; سنڌي شخصيتون: عاجز جمالي، ادل سولنگي، توصيف احمد، رکيل مورائي، غوث پيرزادو، بختاور ڄام ساقي، سارنگ ڄام، مهوش عباسي،
Showing posts with label عاجز جمالي، ادل سولنگي، توصيف احمد، رکيل مورائي، غوث پيرزادو، بختاور ڄام ساقي، سارنگ ڄام، مهوش عباسي،. Show all posts
Showing posts with label عاجز جمالي، ادل سولنگي، توصيف احمد، رکيل مورائي، غوث پيرزادو، بختاور ڄام ساقي، سارنگ ڄام، مهوش عباسي،. Show all posts

16 June, 2018

ڪامريڊ ڄام ساقي

ڪامريڊ ڄام ساقي

تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي

سر بزم یار چلے گئے

عاجز جمالي



ماڻهوءَ کي سمجهڻ لاءِ حياتي ڪافي نه ٿي رهي پر عشق کي سمجهڻ اڃا به اوکو ڪم آهي. عشق کي سمجهڻ لاءِ زمانا گهرجن ٿا، ڪيئي زندگيون گهرجن ٿيون. هُو جيڪو هڪ ماڻهو هو، پر تاريخ لاءِ هُو هڪ مونجهارو ثابت ٿيو، هُو تاريخ کي ڇرڪائيندو رهيو. هُو عاشق هو ته لکين ماڻهن جو محبوب به هو. هُو صوفي هو لا ڪوفي هو، هُو مرشد هو ته سندس هزارين مريد هئا. هُو باغي هو ته هن سنڌ ۾ هزارين باغي پيدا ڪيا. هُو انقلابي هو، هُو اڏول هو، هُو شاعر هو، هُو صحافي هو، هُو پورهيت به هو ته پورهيت اڳواڻ به هو. هُو ڀٽائيءَ جو سر کاهوڙي هو ۽ چوندو هو ته،

نه ڪا ڪن فيَڪون هئي نه ڪو لڱ لحم

بنيو هو نه بت ۾، اڃا ڪي آدم،

مون توهين سين سڱ، اها ساڃاءِ سپرين (شاهه)