; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر عطا محمد حامي

07 June, 2018

ڊاڪٽر عطا محمد حامي

ڊاڪٽر عطا محمد حامي

ابراهيم  لاشاري



عشق سڏيو لبيڪ چئي دل پنهنجي لٽائي ويٺاسون

هوش حواس ۽ عقل جون پاڙون پاڻ پٽائي ويٺاسون

سنڌ امڙ جي ڪنهن به شهر، وستي، واهڻ، ڳوٺ، شهر تي ڌيان ڌربو ته هر هڪ هنڌ املهه ماڻڪ موتي پيو جرڪندي نظر ايندو سونهاري سنڌ جي خيرپور رياست ڏانهن نگاهه ڊوڙائبي ته ڪيترن ئي اديبن، عالمن، فاضل، محققن، شاعرن، اديبن، دانشورن جي موتين مالها لڙي ٽم ٽار لڳي پئي آهي اهڙو موتي داڻو ڳوٺ سوهو ڪناسرا جي نيڪ مرد انسان قائم الدين سوهو جي گهر ۾ سنڌي ادب جو جرڪندڙ ستارو ڊاڪٽر پروفيسر عطا محمد حامي پهرين جنوري سال ۱۹۱۹ع اربع جي سڀاڳي صبح پرهه ڦٽي مهل اکيون کوليون خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏجي جي ڳوٺ سوهو ڪناسرا جي پرائمري اسڪول کي اهيو اعزاز حاصل آهي ته عطامحمد حامي جهڙي شخصيت ان پرائمري اسڪول منجهان والدين جي اسرار تي پڙهي پنج درجا پاس ڪيا، وڌيڪ تعليم جي سلسلي ۾ والدين کيس خيرپور شهر جي ناز هاءِ اسڪول منجهه داخل ڪرايو جتان هن محنت سان مئٽرڪ جو امتحان سال ۱۹۴۱ع ڌاري بهترين نمبرن ۾ پاس ڪري ورتو، عطامحمد حامي صاحب تعليم جي پروڙ لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيو جتان هن سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي جهڙي بهترين تعليمي اداري منجهان انٽرجو امتحان سال ۱۹۴۶ع ڌاري پاس ڪري ڊگري حاصل ڪئي، جنهن بعد عطا محمد حامي صاحب سرڪاري ملازمت (پي ڊبليو ڊي) کاتي ۾ سرڪاري نوڪري سان سلهاڙجي ويو ٿوري عرصي دوران ان نوڪري منجهان هٿ ڪڍي درس تدريس جي شعبي سان ناتو لڳي ويس پوءِ هو پڙهائڻ لاءِ ناز هاءِ اسڪول خيرپور جي لقمان شاخ ۾ استاد ٿي پڙهائڻ لڳو ان کان علاوه هن فيض گنج، ۽ گمبٽ هاءِ اسڪولن ۾ پڻ پنهنجا فرض سر انجام ڏنا تنهن بعد عطا محمد حامي جون خدمتون وٺڻ لاءِ سندس (ٽرينگ ڪاليج فار مين) خيرپور ڏانهن بدلي ڪئي وئي جتي هو نهايت ايمانداري سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، ان نوڪري سان سلهاڙيل هجڻ دوران هن ذهين انسان گريجوئيٽ، بي ٽي ۽ پوسٽ گريجوئيٽ جهڙيون ڊگريون پڻ حاصل ڪري سال ۱۹۵۳ع ڌاري هن سرڪاري نوڪري کي الوداع چئي استعيفي ڏئي نوڪري مان هٿ ڪڍي ڇڏيا، عطا محمد حامي صاحب سياست کي اوليت ڏيندي سياست ۾ پير پاتو ۽ ڪوٽڏجي جي تڪ منجهان ميمبر ليجسليٽو اسمبلي جي حيثيت سان خيرپور رياست جي چونڊن ۾ حصو وٺي تمام وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيائين سال ۱۹۵۵ع ڌاري ون يونٽ لاڳو ٿيڻ بعد رياستي حيثيت ختم ٿي پئي جنهن سبب عطا محمد حامي جي ميمبرشپ (گل ٿي وئي) نه رهي، عطا محمد حامي وري تعليم کاتي سان سلهاڙجي سنڌي ادب جو هالا ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو بعد ۾ بدلي ٿي وري ممتاز ڊگري ڪاليج خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار واري عهدي تي ڪم ڪندو رهيو، ڪجهه عرصي لاءِ سکر، شڪارپور، ۽ ٽنڊي محمد خان ڪاليجز ۾ به پنهنجا فرض اسٽنٽ پروفيسر طور ادا ڪندو رهيو عطامحمد حامي صاحب سال ۱۹۵۵ع ڌاري ايران، عراق، شام، ۽ بيت المقدس جون زيارتون پڻ ڪري آيو هو، عطا محمد حامي پاڻ هڪ بهترين نثر نويس پڻ هيو تنهن کان علاوه هي ناليوارو شاعر پڻ هيو شاعري جا گر پنهنجن استادن ۾ استاد غلام نبي  مخمور ۽ غلام علي احمد  نظاماڻي جن کان سکيا، سندس شاعري ۾ پهريان پهريان تخلص (عطا بعد ۾ گرامي ۽ پڇاڙي ۾وري حامي) اختيار ڪيائين عطا محمد حامي شاعري ۾ ڪهڙا نه سهڻا ٻول چئي ٻڌائي ٿو پاڻ چوي ٿو ته


عشق سڏيو لبيڪ چئي دل پنهنجي لٽائي ويٺاسون

هوش حواس ۽ عقل جون پاڙون پاڻ پٽائي ويٺاسون

عطا محمد حامي صاحب هڪ بي مثال شاعر ٿي گذريو آهي هن شاعري جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو جڏهن ته سندس شاعري جو مجموعو (حامي جو ڪلام) جي نالي سان جڳ جڳ مشهور ٿيو سندس شاعري جي فن پختگي پڻ لاجواب نظر ايندي هئي هو حسن پرست شاعر هو ۽ مذاق جو به ڪوڏيو هوندو هيو سندس چهري تي ابدي مرڪ هميشه نظر ايندي  هئي حامي صاحب اسان کي شاعري واري زبان سان سمجهائي ٿو ته

حامي ٿيا سون دور نظر کان ته ڇا ٿيو

دل کان اسان کي دور رکي ڪير نه سگهندو

عطا محمد حامي صاحب مختلف ٻولين منجهه پنهنجي شاعري جو جادو جاڳايو انهن ۾ سنڌي، سرائڪي ۽ اردو زبان ۾ غزل گوئي ۾ بهترين شاعري ڪري داد حاصل ڪيائين

سنڌ جو هي ناليوارو شاعر، اديب محقق، عالم، پروفيسر عطا محمد حامي صاحب ملازمت جي پڇاڙي واري زماني يعني سال ۱۹۷۸ع ڌاري سنڌ جي ڏاهي اديب، محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا جي نگراني منجهه سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري منجهان (خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو) جي عنوان تي پي ايڇ ڊي جي اعلي ڊگري حاصل ڪئي عطا محمد حامي جو اهو تحقيقي مقالو سال ۱۹۹۴ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، هن ناليواري اديب جون ادبي، علمي خدمتون هميشه ساراهه جوڳيون رهنديون هي ان زماني ۾ مختلف اخبارن، رسالن، ميگزن ۾ مختلف عنوانن تي مضمون ۽ مقالا لکي سنڌي ادب کي آسودي ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ رڌل نظر ايندو هو عطامحمد حامي کي درازان جي درويش منصور ثاني حضرت سچل سرمت رح سان بي پناهه محبت ۽ عقيدت هوندي هئي ۽ سندس حضرت سچل سرمت جي سوانح ۽ فن ۽ فڪر تي جديد نموني جي تحقيق سان زبردست ڪم ٿيل آهي عطا محمد حامي صاحب جي ادبي پورهئي ۾ سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪافي ڪتاب زينت بڻيا جن ۾ ثمر حيات، منصور ثاني سچل سرمت، درازان جا درويش، سنڌي ڪلاسيڪي شاعري، نينهن جا نعرا، وکريل موتي، حامي جو ڪلام، خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو (پي ايڇ ڊي لاءِ لکيل مقالو) قابل ذڪر آهن.

عطا محمد حامي صاحب کي سال ۱۹۸۱ع ڌاري  مڪي، مديني جي زيات ڪرڻ جي  سڪ لڳي ان وقت سکر جي ڪمشنر جي مدد سان هن حج جي سعادت پڻ ماڻي، حامي صاحب پنهنجي زندگي ۾ هميشه غريبن، يتيمن، بي سهارن جي مدد ڪندي زندگي وقف پڻ ڪئي هو سماج سڌارڪ انسان هو هو هر وقت پنهنجن پرائين جي مسئلن حل ڪرڻ جي جستجو ۾ نظر ايندو هو هي سنڌ جو ڏاهو اديب پروفيسر سرڪاري نوڪري ڪرڻ واري عمر جي مدت پوري ٿيڻ تي ممتاز ڪاليج خيرپور منجهان ايسوسيئيٽ پوروفيسر جي عهدي تان ۳۱ڊسمبر سومر ڏينهن  سال ۱۹۷۹ع رٽائر ٿي ويو .

عطا محمد حامي هميشه پنهنجي زندگي علمي صلاحيت حاصل ڪرڻ ۽ سماجي ڪمن ۾ وقف ڪندي گذاري سنڌ جو هي بهترين اديب، شاعر، محقق، زندگي جي آخري حصي ۾  پتي جو ڪينسر جهڙي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو مرض کيس زندهه رهڻ نه ڇڏيو زندگي سندس ساٿ نه ڏنو آخر ڪار زندگي جون سموريون ادبي، علمي، سماجي خدمتون ختم ڪري ۳ جون سال ۱۹۸۲ع خميس جي ڏينهن سمورن اديبن ۽ گهر وارن کان موڪلائي زندگي جا ۶۳ سال ۵ مهينا ۽ ۲ ڏينهن گذاري هميشه لاءِ راهه رباني ٿي وڃي ابدي آرامي ٿيو. سندس اڄ ۳۶ ورسي ڳوٺ سوهو ڪناسرا ۾ ملهائي ويندي سنڌ جا اديب سندس زندگي ۽ سماجي، ادبي ڪمن ۽ فن ۽ فڪر تي روشني وجهندا، سندس نموني طور شعر عرض ڪجي ٿو

ڪنهن سان به ڪائنات ۾ ڪلفت نٿا رکون.

مذهب اسان جو آهه محبت خدا گواهه

خالق کي خوش رکڻ جو سليقو اهو اٿئي

خادم ٿي عام خلق جو خدمت جي ڳالهه ڪر

جت ڪٿ رڍن جي روپ ۾ آهن بگهڙ لڪل

ڪيڏا بشر جي روپ ۾ شيطان ڏسان ٿو اڄ.


عطا محمد حامي

مگر ياد رکندو اسان کي زمانو

آصف نظاماڻي

۲۶ نومبر نومبر ۲۰۱۷ع (آچر) جي شامَ خيرپور جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ سوهو ڪناسرا رنگن ۽ روشنين سان جڳمڳائي رهيو هو. اها سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر، محقق، تعليمدان، سماجي رهنما ۽ مٺڙي ماڻهوءَ ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي ۳۵ هين ورسي تقريب واري شام هئي. حاميءَ جي پروقار مزار ۽ ان جي سامهون اسٽيج ۽ وسيع پنڊال روشنين جي ساٿَ ۾ هڪ سُهانو ڏيک ڏئي رهيو هيو. سنڌ جي مختلف شهرن کان ”حاميءَ جي مٺڙن“ جي آمد جو سلسلو جاري هُيو ـــ اسٽيج جي مُک بينر تي حاميءَ جي مُرڪندڙ تصوير جي ڀرسان سندس شعر مرڪي رهيو هو:

بدن  مان  روح  نڪري  ٿو  سگهي  ”حامي“ مگر سِرَ مان

ڪڏهن ممڪن نه ٿي سگهندو جي خوداريءَ جو خُو نڪري

شامَ جو حاميءَ جي مزار تي گُلن جي چادر چاڙهي ادبي ڪانفرنس جو آغاز ڪيو ويو. اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض نامياري ڪمپيئر ۽ شاعر ياسر قاضيءَ ادا ڪيا. حامي يادگار ڪاميٽي خيرپور ۽ سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي سهڪار سان منعقد ٿيندڙ ورسي تقريب جي ادبي ڪانفرنس واري نشست جي پريزيڊيم لاءِ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلاني، نامياري اسڪالر تاج جويو، نامياري شاعر ايازگل، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نامياري شاعر احمد سولنگي، ميمبر قومي اسيمبلي نواب خان وساڻ، پروفيسر سراج سوهو، ايس ايس پي خيرپور غلام اظفر مهيسر، ڊپٽي ڪمسنر خيرپور ۽ چيئرمين حامي يادگار ڪاميٽي خيرپور محمد نواز سوهو کي اسٽيج تي ويهاريو ويو.

حامي يادگار ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽري لعل بخش منگي، حاميءَ جي فرزند ۽ يادگار ڪاميٽيءَ جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نصير حاميءَ کي پڻ ميزبان جي حيثيت سان اسٽيج تي ويهاريو ويو. مهمانن کي اجرڪ جون سوکڙيون ڏيڻ کان پوءِ لعل بخش منگي، قربان منگي، ڊاڪٽر نصير حامي ۽ امر اقبال جي محنتن جو ثمر تحقيقي جرنل ”حامي ـــ ۸“ ۽ ”حامي سووينئر ــــ ۱۱“ جو تاڙين جي گونج ۾ مهورت ڪيو ويو . تنهن بعد سالن جي روايت موجب مختلف شعبن ۾ ”حامي ايوارڊ“ ڏنا ويا.

حامي ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ تاج جويو (بهترين مقالا نگار)، خواجا ذوالفقار (بهترين شاعر)، شازيه ماروي (بهترين راڳي)، آصف نظاماڻي (بهترين ڪارڪن)، پروفيسر عزيز اڄڻ (بهترين تعليمدان) ۽ منٺار بگٽي (بهترين ملهه پهلوان) شامل رهيا.

تنهن بعد مقالن جي نشست شروع ٿي. مقالن واري نشست ۾ ابراهيم کرل، ڊاڪٽر مهر خادم، پروفيسر سلام شيخ، حزب الله آءِ سومرو حاميءَ جي فن، فڪر ۽ ادبي خدمتن جي حوالي سان مقالا پڙهندڙ ـــ گڏوگڏ هلندڙ مشاعري جي نشست ۾ سجاد ميراڻي، خالد راڄپر، آصف علي آصف، خواجه ذوالفقار، رحمت ڪمال ۽ ٻين شعرن ۾ حاميءَ کي منظوم خراج پيش ڪيو.

اسٽيج تي ويٺل معزز مهمانن مان نامياري شاعر ۽ محقق تاج جويي چيو ته حامي هڪ خوددار شاعر هيو، هو هر محاذ تي مظلومن جي پاسي نظر اچي ٿو، سندس شاعريءَ ۾ منفرد ميٺاڄ سمايل آهي. هو سچل سرمست جو عقلي شارح آهي، جنهن وڏي واڪ چيو ته سچل ستن نه پر چئن ٻولين سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ فارسي جو شاعر آهي.

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيلانيءَ چيو ته حامي اڻ سڌي طرح منهنجو استاد هيو پر ساڻس محبت ۽ عقيدت جو رشتو جڙيل هيو، هو اعليٰ پائي جو اديب شاعر ته هيو ئي پر خيرپور رياست جي زماني ۾ خيرپور ليجسليٽو اسيمبليءَ جو اڪثريت سان ميمبر به چونڊيو ۽ اتي قائد حزب اختلاف جو ڪردار ادا ڪيائين. خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن جو سياست، ثقافت ۽ ادب ۾ حصو جي موضوع تي لکيل سندس تحقيقي ٿيسز، وڏو ڪم آهي.

نامياري شاعر ايازگل چيو ته حامي وڏو ليکڪ ۽ وڏو ماڻهو هيو. هن عام جي دلين ۾ جايون جوڙيون. سندس غزل جميعت الشعراء جي دؤر کي اورانگھي جديد دؤر ۾ داخلا حاصل ڪئي ۽ هن پنهنجي مٺي ٻوليءَ ذريعي سنڌي شاعريءَ ۾ الڳ ڇاپ ڇڏي.

سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل نامياري شاعر احمد سولنگيءَ چيو ته حاميءَ جي شاعري روايت ۽ جدت جو حسين سنگم آهي. سندس غزل، تغزل، تشبيهن ۽ رس رچاءَ سان ڀرپور آهن. سندس رُباعيون ۽ قطعا سماجَ تي هڪ طنز ۽ چوٽ وانگر آهن ۽ سندس نطم به اعليٰ پائي جا آهن.

قومي اسيمبلي جي ميمبر نواب خان وساڻ چيو ته سماجي خدمت حاميءَ جي سڃاڻپ هئي، هن خيرپور ۾ تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ به وڏي جاکوڙ ڪئي اسين سندس نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ۾ آهيون.

حاميءَ جي فرزند ڊاڪٽر نصير حاميءَ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته حاميءَ جون سڀئي اڻ ڇپيل تحريرون ۽ شاعري ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪندا هلون ته جيئن نئون نسل ان کان آگاهه ٿي سگهي.

ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جي نشستن کانپوءِ هزارين مهمانن کي رات جي پر تڪلف ماني کارائي وئي. تنهن بعد راڳ رهاڻ جي نشست شروع ٿي. راڳ رهاڻ جي نشست ۾ استاد عبدالغفور سومرو، ديبا سحر، عاشق نظاماڻي، شهنيلا علي، سليم رضا ڪنڀر، جنسار سمون ۽ رخسانه ماروي حاميءَ جا مشهور غزل ”نه ڪر ناز ايڏو جوانيءَ تي جاني“، ”مليو ڪنهن جي اک جي اشارن جو ڌوڪو“، ”تنهنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري“، ”سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو“ سميت ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي، مقصودگل، امر اقبال ۽ ٻين شاعرن جو ڪلامُ ڳائي پرهه ڦُٽيءَ تائين محفل کي مهڪايو.

ٻئي ڏينهن ۲۷ نومبر ۲۰۱۷ع سومر جي شامَ حاميءَ جي مزار جي آڳر ۾ ئي سنڌ جي روايتي راند ملاکڙو ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ملهه پهلوانن حصو ورتو. ڪامياب پهلوانن کي انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.


 

پروفيسر استاد عطا محمد حامي

شاعر، اديب، تعليمدان ۽ محقق

استاد عطا محمد حامي جو شمار سنڌ جي استاد شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هو نه رڳو شاعري ۾ استاد تسليم ڪيو ويندو آهي پر درسي تعليم ۾ پڻ پاڻ بحيثيت استاد، ليڪچرر ۽ پروفيسر جي عهدي تي پهتا.

سندس پيدائش جنوري ۱۹۱۹ع ۾ خيرپور رياست جي ننڍڙي ڳوٺ سوهو ڪناسرا ۾ ٿي. تعليم ناز هاء اسڪول خيرپور مان حاصل ڪيائون ۽ پوء استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائون. پاڻ پهريان عطا پوء حامي ۽ آخر ۾ ڊي فل ڪري ڊاڪٽر بڻيا. ۱۹۵۵ع ۾ خيرپور رياست جو وجود ختم ٿيڻ وقت انهي آخري اسيمبلي جا ايم ايل اي رهندڙ حامي صاحب سائيڪل تي اليڪشن مهم هلائي وڏي اڪثريت سان سيٽ کٽي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جا اڳواڻ بڻيا. شهيد ذولفقار علي ڀٽو جو چاهيندڙ حامي سندس بهارين کي سنڌ ۾ آڻڻ واري اعلان تان ڀُٽي تي تنقيد ڪندي چيائين:

ڏسون ٿا ڪم تنهنجا ڀٽڪا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا

پر حاميء جو ظرف ته ڏسو جو جڏهن ڀُٽي کي ڦاهي جو حڪم ٿيو ته پاڻ چيائون:

منصور زماني جو چڙهي ٿو ڦاهي

يا بينظير شهيد لاء چيائين:

ڪمزور نياڻيء کان ڊڄي ٿي جنتا

پاڻ ڪيترا ئي ڪشالا ڪري خيرپور جي تاريخ لکيائون، سندن پي ايڇ ڊي جو موضوع به خيرپور ئي هيو. پاڻ سچل جي فارسي مثنوي جو سنڌي ترجمو ڪيائون.حامي صاحب کهڙن جي مخدوم شهيدن تي تحقيق ۽ روحل فقير جي باري ۾ کوجنا پڻ ڪئي. پاڻ مير علي نواز ناز جي شاعري جي ترتيب به ڏنائون. انکانسواء پاڻ خيرپور جي مختلف قبيلن تي ڪتاب لکيو. جيڪو سندس شاگرد مقصود گل ڇپايو جنهن جو نالو آهي “وکريل موتي”.  

سندس شاعري علم عروض جي پابندين هيٺ پختي شاعري آهي۔ جيتوڻيڪ ڪجه وقت فارسي اثر واري شاعري پڻ ڪيائون۔ ڊاڪٽر تنوير عباسي موجب “حامي صاحب جي شاعري جو ٽيون دور ۱۹۶۲ع کان شروع ٿيو جڏهن فارسي نمونو ڇڏي سليس سنڌي غزل چوڻ شروع ڪيا” پاڻ شعر چيائون ته :

ڦٽا ڪر وصل و هجر جا سمورا داستان

ادا سارا سڻائج انقلابي داستان هاڻي

حامي صاحب جي جي نظر وسيع هئي، سندس مطالعو گهرو هو ۽ سندس نگاه سنڌ جو طواف ڪندي رهندي هئي۔ پاڻ ۳ جون ۱۹۸۲ع تي وفات ڪيائين

گهڻا منهنجا مٺڙا منٺار ماڻهون

دغاباز نڪرن ٿا دلدار ماڻهون

 

هنن جي ئي دم سان زمانو هلي ٿو

نه سڏ عشق وارن کي بيڪار ماڻهون

 

ٻڌائي مٺا ٻول حامي هليو ويو

هيو ڏاڍو مٺڙو مزيدار ماڻهون

 

 

ڊاڪٽر عطا محمد حامي

دادا سنڌي

سال ۱۹۶۶ع جو زمانو هيو. مهينو ياد ناهي. ڪوئينس روڊ سکر تي حافظ خير محمد اوحدي مرحوم جي سنڌي زميندار پرنٽنگ پريس هوندي هئي. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي سان گڏ، اوحدي صاحب سان ويٺي ڪچهري ڪئيسون ته هڪ سنهو، سيبتو، ڏاڙهي صاف، ڪاري جناح ڪئپ، سفيد سلوار قميص ۽ سنڌي ڳوٺاڻي جُتي سان همراهه کلندو ٽهڪندو اچي پهتو. سڀ تعظيماً اٿي بيٺا سون. ڊاڪٽر صاحب چيو ته ”عطا محمد حامي“ مون چيو؛ داداسنڌي. پاڻ کلي ”مٺڙا“ چئي کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائون. ڄڻ صدين جا سونهان هئاسون. تمام گهرو ٿي ويو. ڏاڍو قرب ڏنائين. ساڻس اها پهرين ملاقات هئي. ٻئي دفعي ۱۹۶۷ع ۾ اسلاميه ڪاليج جي سنڌي ادبي سوسائٽي طرفان ڪوٺايل هڪ فنڪشن ۾ ملياسين. مون کي چيائين ته ” تو ڪهڙو مضمون لکيو آهي“ مون چيو ته ”سائين وقت ڪونه مليو، مضمون لکي نه سگهيم. چيائين ته ”تو کي به ٽائيم جي ضرورت آهي، بس قلم کڻ ۽ لک.“ مون سوچيو ته حامي صاحب مون مان ايڏو ڀروسو ڪيئن ٿو ڪري سگهي. ڇو ته ما انهن ڏينهن ۾ سيکڙاٽ هوس. نئون نئون ميدان ۾ آيو هيم. صرف روزانو مهراڻ ۽ اديون ۾ ڪچا، ڦڪا مضمون لکندو هوس. ايڏو ته ڪو ادبي ٽڪر ڪونه ٽاڪيو هوم ۽ ٻاراڻي کاتي ۾ داخل هوم. قلم ۾ ايڏي برجستگي ۽ پختگي به ڪانه هئي جو، بس لکڻ جي دير هئي. پر پوءِ خبر پئي ته حامي صاحب، سنڌ جي هر نوجوان مان اها توقع رکندو هو ته هو سٺو اديب، وڏي ذهنيت ۽ اعلى سوچ رکندڙ آهي. هو سنڌي نوجوان کي سنڌ جي روشن مستقبل جو ضامن سمجهندو هو ۽ سنڌي ٻولي جي درخشان آئيندي لاءِ نئين نسل کي لکڻ پڙهڻ لاءِ همٿائيندو هو. هن کي يقين هو ته سنڌي نوجوانن ۾ خوبي به آهي ته صلاحيت به، ڏاهپ به آهي ته ڏانءُ به، ضرورت صرف رهنمائي جي آهي ۽ هو هڪ سٺو گائيڊ جي به هو. حامي صاحب وڏو فراخ دل، وڏي دل وارو ۽ سٺي شيءَ پرکي، ان کي داد ڏيڻ وارو هو. هو نوجوانن کي دل سان چاهيندو هو. انهن سان ” گاهل ماهل “ ٿي ويندو هو. سندس همت افزائي ڪندو هو ۽ قرب ونڊيندو هو. ڀاڪر پائيندو هو ۽ ڳلي لائيندو هو. مٿين فنڪشن پوري ٿيڻ کان پوءِ، ماني لاءِ هوٽل ڏانهن هلڻ شروع ٿيو. پاڻ مون سان گڏ هليا، ڳالهائيندا هليا ۽ مون سان ويهي ماني کاڌائون ۽ سٺا سٺا ائٽم سوري مون کي ڏيندا ويا ۽ چوندا رهيا ته ” مٺڙا، هتان کاءَ“ ائين جيئن ڪو وڏو پنهنجي ننڍڙي کي شفيقانه لهجي ۾ چوي. مان ڀانيان ٿو ته ساڻس اهي ٻه ملاقاتون ٿيون پر ڏاڍي پياري ماحول ۾ ۽ پوءِ مان سندس قرب ۽ محبت جي سڳي ۾ ٻڌجي ويس. بس رتي جي رهاڻ جي ڏايم جت سين.

حامي صاحب وسيع القلب، زندهه دل ۽ ظريفانه مزاج هو. جتي ويٺو اتي پنهنجي شگفته مزاجي ۽ زندهه دلي سان محفل کي رونقدار بنائي ڇڏيندو. پوءِ ادبي ڪچهري هجي، مشاعرو هجي يا ٻي ڪا نجي محفل. هڪ دفعي مٿين فنڪشن ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي صاحب گيت پڙهيو. شايد ٻول هن طرح هئا.

”مون کي تنهنجي تات او ساجن، مون کي تنهنجي تات“

صدارت ڊاڪٽر محمد علي قادري پئي ڪئي، جيڪو تن ڏينهن ۾، سنڌ يونيورسٽي ۾ عربي جو استاد هو. ”مجيد ۽ شاعري“ حامي صاحب دانهن ڪئي، کلي کلي کيرو ٿي پيو ۽ ڊاڪٽر ميمڻ صاحب به مشڪندو رهيو. بعد ۾ چيائين ته ”ڊاڪٽر مدد علي کي منٿ ڪريون ته هو هر هر اچي ته جيئن مجيد شاعري ڪندو رهي.“ حامي صاحب ڪيڏي به وڏي ماڻهو کي سچ اهڙي نموني کلندي ۽ پياري انداز ۾ چوندو هو، جو اڳلو مائينڊ بلڪل نه ڪندو هو. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته ڪنهن مشاعري ۾، غالب سنڌ حضرت فيض بخشاپوري قدس سيرت گوهر افشان هجي. پنهنجي روايتي انداز موجب غزل پئي پڙهيائون. غالب صاحب جي ٻولي جي ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته ” پاڻ سٺا فارسي دان آهن. حامي صاحب دل کولي پئي داد ڏنو، هر مصرعي تي واهه واهه ڪندي ڪرسي تان اٿي پئي بيٺا. جڏهن فيض صاحب آخري سٽ پڙهي غزل پورو ڪيو، ته حامي صاحب چيو ته ” سائين! هاڻي هڪ سنڌي غزل به ٿي وڃي. “ فيض صاحب وراڻيو ته ” هي ڇا ٻڌوئه “ ته حامي صاحب ٺهه پهه جواب ڏنو ته ” هي سنڌي غزل هو مهرباني مهرباني“ ۽ اهو اهڙي ته پياري انداز ۾ چيائين جو، فيض صاحب کلي ڏنو ۽ مشڪندو رهيو.

حامي صاحب سچل سرمست جو وڏو عقيتمند، جان فدا پوئلڳ ۽ فنا في الشيخ جي درجي تي رسيل هو. قاضي علي اڪب کان پوءِ، هن ماڻهو کي سچل جي محبت ۾ مست ڏٺم. هو سچل جي ڪافين کي، غزل سڏڻ تي چڙي پوندو هو ۽ چوندو هو ته اهو سچل جي فن ۽ شاعري ۾ سچل جي مهارت ۽ عظمت سان ظلم ٿئي ٿو. سندس مضمون ”سچي سان گڏ ڪچو ڪلام“ پڙهي مون کي سندس وسيع مطالعي تي رشڪ ايندو هو. ”منصور ثاني جو مقدمو“، ”سچو ادب ۾“ به سندس وڏي اهميت رکن ٿا ۽ هن سچل جي فارسي مثنوين جو، سنڌي ۾ ترجمو، فارسي زبان ۾ مهارت ۽ سنڌي شاعري جي مثنوي صنف تي تدرس رکڻ جو زندهه ثبوت آهي. ته اسان هي مکڻ جهڙو ماڻهو وڃائي ڪيڏو نه سور سٺو آهي ۽ سچل جي فن ۽ فڪر کي پرجهڻ وارو هڪ دانشور وڃائي چڪا آهيون.

بهرحال مٺو ڳالهائڻ ۽ حرفن تورڻ وارو ماڻهو هميشه لاءِ اسان کان هليو ويو. مون ته ائين ڪونه ڄاتو هو ته هي گڏ ماني کائڻ وارو، دلبر محسن مون کي ڪو اڪيلو ڇڏي هليو ويندو. هو اسان جو ساٿي، اسان جو سونهون. استادن جو وڏو، سڀ ۾ پرين ڏسڻ وارو، اسان کي ڇورو ۽ سنڌي ادب کي ” ڇورو ڇنو “ ڪري هليو ويو. اڄ حامي مرحوم اسان ۾ ڪونهي، پر سندس ڳالهيون، ياد ڪري هينئڙو پيا خوش ڪريون. اها يادگيري حامي جي اسان لاءِ قيمتي اثاثو آهي. اي اسان جا استاد اسان توکي وساريو نه آهي.

ياد ڪيندين حامي کي، اي يار مرڻ کان پوءِ،

جيڪو توکي، قرب جون ڳالهيون ڪلجڳ ۾ ٻڌائي ٿو.

(۱ اپريل ۱۹۸۸ع )

 

(سڄڻن ۽ ساڻيھ جون ساروڻيون تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا