڏي سياسي ليڊر جي طور ياد رکيو ويندو.

پوئين سال آڪٽوبر ۾ سندس وفات کان پوءِ پهريون جنم ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ هُو پاڻ شامل نه هو، پر سندس لاءِ ڀيٽا ۾ اڻ ڳڻيون ڪهاڻيون، قصا ۽ يادون اسان سان گڏ گڏ رهيون، سندس قافلي جي پانڌيئڙن جيڪا ڀيٽا سندس جنم تي ڏني، اُها به تاريخي هُئي، ڪامريڊ ڄام ساقي جيڪو هڪ ڊگهي مارچ جي طور سنڌ جا اوکا پنڌ ڪرڻ جو عادي هو، هُو ۲۰۱۸ع ۾ ۵ مارچ جي ڏهاڙي تي هڪ اهڙي ڊگهي مارچ تي هليو ويو، جتان کان واپسي فقط آدرشن جي ٿي سگهي ٿي. سندس وڇوڙي تي جيڪو ريٽو سلام ملڪ جي پورهيتن، جمهوريت پسندن ۽ ترقي پسندن پاران پيش ڪيو ويو، انهي ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته هُو پنهنجي تاريخي جدوجهد تي اهڙي سلام جو حقدار به هو، تاريخ اڏيندڙن جي عملي جدوجهد جا مختلف پاسا هوندا آهن، ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جي شخصيت جا پڻ ڪيترا ئي پاسا آهن. جنهن تي تعميري ۽ تنقيدي انداز ۾ لکڻ جي پڻ ضرورت آهي.

تاريخ ۾ جهاتي پايون ته اسان کي هن ملڪ جي ٺهڻ کان پوءِ ڪميونسٽ فڪر جي خلاف تمام وڏي تڏا ويڙھ نظر اچي ٿي. جڏهن فيض احمد فيض ۽ سجاد ظهير کي پنڊي سازش ڪيس جو ڪوڙو ڊرامو ٺاهي جيل ۾واڙيو ويو، ان کان پوءِ هن ملڪ ۾ عام ماڻهن لاءِ جيڪڏهن ڪٿان ڪنهن انقلابي فڪر جي گيت ڪا گونج ڪئي، ته اهو ڪامريڊ ڄام ساقي جو قافلو هو، جنهن جي آدرشن ۾”مظلوم قومن جو مُستقبل“ به هو، جنهن جي قصي ۾ ”کاهوڙي کڄن“ جي تبليغ هُئي، جيڪو آمرن جي خلاف للڪار به بڻيو، ته ٻئي پاسي امن جو پانڌيئڙو بڻيو، پر کيس يقين هو ته  “فتح آخر عوام جي ٿيندي“ جنهن خواب جي ساڀيان لاءِ هميشه چوندو هو ته اوهان پنهنجي رستي سان وڃو، آءُ سوشلزم ڏانهن پنهنجي رستي سان ويندس.

ڪامريڊ ڄام ساقي نه رڳو سياسي سرواڻ هو پرهُو ادب ۽ تاريخ تي ڊگهي نظر رکندڙ دانشور پڻ هو، سندس قلم مان تخليق ٿيندڙ تحريرون مظلوم ۽ پُٺ تي پيل سماج جو آئينو هيون، سماجي ۽ معاشي ويڳاڻپ ڪامريڊ ڄام ساقي جي لکڻين جو خاص موضُوع رهيون، وقت جي حڪرانن پاران عوام سان ڪيل ويساھ گهاتيون کيس سماجي متڀيد جو جبر لڳندو هو. عوام جو سڙندڙ جسم سندس قلم مان نجات جو پيغام وٺڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو، هُن ڄاتو پئي غربت، بيروزگاري، بيماري ۽ بدحالي جي تڪليفن ۾ پورهيت طبقو مايوسي ۽ ويڳاڻپ جي هن دور ۾ تڙپي رهيو آهي، پنهنجي ڪچهرين ۾اڪثر ايندڙ دوستن جا حوالا پڻ سندس لکڻين جا مرڪز رهيا، حڪمرانن حڪمرانن جي خاموشي پڻ کيس راڪاس لڳندي هُئي، تفصيلي ڪچهري ڪامريڊ سان ان لاءِ نه ٿي سگهندي هُئي، ڇاڪاڻ جو هُو کن پل لاءِ ڪراچي ايندو هو، آءُ کيس ڏسڻ جي حد تائين ڏسي سگهندو هُئس، اسان پاران ۲۰۰۳ع کان ويندي ۲۰۰۸ع تائين سچل ڳوٺ (ڪراچي) ۾ شهيد نذير عباسي جون جيتريون به ملهايون ويندڙ ورسيون هيون، اهي کيس ياد هونديون هيون، هوُ پنهنجي وڏي فرزند سجاد کان پُڇي وٺندو هو، هڪ دفعي مون کي به چيائين ته يار ٻڌائين ئي ڪونه ٿو. آءُ کيس پيرن تي هٿ رکي سندس آڌر ڀاءَ ڪندو هُئس، گُلشن حديد ڪراچي ۾ پڻ شهيد نذير عباسي جي هڪڙي ورسي ملهائي وئي هُئي، جنهن ۾ اسان جي ٽيم جيڪي ٽيبلوز پيش ڪيا هُئا، انهن کي ايوارڊ ڏنا ويا، لڳ ڀڳ ۱۲ نوجوانن جي ٽيم پاران اڪثريتي ايوارڊ ڪامريڊ ڄام ساقي کان وٺڻ جي خواهش ظاهر ڪئي پئي وئي، مون پنهنجو ايوارڊ انهي اسٽيج تان ڪامريڊ ڄام ساقي کان سندس پيرن تي هٿ رکي وصول ڪيو هو.

ڪامريڊ ڄام ساقي سماج جي مختلف پاسن تي ڊگهي نظر ڊوڙائيندو رهندو هو، جنهن جو پتو سندس لکڻين ۾ لڳندو هو، جيڪي مختلف اخبارن ذريعي اسان تائين پهچنديون هيون. مشاهدي توڙي مطالعي ۾ هو ته هتي مظلوم ڪيئن نه تڙپي رهيو آهي، انهن جي حياتي ڪيئن ڪٽجي پئي، ان جي ڀيٽ وارو عنصر کيس انهي نتجي تي پهچائيندو هو ۽ اهي مظلوم هاري ۽ پورهيت کيس ڪنهن ٻي انوکي دنيا جا رهواسي لڳندا هُئا، کيس پتو هو ته هن طبقي جي ترقي استحصالي طبقي جي تباهي ثابت ٿيندي، لٽيندڙ سامراج کي به پتو پورهيتن جي سرواڻن جي عظمت ۾ ئي سندن جبر جي پڄاڻي ٿيندي، اهي خوشحال ٿي ويا ته هيءُ سيٺ ۽ واپاري بدحال ٿي ويندا، ملڪيت جي مالڪي عوام جي پونجي ثابت ٿي ته آڱرين تي ڳڻڻ واري هن ڦورو طبقي جي پُٺ ۾ عوامي سگهه هڪ ڀالو ثابت ٿيندي. هيءُ سوچ ۽ فڪر ڪامريڊ ڄام ساقي جي ذهن جو اولڙو رهيا، جنهن تي هُن پنهنجي رنگ ۽ چنگ سان پنهنجا ڪوهياري ۽ ڪيڏارا جوڙيا، جيڪو سندس حق هو. ڪامريڊ ڄام ساقي جنهن جي ويڙھ ۾ نه اتر جو فرق، نه ئي وچولي جو ڪو ويڇو هئو، سندن تحريڪ لاڙ جي پيار ڪندڙ پکين وانگي هُئي، هُن جي وک وک ۾ ڍٽ جي غريب ماروئڙن جا انيڪ ڏُک ۽ ڏوجهرا شامل هُئا. ڪامريڊ  ڄام ساقي نسل پرستي جي ڌٻڻ کي ٽوڙي ڪراچي ۾ اردو آبادين جي غريب توڙي امير پڙهيل لکيل ماڻهن جو آواز بڻيو رهيو. سندس آزادي لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ منجهان پرامُن مظاهرن ثابت پئي ڪيو، ته نسل پرست سياست کي ٻنجو اچي رهيو آهي. سنڌ ۾ جنهن وقت اردو ٻولي ڳالهائيندڙن ۾ جهيڙي جا هٿ ٺوڪيا اعلان ٿيا، ڪشمور کان وٺي ڪراچي تائين ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ سندس قافلي اردو توڙي سنڌي علائقن ۾ امن جي پرچم کي بُلند رکيو. سندس سياست تي نه ڪنهن ڀتي جو الزام، نه ڪنهن کي اغوا، نه ڪنهن جو استحصال جو ڪو الزام آهي، هُو جيستائين سرُخ پرچم پرچم واري پارٽي سان گڏ رهيو، انهي جو غلط استعمال نه ڪيائين. هُن کي جيستائين سمجهھ ۾ آيو هُن اها سياست ڪئي، پرامن طريقي سان انهي پارٽي کان الڳ ٿي جمهوريت جي بقا لاءِ پنهنجي ويڙھ جي شروعات ڪيائين. سندس ان فيصلي سان اختلاف ڪري سگهجن ٿا پر جدوجهد کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.


ڪامريڊ ڄام ساقي

کاهوڙيءَ جو جنم ڏينهن

ڊاڪٽر بختاور ڄام

اڄ ان عظيم انسان، کاهوڙي ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي جو جنم ڏينهن آهي، جنهن ٿر جي هڪ پرائمري استاد سچل جنجهي جي ڪکائين گهر ۾ جنم ورتو، پنهنجي بهادري ۽ ارڏائيءَ جي هڪ تاريخ رقم ڪئي، هڪ شاهي قلعو فتح ڪيو ۽ هزارين دلين تي راڄ ڪيو. هن ڀيري دل ڪجهه اداس آهي، ڇو ته سندس وڇوڙي کانپوءِ هي سندس پهريون جنم ڏينهن آهي، پر فخر ان ڳالهه جو آهي ته هو پنهنجي اڻ کٽ جدوجهد ۽ سچائيءَ جي ڪري تاريخ ۾ هميشه زندهه رهندو.

اسان سڀني کي ۽ خود ڪامريڊ کي به هن ڏينهن جو انتطار رهندو هو، ڇو ته ڪجهه سالن کان اسان سندس جنم ڏينهن ملهائيندا رهيا هئاسين، اها خوبصورت روايت ڪامريڊ جي جدوجهد جي ساٿي ۽ منهنجي جيون ساٿي اقبال ملاح وڌي هئي، ڪامريڊ جي مزاج مطابق صوفياڻو راڳ ڪرائي اسان ڪامريڊ جي عظيم جدوجهد جو قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪئي سين، جيڪو ڪڏهن به لهي نه سگهندو.! اهو قرض جيڪو هن ڪيئي ڏينهن، ڪيئي راتيون پنڌ هلندي، روپوش رهندي ۽ ٽارچر برداشت ڪندي اسان سڀني، مظلوم ماڻهن لاءِ ادا ڪيو.!

ان عظيم انسان جنهن ديس جي پيڙهيل طبقي لاءِ جدوجهد ڪندي پنهنجي زندگي جا ڪيترا ئي خوبصورت سال زندانن کي ارپي ڇڏيا، تنهن کي سندس زندگي ۾ مان ڏيڻ سان سندس اڻانگهي پنڌ جا ڪجهه ٿڪ لهي ٿي پيا ۽ سندس ماضيءَ جي اڻ ڏٺل زخمن تي محبت جي ڀيٽا ڏيڻ واري هن مرهم رکڻ سان کيس ته نئين جوت ۽ حوصلو ٿي مليو، جنم ڏينهن واري هن روايت کي نوجوانن اڃا وڌيڪ خوبصورت بڻايو، پنهنجي موجودگي سان جڏهن هال ۾ تر ڇٽڻ جيتري به جاءِ نه بچندي هئي ۽ هن ٽهيءَ جي نوجوانن، هن اڳوڻي بيباڪ شاگرد اڳواڻ کي پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ٻڌو، جنهن پنهنجي شاگردي جي زماني ۾ وي سي پاران سنڌ يونيورسٽي ڇڏي پشاور يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ عيوض آڇيل ماهوار ۱۰ هزار رپين کي ٺڪرايو هو، هو ۴ مارچ جو هيرو هو، سنڌ مٿان مڙهيل ڪاري قانون ون يونٽ ٽوڙائڻ جو صف اول جو شاگرد اڳواڻ هو،  جنهن ۾ ايتري جرئت هئي جو هو مارشل لا جي قهري دور ۾ ان وقت جي فوجي آمرن ۽ وڏيرا شاهي خلاف وڏي واڪ ڳالهائيندو هو، هن ۾ اها جرئت هئي ته هن قيدي هوندي، بيمار هوندي به جنرل ضياءَالحق سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو نه صرف انڪار ڪيو، پر تنبيهه ڪئي ته جي ضياءَالحق مون سان ملڻ آيو ته آءُ کيس ڪمري جي دريءَ کان هيٺ اڇلائي ڇڏيندس، هو بهترين مقرر ۽ اتساهيندڙ هو، جنهن سان ملندو هو پيار، ٽهڪن ۽ ڳل تي چمي ڏئي کيس پنهنجو ڪري ڇڏيندو هو ۽ لوڀ، لالچ ۽ وڏائي ته هن جي ڀر مان لنگهي به ڪا نه هئي.

ايتري ڪشادي دل هن الائي ڪٿان آندي هئي، سنها ٿلها ليکا ته هو ڪڏهن ڪندو ئي ڪو نه هو، ڪير وڏو ڪير ننڍو، ڪنهن جو پورهيو ڪيترو هو ڪنهن ڊوڙ ۾ پاڻ کي وڏو ڪو نه سمجهندو هو، هو عزت ڏئي خوش ٿيندو هو، ٿر جي استاد جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي بهادر نوجوان ڪنهن کي خبر هئي ته هڪ ڏينهن پاڪستان جي طبقاتي جدوجهد ۽ ترقي پسند سياست جو وڏو نانءُ ٿي اڀرندو، جنهن کي بين الاقوامي طور تي سڃاڻپ ملندي، هن جي والد ته پيٽ تي پٿر ٻڌي کيس پڙهائيندي اهو سوچيو هو ته هو ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿي قوم جي خدمت ڪندو، پر هن کي ته ڪا ٻي لوري لڳل هئي، مظلومن جي سورن هن جو سک چين ڦري ورتو هو، هن سر جو سانگو لاهي، گهر ٻار ڇڏي حق ۽ سچ لاءِ صدا بلندي ڪئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ساٿين سندس ساٿ ڏنو، حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن، سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن، نعپ، ڪميونسٽ پارٽي، جمهوري تحريڪ ۽ ڪيترا ئي ادبي ۽ سماجي فورم جن کي هن سدائين هاڪاري موٽ ڏني ۽ انهن سڀني قافلن جو هو مستقل پانڌيئڙو رهيو، ان پنڌ جا ڪجهه ساٿي کيس اڪيلو ڇڏي اڳتي وڌي ويا ۽ ڪن آخر تائين ساڻس نڀايو، ظلم خلاف جيڪو به سڏ ٿيو، ان کي هن سدائين ورنايو، سنڌ سميت دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ جتي ظلم ۽ ناانصافي ٿي هن ڀرپور آواز اٿاريو، ڪيترو ڪڙو ۽ مشڪل وقت آيو، جيل، قيد، تنهايون، ٽارچر، خاندان تي سختيون پر هو ڪڏهن به مايوس ڪو نه ٿيو، سدائين پراميد، پرجوش دوستن کي ڪنڌ تي چمي ڏيئي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ، هر ڪنهن سان هجتون، محبتون، وڏڙن سان نوڙت، ننڍڙن سان پيار، خوش طبيعت، تقريرن ۾ اهڙو انداز صاف کرو ۽ چٽو ۽ مزاحيا لهجي ۾ سامراجي ڌرين کي للڪارڻ، نه وڏائي نه آڪڙ، ايتري شهرت ۽ نالو هوندي گهرجي ڀاڄي ڀتي پاڻ پيو آڻيندو هو، جي چاهي ها ته اندر ئي اندر مٿين ڌرين سان ٺاهه ڪري ها، سياست به هلي ها ۽ گاڏين بنگلن جي به کوٽ نه هجي ها، پر هن ضمير جو سودو ڪو نه ڪيو ۽ لطيف جو پانڌيئڙو ٿي هن سون تي سيڻ نه مٽايو، سندس اندر ۽ ٻاهر هڪجڙو، ڪڏهن به دوستن جي روين جي شڪايت به زبان تي ڪو نه آندائين، ڪي دوست ٿورا پرڀرا به ٿي ويا ته به ڪڏهن ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائين. هن جهڙو بهادر، بي لوث نه ڪو ڄميو آهي نه شايد ڄمندو پاڻ پنهنجي شعر ۾ چيو اٿائين.

تو ۾ مٽي ملير جي، توکي ڄڻيو پورهيت ماءُ،

ڪنڌ م جهڪائج ڪڏهين جي سر ويو سهساءُ

جيڏا توکي گهڻا گهاءَ، اوڏو منهنجو من تون (ڄام ساقي)

واقعي هو هڪ پورهيت ماءُ جو پٽ هو، مارئي جي ملير جو ماڻهو هو، مارن ۽ ملڪ سان محبت کان سواءِ هن ڪڏهن وقت جي حڪمرانن سان هٿ نه ملايو، پنهنجي همٿ، حوصولي ۽ جدوجهد سان هڪ تاريخ رقم ڪئي، ڀٽائي جو پارکو ته نه هو پر ڀٽائي جو شعر هر تقرير کان پهرين پڙهڻ ۽ ڀٽائي کي پنهنجي واٽ جو اڳواڻ سمجهندڙ ڪامريڊ ڄام ساقي پنهنجي ديس ۽ غريب عوام لاءِ جدوجهد ڪندي ۸ ڀيرا گرفتار ٿيو، ۱۸ مهينا ٽارچر سيل ۾ رهيو، جنهن ۾ کيس ۹ مهينا هٿن ۽ پيرن ۾ ڪڙيون لڳل هيون، لاهور جي شاهي قلعي ۾ کيس جڏهن تشدد ڪري چيو ويندو هو ته تنهنجو حشر به حسن ناصر ۽ ڊاڪر مصدق جهڙو ٿيندو. پر هن فتح آخر عوام جي ٿيندي جيل ڊائري ۾ لکيو آهي ته ”مون سوچيو انهن کي ڪهڙي خبر ته حسن ناصر جو نالو مون لاءِ طاقت جو سرچشمو آهي“.

مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي لاءِ پنهنجي جسم تي مارون کائيندي هن پاڻ کي ايترو ته مضبوط ڪري ڇڏيو جو جيل ۽ ٽارچر سيل به هن جبل جهڙي ماڻهو آڏو جهڪي پيا، ٽارچر دوران ڪامريڊ کي هڪ مهيني تائين روزانو صحت لاءِ نقصانڪار چار سيون لڳايون وينديون هيون، جن اڳيان هلي ڪامريڊ جي صحت تي منفي اثر ڇڏيا، جڏهن عمر وڌڻ سان هن جي طاقت گهٽي ۽ ۱۹۹۳ع ۾ هن کي (CVA) اڌر رنگ ٿيو هو، تنهن وقت جي وڏي وزير سيد مظفر علي شاهه عوام جي دٻاءَ جي ڪري سنڌ حڪومت پاران ڪامريڊ جو علاج ڪرايو، پر وقت ۽ حالتن سندس رفتار ڪجهه گهٽ ڪري ڇڏي هئي، سندس گهر ۽ ٻارن کي سنڀالڻ وارا ماءُ، پيءُ به نه رهيا هئا، پر هن پوءِ به ڪڏهن ماٺ ويهڻ مناسب نه سمجهيو ۽ جدوجهد جي ڪنهن نه ڪنهن قافلي سان جڙهيل رهيو.

کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو (شاهه)

ماضيءَ جي هن شعلا بيان، بهادر ۽ جاکوڙي شخص تي ڪن سڌڙين تقريري ۽ تحريري حملا ڪيا، بنا اهو سمجهڻ جي ته وقت، عمر ۽ حالتون انسان جي اڳوڻي سگهه گهٽائينديون به آهن، تنهن جو اهو مطلب ناهي ته اسان ان جي ۵۰ سالن جي جدوجھد کي ليڪو ڏئي ان جا ٿڪ وڌايون، ڪامريڊ جي سنڌ سان ۽ سنڌ جي ڪامريڊ سان غير مشروط محبت رهي آهي، سنڌ کي پنهنجي هن پيرين پنڌ، جبل ۽ جيل جهاڳيندڙ ارڏي پٽ جو جنم ڏينهن مبارڪ هجي.


ڪامريڊ ڄام ساقي

ضياءَ آمريت جي اذيتن هيٺ قيد ڪاٽيندڙ

پنجومل ويراڻي

۱۹۹۹ع ۾ آئون سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهي رهيو هوس ۽ نسيم نگر لڳ رهائش پذير هوس، نسيم نگر چوڪ تي ڪجهه دڪان هوندا هئا، هڪ ڏينهن اُتي وڃڻ ٿيو ۽ سامهون ڏٺم ته ڪامريڊ ساقي صاحب ۵ ڪلو واري اٽي جو ٿيلهو کڻي اچي رهيو هو، مون يڪدم وڌي جهُڪي سلام ڪيم ۽ ٿيلهي کڻڻ لاءِ چيم، جنهن تي هي انڪاري ٿيو ۽ مون کان نالو پڇا ڪيو، گهر هلڻ ۽ چانهه لاءِ پڻ چيائين. اڄ به جڏهن آئون فڪشن هائوس تي ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ ويندو آهيان ته ڪامريڊ ڄام ساقي تي لکيل ڪتاب ڳاڙهي رنگ جي جلد سان انهن ڪامريڊن لينن، مارڪس، چي گويرا، هوچي منهه، ٽراٽسڪي ۽ مائوزي تنگ جي ڪتابن سان گڏ پيل ڏسندو آهيان ته تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي، کاٻي ڌر سان تعلق هئڻ سبب اسان جو فرض آهي ته ڄام ساقي صاحب کي هميشه ياد ڪندا رهون ۽ هو هميشه اسان جي دل ۾ آهي.

ڪامريڊ ڄام ساقي صاحب، ۳۱ آڪٽوبر ۱۹۴۴ع تي سنڌ جي هڪ صحرائي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ جانجهي ۾ پيدا ٿيو، سنڌ نه رڳو هڪ ثقافتي ۽ قومي ايڪو آهي، پر قديم تهذيب ۽ تاريخ به آهي، جنهن جي پنهنجي سڃاڻپ ۽ زبان آهي، ڪامريڊ برصغير جي پراڻي ثقافت سان تعلق رکندو هو پر هڪ ڪميونسٽ جي حيثيت سان سڀ کان پهرين هو انٽرنيشلسنٽ هو ۽ هميشه مزدور طبقي جي قومي، لساني ۽ مذهبي بنيادن تي ورهائڻ جي خلاف جدوجهد ڪندو رهيو آهي. ڪامريڊ ڄام صاحب هڪ گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ته سندس والد پرائمري اسڪول ۾ استاد هو ۽ بابا منهنجي ماءُ کي تعليم ڏني بعد ۾ هو به پڙهائڻ لڳي، سندس والد صاحب وارا غريب هئا پر ثقافتي طور تمام امير هئا انهن کي شاعري سان لڳا هو ۽ خاص ڪري ”لطيف جي شاعري سان.“ ڪامريڊ جي پيدائش وقت ڀارت برطانيه جي تسلط هيٺ هو، ڪامريڊ شاگردي جي دور کان وٺي پروگرامن ۾ تقرير ڪندو هو ۽ ۱۹۶۲ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري جڏهن ڪاليج ۾ داخل ٿيو جتي ڪميونسٽ پارٽي جي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ سوشلزم جي ابتدائي تعليم ورتي، ان وقت ڪميونسٽ پارٽي زير زمين ڪم ڪندي هئي، قومي سوال سنڌ کان علاوه پوري پاڪستان ۾ اهميت اختيار ڪري ويو هو. ان وقت به ڄام صاحب هڪ مهم هلائي هئي ته سنڌي زبان کي امتحانن ۾ لازمي قرار ڏنو وڃي. ڪامريڊ يونيورسٽي ۾ به سرگرم هو، جڏهن ذوالفقار ڀٽو ايوب خان جي حڪومت تان استعيفيٰ ڏني هئي ان وقت ڪامريڊ شاگردن کي حيدرآباد ۾ خطاب ڪيو هو. ان وقت جي شاگرد تحريڪ تمام گهڻي شدت سان هلندڙ هئي، ڪمشنرن جي يونيورسٽي ۾ مداخلت خلاف ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ هڪ هزار شاگردن شرڪت ڪئي، مظاهري کي رستي ۾ روڪيو ويو ۽ تمام گهڻو تشدد ڪري ڪامريڊ ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ آزاد ڪيو ويو، ان وقت ايوب خان جي آمريت بحران جو شڪار هئي، ايوب خان جي حڪومت خلاف نفرت جو اظهار ٿيڻ لڳو هو، حڪومت انهيءَ آواز کي کي دٻائڻ لاءِ ظلم ۽ جبر جي انتها ڪري ڇڏي هئي، پر ظلم سان ڪوبه مسئلو حل نه ٿيو، چارئي صوبن جا ماڻهو ون يونٽ جي پاليسي خلاف هئا، چڻنگ جنهن باهه کي ڀڙڪايو، اهو هڪ شاگرد جو قتل هو نهن کي راهه ويندي ۾ قتل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ پوري ملڪ ۾ عام بغاوت شروع ٿي وئي هئي، جمهوريت لاءِ تمام گهڻا مظاهرا ڪيا ويا. ايوب خان جي اقتدار جا ڏهه سال پورا ٿيڻ تي جشن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ جشن لاءِ نئين ٽرين هلائي، جڏهن اها ٽرين ڪنهن اسٽيشن تي بيهندي هئي ته اتي عوامي مظاهرن جو مقابلو ڪرڻو پوندو هو، جڏهن اها ٽرين بهاولپور اسٽيشن تي پهتي ته ماڻهن ان کي ساڙي ڇڏيو، تڏهن حڪومت جا ڪن اُڀا ٿيا، انهن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين کي گرفتار ڪري ورتو، انهن الزام لڳايو ته هو آمريت جو تختو انڌو ڪرڻ چاهين ٿا، انهن تي ڪميونسٽن سان تعلقات جو به الزام لڳايو ويو، انهن کي ۳ مهينا جيل ۾ رکيو ويو، پر جڏهن چيف ڪمانڊر يحيٰ خان اقتدار سنڀاليو ته انهن کي آزاد ڪيو ويو، هر هڪ شئي حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي چڪي هئي، شاگردن ۽ هارين فوج ۽ جاگيردارن جي زمينن جي قبضو ڪري ورتو، عام هڙتال سان ملڪ جام ٿي ويو هو. ان وقت ڪامريڊ ڄام ساقي صاحب ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري هو، ڪميونسٽ پارٽي کي ڀٽو لاءِ همدردي هئي، ڇاڪاڻ ته پ پ پ جا ميمبر سوشلزم جا حمايت وڌيڪ ڪندا هئا، جڏهن ايوب خان کي هٽايو ويو ته تحريڪ ماٺ ٿي وئي. جڏهن ڀٽو صاحب اقتدار ۾ آيو ته هو سماجي ڌر طرف ٿي ويو، جنهن ڪامريڊ کي گرفتار ڪرائي سگهاري ڌر کي چورائي موڪليو ته مون توهان لاءِ هڪ ذهني ڇوڪري کي گرفتار ڪيو آهي، ڪامريڊ ڀٽو جي بنگالي پاليسي جي خلاف هو، ڪامريڊ تي غداري جو ڪيس لڳو ۽ ڪامريڊ کي هڪ سال قيد ۽ ۱۵ ڪوڙن جي سزا لڳي. ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن ڀٽو صاحب جو تختو انڌو ڪري مارشل لا لڳايو ويو، ان وقت ڪميونسٽ پارٽي زير زمين هلي وئي، ضياءَ جي آمريت سڀني کان وڌيڪ جابر ۽ ظالم هئي، ڪامريڊ اردو ۾ ”سرخ پرچم ۽ سنڌي ۾ ”هلچل تحريڪ“ مئگزين شايع ڪيا، اهو تمام گهڻو مشڪل وقت هو، جڏهن هزارين سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪوڙا لڳايا ويا.

ڪامريڊ ڄام ساقي کي به گرفتار ڪيو ويو ۽ هڪ فوجي ڪميشن جي سامهون پيش ڪيو ويو، ڪامريڊ کي اڳي ئي پڪ هئي ته سزا ملندي، بهرحال ڪامريڊ اهو ڪيس سياسي ڪيس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ بينظير ڀٽو ۽ ولي خان هن جا شاهد هئا، بينظير ڀٽو سندس حمايت ۾ ڳالهايو، ڪامريڊ کي ۽ ٻين دوستن کي ۱۰ سال قيد جي سزا حيدرآباد ۾ ٻڌائي وئي، ڪامريڊ تي تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو، ڪامريڊ کي وڌيڪ تشدد ڪرڻ لاءِ لاهور واري قلعي ۾ منتقل ڪيو ويو جتان ٻڌايو ويو ته هن ماڻهو تي تشدد جو ڪوبه اثر نٿو ٿئي، هن کي ست سال قيد تنهائي ۾ رکيو ويو، ڪامريڊ ماڻهن کي ڏسڻ لاءِ سِڪندو هو، اهو سڀ ڪجهه لاهور واري قلعي ۾ ٿي رهيو هو، جتي اڄ عوام لاءِ تفريح گاهه آهي.

ڪامريڊ جي ڪيس تي عالمي طور تي هڪ مهم شروع ٿي وئي، ان مهم کي مزدور تحريڪ ۽ ڪميونسٽ پارٽين منظم ڪيو هو، ضياءُ الحق جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ ويندو هو ته ڪميونسٽ پارٽي اتي مظاهرا ڪندي هئي، حڪومت تي دٻاءُ وڌو ويندو هو، نيٺ ڪامريڊ کي آزادي ڏني وئي ۽ ۱۰ ڊسمبر ۱۹۸۶ع ۾ ۸ سال قيد ڪاٽڻ کانپوءِ ڪامريڊ جيل جي ڪوٺڙي مان ٻاهر نڪتو. آزادي کانپوءِ ڪامريڊ سڄي پاڪستان جو دورو ڪيو، ڪامريڊ جي استقبال لاءِ لاهور ۽ سنڌ ۾ ريليون ڪڍيون ويون. هن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ جرمني، سوئيڊن، ڊينمارڪ، برطانيه جا دورا ڪيا. برطانيه ۾ڪميونسٽ پارٽي وارن ٻن نوجوانن ڪامريڊ کي ڪامريڊ ڄام ساقي سان گڏ رکيو، انهن نوجوان ٻڌايو ته انهن جا ليڊر خشڪ ڪتابن وانگر آهن، جڏهن ته ڪامريڊ ۾ زندگي نظر ايندي آهي، سوويت يونين ٽٽڻ کانپوءِ ڪامريڊ ڪميونسٽ پارٽي کي ڇڏي ڏنو، پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي ڪڏهن به عوامي حمايت حاصل نه ڪري سگهي، جنهن جو سبب زير زمين ڪم ڪرڻ آهي، پورهيت عوام انهن کي ڏسي نه سگهندا آهن. هتي تاريخ رڳو طبقاتي تاريخ آهي ته ڪامريڊ طبقاتي جدوجهد سان متاثر هو، ڪامريڊ شڪايت ڪندي چيو هو ته پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي ۾ تمام گهڻا سٺا ماڻهو موجود هئا پر اها ڪڏهن عوامي پارٽي نه بڻجي سگهي.


ڄام ساقي

هڪ افساني جو اڏول ڪردار

عبداش پنھور

جدوجهد جي سفر ۾ زندگيءَ کي سمجهڻ ۾ کوڙ سارا سڻڀا ڪي اڻڀا سپنا هئا. هڪڙو پورهيت جيڪو خالي ريڙهي کڻي صبح سوير نڪتو ته ڪا سُڪل ماني ملي پوندي. اميرن جي پاڙي ۾ سُڪل ماني وڌيڪ ملندي آهي، اميرن جي گهر ۾ مزدوري ڪندڙ اهو صفائيءَ وارو پورهيت پنهنجو ”سرپلس“ پورهيو عرف پيسو جنهن کي خرچي به چوندا آهن، صبح سان اهڙي ريت حاصل ڪري وٺندو آهي. زندگيءَ جي سفر ۾ اهي اڻڀا روٽيءَ جا ٽُڪر وڃي سانجهيءَ سڻڀا ٿيندا آهن، جڏهن اهي ”سرپلس“ پيسا گهريلو پورهيو پنهنجي گهر کڻي ويندو آهي ۽ ريڙهيءَ وارو به ڪٻاڙڪي ڪنهن هٽ تي اهي سُڪل مانيءَ ڀورا وڪڻي پنهنجي وجود جي جدوجهد جو سامان خريد ڪندو آهي. اهو لوڪ منظر ٽين پورهيت به ڪنهن ڪتاب ۾ نه پڙهيو هو، پر پنهنجي اکين سان انهيءَ سُڪل مانيءَ سان گڏ ساڳئي ريڙهيءَ تي پراڻا سرخ پرچم ڏسي جيترو گهڻو حيران ٿيو اوتروئي وڌيڪ پريشان به ٿيو هو. ٽن مزدورن جي اها ڪيفيت رڳو هڪڙو لوڪ منظر نه ٿي ٺاهي، پر ڪيترائي سوال برپا ڪري ٿي ڇڏي.

دنيا جي ڏهين نمبر ڳڻپ واري وڏي شهر ڪراچيءَ جي حسن اسڪوائر گلشن اقبال مين يونيورسٽي روڊ جو نيرانو اهو لوڪ منظر اکين تڏهن ڏٺو هو، جڏهن نوي جي ڏهاڪي ۾ صبح سوير اخبار پڙهڻ جا عادي انسان ڪنهن اخباري اسٽال ڏانهن مُنهن ڪندا هئا ۽ اخبار ڪڇ ۾ ڪري ڪنهن هوٽل تي بسڪيٽ چانهه ۾ ٻوڙي کائي زندگيءَ جي آدرشي عياشيءَ کي اڳتي جدوجهد جي سفر ۾ شامل ڪري ڇڏيندا هئا ته ”ڏيهه به پنهنجو، ڏُٿ به پنهنجو.“ سا گهڙي ته مُرڳوئي ساهه مُٺ ۾ ٿي وئي، جڏهن سُڪل مانيءَ ڳڀي سان گڏ ”سرخ پرچم“ رديءَ ۾ وڪرو ٿيل اکين اڀياسيو هو. پريشان ڪندڙ اهو سوال هو ته ڇا هي اهو ساڳيو ئي سرخ پرچم آهي، جنهن تيهان اڳ هڪ ڏهاڪو عذاب گهر ۾ آدرشي انسانن نه رڳو پاڪستان ۾ ڀوڳنائون پئي ڀوڳيون پر چلي کان ويٽنام تائين، ڪيوبا کان ڪابل تائين، تنهن جدوجهد جو سنڌ سميت سموري سنسار ۾ سپنو کڻي نڪتا هئا ته ”ڏيهه به پنهنجو، ڏُٿ به پنهنجو.“ نه رڳو پريشان ڪندڙ اهو سوال هو پر سخت حيران ڪندڙ من منظر به هو. اهو سپنو ۽ اهو سفر جيڪو ڪنهن افساني جي ڪردار کان گهٽ نه هو. دنيا جي مشهور صحافڻ اوريانه فلاسي ڏکڻ آفريقا جي ۳۵ سال قيد ڪاٽي آزاد ٿيندڙ اي اين سي اڳواڻ کان پڇيو ته عذاب گهر جي ڪا وڏي کان وڏي تڪليف ٻڌاءِ؟ آزاديءَ جو آدرش رکڻ واري انهيءَ ڪاري نسل جي اڳواڻ چيو هو ته ”جڏهن جيل کان آزاد ٿي رهيو هوس ته ماڻهن جي هجوم جي هڪڙي ڪاري ڀڙي مان هڪڙي ڪاري لڪير ڏسڻ ۾ آئي، ويجهو پهتس ته خبر پئي ته اها منهنجي امڙ هئي. اها تاريخ جي تمام وڏي تڪليف آهي.“ ساڳيو سور سوايو سنڌ جي تنهن سورمي به سُرڪيو هو، جنهن لاهور شاهي قلعي ۾ به شڪست قبول نه ڪئي هئي. اهو عذاب گهر جنهن سرخ پرچم جا راز پئي ڳوليا. سگهارو سرخ پرچم ديس دنيا جي سمورن ظالم آمر حڪمرانن لاءِ وقت جي تمام وڏي للڪار رهيو. انهيءَ سرخ پرچم جي ساٿين لاءِ ڌرتي ٽرامون بڻيل هئي. رپوش پارٽيءَ جا روپوش راز حالتن کي تنگ ڪري ڇڏيندا هئا. جنرل پنوشي کان مسولني تائين آمرن جو انهيءَ سرخ پرچم سُک ڦٽائي ڇڏيو هو. يورپ گولي فائر نشاني تي پهتل هو، سامراجي سوچ کي صفا هڏڪي ڏياري ڇڏي هئي. اهو سپنو جيڪو ڪنهن افساني جو ڪردار هو، سندس سرخ پرچم سگهه هئي ۽ نوي جي ڏهاڪي ۾ عذاب گهر، جنهن کي شڪست نه ڏئي سگهيا ۽ جهر جهنگ ۾، شهر شهر جي ڳلي ڳلي ۾ نعرن جي گونجار رهندي هئي ته ”تنهنجو ساٿي، منهنجو ساٿي“ سو ديوارِ برلن کي هٿوڙو لڳڻ سان وڌيڪ حيران ٿي ويو هو. افساني جو ارڏو ڪردار جنهن وٽ ڌرتيءَ سان اها محبت هئي ته ”تون مٽي ملير جي“ اها هٻڪار بنجي جياپي جي جدوجهد کي نوان رستا ڳولڻ ۾ ضرور مشاهدا پيئي ڪيا. سندس هڪڙي ڪيفيت اها به اچي ميلو مچائي ويٺي ته ”توکي ڳوليم راتيون ڏيهان، عشق ڀلي ڪري آئين تون“.سندس اها ڪيفيت عذاب گهر کان ملٽري ڪورٽ جي پيشيءَ دوران هڪڙي سوال جو جواب پڻ ملي ٿي ته ”هڪڙي سسئي پنهنجي عشق ۾ هڪڙي پنهل ڪاڻ ڪشالا ڪاٽي ٿي سگهي، ڏونگر ڏوري سگهي، پهاڙن جا پنڌ ڪري سگهي ٿي ته اسان جو عشق ته صدين کان غلام انسانن جي آجپي لاءِ آهي، تنهن مقصد لاءِ هي هڪڙي جان ته ڇا پر هزار ڀيرا زندگي ملي ته به ساڳيو ئي ڪم ڪبو.“

ها تنهن افساني جو ارڏو ڪردار اڳتي وڌي ٿو، سندس سپنو ساڳيو آهي ته سموري سنسار جون سڀ شڪستون تسيلم ڪيون ٿا. هار به قبول آهي، پر تنهن سوال جي ڪيفيت کي برقرار ٿا رکون ته ”اسان کي شڪست ڪٿي ملي آهي، اسان ڪٿي هارايو آهي؟“ جيڪڏهن تنهن سوال جي ڳولا ڪندي جواب ڳولي ٿا سگهون ته پوءِ به سوڀ پنهنجو مقدر آهي. ڇو ته سوچڻ جي صلاحيت جيستائين انسانن ۾ موجود آهي، اهو انسان قيدي هوندي به رستا ڳولي وٺندو آهي. جيڪڏهن انسان جي سوچڻ جي صلاحيت ۽ حوصلا هيڻا ناهن ٿيا. تڏهن به عذاب گهر جا ڏينهن سکيو سنسار برپا ڪرڻ جي ضمانت ڏين ٿا. جدوجهد جي سفر ۾ زندگيءَ جي افساني کي سمجهڻ لاءِ ڪردار کي هاريءَ جي جهوپڙيءَ ۾ ڏسي جيون جوت کي جيڪو سپنو سمجهڻ ۾ آيو، اهو ڪڏهن من منظر ماٺو نه ٿو ٿي سگهي. هاريءَ جو گهر لسي ماني دوران سندس سپني جو سماچار، هيڻي انسان کي هوڏ تائين حوصلا ڏيارڻ کان گهٽ نه هو. اهو رڳو ڪنهن افساني جو ڪردار ناهي پر ساڳيا هاري جڏهن سندس عذاب گهر واري دور ۾ سندس آزاديءَ لاءِ ڏانٽو ڳاڙهو جهنڊو کڻي نڪرندا هئا ته وقت جي ڏمر جا صفا ڌوڏا ڪڍي ڇڏيندا هئا. تنهن افساني ۾ کوڙ سبب؛ پيرا کڻبا ته ڪٿي ڪنهن پنڌ ۾ ملي به پوندا ته کيرٿر جبل جي سفر ۾ انهيءَ افساني جي ارڏي ڪردار جو لوڪ نمونو وري اهو ملي ٿو ته هڪڙي ڀيري ڪي شهري شاگرد گهمڻ بهاني گورک ويا ۽ آس پاس ڪنهن پيرسن جي اوطاق تي پهتا ته انهيءَ جي اوطاق تي تنهن افساني جي ارڏي ڪردار جي تصوير لڳل ڏسي شاگرد چوڻ لڳا ته ”پوڙها تون هن تصوير واري شخص کي سُڃاڻين ٿو!؟“ جهور پوڙهي چيو ته ”ها، هي اسان هارين جو ليڊر آهي.“ شاگردن چيو ته ڪٿي آهي، ڪڏهن ان سان مليو آهين؟ نه جيل ۾ آهي. مون کي پنهنجا هاري ساٿي هيءَ تصوير ڏيئي ويا آهن. مڙس مٿير ٿو لڳي، ڪڏهن به ناهي مليو. شاگردن چيو ته ٻيون ڪي نشانيون؟ تنهن تي پيرسن پنهنجي پيتي کولي ته وڌيڪ تصويرون ڏيکاري چيائين ته اوهان ڇو ٿا پڇو؟ ڇا اوهان به اسان جي هاري پارٽيءَ جا آهيو ڇا؟ ڳولا ۾ افساني جي ڪردار بابت اهو ڏس مليو ته ۵ مارچ ۲۰۱۸ع کان پوءِ جو اهو واقعو آهي، تنهن هاريءَ کي اها به خبر نه هئي ته ۵ مارچ ۲۰۱۸ع ۽ سندس سانڍيل تصوير هاڻ تاريخ جو حصو ٿي وئي آهي. ڪير سڏائي ڪامريڊ ڄام ساقي!؟ 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۱ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ ڄام ساقي

جڏهن کيس منشي هائوس تي آجياڻو ڏنو ويو!

عبدالوھاب منشي

ٻه ڏينهن اڳ هُن جي چوٿين ورسي ملهائي وئي. پوري سنڌ جا ڪامريڊ گڏ ٿيا. پراڻن ڪامريڊن کيس خراجِ تحسين پيش ڪيو، هر ڳالھ پنهنجي جاءِ تي، پر ڪنهن ڪڏهن غور ڪيو آهي، انهيءَ ڏينهن کان پوءِ اسان ڄام ساقيءَ واري نظريي، ڪمٽمنٽ تي بيٺل به هونداسين؟ اسان مان ڪير اُنهن ڪنڊن جي سيج کي پنهنجي ڳچيءَ جو هار بڻائيندو؟ جواب ڪو ناهي.

ڄام ساقي هاڻ ڪير سڏائي؟ جواب، هاڻ ڪير ناهي. ڄام ته اڪيلو ڄام هو. هو هڪ انتهائي سادي طبيعت ۽ ٿڌي مزاج جو انسان هو. اسان هُن جي جواني ته نه ڏٺي، پر هُن جي باري ۾ جيڪي پڙهيو ۽ ٻُڌو آهي، اُن بنياد تي مان پنهنجي والد شهاب الدين منشيءَ صاحب سان اهو تبصرو ڪيو هو ته ”بابا جيڪڏهن ڄام ساقي چاهي ها ته پنهنجي اولاد لاءِ گهڻو ڪجھ ڪري سگهي ها. “ وراڻيءَ ۾ بابا جي عجيب مسڪراهٽ هئي ”جيڪڏهن هو چاهي ها ته اڌ ڪراچيءَ جو مالڪ بڻجي وڃي ها، پر هو هڪ درويش صفت انسان ڪامريڊ هو. جنهن جو مال ۽ دولت بجاءِ پنهنجي نظريي ۽ ماڻهن سان عشق هو. “

سچ پُڇو ته اُن دور ۾ ڪامريڊ جي لفظ جو اصل حقدار منهنجي نظر ۾ ڄام ساقي آهي. مون کي اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هُن سان ويجهو رهڻ جو موقعو مليو. سندس سياست اصولن تي مبني هئي. اندازِ گفتگو اهڙو جو پنهنجي حريف کي مُنهن تي جيڪڏهن هُن ڪا تنقيد ڪري وڌي ته سامهون وارو مسڪرائيندو رهندو. هو وڏيرن جي سياست تي تنقيد ڪندو هو، پر مان اُنهن وڏيرن کي هن سان دوستي رکڻ جو خواهشمند ڏٺو. هو هڪ عجيب مزاج جو انسان هو، جنهن کي، بينظير ڀٽو کان وٺي پير صاحب پاڳارو مرحوم شاھ مردان شاھ کي بي پناھ عزت ڏيندي مون پاڻ ڏٺو. ڄام ساقي جي ڪوالٽي اها هئي ته هو ماڻهن کي جوڙڻ جي مهارت رکندو هو. ڪاش مان ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي جو ڄام ساقي ڏسان ها ته گهڻو ڪجھ لکي وٺان ها، پر ۹۰ واري ڏهاڪي جي پوڙهي شينهن ڄام ساقيءَ جي گجگوڙ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪهڙي ڪمال جو انسان هو.

ڪجھ سال اڳ اسان وٽ گهر ۾ ڪجھ دوستن سان گڏ کاڌو کائڻ، گپ شپ جي لاءِ عبدالله حسين هارون حڪم ڏنو، هڪ دعوت منشي هائوس تي ٿيڻ گهرجي. اُن ۾ ڄام ساقي، مولانا شاھ احمد نوراني جي پُٽ شاھ اويس نوراني، مهتاب اڪبر راشدي، يوسف لغاري، عيسيٰ وساڻ ۽ ڪيترا ئي دوست سڏايا ويا هئا، پر ايترو بيمار هئڻ جي باوجود اُتي به ڄام ساقي محفل تي ڇانيل رهيو. هڪ ڀيري پير صاحب پاڳاري شاھ مردان شاھ سان مانيءَ تي ڪچهري ٿي، اُتي جهڙي طرح مون سندس گفتگو ٻڌندي پير صاحب کي ڏٺو، آئون حيران رهجي ويس. سندس معلومات تي، عمرڪوٽ کان وٺي امريڪا جا اپڊيٽ قصا، حالانڪه پير صاحب پاڳارو شاھ مردان شاھ مرحوم پاڻ به وڏي پيماني تي مطالعو ڪندڙ شخصيت ۽ گفتگو جو بادشاھ هو. پر ڄام ساقي پنهنجي ڪردار جي بدولت جيڪا پنهنجي عزت ٺاهي، شايد اهو تمام گهٽ ماڻهن پنهنجو مقام ٺاهيو هوندو. مون ڄام ساقي کي پريشاني جي ڏينهن ۾ به هميشه خوش ۽ مسڪرائيندي ڏٺو. هو پنهنجي زندگيءَ جا قصا ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو ته منشي هائوس جو ذڪر ضرور ڪندو هو. جيڪو منشي فيمليءَ جي لاءِ يقينن ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهي. ۱۹۸۸ع جو دور هو، ضياءَ جي آمريت عروج تي هئي، پهريون ڀيرو ڄام ساقي جيل مان ڪافي عرصي بعد آزاد ٿي رهيو هو. ڊي ايس ايف جي ليڊرشپ پاران ڄام ساقيءَ جي اعزاز ۾ استقباليه ڏيڻو هو، ڪو به ماڻهو ضياءَالحق جي خوف ۾ پنهنجو گهر، پنهنجي جڳھ ڏيڻ جي لاءِ راضي نه هجي، جتي ڄام ساقيءَ جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو وڃي، ڇا ڪيو وڃي؟ اوچتو منهنجي والد صاحب وٽ ٻه نوجوان ملڻ آيا، اقبال ملاح ۽ معشوق ملاح. اسان چاهيون ٿا ته ڄام ساقيءَ کي آجياڻي جي تقريب توهان جي گهر جي ڇت تي رکون، جيڪڏهن توهان جي اجازت هجي؟ جڏهن ته ان دوران عبدالواحد آريسر، ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، شمشير الحيدري، بشير خان قريشي، طارق اشرف، غلام نبي مغل، حليم باغي، پروانو ڀٽي، غلام نبي مغل، ناز سهتو، جمن دربدر، تاج جويو، دستگير ڀٽي، آپا قمر، عابده پروين، سڪينا سمون سميت سنڌ جي وڏن وڏن وطن دوست، جمهوريت پسند، ضياءَ جي آمريت مخالف قوتن لاءِ مضبوط مورچو منشي هائوس هوندو هو. جيڪڏهن آئون اهو لکان ته ضياءَالحق جي خلاف ايم آر ڊي تحريڪ پوري سنڌ ۾ منشي هائوس کان هلي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. خير مون کي پنهنجي ننڍپڻ ۾ ٻڌل هڪ نعرو وري منهنجي ڪنن ۾ گونجي اٿيو آهي. اڄ آئون وري پنهنجي ننڍپڻ ۾ موٽي رهيو آهيان، جتي مون نوجوانن جا اڀ ڏار نعرا ٻڌا هئا. تيرا ساٿي، ميرا ساٿي، ڄام ساقي، ڄام ساقي. ڪاش آئون ٻيهر پنهنجي ان ننڍپڻ ۾ موٽي وڃان جتان مون آمريت جي خلاف هڪ متحرڪ ڄام ساقيءَ کي ڏٺو هو. اڄ مون کي پوري سنڌ ۾ اهڙو بيباڪ ۽ دلير ڪردار نظر نٿو اچي.

ڄام ساقي طبقاتي جدوجهد، مزدورن، هارين جي جدوجهد ۾ هڪ وڏو نالو هو. جنهن هن ڌرتي ۽ وطن جي ماڻهن جي لاءِ پاڻ کي هر طرح سان قربان ڪرڻ جو عزم ڪري رکيو هو. ڄام ساقيءَ جي درد ڀري ڪهاڻي جو عڪس جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏسڻو آهي ته هو هڪ ان جي قابل ڌيءَ ڊاڪٽر بختاور ڄام کان پُڇي، اُهو پاڻهي سڀ ڪجھ سمجهي ويندو. ڄام ساقي، جنهن جي تعلق مون The News اخبار ۾ هڪ اسٽوري پڙهي، جنهن ۾ اُن رائيٽر اسٽوري ٽائيٽل ڪجھ هن طرح ڏنو هو. ’A Man Who Introduced To Zulfiqar Ali Bhutto‘ جنهن کي زندگيءَ ۾ هر طرح جي آفر هجي، بينظير ڀٽو جنهن جي بچاءَ جي گواھ بڻجي. پوءِ اُها بينظير ڀٽو ان جي گهر هلي اچي، جتي هُن کي هڪ ٽُٽل صوفي تي ويهاري ڄام ساقي پُڇي، آئون توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟ بي بي، سندس گهر ۾ پيل پراڻي مٽ مان هڪ گلاس پاڻيءَ جي فرمائش ڪري، جڏهن ناهيد خان اُتي منرل واٽر هٿ ۾ کڻي بيٺل هجي، ته اهو ڇا ڪردار هوندو. ڄام ساقي پهرين مون لاءِ چاچو هو، پوءِ هو زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ منهنجو يار بڻجي ويو. هاڻ مون کي اها خوشبوءِ ڪنهن ڪامريڊ ۾ نظر نٿي اچي. هو هڪ يگانو هو، جنهن جي ڪچھريءَ جو اڪثر آئون منشي هائوس تي انتظار ڪندو هئس، پوءِ هو پنهنجي پُٽ سارنگ ڄام سان گڏ اڪيلو مون وٽ ڪچهريءَ تي ايندو هو. پوءِ دنيا جهان ادب، سياست، رومانس، دنيا جي هر موضوع تي هو ڪچهري ڪندو هو. مون هن انسان وٽ عمر جو ڪو قيد ۽ فرق نه ڏٺو. واقعي هاڻ اهڙو ڄام پيدا نٿو ٿي سگهي. هو اسان کان تمام پري نڪري ويو. ڄام ساقي جي محنت جدوجهد اسان جي لاءِ هڪ اثاثو آهي. ڪاش اسان سڀ ملي ڪري ديانتداري ۽ ڪمٽمينٽ سان گڏ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪريون، ته اسان ڄام ساقيءَ جو مشن جاري رکي سگهون ٿا. بس دل هُن جي جدائيءَ کي قبول نٿي ڪري. اڄ آئون صرف ايترو لکڻ تي مجبور آهيان ’اُهو ڄام ساقي هر طرح سان پنهنجي ذات ۾ وڏو ماڻهو هو، جيڪو ڄام منهنجو دوست هو. . . ‘

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۸ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ڪامريڊ ڄام ساقي

مسلسل جدوجهد جي علامت

سارنگ ڄام

ھونئن ته ننڍپڻ کان ئي مذھبي رواداري واري سوچ سندس من ۾ موجود ھئي. انڪري سالن کان ھلندڙ ڪڌي رسم جيئن پيڙھيل طبقن کي پٽ تي ويھارڻ واري ڳالھ کيس نه وڻي، ماءُ پيءُ جو لاڏلو ٻار ھئڻ ڪري سندس ضد اڳيان والدين کي ڳالھ مڃڻي پئي ۽ پوءِ مذھبي اقليتن کي به پاڻ سان گڏ ويھارڻ شروع ڪيائين. سائين سچل جي ڳوٺ جو سماج سڌارڪ ھئڻ جي ڪري اھا ڳالھه پري پري تائين مڃي وئي.

ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جو دوستن سان نظرياتي واسطو اسڪول واري زماني کان ئي ٿي ويو ھو. جڏهن ڪامريڊ نائين ڪلاس ۾ لياقت علي خان جي ڏھاڙي تي تقرير ڪئي ان کانپوءِ عنايت الله ڌمچر (جيڪو رٽائرڊ استاد، ادبي بورڊ جو ميمبر ۽ نظرياتي شخص ھو) سان خطن جو سلسلو شروع ٿيو. اھڙي طرح سندن ھڪٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رھي ۽ ھو ڪامريڊ کي نظرياتي لٽريچر موڪليندو رھندو ھو.

۱۹۶۲ع ۾ ڪامريڊ، سچل سرمست ڪاليج، حيدرآباد ۾ پڙھندو ھو ته پھرين سياسي سرگرمي ڪئي، جنھن ۾ اھو مطالبو ڪيو ويو ته شاگردن کي سندن مادري زبان ۾ تعليم ڏني وڃي. ان لاءِ دستخط مھم ھلائي وئي جنهن ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ شاگردن حصو ورتو.

۱۹۶۴ع ۾ ڪامريڊ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد رکيو، جنھن ۾ يوسف لغاري، ھدايت حسين، نديم اختر، اڪبر بروهي ۽ ٻيا دوست ھئا. ان وقت حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن واحد روشن خيال تنظيم ھئي جنھن ۾ ھر مذھب ۽ قوم جو ماڻھو شامل ھو. انھيءَ دور ۾ ڪامريڊ پھريون دفعو گرفتار ٿيو ۽ نارا جيل منتقل ڪيو ويو. جتي ڪامريڊ تي سخت تشدد ڪيو ويندو هو ۽ مٿس ون يونٽ خلاف بغاوت جو ڪيس به مڙھيو ويو.

۱۹۶۷ع ۾ جڏهن حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن حيدرآباد ۾ زبردست جلسو ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي مھمان خاص ڪري گھرايو. ڀٽي جو ايوب خان کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ اھو پھريون سياسي جلسو ھو. جڏھن ڪامريڊ ڄام ۽ يوسف لغاري، ڀٽي کي جلسي جي دعوت ڏيڻ لاءِ ويا تڏھن ڀٽي چيو ته مان شرڪت ڪندس ته ايوب خان مڇرجي پوندو. جنھن تي ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جواب ڏنو ته ان ڳالھه جي اوھان پرواھ نه ڪريو، مان ھڪ ماستر جو پٽ ۽ يوسف لغاري منشيءَ جو پٽ آهي.

۱۹۶۸ع ۾ ڪامريڊ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو دائرو وڌايو، مختلف شهرن ۾ شھري نالن سان جوڙيل اسٽوڊنٽس فيڊريشنز (جنھن ۾ جيڪب آباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن امداد اوڍو ۽ دادو اسٽوڊنٽس فيڊريشن اعجاز قريشي جوڙي) کي ملائي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد رکيو. اھا فيڊريشن سياسي طور وڌيڪ متحرڪ ۽ مستحڪم ھئي. جنھن ۾ ڪامريڊ نذير عباسي، غلام رسول سھتو ۽ ٻيا دوست شامل ٿيا. انھيءَ زماني ۾ ڪامريڊ ترقي پسند ۽ متحرڪ شاگرد اڳواڻ ٿي اڀريو. جنھن جو اندازو ان ڳالهھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته سينيئر ھاري اڳواڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کيس پاڻ سان گڏ اسٽيج تي ويھاريندو ھو. ساهيوال جيل جي ڊائريءَ ۾ شيخ اياز ذڪر ڪندي لکي ٿو ته حيدرآباد ۾ ھڪ "سنڌي شام” جو پروگرام ھو ته منھنجي سامھون شاگرد اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي ويٺو هو. ان وقت کيس نياپو مليو ته اوھان سان ڊپٽي ڪمشنر ملڻ چاهي ٿو، جنھن کي ڪامريڊ ڄام ورندي ڏني ته: مونکي اڄڪلھه ايتري فرصت ناھي جو ڪنھن ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات ڪريان. جيڪڏهن ان کي ملڻ جو ايترو شوق آهي ته ھتي ھليو اچي يا ڪارا قلم ھڻي گرفتار ڪرائي. (ياد رهي ته ان وقت ڊپٽي ڪمشنر وڏو پاور رکندو هو).

۱۹۷۱ع ۾ جڏهن بنگال ۾ وڏي پيماني تي فوجي آپريشن ٿي رهيو هو ته ڪامريڊ ڄام ۽ سندس ساٿين احتجاج رڪارڊ ڪرايو. جيڪو وڏي سرڪار کان ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ٿيو ڇاڪاڻ ته ان احتجاج کي وڏي پيماني تي عالمي ميڊيا ڪوريج ڏني ھئي.

۱۹۷۲ع ۾ آخرڪار ڪامريڊ کي گرفتار ڪيو ويو. ھڪ سال کان پوءِ ڪامريڊ کي آزاد ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪامريڊ جو مسلسل روپوشي وارو دور شروع ٿيو، جنھن ۾ ڪامريڊ مختلف روپ ڌاري پنھنجو ڪم جاري رکيو. ھڪ دفعي ڪامريڊ ڄام، نذير عباسي ۽ ٻيا ساٿي بس ۾ سفر ڪري رھيا ھئا. ڪامريڊ کي وڏي ڏاڙهي رکيل ھئي. رستي ۾ ھلندي ھڪ بيمار پوڙھو ڪولھي بس ۾ چڙهيو، خالي سيٽ نه ھئي، ته ڪامريڊ ھڪدم کيس ٻانھن مان پڪڙي پنھنجي سيٽ تي ويھاريو. جنھن تي ٻين ساٿين اعتراض ڪيو ته اصل مولوي ائين سيٽ نه ڏي ها، انڪري پاڻ کي ھاڻي احتياط ڪرڻو پوندو نه ته پڪڙجي پونداسين.

ڊسمبر ۱۹۷۸ع ۾ جڏهن ڪامريڊ پنھنجي دوست اقبال ميمڻ جي فليٽ مان اچي رھيو ھو ته ھڪڙي فوجي سپاھي سندس ٻانھن ۾ ھٿ وجھي زور سان رڙ ڪندي چيو ته:

He is the man.

جتان ڪامريڊ جو هڪ طويل جيل جو سفر شروع ٿيو. انھيءَ عرصي ۾ ڪامريڊ کي شاھي قلعي ۾ قيد ڪري سخت اذيتون ڏنيون ويون. جنھن ۾ ھڪ مھيني تائين ته روزانو کيس چار ڊپريشن واريون انجيڪشنز ھڻندا ھئا. جنھن ڪري مٿس ذھني ۽ جسماني طور وڏو اثر پيو پر سڀ حربا کيس جھڪائي نه سگھيا. ان ئي دور ۾ مشھور نعرا لڳا ته: تنھنجو ساٿي، منھنجو ساٿي- ڄام ساقي، ڄام ساقي. . . ڪل به ساقي جيل ۾ ٿا، آج ڀي ساقي جيل ۾ ھي. . . جيل ڪا ڦاٽڪ ٽوٽي گا، جام ساقي ڇوٽي گا. . .

ڪامريڊ کي ٻه سالن تائين بنا ٽرائل جي رکڻ کان پوءِ آخرڪار عوامي دٻاءَ جي ڪري "ڄام ساقي ڪيس” شروع ٿيو. (جنھن متعلق بدر ابڙو جو ڪتاب تفصيلي دستاويز آهي) انھيءَ دور ۾ ھڪ تاريخي واقعو اھو به پيش آيو ته جڏهن الذوالفقار۱۹۸۱ع ۾ جھاز اغوا ڪري قيدين جي آزادي واري لسٽ جاري ڪئي ته ان ۾ ڪامريڊ جو نالو سر فهرست ھو. جنھن تي ڪامريڊ ڄام جو جواب ھو ته ھن لسٽ ۾ موجود ھڪ سئو کان وڌيڪ ماڻھن کي آزاد ڪرائڻ کان چڱو آهي ته رڳو ڇھن سينئر جنرلن کي ملڪ بدر ڪيو ته سڄي ملڪ جي جان ڇٽي پوندي.

آخرڪار، ۱۹۸۶ع ۾ صدر ضياءُ جو زور ٽٽو ۽ سڄي ملڪ ۾ سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون. نيٺ ڪامريڊ به ۹ سال جيل ۾ گذاري آزاد ٿيو. مختلف شهرن ۾ ڪامريڊ جا استقباليه جلسا ڪيا ويا، جنھن ۾ نوابشاھ، ڪراچي ۽ لاھور وارا جلسا تاريخ ساز ھئا.

۱۹۹۱ع ۾ ڪامريڊ عوامي جمھوري تحريڪ جوڙي، جنھن ريتي کان ڪراچي تائين پيادل مارچ ڪيو. مارچ جو ھر شھر ۾ مختلف تنظيمن جنھن ۾ پ پ پ، جيئي سنڌ، عوامي تحريڪ ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي وارن استقبال ڪيو.

۱۹۹۳ع ۾ ڪامريڊ کي شديد برين هيمريج ٿيو، جنھن ڪري ڪامريڊ کي ڪجهھ وقت جناح اسپتال ڪراچي ۾ رکيو ويو. حالت ۾ سڌارو نه اچڻ ڪري سڀني تنظيمن توڙي ميڊيا جي دوستن مطالبو ڪيو ته ڪامريڊ جو علاج ٻاھران ڪرايو وڃي. آخرڪار حڪومت مطالبو مڃيندي ڪامريڊ کي علاج لاءِ لنڊن موڪليو. اتي ڪامريڊ جي حياتي ته بچي وئي پر سندس يادداشت تي تمام گهڻو اثر پيو. فالج لاءِ هونئن به چيو ويندو آهي ته ماڻھو کي اڌ ڪري ڇڏيندو آهي.

۱۹۹۴ع ۾ ڪامريڊ پ پ پ شموليت اختيار ڪئي. ۲۰۰۵ع ۾ جڏهن ڪامريڊ ايڇ-آر-سي-پي سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ھو ته ان وقت ڪراچي واري ھيڊ آفيس ۾ سي ايم سنڌ ارباب غلام رحيم جي ڀاڻيجن خلاف ڏيپلي جي ھڪ مقامي عورت کي اغوا ۽ ساڻس جنسي ڏاڍائيءَ ڪرڻ جي شڪايت آئي. ڪامريڊ ڄام کي Fact finding لاءِ مقرر ڪيو ويو. ڪامريڊ جڏهن کيتلاري (ٿر) ويو ته ان وقت جو سي ايم ارباب رحيم ڏمرجي پيو ۽ ٻئي ڏينهن هن ڪامريڊ کي گرفتار ڪرايو. سماجي تنظيمن، صحافين، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي سخت احتجاج کانپوءِ ڪامريڊ کي ھڪ ڏينھن جيل ۾ رکي سگھيا ۽ آزاد ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن ارباب گھر فون ڪئي ته توھان سي ايم هائوس اچو ڳالھه ختم ٿا ڪيون، جنھن تي ڪامريڊ صاف انڪار ڪيو. ارباب ڌمڪي ڏيندي چيو ته معنيٰ جھڳڙو جاري رکندا پر ياد رکجو ته مون ۾ به ڄام صادق وارو روح آهي، جنھن تي ڪامريڊ جواب ڏنو ته اڳيان به ڄام ساقيءَ آهي!

ان کانپوءِ ارباب امان (ڪامريڊ جي وني) کي به ڪوڙن ڪيسن ۾ ڏھ ڏينهن جيل ۾ رکيو. آخرڪار، سي-ايم جي ڪرسي ھن ارڏي شخص اڳيان پنھنجا پاور نه ڏيکاري سگھي، پھريون ڀيرو سنڌ ھائي ڪورٽ اھو آرڊر ڏنو ته ھاڻ جيڪڏهن ڪنھن کي به ڄام ساقي يا ان جي گھر واري کي گرفتار ڪرڻو ھوندو ته پھرين ڪورٽ کان پرميشن وٺندو) ان سڄي ٽرائل ۾ ڪامريڊ جي وڪالت عاصمه جھانگير ۽ اقبال حيدر ڪندا هئا.

۲۰۰۶ع ۾ ڪامريڊ طبقاتي جدوجھد ۾ شامل ٿيو. واضح رهي ته طبقاتي جدوجهد جو بنياد وجھندڙ انقلابي اڳواڻ لال خان پنھنجي سياست جي شروعات ڀتين تي "ڄام ساقي کو رها کرو” لکڻ سان ڪئي ھئي.

ڪامريڊ جي سموري حياتي ھڪ اڻٿڪ جدوجهد جي علامت آهي، جنھن ۾ جمھوري ۽ انقلابي سڀئي راھون آھن. اسان ڪامريڊ ڄام کي ڀٽائيءَ صاحب جي انھيءَ شعر سان ڀيٽا پيش ڪريون ٿا ته؛

هَلندي هوتَ پُنهون ڏي، آئون پيرين پنڌَ ڪندِياسَ،

جي پيرنَ پنڌَ ڇڏيو، ته گوڏنَ ڀرَ گِسڪندياسَ،

جي گوڏَن گِسڪَڻ ڇڏيو، ته آئون هَٿن ڀر هلندياسَ،

جي هَٿن هلڻَ ڇڏيو، ته ٺُونٺين ڀَر ٺُڙڪندياسَ،

جي ٺُونٺين ٺُڙڪڻَ ڇڏِيو، ته چيلھهَ ڀر چُرندياسَ،

جي چيلھَه چُرڻَ ڇڏيو، ته آئون سيني ڀر سُرندياسَ،

جي سيني سُرڻ ڇڏيو، ته آئون اَکينَ سان ايندياس،

پوءَ مِليا ته مِلندياسَ، نه ته گهوريءَ جانِ جَتنَ تان۔ (شاھ)

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۵ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


ڪامريڊ ڄام ساقي!

ڊيموڪريٽڪ ليڊر

عبداش پنھور

ڪنهن جهُڳي ۽ جهوپڙي تائين ڪو ڏاڙهي وارو “حاجي صاحب” لوڪ پچاربو هو ته تنهن ماڻهوءَ جو اهو روپوش نالو سنڌسميت سنسار ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي آهي. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جا روپوشي واري دور۾ روپوشيءَ جا ٿاڪ رڳو ڪنهن ڪنهن جي ڄاڻ ۾ هوندا هئا، سندس سڳو ڀاءُ ڊاڪٽر سلطان به هڪڙي ڀيري اڻ ڄاڻائيءَ دوران ٿاڪ تي پهتوته ڪامريڊ ڄام ساقي کان ڇرڪ نڪري ويو ته سندس سڳي ڀاءُ کي اهو ٿاڪ ڪنهن ٻڌايو آهي، راز ڪٿان فاش ٿيو آهي؟ ڪامريڊ ڄام ساقي جي پارٽي جنهن کي ڳجها ادارا به ملٽري ڪورٽ ۾ پارٽي، پارٽي سکڻي لفظ سان اظهار ڪندا هئا تنهن پارٽيءَ جو نالو به نه وٺندا هئا ته متان ڪير رنج ٿئي، تڏهن هن ڪيس جي وڪيل يوسف لغاري آڏي پڇا وقت پڇاڳاڇا وارن ادارن جي اهلڪارن کان سوال ڪيو هو ته “اها پارٽي ڪهڙي آهي، ٽي پارٽي آهي، ڊنر پارٽي يا وري لنچ پارٽي آهي، تنهن پارٽيءَ جو نالو ڇا آهي؟” تڏهن به قيدي جيڪي ملڪ دشمن الزام ۾ پڪڙيا ويا هئا انهن جا اشارا خطرناڪ راز هوندا هئا ڪنهن چيو ته “ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان” تڏهن هڪڙي حساس اداري جي عملدار چيو ته؛ “ها اها پارٽي” ڪامريڊ ڄام ساقي ڳالهيون ڪندو هو ته آمريتي عذاب گهر مان ۹ آگسٽ تي شهيدنظير عباسي جو چچريل لاش ملڻ کان پوءِ اسان سڀني باندين تان مارڌاڙ گهٽجندي آهستي آهستي ختم ٿي وئي، تشدد بند ڪيو ويو ۽ مخلتف جيلن ڏانهن موڪليو ويو، شهيد نظير عباسيءَ جي شهادت عذاب گهرکي ڇرڪائي ڇڏيو فوجي حڪمران پريشان ٿي ويا ڇو ته ۹ آگسٽ جي واقعي کان پوءِ ڪميونسٽ ڪيڊر سخت ردعمل ڏيکاريوهو. عالمي طور خبرون ماسڪو کان بي بي سي لنڊن تائين دنيا جي خابرو ادارن ۾ پکڙجي ويون، جنهن سبب تمام وڏو ردعمل آيو جنهن ردعمل فوجي حڪمرانن کي صفا ڪنبڻي ڏيکاري ڇڏي هئي ته هاڻ جيڪڏهن اڳتي وڌيڪ حرڪت سان عذاب گهر ۾ ٻيو ڪو مري ويو ياماريو ويو ته تنهن جا نتيجا خطرناڪ نڪري سگهن ٿا، بظاهر شهيد نظيرعباسيءَ جي شهادت تمام وڏو سياسي قتل ۽ واقعو تنهن ڪري به اهم هو ته ڀٽو کي عدالتي ڦاسي سزاءِ موت کان پوءِ هيءَ تمام وڏو واقعو ۽ سياسي قتل هو، جنهن قتل واقعي کي لڪائڻ لاءِ اهو به ڪوڙ هُلايو ويو ته نظير عباسيءَ کي دل جو دورو پيو جنهن سبب فوتگي ٿي اهڙو ڪوڙ اڳ برک ڪميونسٽ اڳواڻ شهيد حسن ناصر لاءِ به هُلايو ويو هو ته اُن خودڪشي ڪئي آهي. پر واردات لڪي نه سگهي. تاريخ ۾ آمريت جو اهو موقف سياسي مخالفت کي چٿڻ جو پهريون واقعو هو جنهن ۾ حسن ناصر کي شهيد ڪيو ويو هو.

ڪامريڊ ڄام ساقي هڪ جمهوريت پسند اڳواڻ جي صورت ۾ تڏهن سياسي قيادت جي تمام گهڻو ويجهي ٿي ويو جڏهن ايم آر ڊي کان به پهريان سندس ڪيس جي شاهدي لاءِ بشمول محترمه بينظير ڀٽو سميت فوجي مارشل لا مخالف سياسي قيادت کي ملٽري ڪورٽ ۾ گڏ ڪيو هو. اهو پهريون ڀيرو هو سياسي قيادت کي مارشل لا مخالف ڌرين ڪٿي گڏ ويهڻ جو موقعو مليو هو، جڏهن ايم آر ڊي هلچل اڃان شروع نه ٿي هئي ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس شروع ٿي چُڪو هو. ڪامريڊ ڄام ساقي جڏهن پنهنجي شاهديءَ لاءِ نالا تجويز ڪياته بقول ڪامريڊ ڄام ساقي جي سندس پارٽي اهو چئي مخالفت ڪئي ته اها ايم آر ڊي واري قيادت بورزوا قيادت آهي، بورزوا موقعي پرست ٿيندو آهي پر ڪامريڊ ڄام ساقي انهيءَ ڪميونسٽ پارٽي جي موقف سان ايتري حد تائين اختلاف رکيو ته ”مون کي ذاتي طور به اهو انساني حق حاصل آهي ته پاڻ کي بي گناهه ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا شاهد ڪيان“ ڪميونسٽ پارٽيءَ سمجهيو ته مسئلو ڳنڀير ٿيندو پيو وڃي، تڏهن اها لسٽ پارٽي منظور ڪئي جيڪي شاهد ۽ شاهديون ڪتاب ضمير جي قيدي يا وري فتح آخر عوام جي ٿيندي ۾ شامل آهن. ۽ تاريخ ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي بطور ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ طور تڏهن باقي سياسي قيادت آڏو نمودار ٿيو جڏهن ايوبي آمريتي دور مخالف هلچل دوران شاگرد جدوجهد ۴مارچ سان گڏ ون يونٽ مخالف هلچل ۾ شاگردن جي اڳواڻي ڪئي، خاص ڪري سنڌ هاري ڪاميٽي جي عظيم سرواڻ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي قيادت ۾ ون يونٽ مخالف هلچل ۾ اڳتي وڌي ڪردار اداڪيو ۽ شاگردن جي جلوس ۾ حيدرآباد ۾ پهريون ڀيرو ”جيئي سنڌ“ جو نعرو لوڪ نروار ڪيو بقول ڪامريڊ ڄام ساقي جي ته جلوس ۾ شريڪ شاگردن کي ”نعراءِ سنڌ“ نعري جو جواب ڏيڻ به نه ٿي آيو، انهن کي سمجهايو ويو ته “ نعراءِ سنڌ، نعري جو جواب، ”جيئي سنڌ“ لفظ آهي، مطلب صاف نڪتو ته سنڌ ۾ ”جيئي سنڌ“ نعري کي لوڪ نروار ڪرڻ وارو رڳو ڪامريڊ ڄام ساقي آهي. هن مهان نعري ”جيئي سنڌ“ کان اڳ باباءِ سنڌڪامريڊ حيدربخش جتوئي سنڌ جو ترانو ”جيئي سنڌ، جيئي سنڌ، جام محبت پئي سنڌ“ لکي چُڪو هو. جنهن قومي تراني قومي گيت جي گونجار مان ڪامريڊ ڄام ساقي نعرو جيئي سنڌ لوڪ نروار ڪيو. بطور ڊيموڪريٽڪ ليڊر ڪامريڊ ڄام ساقي پهريان نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي نمائندگي ڪندو هو، پوءِ پي اين پي، اي اين پي سميت مختلف سياسي محاذن تان هن سياسي هلچل ۾ حصو ضرور ورتو پر ڪامريڊ ڄام ساقي جو اصل رستو پورهيت هاري هلچل ڪميونسٽ پارٽيءَ جو رستو رهيو جيڪو لياري ڪانگريس تائين سندس نظرياتي سفر چئي سگهجي ٿو، ڪامريڊ ڄام ساقي ڏيهه ڏيساور جا دورا ڪيا ۽ عالمي، معاشي، سياسي تبديلين کي محسوس ڪندي جمهوري هلچل کي بهتر سمجهندو هو ڇو ته ان کان اڳ به هو جمهوريت ڏانهن دليل اهو رکندو ته ”جمهوريت ماني نه ڏيندي آهي پر ماني حاصل ڪرڻ جو رستو ڏيکاريندي آهي“ پروفيسر جمال نقوي پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته “وقت جي وزيراعظم ذوالفقارعلي ڀٽو (سرد جنگ جي زماني) يوگوسلواڪيا جي صدر کان سويت يونين جي صدر کي چورايو هو ته پاڪستان ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي واري ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ماسڪو سرڪار اهو چئي ته منهنجي حمايت ڪن، منهنجي خلاف پي اين اي وارا عرف آمريڪا پاڪستان ۾ سرگرم ٿي ويو آهي.”اهڙي ماحول ۾ وقت جي وزيراعظم ذوالفقارعلي ڀٽو، ڪامريڊ ڄام ساقي سان ڪٿي ڳجهي ملاقت ڪئي، ڪتاب ۾ پروفيسر جمال لکي ٿو ته “ڪامريڊ ڄام ساقي ڀٽو آڏو اهو شرط رکيو ته جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته اوهان ايوان قومي اسيمبليءَ ۾ ٻه اکر اسان جي حوالي سان ڳالهايو ته ته خبر پئجي ويندي ته اصل ۾ اوهان جي سياسي پوزيشن ڇا آهي؟” تڏهن ساڳئي ڪتاب ۾ اهو به حوالو موجود آهي ته پوءِ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي شرط تي ڀٽو اها تقرير ڪئي.

اها سياسي جمهوريت پسند پرک رڳو ڪامريڊ ڄام ساقي رکندو هو ته هڪ جمهوري ڌر سان ڪهڙي دليل سان ڳالهائي سگهجي ٿو. تنهن ڪري پاڪستان ۾ برک ڪميونسٽ عظيم اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ کي جيڪڏهن تاريخ جو تمام وڏو جمهوريت پسند اڳواڻ قرار ڏجي ته اهو دليل هجي يا سياسي موقف ڪو ايڏو ڪمزور دليل ناهي نه وري ڪو ايڏو ڪمزور سياسي موقف هوندو، ڇو ته جمهوريت پسند هلچل جي تاريخ ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي هڪ تاريخ آهي جنهن سبب عالمي تبديلين جي ماحول ۾ جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقيءَ کي آمريت ۽ جمهوريت جي چونڊ ڪرڻي پئي ته ڪامريڊ ڄام ساقي جمهوري صف ۾ ڌر ٿي آڏو آيو تنهن دليل جي تسلسل ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ پ پ پ ۾ شموليت ضرور ڪئي پر پنهنجي نظرياتي سياسي موقف کي تنهن بورزوا ڪلچر جو حصو نه بنايو هن پاڻ کي پورهيتن جي هلچل کان پري نه ڪيو نه وري هاري هلچل کان پنهنجو پاڻ کي ڌار سمجهيو، سندس جمهوري سفر ۾سوچ اها رهي جو آخري دور واري سياست ۾ ڪيتريون مذهبي ڌريون جيڪي ماضيءَ ۾ سندس مخالف هيون انهن جي اڳواڻن نه رڳو دوران بيماري اسپتالن ۾ اچي عيادتون ڪيون پر قومي اسيمبليءَ کان سينيٽ تائين گهريل دعا تائين، ڪامريڊ ڄام ساقي ڏانهن مذهبي پارٽين هٿ اڳتي وڌايا هئا ۽ ايوان ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جي عظيم جاکوڙ شاندار جدوجهد کي جيڪا جذبن ۽ جملن جي ڀٽاپيش ڪئي وئي اها تاريخ جو حصو آهي، ڪامريڊ ڄام ساقيءَ ۾ اها سياسي خوبي رهي ته سياسي مخالف جي موقف ٻڌڻ کان ڪڏهن به هٻڪندو نه هو، مخالف سياسي موقف ۽ دليل کي ڪٿي ڪٿي تاريخ جو حصو قرار ڏئي درگذر به ڪري ڇڏيندوهو. اها هڪ جمهوري اڳواڻ جي سياسي ساک ۽ عالمي سُڃاڻپ ۽ خوبي آهي، جيڪا ڪامريڊ ڄام ساقي ۾ هئي، ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جو سفر هڪ تاريخي ڊيموڪريٽڪ سفر آهي، جمهوري نقلابي سفر اهي، جهڙي ريت شيخ اياز چيو آهي ته

”ماڳ نه توڙي ويجهڙو، ويهان ته وهلور،

پرين تنهنجو پور، مون کي رکي پنڌ ۾“.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۵ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

ڪامريڊ ڄام ساقي

ساڻس ٿيل يادگار ملاقات

مهوش عباسي

ڄام ساقي هڪ انقلاب، شعور ۽ آدرش جو نالو آهي، ڪامريڊ ڄام ساقي پنهنجي سموري ڄمار مظلوم قومن، طبقن، هارين ۽ پورهيتن جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ارپي ڇڏي. ڪامريڊ ڄام ساقي جو والد محمد سچل جھنجھي به هڪ آدرشي انسان هو، هن پنهنجي علائقي ۾ تعليم لاءِ جاکوڙيو، پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏياري، هڪ آدرشي شخص جو پٽ به هڪ آدرشي انسان ٿيو، ڪامريڊ ڄام ساقي سڄي علائقي جي ٻارڙن کي پاڻ وٽ رهائي تعليم ڏيندو هو.

ننڍپڻ کان ئي ادب سان به وابسته رهيو. سندس پهرين ڪهاڻي ٽنڊي محمد خان مان نڪرندڙ ٻارن جي ڪتابي سلسلي ’گلشن ادب‘ ۾ ڇپي. ڄام ساقيءَ جا ۷ ڪتاب شايع ٿيا. ڄام ساقيءَ سياسي سرگرمين جي شروعات هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ۱۹۶۱ع ۾ ڪئي. هيءُ پهريون ڀيرو ڪاليج واري زماني ۾ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڪامريد جي جدوجهد ۽ جاکوڙ تمام وڏي آهي.

ان سلسلي ۾ مان هڪ ڀيري ڪامريڊ ڄام ساقي سان ملاقات به ڪئي ۽ ان ڳالهه ٻولهه دوران هن مون سان جيڪي ڳالهيون ڪيون ۽ مون جهڙي طرح ڪامريڊ جي شخصيت کي ڏٺو اهو آءُ لکڻ کان بنا رهي نه ٿي سگھان ۽ اها ملاقات ڪامريڊ جي چاهيندڙن تائين پهچائڻ پنهنجو فرض سمجھان ٿي.

ڪامريڊ هڪ خوش طبعيت انسان هو، چار سال اڳ سندس گھر پهچي مان ساڻس ملاقات ڪئي ان دوران هو شام جي واڪ تي ويل هو، ايتري وقت ۾ ڪامريڊ جي جيون ساٿياڻي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اندازو ٿيو ته ڪامريڊ جيڪي اصول پنهنجي سياست ۾ رکيا، اهي ئي اصول ۽ اها ئي عظيم سوچ سندس گھر ۾ به هئي. واڪ تان واپس اچي ڪامريڊ مون سان مليو، سندس چوڻ هو ته طبعيت ساٿ ڏئي ها ته اڄ به سياست ۾ هجان ها، پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ غريب طبقي لاءِ وسيلا نه رهيا آهن ۽ آءُ هڪ سادگي پسند شخص آهيان، امير طبقي لاءِ آءُ قابل قبول ناهيان پوءِ به ڪوشش آهي ته حياتي جي خاتمي تائين ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪندو رهان، ان ڪري مختلف پروگرامن ۾ ويندو رهندو آهيان مون جهڙي شخص کان هڪ جاءِ تي ويهي سنڌ جي اها صورتحال نه ٿي ڏسجي.

ڪامريڊ ڄام ساقي جا اهي لفظ يقينن بيحد وزن وارا هئا ۽ هو پنهنجي ان قول تي قائم به رهيو، ٻالڪپڻ کان ويندي جواني ۽ پوءِ زندگي جي آخري لمحي تائين سندس جاکوڙ جاري ۽ ساري رهي. ڪامريڊ جا اهي لفظ اڄ به مون کي چٽي طرح ياد آهن، سندس چوڻ هو ته سڄي زندگي ريلن ۽ جيلن ۾ گذاري آهي، اڄ صحت ساٿ نه ٿي ڏئي نه ته اڄ به ڪنهن لاءِ حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪرڻ تي وقت جا يزيد مون کي ڪنهن جيل جي حوالي ڪرڻ ۾ دير نه ڪن ها. ڪامريڊ جي خوش طبعيت ۾ اها به ڳالهه شامل هئي ته هو اڪثر وقت پنهنجي دوستن ۽ پٽن سان به دوست وانگر ڪچهري ڪندو هو جنهن دوران هو کين پنهنجا تجربا ۽ زندگي جا اصول به سمجهائيندو هو، ڪامريڊ اڪثر فرصت جي لمحن ۾ ڪتاب ۽ اخبار پڙهندو هو، جيڪا عادت هن هميشه قائم رکي.

ڳالهه ٻولهه ڪندي ڄام ساقي جو چوڻ هو ته هو پنهنجي سياسي سفر کان مطمئن آهي، سندس سياسي سفر سجايو ويو، منهنجي جدوجهد دوران ون يونٽ ٽٽو، سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ٺهيون، مادري ٻولي ۾ ايم اي ڪرڻ جي اجازت ملي، نوجوان ۽ ٻين ماڻهن جا ذهن سنڌ جي جاکوڙ ۽ عوام جي جائز حقن لاءِ تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسين، اهڙين جاکوڙن ۾ جيل پڻ ڪاٽيا پر ان ڳالهه تي افسوس ناهي ڇو ته اسان کان ڊڄي اسان کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو ان باوجود به پنهنجي جاکوڙ نه روڪي. ڪامريڊ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس ٻي زندگي ملي ته هو ان ۾ به سياست ڪرڻ پسند ڪندو ڇو ته کيس لڳي ٿو سياست ۾ رهي هو سنڌ لاءِ گھڻو ڪجهھ ڪري سگھي ٿو ۽ سنڌ سان سندس عشق هر جنم ۾ اهڙو ئي هوندو. موجوده سياست جي حوالي سان پنهنجا ويچار ونڊيندي ڪامريڊ چيو ته موجوده سياست مطلب واري سياست آهي، اڳ جي سياست عوام جي سياست هوندي هئي، مجموعي طور ماضي واري سياست بهتر هئي پر ماضي ۾ به ڪجھه ماڻهن پنهنجي مفادن ۽ مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ سياست ڪئي، ڪجھ ماڻهن مشهور ٿيڻ لاءِ سياست ڪئي ته وري ڪجهھ دوستن انسان ذات جي ڀلائي لاي سياسي جاکوڙ ڪئي. ڪامريڊ سنڌ جي قومپرست سياست بابت چيو ته اها سياست به مختلف مقصد ماڻڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي، سائين جي ايم سيد اهڙو واحد انسان هو جنهن حقيقي طرح سنڌ لاءِ سياست ڪئي، ماضي ۾ سياست جو استعمال نوجوانن جي بهتري لاءِ ٿيندو هو پر افسوس آهي جو اڄ سياست لاءِ نوجوانن کي استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ نوجوان ڪامريڊ لفظ جي حقيقي مطلب ۽ فرضن کان به واقف ناهن.

جيلُن ۾ گذاريل وقت بابت ڪامريڊ جو چوڻ هو ته آءُ فوجي ڪئمپن ۽ پوليس جي ٿاڻن ۾ باندي بڻيس، فوجي ڪئمپن ۾ سخت ٽارچر ڪيو ويندو هو ان جي ڀيٽ ۾ پوليس گھٽ تشدد ڪندي هئي، هميشه اهو ئي چيو ويندو هو ته قومپرستي واري سياست نه ڪيو. جڏهن مون کي پهريون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو تنهن وقت ۳ نوجوانن مون تي ٽارچر ڪيو، ڪيترا ئي ڦٽڪا هنيا ويا آءُ بلڪل پريشان نه ٿيس پر اهي نوجوان ٿڪجي ويا.

ڪامريڊ چيو ته سياسي سفر ۾ کيس ڪيترائي ڀيرا آڇون ٿيون پر مون ڪڏهن به پنهنجي سياست جو سودو نه ڪيو، ۱۹۶۸ع واري زماني ۾ جڏهن جنرل ايوب خان جو دور هو، مون کي آڇ ڪئي وئي ته آءُ ڪميشن جو امتحان ڏيان مون کي پاس ڪرائي هڪ سال ۾ ڪمشنر ۽ پوءِ سيڪريٽري جو عهدو ڏنو ويندو پر مون اها به آڇ نه قبولي. ڄام صادق علي جڏهن وڏو وزير هو تڏهن به مون کي ڪيتريون ئي آڇون ڪيون ويون پر مون ڪا به قبول نه ڪئي.

ڪامريڊ مون سان سياسي سفر جا دلچسپ واقعا به ونڊيا، سندس چوڻ هو ته جنهن وقت محترمه بينظير ڀٽو دبئي هئي ته ان محترمه کي اي ميل ڪئي هئي ته پاڪستان جو مسئلو بلوچستان واري مسئلي جي حل کانسواءِ حل ڪون ٿيندو ان لاءِ جڏهن محترمه پاڪستان واپس آئي ته هن اچڻ شرط تاج حيدر کي چيو ته ڄام ساقي سان رابطو ڪيو ۽ ملو هو جيئن چئي سندس هدايت تي هلو. ڪامريڊ اهو به ڏسيو ته سائين جي ايم سيد سان سندس اختلاف به ٿيندا هيا پر جي ايم سيد سندس آخري ڏينهن دوران هڪ انٽرويو ۾ چيو ته سندس پسنديده شخصيتن مان هڪ ڄام ساقي آهي جنهن تي کيس خوشي ٿي هئي. پنهنجي پسنديده شخصيتن بابت ڪامريڊ جو چوڻ هو ته سندس پسنديده شخصيتون، مهاتما گانڌي، ڪارل مارڪس ۽ ڀڳت سنگهھ آهن. انهن انسان ذات لاءِ ڪم ڪيو جنهن سبب هو انهن کان متاثر آهي.

زندگي جي يادگار واقعن ۾ ڄام ساقي جو ۱۹۹۱ع ۾ انساني حقن لاءِ ڪمون شهيد کان ڪراچي تائين پيرين پنڌ لانگ مارچ هو، ڪامريڊ موجب اهو مارچ ۳۳ ڏينهن جاري رهيو جنهن ۾ نورالهدا شاهه به شامل ٿي هئي ۽ ان ۾ مطالبا امن ۽ انسانن جا بنيادي حق هئا. مارچ ۾ اسان اهو به چيو ته ڌاڙيل پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪن جنهن بعد ڌاڙيلن مون کي دعوت به ڏني ۽ چيو ته هو هٿيار کڻڻ تي مجبور آهن، هٿيار ڦٽا ڪندا ته وڏيرا اسان کي مارائي ڇڏيندا. پنهنجي سيڪيولر هجڻ تي ڄام ساقيءَ چيو ته ان لانگ مارچ ۾ سنڌي ادبي سنگت وارن شاهه جو رسالو ڏنو، ڊاڪٽر خالد محمود سومري قرآن پاڪ ڏنو، ڪوٽڙي ۾ هندو پنچائت طرفان گيتا مليو، خواجه فريد جو رسالو، مولانا رومي جو ڪتاب ۽ عيسائي برادري بائيبل به ڏنو. لانگ مارچ دوران ماڻهن پاران مليل محبتون ڪڏهن به وسري نه سگهنديون.

آخر ۾ جڏهن منهنجي وڃڻ جو وقت آيو ته ڪامريڊ سان اڄ جي نوجوان سياست بابت ڳالهائڻ کان رڪي نه سگھيس جنهن تي ڪامريڊ چيو ته تعليمي ادارن تي نوجوانن جي سياست تي پابندي وجھڻ غلط آهي، شاگرد تنظيمن کي بحال ڪرڻ گھرجي تعليمي ادارن مان سٺا سياستدان پيدا ٿي سگھن ٿا.

ڪامريڊ جو پيغام سندس سوچ ۽ فڪر هميشه اسان سان رهندو، ڀلي هو اڄ جسماني طور اسان کان الڳ آهي پر سندس سوچ هميشه اسان ۾ موجود رهندي. ڪامريڊ پنهنجي دور ۾ پنهنجي حساب سان سڄي سماج ۾ جوت کي جڳايو. اهڙي باهه ڀڙڪائي جنهن ۾ آزادي ۽ انقلاب جا هزارين لکين پروانا جَلي جَلي اُجالا ڪندا رهيا. سندس وڇوڙي سان هڪ جدوجهد ڪندڙ تاريخ جي پڄاڻي ٿي آهي، ڪامريڊ کي تاريخ هميشه ياد رکندي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۵ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا