; سنڌي شخصيتون: گوبند پنجابي

15 June, 2018

گوبند پنجابي


گوبند پنجابي
سنڌي ڪهاڻي جو پهريون ترقي پسند ليکڪ
حسيب ناياب منگي
۱۴ آگسٽ ۲۰۰۹ع واري روزانه ڪوشش اخبار ۾ اها خبر پڙهي ڏاڍو افسوس ٿيو ته ”سنڌي ٻوليءَ جو ترقي پسند ليکڪ گوبند پنجابي لاڏاڻو ڪري ويو“ سرڳواسي جو شمار سنڌ ۽ هند جي ناميارن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿيندو هو، هو شڪارپوري هو ورهاڱي جي وڍن جو شڪار ته ٻين جيان هو به ٿيو پر جلاوطن سڏرائڻ بدران هن جي من اندر اهو وشواس قائم رهيو جنهن جو اظهار به پاڻ ڪري ويو هو ته ”جهڙي آيس جيئن، تهڙي وينديس تيڏانهن“!


گوبند پنجابي ۱۷ ڊسمبر ۱۹۱۸ع تي شڪارپور ۾ ڄائو، ۱۹۲۴ع ڌاري تعليم پرائڻ واسطي وڏڙن کيس هڪ ”اوجهي“ ۾ ويهاريو. اوجها شڪارپور ۾ اهڙن خانگي اسڪولن کي چيو ويندو هو جيڪي شڪارپوري هندن جا قائم ڪيل هوندا هئا، انهن اوجهن اندر ٻارن کي ڌرمي ۽ واپاري تعليم ڏني ويندي هئي. ان اوجهي واري معلم جي سخت رويي گوبند پنجابيءَ کي هڪ هفتو به مس ٽِڪڻ ڏنو، مائٽن کيس ”سناتن ڌرم سڀا“ جي هڪ پاٺشالا واري اسڪول ۾ ويهاريو ويو جتان پرائمري تعليم مڪمل ڪيائين ته کيس ”پريتم ڌرم سڀا اسڪول“ (هن اسڪول جو شمار شڪارپور جي مشهور اسڪولن ۾ ٿيندو هو، جنهن جو بنياد ۱۸۸۹ع ڌاري پنڊت پريتم ديو شرما ۽ هري ولڀ شرما وڌو هينئر پريتم ڌرم سڀا اسڪول جي عمارت ۾ گورنمينٽ شاهه لطيف هاءِ اسڪول هلي رهيو آهي) ۾ ويهاريو ويو جتي ڀوڄراج ناگراڻي وٽ تعليم حاصل ڪري رهيو هو ته سندس پتا ديهانت ڪري ويو، جنهن کانپوءِ تعليم ڏانهن گهٽ پيٽ پالڻ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيندي کيس دڪان تي بيهاريو ويو.
گوبند پنجابي پنهنجي پتا جي ديهانت کانپوءِ سماجي هلچل ۽ سياست سان وابسته ٿي ويو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ کيس لکڻ جو ڏانءُ عطا ٿيو. جڏهن ترقي پسند ڪهاڻيڪارن جي صف اول ۾ شامل رهندڙ گوبند پنجابي، برڪت علي آزاد سان گڏ ۱۹۴۰ع ڌاري شڪارپور ۾ ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ جو بنياد رکيو ته شڪارپور ۾ پهرين سوشلسٽ ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن کانپوءِ پنهنجي ڪهاڻين جو مجموعو ”سرد آهون“ ڇپايائين. سندس ان پهرين ڪهاڻين جي مجموعي بابت ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته :”هن دور جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو هو سرد آهون جو ۱۹۴۲ع ۾ نئين دنيا ڪتاب گهر (شڪارپور) پاران ڇپيو هو، جنهن ۾ آکاڻيون ان منڊل جي بانيڪار گوبند پنجابيءَ جون لکيل هيون منجهن پورهيتن ۽ عام ماڻهن جي سرد آهن جو بيان ڪيل هو ۽ سرمائيدار سماج ۾ انقلاب آڻڻ جي للڪار ڪيل هئي“
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب سنڌي نثر جي تاريخ ۾ هن ڪتاب جي اشاعت جو سال ۱۹۴۲ع ڄاڻايو آهي جڏهن ته لعل سنگهه اجواڻي پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هن ڪتاب جي اشاعت جو سال ۱۹۴۱ع لکيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته اهو ڪتاب ۱۹۴۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، منجهس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون شامل هيون جن مان ڪفن، سرد آهون، درد، اجهو لٽو اٽو، چور ۽ بي اي ايل ايل بي بهترين ڪهاڻيون هيون . نئين دنيا ڪتاب گهر طرفان هن ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا.
۱۹۴۰ع کانپوءِ ڪڏهن ڪوئٽه ته ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ لڳو جتي سندس وڏڙن کان ورثي ۾ مليل جايون هيون تن ۾ رهندو هو ۱۹۴۲ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ انڊيا پرنٽنگ پريس خريد ڪري هلائڻ لڳو ۽ پيٽ پالڻ لڳو. ۱۹۴۷ع ۾ ورهاڱو ٿيو ته روئندي بمبئي وسايائين، اُتي به ڪهاڻيون لکندو رهيو ۽ ”سورج مُکي“، ”هوءَ موٽي آئي“ ۽ ”چاندني راتيون (ترجمو)“ جهڙا شايع ڪرايائين هن وقت منهنجي آڏو سندس ڪهاڻين جو بهترين مجموعو ”هوءَ موٽي آئي“ جو سنڌ وارو ڇاپو موجود آهي. هي ڪتاب بمبئي مان ۱۹۸۰ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو هو سنڌ مان سرهاڻ پبليڪشن شڪارپور طرفان ۱۹۸۴ع ۾ سندس هي ڪتاب ڇپرائي ظاهر ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ ۱۱ ڪهاڻيون: هوءَ موٽي آئي، مکڙي ۽ ڀونرا، نالائق، دسترهين پريتما، ممتا جي ماري، مزي جي تلاش ۾، گدوء، ٻوساٽ، منهنجو باس، طوطارام ۽ ڀاڳو شامل آهن. اي جي اُتم ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”گوبند پنجابي اسان جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي جديد سنڌي ڪهاڻي ۾ پهرين پهرين ترقي ڌارا کي پيش ڪرڻ جو شرف حاصل آهي . . . . . . هنن ڪهاڻين مان نه فقط سنڌي جيوت جي تصوير به ملي ٿي پر ملڪي سماج جي به جهلڪ ملي ٿي“
گوبند پنجابي هڪ هنڌ لکيو هو ته:”ليکڪ جو فرض آهي ته هو هيڻن جو همراهه ٿئي، هو عام جنتا جي دک درد ۽ خوشين جو چتر چٽي عام بيداري آڻي ۽ نه الجهاءُ پيدا ڪري“. جئين چيائين تهڙي طرح پنهنجي قول تي قائم رهي ڪهاڻيون سرجي ويو، هن سادن لفظن ۾ پنهنجي ڳالهه لکي عام جي قصي کي پڌري پٽ رکيو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي ٻاڦي پنهنجي موقف کي چٽو رکڻ ۾ ڪامياب ويو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي اشاعتي ادارن کي گهرجي ته سندس سموري پورهئي کي يڪجا ڪرائي ٻيهر منظر عام تي آڻائڻ ۾ پنهنجا قدم اڳتي ڪن ته جئين اسان جو ايندڙ نسل سندس ڪردارن ۽ لفظن مان خوب واقف ٿي اها وائي پنهنجي وات آڻن ته گوبند پنجابيءَ جو پورهيو وسرڻ ۽ وسارڻ جهڙو ناهي.
گوبند پنجابيءَ جا پراڻ ۹۰ ورهين جي ڄمار ۾ ممبئي اندر هرڻ ٿيا پاڻ برين هيمرج جو شڪار ٿيو هو.

No comments:

راءِ ڏيندا