ڪامريڊ ڄام ساقي
تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي
سر بزم یار چلے گئے
عاجز جمالي
ماڻهوءَ
کي سمجهڻ لاءِ حياتي ڪافي نه ٿي رهي پر عشق کي سمجهڻ اڃا به اوکو ڪم آهي. عشق کي
سمجهڻ لاءِ زمانا گهرجن ٿا، ڪيئي زندگيون گهرجن ٿيون. هُو جيڪو هڪ ماڻهو هو، پر
تاريخ لاءِ هُو هڪ مونجهارو ثابت ٿيو، هُو تاريخ کي ڇرڪائيندو رهيو. هُو عاشق هو
ته لکين ماڻهن جو محبوب به هو. هُو صوفي هو لا ڪوفي هو، هُو مرشد هو ته سندس
هزارين مريد هئا. هُو باغي هو ته هن سنڌ ۾ هزارين باغي پيدا ڪيا. هُو انقلابي هو،
هُو اڏول هو، هُو شاعر هو، هُو صحافي هو، هُو پورهيت به هو ته پورهيت اڳواڻ به هو.
هُو ڀٽائيءَ جو سر کاهوڙي هو ۽ چوندو هو ته،
نه ڪا ڪن
فيَڪون هئي نه ڪو لڱ لحم
بنيو
هو نه بت ۾، اڃا ڪي آدم،
مون
توهين سين سڱ، اها ساڃاءِ سپرين (شاهه)
