; سنڌي شخصيتون: قلب علي جتوئي

15 June, 2018

قلب علي جتوئي


قلب علي جتوئي
سنڌ جو ناليوارو ملهه پهلوان
حسيب ناياب منگي
سنڌ اندر ڪيترن ئي املهه ماڻڪن جنم وٺي پاڻ ملهايو آهي، انهن ڪردارن جي نالي پٺيان گهڻا ئي ڪردار روشن ٿي اڀري پڻ آيا آهن، ڪي علم ادب جي خدمت ته ڪري انسان دوستيءَ ۾ پنهنجو نانءُ ڇڏي ويا. ڪن سياست ۽ صحافت ۾ پاڻ ملهايو ته ڪن وري راندين ۾ حصا وٺي پنهنجي محنت سان پاڻ چمڪايو. سنڌ اندر “ملهه” جا ملاکڙا سالن کان هلندا اچن ٿا جنهن ۾ پهلوان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. جيتوڻيڪ ملهه سنڌين جي ثقافت ۾ اچيو وڃي ٿي ۽ پاڻ وٽ لڳندڙ ميلن ۾ ان جا وڏا ميڙ ڏسڻ ۾ اچن. ملهه وڙهڻ لاءِ ميدان جي سجڻ کان مڙس جو ميدان ماري اچڻ تائين جا مرحلا ڏسڻ وٽان هوندا آهن.


اسان جي سنڌ ۾ اهڙا کوڙ ملهه پهلوان ٿي گذريا آهن، جن ملهه جي ميدان کي پنهنجي فتح سان سينگاري ڏيکاريو آهي، اهڙن ئي ناليوارن پهلوانن مان مرحوم قلب علي جتوئي به هڪ ٿي گذريو آهي، اسان نوجوان نسل وٽ ملهه جيان وساريل ضرور آهي، پر جن سندس “وارو ڪرڻ”، “مڪڙو ڦاسائڻ”، “جانٺو هڻڻ”، “پٺو هڻڻ” يا “ٻلها ٻاڙي” ڏٺي ۽ ٻڌي آهي، سي چون ٿا ته “غضب جي طاقت هئس، جڏهن ميدان تي اچي تڪبر کان توبه ڪندي ڌرتي تي جهڪي سلام ڪندو هو ته سامهون واري جا وار ئي اُڀا ئي ويندا هئا، پوءِ جو مقابلو ڪري سوڀارو ٿيندو هو ته هر طرف “ميدان ماري آيو” ۽ “واه واه جتوئي تنهنجا ڀاڳ” جا نعرا لڳڻ شروع ٿي ويندا هئا.
سنڌ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ شڪارپور اندر ملهه ۾ هتان جا پهلوان پنهنجو ثاني نه رکندا هئا، سنڌ اندر ته ڇا پر شڪارپوري پهلوان هندستان تائين وڃي پنهنجي ڪرامت ڏيکاري کٽي ايندا هئا ته اکاڙن ۾ ڏينهن جا ڏينهن جشن هلندو هو. ڪسرت گاهون سجنديون هيون. ڇا ته پراڻيون روايتون هيون، علم ادب سان چاهه، راڳ واري رهاڻ، صندلن تي ڪچهريون، پهلوانن جا ڪرتب! هئه!! جو سڀ ڪجهه هٿن مان هلي ويو هاڻي ته سڀ ڪجهه ماضيءَ جي برعڪس ٿي رهيو آهي.  
مرحوم قلب علي خان جتوئي شڪارپور جي خانپور واري ڳوٺ فريد خان جتوئي ۾ ۱۹۱۹ع ۾ ڄائو، سندس والد جو نالو سلطان خان جتوئي هو. پاڻ پنهنجي مائٽ فريد خان جتوئي (جنهن جي نالي پٺيان واري ڳوٺ ۾ رهائشي هو) کي ملهه وڙهندي ڏسي دل من هڻي پاڻ کي پهلوانيءَ ڏانهن وٺي آيو. اها به چڱي ڳالهه جو مشهور ملهه پهلوان دلاور شيديءَ سان ياراڻو هئس، دوستيءَ ۾ ڪجهه حاصل ڪري اُستاد گاهي خان ٻرڙي وٽ پهتو، جنهن وٽان باقاعده سکيا حاصل ڪيائين، استاد جڏهن شاگرد کي تيار ڪري شاگرديءَ وارو سڳو پارائي ميدان تي لاٿو ته ٻئي جوڙ کان وڙهڻ شروع ڪيائين. طاقتور هو، ميدان مارڻ جي ڏانءَ کان ڀليءَ ڀت واقف هو، سو جلدي ئي پهرين جوڙ جي پهلوانن ۾ اچي شامل ٿيو.
قلب علي خان جتوئي پنهنجي دور ۾ گهڻو وقت سنڌ اندر مقابلن ۾ پاڻ مڃرايو ۽ مقبول ٿيو. جيتوڻيڪ گهڻا ئي انعام ۽ سرٽيفيڪٽ حاصل ڪيائين، پر خوشحال شخص هو. هٿ جو سخي هو غريبن جي گهڻي مدد ڪندو هو. دل جو صاف، روزي نماز جو پابند هو. پاڻ پنهنجي پَر ۾ ننڍا وڏا فيصلا ڪري رٺلن کي پرچائي وٺندو هو.
قلب علي خان جتوئي وڏو عرصو ملهه جي ميدان ۾ پاڻ ملهائي ۱۹۷۰ع ۾ ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏني. هن شڪارپور ۾ رهندي گهڻا ئي شاگرد تيار ڪيا، جن هميشه استاد آڏو فتح جو جهنڊو کڻي آڻي رکيو. اهو به اعزاز حاصل ٿيس ته سندس پٽ غلام سرور جتوئي پڻ پنهنجي پيءُ جي شاگرديءَ ۾ اهڙو ته گوهر ٿيو جو ۲۶ سال ملهه جي ميدان جو هيرو رهيو. شڪارپور جي هن ناليواري ملهه پهلوان ۱۹۸۴ع ۾ وفات ڪئي. مرحوم جي آخري آرامگاهه ڳوٺ فريد خان جتوئي تعلقي خانپور ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا