; سنڌي شخصيتون: سوڀو گيانچنداڻي

18 June, 2018

سوڀو گيانچنداڻي

سوڀو گيانچنداڻي
سنڌ جو هڪ سپوت
مختصر تعارف
نالو: سوڀو گيانچنداڻي
پيءُ جو نالو: ٽنورمل گيانچنداڻي
والده جو نالو: پدما
جنم جي تاريخ: ۳ مئي ۱۹۲۰ع
جنم جو هنڌ: ڳوٺ ٻنڊي تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو.
زال: ليلان
اولاد: ٻه؛ ڪنعيا لال سرڳواسي ۽ خوبچند
ڀائر: ڪيولرام سرڳواسي
ڀينرون: ڪلياڻي، پريميشوري (سرڳواسي) وديا ۽ ساوتري


تعليم
پرائمري تعليم: چار درجا قمبر ايوي اسڪول ۾، هڪ سال لاڙڪاڻي ايوي ۽ پوءِ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾.
ڇهون، ستون درجو: اين جي وي هاءِ اسڪول، ڪراچي.
فرسٽ ييئر ۽ انٽر آرٽس: ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي بي اي پارٽ ون ۽ ٽو: شانتي نڪيتن ڪاليج (ڪلڪته يونيورسٽي) جيڪا رابندر ناٿ ٽئگور جي والد ديويندر ناٿ جي قائم ڪيل هئي، جتي راڳ ۽ ساز جي سکيا وٺڻ ويو، پر انقلابي ٿي موٽيو.
لا گريجوئيشن: ايس سي شهاڻي لا ڪاليج ۾ هڪ سال پڙهيو، پر ۱۹۴۲ع واري جدوجهد ۾ جيل ۾ وڃڻ سبب پڙهائي مڪمل نه ٿي. بعد ۾ وري ڪراچي يونيورسٽي ۾ ۵۷-۱۹۵۸ع ۾ ٽرمس رکيائين. پر وري گرفتار ٿي جيل ۽ نظر بندي سبب پوري ڪري نه سگهيو. پوءِ ۱۹۶۷ع ۾ لا ڪاليج لاڙڪاڻي پڙهيو.جتي بعد ۾استاد ۽ پرنسيپال جي حيثيت ۾ به رهيو. وڪالت جو پيشو به ان وقت کان ئي اختيار ڪيائين. جيڪا ۲۰۰۱ع ۾ ڇڏي اڄڪلهه رٽائرمينٽ جا ڏينهن پيو گذاري.
جيل
پهريون ڀيرو: تاريخ ۲۵ جنوريءَ ۱۹۴۲ع کان وٺي جولاءِ ۱۹۴۴ع تائين ڪراچي، حيدر آباد ۽ سکر جيل ۾ رهيو.
ٻيو ڀيرو: نيويءَ جي بغاوت وقت ۲۱ فيبروري ۱۹۴۶ع ۾ گرفتار ٿي هفتي کان پوءِ ضمانت تي آزاد ٿيو ۽ بعد ۾ حڪومت مٿس مڙهيل سڀ ڪيس واپس ورتا. ڪيس بغاوت فساد جي اڳواڻي ۽ ٻيا گهڻائي هئا.
ٽيون ڀيرو: سال ۱۹۴۸ع ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ۱۷ اپريل ۱۹۴۸ع کان ۱۹۵۲ع تائين ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ رهيو.
چوٿون ڀيرو: سال ۱۹۵۴ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي پابندي پوڻ شرط ۱۲ جولاءِ کان مارچ ۱۹۵۶ع تائين حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ رهيو ۽ ٽي مهينا ڳوٺ ٻنڊي ۾ نظر بند رهيو.
پنجون ڀيرو: آڪٽوبر ۱۹۵۹ع کان جون ۱۹۶۰ع تائين حيدرآباد چار مهينا، شاهي قلعو لاهور ۽ ٻه مهينا لاهور ۽ ٻه مهينا لاهور سينٽرل جيل ۾ قيد رهيو. جتان لاهور هاءِ ڪورٽ کيس سوڀو گيانچنداڻي ورسز گورنمينٽ آف پاڪستان وار ڪيس مان آزاد ڪيو ۽ ڳوٺ پهچڻ تي وري کيس پنج سال ڳوٺ ۾ نظر بند ڪيو.
ڇهون ڀيرو: سيپٽمبر ۱۹۶۵ع کان جنوري ۱۹۶۶ع تائين سکر سينٽرل جيل ۾ ٽي مهينا هندستان ۽ پاڪستان جي لڙائيءَ وقت رهيو. جتي شيخ اياز سندس ساٿي هو.
علمي ادبي ڪاوشون
پهرين ڪهاڻي: اڍائي رپيا ۱۹۳۸ع ۾ لکيائين، جيڪا سنسار سماچار، جي ماهوار شماري ۾ ڇپي.
پهريون مضمون: ۱۹۳۶ع ۾ ٽئگور ۽ سوامي تيرٿ تي لکيائين. جيڪو اين جي وي هاءِ اسڪول جي مئگزين ۾ شايع ٿيو.
پهريون ڊرامو: نيپولين انسينٽ هيلين ۱۹۳۸ع ۾ لکيائين جيڪو پڻ سنسار سماچار ۾ ڇپيو
ڇپيل ڪتاب: ۱. ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون) ۲. تاريخ جا وساريل ورق (ڪالم) ۳. تاريخ ڳالهائي ٿي، ۴. وڏي وٿ هئام (ڪالم)، ۵. تاريخ بولتي هي (اردو ۾)، ۶. انقلابي کي موت (اردو ۾) ۷. سنده کي انقلابي رهنما (اردو ۾)
اڻ ڇپيل ڪتاب: ۱) ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، ۲) سنڌ ايڪويهين صديءَ جي ڏاڪي تي، ۳) انٽرويوز، ۴) تقريرون، ۵) خاڪا ۽ مضمون.
سياسي سرگرمي: ڪانگريس، سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ رهيو. شاگرد، مزدور ۽ هار تحريڪن سان وابسته رهيو.
ايڊيٽر: جنوري ۱۹۵۷ع کان وٺي اڄ تائين سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل رهيو آهي، جن جي دستوري ۽ خاص گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو رهي ٿو.
ادبي ۽ سياسي دوست: ٽئگور، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، حسن ناصر، فيض احمد فيض، حسو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، شيخ اياز، ڪرشن کٽواڻي، جمال ابڙو، اياز قادري، نورالدين سرڪي، جمال الدين بخاري، علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي، حميد سنڌي، ابراهيم جويو، غلام رباني، انور پيرزادو، هدايت منگي، تاج بلوچ، رزاق مهر، يوسف سنڌي، محمد علي پٺاڻ، انور ابڙو، منٺار سولنگي، ڊاڪٽر گل، عنايت ميمڻ ۽ اڻ ڳڻيا.
سياسي شخصيتون جن کان متاثر ٿيو: مارڪس، اينگلس، لينن، گانڌي، جواهر لعل نهرو، سڀاش ڀوس، سوميندر ناٿ ٺاڪر، پنا لعل داس گپتا، يوسف مهر علي، مولانا ڀاشاني، مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، ڪاسترو ۽ چو اين لائي.
جيل ياترا
پهريون ڀيرو: جنوري ۱۹۴۲ع ۾ جڏهن ڪامريڊ سوڀو سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سيڪريٽري هو، ان وقت ڪئٽ انڊيا تحريڪ هلي رهي هئي. هن ان تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري مٿس گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪتا پر هو روپوش ٿي ويو ۽ لڪ ڇپ ۾ تحريڪ ۾ به حصو وٺندو رهيو. آخر ميٺا رام هاسٽل تي شاگردن کي ليڪچر ڏيندي گرفتار ٿيو. جيتوڻيڪ هي جيل هن لاءِ پهريون تجربو هو پر جيل ۾ وڃڻ کانپوءِ هن پڇتايو ڪو نه بلڪه ويتر سندس حوصلو وڌي ويو. ڇو ته ان عرصي ۾ سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي جيلن ۾ هن جي ملاقات ملڪ جي وڏين شخصيتن سان ٿي، جن جي شخصيت جو به هن تي اثر ٿيو، جولاءِ ۱۹۴۴ع تي اڍائي سال قيد ڪاٽي ٻاهر نڪتو.
ٻيو ڀيرو: ۱۹۴۶ع ۾ نيويءَ جي بغاوت وقت ڪراچيءَ ۾ جنرل اسٽرائيڪ ڪرائيندي گرفتار ٿيو. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سڏ تي عيدگاهه جي ميدان تي شهرين جو عاليشان جلسو ٿيو. هن جلسي ۾ انڊين نيويءَ جي جهازن جي عملي جي بغاوت Indian Navel Mutiny جي حمايت ۽ انگريز سرڪار خلاف يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا. هي ڪراچيءَ ۾ پهريون ڪامياب جلسو هو، جنهن ۾ هر سياسي ۽ سماجي جماعت شرڪت ڪئي. هن جلسي کي جن ورڪرن ڪامياب بڻايو، انهن ۾ ڪامريڊ سوڀو سرفهرست هو. (اهو ئي سبب هو جو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اهڙي شاندار ڪاميابي ڏسي، سرڪار پارٽيءَ تي بندش لڳائي. ڪامريڊ جمال الدين بخاري ۽ ٻين ورڪرن کي سزائون مليون) هنن گرفتارين ۾ ڪامريڊ سوڀو گرفتار ٿيو پر جلد ئي هڪ هفتي کانپوءِ ضمانت تي آزاد ٿيو. جيل ۾ هن سان اوتار ڪشن آنگل (هندستاني فلمن جو ڊائريڪٽر ۽ اداڪار) ۽ پروفيسر پارواڻي به گڏ هئا. ان سلسلي ۾ بغاوت يا فسادن جو هڪ ڪيس رجسٽر ٿيو جو حڪومت ٻن ٽن مهينن ۾ واپس ورتو.
ٽيون ڀيرو: پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان ڊفينس رولس DPR تحت هن کي گرفتار ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي جيلن ۾ رکيو ويو. هن ڀيري گرفتاريءَ جو سبب کيس اهو ٻڌايو ويو ته جيئن ته هو هندو آهي ان ڪري غدار آهي. گرفتاريءَ دوران سڄي ملڪ جي ڪميونسٽن، اديبن ۽ اخبار نويسن سان، جي پڻ جيلن ۾ بند هئا، سندس واسطو پيو. جن ۾ شرف علي، عزيز اسلام بخاري، ڪامريڊ حسن ناصر، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، پرچووديارٿي، اوتار ڪشن آنگل، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ابراهيم جليس، ريڊ سولري، اشوڪ ڪيولراماڻي، عبدالرحمان مٺا، غلام محمد خان کنڊ، عبدالغني خان، قاضي عطاءُالله ۽ ڊاڪٽر اشرف هئا. ان کانسواءِ قاديانين خلاف هلايل تحريڪ جا عالم حامد بدايوني ۽ قدوس بهاري به هئا جن سان به هن جو ملڻ جيل ۾ ٿيو.
ڪراچي جيل جي سپرنٽينڊنٽ هڪ ڪرستان هو. هن کي جنهن باريڪ ۾ رکيو ويو، اتي هن گل پوکي پٿريلي باريڪ جي اندر سونهن پيدا ڪري ڇڏي ته سپرنٽينڊنٽ جو حڪم آيو ته هن کي ٻي باريڪ ۾ بدلي ڪيو وڃي. هن سليٽ لکي سپرنٽينڊنٽ ڏانهن موڪلي ته ”مان تو سان ملڻ ٿو چاهيان“. ان زماني ۾ قيدين کي پنو ڪو نه ڏيندا هئا پر سليٽ ڏيندا هئا. سپرنٽينڊنٽ هن کي گهرايو. هن کيس چيو؛ ”سپرنٽينڊنٽ صاحب! ايڏو ظلم ڇو ٿو ڪرين، اڃا مس ته گلن ڏسڻ لائق ٿيو آهيان ته وري منهنجي بدلي ٻي باريڪ ۾ ڪري ڇڏيئي“. جنهن کيس چيو؛ ”مان چاهيان ٿو ته جيئن تون سڀني باريڪن کي ڦلواري بنائي ڇڏين، انڪري مان تو کي هڪ هنڌان شفٽ ڪري، ٻئي هنڌ ٿو رکان“.
۱۹۵۲ع ۾ ڪورٽ ڪيس هلايو. ”سوڀو گيانچنداڻي ورسز ڪرائون“ تحت، فتوا ٿي. چئن سالن کانپوءِ مارچ ۱۹۵۲ع ۾ آزاد ڪيو ويو ۽ چئن سالن جو سندس قيد، غير قانوني قرار ڏنو ويو.
چوٿون ڀيرو: ۱۹۵۴ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي کي غير قانوني قرار ڏئي مٿس بندش وڌي وئي. پارٽيءَ تي پابندي پوڻ شرط ۱۲ جولاءِ ۱۹۵۴ع تي ڪامريڊ سوڀي کي گرفتار ڪيو ويو. هن دفعي جي ايم سيد، عبدالستار شيخ، محمد حسين عطا، ظفر الله پوشني به جيل ۾ ساڻس گڏ رهيا، جيڪي روالپنڊي سازش ڪيس ۾ گرفتار ٿيا هئا. جيل ۾ ڪامريڊ سوڀي جي طبيعت خراب ٿي پئي. مولوي مشتاق حسين جنهن بعد ۾ ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏني هئي، ان وقت اهو ايڊوڪيشنل ايدووڪيٽ جنرل هو، تنهن وڏو فائيل ڪڍي چيو، ”سائين اتنا بڙا فائل هي سوبهو گيانچنداني ڪا، ۱۹۳۹ع سي هم اس ڪي پيڇي هين“. پر جيئن ته هن جي طبيعت خراب ٿي پئي هئي، ان ڪري هن کي جيل مان ڪڍي ڳوٺ ۾ نظر بند ڪري ڇڏيائون. جولاءِ ۵۴ع تي قيد ٿيو ۽ مارچ ۵۵ع تي جيل مان ٻاهر نڪتو.
پنجون ڀيرو: جڏهن ايوب خان جي سربراهيءَ ۾ فوجي راڄ قائم ٿيو ۽ ملڪ مارشل لا جي لپيٽ ۾ اچي ويو، ان وقت ڪامريڊ سوڀي کي ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي ڳوٺ مان گرفتار ڪري، حيدرآباد جيل پهچايو ويو، حيدرآباد جيل ۾ رکڻ سان حڪمرانن کي تسڪين نه ملي، جنهن ڪري هن کي اتان ڪڍي لاهور جي مشهور شاهي قلعي ۾ رکيو ويو. قصوري صاحب جو خيال هو ته هن ڪيس کي به اهڙو ئي شاهڪار ڪيس بنائجي، جهڙو هن جو ۵۲ع وارو ڪيس هو ”سوڀو گيانچنداڻي ورسز ڪرائون“. فيڊرل ڪورٽ جو رپورٽيڊ ڪيس.
هو ٽي مهينا شاهي قلعي ۾ رهيو. شاهي قلعو سياستدانن کي اذيتون ڏيڻ ۾ سڄي ملڪ ۾ ئي نه پر دنيا ۾ مشهور آهي. هن قلعي لاءِ مشهور آهي ته هتان يا ته ماڻهوءَ جو لاش نڪرندو آهي يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو زنده نڪرندو آهي ته سياست کان ئي توبهه ڪري نڪرندو آهي. ڪامريڊ حسن ناصر کي به هن ئي مارشل لا واري دور ۾ هتي ئي شهيد ڪيو ويو هو. ڪامريڊ سوڀو شاهي قلعي مان نه صرف زنده نڪتو پر هن سياست تان به هٿ نه کنيو ۽ ساڳئي ئي جذبي تحت ڪم ڪندو رهيو. 
شاهي قلعي مان ڪڍي هن کي لاهور جي سينٽرل جيل ۾ نيو ويو. ۲۸ مئي ۱۹۵۹ع تي هن سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نوي ڪلاڪن جو طويل انٽراگيشن (آڏي پڇا) ٿيو. ڪورٽ ۾ ”سوڀو ورسز اسٽيٽ“ تحت ڪيس هليو، جنهن مان کيس آزادي ملي. هنن ته ڇڏيس پر وري ٻاهر نڪتو ته سي آءِ ڊيءَ وارا ڦري آيس، جيڪي هن کي ڪراچيءَ کان گرفتار ڪرڻ آيا هئا. هو ميجر اسحاق جي اڳواڻيءَ ۾ هئا ۽ ايترا توائيءَ ۾ هئا جو جهيڙو ڪرڻ لاءِ به تيار هئا. هن کين هاءِ ڪورٽ جو ڪم ڏيکاريو، جنهن کي هنن نه ٿي مڃيو ته کين رجسٽرار وٽ وٺي ويو. رجسٽرار ٽيليفون ڪري جج کان پڇيو ”سائين ڇا ڪيان هي ڪراچيءَ کان سي آءِ ڊيءَ وارا آيا آهن. چون ٿا ته اسان سوڀي کي ڪراچيءَ وٺي وينداسين“. جنهن تي جج چيو ”انهن کي گهرائي چؤ ته جيڪڏهن انهن سوڀي تي صرف آڱر به رکي ته مان انهن کي اندر ڪري ڇڏيندس، سمجهن ڇا ٿا پاڻ کي. هي ڪورٽ آهي يا ٿاڻو“. جنهن کانپوءِ کيس ڳوٺ وڃڻ ڏنو ويو، جتي وري کيس پنجن سالن لاءِ نظربند رکيو ويو.
ڇهون ڀيرو: ۱۹۶۵ع ۾ جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ لڳي ته ڪامريڊ سوڀي کي گرفتار ڪيو ويو. هن دفعي به ڊفينس آف پاڪستان رولس تحت گرفتار ٿيو. سبب وري به کيس ساڳيو ئي ٻڌايو ويو ته ”تون هندو آهين انڪري پاڪستان جي خلاف آهين“. اهو الزام هن تي اهي ماڻهو هڻندا هئا، جيڪي خود انگريزن جا غلام هئا. هن دفعي ٽي چار مهينا جيل ۾ رهيو، جيل ۾ بلوچستان جو نوروز خان ۽ شيخ اياز هن سان گڏ هئا. ان کانسواءِ سنڌ جا چوٽيءَ جا هندو ليڊر ۽ اديب به هئا، جن سان گڏ رهي هن کي سنڌي هندن جي ذهني ڪشمڪش ۽ لڳاءُ جو بخوبي اندازو ٿي ويو. انهن ۾ سيٺ پريمچند روهڙيءَ جو، ڪوڙو مل چڪ جو ۽ ٻيا نور هندو ليڊر هئا.
هو جيترا به دفعا جيل ۾ ويو، سمورا دفعا بي ڏوهي ثابت ٿيو ۽ هڪ دفعو به هن تي ڪو ڪيس يا ڪو ڏوهه ثابت نه ٿيو.



سوڀو گيانچنداڻي
ڪُئي جي ٻِر ۾ سمنڊ
ستار پيرزادو
شيخ اياز سان هڪ پرڏيهي دانشور جو هي مڪالمو ياد ٿو پويم:
شيخ اياز ان پرڏيهي دانشور کي لاڙڪاڻي اسٽيشن تي ڏسي کانئس پڇيو ته، ”تون شايد موهن جو دڙو ڏسڻ جي لاءِ آيو هوندين.“ دانشور وراڻي ڏنس ته،”نه، موهن جو دڙو کان به عظيم شخصيت کي ڏسڻ ٿو وڃان.“ شيخ اياز جي پڇڻ تي ٻڌايائينس ته، ”مان سوڀي گيانچداڻيءَ کي ڏسڻ ٿو وڃان.“ شيخ اياز کيس جواب هن ريت ڏنو ته، ”ها، سوڀو ٻنڊيءَ ۾ ڄڻ سمنڊ کي ڪئي جي ٻِر ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.“ اهو زمانو ايوبي حڪومت جو هو ۽ سوڀو گيانچنداڻي پنهنجي اباڻي ڳوٺ يعني ٻنديءَ ۾ هائوس اريسٽ ٿيڻ کان پوءِ ان نڍڙي ڳوٺ  ٻنڊيءَ کان ٻاهر ڪيڏانهن به اچي وڃي نه ٿي سگھيو.ان حد تائين جو هو پنهنجي خاندان جي ڪنهن به گڏجاڻيءَ،موتيءَ يا شاديءَ ۾ به شريڪ ٿي نه ٿي سگھيو. باقي جنهن کي به ساڻس ملڻو يا ملاقات ڪرڻي هئي ته اهو سندس ان ننڍڙي ڳوٺ ٻنڊيءَ وڃي ساڻس ملي ٿي سگھيو. اها مهرباني سندس وڏي ڀاءُ سيٺ ڪيول رام ۽ وڏيري موسيٰ خان جي چوڻ تي،ايوبي حڪموت جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو جي سفارش تي قيد مان آزادي ڏياري ته هئي پر کيس گھر ۾ نظر بند ڪيو ويو هو.
سوڀراج گيانچنداڻي عرف عام ۾ ڪامريڊ سوڀو  سنڌ ڌرتيءَ جي گرڀ مان اهڙو مڙس مٿير ٿي پيدا ٿيو، جنهن جي خيالن ۽ سياسي ڏاهپ جي ڏياٽين نه صرف سڄي سنڌ کي پر پوري هند کي روشن ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو ڳوٺ اسان جي ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ (ٻلهڙيجيءَ) کان ڪي ٻه اڍائي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، رائيس ڪينال جي ساڄي ڪپ تي، ڳوٺ ٻنڊيءَ نالي آهي. ٻنڊي ۽ ٻلهڙيجيءَ جي وچ تي ڪجهه فصل اپائيندڙ زمين جا ٽڪرا آهن، جنهن کي لانيارو سڏيندا آهيون ۽ ان ۾ سندن خاندان جي زمين جا ڪجھه ٽڪرا پڻ هئا،جيڪي پوءِ هنن اسان جي ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي کي وڪڻي ڏنا هئا. ڇو جو جڏهن هنن ڳوٺ کي الوداع ڪندي، لاڙڪاڻي ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪئي هئي، جنهن جو سبب ڪجھه حاسدن جي حسد کين ڪافي تنگ ڪيو هو، ڇو جو اهو زمانو لاڙڪاڻي ۾ ماڻهو اغوا ڪري انهن کان لکن ڪروڙن جو ڀنگ جي تقاضا ڪندا هئا، ان سبب کين پاڻ محفوظ نه هجڻ جو احساس ٿيو، جيتوڻيڪ هاڻ ته ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ تان اها بندش به لهي چڪي هئي ۽ هو پاڻ به لاڙڪاڻي جي هاءِ ڪورٽ جو مشهور وڪيل ڄاتو ويندو هو. ڪامريڊ سوڀي کان ٻه وڏا ڀائر ٻيا به هئا، جن مان سيٺ ڪيولرام زمينداري ڪندو هو ۽ ٻيو جنهن کي ڀائي ڪري ڪوٺيندا هئا، اهو اناج جو واپاري هوندو هو.ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کي اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون، جيڪي شادي شده هيون، پر سندس ڀاءَ ڪيولرام کي جيئن ته اولاد ڪونه هو، تنهن ڪري ڪامريڊ سوڀي جي پٽ ڪنعيا لعل کي پٽيلو ڪري پاليو هئائين.
سوڀو گيانچنداڻي جيئن شانتي نڪيتن مان گريجويشن ڪري نڪتو ۽ موٽي سنڌ پهتو ته هو سڌو سنئون  سوشلسٽ ڪارڪنن سان اچي مليو ۽ پنهنجي هم عمر ۽ همعصرن سان گڏجي شاگردن،مزدورن ۽ هارين ۾ سياسي سُوجھه ٻُوجھه پيدا ڪرڻ جي لاءَ ان تحريڪ جو حصو بڻجي ويو ۽ ڪل وقتي ڪارڪن طور ڪم ڪرڻ لڳو هو. سيٺ ڪيولرام تر جي سٺن زميندارن ۾ شماريو ويندو هو، جنهن جي دوستي ۽ لاڙو تر جي وڏيري محمد موسيٰ خان ٻگھيو ڏانهن هوندو هو، جو اهو ان وقت ايوبي حڪومت، ۽ مسلم ليگ سنڌ جو ميمبر هوندو هو،پر جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي ايوبي حڪومت سان بغاوت ڪري پنهنجي ڌار پارٽي جوڙي ته وڏيري موسيٰ خان ذوالفقار علي ڀٽي سان دوستي ڇني ڇڏي ۽ ايوب سان ٻٽ رهيو، پر سوڀي گيانچنداڻيءَ جا ڪيترا ئي دوست، هم عمر اديب ۽ دانشور سوشلسٽ تحرڪ جو حصو بڻيل هئا ۽ اڳ ئي سنڌ جي شاگردن، هارين ۽ مزدورن کي سياسي سوجھه ٻوجھه ڏيڻ خاطر سرگم عمل هئا.ڪامريڊ سوڀو به اچڻ سان ئي سڌو سئون مزدورن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ شاگرد،مزدور ۽ هاري سياست جو حصو بڻجي ويو هو.
اهو زمانو سنڌ ۾ به ترقي پسنديءَ جو زمانو هو، جو انجمن ترقي پسند مصنفين جي هلچل جو اثر سنڌ ۾ پهچي چڪو هو ۽ سوڀي گياننداڻيءَ جا سمورا هم عمر ۽ هم عصر، اديب ۽ دانشور پڻ ان تحريڪ سان واڳيل هئا ته سوڀو به ان انجمن جو حصو بڻيل رهيو ۽ ادب توڙي سياست تي سندس ڌاهپ جا اثر نمايان نظر ايندا هئا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ  ڪامريڊ سوڀو ۽ سندس خاندان کي پاڪستاني ايجنسين ۽ پاڻ هرتڙين ملڪ دوستن ڏاڍو پريشان ڪيو ته هو سنڌ ڇڏي وڃن. ايوبي دؤرِ حڪومت ۾ کيس سيخن پويان رکيو ويو ۽ ان حد تائين جوکيس انگريز حڪومت کان وٺي بدنام زمانه ٽارچر سيل لاهور قلعي  ۾ به ڪيترو عرصو رکيو ويو ۽ اتي به کيس اهڙي ڳالهه چئي وئي ته توهان سنڌ ڇڏي وڃو ته توکي آزاد ڪيو ويندو ۽ حفاظت سان اوڏانهن پهچايو ويندو، پر هن اهو چئي صاف انڪار ڪيو ته سنڌ منهنجي جنم ڀومي، ماءُ آهي، ڪو به پنهنجي ماءُ کي پنهنجي مفادن تي ترجيح ته نه ڏيندو آهي. هن سنڌ نه ڇڏي.
پر جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار جو ڪل پرزو هو ته ان جي ڪوشش ۽ ضمانت تي کيس آزاد ڪيو ويو هو. پر وري جڏهن ۱۹۷۱ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته هٽي لاڙڪاڻي جي ايس پي پڃيل نالي،پوليس آفيسر کي ذوالفقار ڀٽي لاڙڪاڻي جو ڪرتا ڌرتا بڻائي ڄڻ ته اڇي ڪاري جو ذميوار بڻائي ڇڏيو هو، ته هن به ڪامريڊ سوڀي کي ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي اهو چيائين ته سوڀي تنهنجي مارائڻ جي رٿ رٿي آهي. ڪهڙي نه چرچي جي ڳالهه هئي، ته اهو سوڀو جيڪو زبان سان به ڪنهن کي ڏکوئڻ نه چاهيندو هو، جنهن آمر ايوب ۽ آمر يحيٰ کي به قتل نه ڪرايو، اهو ذوالفقار ڀٽي کي جيڪو گھٽ ۾ گھٽ سوشلزم جو نعرو ته هڻي رهيو هو، ان کي قتل ڪرائڻ جو منصوبو پڃيل جي آڏو جوڙي رهيو هو ۽ اها کڙڪ رڳو پڃيل پٽيل کي ئي پئجي سگهي هئي. ان ڪري هو لاڙڪاڻي مان نڪري تڏهوڪي بلوچستان جي وزيرِ اعليٰ اڪبر بگٽيءَ وٽ هليو ويو هو، جنهن جي تعاون سان سوڀي، ڀٽي سان ملاقات ڪئي ۽ يقين ڏيارڻ تي ڀٽي صاحب کيس سوشلزم تي ڪتاب لکي ڏيڻ جي لاءِ چيو، جيڪا آفر هن اهو چئي ٺڪرائي ته تون ڪو لاڙڪاڻي ۾ ڪاليج ٺاهه ۽ ان ۾ سوشلزم پڙهائڻ جو نصاب رکراءِ ته مان اتي نوجوانن کي مفت ۾ پڙهائيندس.تنهن کان پوءِ ڪامريڊ جي ايس پي پڃيل مان ته جند ڇٽي، پر هن جي گھر اڳيان هر وقت ايجنسين جي ماڻهن جي ڊيوٽي لڳل هوندي هئي ۽ هن جي چر پر تي نظر رکي ويندي هئي.  
ڪامريڊ سوڀي جي خيالن ۽ ڪم سان سچائيءَ کي ڏسي باقي ملڪ جا سياسي ترقي پسند ڪارڪن ۽ مهندار، دانشور ۽ اديب سندس گرويده بڻجي ويا هئا. ڇاڪاڻ جو سندس سوچ ۽ مظلوم عوام جي مسئلن سان سچائيءَ جو هر ڪو ساکي هوندو هو. ان سان گڏو گڏ سندس سنڌي، بلوچ، پنجابي ۽ پختون عوام سان به تعلقات بهترين هئا جو سندس اهو موقف هوندو هو ته قومن کي پورا حق ملڻ انتهائي ضروري آهن ۽ انهن کي پاڪستان سان الحاق جو پورو پورو حق حاصل آهي، سندن ٻولي ۽ ثقافت جي پذيرائي جو کين پورو حق آهي ۽ سوشلزم جو اطلاق ملڪي معروضي حالتن کي نظر ۾ رکي ڪرڻ گھرجي، يو ايس ايس آر جي ٽٽڻ جا به اهي ئي وڏا سبب آهن. هو پنهن جي دليلن ۾ تز ۽ پختو هوندو هو ۽ منجهس ٻئي کي قائل ڪرڻ جون سڀ صلاحيتون موجود هيون، جو اهڙو ڏانءُ يا ڏات کيس قدرت پاران عطا ٿيل هئي.هو جنهن به ڪم ۾ هٿ وجھندو هو ته ان کي پايئه تڪميل تائين پهائي ساهه کڻندو هو. سندس بلوچ قوم پرستن توڙي سوشلسٽ اڳواڻن ۽ نعپ جي مڙني اڳواڻن سان بهترين واسطا هوندا هئا ۽ هر ڪو سندس ڳالهه مڃيندو هوندو هو.
هتي هڪڙي ڳالهه ذهن جي پردي تي فلم جي ڪنهن ڏيک جيان اُڀري آئي اٿم،اوهان سان به سليندو هلان جيڪا منهنجي مٿين ڳالهه کي ٽيڪ ڏئي ٿي.اردوءَ جي مها ڏاهي ۽ اڪيلي سوشلسٽ دانشور سبطِ حسن،جنهن جا ڪيترا ئي ڪتاب سوشلسٽ نظرين جي پرچار خاطر لکيل آهن ۽ جن جو وڏو قاري به سنڌي نوجوان آهي ۽ اهو سندس سمورا ڪتاب  گھوٽي پي چڪو آهي ۽ ڳالهه ڳالهه ۾ ان جا حوالا ڏنا ويندا آهن،ان ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي خيالن جي امانتداريءَ سان ڀيٽ ڪري ڏسو.
۱۹۸۶ع جي مارچ مهيني ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گولڊن جوبلي پروگرام جي سلسلي ۾  هڪڙي ٽه-ڏهاڙي ڏيهان ڏيهي ڪانفرنس ميٽروپول هوٽل ۾ ٿي رهي هئي، جنهن جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿي رهيو هو، ان ۾ مان پاڻ به موجود هوس جو مان به ادبي ڪاميٽيءَ جو ميمبر هوس،ان اجلاس جي صدارت سيد سبطِ حسن ڪري رهيو هو. حقيقت ۾ آخري اجلاس ۾ ڪجھه ريزيوليشن پاس ڪرائڻ ۽ حڪومت کان ڪي گھرون ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيل هئاسون ته سيد سبطِ حسن ان ڳالهه تي اڙجي بيهي رهيو ته، پاڪستان ۾ ڳالهائجندڙ سڀني ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. اها قرارداد سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري فقير محمد لاشاريءَ پيش ڪئي هئي ۽ ان جي حمايت تڏهوڪي سيڪريٽري جنرل تاج جويي به ڪئي ٿي.نه صرف ايترو پر ٻيون ٻولين ڳالهائيندڙ به ان جا حامي هئا پر ان لاءِ اردوءَ جي ڪيترن اديبن چپ جو روزو رکي ڇڏيو هو ۽ انهن سڀني پاران آواز سبطِ حسن ئي اٿاري رهيو هو جنهن جو چوڻ هو ته ايئن نه ٿيندو جو اردو قومي زبان ڪافي آهي.
جڏهن ڳالهه اتي ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ تي اچي اٽڪي بيهي رهي، ته انور پيرزادو وڃي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ کي ٻاهران ڳولهي ڦولهي وٺي آيو، جيڪو ٻاهران آيل دانشورن سان ڳالهائي ۽ سندن ملڪ جي حالتن ۽ ڪجھه جھونڙن سياسي ۽ ادبي دانشورن بابت پڇائون ڪري، پنهنجي ڄاڻ کي تازو توانو ڪرڻ ۾ مصروف هو. جڏهن سوڀو گيانچداڻي ان اجلاس ۾ آيو ته هن اچي سبطِ حسن کي سمجھايو ته، ”هن وقت ته اسين صرف قرارداد پيش ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهيون، هڪ ترقي پسند  سوچ رکندڙ ۽ سياسي سوشلسٽ دانشور ۽ اديب جي حيصيت ۾ اوهان کي اها زميني حقيقت مڃڻ گھرجي، جڏهن ته سوشلسٽ نظام ۾ قومن جو مسئلو ان ريت ئي طئه ٿيل هوندو آهي،ته پوءِ پاڪستان جيڪو مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ، گھڻ قومي ملڪ آهي، جن سان انهن قومن ۽ صوبن جو الحاق ٿيل آهي ۽ اها هڪ قسم جي ڦلن جي ڦلواڙي بڻجي پئي آهي ته اوهان اها قرارداد پيش ڪرڻ ۾ ارها ڇو ٿا ٿيو.“ تڏهن وڃي هن يار اها قرارداد پاس ڪرائڻ جي لاءِ لکڻ جي اجازت ڏني.
اسان جي جڏهن ڪامريڊ سوڀي سان، دوست هدايت منگيءَ جي واسطي سان ملاقات ٿي،اهو واقعو به عجيب هو. بهرحال اهو ڪنهن ٻئي ڀيري لکڻ لاءِ ڇڏيون ٿا.هو اسان پيرزادن مان ڏاڍو خوش ٿيو هو. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ هو اڃان ڳوٺ تائين محدود چر پر ڪري سگھندو هو، يعني صرف گھر، پيسائيءَ واري مشين ۽ اوطاق تائين اچي وڃي سگھندو هو، ڇو جو هن تي سرڪار نامدار پاران بندش پيل هئي.
انهن ڏينهن ۾ مان ۽ انور جڏهن ڳوٺ ويندا هئاسون ته ضرور ساڻس ملڻ ٻنڊيءَ ويندا هئاسون، جو مان مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، ته ٻنڊي ۽ ٻلهڙيجيءَ جي وچ ۾ لانياري جون ڪجھه آباد زمينون ئي آهن. اسان اهي ٻنيون ٽپي، رائيس ڪينال جي کاٻي ڪپ تي پل وسيلي وڃي سهڙندا هئاسون، سڄي رات ساڻس ڪچهري ڪري رات سندن اوطاق ۾ ڊهي پوندا هئاسون. سندن اوطاق ۽ اٽي پيهڻ جي مشين هڪ هنڌ ئي هوندي هئي. اسان جي ان ڪچهريءَ ۾ ڪجھه وقت ڪيولرام به ويٺو هوندو هو پر سندس خيالن ۽ ڪامريڊ سوڀي جي خيالن ۾ رات ۽ ڏينهن جو فرق هوندو هو. اسان جي اها سڃاڻ وڌندي وئي ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ سوڀي تان بندش لٿي ته هو اسان جي ڳوٺ به اڪثر عيدن جي ڏڻن تي پاڻ اسان سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ هليو اندو هو، جو کيس ڄاڻ هئي ته اسان هن ڏي پنڌ ڪندا ويندا آهيون جو اسان مان ڪنهن کي به ڪا سواري ڪانه هوندي هئي. ائين ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان اسان جا لاڳاپا ڪافي پختا ٿي ويا۽ ڪامريڊ سدائين اهو چوندو هو ته هي پيرزادا منهنجا پنهنجا آهن.
اسان جو ڳوٺ ۽ اسان پيرزادن جي خاندان سان سندس دلي لڳاءَ جي هن ڳالهه مان به پروڙ پئجي سگھي ٿي ته، ست جنوري ۲۰۰۷ع تي انور جي تدفين لاءِ ڪامريڊ سوڀو بيمار ۽ نٻل هوندي به آيو هو ۽ انور جي تدفين ويل سندس مڙهه جي نرڙ تي چمي ڏيندي چيو هئائين ته، ”خواهش اٿم ته ديهانت کان پوءِ مون کي به جيڪر هن قبرستان ۾ انور جي ڀر ۾ جاءِ ڏني وڃي.“ ڪاش! سندس پونئير سندس اها خواهش پوري ڪري سگھن ها. هاڻ ته نرمل پاران اها خبر پڙهي بيحد افسوس ٿيو اٿم ته هاڻ ئي ڪامريڊ سوڀي کي سندس سياسي دوستن وساري ڇڏيو آهي. کيس هن سال ديهانت ڏينهن تي ڪنهن به ياد ئي نه ڪيو.



سوڀو گيانچنداڻي
هڪ انقلابي شخصيت
سليمان وساڻ
سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جو ڏاهو ڏات ڌڻي، عالم، اديب، ليکڪ، مفڪر جيڪو موهن جي دڙي جو ماڻهو Man from Mohen jo Daro جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ جي ان ارڏي شخصيت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۳ مئي ۱۹۲۰ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ٻنڊي تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پڙهيو ته قنبر، ڪراچي ۽ ڪلڪتي ۾، پر نئون ديرو ۾ سندس وار وڇايل آهن.
دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي شخصيت ۾ تاريخ جو ڏيک ڏيندا آهن. خاموش ڪتابن اندر ورقن ۾ لفظن سان ڀريل سچن يا ڪوڙن مثالن واري تاريخ نه پر زندگيءَ ۾ روزانو هلندڙ ڦرندڙ ڏسندڙ ٻڌندڙ ۽ ڳالهائيندڙ تاريخ، زندگيءَ جي سچين حقيقتن سان ٽٻٽار جرڪندڙ تاريخ، زندگي ۾ ڪي ڪي ماڻهو حاصلات، هار جيت يا سماجي قد ڪاٺ يا ماپ سان نه پر پنهنجي سونين سوچن ڏيئي جي پهرين لاءُ جيان چمڪندڙ، روشن ذهن ۽ اندر جي کير جهڙي اجري نڪور انساني اعتقاد سان پرکيا ۽ توريا ويندا آهن، سندن سڃاڻپ سماج ۾ موجود بدبودار ناسور خلاف بغاوت جا ٻول الاپيندي ٿيندي آهي، سندن واتان سچائيءَ جا گفتا تاريخ ٺهندڙ ورق بڻجي نروار ٿيندا ۽ پنهنجي روپ کي تاريخ جي آرسي بڻائيندا آهن، سندن معيار ۽ مقصد سماج جا نفعا ۽ نقصان نه پر عظيم ۽ اٽل ارادن ساڻ اڻ موٽ قدم هر وقت زمين تي کتل هوندا آهن. پهاڙ جيڏا اڏول مهان ماڻهو بدلجندڙ ريتن رسمن سان اڀار ڀريل نون لاڙن ۾ ڪين لڙهندا آهن، پر سندن جيل جيڏا حوصلا هر ڏاڍ جي طوفان اڳيان ديوار چين وانگر مضبوط مقابلن ۾ مصروف ۽ تاريخ کي پنهنجي گرد پيا ڦيرائيندا آهن. اهڙا اڙ ٻنگ ٻلواڻ جواڻ اونداهين دور ۽ دنيا ۾ اميدن جي دوش تي آسرن ڀريل اٿاهه سهڻين جڳ مڳ روشن صبح ۽ شامن جا راڳ الاپي پيغام ڏيندا رهن ٿا. هو پاڻ پنهنجا سپنا ۽ خوشيون وساري مسڪين ماروئڙن جي منهن تي مسڪراهٽن ۽ خوشين جي خوشبو جا طالب رهن ٿا. اهڙا ماڻهو پنهنجي وقت ۽ دور جا سرجڻهار، اوتار ۽ ديوتا هوندا آهن. جيڪي ناسور جو علاج ڪندا آهن. سماجڪ سڌار سرواڻ ٿيندا آهن. اهڙن ماڻهن کي راج دروهي جي لقبن سان نوازيو ويندو آهي. اهڙن مرد مٿيرن جي جيون جوت گهڻو ڪري ڳنڀير، ڏک ڀري، ڀوائتي ۽ دل ڏاريندڙ هوندي آهي. اهڙن تاريخ ساز انسان کي ڳولهڻ مهل سنڌ ۾ سوڀو گيانچنداڻي ئي هر هڪ جي اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. سندس نالو ئي هر هڪ زبان تي اڪري اچي ٿو. سوڀو نالو آهي سوڀ ماڻڻ جو، سچ ۽ حق چوڻ ٻڌڻ جو. شايد هن مهان ماڻهوءَ پنهنجي نالي جو ڀرم رکندي پنهنجي جوڀن جوانيءَ جا ڪيترا ئي سال، خوبصورت رنگ ڀريل ٿڌڙيون راتيون، لامحدود آسمان تي چمڪندڙ جهر مر جهر مر ستارن جي دنيا ۽ چوڏهين جي سوني چمڪندڙ چنڊ جي انڊلٺ جهڙي رنگين چانڊوڪي ڏسڻ، آزاد دنيا جي آزاد انسانن وانگر آزاديءَ سان ساهه کڻڻ، يارن دوستن ٻچڙن ۽ جيون ساٿي سان ٽهڪن ۽ مسڪراهٽن يا سندن روشن مستقبل لاءِ سوچڻ لوچڻ بدران پاڪستان جي مختلف جيلن جي چئن ديوارن، هٿڪڙين، زندان جي زنجيرن ۽ لاهور جي شاهي قلعي ۾ اڪيلو راڪاس ديو جهڙي ڏهڪاءَ ڀريل اونداهه ڪاري ٻوساٽ واري ماحول ۾ گذاريون. ڪنهن سان ڏک سور سلي ديوارن سان، هن پنهنجي ئي من ۾ سوال گهڙيا ۽ پاڻ کي ئي جواب ڏئي مطمئن ڪيو. سوڀي هوليون، ڏياريون، تهوار ۽ عيدون پنهجن عزيزن ۽ ڌرتي دوستن سان گلي ملي نه گذاريون پر جيلن جي ديوارن سان گهاريون.
ڪامريڊ هندستان جي آزاديء واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ ۱۹۴۲ ع ۾ پهريون دفعو گرفتار پڻ ٿيو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۱۹۴۴ع ۾ باقاعدي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ڪئي. ان دوران ڪامريڊ سوڀي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ عبالقادر کوکر جهڙن هاري اڳواڻن سان گڏجي هارين ۾ جاگيرداري نظام خلاف جاڳرتا پيدا ڪندو رهيو. ان جدوجهد ڪرڻ ڪري جاگيردارن جي ڀرجهلو حڪمرانن کيس ۱۹۶۶ع تائين ڪيترا ڀيرا جيلن ۾ بند ڪيو ۽ ڪيئي ڀيرا لاڙڪاڻي واري گهر ۾ کيس نظر بند به رکيو ويو.
سنڌ منهنجي ڌرتي آهي، تنهن کي ڇڏي وڃڻ جو مان سوچي به نٿو سگهان.“ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جولاءِ ۱۹۴۸ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان کي ڪالعدم قرار ڏئي، اُن جي سمورن اڳواڻن توڻي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به اُنهن مان هڪ هو. گهرو معاملن واري تڏهوڪي وزير مسٽر شهاب الدين ڪامريڊ سوڀي کي آڇ ڪئي ته: ”تون ڀارت وڃ، اسين توکي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ ڪامريڊ سوڀي ڌرتيءَ ڄائي Son of the Soil هئڻ جو ثبوت ڏيندي کيس چيو:
”تون پاڪستان ۾ پناهگير آهين، مان ته سنڌ ڄائو ۽ ڪيترين ئي پيڙهين کان هتي آباد آهيان. مان سنڌ ڪيئن ڇڏيندس؟ مان سنڌ نه ڇڏيندس.“
هڪ ڪتاب ۾ ”ساروڻيون“ جي عنوان سان شامل مضمون ۾ سنڌ جو هيءُ سداچار سپوت لکي ٿو: ”منهنجي ڪاڻ سنڌ ۽ امڙ ٻئي هم معنى آهن. اڄ به مان پنهنجي امڙ جي ٿڃ پي ٻاهتر ورهين جو جوان آهيان...مان ميدان ڇڏي ڀڄندس ڪونه.“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ پاران وقت جي حاڪمن کي اِن ريت کُتو جواب ڏيڻ سندس مَنَ جي هڪ اهڙي اُڌمي کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو هر اُن وطن پرست محب وطن جو نه فقط وَڙُ پر ايمانُ به هوندو آهي. علي احمد بروهي لکي ٿو: ”ڪامريڊ جيل کان سڌو ڀارت وڃڻ بدران ٻي هر قسم جي سزايابيءَ کي اکين تي رکيو...هُن پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ کي ڇڏي، لڏي وڃڻ کان بنهه نابري واري. حالانڪه ڄٽن جي ڏيهه ۾ سندس ڇا حشر ٿيڻو هو، تنهن جي کيس ڀليءَ ڀت خبر هئي.“
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سوڀو صاحب اپريل ۱۹۴۸ع ۾ گرفتار ٿيو. هن موقعي تي تمام گهڻيون گرفتاريون ٿيون ۽ سمورا ٽريڊ يونين ليڊر ۽ ڪميونسٽ پارٽي ورڪر جيل ۾ هليا ويا، سوڀو صاحب وري لڳاتار چئن سالن بعد مارچ ۱۹۵۲ع ۾ فيڊرل ڪورٽ جي فيصلي عنوان سوڀو گيانچنداڻي... ڪرائون مطابق آزاد ٿيو، لڳاتار اذيت ۽ تڪليفن خراب کاڌو ملڻ سبب سوڀو صاحب بيمار ٿي پيو.
سال ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ صوبي اندر صوبائي اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون، ڪامريڊ سوڀو سنڌي عوامي محاذ پاران اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو. ان وقت لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ چار ضلعا هڪ هندو تڪ هيو. ان وقت سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن خلاف هاري ورڪرن ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد ۽ جاڳرتا شروع ٿي چڪي هئي، وڏيرن جي مقابلن ۾ غريب مزدور ۽ هارين جا نمائندا به بيهڻ لڳا هيا، سنڌي عوامي محاذ پاران ۲۴ کن اميدوار صوبائي اسيمبلين ۾ بيٺا جڏهن ته محترم جي ايم سيد گروپ جا اٽڪل ۸ اميدوار بيٺا. ڪامريڊ سوڀي جي مقابلي ۾ هڪ گبر سيٺ سيرو مل ڪرپال داس ٻيراڻي وارو پير صاحب پاڳارو ۽ مسلم ليگ جي حمايت سان بيٺو هيو. ڪامريڊ سوڀي جا لاڙڪاڻي ۾ اليڪشن نگران مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ايڊووڪيٽ دوست محمد ابڙو وڪيل نبي بخش کوسو، غلام نبي کوسو هيا. جڏهن ته ڪراچي کان اڄ جا مشهور سرجن ڊاڪٽر هاشمي، ڊاڪٽر خواجه معين ۽ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جا ترقي پسند شاگرد هيا اهي به سوڀي صاحب جي ورڪ ۾ هزارين رپيا ۽ سائيڪلون کڻي پهتا، سڄي سنڌ جي هاري ورڪرن محنت ڪئي پر اليڪشن ۾ داخل ۱۸ هزار ووٽن مان سوڀو صاحب ۶ هزار ووٽ کنيا ۽ اليڪشن سرمائيدار کٽي ويا.
ڪميونسٽ پارٽي تي بندش پوڻ بعد وري جولائي ۱۹۵۴ع کان مارچ ۱۹۵۶ع تائين جيل ۾ رهيو. ۱۹۵۸ع ۾ صدر جنرل محمد ايوب خان واري مارشل لا لڳڻ بعد کيس گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ فيبروري ۱۹۵۹ع تائين رکيو. پوءِ شاهي قلعي لاهور جي اونداهي ڪال ڪوٺڙي ۾ مهمان رهيو، جتان لاهور هاءِ ڪورٽ کيس آزاد ڪيو. جون ۱۹۵۹ع کان مارچ ۱۹۶۴ع تائين پنهنجي ڳوٺ ٻنڊي ۾ نظر بند رهيو، جتي سرڪار هڪ اسڪول ماستر منگي کي پگهار ڏئي مٿس نظر داري لاءِ مقرر ڪيو، جڏهن هو نظر بند هيو تڏهن ان وقت جمال ابڙو صاحب ۽ تاج محمد ابڙو صاحب وٽس آيا ته ۽ گذارش ڪيائون ته هندستان ۽ چين جي وچ ۾ هلندڙ جنگ بابت وچٿرو بيان ڏيو ته اوهان کي آزادي ملي سگهي ٿي، ليڪن سوڀي صاحب کين جواب ڏيندي چيو ته ”اها بي ايماني ٿيندي اهڙي آزادي ڪو نه گهرجي“ پوءِ ان وقت جي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ڪوششن سان کيس آزادي ملي. جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي ته سيپٽمبر ۱۹۵۶ع ۾ سوڀو صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ۱۹۶۷ع ۾ وري آزادي ملي. هن لاڙڪاڻي لا ڪاليج مان ۱۹۷۰ع ۾ وڪالت پاس ڪري محترم عبدالرزاق سومرو وڪيل سان وڪالت شروع ڪئي. سال ۱۹۷۲ع ۾ سنڌي ٻولي واري بل جي سلسلي ۾ هلچل هلي ۽ سوڀو صاحب کي لاڙڪاڻو بدر ڪيو ويو، هو مير غوث بخش خان بزنجو گورنر بلوچستان جو مهمان ٿيو.
سڄي زندگي لکين ماڻهن لاءِ جاکوڙڻ کان پوءِ به سنڌ جو هڪ سچو ۽ اڏول انسان ڪامريڊ سوڀو ڪنهن نه ڪنهن مقام تي اڄ به اسان کي اڪيلو نظر اچي ٿو پر ان جي باوجود منجهس اها همت ۽ جرئت اڄ به موجود آهي. ڪامريڊ اهو به ٻڌائيندو آهي ته سندس لکڻ ڏانهن توجهه گهٽ رهيو آهي، پر سندس يادگيريون ڏاڍيون مضبوط آهن. ان ڪري اڄ به پنهنجين تقريرن توڙي گفتگو ۾ ڪامريڊ سنڌ جي تاريخ يا ڪميونزم تي ڳالهائيندو آهي ته ڄڻ کليل ڪتاب بڻجي پوندو آهي. ڪنهن پروگرام وغيره ۾ شرڪت لاءِ ڪامريڊ ٻين شهرن ڏانهن وڃي ٿو نه ته پيرسني سبب ڪامريڊ لاڙڪاڻي ۾ ئي رهي ٿو. هتي ادبي سنگت توڙي مختلف سياسي ۽ غير سياسي تنظيمن وارا کيس مختلف پروگرامن ۾ مک مهمان طور دعوت ڏيندا آهن. ڪامريڊ سياسي حوالي سان هڪ انقلابي اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ جن پارٽين ۾ شامل رهيا انهن ۾ ڪانگريس، سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽي، شاگرد، مزدور ۽ هاري تحريڪ به شامل آهن.
ڪامريڊ سوڀو سياست سان گڏ سماجي ۽ ادبي کيتر ۾ به گهڻو ڪم ڪيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون) تاريخ جا وساريل ورق (ڪالم) تاريخ ڳالهائي ٿي وڏي وٿ هئام (ڪالم)
تاريخ بولتي هي (اردو ۾) انقلاب ڪي موت (اردو ۾) سنڌ ڪي انقلابي رهنما (اردو ۾) سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾:
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، سنڌ ايڪويهين صديءَ جي ڏاڪي تي، انٽرويوز، تقريرون، خاڪا ۽ مضمون شامل آهن. ان کانسواءِ ڪامريڊ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم لکندو رهيو.
ڪامريڊ سڄي زندگي بلڪه آخري گهڙين تائين به متحرڪ رهيو، سنڌ جي وحدانيت جي ڳالهه ڪندو رهيو ۽ ڪوشش ڪيائين ته سنڌين کي يڪجا ڪجي. افسوس جو اڄ سوڀ جي علامت ڪامريڊ سوڀو اسان کان موڪلائي ويو ۽ لاڙڪاڻي ۾ ديهانت ڪري ويو. سنڌ صدين تائين سوڀي تي ناز ڪندي رهندي.


ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
ترقي پسند سياست جي اهميت
مراد پندراڻي
اڄ کان ۳ سال اڳ ۸ ڊسمبر ۲۰۱۴ع جي ڏينهن تي عظيم انقلابي اڳواڻ ۽ زندگي جي آخري پساهن تائين ترقي پسند سياست کي پاڻ ارپيندڙ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي اسان کي اڪيلو ڪري هميشه لاءِ هن دنيا مان هليو ويو پر هن جو ڏنل واٽ اسان لاءِ مشعل راهه آهي ۽ زندگي جي آخري گهڙي تائين رهندو. سڌريل معاشرن اندر ماڻهو پنهنجن عظيم اڳواڻن کي تمام زبردست نموني ڀيٽا ڏئي ڪري ياد ڪندا آهن پر اسان وٽ عظيم ماڻهن کي ياد ڪرڻ مهل الائي ڇو ائين ٿيندو آهي جو مختلف سبب ڄاڻائي ڪري بهانو بڻايو ويندو آهي ۽ اهڙن عظيم شخصيتن کي تمام ننڍي سطح تائين کين ياد ڪيو ويندو آهي يا وري وساري ڇڏيو ويندو آهي، ڪامريڊ سوڀو هن ملڪ سان گڏ برصغير اندر انهن عظيم ماڻهن ۾ ڳڻيو ويندو آهي جيڪي نه صرف پنهنجي ڪردار پر پنهنجي عملي جدوجهدن سبب به هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهن، تنهن ڪري ڪامريڊ سوڀو جي باري ۾ جڏهن به ڳالهه شروع ٿيندو آهي ته ان جي زندگي جا ڪيترا ئي پاسا اسان جي سامهون نروار ٿي ڪري ان جي شخصيت کي وڌيڪ چٽو ۽ کليل رکن ٿا، خاص طور تي سنڌ اندر امن ۽ ڀائيچاري بابت جڏهن به ڳالهيون ٿينديون آهن ته ڪامريڊ سوڀو ان حوالي سان ٻين سڀنين کان اڳڀرو هيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهندي هن ڪڏهن مذهبي تفرقن کي وڌڻ، ويجهڻ نه ڏنو.
اڄ اسان ڪامريڊ سوڀي کي ياد ڪندي حالتن اندر ان جي کوٽ کي تمام گهڻي حد تائين محسوس ڪري رهيا آهيون ۽ ان جي ڇڏيل واٽ کي به عملي طور تي وساري ويٺا آهيون جنهن واٽ تي هلندي هن پنهنجي زندگي اندر عام ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي جا خواب ڏٺا هئا، جنهن ملڪ اندر مذهب جي نالي تي بيگناهه ماڻهن جي قاتلام عام هجي ۽ فرقي جي نعري هيٺ نفرتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون هجن اهڙن حالتن ۾ عام ماڻهن اندر برداشت ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ ڪوبه تيار ناهي ۽ ڪامريڊ سوڀو جهڙي عظيم انسان کي ياد ڪندي ان جي کوٽ کي تمام گهڻو محسوس ڪري رهيا آهيون. ڪامريڊ سوڀو آخري وقت تائين جنهن صبر ۽ برداشت واري زندگي گذاري اها اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي ۽ صوفين جي سرزمين اندر وڌندڙ انتهاپسندي کي ڪامريڊ سوڀي جي گذاريل زندگي ۽ ڏنل پيغام تحت ئي بچائي سگهجي ٿو، امن، ڀائيچاري ۽ محبت جي پرچارڪ ڪندي زندگي گذاريندڙ ڪامريڊ سوڀو اسان سڀني لاءِ هڪ منفرد ڪردار آهي.
مون پنهنجن گذريل مضمونن اندر به سنڌ حڪومت جي رويي جي نندا ڪئي هئي ۽ اڄ به ساڳي ڳالهه ورجايان ٿو ته ڪامريڊ سوڀي جي شخصيت ۽ ان جي خاندان توڙي همدردن سان ڪيل مذاق انهن کي زندگي ڀر ياد رهندو جو پيپلزپارٽي جا ڪيترا ئي ناليوارا اڳواڻ واعدو ڪرڻ باوجود به ڪامريڊ جي سماڌي ته ٺهيو نالي سان هڪ يادگار بڻائي نه سگهيا، اها صوبائي حڪومت جي نااهلي چئجي يا وري عظيم شخصيت جي ڪردار کان انڪار سمجهجي پر هڪ ڳالهه واضع آهي ته پيپلزپارٽي جي هيٺين سطح کان وٺي اعليٰ قيادت تائين سياسي سوچ رکندڙ ڪارڪن توڙي اڳواڻن جي کوٽ موجود آهي جنهن سبب سياسي طور تي هيءُ پارٽي ڏينهون ڏينهن سڪڙجندي پئي وڃي. جس هجي ڪامريڊ سوڀي جي وارثن کي جن ڪامريڊ جي نالي سان ڪامريڊ جي جنم ڀومي ٻنڊي ۾ هڪ فلاحي اسپتال قائم ڪرائڻ لاءِ پلاٽ هٿ ڪري ورتو آهي جنهن تي هڪ ماڊل اسپتال قائم ڪيو ويندو. اهڙي صورتحال ۾ نرمل سوڀو گيانچنداڻي جي همٿ ۽ جذبي کي سلام آهي جو هو ڪامريڊ سوڀي جي ورسي توڙي سالگرهه جي موقعي تي ننڍي پيماني تي سهي پر پنهنجي گهر اندر پروگرام ڪرائي هڪ عظيم پيءُ جي عظيم فرزند جو فرض نڀائي رهيو آهي.
ترقي پسند سياست بابت ڳالهه ٿئي ۽ ڪامريڊ سوڀي جو ذڪر نه ٿئي اهو ممڪن ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته لاڙڪاڻو پنهنجي جڳهه تي پر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به اوهان کي کاٻي ڌر سان سلهاڙيل ڪارڪن توڙي اڳواڻ ملندا ته ڪامريڊ جي خاندان بابت ضرور پڇا ڪندو ۽ لاڙڪاڻي کي هو پنهنجي انداز ۾ ڪامريڊ سوڀي جو شهر طور سڃاڻپ ڏياريندي کاٻي ڌر جي سياست جي ڳڙهه طور پيش ڪيو ويندو آهي. ڇاڪان ته ڪامريڊ سوڀو وڏي عرصي کان ڳوٺ ڇڏي ڪري لاڙڪاڻو آباد ڪيو هو تنهن ڪري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ اڳواڻ توڙي ڪارڪن ڪامريڊ سان ملڻ ۽ سياسي تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻو ايندا هئا. ڪامريڊ سوڀو ڪارڪنن لاءِ هڪ اتساهه هيو ۽ آخري وقت تائين ڪارڪنن کي مثبت سياست ڪرڻ ۽ هيٺين طبقي جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو سبق ڏيندو رهيو.
ملڪ اندر هن وقت ترقي پسند سياست سان سلهاڙيل ڪارڪن توڙي اڳواڻ تمام ڪمزور حالتن اندر آخري پساهن ۾ آهن ۽ جتي به موجود آهن ته اتي ڇڙوڇڙ آهن تنهن ڪري انهن کي گڏجڻ ۾ به تمام گهڻو وقت لڳي سگهي ٿو، کاٻي ڌر جي سياست موجوده حالتن ۾ انتهائي ضروري ۽ انساني بقاء خاطر اڻٽر آهي ڇاڪاڻ ته هن سماج اندر وڌندڙ تنگ نظري ۽ انتهاپسندي جي پنجوڙ مان ترقي پسند خيال رکندڙ سياسي ڪارڪن ئي اسان کي بچائي سگهن ٿا ۽ نئون راهه متعن ڪري سگهن ٿا. گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ اندر کاٻي ڌر سان سلهاڙيل ڪجهه دوست حيدرآباد توڙي ٻين شهرن اندر سرگرميون ڪندي نظر اچي رهيا آهن جيڪا عمل انتهائي مثبت ۽ هاڪاري چئي سگهجي ٿو، انهن پراڻن ترقي پسند اڳواڻن توڙي ڪارڪنن کي سڄي سنڌ اندر ڳوٺ ڳوٺ. شهر شهر وڃڻ گهرجي ۽ ترقي پسند سوچ سان سلهاڙيل توڙي پنهنجن هم خيال ماڻهن کي هڪ مڪمل ۽ اعتماد جوڳو پيغام ڏيڻ گهرجي ته اهي وري عملي طور تي گڏجي رهيا آهن ۽ عوامي مسئلن تي عملي جدوجهد ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتا آهن. ڪامريڊ سوڀي سان گڏ کاٻي ڌر جي سياست کي بچائڻ لاءِ هيءُ آخري جتن ڪرڻ اسان جي بقاء جي جنگ وڙهڻ کان گهٽ ناهي ۽ ترقي پسند سوچ کي بچائيندي سرخرو ٿيڻ جو هيءُ آخري موقعو آهي. انهي لاءِ سنڌ توڙي پوري ملڪ اندر موجود سڀني ڪامريڊن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڪري منظم جدوجهد ڪرڻ ۽ ترقي پسند معيارن تي ٻڌل جمهوري سياست جي شروعات ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوامي حقن بابت جدوجهد کي نئين جذبي تحت شروع ڪجي ۽ وري عام ماڻهن سان جڙي ڪري عوامي سياست کي وري جيارجي. ڪامريڊ سوڀي جي ڇڏيل مشن کي اهڙي نموني ئي مڪمل ڪري سگهجي ٿو ۽ ترقي پسند سوچ سان محبت ڪندڙ هن عظيم شخصيت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اهو عمل ئي مشعل راهه آهي.



ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
هڪ سِر-وَيچُ ۽ کاهوڙي ڪردار
مير نادر علي ابڙو
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي انتهائي پراڻن دوستن منجهان هڪ دوست آهي، جڏهن کان مون هوش سنڀاليو ته ڪامريڊ سوڀي جو ذڪر گهر ڀاتين جي زباني ٻُڌو اٿم . منهنجي والد جو هي واحد دوست آهي. جيڪو اسان جي گهر ڀاتين جيان ڄڻ ته فيملي جو هڪ فرد آهي. مان به ڪامريڊ جي گهر ۾ جيڪي به پروگرام ٿيندا آهن، خصوصن سندس سالگرهه، گهر جي ڀاتين سان گڏ موجود هوندو آهيان. بابا سائين جي وفات کان پوءِ ڪامريڊ سوڀي جي اسان جي فيملي سان هر ڏکي وقت ۾ اخلاقي مدد رهي، پر مان ڪامريڊ سان اڃا وڌيڪ ويجهو تڏهن ٿيس، جڏهن مون ۱۹۹۳ ۾ لاڙڪاڻي ۾ عبدالرزاق سومرو سان گڏ وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي پر جلد ئي عبدالرزاق سومرو سفير ٿي دبئي هليو ويو. تڏهن ئي ڪامريڊ سوڀي مونکي چيو ته مان وڪالت ۾ ادا تاج محمد جو شاگرد هئس، مونکي وڏي خوشي ٿيندي اگر تون منهنجو وڪالت ۾ شاگرد ٿئين. مان راضپو ڏيکاريو ۽ پوءِ اصل ۾ اهو ڪامريڊ سوڀو ئي هيو، جيڪو مونکي هر ادبي گڏجاڻي ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هئو. اهڙي نموني منهنجي ادبي تربيت ٿي ۽ ڪامريڊ سوڀي جي اصرار تي ئي مون ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. ڪامريڊ سوڀي کي مون سان ايترو ئي پيار هيو، جيترو سندس وڏي پٽ ڊاڪٽر ڪنعي سان وڪالت ۾ به بحيثيت جونيئر جي مون لاڙڪاڻي ۾ هي واحد وڪيل ڏٺو، جيڪو هٿ جو ڏاڍو ڪشادو هو، مونکي هر ڪيس جي في ملڻ تي ڪجهه نه ڪجهه في منجهان پئسا بطور خرچي ڏيندو هئو ۽ ايئن هن منهنجو کيسو  هميشه گرم رکيو. مون ڪافي اهڙن موقعن تي غريب اصيلن کي ڪامريڊ جي هٿان بجاءِ في وٺڻ جي پنهنجي هڙان وڙان ڪاغذن پٽن جو خرچ برداشت ڪندي ڏٺو پر مرڳو اصيل اگر ڪامريڊ کي چئي ويٺو، ته ڪامريڊ ڳوٺ وڃڻ جيترو ڪرايو به ڪونه اٿم . ته يڪدم ڪامريڊ کيسي ۾ هٿ وجهي ڪرائي جا پئسا به ڏيندو هئو. نه فقط ايترو پر ڪيس به انهن جا کڻندي ڏٺو مانس جيڪي ناحقي جيل ۾ هجن، اڳ ۾ هنن کان پڪ وٺندو هئو، ته واقعي پوليس جا ستايل آهن، پوءِ جي سمجهندو هئو، ته واقعي اصيل بي ڏوهي ڦاٿو آهي، ته ڪيس کڻندو ور نه ٿڏي تي ئي جواب ڏيندو هئو، پر هڪ موقعي تي ته مونکي تعجب لڳو، جڏهن ڪامريڊ ڪيس وٺي هلائي رهيو هئو ۽ خبر پيس ته هي ماڻهو واقعي به ڏوهي آهي، ته هن کان ورتل سموري في واپس ڪندي چيائين ته مان ڪنهن ڏوهي کي بچائڻ لاءِ وڪالت ڪو نه ٿو ڪريان.
ڪامريڊ جو وڏو شوق ۽ اصرار هئو، ته تون وڪالت کي ئي جاري رک پر مونکي سرڪاري نوڪري ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هئو ۽ آخرڪار اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿيس ۽ ڪامريڊ کي ٻڌايم ته ڪامريڊ منهنجي پيشاني تي چمي ڏئي چيو ته نادر هاڻي سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي پارت اٿئي. هي تنهنجو عهدو MNA ۽ MPA کان وڌيڪ اٿئي. ممڪن آهي ته MNA ۽ MPA کي آفيسر جواب ڏين پر توکي ڪونه ڏيندا. تون انهي عهدي تي رهي سنڌ جي ڏتڙيل پيرين اگهاڙين جي پنهنجي والد وانگر خدمت ڪجانءِ ۽ انهي جو نالو روشن رکجانءِ. ڪامريڊ سوڀي کي مون انسان جي روپ ۾ فرشتو ڄاتو. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي زندگي ۾ اهڙو غريب نواز شخص سنڌ ۾ اڃان ڪونه مليو آهي. ڪوئي به در تي آيو، ته ڪامريڊ پنهنجي وس کان ٻاهر سندس اخلاقي توڙي مالي مدد ڪري هن جي تڪليف ضرور دور ڪندو ۽ پوءِ ئي ساهه پٽيندو. ڪامريڊ سوڀو جيڪو جيلن ۽ سختين سان ته کلندي کلندي منهن ڏئي آيو، پر مون سندس اکيون آليون ٿيندي ڏٺو، ته فقط ۽ فقط سندس پٽ ڊاڪٽر ڪنعي جي وفات تي ڏٺو، جنهن لاءِ مون کي چوندو آهي، ته نادر بابا ڪنعيو پٽ ته منهنجو هيو پر تنهنجي والد ادا تاج محمد هن کي اڄ کان ۲۰ سال اڳ ۾ ئي سمجهي ويو هيو ۽ مونکي هوشيار ڪندي اڳڪٿي ڪئي هئائين ته ڪنعيو پٽڙي تان لهڻ وارو اٿئي، ڪنٽرول ڪرينس، پر انهيءَ وقت مون سندس انهيءَ ڳالهه تي بنهه غور ڪونه ڪيو. ڇو جو مونکي وهم گمان به ڪونه هئو، ته ڪنعيو هيڏو شاعر ۽ اديب آهي، مون هن جي وڏي محنت سان تربيت ڪئي آهي، هو غلط صحبت ۾ ته اچي ئي نه ٿو سگهي، مگر ٿيو اهو ئي، جيڪو ادا تاج محمد ۲۰ سال اڳ اڳڪٿي ڪئي هئي. پر ڪامريڊ ايڏي وڏي صدمي سهڻ کان پوءِ به هماليه جبل وانگر مضبوط ۽ ارڏو پنهنجي مشن سان لڳل نظر اچي ٿو.
شال ڪامريڊ چنڊ ۽ ستارن جيڏي ڄمار ماڻي ۽ تازي گلاب جي گل وانگر ٽڙندڙ رهي، سندس خوشبو جي سڳند سان سنڌ واسيل رهي.

(عبرت، عوامي آواز، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، سنڌ، سنڌو)



سوڀو گيانچنداڻي
سنڌ جي تاريخ جو امر ڪردار
منظور ڪوهيار
نه هو اسان جو گروديو، نه اسان هن جا چيلا چتينگ، اسان جي ته هن سان قرب ڪاريءَ واري واٽ رهي آهي. شناسائيءَ کان اڳ ايتري خبر هئي ته هوءَ هڪ اهڙي ويچار ڌارا واري شخصيت آهي. جنهن لاءِ شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سر رامڪلي ۾ اڳ ئي فرمايو آهي؛
نه ڪي نمن ناٿ کي، ناٿ نه نمائين
جاٽا ڪن نه جوڳ کي، جوڳ نه جهارين
آديسي آڻين، اهڃاڻيون الماس جون

اها به خبر هئي ته هو اهڙو ڀوميو آهي. جنهن وقت جي متعصب حاڪم جي، ڌرتي ڇڏڻ واري ڌمڪي کي گدڙ ڀڀڪي سمجهيو.
حقيقت ۾ سندس نظرياتي ۽ سياسي ويچار ڌارائن تي تفصيل سان اُهي ڳالهائن، جيڪي هجن نظرياتي ۽ سياسي سپورنج.
پنهنجي پهرين سينڌ ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن ذهن ۾ اينٿراپالاجي تي ايم فل ڪرڻ جو مٿي ۾ اُٺ ويٺو. عنوان هو .socio-anthro pological study of Buledi tribe of Pakistan ان سبب لنگهي ويو هومانس در. عزت احترام سان ويهاري، حال احوال ورتائين. پوءِ جو اچي ڪتابن جا نالا کنيائين ته ائين لڳو ڄڻ ڪامريڊ سوڀو. اصل ۾ تحقيق جو ماڻهو آهي. ڀلجي ٻئي پاسي ڏانهن هليو ويو آهي. ايڏي کليل دل وارو شخص جو پنهنجي لائبريريءَ جي سڀني ڪٻٽن جا تالا کولي چيائين. ”جيڪي وڻني سي کڻ، پر موٽائجانءِ سهي.“
جيترا ڪتاب کڻي سگهيم اوترا کنيم. فوٽو اسٽيٽ ڪري موٽائي ڏيندو ويومانس. اهو ۱۹۸۱ع وارو دؤر هو.
نوڪري ٽوڪري آهي. ۱۹۸۲ع ۾ حيدرآباد کان خيرپور بدلي ٿي. انهيءَ دؤران ايم فل جي گائيڊ. حيدرآباد جا ڇهه ست اجايا ڦيرا ڏياريا ته منهنجو ايم فل تان ارواح ئي کڄي ويو. ڪامريڊ سان جنهن بهاني ملاقات ٿيندي هئي. اهو ئي نه رهيو ته ڇٽي ڇماهي ملاقات ٿيڻ لڳي. اها به خصوصن اهڙين محفلن ۾ جتي ڪو ادبي چوزو آني مان ڦٽندو هو يا ڪو اٺ (ڪو اديب ڪتاب جي مهورت ڪرائيندي) پتڻ تي ڪٽبو هو.
وري مسلسل ملاقاتون تڏهن ٿيون. جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جي دڙي جو آغاز ٿيو. هدايت منگي پهريون سيڪريٽري، ٻيو مان ٽيون ڪنعيو گيانچنداڻي ٿيو. اهو دؤر غالبا ۱۹۸۹ع کان ۱۹۹۳ع تائين جو آهي. اهي ڪچهريون عموما موهن جي دڙي تي، خصوصن علي شير رونگهي جي اوطاق يا ڪامريڊ سوڀي جي گهر ٿينديون هيون. ڪچهريون به اهڙيون  جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿي. ويٺي ويٺي ٻارنهن ٿي وڃن. ڪامريڊ سوڀي جو انداز نرالو، جنهن موضوع تي ڳالهائيندو ته ڏاڍو تفصيل سان، برصغير جي سياسي سماجي تاريخ سان گڏ سڄي دنيا جي تاريخ کي ورجائي ويندو هو. انهيءَ دؤر جي مشهور شخصيتن ۽ سندن جدوجهد تي تجزياتي تبصرو به ڪري ويندو هو. سچ پچ ته اتي سمجهو ڪي سمجهن، باقي اسان جهڙن وچٿرن دماغن ۾ ته اها معلومات ائين گڏ مڏ ٿي ويندي هئي، جي اسان کان ڪو پڇي ته ڇا سمجهيئه ته جواب اهو هوندو. ”جانا ڪه  يه جانا، ڪه نه جانا ڪڇ ڀي.“
اسان ته اسان پر جيڪي ڳوهه مان واڳون ٿيو گهمندا هئا. انهن جو به حال اهو هوندو هو، جو سڄي قصي ٻڌڻ کان پوءِ ڪامريڊ سوڀي کان پڇندا هئا.  ”سائين زليخان مرد هو يا مائي؟“
ڪي ته وري اهڙا به هوندا آهن، جن کي اها به خبر ناهي هوندي ته سياست جي ڪڪڙ ڪٿان مٽندي آهي. پر پوءِ به کڙين سان ککڙيون ڀڃندا وتندا آهن پر ڪامريڊ جي ديا درشٽي سڀن جي مٿان. هي سڀني کي پيو متيون ڏيندو ۽ ويچار ونڊيندو. اهو ڏسي مون کي يسوع مسيح جي ٻڌايل آکاڻي ياد ايندي آهي.
”هڪ هاري ٻني ۾ ٻج ڇٽيو. ڪي پکي چڳي ويا. جيڪو ٻج پيچرن جي آسپاس ڪريو، اُتان سلا نڪتا، سخت زمين هجڻ ڪري پاڙون گهرائيءَ ۾ نه ويون. ان ڪري سج جي تپش جو مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ سڙي ويا. ڪي ڊاڀولين ۽ ڪنڊن ۾ ڪريا، جن کين اسرڻ ئي نه ڏنو. جيڪي ٻج سٺي زمين تي ڪريا. انهن مان هر ٻج  پنهنجي تعداد کان ٽيهوڻو فصل ڏنو.“
شايد ان ڪري ڪامريڊ سوڀو به هر ڀونءِ ۾ ٻج ڇٽي ٿو. بس اهو زمين تي منحصر آهي يا ان جي دل و دماغ تي.
سندس ليڪچر ۽ تقريرون ته طوالت جي لحاظ کان مشهور آهن. پر ادبي گڏجاڻين ۾ سندس راءِ ڏاڍي مختصر مگر جامع هوندي آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙي جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ منهنجي ڪالم ”فڪر ڦرهي هٿ ۾“ بابت صرف ايتري راءِ ڏنائين؛
”نڪ تي چڙهي ٿو لڙين!“
ڪامريڊ سوڀي جي عادت آهي، هو ڪهاڻي ڏاڍي انهماڪ سان ٻڌندو آهي. تبصري لائق هوندي ته تبصرو ڪندو، نه ته بس، هڪ دفعي جڏهن ان جو کائنس سبب پڇيوسين ته وراڻيائين؛ ” بنيادي طور تي مان ڪهاڻيڪار آهيان. ان ڪري جيڪا ڪهاڻي مون کي وڻندي آهي، مان صرف ان تي  ڳالهائيندو آهيان. ادب ۾ مون جنهن صنف تي پهرين طبع آزمائي ڪئي، اها ڪهاڻي هئي.جنهن جو عنوان هو ”اڍائي روپيه.“ جيڪا سنسار سماچار اخبار ۾ ڇپي، وياج خوريءَ جي خلاف هئي. انهيءَ وقت منهنجي عمر ۱۸ سال هئي.“
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته کيس ان زماني ۾ به هڪ اهڙي سماجي برائي تي لکڻ جو احساس ٿيو، جيڪا اڄ به هڪ وڏي سماجي برائي آهي. سچ ته وياج خوري اڄ به دنيا جي وڏي لعنت آهي ۽ وياج خور لعنتي.
ڪامريڊ سوڀي جيڪي به ڪهاڻيون لکيون، انهن جا موضوع، سماجي حقيقت پسندي تي ٻڌل آهن. هن اهڙن موضوعن کي چونڊيو، جيڪي اڄ به اسان جي سماج جا ٻرندڙ مسئلا آهن. ۽ ان جي گواهي سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”ڪڏهن بهار ايندو“ ڏئي ٿو.
مون سندس انگريزيءَ ۾ لکيل ٻه ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون، جيڪي هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ۱۹۹۰ع ۾ ڇپيون.
۱_ this is, how some boys make love.
۲_ sucide
اهي ٻئي ڪهاڻيون، ”شانتي نڪيتن“ مان نڪرندڙ انگريزي جريدي، ”وشوا ڀارتي“ ۾ ۱۹۴۰ع ڌاران ڇپيون هيون.
ڪامريڊ سوڀي جو چوڻ آهي ته هن، شانتي نڪيتن ۾ ڏاڍو پڙهيو. ادب پڙهڻ ۽ لکڻ طرف جن ماڻهن سندس رهنمائي ڪئي. انهن ۾، ”شانتي نڪيتن“ جو لئبريرن ”پرڀات راءِ.“ ٻيو استاد اليگزينڊر آرنيسن ۽ ٽيون سندس گروديو  رابندر ناٿ ٽئگور، جنهن جي ذاتي لائبريريءَ  مان به هن استفاده ڪيو. ادب مان جن ليکڪن کان گهڻو متاثر ٿيو، تن ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، شرت چندر، ٽالسٽاءِ ۽ دوستو وسڪي جا نالا اهم آهن.
گهڻو ڪري اهو ئي سبب آهي جو ڪامريڊ سوڀي جو سڀاءُ ڪنهن وڏي جر واري کوهه جيان آهي. جتان هر مسلڪ، هر خيال ۽ ويچار ڌارا جو ماڻهو اچي علمي اڃ اجهائيندو آهي. مون سندس گهر ۾ مرحوم قربان علي بگٽي، مرحوم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، مرحوم شاهنواز سوڍر، مرحوم هدايت منگي، سليم ڪورائي، رزاق مهر، انعام شيخ ۽ ممتاز ابڙو وغيره کي ايندي ويندي ڏٺو. موضوع سخن هميشه ڪو علمي نڪته نظر هوندو هو. اختلافن جي باوجود به اشتراڪ هو ته سماج مان قحط الرجال کي ڪيئن گهٽ ڪجي.
سڀاءُ جو ذڪر نڪتو ته، ”ياران ڪهن“ سان سندس گفتگو ۽ ورتاءَ ياد پيو. سائين اياز قادري لاڙڪاڻي ايندو هو ته مون کي گهرائي چوندو هو.
”اوهان شام جو ڪچهريءَ ۾ سوڀي کي ضرور وٺي اچجو.“
ڪامريڊ سوڀي کي نياپو پهتو، ته نه قيل نه قال، ها، ته ها ٿي وئي. شام  ٿيندي هئي ته ڪامريڊ، سائين اياز وٽ. ٻنهي جي ڪچهري ائين ڀاسندي هئي ڄڻ ٻه سُمانا سُرت وند صلاحو هجن ته سنڌ جي ثقافت ۽ ادب کي ڪئين بچائجي ۽ سماج مان غير معياري رسمن ۽ رواجن کي ڪيئن تڙجي؟  ٻنهي کي ڏسي ڀٽائيءَ جو  اهو بيت ياد پوندو هو.
ويٺي جنين وٽ،  ڏکندو  ڏور ٿئي،
تن تنين سي ڪٽ، اڏي اوڏا پکڙا.

ڪامريڊ سوڀي کي مون ان وقت به ڏٺو. جڏهن ۱۹۸۹ع ۾ موهن جي دڙي تي سگا طرفان سچل انٽرنيشنل ڪانگريس منقعد ٿي هئي. ان موقعي تي سندس هڪ جيڏا ۽ همعصر ليکڪ هند مان ڪهي آيا هئا. گوبند مالهي، ڪرشن کٽواڻي، مرلي ڌر جيٽلي ۽ ٻيا. ڪامريڊ انهيءَ ڏينهن تي ايڏو خوش پئي لڳو ڄڻ جواني موٽي آئي هجيس. اسٽوپا تي چڙهي جڏهن گوبند مالهيءَ سان پئي ڳالهايائين ته ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ تاريخ، تاريخ سان ڳالهائيندي هجي.
ڪامريڊ سوڀي جي بارگيري ۽ بردبار طبيعت جا ڪيئي قصا آهن. ٻين جو ڪهڙو ذڪر ڪجي. پنهنجو ٿو ڪجي، ته هڪ دفعو علي شيررونگھي جي اوطاق تي، سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙو جي انتظامي معاملي تي  ڪنعيي ۽ منهنجو اٽڪاءُ ٿي پيو. ڪامريد سوڀو، منٺار سولنگي ۽ ٻي سنگت به ويٺي هئي. منهنجي ڳالهائڻ ۾ تيزي ۽ ترشي وڌيڪ هئي. جيتوڻيڪ ڪامريڊ جو ڪنعيي سان پيار عالمِ آشڪار هيو. ڪامريڊ ڪنهنجي به ڀر نه کنئي.  شايد کيس خبر هئي ته چرين ۽ مستن جو جهيڙو آهي. پاڻهي ٺهي ويندا. ٿيو به ائين جو ٻي ڏينهن تي ڪنعيو مون سان لاڙڪاڻي جي پاڪستاني چونڪ تي مليو. چيائين.
”ڀائيجان، مان شايد اوهان کي سمجهائي نه سگهيس.“
چيومانس. ”يار معاف ڪجانءِ، مان توسان تيز ٿي ويس.“
ڪنعيو گيانچنداڻي لڳندو هو ته ڪجهه ڪجهه شخصي انتشار (personality disorganization) جو شڪار آهي. پر سندس آزاد نظمن، ڪهاڻين ڪالمن جي لکڻ واري شوق مان اندازو ٿيندو هيو ته هو پاڻ سنڀالي ويندو. هونئن به هن دؤرِ آشوب ۾ اهو ڪهڙو ماڻهو آهي، جيڪو شخصي انتشار جو شڪار ناهي؟ هر ڪو، ڪنهن نه ڪنهن راههِ فرار تي گامزن آهي. پر ڪن ماڻهن جي فراريت جي راهه ڪنڊن سان لبريز هوندي آهي. خبر نه آهي ڪنعيي اها راهه ڇو اختيار ڪئي؟ جيتوڻيڪ هو گهڻ پڙهيو ۽ ايم. بي. بي ايس ڊاڪٽر هو. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوش نصيبي جو ڪامريڊ سوڀي جهڙو سوڀياوان پيءُ ۽ ڪلپنا ديوي جهڙي ذهين ۽ سوڀنيڪ جيون ساٿي. هو جيئن پوءِ تيئن هڪ اهڙو منڌل سٽ بڻجي ويو، جنهن کي ڪامريڊ سوڀي جهڙو سٻوجهه به نه سلجهائي سگهيو. ليڪن انهيءَ دؤران هن گڻونت ۽ گياني منش ڇا ڇا نه ڪيو. ڪنعيي لاءِ ۽ ڪنعيي جي مرتئي کان پوءِ هر ڪنهن ائين پئي سمجهيو ته ڪامريڊ ڌڪ نه پچائي سگهندو. پر هو ته ارنيسٽ همينگوي جي ناول”پوڙهو ۽ سمنڊ“ جي ڪردار ’سينٽياگو‘ کان به وڌيڪ مضبوط لڳو. جنهن جو ڊائلاگ هو ؛
 Man can be destroyed, but cannot be defeated.
(ماڻهو ختم ٿي سگهي ٿو، پر شڪست کائي نٿو سگهي.)



سوڀو گيانچنداڻي
سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر جو ساکي ۽ سرواڻ!
محمد ابراھيم جويو
اسان جي ساٿي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي طبيعت اڄلڪهه ناساز آهي ۽ پاڻ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. هيءُ اهو ئي سوڀو آهي، جنهن ورهاڱي وقت چيو هو ته، ”سنڌ منهنجي ڌرتي آهي، تنهن کي ڇڏي وڃڻ جو مان سوچي به نٿو سگهان.“ جڏهن کان سندس اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي خبر پيئي آهي، تڏهن کان من تي هڪ عجيب اداسي ڇانيل آهي. ساڳيي وقت، هن سان گهاريل زندگيءَ جا ڪيترا ئي پل ۽ پهر پڻ ذهن تي اڀري بيٺا آهن. اسان جو ڪامريڊ سوڀو ڪنهن به شڪ کان سواءِ سنڌ جو املهه سرمايو آهي، جنهن سنڌ ۾ نئين تعمير ۾ ۽ سنڌ کي عقل تي آڌاريندڙ، وهمن، وسوسن توڻي هر قسم جي ڦرلٽ کان آجي سماج بنائڻ لاءِ بنهه بنيادي قسم جو ڪم ڪيو آهي. خاص طرح، سماج وادي فڪر جي پکيڙ ۽ پرچار ۾، هن نهايت اهم، مائيدار ۽ ڳڻپ جوڳو ڪم ڪيو آهي. سوڀو سنڌ ۾ ٻڌيءَ جي علامت به آهي، جنهن پنهنجي فڪري صحبت سان سنڌ جي انيڪ ترقي پسندن ۽ وطن دوستن کي فيضياب ڪيو آهي. ملڪ ٺهڻ کان پوءِ جولاءِ ۱۹۴۸ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي پابندي مڙهي ويئي. ان جي سمورن اڳواڻن توڻي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به جيل ڀيڙو ڪيو ويو. گهرو معاملن واري تڏهوڪي وزير مسٽر شهاب الدين ڪامريڊ سوڀي کي آڇ ڪئي ته ”تون ڀارت وڃ، اسين تو کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ ڪامريڊ سوڀي ڌرتيءَ ڄائي (son of the soil) هئڻ جو ثبوت ڏيندي کيس چيو: ”تون پاڪستان ۾ پناهگير آهين، مان ته سنڌ ڄائو ۽ صدين جي صدين کان هتي آباد آهيان. مان سنڌ ڪيئن ڇڏيندس؟ مان سنڌ نه ڇڏيندس.“
هن پنهنجي ڪتاب ۾ ”ساروڻيون“ جي عنوان سان هڪ مضمون شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جو هيءُ سڄاڻ سپوت لکي ٿو: ”منهنجي لاءِ سنڌ ۽ امڙ ٻئي هم معنيٰ آهن. اڄ به مان پنهنجي امڙ جي ٿڃ پي، ٻارنهن ورهين جو جوان آهيان.... مان ميدانُ ڇڏي ڀڄندس ڪونه....“ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو وقت جي حاڪمن کي ان ريت کُتو جواب ڏيڻ پنهنجي وطن ۽ وطن واسين سان سچائيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. علي احمد بروهي لکي ٿو: ”(ڪامريڊ) جيل کان سڌو ڀارت وڃڻ بدران، ٻيءَ هر قسم جي سزايابيءَ کي اکين تي رکيو...هُن پنهنجي جنم ڀوميءَ سنڌ مان لڏي وڃڻ کان بنهه نابري واري.“ اسان جي ساٿي سوڀي سنڌ ۾ رهي، ترقي پسند ۽ وطن دوست فڪر جي آبياري ڪرڻ کي ترجيح تي رکيو. سوڀو هڪ هنڌ لکي ٿو: ”.....مان پهرين انقلابي آهيان، منهنجي خواهش آهي ته مون کي پڇاڙيءَ تائين انقلابي، دوستن جو دوست، ساٿين جو ساٿي ۽ مظلومن جو گهڻگهرو سمجهيو وڃي.“ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۱۹۳۹ع ۾ مهان ڪوي ٽئگور جي برپا ڪيل ”شانتي نڪيتن“ ۾ سُر ۽ سرود جي وديا پرائڻ ويو، جتي سندس حقيقي معنيٰ ۾ ذهني اوسر ٿي. هن اداري ۾ سکيا دوران جتي ٽئگور جهڙي ٻهڳڻي شخصيت موهن جي دڙي وٽان آيل ماڻهوءَ، سوڀي، کي پنهنجي خاص توجهه ۽ شفقت جي نظر سان نوازيو، اتي کيس ان دؤر جي ملڪ جي چوٽيءَ جي اڳواڻن ۽ انقلابين جهڙوڪ مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، سڀاش چندر بوس ۽ سوميندر ناٿ ٺاڪر جهڙين شخصيتن سان مُکاميل ٿيڻ جو موقعو به مليو. هن ئي اداري ۾ نوجوان سوڀي جي ملاقات پنا لال داس گپتا سان ٿي، جيڪو تن ڏينهن ۾ هڪ وڏو ڪميونسٽ اڳواڻ هو. هُن سوڀي جي مَن ۾ ملڪ مان بک، بيماري، جهالت ختم ڪرڻ ۽ اميريءَ ۽ غريبيءَ جي فرق کي مٽائڻ يعني سوشلزم لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو جذبو جاڳايو. ڪامريڊ سوڀي هن ڪتاب ۾ پنا لال داس گپتا سان ٿيل سندس ملاقات ۽ بعد ۾ ساڻس لاڳاپن جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي. لکي ٿو: ”مون کي سياست جي گهاٽي جهنگ مان پيچرو ڏسيندڙ سندس ذات ئي رهي آهي.“ سوڀو وڏڀاڳي آهي، جنهن کي شانتي نڪيتن جهڙي جڳ مشهور اداري مان وِديا پرائڻ جو موقعو مليو. هن اداري سچ پچ ته سوڀي جي ذهن جي ڪايا پلٽي ڇڏي ۽ هُو هڪ سچي انقلابيءَ جي حيثيت ۾ ”ڪجهه ڪري ڏيکارڻ“ ۽ ”انساني سماج جي تشڪيل نؤ“ ۾ پنهنجي ڪردار نڀائڻ لاءِ ميدانِ عمل ۾ لٿو.
ڪامريد سوڀو گيانچنداڻي شانتي نڪيتن ۾ ٻه سال رهيو ۽ ۱۹۴۱ع ۾ اتان موٽي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتي تعليم دوران سندس ملاقات حَشو ڪيولراماڻيءَ ۽ ڪجهه ٻين انقلابي دوستن سان ٿي. هتي يعني لا ڪاليج ۾ سوڀي شاگرد تحريڪ ۾ سرگرم حصو ورتو. حشوءَ سان ملاقات ۽ شاگرد تحريڪن ۾ پنهنجين سرگرمين جو احوال تفصيل سان بيان ڪندي، سوڀو لکي ٿو: ”مون ڏٺو ته بهترين ڪم ڪندڙ، پرخلوص، اَورچ ۽ تربيت يافته ماڻهو ڪميونسٽ ئي هئا ۽ اڄ تائين منهنجو اِهو ئي رايو آهي ته بهترين پڙهندڙ، سوچيندڙ، محنتي ۽ انٽرنيشنل آئوٽ لُڪ رکندڙ ماڻهو ڪميونسٽ ئي آهن....مون ڪميونسٽ تحريڪ سان پنهنجي جيڪا وابستگي رکي، سا آءٌ اڄ به رکندو پيو اچان، ڇو ته مون کي وڌ ۾ وڌ شائستگي، محبت ۽ وسيع النظري، قومن جي تڪليفن ۽ مسئلن جو حل، زباني ادب، چاهه ۽ فضيلت ان ئي فڪر جي طبقي وارن ماڻهن ۾ نظر اچي ٿي.“ شاگرد تحريڪن، ٽريڊ يونين سرگرمين ۽ انقلابي جدوجهد ۾ حصي وٺڻ ۽ خاص ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ سان وابستگيءَ سبب ڪامريڊ سوڀي کي ڪيترائي ڀيرا قيد ۽ بند جي مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي. جيل ته ڪامريڊ لاءِ ٻيو گهر هو. انهن عذابن ۽ تڪليفن جي باوجود به ڪامريڊ پنهنجي عظيم انقلابي جدوجهد تان هٿ نه کنيو، بلڪ انهن سبب سندس حوصلي ۾ بلندي ۽ خيالن ۾ پختگي آئي ۽ هو پنهنجن انقلابي نظرين تي اٽل ۽ اڏول رهيو. پاڻ اڄ به انساني سماج جي ڪايا پلٽ لاءِ لوڪ هلچل جو پرچار ڪن ٿا، جيڪي ماڻهو کيس چون ٿا ته ”اوهان جيڪو خواب ماڻهن کي ڏيکارڻ جا جتن ڪيا، سو خواب ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي چڪو آهي.“ اهڙن مُرکن کي پاڻ جواب ۾ چون ٿا: ”ڪامورن جو ڪميونزم ڀڄي ڀورا ڀورا ٿيو آهي. اصل آدرش اڄ به پنهنجي سمورن حيات بخش نظرين ۽ آدرشن سان موجود آهي. اهو خواب نه رڳو اسين ڏسندا رهنداسين پر اهو خواب ورهائيندا به رهنداسين.“
منهنجو محب، دوست ۽ ساٿي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جي انهن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن منجهان آهي، جن جو مطالعو نهايت وسيع آهي. کيس دنيا جي ڪيترن ئي علمن، تاريخ، ادب، منطق، فلسفي، سائنس ۽ سماجي علمن تي چڱي دسترس حاصل آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جي انهن اعليٰ پايي جي مفڪرن ۽ ڏاهن منجهان آهي، جن تي قوم بجا طور تي سدائين ناز ڪندي رهندي. پاڻ سموري زندگيءَ ۾ باعمل، باڪردار، اٽل ۽ اڏول، ڪميٽيڊ آدرشوادي ۽ سچا وطن پرست رهيا آهن. سندن سمورو جيون سنڌ ديس جي مظلوم ۽ محڪوم طبقن کي ظلم ۽ استحصال کان نجات ڏيارڻ لاءِ، انصاف ۽ مساوات تي ٻڌل، هڪ سماجوادي معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي گذريو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ سنڌ ۾ سندن نانءُ هر زبان تي نهايت ئي عقيدت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. ڪامريڊ سوڀو اڻٿڪ انقلابي جدوجهد جو روشن مينار ۽ مايوس ڪامريڊن لاءِ اتساهه جو سرچشمو ۽ اميد جو ڏيئو آهي.



سوڀو گيانچنداڻي
بي چين روح، بي آرام ھڏڙا
جڳديش آھوجا
ڪامريڊ سوڀي جي هڏڙن جو تنها وارث پريشان آهي ته اڃا حڪمرانن جي آسرن تي انتظار ڪجي يا ڪامريڊ جا هڏڙا به سندس رک جيان سنڌو پروان ڪري ڇڏجن، جيڪي ٻن سالن کان لاڙڪاڻي جي ڌرم شالا ۾ آس لڳايو ويٺا آهن ته کين ڪڏهن ٿي سنڌ ڌرتي پنهنجي گود ۾ آرامي ڪري. جيسين جيئرو هو ته سڀ صدقي پئي ٿيا، پر مرڻ پڄاڻان سندس رک سنڌو پروان ڪرڻ کانپوءِ ڪوئي مُنهن ورائي به ڪامريڊ جي پٽ نرمل کان اهو نه ٿو پُڇي ته، ”ڀلا ڪامريڊ جي هڏڙن جو ڪهڙو حال آهي“ جيڪي ان آسري تي ڌرم شالا ۾ امانت طور رکيا ويا ته اهي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري اتي ڪامريڊ سوڀو يادگار جوڙيو ويندو. ڪامريڊ سوڀو، جڏهن سائين ابراهيم جويو سان مليو هو ته ڪاوش سندن ملاقات جي تصوير تي تاريخي سٽ لکي هئي، ”سنڌ جي سنڌ سان ملاقات.“ پر هاڻي اڃا ڪو وقت ئي نه گذريو آهي ته سنڌ کان سنڌ جي امانت وسري وئي آهي!
اسان سدائين ماتم ڪيو آهي ته ماڻهن جي مرڻ کانپوءِ قدر ڪريون ٿا. پر سوڀي جي معاملي ۾ قصو اُلٽو آهي. هن کي جيئري وڏو مانُ مليو، پر هاڻي سندس جدوجهد جي، سندس ٻاريل مشعل جي وارثي ڪرڻ ته پري رهيو، اسان منجهان ڪنهن وٽ ايتري فرصت به ڪونهي ته سندس بي آرام هڏڙن کي ڪنهن هنڌ آرامي ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪي هڏ هلايون! بس اڪيلو سندس پُٽ نرمل ٻن سالن کان هر در دانهن ڏئي ٿو ته، ”ٻيلي ڪجهه بِلو ڪيو.“ پر سندس دانهن ٻُڌڻ وارو ڪو به ڪونهي. لڳي ٿو ته سوڀي جو تنها وارث رڳو سندس پُٽ آهي! باقي نالن، لاشن ۽ شهيدن تي سياست ڪرڻ ته هرڪو ڄاڻي ٿو. سياست ڪرڻ آ سولي، سچي وارثي ڪرڻ آ ڏکي.
ڪامريڊ سوڀي پنهنجي سموري حياتي سنڌ ۽ مظلوم انسانيت کي ارپي ۽ موٽ ۾ ماڻيو مانُ ۽ ابدي حيات. اڄوڪي سنڌ جي بي حسي عارضي آهي، لاوارثيءَ جو هي دور به گذري ويندو. نئون نسل سنڌ، سوڀي ۽ مظلوم انسانن جي وارثي ڪندو ۽ ڪجهه داڻا پراڻي نسل ۾ به موجود آهن، جيڪي نئين لاٽ ٻارڻ لاءِ نئين نسل جي رهنمائي ڪندا. ڪامريڊ سوڀو بين الاقوامي ڪميونسٽ تحريڪ جو اهم ڪردار هو، جنهن جو آدرش هو، هر ظلم ۽ استحصال کان آزاد ڪميونسٽ سماج اڏڻ. اهو انسان دوست آدرش ڪڏهن به مري نه ٿو سگهي. جيستائين غلامي رهندي، آزاديءَ جي جنگ به جاري رهندي. جيستائين ظلم ۽ استحصال رهندو، تيستائين ان خلاف جدوجهد به اڻٽر هوندي. باقي جڏهن جڏهن غلاميءَ جون، ظلم ۽ ڏاڍ جون شڪليون ۽ طور طريقا بدلجندا آهن ته مظلومن جي جدوجهد جون واٽون به تبديل ٿينديون آهن، پر جڏهن پراڻا انقلابي بدليل حالتن ۾ به پراڻين واٽن ۽ مدي خارج طريقن سان جدوجهد ڪندا آهن ته پاڻ به مدي خارج بڻجي ويندا آهن. ڪامريڊ سوڀو سدا بهار تخليقي سگهه جو مالڪ هو، جيڪو بين الاقوامي ڪميونسٽ تحريڪ جي زوال سبب ٻين لکين ڪروڙين ڪامريڊن جيان ٽُٽي وکري نه ويو. ڪميونسٽ انقلابين جي مرڪز سوويت يونين جي ٽُٽڻ تي رُنو ته هُو به هو، پر هن پاڻ سنڀالي ورتو ۽ پنهنجي ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪيو. هن گوتم ٻڌ جي هڪڙي نصيحت هينئين سان هنڊائي ڇڏي هئي ته، ”ڪجهه به نه ڪر، بس بيٺو رهه.“ جڏهن به سندس اڳتي وڌڻ جون واٽون وِههُ ٿي وينديون ته هو اڏول وڻ جيان بيهي ويندو هو ۽ آزادي پسندن ۽ انقلابين لاءِ گهاٽي بڙ جي ڇانوَ بڻجي ويندو هو. حيدر، سيد، سوڀو ۽ جويو، ان ڪري ئي عظيم آهن ۽ نئين نسل لاءِ مشعل راهه آهن، جو اهي سدائين ثابت قدم رهيا. پنهنجن آدرشن سان سچا رهيا ۽ اُميد جي لاٽ سدا روشن رکي.
ڪميونسٽ تحريڪ جي زوال کانپوءِ ڪامريڊ جمال نقوي نااميديءَ جي ڪُن ۾ ڦاسي پنهنجي سڄي حياتيءَ جي پڇتاءَ جو اظهار ڪيو، پر ڪامريڊ سوڀي اونچي ڳاٽ چيو ته، ”مون کي ٻي حياتي ملي ته ان ۾ به مان اهو ئي ڪجهه ڪندس، جيڪو هن حياتيءَ ۾ ڪيو.“ هن ڄاتو ٿي ته هي ڪميونسٽ تحريڪ جي هڪ دور جو زوال هو ۽ عروج ۽ زوال جا دور سمورين تحريڪن تي ايندا آهن. سوڀو انسان دوست جدوجهد جو ناقابل شڪست ڪردار آهي، جيڪو جي ايم سيد جيان ڄاڻي ٿو ته: ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو.“ نرمل، جڏهن پنهنجي پيءُ جي هڏڙن جي وارثي نه ڪرڻ سبب سنڌ حڪومت ۽ ڪامريڊن کي ميارون ڏئي ٿو، تڏهن به سوڀي جو بي چين روح ورنائي ٿو ته، ”ڪنهن جو ڏوهه ناهي، دراصل سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ گز به آجو ناهي، جتي منهنجا هڏڙا آرامي ٿي سگهن.“



ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
مهين جي دڙي جو ماڻهو
رضوان گل
ڪي انسان پنهنجي سوچ، فڪر ۽ عمل سان تاريخ جا رخ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن، اهڙا ماڻهو پنهنجي اندر اهڙا ادارا هجن ٿا جتان ڪيترائي طالب علم پنهنجي شعور جون شمعون جلائي سموري جڳ کي علم ۽ آگهيءَ جي روشي ارپين ٿا. تمام وڏا فلسفي، دانشور ۽ سياسي ليڊر پنهنجي مفادن خاطر سماجي ڀلائي وارين سرگرمين تان هٿ کڻي پنهنجيون وفاداريون مَٽائي آرامده زندگيءَ جي نئين دنيا ۾ پهچي ويندا آهن، جتان کين وڏي کان وڏو ظلم ۽ زيادتي به ڪو تماشو ڀاسندي آهي ۽ هونئن به اهڙن مفاد پرستن لاءِ ٻين ماڻهن جو ڏک تماشو ئي هوندو آهي!
زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ڪيترائي نظرياتي ماڻهو به هٿيار ڦٽا ڪري پنهنجا دڳ بدلائي وٺندا آهن، پر هڪ اهڙو شخص جيڪو خود گهمندڙ ڦرندڙ تاريخ آهي، اڄ به پنهنجي فڪر ۽ نظريي سان ڪميٽيڊ آهي ۽ اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ قابلِ عزت ۽ سنڌ لاءِ باعثِ فخر آهي. هن جو جسم ته جُهور ٿي چڪو آهي پر هو اڄ به پنهنجي ڪردار ۾ ارڏو ۽ ارادن ۾ پختو آهي. اهو شخص ننڍي کنڊ جو مهَان ڏاهو سوڀو گيانچنداڻي آهي، جنهن پنهنجي جوانيءَ جا خوبصورت ڏينهن ۽ راتيون بي لوث ٿي خدمت ڪندي، جدوجهد ۾ گذاري نئين تاريخ رقم ڪئي، هن حق جو نعرو سرِ بازار بلند ڪرڻ کان نه ڪيٻايو، وقت جي آقائن سان اکيون اکين ۾ ملائي سچ چئي ڏيڻ جي سزا طور جيل جون اذيتون برداشت ڪيون، ڪنهن جي به پرواهه ڪئي بغير هن روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر جي ڦهلاءَ لاءِ جاکوڙيو، سياسي تحريڪن جي سرواڻي ڪري ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا.
سوڀوگيانچنداڻي ولد ٽنورمل گيانچنداڻي ۳۱ مئي ۱۹۲۰ع تي تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ ٻنڊي ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڀر واري ڳوٺ بگي مان حاصل ڪئي، ۽ سن ۱۹۳۷ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان انٽر آرٽس ۽ شانتي نڪيتن ڪلڪتي يونيورسٽي مان بي اي ڪيائين. شانتي نڪيتن، رابندر ناٿ ٽئگور جي والد ديوبندر ناٿ جي قائم ڪيل هئي، جتي ڪامريڊ راڳ ۽ ساز جي سکيا وٺڻ ويو، پر هي جڏهن اتان واپس وريو ته انقلابي ٿي آيو. ان بعد ڪامريڊ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪري وڪالت جو شعبو اختيار ڪيو. ڪامريڊ هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ به حصو ورتو ۽ انهيءَ حوالي سان ئي سندس پهرئين گرفتاري سن ۱۹۴۲ع ۾ ٿي، جنهن کان پوءِ هو نظربند به رهيو ۽ گرفتاريون به ڏيندو رهيو. اهي گرفتاريون هن قومي مفادن خاطر ڏنيون، نه ڪي ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ.
ڪامريڊ پهرين ڪهاڻي ”اڍائي رپيا“ ۱۹۳۸ع ۾ لکي، جيڪا ماهوار ”سنسار سماچار“ ۾ ڇپي. جڏهن ته زندگيءَ جو پهريون مضمون ۱۹۳۶ع ۾ ٽئگور ۽ سوامي تيرٿ جي حوالي سان لکيائين، جيڪو اين جي وي هاءِ اسڪول جي مئگزين ۾ ڇپيو. سندس پهريون ڊرامو ”نيپولين انسينٽ هيلين“ آهي، جيڪو پڻ ۱۹۳۸ع ۾ سنسار سماچار ۾ ڇپيو. ڪامريڊ جي شايع ٿيل ڪتابن ۾، (۱) ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون) (۲) تاريخ جا وساريل ورق (ڪالم) (۳) تاريخ ڳالهائي ٿي (۴) وڏي وٿ هئام (ڪالم)، (۵) تاريخ بولتي هي (اردو ۾) (۶) انقلابي ڪي موت (اردو ۾) (۷) سنڌ ڪي انقلابي رهنما  (اردو ۾) شامل آهن. جڏهن ته اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ (۱) ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا (۲) سنڌ ايڪويهين صديءَ جي ڏاڪي تي (۳) انٽرويز (۴) تقريرون (۵) خاڪا ۽ مضمون شامل آهن.
ڪامريڊ جي شخصيت جو تمام وڏو حوالو هڪ انقلابي اڳواڻ وارو آهي. انهيءَ حوالي سان سندس سياسي وابستگيون جن پارٽين سان رهيون انهن ۾، ڪانگريس، سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽي، شاگرد، مزدور ۽ هاري تحريڪ به شامل آهي. سندس وابستگين جو اهم ڪارج مظلوم انسانيت کي ظلم ۽ ظالمن کان آجپو ڏيارڻ هو ۽ انهيءَ لاءِ ڪامريڊ کي ڪيترائي ڀيرا جيل به وڃڻو پيو. پهريون ڀيرو ۲۵ جنوريءَ ۱۹۴۲ع کان جولاءِ ۱۹۴۴ع تائين ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جيل ۾ رهيو. ٻيو ڀيرو ۲۱ فيبروري ۱۹۴۶ع ۾ گرفتار ٿي هفتي کان پوءِ ضمانت تي آزاد ٿيو. بعد ۾ حڪومت مٿس مڙهيل سڀ ڪيس واپس ورتا. انهن ڪيسن ۾ بغاوت کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ ڄاڻايل هئا. ٽيون ڀيرو ۱۹۴۸ع ۾ پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ ۱۷ اپريل ۱۹۴۸ع کان ۱۹۵۲ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهيو. چوٿون ڀيرو ۱۹۵۴ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي پاڪستان ۾ پابندي پوڻ سبب ۱۲ جولاءِ کان مارچ ۱۹۵۶ع تائين حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ رهيو، ۽ ٽي مهينا ڳوٺ ٻنڊي ۾ نظربند رهيو. پنجون ڀيرو آڪٽوبر ۱۹۵۹ع کان جُون ۱۹۶۰ع تائين حيدرآباد چار مهينا، شاهي قلعو لاهور ٻه مهينا ۽ ٻه مهينا لاهور سينٽرل جيل ۾ رهيو، جتان لاهور هاءِ ڪورٽ کيس، سوڀو گيانچنداڻي ورسز گورنمينٽ آف پاڪستان ڪيس مان آزاد ڪيو. اتان جڏهن واپس ڳوٺ پهتو ته ٻيهر کيس پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ نظربند ڪيو ويو. ڇهون ڀيرو سيپٽمبر ۱۹۶۵ع کان جنوري ۱۹۶۶ع تائين سکر سينٽرل جيل ۾ ٽي مهينا انڊيا ۽ پاڪستان جي جنگ دوران قيد رهيو. جتي ٻين کان علاوه شيخ اياز به سندس ساٿ ۾ هو. ڪامريڊ جيترا ڀيرا به جيل ويو، مٿس ڪوبه ڏوهه ثابت ٿي نه سگهيو.
ڪامريڊ سوڀو ادبي حوالي سان ۱۹۵۷ع کان هيل تائين سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل رهيو آهي. اڄ هو جڏهن جهور ٿي چڪو آهي  تڏهن به ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ سندس محبوب مشغلو آهي. ادبي ۽ سياسي حوالي سان سندس دوستن جو تمام وڏو حلقو سنڌ ۽ هند کان علاوه پوري دنيا ۾ ڦهليل رهيو آهي جن ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، حسن ناصر، فيض احمد فيض، حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، شيخ اياز، ڪرشن کٽواڻي، ابراهيم جويو، غلام رباني، انور پيرزادو، هدايت منگي، تاج بلوچ، رازق مهر، يوسف سنڌي، محمد علي پٺاڻ، انور ابڙو، جمال ابڙو، اياز قادري، علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي، حميد سنڌي، منٺار سولنگي، ڊاڪٽر گل، عنايت ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترا ئي شاعر، اديب، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ جن مان ڪامريڊ پنهنجي زندگيءَ ۾ بي حد متاثر ٿيو، انهن ۾ مارڪس، اينگلس، لينن، گانڌي، جواهر لعل نهرو، سڀاش ڀوس، سوميندر ناٿ ٺاڪر، پنا لعل داس گپتا، يوسف مهر علي، مولانا ڀاشاني، مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي، ڪاسترو ۽ ٻين ڪيترن جا نالا شامل آهن!
ڪامريڊ ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون لکيا آهن جيڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ وقت بو وقت شايع ٿيندا رهيا آهن. هن سياسي، سماجي ۽ ادبي موضوعن تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ وڃي ليڪچر پڻ ڏنا آهن، جيڪي سندس سموري سياسي ۽ ادبي سفر جي تجربن جو نچوڙ آهن. پاڻ سنڌيءَ کان علاوه اردو ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ لکندو رهيو آهي. شانتي نڪيتن مان تعليم پرائيندڙ ۽ ٽئگور جي هن مداح جديد سنڌي ادب ۾ ترقي پسندي ۽ روشن خيالي وارو فڪر پنهنجي هم عصر اديبن ۽ شاعرن سان گڏجي ايترو ته اثرائتي انداز ۾ ڦهلايو، جو ماڻهن جو ذهنن جون کڙڪيون کلي ويون. ڪنهن ڏاهي چيو هو ته: ”ڪنهن خطيب جي ڳالهه جو اثر ملڪ جي بادشاهه جي حڪم کان وڌيڪ اثرائتو هوندو آهي“ ۽ اهڙو ئي اثرائتو انداز ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو پڻ رهيو آهي، ۽  جنهن ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي. رابندر ناٿ ٽئگور کيس ”مئن فراهم مهين جو دڙو“ جو خطاب ڏنو ۽ هو ۽ ان ڏينهن کان اڄ سوڌو سڄي دنيا کيس ان خطاب سان ئي سڏي ۽ سڄاڻي ٿي. انهيءَ عنوان تحت انور ڏنگڙائي ڪامريڊ تي ڪتاب پڻ لکيو جنهن جو نالو ”؟مهين جو ماڻهو“ رکيو. ان کان علاوه ٻيا ڪتاب پڻ ڪامريڊ جي فن ۽ شخصيت تي پڌرا ٿيل آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ”پاڪستاني ادب ڪي معمار“ جي ڪڙيءَ تحت اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران اردو اديب مظهر جميل ڪامريڊ جي شخصيت بابت ڪتاب ”سوڀو گيانچنداڻي  - شخصيت اور فن“ لکيو آهي. ڪامريڊ جي سيني ۾ تاريخ جا ڪيترائي ورق محفوظ آهن جن کي ناليواري ڏاهي انور پيرزادي ”عوامي آواز“ ۾ ”تاريخ جا وساريل ورق“ ۽ ”تاريخ ڳالهائي ٿي“ جي سري هيٺ نامياري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محمد علي پٺاڻ جي توَسط سان ڪامريڊ کان بيان ڪرايا، جن کي لکت جي صورت ۾ ڪالم طور شايع ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڪتابي صورت ڏني وئي.
اڄ به پنهنجي اکين ۾ جاگرتا جا خواب کڻي هلندڙ ارڏي ۽ اٽل ارادن واري سچي ڪامريڊ وٽ ڪيترائي تاريخي داستان آهن، جن کي لکڻ گهرجي، ته جيئن گذريل صديءَ جي اصل تاريخي حقيقتن کان آگاهي ملي سگهي. ڪامريڊ مون کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ”مون لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته مون ڪڏهن سگريٽ يا شراب نه پيتو ۽ ڪنهن عورت جو پيڇو نه ڪيو.“ ڪامريڊ سوڀو اڄ به انسانيت ۾ ويساهه رکندڙ پنهنجي اجرن احساسن سان ۽ نظرياتي حوالي سان اٽل ارادن سان بيٺل آهي.



سوڀو گيانچنداڻي
موهن جي دڙي جو ماڻهو
پروفيسر اعجاز قريشي
هيءَ سٺ واري ڏهاڪي جي پهرئين اڌ جي ڳالهه آهي. آئون ننڍو آهيان ۽ پنهنجي شهر دادو ۾ اسڪول پڙهندڙ. سڄي سنڌ وانگر دادوءَ ۾ به ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلي رهي هئي ۽ حيدر بخش جتوئي واري هاري تحريڪ به تمام سرگرم هئي ۽ اوج تي پڻ. انهيءَ دور ۾ سنڌ جون ڪافي مشهور شخصيتون هيون، جن ۾ سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد لغاري، محمد عثمان ڏيپلائي، مولانا غلام محمد گرامي، قاضي فيض محمد، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا ڪيترا ئي دانشور اچي وڃن ٿا. هي سڀ شخصيتون ون يونٽ خلاف ۽ هاري تحريڪ ۾ انتهائي سرگرم هيون.
دادو، سياسي، سماجي ۽ ادبي طور هڪ تمام سرگرم ضلعو هو ۽ جتي ڪيترا ئي جلسا ٿيندا رهندا هئا. منهنجو والد صاحب، علي احمد قريشي، دادوءَ ۾ وڪيل هو (هن مهل تائين هو دادوءَ ۾ رهي ٿو). شروع کان وٺي سندس رابطو سائين جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي سان هو ۽ پاڻ هاري ڪاميٽي دادو جو صدر پڻ هو. مٿيان صاحب، سنڌ جي حوالي سان سرگرم هئا ۽ منهنجي والد صاحب سان سنگت ۾ هئا ۽ پاڻ ۾ سياسي رفيق پڻ.
هڪ دفعي والد صاحب جو هڪ دوست، جنهن جو قد ڊگهو، رنگ اڇو ۽ آواز ڳورو هو، آيو. خبر پئي ته هيءُ لاڙڪاڻي جو هڪ انتهائي اهم سياسي ڪارڪن هو ۽ پاڻ ڪميونسٽ ۽ سنڌ پرست ماڻهو آهي ۽ سندس نالو سوڀو آهي. منهنجو والد صاحب، اڪثر ڪري مون کي اوطاق تي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو ۽ پنهنجن اهڙن دوستن سان ملائيندو هو. گهر کان اوطاق تائين، سندس دوستن لاءِ چانهه، پاڻي ۽ ماني وغيره جو بندوبست مان ئي ڪندو هوس. سوڀي صاحب، پنهنجي ڳري آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ائين ئي ڪچهري هلندي رهي. مون کي اڃا گهڻي سمجهه ڪو نه هئي. مان صرف ڳالهيون ٻڌندو رهيس. وقت گذرندي ويرم ئي نه ٿي لڳي. وقت وڌندو رهيو. هڪ دفعي لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو ۽ سعيو ڪري سوڀي صاحب سان گهر ملڻ ويس. تمام سٺو آڌر ڀاءُ ڪيائين ۽ پوءِ ننڍي ۽ وڏي واري ڪچهري ٿي. پاڻ سمنڊ وانگر اٿاهه علم پڙهيل ۽ ان مان ڪجهه ڦڙا مون کي به مليا ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۽ دادو ۾ ملاقاتون ٿينديون رهيون.
ون يونٽ ۽ ٻولي جي تحريڪ تيز هئي. هاري تحريڪ پڻ وڌندي رهي. سوڀو صاحب، اڪثر ڪري نوجوانن سان ڪچهري ڪندي، ڏاڍي خوشي محسوس ڪندو آهي. اڪثر ڪري پنهنجي ماضيءَ جو ذڪر ۽ خاص طور تي گرديو رابندر ناٿ ٽئگور سان پنهنجون ملاقاتون شد مد سان ٻڌائيندو آهي.
ٽئگور، هندستان جو انتهائي مڃيل عالم، اديب، دانشور، شاعر هو ۽ نوبل انعام يافته پڻ هو. هن بنگال ۾ هڪ تعليمي ادارو شانتي نڪيتن جي نالي سان قائم ڪيو هو ۽ سڄي هندستان جا شاگرد اُتي پڙهڻ ايندا هئا. شانتي نڪيتن ۾ داخلا هڪ امتحان يا ٽيسٽ ذريعي ٿيندي هئي ۽ جيڪو ان ۾ پاس ٿيندو هو، ان کي داخلا ملندي هئي.
سوڀي ابتدائي تعليم سنڌ ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ سندس خيال ان تي اچي بيٺو ته هو ٽئگور وٽ شانتي نڪيتن ۾ وڃي پڙهي ۽ ڪجهه علم پرائي. هن اتي داخلا لاءِ درخواست ڏني ۽ هن کي اطلاع مليو ته تون ٽيسٽ ڏي ۽ جي پاس ٿيندين ته تو کي داخلا ملندي. سوڀي صاحب کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هن جي دل اوڏانهن وڃڻ لاءِ آتي هئي ۽ هن اتان جي پرنسپال کي انگريزيءَ ۾ خط لکيو ته هو بنا ٽيسٽ جي اچڻ چاهي ٿو، هن کي داخلا ڏني وڃي. داخلا ۾ صرف چند ڏينهن بچيا هئا ته هن هڪ تار به موڪلي ته موهن جي دڙي جو ماڻهو آهيان ۽ آئون پڙهڻ لاءِ ايڏانهن اچڻ چاهيان ٿو، مون کي داخلا ڏيو. ٿورن ڏينهن کانپوءِ هن کي جواب مليو ته تو کي داخلا ڏيون ٿا ۽ تون اچ. هن کي جيڪو خط مليو اهو هيٺين ريت هو.
You are admitted, join the college on 19th June 1936 and contact our representative at Karachi. They will arrange for your group travel at half the railway fare to Shanty Nike tan.
اهو ٻڌي، سوڀو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ روانگيءَ لاءِ تيار ٿيو. بعد ۾ اها خبر پئي ته ٽئگور صاحب پاڻ هن کي داخلا ڏني هئي. بهرحال مائٽن جي مخالفت جي باوجود، هي چئن ڏينهن جو سفر طئه ڪري اتي پهتو. پنهنجي ٻن سالن جي دور ۾ هن پڙهائي ۽ ٻين سرگرمين ۾ تمام گهڻو نالو ڪڍيو. سياسي طور به سرگرم رهيو. ٽئگور سان هن جون ڪافي ملاقاتون ٿيون ۽ هن کيس موهن جي دڙي جو ماڻهو A Man from Mohen-jo-Daro جي نالي سان سڏيو ۽ پوءِ اتي سڀيئي هن کي انهيءَ نالي سان سڏڻ لڳا.
ٽئگور صاحب، هن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو. هن کي چيائين ته؛ سنڌين شانتي نڪيتن کي ٻه تحفا ڏنا آهن. هي سنڌي ڳاڙهي ڳئون، جيڪا نسلي افزائش ۽ بهترين کير ڏيڻ جي خوبي جي حامل آهي ۽ سندن اداري کي اهڙين ڍڳين مان ڪافي فائدو ٿيو آهي.
ٻيو سنڌي شاگردياڻيون، جيڪي انتهائي سهڻيون ۽ جاذب توجهه هجڻ سان گڏ ڏاڍيون محنتي، ذهين ۽ پنهنجي تعليم سان گڏوگڏ فائين آرٽس، ناچ، گاني ۽ موسيقيءَ ۾ سهڻو مثال رکن ٿيون. سوڀي صاحب، اهي ڳالهيون ٻڌيون ته سندس دل وڏي ٿي پئي.
سوڀو صاحب، شروع کان ڪميونزم جو حامي رهيو ۽ اڄ تائين به آهي. شانتي نڪيتن ۾ رهندي هن هندستان جي آزاديءَ لاءِ اتان جي سڀني شاگردن جي رهنمائي ڪئي. انگريز بهادر جي سرڪار انهيءَ ڪري هن جي خلاف ٿي پئي. ڪميونزم جي نظريي تحت سوڀي صاحب، سنڌ ۽ سڄي هندستان جي غريب ماڻهن، مزدورن ۽ هارين جي ڇوٽڪاري لاءِ کين گڏ ڪيو. سنڌ جي هارين جي حالت انتهائي خراب هئي ۽ (اڃا به آهي) جيڪي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي هٿان پيڙهبا رهيا ۽ پيڙهبا رهن ٿا. سوڀي صاحب، ٻين دوستن سان گڏجي ڪميونزم جي سجاڳي لاءِ، ڪافي ڪم ڪيو ۽ پوءِ سرڪار سندس ئي خلاف ٿي پئي ۽ هن کي ڪيترا ئي دفعا جيل ڀوڳڻو پيو.
هاري تحريڪ جي حوالي سان حيدر بخش جتوئي صاحب جو انتهائي وڏو ڪم هو. هارين جي زبون حالت ڏسندي هن پنهنجي هم خيال ساٿين سان گڏ، هاري حقدار جو بنياد وڌو. جتوئي صاحب جي ساٿين ۾ ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ، ڄيٺمل پرسرام، جمال الدين بخاري، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولوي نذير حسين جتوئي، مولانا عزيز الله جروار، غلام حسين سومرو، غلام محمد لغاري، علي احمد قريشي، قادر بخش نظاماڻي ۽ عبدالقادر کوکر ساڻس شامل هئا. انهن کانسواءِ ساڻس ٻيا گهڻا ماڻهو گڏ هئا.
انهيءَ سلسلي ۾ ۱۹۴۵ع ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ عظيم الشان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪراچيءَ جا مزدور ۽ سنڌ جا هاري رهنما، اچي شامل ٿيا. انهيءَ ڪانفرنس ۾ هارين کي حق حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪافي ٺهراءَ پاس ٿيا ۽ ڪيترا ئي منصوبا ٺاهيا ويا. هاري حقدار پارٽي ۽ هاري ڪاميٽيءَ کي مضبوط ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ جيڪا ڪاميٽي ٺاهي وئي، ان ۾ سوڀو گيانچنداڻي سر فهرست هو. هن صاحب بعد ۾ ان تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
هارين لاءِ جدوجهد هلائيندي، هنن هارين جي لاءِ الاٽي تحريڪ هلائي ۽ سنڌ ٽيننسي ائڪٽ ۱۹۵۰ع حڪومت کان پاس ڪرايو، جنهن تحت هارين کي بٽئيءَ جو حق مليو. جنهن ۾ هارين کي محنت جي بدلي ۾ پيداوار جو اڌ مليو، يعني اپت اڌو اڌ ٿي.
جيئن مٿي ذڪر ڪيوسين ته سنڌ ۾ سٺ واري ڏهاڪي کان تحريڪ هلي رهي هئي ۽ سوڀو صاحب، انهيءَ سڄي تحريڪ ۾ گڏ رهيو. سچ پچ ته هو هن مهل تائين سڄي سنڌ جي ڀرجهلن مان هڪ آهي.
سوڀي صاحب جو ڪردار، هڪ سچي (Genuine) بهادر، سياسي ۽ سماجي رهنما وارو آهي. پاڻ هڪ اعليٰ قسم جو انسان آهي. پاڻ پنهنجي سڄي زندگي ورچي نه ويٺو ۽ مسلسل جدوجهد ۾ رهيو ۽ اڄ هو ۹۲ ورهين جو آهي. پوءِ به هن کي پنهنجي ماڻهن جي لوري لڳل آهي.
هن سنڌي سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڀرپور خدمتون انجام ڏنيون آهن. هو شاگرد تحريڪ، ٻوليءَ جي بحاليءَ جي تحريڪ، ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ انتهائي بلند حوصلي ۽ عزم سان هر وقت رهيو ۽ پنهنجو آواز اٿاريندو رهيو. پاڻ جمهوريت پسند، عوامي ۽ انقلاب پسند شخص رهيو آهي.
سوڀو صاحب، هڪ سياسي رهنماءَ سان گڏوگڏ، هڪ وڏو عالم ۽ اديب به آهي. پاڻ ڪيترا ئي مضمون، ڪهاڻيون ۽ ڪتاب لکيا اٿس. جيڪڏهن سندس سڀ لکڻيون گڏائي ڇپائجن ته ڏهاڪو کن ڪتاب ٿي پوندا. سنڌ جي ادبي تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت“، جنهن جو بنياد پاڪستان کان اڳ پئجي چڪو هو، ان جو بنيادي ۽ سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو ۽ اڄ تائين هلندو اچي.
۱۹۴۷ع ۾ جڏهن هندستان ۽ پاڪستان وجود ۾ آيا ته سوڀي صاحب کي چيو ويو ته؛ هو هندستان لڏي وڃي، پر سندس ضمير اهو گوارا نه ڪيو ۽ سنڌ نه ڇڏيائين. پنهنجي مٺڙي ماءُ جي جهولي خالي نه ڪيائين. هميشه لاءِ هتي رهيو ۽ هتان جي ماڻهن جي خدمت ڪندو اچي. پاڻ انهيءَ وقت اهو چيو هئائين ته:
”منهنجو ماضي، منهنجو حال ۽ منهنجو مستقبل، هن ئي ڌرتيءَ سان وابستا آهي ۽ هن ڌرتي ۽ هن جي ماڻهن جي ڀلائي ۽ آدرش ئي منهنجي زندگيءَ جو وڏو آدرش آهي ۽ ان کي ڇڏڻ جو خيال هڪ دردناڪ خيال آهي.“
منهنجون ۽ منهنجي والد صاحب جون ڪچهريون، سائين سوڀي سان اڃا قائم ۽ دائم آهن. ڪڏهن هو دادو ايندا آهن ۽ ڪڏهن اسان لاڙڪاڻي ويندا آهيون. پاڻ مهرباني ڪري حيدرآباد مون وٽ ايندا آهن ۽ اتي وري سائين محمد ابراهيم جويي سان گڏيل ڪچهريون پڻ ٿينديون آهن.
پاڻ پاڪستان ۽ هندستان جو عظيم انسان آهي ۽ سڄي ننڍي کنڊ جا ماڻهو، اديب، شاعر ۽ دانشور، کيس انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا.
اسان جي دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ کيس وڏي ڄمار ڏئي ته جيئن پنهنجي ساٿين سان گڏ هن ڌرتيءَ جي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهي.



سوڀو گيانچنداڻي
مهين جي دڙي جو ماڻهو
امان الله شيخ
ڳپل ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي ته لاهور جو هڪ وڪيل ۽ ناميارو سياستدان، لاڙڪاڻي ڏانهن اچي رهيو هو، ان کان سندس هڪ واقفڪار پڇيو: ڪيڏانهن وڃو پيا؟.
”مان لاڙڪاڻي وڃي رهيو آهيان“
”موهن جو دڙو ڏسڻ وڃو پيا لاشڪ“
”مان موهن جي دڙي کان به وڌيڪ عظيم ۽ اڏول انسان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.“
ڪير آ اهو؟ واقف ڪار اتاولائيءَ منجهان پڇيس
”سوڀو! ڪامريڊ سوڀو“.
اهو ماڻهو هو ميان محمود علي قصوري، جيڪو لاهور منجهان ڪهي موهن جي دڙي کان به وڌيڪ مهان هستيءَ سان ملڻ آيو هو. اهو اڏول انسان جنهن کي اسين سڀئي پيار ۽ پنهنجائپ جي ڪري ڪامريڊ سوڀو سڏيندا آهيون ۽ کيس ڪل وقت ڪرانتڪاري/ انقلابي/ ساميه واد/ ڪيمونسٽ، اديب، ڏاهو، سنڌ شيوڪ ۽ انسانيت جو خيرخواهه سمجهندا آهيون.
ڪامريڊ سوڀو سنڌ جي سياسي ۽ ادبي ميدان جو اهو اڙٻنگ ۽ ارڏو شهسوار آهي جنهن چوڏس اوندهه، انڌوڪار، نااميدي ۽ نراسائيءَ جي حالتن ۾ هار مڃڻ کان انڪار ڪيو، سوڀو اپکند جي آيل سياسي جاڳرتا جو اهو روشن ستارو آهي جنهن جي روشني ورهين جي سفر کان پوءِ به جهڪي ڪا نه ٿي آهي. ان تابناڪ پد ۽ مان حاصل ڪرڻ لاءِ سوڀي کي مصيبتن ۽ مامرن جو اجهاڳ سمنڊ اڪرڻو پيو، ان لاءِ ضروري آهي ته ماضي جي ڪو هيڙي ۾ گم ٿيل ڪڙين کان ابتدا ڪيون.
اپکنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سوڀو، آڱرين تي ڳڻن جيترن سنڌين منجهان هئو جن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. ڪامريڊ جي مائٽن جي مرضي هئي ته سوڀو، انڊين سول سروس (ICS) جو اعليٰ امتحان ڏئي ڪنهن وڏي عهدي تي پهچندو، پر شانتي نڪيتن ۾ تعليم دوران، سوڀي جي ڏيٺ ويٺ بنگال جي انقلابين سان ٿي، جنهن ڪري سوڀو بغاوت جو شعلو بڻجي، سورن ڀريل سماج کي ڀڃي ڀورا ڪرڻ جي اعليٰ امتحان ڏيڻ جو پڪو پهه ڪري چڪو هو.
سج سڀاڻي جا ڪري سائي ساميءَ روءِ،
اچي ٿي اترجي، منجهان مگٽ بوءِ
سا ڏيکاريون جوءِ، جتان لاهوتي لال ٿيو. (شاهه)
سوڀو جيستائين اپريل ۱۹۴۱ع ۾ ڊگري وٺي سانتي نڪيتن منجهان سنڌ موٽيو، اوستائين سندس علمي ۽ سياسي ڌاڪو ۽ غوغاءُ پکڙجي چڪو هو  جنهن جو سندس هڪ ساٿي گوبند مالهي پنهنجي آتم ڪٿا ”ادب ۽ اديب“ ۾ مختصر طور پر دل ۾ پيهي ويندڙ نموني ذڪر ڪيو آهي. ان ۾ لکيو اٿس ته ليکو تلسياڻي ٻڌايو ته پاڻ سان رهڻ لاءِ هڪ ٽيون ساٿي اچي رهيو آهي. سو ”هن جو قدآور دوست هو، ٺاهوڪو هو، ماهر هو، ڇا ڇا نه هو، شانتي نڪيتن مان بي اي پاس ڪئي هئائين ۽ پنهنجي شادي جي طئه ڪيل تاريخ کان هڪ ڏينهن پوءِ پهتو هو. هن جي دوست جو نالو هو سوڀو گيانچنداڻي“.
سوڀو جيئن ئي ڪراچي پهتو ته وڪالت جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شهاڻي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. ان سان گڏوگڏ شاگرد هلچل ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺڻ لڳو، جنهن ڪري ستت ئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو. جڏهن مهتما گاندي ۷ آگسٽ ۱۹۴۲ع تي برطانيا خلاف ”هندوستان خالي ڪريو“ هلچل هلائڻ جو سڏ ڏنو ته سنڌ اسٽوڊنٽنس فيڊريشن به سرڪار خلاف تحريڪ ۾ ڪاهي پئي. ان تحريڪ ۾ سوڀي جي سرگرم ٿي حصو وٺڻ جي ڪارڻ ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۲ع تي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ٿيا، پر ڪامريڊ پاڻ کي سرڪار آڏو گرفتاريءَ لاءِ پيش پوڻ جي بدران زير زمين تحريڪ کي ڇو هو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. نيٺ ۲۴ جنوري ۱۹۴۳ع ۾ جهلجهي پيو ۽ جولاءِ ۱۹۴۴ع تائين سرڪار جو مهمان رهيو. ڪامريڊ جيئن ئي جيل مان ٻاهر نڪتو ته بنان ساهي کڻڻ يا ٿڪ ڀڃڻ جي وري به پورهيتن ۽ پيڙهيل طبقن جي سهائتا لاءِ کين منظم ڪرڻ جي ڪم ۾ جنبي ويو، هوڏانهن جديد سنڌي ادب جي اڏاوت ۾ به پنهنجو حصو پتي ادا ڪرڻ ۾ پير پوئتي ڪو نه رکيو. اڄ اسان جي ادبي کيتر جون تابناڪ ۽ جرڪندڙ هستيون شيخ اياز، جمال ابڙو، رشيد ڀٽي ۽ رسول بخش پليجو، سوڀي جي ذڪر کان سواءِ اڻپوريون  ۽ ٻسيون آهن.
بهرحال سوڀو ڪل وقتي ڪامريڊ بڻجي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي جهنڊي هيٺ جدوجهد ۾ سرگرمي سان حصو وٺڻ لڳو، ڪراچي ۾ پارٽي جي ڪميون ۾ سادگي سان رهڻ لڳو، نيٺ اپکنڊ جي تواريخ ۾ هڪ اڻ وسندڙ واقعو پيش آيو. سامونڊي فوج جي هڙتال ۱۹ فيبروري کان ۲۱ فيبروري ۱۹۴۶ع تائين ٿي. انهي تواريخي هڙتال ۾ برطانيا سرڪار خلاف بغاوت ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ سنئون سڌو حصو ورتو. سنڌ (ڪراچي ۾) بغاوت جو علمبردار ڪامريڊ سوڀو هو، جيڪو اڳتي هلي گرفتار ٿيو، هونئن سامونڊي فوج جي بغاوت ڪراچي کان سواءِ بمبئي، ڪلڪتي ۽ ٻين بندرگاهن تائين پکڙجي وئي پر عوام جي مڪمل سهڪار حاصل ڪري نه سگهي جنهن جي نتيجي ۾ لاڀائتي بڻجي نه سگهي. پر ان بغاوت سامراج جي ڀاري برجن کي لوڏي ڇڏيو، اپکنڊ جو ورهاڱو ٿيو، پاڪستان ۽ هندستان جي نالي سان ٻه ڌار ملڪ آزاد ٿيا.
ڪيترا ئي ڪامريڊ ۽ اديب جن ۾ اتم، گوبند مالهي، موهن ڪلپنا، ڪرشن راهي ۽ حشو ڪيول راماڻيءَ جا نالا وٺي سگهجن ٿا، سي سنڌ ڇڏي هند راهي ٿيا. پر جنهن سنڌ جي لائق فرزند جنم ڀوميءَ ڇڏڻ کان صريحًا انڪار ڪيو، سو سوڀو گيانچنداڻي هو. جڏهن گوبند مالهي، سوڀي کان موڪلائڻ آيو ته کيس غمگين نظرن سان تڪيندي چيائين:
”هتان جيڪي وڻئي سو کڻي وڃ، شاهه جو رسالو سنڌ جي امانت آهي ان کي سنڌ ۾ رهڻ ڏي“.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪرڻ سان ڪامريڊ سوڀي جي سورن جو نئون سفر شروع ٿيو، اهو هيئن جو ۱۶ اپريل ۱۹۴۸ع تي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪميونسٽن جي گرفتاري شروع ڪئي وئي. هندو ڪامريڊن کي آڇ ڏني وئي ته جيڪڏهن اهي هتان لڏي ويندا ته کين آزاد ڪيو ويندو. پر سوڀي ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. ساندهه چار ورهيه بنديخانن ۾ بند رهڻ کان پوءِ به سندس عزم ۽ ارادي ۾ ڪو به لوڏو ۽ لچڪ پيدا ڪا نه ٿي. نيٺ فيڊرل ڪورٽ پاڪستان ملڪ جي پهرين آئيني درخواست تي فيصلو ڏيندي ۳ مارچ ۱۹۵۲ع تي سوڀي کي آزاد ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ جيئن ئي جيل کان ٻاهر نڪتو ته سي آئي ڊي جو ڪماني اڪبر مرزا (مشهور اداڪاره رينوڪا ديوي عرف رشيده مرزا جو مڙس) ساڻس مليو ۽ چيائينس: مسٽر سوڀا! مان تو کي صلاح ڏيان ٿو ته هي ملڪ ڇڏي وڃ.“
”مسٽر مرزا، هيءَ منهنجي جنم ڀومي ۽ منهنجو وطن آهي. مان ڇو ڇڏي وڃان؟ پر توهان مون کي صلاح ڇو ٿا ڏيو؟ سوڀي پڇيس.
اڪبر مرزا ڪاوڙ ۾ نهاريندي سوڀي کي چيو: ”مان تو کان نفرت ڪيان ٿو“
”ڇو؟ سوڀي سواليه انداز ۾ پڇيو“.
”ان جا ٽي ڪارڻ آهن. هڪ ته تون ڪميونسٽ آهين، ٻيو هندو آهين ۽ ٽيون سنڌي آهين.“
ڪامريڊ پڇيس؛ ”مسٽر مرزا، مون کي اهو ته سمجهه ۾ اچي ويو ته تون ڪميونسٽ ۽ هندوءَ کان نفرت ڇو ٿو ڪرين، پر ڇا سنڌي ٿيڻ به گناهه آهي؟“
”ان لاءِ جو سنڌين کي مٿي ۾ مڳي آهي ۽ اهي هن ملڪ جي ڪاروبار ۽ وهنوار ۾ پاڻ کي ڀاڱي ڀائيوار سمجهن ٿا“. مرزا ڏڪندي چيو.
بهرحال ڪامريڊ جيئن جيل کان ٻاهر آيو ته پوئتي (سنڌ ۾) ڇڏيل ميڙا ۽ ميڙاڪا، ساٿي ۽ سرواڻ ماضيءَ جو داستان بڻجي ويل هئا. آل انڊيا ڪميونسٽ پارٽيءَ جي غلط ۽ غير منطقي فيصلي جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين حصن ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ اردو ڳالهائيندڙ مهاجر ڪامريڊن جا ڪٽڪ اچي لٿا هئا. انهن ڪامريڊن ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ جي خفت ۽ سوداءَ ۾ سنڌ جي قومي سڃاڻپ تهذيب، ٻولي ۽ ثقافت جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کي ڌيان لائق ڪو نه سمجهيو. سنڌين جي مفادن ۽ مسئلن کي تنگ دل ۽ مخصوص مفادن جي آئيني ۾ ڏسڻ جا عادي بڻجي پيا هئا. پر جيڪڏهن ڪامريڊ سوڀو انهن جي گهيري ۾ سنڌي قوم ۽ سندس تشخص کي مضبوط ۽ سگهاري نموني رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته اردو ڪامريڊن جي اڪثريت کيس سواليه ۽ معنيٰ خيز نظرن سان ڏسندي هئي، پر سوڀو کين تلقين ڪندي چوندو هو. ڪامريڊو! جيستائين توهان شاهه جي رسالي جو اڀياس نٿا ڪيو، اوستائين سنڌي عوام جو مزاج سمجهڻ ۾ اوهان کي ڏکيائي ٿيندي، اوهان ڪڏهن به سنڌين جي دل ۽ دماغ تي اثرائتا بڻجي ڪو نه سگهندا. ۱۹۵۴ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش لاڳو ٿي. سنڌ ۾ ظاهري طور جنهن ڪميونسٽ کي گرفتار ڪيو ويو ته اهو ڪامريڊ سوڀو هو. ڪامريڊ سوڀو، ملڪ جي مٿان حڪمراني ڪندڙن جي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀي رهيو هو، جو ڪامريڊ جي آزادي لاءِ محترم جي ايم سيد مرحوم عبدالستار پيرزادي (تڏهوڪي وزيراعليٰ سنڌ) کي چيو ته ٺهه پهه جواب ڏنائين.
نيٺ سوڀو جون ۱۹۵۵ع ۾ جيل ياترا پوري ڪري ٻاهر آيو، پر ملڪ ۾ ترقي پسند، روشن خيال ۽ قوم پرست ڌريون انتشار ۽ ڇڙواڳيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هيون. اهڙي صورتحال ۾ به سوڀو هڪ سچي ۽ کري مارڪس واديءَ وانگر سڀني هم خيال ڌرين کي يڪجا ڪري هڪ جمهوري ۽ انقلابي محاذ ٺاهڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سموري ملڪ جي محب وطن، ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهن جهڙوڪ خان عبدالغفار خان، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد، عبدالصمد اچڪزئي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مير غوث بخش بزنجي ۽ پروفيسر مظفر سان گڏجي نومبر ۱۹۵۶ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهي. ان زماني ۾ مولانا ڀاشاني جي عوام ليگ سان اڻبڻت ٿي پئي ۽ جون ۱۹۵۷ع تي ڍاڪا ۾ وسيع تر بنيادن تي سامراج مخالف ۽ ترقي پسند نيشنل عوامي پارٽيءَ جو بنياد رکيو ويو. انهي پارٽي يا گڏيل اتحاد ٺاهڻ ۾ سوڀي جو ڪارائتو ۽ اثرائتو حصو هو، هن ڪميونسٽن ۽ قومپرستن کي يڪجا ڪيو، ساڳئي سال ڪراچيءَ ۾ ڪامريڊ سوڀي ”نئين سنڌ“ اخبار جي ادارت سنڀالي، انهي اخبار جو مالڪ جناب جي ايم سيد هو پر اخبار کي حقيقي قومپرستانه ۽ ترقي پسندانه رنگ ڏيڻ ۾ سوڀي جي محنت ۽ جفاڪشيءَ کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. ڪامريڊ جي بقول ته سيد صاحب ڪڏهن به سندس انتظامي معاملن ۾ مداخلت نه ڪئي. ۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع ۾ ملڪ تي فوجي جنرل ايوب خان جي سربراهي ۾ قبضو ڪري مارشلا هڻي ڇڏي. مارشلا لڳڻ سان ڪامريڊ کي ۱۱ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي ڳوٺان گرفتار ڪيو ويو. آخرڪار ميان محمود علي قصوري جي پٽيشن داخل ڪرڻ تي سوڀو ۲۸ مئي ۱۹۵۹ع تي آزاد ٿيو.
سال ۱۹۶۵ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لڙائي لڳي ته کيس گرفتار ڪري سينٽرل جيل سکر اماڻيو ويو.  ڪامريڊ فيبروري ۱۹۶۶ع ۾ جيل ياترا تان موٽي آيو ته دائمي طور ديرو ڄمائي لاڙڪاڻي اچي ويٺو، ساڳي وقت سياسي کيتر ۾ نوجوان نسل جي ڪلهن تي سوار ٿي پنهنجي قدڪاٺ وڌائڻ جي بدران سنڌ جي نئين ٽهي جي هڪ استاد ۽ عالم جي حيثيت ۾ رهنمائي ڪئي. اڄ اسين جيڪي ڪجهه آهيون سندس رهنمائي ۽ رهبريءَ جا احسان مند آهيون. سوڀو پنهنجي مومڀي پٽ ڪنعيي جي وفات کان پوءِ ڀُري پيو آهي، پر پنهنجي ارادي ۽ عزم ۾ اڄ به هالار وانگر پيرن تي پختو آهي. ان اڏول انسان سان محبت ۽ پنهنجائپ جو سفر گذريل چاليهن ورهين کان جاري آهي ۽ جاري رهندو.




سنڌ کي تنهنجي ضرورت آ اڃا!
رکيل مورائي
هي اهو ئي سنڌ جي مٽيءَ سان ماتا جيان پيار ڪندڙ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي، جنهن کي مٽي ماءُ پنهنجي جهوليءَ ۾ آرامي ٿيڻ لاءِ سڏي رهي آهي، جنهن ۱۹۴۷ع جي ورهاڱي وقت قيد قبوليو پر سنڌ کان ڌار ٿيڻ نه قبول ڪيو. جيتوڻيڪ کيس سنڌ جي عشق وارو سودو گهڻو مهانگو پيو پر هن عشق ۾ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ قبول ڪيو، پر مٽيءَ ماءُ کان ڌار نه ٿيو. هن سڄي زندگي الڳ الڳ اذيتون برداشت ڪيون، جيل ڪاٽيا، نظربنديءَ ۾ گذاريو پر ڪيرت کي ڪميونسٽ بڻائڻ وارو ۽ گوبند مالهيءَ کي سوشلزم جون سرڪيون پيارڻ وارو سوڀو، اڏول رهيو. مهين جي دڙي واري هن پهاڙ جهڙي شخص کي ڪنهن واءَ نه لوڏيو، شايد خليفي نبي بخش هيءَ سٽ ڪامريڊ سوڀي لاءِ ئي لکي هئي !
ويا اڏامي ڪک، پڙ تان پهڻ نه چُريو
۽ اڄ اهو شخص جسماني طور ڀلي مهين جي دڙي جيان ڀُري ۽ جُهري رهيو آهي پر هن جي اڏولتا اڄ به اها ئي آهي. هن جي ٻڍڙڻ لڱن مان ڀلي سَتُ موڪلائي رهيو آهي، پر هن ذهني طور اڄ به انسان جي آزاديءَ، مظلوم، قومن ۽ طبقن جي آجپي واري آدرش مان ويساهه نه وڃايو آهي، اڄ به هو ڏَسي ٿو ۽ چوي ٿو ته آجو ٿيندو هر انسان، اڄ به هن انسان جي اندر ۾ موجود چڱائي مان اميد نه لاٿي آهي، هو اڄ به اهو ئي اشتراڪي آهي، جنهن اشتراڪي جي نالي سنڌي ٻوليءَ جي مها ڪوي اياز پنهنجي لاجواب ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪور يا ڪاپڙي“ جي ارپنا ڪندي لکيو هئو ته :
سوڀي گيانچنداڻي جي نالي
عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو
سوڀو جنهن جو انساني سوڀ تي سدائين يقين رهيو آهي اڄ جسماني طور هُو نهايت جهور آهي، اهڙو جهور جهڙو موهن جو دڙو آهي پر هن جو عمل جيڪو مني صديءَ تي محيط آهي، اهو سندس ڪتابن ۾ سندس انٽريوز ۾ سندس ڪالمن ۾ اسان ساڻ رهيو آهي ۽ اڃا سوڀو به اسان ساڻ آهي، سندس هيڻن هڏڙن جو اسان کي احساس آهي پوءِ به جڏهن کيس ڏسبو آهي ته زندگيءَ ۾ ويساهه وڌي ويندو آهي ۽ سندس عمل کي ڏسي انسان جي آزاديءَ جي ويڙهه ۾ ٽپي پوڻ لاءِ ذهن تيار ٿي ويندو آهي، اياز جا ڪيئي نظم ذهن مان نڪري زبان تي اچي ويندا آهن ۽ اهي سڀ سندس نالي ڪرڻ تي دل ٿيندي آهي. سنڌ جي حقن لاءِ مني صديءَ جي ويڙهه ۾ جسماني توڙي ذهني طور شريڪ رهندڙ هي ”مين آف مهين جو دڙو“ ٽئگور جو اهو گيت لڳندو آهي، جيڪو سانوري شام کي هڪ عجيب آنند بخشيندو آهي. هو شانتي نڪيتن جو اهو ودريار ٿي لڳندو آهي جيڪو ڪنهن جهوني بڙ کي ٽيڪ ڏئي ستار به وڄائيندو آهي، ساميءَ جي روءِ جهڙي صبح جي اڀرندڙ سورج کي اڀرندي ڏسندو به آهي ته ان کي سلام به ڪندو آهي ته انساني سک ۽ سلامتيءَ لاءِ پراٿنا به ڪندو آهي. جيتوڻيڪ هو ائين ضرور سمجهندو آهي ته انسان اڪيلو آيو آهي ۽ کيس اڪيلو ئي واپس وڃڻو آهي پر هو پويان اهڙو ڪجهه ضرور ڇڏي ويندو آهي جيڪو هن جي نالي سان سڃاڻجي ۽ ڪامريڊ سوڀي جي نالي سان هڪ کان وڌيڪ نسبتون سڃاتيون وينديون، هن سان اها سچائي سڃاتي ويندي، جيڪا هن جي سڄي حياتي پنهنجي نظرئي سان رهي، نظريو، جيڪو انساني سماج مان بک، بيروزگاري، بيماري، اٻوجهائي، قومي، طبقاتي ۽ مذهبي متڀيد کي ختم ڪرڻ وارو آهي، سندس نظريو جيڪو انسان کي هڪ اعليٰ وقار ڏيڻ جي جستجو وارو آهي، سندس نظريو جيڪو ظالم کي مظلوم تي، ڏاڍي کي هيڻي تي، گوري کي ڪاري تي، فوقيت ڏيڻ جي خلاف آهي، جنهن لاءِ هن مني صدي جهيڙيو آهي ۽ جنهن بابت هن ڪو به سمجهوتو نه ڪيو آهي. هن پنهنجي هيڻن هڏن ۽ اڏول آدرشن جو مان مٿانهون رکيو آهي. هو جيڪو ايمانداري،سچائي ۽ ويڙهه جي علامت رهيو آهي، سچ ته پنهنجي ذات ۾ گوتم لڳندو آهي، جنهن سڀ سنساري تمنائون ڄڻ تياڳي ڇڏيون هجن! اڄ هو اسان لاءِ ائين آهي جيئن ڀٽائي چيو آهي:
رهيا اٿئي رات، صبح ويندئي صابري
لُنءَ لُنءَ منجهه لطيف چئي، ڪو تنين جي تات
سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀري ڀاڳ مڙي
اڄ هو بيماريءَ جي بستري تي آهي، اچو ته کيس ايتريون دعائون ڏيون جو انهن جو وزن سندس انهن اذيتن ۽ تڪليفن کان ڪيئي ڀيرا وڌي وڃي، جيڪي اذيتون هن سنڌ ڌرتيءَ ۽ انهيءَ جي مسڪين ماڻهن جي آجپي ۽ خوشحاليءَ جي ويڙهه ۾ سٺيون آهن. اچو ته سندس قدمن ۾ ايترا گل نڇاور ڪريون جو انهن جي سگنڌ هيءُ سڄو ديس واسي ڇڏي، ديس جنهن جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هن سنسار جون سک ڀريون گهڙيون تياڳي جيل جون ڪوٺيون ۽ نظربنديءَ جا نهوڙيندڙ پل پنهنجي اکين تي رکيا، انهن اکين تي جن سان هن مٽيءَ ماءُ جو مان مٿاهون ڪرڻ جا خواب ڏنا هئا، اهو ته پتو نه آهي سندس جهور اکين جا خواب هن ديس ۾ ڪڏهن ساڀيا ماڻيندا؟
پر شايد اها سندس خوابن جي ساڀيا هجي ته سندس اهي خواب اڄ سنڌ جي اڻ ڳڻين نوجوانن جي اکين ۾ جاڳن ٿا، جيڪي يقينن سڀاڻي ساڀيا ماڻيندا ۽ جڏهن ائين ٿيندو تڏهن ڪامريڊ سوڀو انهن ۾ اسان کي مرڪندو نظر ايندو. تيستائين اسان جون نيڪ خواهشون ۽ اڻ ڳڻيون دعائون کيس ڀيٽا طور ائين چوندي ته هو پنهنجا خواب پنهنجي جهور اکين سان ساڀيا ٿيندي ڏسي. ان مسافريءَ جو ماڳ ڏسي، جيڪا مسافري هن مني صدي اڳ شروع ڪئي هُئي، شال سندس ڇانوَ سنڌ تي صدين تائين رهي، جنهن ڇانو ۾ ويهي ايندڙ نسل سندس خواب کي ساڀيا ڏيڻ لاءِ ڪي گهڙيون ويچارين ۽ پنهنجي ماڳ تي رسڻ لاءِ پلاننگ ڪن، اهو ماڳ جيڪو انساني آجپي جو ماڳ آهي، جتي ڪو به ڏاڍو يا هيڻو نه هجي، جتي ڪو به بکيو نه سمهي، جتي ڪو به بيماريءَ ۾ ورتل نه هجي، جتي ماڻهو سڀ هڪ جهڙا هجن، جتي سڀني جي منهن تي مرڪ هجي ۽ اهو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو ديس هُجي!



سوڀو گيانچنداڻي
هند سنڌ جو سوڀو (۱۹۲۰-۲۰۱۴)
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
صبح جو نوين بجي ڌاري سنڌ مان شوڪت حسين شوري جو فون اچي ٿو. لڇاڻي، ڪامريڊ سوڀو گذاري ويو. فيس بڪ ڏسان ٿو. لکيل آهي
The Great Legend of land comrade Sobho has departed on his principals through out of his life, we salute him
خبر هئم ته سوڀو بيمار آهي، چڱي وقت کان پوءِ به ڇرڪ نڪري وڃي ٿو.
سمرتين جو ساگر اُٿلي پوي ٿو، سمرتين ۾ ڪي چٽ ڌنڌلا ته ڪي چٽا ذهن تي نمودار ٿيڻ لڳن ٿا. انهن سمرتين مان هڪ چهرو اُڀري ٻاهر اچي ٿو، ڊگهو، قداور، بدن ۾ پورو پنو، منهن تي مرڪ.
مان انهن سمرتين سان وابسته لمحن ۽ واردارتن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
۲۶ ڊسمبر ۲۰۰۴ع
اسان رات جو ڪافي دير سان سمهياسين، سنڌ ٽي وي ۽ سنڌي فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان هڪ شاندار ڪلچرل پروگرام رکيل هو. پروگرام جو دير دير تائين ويهي لطف ماڻيوسين. انڊيا ۾ اهڙا پروگرام ڏسڻ لاش مشڪل سان ملندا آهن، ڇو ته هتي سنڌي هڪ هنڌ وسيل آهن ئي ڪو نه، ڪڻو ڪڻو ٿي پکڙجي ويا آهيون، سموري هندستان ۾.
سنڌ ۾ بيحد ٿڌ، چانهه جو لطف ٿي ورتوسين ته فون جي گهنٽي وڳي کنيم، ريسپشن کان آواز هڪ ”ليڊي“ توهان سان گڏجڻ آئي آهي نند جويري ۽ مان هيٺ لٿاسين.
سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڌيءَ هئي. اسان کي انوائيٽ ڪرڻ آئي هئي.
پر اسان جو قافلو Busy Schedule سبب، سوڀي وٽ وڃي نه سگهيو، فرئڪچر هوندي به سوڀو اسان سان گڏجڻ هوٽل ۾ آيو.
مون سوڀي گيانچنداڻيءَ جو نالو ٻڌو هو ادب سان لاڳاپيل هئڻ سبب، هن جي ڪارگذارين کان به واقف هوس. پر روبرو پهريون دفعو ٿي ملياسين.
سوڀي گيانچنداڻيءَ جو جنم ۳ مئي ۱۹۲۰ع تي تعلقي ڏوڪريءَ ٻنڊي نالي ڳوٺ ۾ ٿيو. اهو ڳوٺ موهن جي دڙي کان ميل ڏيڍ پنڌ تي آهي. مون انڪري کيس ”موهن جي دڙي“ جو ماڻهو ڪري ڪوٺيو، ڪي هنکي legendary man (افسانه آميز) به ڪري ڪوٺين، اڄ هو لوڪ ڪهاڻين جو سورمو، منهنجي سامهو بيٺو هو.
شانتي نڪيتن مان بي اي پاس ڪري، سنڌ ۾ اچي مزدور يونين جو اڳواڻ بڻيو، انگريزن جي خلاف هندستان ڇڏيو، هلچل ۾ بهرو ورتائين. جيل به ڀوڳيائين. ملڪ کي آزادي ته ملي پر انگريزي سچ پچ سياسي کيڏ کيڏي، مذهب جي بنياد تي ملڪ جو ورهاڱو ڪري ڇڏيو، سنڌ پاڪستان جي حصي ۾ آئي. سنڌي هندن کي پنهنجا اباڻا اجها ڇڏڻا پيا. ملڪ تي ورهاڱي کانپوءِ، جڏهن ٻين سنڌي هندو اڳواڻن سنڌ جي لاءِ هميشه لاءِ الوداع ڪري هند اچي وسائي، پوءِ به سوڀي سنڌ نه ڇڏي، چوي سنڌ منهنجي اما آهي. مان ان جي گود ۾ ئي ڄائو آهيان. ان جي گود ۾ ئي پلجي وڏو ٿيو آهيان. مان پنهنجو ملڪ نه ڇڏيندس.“
پاڪستاني حاڪمن هن کي سنڌ مان ڪڍڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي، کيس گهڻيون تڪليفون ڏنيون، کيس جيل ۾ به اماڻيو پر هن يار پنهنجو وطن نه ڇڏيو. هن سنڌ ۾ رهي سنڌ واسين جي خدمت ڪئي ۽ پاڻ کي پيارو بڻايو. سوڀي سان منهنجي آخرين ملاقات سن ۲۰۰۶ع جي آس پاس ٿي هئي، جڏهن هو ڀارت گهمڻ آيو هو. الها سنگر ۾ به هن جي آکيان گوپ روپچنداڻي پنهنجي ادبي سنگت طرفان ڪئي هئي، جنهن ۾ چڱا اديب به شامل ٿيا هئا. جهڙوڪ پروفيسر هيرو شيوڪاڻي، هري پنڪج، نارائڻ ڀارتي، نند هندوجا ۽ ڪجهه ٻيا.
سوڀي سنڌ سان خوب نباهيو آهي. پاڪستاني حڪمرانن وٽان، پوري قدرداني نه ٿيڻ باوجود، هن کي رنج يا شڪوو نه ٿيو.
اهڙي سورمي کي سوين سلام



ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
هڪ حقيقي انقلابي
الطاف پيرزادو
سنڌُ ۽ هندُ اڄ پنهنجي سُلڇڻي پٽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڇهانويهين (۹۶) سالگرهه ملهائي رهي آهي. ڪامريڊ سوڀو ۳ مئي ۱۹۲۰ع تي سنڌوءَ جي ساڄي پاسي، سنڌو ماٿريءَ جي عظيم تهذيبي ماڳ مُهين جي دڙي ڀرسان ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ پيدا ٿيو هو. ٻنڊي مهين جي دڙي جي اولاهين پاسي لڳ ڀڳ هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي. ڪامريڊ ٻه سال اڳ يعني ۸ ڊسمبر ۲۰۱۴ع تي ڊگهي علالت کانپوءِ اسان کان وڇڙي ويو هو.
ڳوٺ جيئن ته ڪنهن به سماج جو حُسن ۽ دل هجن ٿا. جيڪي گدلاڻ کان پاڪ هجن ٿا، سو ڪامريڊ سوڀو به جيئن ته ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو، تنهن ڪري سندس قول ۽ فعل ۾ ڪوبه تضاد نه هو، هن لاءِ انسانيت سڀ کان اُتم مذهب هو، اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن به ننڍ وڏائيءَ جي چڪر ۾ پوڻ بدران هو هر ڪنهن کي هڪ نظر سان ڏسندو هو. ڪميونسٽ هو، سو به ڪميٽيڊ ڪميونسٽ. تنهن ڪري سرمائيداري نظام کان چڙ ۽ مظلوم طبقن خاص ڪري هارين ۽ پورهيتن لاءِ پتوڙڻ سندس رڳ رڳ ۾ شامل هو.
اسان وٽ جيئن وئيشا يار مَٽائي، تيئن سياستدانن طرفان پارٽيون، نظريا ۽ پروگرام مٽائڻ، انهن کان منهن موڙي ڇڏڻ ڄڻ ته فيشن بڻيل آهي پر ڪامريڊ پنهنجي زندگيءَ ۾ جنهن ڪميونسٽ نظريي سان نينهن لاتو، مَرڻ گهڙيءَ تائين ان سان ئي سلهاڙيل رهيو. سو چئي سگهجي ٿو ته ڪميونسٽ نظريي سان سندس عشق هو، جنهن سان زندگيءَ تائين ناتو نڀايائين. سوويت يونين ٽٽڻ کانپوءِ جڏهن پاڪستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڏڦيڙجي ور چڙهي وئي ۽ پارٽيءَ جا وڏا وڏا نانوَ به انهيءَ صدمي جي ڊَههَ بچائي نه سگهيا زندگيءَ پر ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي حالَ آهر پنهنجي پروگرام ۽ نظريي جي پرچار ۾ لڳو رهيو. هو جيئن ته ڪميٽيڊ ڪميونسٽ هو، تنهن ڪري اختيار ڌڻين جي اک ۾ چڀندو رهيو.
ڪامريڊ سوڀو جنهن دور ۾ ڄائو هو، ان وقت نه ته ننڍو کنڊ ورهايل هو، نه ئي وري پاڪستان جو قيامُ عمل ۾ آيو هو، يعني ۳ مئي ۱۹۲۰ع ۾ جڏهن ڪامريڊ سوڀي جو جنم ٿيو هو، ان وقت ڪامريڊ جو ڳوٺ ٻنڊي توڙي منهنجو ڳوٺ ٻلهڙيجي، برطانوي راڄ واري گڏيل هندستان جو حصو هئا. مذهب جي بنياد تي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ جڏهن ڪيئي هندو سنڌ ڇڏي ويا ۽ ڪامريڊ سوڀي تي به پنهنجي مٽن مائٽن دوستن عزيزن جو پاڪستان ڇڏي هندستان لڏي وڃڻ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو ته هن ڪنهن جذباتي مذهبي وهڪري ۾ وهڻ بدران ڀٽائيءَ جي هن سٽ ته:
جيها سي تيها مون مارو مڃيا
کي عملي روپ ڏيندي چيو ته منهنجو مرڻ ۽ جيئڻ سنڌ سان آهي. سو ڪامريڊ سوڀو ڄائو به سنڌ جي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ هو ۽ سندس مرتئو به سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هو مذهب جي مامري منجهڻ وارن مان نه هو پر سنڌ سان، سنڌ وارن سان ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان سندس ازلي عشق هو. ڪامريڊ جي پر عزم ڪردار سبب وقت جا حاڪم کانئس خائف به هئا ته تنگ به هئا. هن هڪ ڀيري ڪچهري ۾ فخر مان اهو قصو ٻڌايو هو ته ڪيئن نه وفاقي سرڪار جو هڪ بااثر ڪامورو کيس پاڪستان ڇڏي هندستان هليو وڃڻ لاءِ قائل ڪرڻ وٽس آيو هو پر هن کيس اهو چئي سنڌ ڇڏڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو هو ته سنڌ منهنجو وطن آهي، منهنجو جيئڻ مرڻ، هن ڌرتيءَ سان آهي. تنهن ڪري زندگيءَ جي راهه ۾ جيڪي ڪشالا ڪاٽڻا پيا، جيڪي ڀوڳنائون ڀوڳڻيون پيون، سي ڀوڳيندس پر سنڌ نه ڇڏيندس. سو ڪامريڊ سنڌ سان هڪ حلالي پٽ جيان نڀايو ۽ سنڌ به کيس اهڙو مانُ ڏنو، جيڪو لائق اولاد کي ڏبو آهي. کيس طاقتور ڌرين ٽه منهين بلا (Three head monster) قرار ڏيندي چيو هو ته هڪ ڪميونسٽ، ٻيو سنڌي، ٽيون هندو، تنهن ڪري اسان لاءِ ناقابل برداشت آهين، بهتر ٿيندو ته هي ڏيهه ڇڏي هتان لڏيون هليو وڃُ.
مُهين جو دڙو سڄي دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي سڃاڻپ بڻيل آهي، پر شانتي نڪيتن ۾ رابندر ناٿ ٽئگور جڏهن کيس ”مُهين جي دڙي جو ماڻهو“ چئي پڪارڻ شروع ڪيو هو ته، هو ڄڻ مُهين جي سڃاڻپ بڻيو هو. لاڙڪاڻي کي ليڊرن جي ڌرتي چيو وڃي ٿو ۽ سنڌو ماٿريءَ جو عظيم ماڳ مُهين جو دڙو به هن ئي ضلعي ۾ آهي، ان کان علاوه ذوالفقار علي ڀٽو به هن ضلعي سان واسطو رکي ٿو، تنهن ڪري ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي مُهين جو دڙو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي سڃاڻپ به بڻيل آهن.
منهنجو ڳوٺ ٻلهڙيجي به ان وقت تائين سنڌ جي روايتي ڳوٺن مان هڪ هو، جنهن وقت تائين ان جو ڪامريڊ سوڀي سان واسطو نه پيو هو، ٻلهڙيجي ۽ سوڀي ۾ واسطي جو ذريعو وري انور پيرزادو هو، انور جيڪي ڪجهه ڪامريڊ سوڀي مان سکيو، تنهن جو ديپ ڳوٺ ۾ جلايو ۽ ٻلهڙيجي سنڌ اندر هڪ اهڙو ڳوٺ ٿي اڀريو، جنهن سڄي سنڌ اندر ڀٽائي شناسي، صحافتي، ادبي ۽ سياسي کيتر ۾ اهڙو مقام حاصل ڪيو جيڪو شايد ئي ڪنهن ڳوٺ کي نصيب ٿيو هجي. اڄ ڪامريڊ سوڀي جي سالگرهه آهي ۽ هو اسان جي وچ ۾ به ناهي، کيس وڇڙئي به ٻه ورهيه وهامي ويا آهن، سو سندس مرتئي تي سوڳ بدران اچو ته سندس جنم ڏينهن جو جشن ملهايون، ڇو جو ههڙا بي داغ ڪردار قومن ۾ صدين کان پوءِ ئي پيدا ٿيندا آهن.



ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
هڪ تاريخ ساز ۽ سياسي ادبي شخصيت
عيسيٰ ميمڻ
سنڌ ۾ سياسي اٿل پٿل جو دؤر، انگريزن جي اچڻ کان پوءِ گهڻي قدر ڳڻيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته انگريز جڏهن يورپ کان هتي پهتا ته يورپ جي جديد سرمائيداريءَ جا نوان ماڻ ماپا ۽ طور طريقا به کڻي آيا هئا. سنڌ جو سماج جاگيرداري/ زرعي سماج هئڻ سبب ان جي ترقيءَ جي رفتار به سست هئي ته سماج ۾ جمود به وڌيڪ هو. انگريزن جي اچڻ کانپوءِ هڪ طرفي غلاميءَ جو نئون آغاز ته شروع ٿيو پر ادب ۽ سياست جا روشن دروازا به کليا. خصوصن سنڌي ٻولي ۽ ادب جا نوان رخ ۽ پهلو سامهون آيا. هڪ طرف جديد يورپي ادب جا ترجما شروع ٿي ويا ته ٻئي طرف ٻوليءَ بابت تحقيق به شروع ٿي ويئي. ويهين صديءَ ۾ سنڌي ادب جي ترقي پسند رخن کان جيڪا اڏاوت شروع ٿي خصوصاَ سوويت يونين جي انقلاب کان پوءِ انهن بنياد وجهندڙ مان سنڌي ادب جي ترقي پسند ليکڪ ۽ دانشور سوڀو گيانچنداڻي سرفهرست آهي. سوڀي جي شخصيت جي ڏس ۾ سنڌ ۽ هند جي ترقي پسند دانشور ڪيرت ٻه ٻاڻي لکي ٿو ته:
سنڌ جي تاريخ تي نظر ٿي ڦيرائجي، ته هزارين سالن جي عرصي ۾ هن پياري ڌرتيءَ تي، ٿورائي دلير ديش- ڀڳت ۽ اعليٰ مفڪر ڄاوا آهن، جن ۾ سوڀي جو مقام اول صف ۾ آهي. سوڀو صحيح معنيٰ ۾ شاهه ۽ ٽئگور جي وطن پرستي، انسانيت دوستيءَ ۽ اعليٰ سيڪيولر روحانيت جو وارث آهي. سنڌي صوفيت جو شان آهي.
سوڀو گيانچنداڻي ويهين صديءَ جي اندر ٿيل سماجي، سياسي ۽ نظرياتي جنگين جو اکين ڏٺو شاهد هجڻ سان گڏوگڏ انهن ۾ عملي طور تي پڻ حصوورتو هو. سوڀو انهن جديد سنڌي ادب جي اڏيندڙن مان هڪ آهي. جنهن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪيترن ئي نسلن جي فڪري آبياري به ڪئي هئي، سنڌي ادب ۾ رجعت پسند لاڙن خلاف نه صرف ويڙهه ڪئي پر ترقي پسند رجحانن جي واڌاري لاءِ پنهنجي سموري ڄمار ارپي ڇڏي هئي. موهن جي دڙي جي ڪک مان جنم وٺندڙ ڪامريڊ سوڀي جي ادبي ۽ سماجي زندگيءَ جو هڪڙو طويل دور رهيو آهي. هن پنهنجي جدوجهد ۽ فڪري پورهئي ذريعي سنڌ جي ادبي ۽ سياسي لاڙن کي جلا بخشي آهي. هن جي زندگي ٻرندڙ چراغ مثل آهي جنهن جي روشني نه صرف پنهنجي تر ۾ هئي پر سنڌ سميت ننڍي کنڊ ۾ ان جا زبردست اثر پڻ آهن. اڄ اسان ڪامريڊ جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهڻ بجاءِ، صرف ڪامريڊ جي شخصيت ۽ سندس ادبي خدمتن جو جائزو پيش ڪنداسين.
خانداني پسمنظر ۽ جنم
ننڍي کنڊ جي ڏاهي سوڀي گيانچنداڻيءَ جو جنم موهن جي دڙي کان اولهه طرف هڪ ننڍي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ ٿيو. هن جو ڳوٺ ڏوڪريءَ کان ۸ ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آهي. سوڀي جو پورو نالو سوڀراج آهي. سندس والد جو نالو ٽنورمل آهي. هي ۰۳ مئي ۱۹۲۰ع ۾ پيدا ٿيو.
ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران سندس شخصيت تي رابندرناٿ ٽئگور جو وڏو اثر پيو. ٽئگور جي شخصيت ۽ علمي ادبي ڪمن کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو هن انٽر ڪرڻ کان پوءِ سوڀي، ٽئگور وٽ پڙهڻ جو ارادو ڪيو. جڏهن هن جي ملاقات ٽئگور سان ٿي تڏهن هن سوڀي کان تعارف پڇيو. تڏهن سوڀي جواب ڏنو ته:
I have come from Larkana ان تي ٽئگور کيس چيو ته “Man From Mohan Jo Daro” ۽ پوءِ هميشه کيس ان نالي سان ئي سڏيندو هو.
سوڀي جو  سياست ۾ اچڻ
سياست انساني سماج ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿي. اسان سياست ۾ ڀلي دلچسپي رکون يا نه پر سياست اسان ۾ دلچپسي رکي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ارسطو چيو ته ”جيڪو به سياست نه ٿو ڪري اهو انساني دائري ۾ ئي داخل نه ٿو ٿئي“ ان ڪري ڪامريڊ سوڀو به سياست کان پاڻ آجو نه ڪري سگهيو. هي اهو دؤر هو جنهن ۾ برصغير جي اندر سياسي تحريڪون عروج تي هيون. جنهن ۾ ڪانگريس، مسلم ليگ، اڪالي دل، هريجن سميت کاٻي ڌرجون ڪيتريون ئي پارٽيون سرگرم عمل ۾ هيون. سوڀو جڏهن تعليم پوري ڪري سنڌ پهتو ته ان وقت هندستان خالي ڪريو تحريڪ (Quit India Movement) تيزيءَ سان جاري هئي. حشو ڪيولراماڻي انگلينڊ مان واپسيءَ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ شاگرد تحريڪ تي ڇائنجي ويو هو. سوڀي به حشوءَ جي اثر هيٺ شاگرد تحريڪ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ ستت ئي سرگرم ترين اڳواڻ بڻجي اڀريو. هن حشو سان گڏ سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد پڻ رکيو. ان دور ۾ سياسي تربيتي اسٽيڊي سرڪل هلايا ۽ شاگردن کي ترقي پسند ادب ۽ تاريخ جي روشن پهلوءَ کان اجاگر ڪيو. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ شانتي نڪيتن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ويجهو آيو. جڏهن ته ۱۹۴۵ع ۾ سوڀو لينن جي جنم ڏينهن تي پارٽيءَ جي گڏجاڻي ۾ پهريون ڀيرو باضابطه شريڪ ٿيو هو. ۱۹۴۶ع جي چونڊن ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڪانگريس ۽ ليگي توڙي ڪميونسٽن جي وچ ۾ اتحاد جون ڪوششون ڪيون ته ٻئي طرف حالتن کي مدنظر رکي برصغير جي ورهاڱي کي قبول ڪيو هو ته ان وقت ملڪ جي ورهاڱي ۾ ڀاڱي ڀائيوار پڻ ٿيا. جڏهن ته ۱۷ فيبروري ۱۹۴۶ع تي رائل انڊين نيويءَ جي بغاوت ٿي. جيڪا ۱۷ فيبروي ۱۹۴۶ع کان ۲۳ فيبروري ۱۹۴۶ع تائين ست ڏينهن هلي، جنهن ۾ باغين وٽ ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جا جهنڊا هئا. ڪامريڊ سوڀي هن احتجاج ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ سوڀو ٽريڊ يونين تحريڪ ۾ ابتدا کان وٺي شامل رهيو. هن جو ريلوي يونين سان به ويجهو واسطو رهيو. سوڀو ڪراچي اليڪٽرڪ سٽي سپلاءِ ورڪرس يونين ۾ پڻ ڪم ڪندو رهيو. هن سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ پڻ ڪافي وقت ڏنو. سوڀي خصوصن سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي اڌو اڌ بٽئيءَ واري تحريڪ“ توڙي ”الاٽي تحريڪ“ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو.
سوڀي گيانچنداڻي ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ پڻ سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ سان گڏجي حصو ورتو. سوڀي ملڪي چونڊن ۾ پڻ ٽي ڀيرا حصو ورتو:
۱۹۵۳ع ۾ نوابشاهه، خيرپور، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن تان اميدوار ٿيو. جنهن ۾ سوڀي هارايو هو.
۱۹۸۸ع ۾ پڻ چونڊ وڙهيو. ان وقت هندن ۽ مسلمانن جا الڳ الڳ ووٽ هئا. هن چونڊن ۾ ۱۳ هزار ووٽ کنيا. جڏهن ته مخالف ۸ هزار ووٽ کنيا، پر سندن مخالف اميدوار سپريم ڪورٽ ذريعي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي، جنهن ۾ سوڀي کي هارايو ويو.
هن ۱۹۹۰ع ۾ ٽيون ڀيرو چونڊن ۾ حصو ورتو. ان وقت ڪميونسٽ پارٽي ٽٽي چڪي هئي تنهن باوجود به هن ڇهين نمبر تي ووٽ کنيا هئا.
۱۹۹۰ع ڪميونسٽ پارٽي جي غيرفعال ٿيڻ کان پوءِ باضابطه ڪنهن به پارٽيءَ جو ميمبر ته نه هو پر ترقي پسند تحريڪن جي حمايت ضرور ڪندو رهيو.
جيل ياترا
سياسي سفر ۾ جدوجهد دوران تڪليفون برداشت ڪرڻ، جيل جون صعوبتون سهڻ،  ڄڻ ته سياست جو اٽوٽ حصو آهي. ائين سوڀي به پنهنجي زندگيءَ جو ڳچ حصو جيلن ۾ گذاريو. تنهن باوجود سوڀو ڪڏهن جيلن جي سختين کان مايوس ٿي گهر ويهي نه رهيو. هن کي جڏهن به جيل مان آزادي ملي تڏهن هن ٻيهر سياسي ڪمن جي شروعات اتان ئي ڪئي جتي هو اهو ڪم ڇڏي ويو هو.
سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي
سنڌي ادبي سنگت، ترقي پسند ادب جي نه صرف آبياري ڪئي آهي پر ترقي پسند تحريڪن جي پٺڀرائي به ڪئي آهي. سنڌي ادبي سنگت جي پهرين گڏجاڻي جي حوالي سان سوڀو لکي ٿو ته:
”جولا ۱۹۴۴ع ۾ جڏهن مان جيل مان نڪري آيس ته هتي جي اندر سنڌي ادبي سنگت جو ميڙ ٿيو. جنهن ۾ شيخ اياز پنهنجو گيت ” او باغي او راڄ دروهي“ ڳائي ٻڌايو۔ گوبند مالهي، مان ڪرشن کٽواڻي ۽ آنند گولاڻي سڀئي موجود هئاسين.“
سوڀي ان دور ۾ ئي ساٿين سان گڏجي اها مهم شروع ڪئي ته سنڌي اديب طبعزاد ڪهاڻيون لکن. ان ڏس ۾ ڪراچيءَ مان ”نئين دنيا“ رسالو شروع ڪرايائون. ان دور ۾ انهن طبعزاد ڪهاڻين جو پهريون طبعزاد مجموعو ”صحرائي ڦول“ جي نالي سان شايع ٿيو. اهي سوڀي ۽ سندس ساٿين جون ڪوششون هيون. جنهن ۱۹۴۷ع جي ورهاڱي ۾ سنڌي اديبن جو وڏو حلقو سنڌ مان جلاوطن ٿيڻ جي ڪري، سنڌي ادب ۾ پيدا ٿيل خال کي سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين جي ذريعي ڀريو. اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي شعور جي آبياريءَ ۾ زبردست نڀايو. سوڀو گيانچنداڻي هڪ اديب جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت سان ورهاڱي کان اڳ به سلهاڙيل رهيو ۽ آخر تائين ان جو اعزازي ميمبر به رهيو.
سوڀي گيانچنداڻي جي ادبي خدمتن جو جائزو
سوڀو گيانچنداڻي جنهن کي ”مهين جو ماڻهو“ به چون ته ”مهين جو جوڳي“ به چون. هن جو ننڍي کنڊ جي ادب ۽ سياست تي زبردست اثر به رهيو آهي ۽ هي سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو هڪ منفرد ديو مالائي ڪردار به آهي. سوڀي جو مطالعو به زبردست هو. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، ترجمي نگار ۽ ڪالم نگار به هو. سنڌي مادري زبان هئس پر انگريزي تي به کيس مڪمل عبور حاصل هئس. هندي، اردو ۽ بنگالي زبانون ڄاڻندو هو ۽ فارسيءَ ۽ عربيءَ جو پڻ سمجهه جي حد تائين اڀياس به ڪندو رهيو. سوڀو هڪ بيباڪ، پختو ۽ وسيع ترين مطالعي وارو ليکڪ هو. هن ۱۹۳۶ع ۾ پهرين ڪهاڻي اڍائي رپيا لکي، لکڻ جو آغاز ڪيو، جڏهن ته هن ۱۹۳۶ع ۾ ئي ٽئگور ۽ سوامي تيرٿ تي پهريون مضمون لکيو هئائين جيڪو اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ جي مخرن ۾ شايع ٿيو. هن پهريون ڊرامو نيپولين ۽ سينٽ جينيا تي لکيو. جيڪو سنسارسماچار ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ لاتعداد مضمون، ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکيا. جڏهن ته ۱۹۵۷ع کان آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تائين مارشل لا جي دور ۾ ”نئين سنڌ“ اخبار جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هن جي لکڻ جو ڄڻ ته باقاعدي آغاز ۱۹۹۰ع کان پوءِ ٿيو. جنهن ۾ عوامي آواز ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين، ڪيترائي سوانحي خاڪا پڻ لکيائين. جڏهن ته ماهوار سوجهري ۾ ”روشنيءَ جي پنڌ ۾“ آتم ڪٿا قسطوار ڇپائيندو رهيو. جڏهن ته سوڀي شاعري به ڪئي آهي جيڪا گهڻي قدر محفوظ نه ٿي سگهي آهي.
” تاريخ جا وساريل ورق “  ڪالمن تي مشتمل ڪتاب
۲۶ جولاءِ ۱۹۹۰ع ۾ سوڀي گيانچنداڻي عوامي آواز اخبار ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا. انهن ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ۱۹۹۲ع ۾ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد ”تاريخ جا وساريل ورق“ نالي سان شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ ڪُل ۲۷ ڪالم شامل آهن. انهن ڪالمن ۾ هن نه صرف دنيا جي سياسي حالتن جو جائزو ورتو آهي پر سنڌ جي سياسي ۽ انقلابي حالتن جو پسمنظر ۽ پيشمنظر به پيش ڪيو آهي ته ڪيترن ئي شخصيتن جا خاڪا به ڏنا آهن. ننڍي کنڊ جو هي وڏو دانشور اڄ جي تاريخ ۸ ڊسمبر تي سال ۲۰۱۴ع ۾ اسان کان جسماني طور تي هميشه لاءِ وڇڙي ويو.


ڪامريڊ سوڀو
سندس ڇڏيل مِشن
مراد پندراڻي
ڪجهه ڏينهن پهرين دنيا اندر طبقاتي جدوجهد ۽ عام ماڻهن جي زندگين کي تبديل ڪرڻ لاءِ زندگي ارپيندڙ ڪيوبا جو عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ فيڊل ڪاسترو هميشه هن دنيا مان هليو ويو ته ان موقعي تي مون کي اسان جو فيڊل ڪاسترو ۽ پنهنجي زندگي جو ڳچ عرصو طبقاتي نظام خلاف وڙهندي گذاريندڙ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ڏاڍو ياد آيو، ٻن سالن جي فرق سان اسان کان هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪري ويو هو، ڪامريڊ فيڊل ڪاسترو ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو مشن ساڳيو هو ۽ جيڪڏهن فرق هيو ته صرف خطي جو هو. ان سان گڏ فيڊل ڪاسترو پنهنجي ملڪ اندر انقلاب آڻي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪ جو سربراهه رهيو ۽ انقلابي تبديلين سبب اڄ ڪيوبا پوري دنيا اندر طب جي حوالي سان مڃيل ملڪ طور سڃاتو ويندو آهي. ڪامريڊ سوڀو پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي ڀيرا ان عظيم انقلابي سان مليو هوندو ۽ تاريخ ساز تحريڪن ۽ طبقاتي جدوجهد جي حوالي سان دل کولي گفتگو به ڪئي هوندي. ڇاڪاڻ ته سوويت يونين جي ڏينهن ۾ هن ملڪ اندر جيڪي به نالي وارا کاٻي ڌر جا اڳواڻ هئا انهن جو ڪيوبا توڙي روس اندر تربيتي پروگرامن دوران دنيا جي وڏن وڏن انقلابي اڳواڻن سان ملاقاتون به ٿينديون هيون ۽ ڪامريڊ سوڀو ته پڪ سان هن جهوني جرنيل ڪامريڊ ڪاسترو سان مليو هوندو.
ڪامريڊ سوڀي کي ان جي زندگي ۾ حڪمرانن توڙي ان جي خاص همدردن طرفان اهو مقام نه ڏنو ويو جنهن مقام ۽ مرتبي جو هو اهل هيو ۽ ايتري حد تائين جو ڪڏهن ڪڏهن هن کي پنهنجي اڳواڻ طور مڃڻ کان به ڪيٻائيندا هئا، سنڌ صوبي اندر موجوده حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي جي باني اڳواڻن کان وٺي موجوده حڪمرانن تائين ڪامريڊ جي جدوجهد ۽ سچائي کي مڃيو ويندو رهيو آهي پر عملي طور تي ڏسون ته اهي ئي حڪمران ٻه سال گذرڻ باوجود پنهنجي واعدي نڀائڻ کان به لاچاري ڏيکاري رهيا آهن، پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جي ان رويي مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته هو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي نالي سان يادگار ٺهرائڻ ئي نٿا چاهين ۽ جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته پوءِ ڪامريڊ جي وارثن توڙي ساٿين کي چٽي نموني ٻڌايو وڃي ته هيءُ ڪم انهن کان نٿو ٿي سگهي. عام ماڻهن کي به خبر پئجي وڃي ته ترقي پسند سوچ سان ويجهڙائپ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندڙ هن پارٽي جا اڳواڻ عملي طور تي ڪهڙي نموني ڪن لاٽار ڪري، ترقي پسند سوچ جي واڌاري  لاءِ زندگي ارپيندڙ ماڻهن کي وساري ڇڏيندا آهن.
ڪامريڊ سوڀي جي هيءَ ٻي ورسي آهي ۽ ڏسڻ ۾اهو اچي رهيو آهي ته ايڪڙ ٻيڪڙ جي سرگرمين کان علاوه ڪي خاص سرگرميون نظر نٿيون اچن ۽ ايتري حد تائين جو لاڙڪاڻي ۾ تمام سادو پروگرام ڪامريڊ جي وارثن طرفان ان جي گهر ۾ رٿيو ويو آهي، اسان جي پنهنجي رويي مان ئي اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته اسان به پنهنجن اڳواڻن کي ڪهڙي نموني ياد ڪندا آهيون، ۽ انهن جي زندگي توڙي بعد ۾ انهن جي خدمتن کي ڪيئن ڀيٽا پيش ڪندا آهيون. کاٻي ڌر سان سلهاڙيل جيڪي به ڌريون آهن، اهي ڄڻ ته اگهور ننڊ ستل آهن ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان انهي وقت جي انتظار ۾ آهن ته متان ڪو اوچتو انقلاب اچي وڃي ۽ پوءِ اسان کي به ڪو حصو پتي ملي وڃي، اڄ به جيڪڏهن کاٻي ڌر سان سلهاڙيل يا ويجهڙائپ رکندڙ ڪابه ڌر يا پارٽي آهي ته ان جي اندر چڱ مڙسي ۽ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ وارو جهيڙو هلندڙ آهي. اهڙي صورتحال ۾ لڳي ئي نٿو ته هن ملڪ اندر حقيقت ۾ به کاٻي ڌر ڪنهن دور ۾ تمام سگهاري نموني موجود هئي ۽ شايد انهي جي ڪري ئي هن مهل تائين انتهاپسند مڪمل طور تي قبضو ڄمائي سگهيا آهن. ڪامريڊ سوڀو پنهنجي زندگي جي آخري ڏيهاڙن تائين پنهنجي اکين ۾ اهو خواب سانڍي هن دنيا مان هليو ويو ته متان اهي سرخا گڏجي پون پر اهو معجزو نه ٿي سگهيو، انهي جي ڪري زندگي جي آخري پساهن ۾ ڪامريڊ سوڀو ڪميونسٽن سان گڏ ٿورڙي حد تائين قومپرستن سان به همدردي جتائيندو رهيو.
ڪامريڊ سوڀي جي ڇڏيل مشن کي جيڪڏهن مڪمل ڪرڻو آهي ته پوءِ اهي سڀئي ٻيڙيون ساڙي نيئن جذبي ۽ سوچ سان اڳتي وڌڻو پوندو ۽ وقت ۽ حالتن جي گهرجن کي سمجهندي پنهنجي سياست جو رخ سڌو ڪرڻو پوندو ته جيئن هن مايوس ۽ بي سهارا عوام کي ڪجهه پلئ پوي. موجوده حالتن ۾ پيپلزپارٽي جي نعري جي حد تائين ترقي پسندي کان علاوه جيڪي به ڌريون ملڪي سياست ۾ اڳڀرو آهن، اهي ساڄي ڌر سان سلهاڙيل يا ويجهڙائپ رکندڙ آهن.  مجموعي طور تي اهڙي صورتحال ۾ ترقي پسند سوچ لاءِ گنجائش موجود ته آهي پر تنظيمي طور تي تمام ڪمزور صورت ۾ موجود انهن گروپن ۾ منظم ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن کي پنهنجا ننڍا وڏا سڀ ويڇا وساري سنڌ توڙي ملڪ جي ڏتڙيل ماڻهن جي مالڪي ڪرڻي پوندي، ڪامريڊ سوڀي طرفان پنهنجن اکين ۾ سانڍيل انهي خواب کي حقيقي طور تي  عملي انداز ۾ ساڀيان ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان اها دعويٰ ڪري سگهون ته اسان ڪامريڊ سوڀي جي واٽ تان هٽيا ناهيون ۽ پنهنجي عملي جدوجهد ۾ سرگرم ۽ روان دوان آهيون.
اڄ به اهو دعوي سان چئي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ سوڀو اسان جو ڪاسترو هيو ڇاڪاڻ ته جنهن بربريت ۽ تنگ نظري وارين حالتن ۾ ڪامريڊ سوڀي جدوجهد ڪندي پنهنجي زندگي گهاري ۽ پنهنجي خاندان مٿان تڪليفون سهندو رهيو پر آڻ نه مڃيائين. زندگي جو ڳچ عرصو هارين، مزدورن ۽ بي پهچ ماروئڙن لاءِ ارپيندڙ هيءُ ارڏو انسان ڪامريڊ سوڀو ئي هيو جنهن انصاف ۽ عدل کي پنهنجو ترجيح طور رکيو ۽ ان تي مڪمل انداز ۾ عمل به ڪيائين.
ڪامريڊ سوڀي جي يادگار بابت جيڪڏهن حڪمران سچا ناهن ته اسان کي اڳڀرو ٿي اهو ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ڪامريڊ جي ساٿين توڙي همدردن کي اڳتي اچي عملي طور تي ڪامريڊ جي يادگار لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو ته جيئن حڪمرانن کي به خبر پئجي وڃي ته اسان پنهنجن عظيم اڳواڻ کي حڪومت جي سهاري بنا به ڀرپور انداز ۾ ياد ڪري ڀيٽا ڏئي سگهون ٿا. ڪامريڊ سوڀو هڪ فرد نه پر ادارو هيو ۽ ادارا سالن ۾ نه پر صدين ۾ جڙندا آهن، اچو ته پنهنجي هن انمول اثاثي ۽ اداري کي بچايون، اچو ته پنهنجي هن تاريخ کي بچايون ۽ اچو ته موهن جي دڙي کي بچايون.



سوڀو صاحب
نصير مرزا/حيدرآباد
ساهه سيباڻي لاڙڪاڻي جي مٽيءَ جو هڳاءُ ئي پنهنجو آهي، پر سوڀي گيانچنداڻيءَ ۾، صرف لاڙڪاڻي نه، ساري سنڌ جي مٽيءَ جو هڳاءُ هو. ڌرم ڪرم، هن جي وڏڙن جو ڪهڙو به هو پر هن سنڌ جي آجپي لاءِ سوشلزم جي سياست ڪئي. شانتي نڪيتن جي آرٽ ڪاليج ۾ وڃي پڙهيو ۽ پنهنجي ذات ۾ مڪمل آرٽسٽ ۽ سماج سڌارڪ ٽئگور جي چرنن ۾ وڃي ويٺو. اتان جڏهن اٿي کڙو ٿيو ته پنهنجي پوري قد و قامت سان هتي سنڌ پهتو. رباني صاحب لکيو آهي ته، هن ملڪ ۾ ڪو هندو، ۽ سوشلزم جي سياست ڪري ته چئبو شينهن جو جگر اٿس ۽ سياست ۾ ان ئي شينهن جگر واري سوڀي صاحب جو مول متو رهيو ته، هن ملڪ ۾ سنڌ غيرن جي غلامي ڪڏهن به قبول نه ڪندي...... سوڀي صاحب ڏوڪري تعلقي جي ٻنڊيءَ نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. هي ڳوٺ موهن جي دڙي ويجهو آهي. ان ڪري سوڀي صاحب جي ذهن، ضمير ۽ وجود ۾ ان ئي تهذيب جي سرهاڻ هئي. ٿورا سال ٿيا، ٽنڊي جهانيان ۾ هن ”مئن آف موهن جو دڙو“ کي مون، ادا مدد علي سنڌيءَ جي گهر مانجهاندي ۾ ڏٺو، جتي هڪ سيٽي تي نيم دراز پاڻ تاريخي واقعن ۽ ڳالهين جا ريشمي ٿان کوليندو پئي ويو. هن جو آواز ڳنڀير، مٺو ۽ گرج وارو هو ۽ سندس اها گفتگو ائين هئي، ڄڻ موهن جي دڙي وٽان سنڌو، لهر لهر وهندو وڃي. ذهني طرح سان دلير، هن سوڀي صاحب کي سنڌ جي هر اک يا ڄمار احترام سان ڏٺو. جنهن محفل ۾ هو ويٺو هوندو هو، هو ئي هو نظر پيو ايندو هو. هن جي هر وڏي همعصر.... سائين جي ايم سيد، جويي صاحب، حشو ڪيولراماڻي ۽ شيخ اياز .... سوڀي صاحب جي عظمت جو اعتراف ڪيو آهي. ايوبي آمريت دوران لاهور جي شاهي قلعي ۾ شهيد ڪيل حسن ناصر به سوڀي صاحب سان گڏ گرفتار ٿيو ۽ جيڪو سوڀي صاحب وانگر سوشلسٽ نظريي جو هو. سوڀي صاحب لکيو: ”قيدخاني جي تهه خاني ۾ حسن ناصر وانگر آئون به قيد ۾ هوس. تهه خاني مان ڪڍڻ وقت حسن ناصر کي اتر کان پنڌ ڪرائيندا هئا ته مون کي وري اوڀر کان اولهه طرف، پر اسان کي وکون اهڙي حساب سان کڻائيندا هئا، جو هڪ ٻئي کي ڪراس ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو هو. اهو موقعو وڏي غنيمت هوندو هو، جنهن جو فائدو وٺندي پاڻ ۾ هڪ ٻه ڀڻڪو ڪري وٺندا هئاسين.“ دنيا ڄاڻي ٿي، سياست سان گڏ، ابتدائي زندگيءَ ۾ سوڀي صاحب صحافت به ڪئي. پاڻ ”نئين سنڌ“ اخبار جا ايڊيٽر ٿيا هئا ۽ اتي ورڪرن سان هن جو ورتاءَ هڪ سخت گير ايڊيٽر وارو نه پر ڪامريڊ ايڊيٽر وارو هو. سوڀي صاحب جو آدرش هو ته سوشلزم سان انسان ذات جي تقدير بدلجي ويندي، پر جتان سوشلزم شروع ٿي، اهي ئي ان تان هٿ کڻي ويا. باوجود ان جي سوڀي صاحب، هڪ انگريزي اخبار ۾ هڪ انٽرويو ۾ اعلان ڪيو ته، ”آئون جو ئي آهيان، سو ئي آهيان.“ پوين ڏينهن ۾ سوڀي صاحب، پيريءَ، علالت ۽ ذاتي صدمن سبب بظاهر گوشه نشيني اختيار ڪئي پر هن سان جو به نوجوان ملي اٿندو هو، اهو شينهن جو جگر کڻي وٽانئس اٿندو هو. سوڀي صاحب جو اڄوڪي ڏينهن تي جنم ٿيو هو. هن لاءِ هنن لفظن جي سلام ۽ خراج لاءِ شيخ اياز صاحب جا هي لفظ پڙهيو: ”جي مان انهن سان نه ملان ها ته مان، مان نه هجان ها ۽ اهي آهن، حشو، جويو ۽ سوڀو. انهن سان منهنجي عقيدت ائين رهي آهي، جيئن روميءَ جي شمس تبريز سان هئي.“



ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
عبدالستار ڀٽي
دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي شخصيت ۾ تاريخ جو ڏيک ڏيندا آهن. خاموش ڪتابن اندر ورقن ۾ لفظن سان ڀريل سچن يا ڪوڙن مثالن واري تاريخ نه پر زندگيءَ ۾ روزانو هلندڙ ڦرندڙ ڏسندڙ ٻڌندڙ ۽ ڳالهائيندڙ تاريخ، زندگيءَ جي سچين حقيقتن سان ٽٻٽار جرڪندڙ تاريخ، زندگي ۾ ڪي ڪي ماڻهو حاصلات، هار  جيت يا سماجي قد ڪاٺ يا ماپ سان نه پر پنهنجي سونين سوچن ڏيئي جي پهرين لاءُ جيان چمڪندڙ، روشن ذهن ۽ اندر جي کير جهڙي اجري نڪور انساني اعتقاد سان پرکيا ۽ توريا ويندا آهن، سندن سڃاڻپ سماج ۾ موجود بدبودار ناسور خلاف بغاوت جا ٻول الاپيندي ٿيندي آهي، سندن واتان سچائيءَ جا گفتا تاريخ ٺهندڙ ورق بڻجي نروار ٿيندا ۽ پنهنجي روپ کي تاريخ جي آرسي بڻائيندا آهن، سندن معيار ۽ مقصد سماج جا نفعا ۽ نقصان نه پر عظيم ۽ اٽل ارادن ساڻ اڻ موٽ قدم هر وقت زمين تي کتل هوندا آهن. پهاڙ جيڏا اڏول مهان ماڻهو بدلجندڙ ريتن رسمن سان اڀار ڀريل نون لاڙن ۾ ڪين لڙهندا آهن، پر سندن جيل جيڏا حوصلا هر ڏاڍ جي طوفان اڳيان ديوار چين وانگر مضبوط مقابلن ۾ مصروف ۽ تاريخ کي پنهنجي گرد پيا ڦيرائيندا آهن. اهڙا اڙ ٻنگ ٻلواڻ جواڻ اونداهين دور ۽ دنيا ۾ اميدن جي دوش تي آسرن ڀريل اٿاهه سهڻين جڳ مڳ روشن صبح ۽ شامن جا راڳ الاپي پيغام ڏيندا رهن ٿا. هو پاڻ پنهنجا سپنا ۽ خوشيون وساري مسڪين ماروئڙن جي منهن تي مسڪراهٽن ۽ خوشين جي خوشبو جا طالب رهن ٿا. اهڙا ماڻهو پنهنجي وقت ۽ دور جا سرجڻهار، اوتار ۽ ديوتا هوندا آهن. جيڪي ناسور جو علاج ڪندا آهن. سماجڪ سڌار سرواڻ ٿيندا آهن. اهڙن ماڻهن کي راج دروهي جي لقبن سان نوازيو ويندو آهي. اهڙن مرد مٿيرن جي جيون جوت گهڻو ڪري ڳنڀير، ڏک ڀري، ڀوائتي ۽ دل ڏاريندڙ هوندي آهي. اهڙن تاريخ ساز انسان کي ڳولهڻ  مهل سنڌ ۾ سوڀو گيانچنداڻي ئي هر هڪ جي اکين اڳيان اچي وڃي ٿو. سندس نالو ئي هر هڪ زبان تي اڪري اچي ٿو. سوڀو نالو آهي سوڀ ماڻڻ جو، سچ ۽ حق چوڻ ٻڌڻ جو. شايد هن مهان ماڻهوءَ پنهنجي نالي جو ڀرم رکندي پنهنجي جوڀن جوانيءَ جا ڪيترائي سال، خوبصورت رنگ ڀريل ٿڌڙيون راتيون، لامحدود آسمان تي چمڪندڙ جهر مر جهر مر ستارن جي دنيا ۽ چوڏهين جي سوني چمڪندڙ چنڊ جي انڊلٺ جهڙي رنگين چانڊوڪي ڏسڻ، آزاد دنيا جي آزاد انسانن وانگر آزاديءَ سان ساهه کڻڻ، يارن دوستن ٻچڙن ۽ جيون ساٿي سان ٽهڪن ۽ مسڪراهٽن يا سندن روشن مستقبل لاءِ سوچڻ لوچڻ بدران پاڪستان جي مختلف جيلن جي چئن ديوارن، هٿڪڙين، زندان جي زنجيرن ۽ لاهور جي شاهي قلعي ۾ اڪيلو راڪاس ديو جهڙي ڏهڪاءَ ڀريل اونداهه ڪاري ٻوساٽ واري ماحول ۾ گذاريون. ڪنهن سان ڏک سور سلي ديوارن سان، هن پنهنجي ئي من ۾ سوال گهڙيا ۽ پاڻ کي ئي جواب ڏئي مطمئن ڪيو. سوڀي هوليون، ڏياريون، تهوار ۽ عيدون پنهجن عزيزن ۽ ڌرتي دوستن سان گلي ملي نه گذاريون پر جيلن جي ديوارن سان گهاريون.
سچ چوڻ، انسان ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ هن امن ۽ محبت جا نعرا هڻندڙ مکڙين جي پهرين مرڪ جهڙي معصوم آدرشي انسان کي سماج ڇا ڏنو؟ ڪجهه به ته ڪو نه ڏنو! اگر ڪجهه ڏنو ته باغي، جاسوس جا لقب ڏنا، تنهائيون ۽ محروميون ڏنيون، ڏک صدما ۽ جيل ڏنا، مرڪ بدران لڙڪ ڏنا، ڇا سوڀي کي سنڌ ۽ انسان سان محبت جي پاداش ۾ جيلن ۾ ضايع ٿيل جوانيءَ جا قيمتي سال واپس ملي سگهن ٿا؟ سوڀي کي ڪجهه به ته نه کپي، سوڀو زندگيءَ ۾ ڪجهه وٺڻ سکيو ئي ڪو نه، سوڀو اگر وٺڻ چاهي ٿو ته مڃتا ۽ محبتون، سنڌ ڌرتي تي ئي ڌرتي جي هن سپوت مٿان اهڙو به وقت آيو جو حالتن سندس تمام ساٿين کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پر سوڀي کي سلام ته هن لطيف ۽ سچل جي ڌرتي ڪو نه ڇڏي. ۱۹۴۶ع کان ۱۹۷۰ع تائين جيل به سنڌڙي جا قبول ڪيا پر بمبئي ڪلڪته ۽ لکنو جون جهرمر رنگين گليون بازاريون نه ماڻيون، سوڀي پنهنجو جيءُ جياپو ڌرتيءَ ۽ لاڳاپو ڌرتي ڌڻين سان ڳنڍيو. ماڪ ڀنل خوشبو وارن ساهن ۽ سنڌڙيءَ جي مهڪار ۽ هٻڪار سانڍي. هن ڌرتيءَ سان محبت وچن ۽ وفائن جا گيت ڳايا ۽ مٽيءَ جا ڏکايل پر حوصلي ڀريل سڏ ٻڌا. سوڀي جون سوچون لوچون، ارمان، ڏک سک ڌرتي ڌڻين ۽ پيڙيل مظلوم طبقن، ڪمزور انسانن جي امان آهي، سندس سمورو جيون ڌرتيءَ ۽ مسڪين ماڻهو آهي. جيل جهاڳيندڙ هن پوڙهي جوان مسلسل زندگي جي جيون ۾ جيوت لاءِ ڏک، قيد مصيبتون، تنهائيون، نظربندي، تهمتن، بي وفائين، بي قدري، بي وسيءَ وارن ڏينهن ۾ جبل جيڏي زندگي جو هڪ هڪ ڏينهن جهاڳيندي خاموشي سان زندگي جو سفر پورو ڪيو آهي، هندن کان وڌيڪ روشن خيال، علم ادب دوست، جمهوريت پسند، ترقي پسند، قوم پرست سنڌي مسلمانن جو محبوب محترم سوڀو گيانچنداڻي تاريخ ۳ مئي سال ۱۹۲۰ع تي دنيا جي سڀ کان وڏي مهذب ثقافتي ماٿري موهن جي دڙي ڀرسان ماڻڪ ملهار جهڙي پياري ڳوٺ ”ٻنڊ“ اڳوڻو تعلقو ”لب دريا“ هاڻي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ديوان تنورمل جي گهر ۾ ڄائو. هن مادري ٻولي (پرائمري) ڳوٺ بگيءَ جي اسڪول ۾ ماڻي. انگريزي تعليم لاءِ پهريان اي- وي اسڪول قمبر، تنهن بعد گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۽ پوءِ سال ۱۹۳۵ع ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول واري زندگي بابت سندس پراڻو هم ڪلاس مشهور ڀارتي سنڌي اديب ليکو تلسياڻي چوي ٿو ته ”هڪ ڏينهن صبح جو اين جي وي اسڪول ۾ ۱۵- ۱۶ سالن جو نوجوان قد بدن پورو پنو، رنگ کليل چهرو ڪشش وارو، مڌر ڪڙڪ آواز، اچار صاف، دل موهيندڙ انداز ساڻ ميز تي چڙهي ٽئگور جي گيتانجلي مان پريه ڪويتا انگريزي ۾ پڙهي رهيو هو.
Leave this chanting and singing and tellaing of leds.
کاڌيءَ جي قميص، پتلون ۽ مٿي تي ٽوپيءَ واري سادي پوشاڪ جهڙو سادو سوڀو ڇل ول کان پري مون پهريون دفعو ڏٺو. ڪراچي ۾ پڙهڻ دوران هوبندر روڊ ”چداڪاشي“ مندر ۾ رهندو هيو. اسڪول جي ڪتابن بجاءِ علم ادب جا ڪتاب رسالا شوق سان پڙهندو هيو. ايتري تائين جو هلندڙ ڪلاس ۾ به غير نصابي رسالا پڙهندو هيو.
سوڀو ۱۹۳۶ع دوران تحقيق ۽ ادب ڏانهن مائل ٿيو ۽ پهريون دفعو سندس اسڪول مئگزين ۾ مضمون گرديو ٽئگور بابت شايع ٿيو. سوڀو صاحب مئٽرڪ اپريل ۱۹۳۷ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪئي. جون ۱۹۳۷ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي. جتان ۱۹۳۹ع ۾ انٽر پاس ڪيائين پوءِ ٽئگور جي ڪاليج ”شانتي نڪتين“ ۾ داخلا ورتائين. سال ۱۹۴۱ع ۾ بي اي پاس ڪيائين.
شانتي نڪتين ڪاليج ڪلڪتي کان ستانوي ميل پري هڪ خوبصورت وادي ۾ قائم آهي، هي سر زمين اڳ ”ڀير ڀونئن“ يعني سورمن جي زمين نالي مشهور هئي، هن جو بنياد هندستان جي مهاڪوي ”رويندر ناٿ ٽيگور“  وڌو هيو. رابندر ناٿ ٽيگور کي سندس مشهور ڪويتا ”گيتانجلي“ تي سال ۱۹۱۳ع ۾ عالمي نوبل انعام مليو. هن انعام ۾ ملندڙ رقم مان هي زمين خريد ڪري هڪ عظيم محبت جو درسگاهه قائم ڪيو.
شانتي نڪيتن ڪاليج ۾ تعليم قديم گروڪل انداز ۾ ڏني ويندي هئي جيڪا ٻين ڪاليجن کان بلڪل مختلف هئي. هتي اٽڪل پنج سئو شاگرد جن ۾ هڪ سئو عورتون به شامل هيون، ڪاليج جي ڪمرن ۾ نه پر ڪاليج ۾ لڳل وڻن جي ڇانو هيٺ ڇٻر يا گاهه تي پلٿي ماري ويهندا هيا ۽ استاد هڪ منجيءَ يا منڊلي تي ويهندو هيو. هتي امتحان به ڪو نه ٿيندا هيا، شاگرد علم ادب کان علاوه راڳ ۽ ناچ جي بابت به ليڪچر ٻڌندا ۽ تربيت حاصل ڪندا هئا. سڀ شاگرد ٻاهران آيل هيا. سال ۱۹۳۹ع ۾ ڪاليج جي ماهوار في ستر رپيا هئي جڏهن رهائش کاڌو پيتو الڳ هوندو هيو. هن ڪاليج ۾ ادب، حيا، اخلاق، فهم ۽ فراصت، ميٺ محبت، نياز نوڙت جو علم سيکاريو ويندو هيو هن ماڳ تي پريم ۽ پريت جو پڙلاءُ هوندو هيو. گرديو ٽئگور جي قدمن ۾ ويهي سوڀو صاحب انسانيت سان محبت ڪرڻ جو درس حاصل ڪيو.
ڪامريڊ سوڀراج گيانچنداڻي سال ۱۹۴۱ع ۾ تعليم مڪمل ڪري سنڌ پهتو ۽ ساڳي سال ۾ سندس شادي ٿي. سال ۱۹۴۲ع سوڀو صاحب ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي ۾ ايل ايل بي ۾ داخلا ورتي جيڪا مسلسل تحريڪن ۽ جيلن سبب مڪمل ڪري نه سگهيو ۽ پوءِ ۱۹۷۰ع ۾ لا ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائين. ڪامريڊ سوڀو صاحب جي ذهن ٽئگور ڪاليج جي تعليمي عرصي ۾ مارڪسواد ڏانهن لاڙو کاڌو هن سنڌ اچڻ بعد پروڪميونسٽ مضمون لکڻ شروع ڪيا. هن دور ۾ مهاتما گانڌي ۽ جواهر لعل نهرو جون آتم ڪٿائون ۽ ٽئگور جا گيت سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ٿي ”سنڌ ساهت“ وسيلي نوجوانن تائين پهچايا ويندا هئا، هڪ نئين قسم جي دنيا جنم وٺي رهي هئي. روس واري انقلاب جي علم ادب شاگردن جي دلين ۾ هلچل مچائي ڇڏي هئي، سندن ذهن کي ڪجهه ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو هيو. سوامي وويڪا نند ۽ راجا رام تيرٿ راءِ ”هندومت“ کي سوشلزم طور پيش ڪيو. ڪامريڊ سوڀي جي ذهن تي به مهاتما گانڌي جي سوچ ۽ شخصيت جو اثر هيو. ڪامريڊ سوڀي جي مائٽن جي تمنا هئي ته هو ڪو اعليٰ سرڪاري عهدو ماڻي پر سوڀو صاحب ته پنهنجي لاءِ سورن ڀريل سماج جي تباهي لاءِ بغاوت جو جهنڊو سنڀاليو.
ڪراچي پهچڻ بعد سوڀو صاحب شاگرد هلچل ۾ سرگرم ٿي ويو ۽ جلد ئي ان وقت ”سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو. هي اهو زمانو هيو جڏهن ڪانگريس پاران مهاتما گانڌي انگريزي سرڪار کي ۸ آگسٽ ۱۹۴۲ع ”هندستان خالي ڪيو“ تحريڪ جو اعلان ڪيو هيو. سوڀو صاحب پڻ سيڪريٽري سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حيثيت ۾ تمام شاگرد ساٿين سان گانڌي جي آزادي واري تحريڪ ۾ نروار ٿيو. نتيجي ۾ ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۲ع تي سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيا. پر ڪامريڊ سوڀو گرفتار ٿيڻ بدران زير زمين هليو ويو. انگريز حاڪم وٺ پڪڙ شروع ڪئي. جلسا جلوس هڙتالون، لاٺي چارج ۽ گولي روزانو جو رواج بڻجي ويو هيو. سوڀو صاحب انهن انقلابي ڪمن ۾ انڊر گرائونڊ ٿي ڀرپور حصو وٺندو رهيو ۽ سنڌ جي نوجوان کي هن سامراج دشمن تحريڪ لاءِ تيار ڪندي آخر پاڻ به گرفتار ٿي پيو ۽ ۲۴ جنوري ۱۹۴۳ع کان جولائي ۱۹۴۴ع تائين جيل ۾ رهيو. هتي سندس قيد واري عرصي ۾ هيمون ڪالاڻي کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو. سوڀو صاحب کان علاوه گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سيتل درياڻي ۽ حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، شڪارپور جا دوست به گرفتار ٿيا. حيدرآباد جيل ۾ سوڀو صاحب سان جيرا مداس دولترام، هريداس لالجي، نارائڻ داس پيچر، محمد امين کوسو ۽ نرائڻداس رتن مل ملڪاڻي ساڻ ملاقات ٿي. جيل ۾ هنن هڪ علمي مرڪز به قائم ڪيو ۽ جيل ۾ ذهني اوسر لاءِ پاڻ کي تيار ڪيو.
۱۸ مهينن بعد جيل مان آزاد ٿيڻ شرط سوڀو صاحب سماجي ڀلائي جا ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان وقت ڪسان مزدور پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽيون روشن خيال انقلابين لاءِ واحد سياسي پارٽيون هيون.
سال ۱۹۴۵ع ۾ جڏهن سيد جمال الدين بخاري ڪراچي پهچي مزدور راڄ لاءِ ڪم شروع ڪيا ته ان وقت ڪراچي نوجوان ڪامريڊن جو مضبوط ڳڙهه هيو. بيگم شاني بخاري جي گهر ۾ شام جو سڀ نوجوان ڪارڪردگي رپورٽ ڏيڻ لاءِ پهچندا هيا. مزدور تحريڪ ۾ اڳواڻي ڪامريڊ جمال الدين بخاري ڪندو هيو. جڏهن ته ٻيا نوجوان گوبند مالهي رسالو ”نئين دنيا“ سوڀي صاحب تنظيم ۽ تقرير، موهن پنجابي، وپنو ڀارتي، نارائڻ داس ٻيجر ۽ علي احمد بروهي تي هڪ گروپ ڪراچي جي مختلف چوراهن تي ڪاٺيءَ جا اسٽول رکي تقريرن ذريعي عوام ۾ مزدور راڄ ۽ مزدور انقلاب جو درس ڏيندا هئا، جڏهن ته محترم ڪامريڊ شانتي بخاري وري مزدوري ڪندڙ داين، گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن، سٽ اڻندڙ ۽ چوڙيون ٺاهيندڙ عورتن جي مدد ڪندي هئي“. ڪامريڊ سوڀي سنڌ ۾ مزدورن جي تنظيم کي گهڻو متحد ڪيو پر کيس ٻاهر رهي پنهنجي قائدانه صلاحيت ۽ تنظيم ۽ تبليغ ڪرڻ جو موقعو گهٽ مليو. ڪامريڊ سوڀي جي زندگي ۾ هڪ يادگار وڏو تحريڪي واقعو عالمي شهرت رکي ٿو.
۱۸ کان ۲۵ فيبروري ۱۹۴۶ع تائين بمبئي رائل انڊين نيوي جهازن، سمنڊ ۾ بيٺل جهازن ۽ بمبئي جي بندرگاهه ۽ ان جي آسپاس نيوي جي اڏن تي قبضو ڪيو. ان بغاوت جي پڙاڏي هر بندرگراهه تي بيٺل جهاز ۽ بحري ادارن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو. رنگون کان ڪراچي تائين، بنگالي اپسمنڊ ۽ عربي سمنڊ اندر، جيڪي به هندي بحري جهاز، زميني اڏا يا تربيتگاهه هيا تن تي نيوي جهازن قبضا ڪري چؤڪيون قائم ڪري توپون وغيره لڳايون، انگريزي هندستاني آفيسرن کي قبضي ۾ پنهنجي ڪئبن ۾ پهري هيٺ رکيائون بمبئي ۾ وري نيوي جي باغين هڪ اسٽرائيڪ ڪميٽي ٺاهي جنهن جو سربراهه مسٽر خان هيو، هن ۾ ڪانگريس، ڪميونسٽ ۽ مسلم ليگي خيالن جا ماڻهو هيا، سنڌين مان ڪامريڊ سوڀو ۽ علي احمد بروهي ميمبر هيا. هن هلندڙ اسٽرائيڪ ۾ دراصل هڪ وقت اهڙو آيو جو ۲۱ فيبروري جي ۱۹۴۶ع جي ڏينهن ڪامريڊ سوڀو ۽ سندس ٻيا ٽريڊ يونين ليڊر جهڙوڪ عينشي وديار ٿي، گلاب ڀڳواڻاڻي، پوهو، اوتار ڪشن هنگل پنهنجي موجوده ڪي ايم سي بلڊنگ سامهون ڪميون ڪم ٽريڊ يونين آفيسCommune cum T. U Office  ۾ ويٺا هيا ته نيوي جي باغين جي هٿان توپ جو گولو فائر ٿي ويو، جيڪو ڪياماڙي کان ڊرگ روڊ جي هڪ کليل ميدان ۾ ڪريو. ڪراچي جي ۶ لک آبادي ۾ هلچل ۾ اچي وئي، مشهور ٿي ويو ته شايد انگريزن ۽ باغين ۾ جنگ شروع ٿي وئي، جڏهن ته اهو توپ جو گولو غلطي مان ڇٽو هيو. ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري ڪامريڊ جمال الدين بخاري جي بمبئي وڃڻ سبب سوڀو صاحب ذميواري سنڀالي، شام جو عيدگاهه ميدان تي مزدور شاگرد اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جي گڏجاڻي رد عمل طور سڏائي وئي، جنهن ۾ هنگل، گوبند مالهي، شيوا جي ڀڳوان، گلاب انيتي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي شامل هئا، فيصلو ٿيو جنهن لاءِ هڪ لائوڊ اسپيڪر لڳائي اعلان ڪيو ويو. اٽڪل پنج سئو ماڻهو گڏ ٿيا. هڪ طرف مهاتما گانڌي ۽ مسٽر محمد علي جناح ڪانگريس ۽ مسلم ليگ پاران انهن باغين کي هڙتال ختم ڪري پيش پوڻ جي اپيل ڪئي هئي پر ماڻهو نوجوان ۽ نئين قيادت جي ڳولا ۾ هيا. عام پورهيت، شاگرد دانشور، عام مسلم ليگي ۽ ڪانگريسي سڀ هن هڙتال ۽ انگريز جي خلاف انقلاب جا حامي هيا، ماحول تبديل ٿي ويو هو. شروع ۾ ته هي گڏجاڻي پنج سئو ماڻهن جي هئي پر جلد ئي ست اٺ هزار ماڻهو جمع ٿي ويا. سوڀو صاحب پنهنجي خطاب ۾ انگريز راڄ خلاف ڀرپور تقرير ڪندي اعلان ڪيو ته ۲۲ فيبروري ۱۹۴۶ع تي سڄي هندستان ۾ ٿيندڙ هڙتال جي حمايت ڪيون ٿا ۽ سڀاڻي جنرل اسٽرائيڪ ۾ ڪا به بس، ٽرام، جهاز نه هلندو، اسڪول ڪاليج نه کلندا ۽ انگريز جي حڪومت کي هلڻ نه ڏبو، هن جلسي جي صدارت پروفيسر آصف جاهه ڪارواڻي ڪئي جڏهن ته جلسي کي اوتار ڪشن هنگل، قاضي مجتبيٰ به خطاب ڪيو. ۲۲ فيبروري ۱۹۴۶ع جي صبح جو هڙتال واري ڏينهن ڪامريڊ سوڀو، اي ڪي هنگل ۽ پروفيسر ڪارواڻي کي پوليس گرفتار ڪري صدر ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو. جنرل اسٽرائيڪ ڪامياب وئي ۽ سعيد منزل کان ڊائو ميڊيڪل ڪاليج، ڊي جي سنڌ ڪاليج کان رنڇوڙ لائين عوام جو سمنڊ هيو.
فوج ۽ پوليس عوام کي منتشر ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ جي محمود هارون کان علاوه وزيراعليٰ سر غلام حسين هدايت ا﷢ ۽ جمشيد نسروانجي کان اعلان ڪرايو ته هن جنرل اسٽرائيڪل کي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي حمايت ڪانهي پر عوام نه ٻڌو. پوليس ڳوڙها گيس، لاٺي چارج ڪئي، عوام پٿر وسايا ۽ عورتن پوليس مٿان ڪٽيل مرچ ۽ گرم پاڻي ڦٽو ڪيو نتيجي ۾ اٽڪل يارهن ماڻهو عيدگاهه ميدان ڪراچي ۾ جنگ آزادي جي لڙائي ۾ شهيد ٿي ويا. سوين زخمي به ٿيا. سوڀو صاحب ۽ سندس دوستن کي جلسا جلوس باهيون ڏيڻ ماراماري ڏوهه هيٺ چالان ڪري مئجسٽريٽ ڊبليو، زيڊ احمد جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جنهن کيس ٻڌايو ته حڪومت ڪيس واپس ورتا آهن، هن جنرل اسٽرائيڪل ۾ بمبئي ۾ به اٽڪل ٽي سئو شهري مارشل لا اٿارٽي وارن ماريا هيا. آخر نيوي جي هي بغاوت ستن ڏينهن بعد سيٺ ولڀ ڀائي پٽيل ۽ مسٽر محمد علي جناح جي يقين دهاني تي ختم ٿي. هن واقعي بعد ڪميونسٽ پارٽي سنڌ ۾ هڪ وڏي جدوجهد آزادي جي علمبردار قوت ٿي اڀري جنهن ۾ سوڀو صاحب هڪ تاريخي انقلابي اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪيو.
پاڪستان ٺهڻ بعد سندس سڀ دوست پنهنجي ديش هندستان هليا ويا پر سوڀي پنهنجي مذهبي يارن ۽ رت جي رشتيدارن کي ڇڏي سنڌ کي مٺو ڪندي هميشه لاءِ ڌرتي کي جنم ڀومي ڄاڻي هتي ئي رهي پيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس سنڌ واسين پارانSon of soil  ”ڌرتي جو پٽ“ وارو لقب مليو، جنهن تي سوڀي صاحب کي فخر آهي. سوڀي سياست جي ميدان ۾ پاڪستان ٺهڻ بعد اول مزدور تحريڪ، پوءِ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ عبدالقادر کوکر سان هاري تحريڪ ۽ پوءِ نيشنل عوامي پارٽي جي پليٽ فارم تان پاڻ ملهايو. ادب جي دنيا ۾ سوڀو سال ۱۹۴۴ع کان ”سنڌي ادبي سنگت“ جو باني ميمبر آهي. هن گهڻو ڪري مختصر ڪهاڻيون، تحريڪن، تنظيمن بابت لکيون. ڪامريڊ سوڀي جي جيلن، گرفتاري يا نظربندي واري دور جو رڪارڊ شاندار آهي، سڀ کان اول ۱۹۴۳ع ۾ گرفتار ٿيو. پوءِ نيوي تحريڪ ۾ فيبروري ۱۹۴۶ع ۾ گرفتار ٿيو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سوڀو صاحب اپريل ۱۹۴۸ع ۾ گرفتار ٿيو. هن موقعي تي تمام گهڻيون گرفتاريون ٿيون ۽ سمورا ٽريڊ يونين ليڊر ۽ ڪميونسٽ پارٽي ورڪر جيل ۾ هليا ويا، سوڀو صاحب وري لڳاتار چئن سالن بعد مارچ ۱۹۵۲ع ۾ فيڊرل ڪورٽ جي فيصلي عنوان سوڀو گيانچنداڻي... ڪرائون مطابق آزاد ٿيو، لڳاتار اذيت ۽ تڪليفن خراب کاڌو ملڻ سبب سوڀو صاحب بيمار ٿي پيو.
سال ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ صوبي اندر صوبائي اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون، ڪامريڊ سوڀو سنڌي عوامي محاذ پاران اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو. ان وقت لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ چار ضلعا هڪ هندو تڪ هيو. ان وقت سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن خلاف هاري ورڪرن ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد ۽ جاڳرتا شروع ٿي چڪي هئي، وڏيرن جي مقابلن ۾ غريب مزدور ۽ هارين جا نمائندا به بيهڻ لڳا هيا، سنڌي عوامي محاذ پاران ۲۴ کن اميدوار صوبائي اسيمبلين ۾ بيٺا جڏهن ته محترم جي ايم سيد گروپ جا اٽڪل ۸ اميدوار بيٺا. ڪامريڊ سوڀي جي مقابلي ۾ هڪ گبر سيٺ سيرو مل ڪرپال داس ٻيراڻي وارو پير صاحب پاڳارو ۽ مسلم ليگ جي حمايت سان بيٺو هيو. ڪامريڊ سوڀي جا لاڙڪاڻي ۾ اليڪشن نگران مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ايڊووڪيٽ دوست محمد ابڙو وڪيل نبي بخش کوسو، غلام نبي کوسو هيا. جڏهن ته ڪراچي کان اڄ جا مشهور سرجن ڊاڪٽر هاشمي، ڊاڪٽر خواجه معين ۽ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جا ترقي پسند شاگرد هيا اهي به سوڀي صاحب جي ورڪ ۾ هزارين رپيا ۽ سائيڪلون کڻي پهتا، سڄي سنڌ جي هاري ورڪرن محنت ڪئي پر اليڪشن ۾ داخل ۱۸ هزار ووٽن مان سوڀو صاحب ۶ هزار ووٽ کنيا ۽ اليڪشن سرمائيدار کٽي ويا.
ڪميونسٽ پارٽي تي بندش پوڻ بعد وري جولائي ۱۹۵۴ع کان مارچ ۱۹۵۶ع تائين جيل ۾ رهيو. ۱۹۵۸ع ۾ صدر جنرل محمد ايوب خان واري مارشل لا لڳڻ بعد کيس گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ فيبروري ۱۹۵۹ع تائين رکيو. پوءِ شاهي قلعي لاهور جي اونداهي ڪال ڪوٺڙي ۾ مهمان رهيو، جتان لاهور هاءِ ڪورٽ کيس آزاد ڪيو. جون ۱۹۵۹ع کان مارچ ۱۹۶۴ع تائين پنهنجي ڳوٺ ٻنڊي ۾ نظر بند رهيو، جتي سرڪار هڪ اسڪول ماستر منگي کي پگهار ڏئي مٿس نظر داري لاءِ مقرر ڪيو، جڏهن هو نظر بند هيو تڏهن ان وقت جمال ابڙو صاحب ۽ تاج محمد ابڙو صاحب وٽس آيا ته ۽ گذارش ڪيائون ته هندستان ۽ چين جي وچ ۾ هلندڙ جنگ بابت وچٿرو بيان ڏيو ته اوهان کي آزادي ملي سگهي ٿي، ليڪن سوڀي صاحب کين جواب ڏيندي چيو ته ”اها بي ايماني ٿيندي اهڙي آزادي ڪو نه گهرجي“ پوءِ ان وقت جي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ڪوششن سان کيس آزادي ملي. جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي ته سيپٽمبر ۱۹۵۶ع ۾ سوڀو صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ۱۹۶۷ع ۾ وري آزادي ملي. هن لاڙڪاڻي لا ڪاليج مان ۱۹۷۰ع ۾ وڪالت پاس ڪري محترم عبدالرزاق سومرو وڪيل سان وڪالت شروع ڪئي. سال ۱۹۷۲ع ۾ سنڌي ٻولي واري بل جي سلسلي ۾ هلچل هلي ۽ سوڀو صاحب کي لاڙڪاڻو بدر ڪيو ويو، هو مير غوث بخش خان بزنجو گورنر بلوچستان جو مهمان ٿيو. ان وقت مان به سنڌي ٻولي جي تحريڪ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي اڳواڻي ڪندي سکر سينٽرل جيل ۾ اٽڪل ڇهه مهينا گذاريا. هڪ دفعي مير غوث بخش خان بزنجو جهاز ۾ ڪامريڊ سوڀي کي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان ملائڻ لاءِ اسلام آباد وٺي ويو. جتي سوڀو صاحب ڀٽو صاحب کي مثال ڏيندي چيو ته ”لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي جو واحد شاگرد اڳواڻ عبدالستار  ڀٽي جهڙو ماڻهو جيل ۾ پيو آهي، جنهن پيپلز پارٽي ۾ اوهان جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي،“ ڀٽو صاحب حيران ٿي ويو ۽ پوءِ وزيراعظم ڀٽو صاحب جي حڪم تي لاڙڪاڻي جي تمام ضلعي بدر ٿيل شخصيتن، سکر سينٽرل جيل ۾ قيد ورڪرن ۽ اڳواڻن جهڙوڪ قاضي محمد بخش ڌامراهه، سردار الهڏنو شيخ، امان شيخ، رفيق انڊهڙ ۽ مون کي آزاد ڪيو ويو.
سال ۱۹۸۸ع واري اليڪشن ۾ سوڀو صاحب ميمبر قومي اسيمبلي منتخب ٿيو پر سندس مخالف چڪر هلائي درخواست ڏئي منتخب ٿيل اقليتي ميمبر قومي اسيمبلي کي ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ ڪرائي هارايو، سوڀو صاحب لڳاتار ۲۰ مهينا پنهنجو ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ وڙهندو رهيو ايستائين جو اها اسيمبلي به ختم ٿي وئي.
سوڀو صاحب سان منهنجي محبت واقفيت، ڪچهريون ۽ بحث مباحثن کان علاوه سندس ادبي علمي مهربانيون سال ۱۹۷۰ع کان آهن، مان سمجهان ٿو ته سوڀو هڪ ليڊر کان وڌيڪ انسان آهي جنهن جي زبان تي انڪار مون ڪڏهن ڪو نه ٻڌو. وٽس ڏک ۽ سک جي حيثيت ڪانه آهي، سوڀي هميشه زنده رهڻ ڪاڻ خاموش لڙائي لڙي آهي، جنهن ۾ انسان هارجندو نظر ايندو آهي، پر اها هار هئي جيون ۽ جيوت جوت جڳائڻ لاءِ سوڀ آهي، سوڀي جو رخ انسان ڏانهن شيڪسپيئر جي ”انساني تصوير جيان آهي“ جڏهن هو ڪجهه نه چوڻ چاهيندو آهي ته هڪ ننڍڙو مخصوص ٽهڪ ڏئي ڳالهه کي اتي ئي ختم ڪندو آهي. سوڀو سنڌ جي انهن انسانن مان آهي جن جي بدن ۾ خون نه پر سنڌو درياهه جون ڇوليون وهنديون آهن. سنڌ ۾ رهي سوڀي گهڻو سٺو اهو کيس ياد به ڪونهي، هن زندگي گذارڻ لاءِ گلن جون مالهائون نه پر ڪنڊن جي سيج ۽ مصيبتن جا تاج ماڻيا سوڀو زندگي جي قربانيءَ بعد به اڄ ڪنهن جو چونڊيل ليڊر ته نه آهي پر هو انسان ۽ ڌرتيءَ ويجهو رهندڙ ايماندار انسان جو سدا حيات ليڊر آهي، اڄ اسان سوڀي کي مڃتا ۽ ڀيٽا جا گل ان جي سڄي زندگي جي قرباني بدلي به نه ڏئي سگهياسون.
پر سوڀي کي ڪنهن کان به شڪايت ڪونهي هو چوي ٿو ته ”ڇا ٿي پيو مان فخر سان ڌرتي ڄايو ۽ ڌرتي ڌڻي آهيان.“ سندس دوست ڪرشن کٽواڻي لکي ٿو ته ”سچل ڪانگريس دوران موهن جو دڙو گهمڻ مهل مون سوڀي کي چيو ته اڄ اسان ٻه موهن جا دڙا گهمي رهيا آهيون. هڪ سنڌ ۾ سرجان مارشل جو کوٽيل موهن جو دڙو، ۽ ٻيو جنهن جو ذڪر شيخ اياز ڪيو آهي.“ سوڀي صاحب وٽ بهترين هزارين ناياب ڪتابن خصوصن انڊيا پاڪستان جي تاريخ، فلاسافي ۽ سنڌي ادب جي تاريخ بابت لائبريري آهي جتان پوري سنڌ جا اسڪالر، پي ايڇ ڊي جا شاگرد ڄاڻ جي کاڻ وڌائڻ ايندا آهن، سوڀو هڪ عالمي تحريڪ جو قائد ۽ انقلابي تنظيم جي فاتح سرواڻ جون سڀ صلاحيتون تحريڪ جو قائد ۽ انقلابي تنظيم جي فاتح سرواڻ جون سڀ صلاحيتون پاڻ ۾ رکندو آهي، پر هن ڀلوڙ اڳواڻ جي زندگي ۽ جواني جا ڪيترائي سال قيد ۽ بند يا ڳوٺ ۾ نظر بندي ۾ گذري ويا مسلسل پابندين ڪري هو پنهنجي سوچن يا پروگرام کي ڪنهن تنظيم يا تحريڪ جي روپ ۾ سموعي نه سگهيو پر ان جي باوجود سوڀي جي سچ، محبت، ڏاهپ، عقل، تدبر ۽ جذبي جي واکاڻ ۽ احترام ڀريل جذبا سڄي برصغير ۾ آهن، هو اڄ به سڄي دنيا جي انقلابين ۾ محترم آهي، سوڀي پنهنجي ڄاڻ ۽ ڏسڻ واري جاڳندي تاريخ نئين نسل کي منتقل ڪرڻ ۾ پنهنجو هر ڏينهن ڪم آندو آهي، سندن عظمت آهي جو هر سنڌي احترام ۾ اٿي بيهي ٿو. سوڀو صاحب سنڌ ۾ يوناني ديو مالا جو هڪ ڪردار ”پروميٿيوس“ جي جيئري جاڳندي تصوير آهي جيڪو پڻ سماجي ناسور خلاف بغاوت، جدوجهد ۽ پنهنجي حوصلي اصول پرستي، حقن لاءِ جنگ جوٽڻ جي امر علامت هيو. جڏهن ته سوڀي صاحب زندگي جي جدوجهد ۾ اڄ به آڻ نه مڃي آهي، پنهنجي پارٽي، نظريا، سوچون تبديل نه ڪيون آهن. اڄ به هو ۱۹۴۲ع وانگر بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ مذهب جي ڌرتي جي مظلوم انسانن لاءِ حق جو آواز بلند ڪيو بيٺو آهي.
شيخ اياز جي چواڻي ته سوڀو گيانچنداڻي جهڙي آزاد طبيعت ۽ گهري صداقت مون ڪنهن ٻئي مائي جي لال ۾ ورلي ڏٺي آهي، ڄڻ پهاڙ آهي، جيڪو هر آنڌي، هر طوفان ۾ اڏول بيٺو آهي، نه ڄاڻا ڪيترا اهڙا انسان پنهنجي ڇاتيءَ جا ڇهه ڇپائي، ڳاٽ اوچو رکي ظلم جو مقابلو ڪندا هوندا. سوڀو صاحب کي ٻه پٽ ڊاڪٽر ڪنهيو لعل ۽ انجنيئر نرملداس آهن.
مددي ڪتاب: مضمون علي احمد بروهي، امان شيخ، ظهير ميراڻي ۽ ڪرشن کٽواڻي، ليکو تلساڻي، رچنا رسالو، عوامي آواز ۽ سوڀي صاحب جو ذاتي انٽرويو.

لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي تان کنيل



ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
ننڍي کنڊ جي ڏاهي جون بي تڪلف ڳالهيون
ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي ۔۔ رضوان گل
جنم جو هنڌ ۽ ڏينهن؟
تاريخ ۳ مئي ۱۹۲۰ع، ڳوٺ ٻنڊي، تعلقو ڏوڪري.
مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
انتهائي سادو ۽ دوستن تي اعتبار ڪندڙ.
پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
ته هو ڪيترو سچو آهي.
اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
ٻار.
توهانجو قابل فخر ڪم؟
مون ڪڏهن سگريٽ نه ڇڪيو، شراب نه پيتو ۽ عورتن جو پيڇو نه ڪيو.
دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟
ڪجھ به نه. منهنجي وفاداري سنڌ جي ڏتڙيل عوام سان آهي ۽ منهنجو مذهب انسانيت آهي، ڪتاب سڀني مذهبن جا پڙهيا اٿم. سڀني مذهبن جي تعظيم ڪيان ٿو. پر پاڻ مذهبي ناهيان. پيدائشي طرح گرو نانڪ جو پوئلڳ آهيان پر رامائڻ، مهاڀارت ۽ گيتا ننڍي هوندي کان پڙهيا اٿم. آ گرو گرنٿ جو پاٺي به رهيو آهيان ۽ ٻولين ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، گرمکي، هندي، بنگالي، فارسي ۽ ٿوري گهڻي عربي به اينديون آهن.
توهان جي زندگيءَ جو بهترين سال، ڇو؟
اهڙا سال ۱۹۳۹ع کان ۱۹۴۱ع تائين آهن. ڇو ته اهي ٻه سال مون بحيثيت شاگرد شانتي نڪيتين ۾ گذاريا.
توهان جي زندگيءَ جو سڀ کان اهم ۽ پسنديده ڏينهن، ڇو؟
ڪو خاص نه. پر بهار جي شروعات ۽ گرمين جا آخري ڏينهن وڻندا آهن.
زندگي توهان جي نظر ۾؟
زندگي هڪ دفعو ملي ٿي، جنهن کي وئرٿ وڃائڻ نه کپي.
ڏک توهان جي نظر ۾؟
تڏهن محسوس ڪندو آهيان، جڏهن دوست misunderstanding ڪندا آهن.
خوشي، توهان جي نظر ۾؟
منهنجي وڏي خوشي، قوم ۽ ملڪ جي خوشحالي آهي.
پيار، توهان جي نظر ۾؟
منهنجي پيار جو دائرو، دنيا ڀر جا محنت ڪش، مزدور ۽ ڏکويل انسان آهن.
ڪنهن کان نفرت آهي؟
ظالمن ۽ ڊڪٽيٽرس کان.
خوشيءَ ۾ ڇا محسوس ٿيندو آهي؟
مان پنهنجون خوشيون، سڀني سان ورهائي خوش ٿيندو آهيان.
اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
ڪتاب پڙهندو آهيان يا ننڍڙن پوٽن سان کيڏندو آهيان.
زندگيءَ جي وڏي کان وڏي حاصلات؟
پنهنجي ضمير جي شانتي.
ڪا رهجي ويل خواهش؟
ڪا به نه.
ڪا هستي، جنهن اوهانجي زندگي مٽائڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو؟
مون سڀني عظيم ماڻهن جو مطالعو ۽ قرب ذاتي طرح حاصل ڪيو آهي. ٽئگور، گانڌي، جواهرلال نهرو، سباش بوس ۽ ڪامريڊ بخاري جي ڪردارن کان متاثر ٿيو آهيان. باقي منهنجي زندگي مٽائڻ ۾ منهنجي استاد ديوان ڪرمچند هڱوراڻيءَ جو وڏو هٿ آهي، جيڪو مونکيNJV هاءِ اسڪول ۾ وٺي هليو.
توهانجي زندگيءَ جا حسين ترين ڏينهن؟
شانتينڪيتن وارا ڏينهن.
زندگيءَ جي ڪا سڀ کان پياري شيءِ؟
ماڻهن جو قرب.
جيون جي ڪا کل جهڙي ڳاله؟
جڏهن ماڻهن کي اپار دولت هوندي به ان جي پويان ڊوڙندو ڏسندو آهيان ته ڏاڍو کلندو آهيان.
ڪنهن سفر جي تمنا؟
دل چويم ٿي ته؛ شانتينڪيتن، ممبئي ۽ بنگلور جيڪر گهمي اچان.
ڪا پراڻي ياد؟
ياد اٿم ته؛ هڪ دفعي ڊي جي سنڌ ڪاليج جي ليڪچر هال ۾ شامل ڇوڪرن آچاريه ڪرپلاڻي تي، جيڪو بعد ۾ ڪانگريس جو پريزيڊيٽ ٿيو، ٺٺول ڪئي هئي. جنهن تي هن پنهنجي ڪميونٽي جي ڇوڪرن کي دٻ پٽي هئي، سا اڄ به ياد اٿم.
ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو احساس ٿيندو هجي؟
سڀني دوستن ۽ محبتين جي جدائيءَ جو ڏک ٿيندو آهي.
اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ آيو؟
مون وٽ عزت نفس آهي، ڪنهن سان به ريس نه ڪندو آهيان.
ٻيهر زندگي مليوَ ته؟
وري ساڳئي طريقي سان عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟
ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، جڏهن ڪنهن مظلوم جي مدد نه ڪري سگهندو آهيان.
مستقبل ۾، اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا ڏسڻ چاهيو؟
جيڪڏهن قومون امن ۽ ڀائيچاري سان رهن ۽ ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪن ته ان کان بهتر ٻيو ڪو دنيا جو تصور نه رهندو.
اهو خواب، جيڪو هن وقت تائين پورو نه ٿيو هجي؟
مون سوچيو هو ته؛ هن ملڪ ۾ به سوشلسٽ انقلاب ايندو. پر افسوس اهو آهي ته جتي انقلاب آيو اتي به همراه پوئتي پئجي ويا.
سماج ۾ تبديلي ڪيئن ايندي؟
افسوس اهو آهي ته اسان وٽ هر سماجي برائي وڌندڙ آهي، ڪڏهن به گهٽجي نه ٿي.
زندگيءَ جي هائيڊ پارڪ لاءِ ڪو ڪڙو سچ؟
مان چاهيان ٿو ته هر ڪو نيڪ ۽ پاڙي اوڙي وارن لاءِ رحمت وارو پاڙيسري ٿئي.
جيڪڏهن توهان کي، پنهنجي دل جي ڳالهه، ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاءِ چئجي ته؛ ڪهڙو شعر ٻڌائيندؤ؟
اڪبر اله آباديءَ جو شعر آهي؛
سوچا ٿا قوم ڪي ليئي بڙا سا ڪام،
ليڪن خيال موٽر بنگلي اور بيگم ۾ ره گيا.
وڻندڙ موضوع؟
ادب.
اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين ذهن تي ڇانيل آهي؟
رومين رولانڊ  Romain Rolland جو فرينچ ناول Jean-Christophe
ڪلا جي دنيا ۾ پسند جي شخصيت؟
پينٽر، نندلال بوس.
موسيقيءَ ۾ ڪنهن کي ٻڌندا آهيو؟
ڀڳت ڪنور رام.
پسند جا نثر نگار؟
ٽئگور، دوستو وسڪي، ٽالسٽاءِ، اوهينري ۽ موپاسان.
پسند جا شاعر؟
شاه لطيف ، اياز، والٽ وٽ مين ۽ ٽئگور.
وڻندڙ لباس؟
سنڌي، خلاصي سلوار ۽ قميص.
وڻندڙ خوشبو؟
گلاب ۽ رابيل. وس پڄي ته سڄي ملڪ ۾ گلاب پوکي ڇڏيان.
آٽو گراف؟
Do Good to all and be good to all.



ڪامريڊ سوڀو
مهين جو ماڻهو
س ب کوسو
Friend you are brave” دوست تون دلير آهين، رحيم بخش سومري ڪامريڊ سوڀي جو هٿ جهليندي چيو هيو، ان وقت مرحوم رحيم بخش سومري جو والد شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو وزير اعليٰ هيو، رحيم بخش سومرو لا ڪاليج ڪراچي ۾ پڙهندو هيو، ڪامريڊ سوڀو، گوبند مالهي ۽ ڪيشب به انهيءَ ڪاليج ۾ پڙهندا هئا، ڪنهن ڳالهه تي رحيم بخش سومري ڪاوڙ ۾ اچي ڪيشب کي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ ڪيشب ڪامريڊ سوڀي کي سندس گهر اچي دانهن ڏني ۽ پوءِ ڪامريڊ ممڻ مچائي ڇڏيو، ناروا سلوڪ تي ڪامريڊ سوڀي احتجاج جو سڏ ڏنو، ڪاليج ۾احتجاج ٿيو، پرنسپال ڪامريڊ سوڀي کي ڪاليج مان نيڪالي ڏني، کيس rusticate ڪري ڇڏيو، احتجاج ويتر تيز ٿي ويو شاگردن جو زور هيو ته رحيم بخش سومرو ڪيشب کان معافي وٺي،شهيد الله بخش سومري به نوٽس ورتو ۽ پوءِ ڪامريڊ سوڀي کي پنهنجي جاءِ تي گهرايو، ڪامريڊ سوڀو، گوبند مالهي ۽ ڪيشب گڏجي وزير اعليٰ هائوس ويا جتي پير الاهي بخش، محمد امين کوسو، مولابخش سومرو ۽ شهيد الله بخش سومرو ڪرسين ۽ موڙن تي ويٺل هئا،مولابخش سومري چيو ته مان لکت ۾ يا شاگردن اڳيان معافي ٿو وٺان توهان هڙتال ختم ڪيو ۽ پرنسپال نيڪالي وارو آرڊر واپس وٺندو، پر ڪامريڊ سوڀي چيو ته معافي رحيم بخش سومرو وٺندو هڙتال جي چوٿين ڏينهن تي پرنسپال نوٽس بورڊ تي ڪاليج مان نيڪالي وارو آرڊر رد ڪرڻ جو نوٽس لڳائي ڇڏيو ۽ لکرايو ته رحيم بخش سومري لکت ۾ معافي ورتي آهي پر ڪامريڊ سوڀي چيو ته رحيم بخش سومري ڪاليج جي اسيمبلي ۾ ڪيشب کي چماٽ هنئين آهي ۽ معافي به شاگردن اڳيان وٺي ۽ پوءِ مرحوم رحيم بخش سومري پاڻ معافي ورتي ۽ چيوI am sorry, it would not happen again ”مونکي افسوس آهي ٻيهر ائين نه ٿيندو“ ۽ پوءِ مرحوم رحيم بخش سومرو ڪامريڊ سوڀي جو هٿ پڪڙيندي چيو ”تون دلير آهين دوست“ ڪامريڊ واقعي دلير هيو ۽ پنهنجن اصولن ۽ آدرشن تي قائم رهيو،کيس سنڌ نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو پر ڪامريڊ دليري ۽ مڙسي سان منهن ڏنو.
جيڪب آباد جي هڪ مشهور شخصيت، مخير ماڻهو ٽائون ڪاميٽي جو سيڪريٽري رهندڙ ۽ اسان جي پياري دوست ڪامريڊ ڊاڪٽر ڌرمپال جي والد سيٺ ستياپال ٻڌايو هيو ته هاڻوڪي نمائش گرائونڊ تي هڪ وڏو جلسو منعقد ٿيو هيو، انگريزن خلاف جلسو هيو، خبر پئي ته هڪ هندو ليڊر تقرير ڪندو، اسان حيران ٿي ويا سين ته هڪ هندو انگريزن خلاف ڳالهائيندو ۽ پوءِ اسين به سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ ويا سين اتي خبر پئي ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي هيو جنهن انگريزن خلاف تقرير ڪئي اسان ڀوَ کان ڀڄي آيا سين ته ڪٿي انگريز سرڪار جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ تي اسان جي خلاف وٺ پڪڙ شروع نه ڪري،هڪ مهاجر سي آءِ ڊي آفيسر جيڪو هڪ فنڪاره رينوڪا ديوي جو مڙس هيو، ان فنڪاره PTV جي ڪيترن ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو آهي، ان سي آءِ ڊي آفيسر ڪامريڊ کي چيو ته تون پاڪستان ڇڏي وڃ هندوستان تنهنجو ملڪ آهي، پر ڪامريڊ چيو ته سنڌ منهنجو ملڪ آهي مان پنهنجي ڌرتي نه ڇڏيندس هي ملڪ توهان جو نه آهي پر اسان جو آهي ۽ اهو CID آفيسر ڪامريڊ جي ڪڍ پئجي ويو، پر ڪامريڊ دليري سان منهن ڏنو ۽ پنهنجي ڌرتي نه ڇڏي. اڄ سي آءِ ڊي آفيسر ڌوڙ ۾ دفن آهي پر اسان جو ڪامريڊ ڌرتي ۽ ماروئڙن سان نيهن نڀايو آهي، منهنجي مرشد سنڌ جي نالي واري افساه نگار جيڪو ان وقت اسان جو آفيسر هيو ۽ فيملي پلاننگ کاتي ۾ ضلع آفيسر هيو،ٻڌايو ته ڪامريڊ سوڀي منهنجي ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ مونکي ٻانهن کان جهلي چيو هيو ته تون ڪهاڻي ۾ عورت کي نشانو بڻايو آهي تون ته بازيگر آهين، ڏور تنهنجي هٿ ۾ آهي تون راند مٽاءِ. ڪامريڊ سوڀو هڪ وڏو اديب به هيو ته عورتن کي عزت ۽ احترام عطا ڪرڻ واري شخصيت هيو.
ڪامريڊ سوڀي لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ ٻنڊي ۾ جنم ورتو، سندس تعلق خوشحال گهراڻي سان هيو، سندس چواڻي ته سندس والدين جي خواهش هئي ته هو ICS انڊين سول سروس جوائن ڪري ۽ سرڪاري عملدار ٿئي پر ڪامريڊ ته غلامي مان آجپي لاءِ سوچڻ شروع ڪيو هيو سو ڪيئن ٿو سرڪار جو غلام بڻجي. شانتي نڪيتن ۾ تعليم دوران بنگال جي انقلابين سان ميل ملاقات، ڪچهريون ۽ بحث مباحثن کان پوءِ هن ICS جو امتحان ڏيڻ بجاءِ فرسوده نظام کي ڊاهڻ ۽ انگريز سرڪار کان آزادي حاصل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هيو.
۱۹۴۱ع ۾ شانتي نڪيتن کان پڙهي سنڌ موٽيو ۽ پوءِ هن شاهاڻي لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ پوءِ هن انگريزن خلاف هلندڙ تحريڪن ۾ حصو ورتو. ”هندوستان خالي ڪيو واري تحريڪ ۾ شامل رهيو، سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ برطانيه خلاف هلندڙ تحريڪن جو حصو ٿي ويو، ۲۴ جنوري ۱۹۴۳ع ۾ گرفتار ٿي ويو، هن هڪ ٻه سال جيل ۾ گهاريا، جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ وري هو مزدور تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو، ڪامريڊ شاهه لطيف جو کاهوڙي ڪردار هيو، وٽس ويهي وقت وڃائڻ وارو تصور نه هيو.
اپريل ۱۹۴۸ع ۾ڪميونسٽن جي گرفتاري شروع ٿي، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪامريڊ جا ڪيترا ئي ساٿي گوبند مالهي ۽ ٻيا هندوستان هليا ويا ۽ ڪامريڊ سوڀي کي آڇ ڪئي وئي ته هو سنڌ ڇڏي وڃي پر هن پنهنجي ماتر ڀومي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو پوءِ ڪامريڊ کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو ۽ ڪامريڊ ۴ سال جيل ۾ گذاريا، ۱۹۵۲ع ۾آزاد ٿي آيو ۽ وري پارٽي جي ڪمن سان وابسته ٿي ويو، ۱۹۵۴ع ۾ڪميونسٽ پارٽي تي بندش وڌي وئي ۽ ٻيهر ڪامريڊ سوڀي کي گرفتار ڪيو ويو، ۱۹۵۵ع ۾ هو آزاد ٿي آيو ۽ سي پي تي پابندي عائد ٿيڻ کان پوءِ هن ملڪ جي ٻين کاٻي سوچ جي اڳواڻن ۽ روشن خيال اڳواڻن سان ملي ۱۹۵۶ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي جوڙي ورتي جنهن ۾ عبدالصمد اچڪزئي، حيدربخش جتوئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سائين جي ايم سيد، مير غوث بخش بزنجو، پروفيسر مظهر ۽ ٻيا اڳواڻ شامل هئا، ۱۹۵۸ع ۾مارشل لا لڳي وري کاٻي ڌر جي اڳواڻن خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي ۽ ڪامريڊ کي به گرفتار ڪيو ويو، ميان محمود علي قصوري سندس گرفتاري خلاف Petition داخل ڪئي ۽ ۱۹۵۹ع ۾ کيس آزادي نصيب ٿي.
چون ٿا ته ميان محمود علي قصوري ڪامريڊ سوڀي سان ملڻ لاءِ لاهور کان لاڙڪاڻي جو سفر ڪري رهيو هيو ته ڪنهن مسافر کائنس پڇيو ته ڪاڏي ٿو وڃين ته قصوري کيس ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ٿو وڃان، مسافر کيس چيو ته پڪ سان ”مهين جو دڙو“ ڏسڻ ٿو وڃين، تنهن تي قصوري صاحب کيس چيو ته مان مهين جي دڙي کان به وڏي ماڻهو سان ملڻ وڃي رهيو آهيان، اهو مسافر حيران ٿي ويو ته اهو ڪهڙو وڏو ماڻهو آهي، پوءِ قصوري کيس ٻڌايو ته ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي سان ملڻ وڃي رهيو آهيان، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪامريڊ سوڀو سنڌ جي تاريخ جو وڏو ماڻهو هيو، جنهن کي ڪو خريد نه ڪري سگهيو، هو پنهنجي نظريي ڪميونزم سان سچو هيو ۽ وڏي واڪ ڪميونزم جو پرچارڪ ڪندو هيو ۽ ملڪ جي مظلوم ماڻهن جي مسئلي جو حل به سوشلزم کي قرار ڏيندو هيو.
۱۹۶۵ع ۾پاڪ انڊيا جنگ لڳي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامريڊ سوڀي کي گرفتار ڪري سکر جيل اماڻي ڇڏيو، ۲۴ فيبروري ۱۹۶۶ع تي کيس آزاد ڪيو ويو ۽ پوءِ هن اچي لاڙڪاڻي کي وسايو، ادب، سياست ۽ وڪالت سان وابسته ٿي ويو، ادب ۾ هن شاندار تحريرون ڏنيون، کيس لاڙڪاڻي کان آغا خان اسپتال شفٽ ڪيو ويو علاج لاءِ ته اتي اديب سندس مزاج پرسي لاءِ آيا ته ڪامريڊ سوڀو ساڻن ڀوڳ چرچا ڪندو رهيو، کيس بيماري جي ڪا به پرواهه نه هئي، ان مان چٽو ٿئي ٿو ته ڪامريڊ هڪ مضبوط اعصاب جو مالڪ هيو.



ڪامريڊ سوڀو
سامي سج وڙاءُ
سرويچ ساريو
سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر جو سگهارو آواز، ڪميٽڊ سماجواد، ڏاهو استاد ۽ مهين جي دڙي جو ماڻهو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، هاڻي اسان کان جسماني طور وڇڙي، اهڙي ڏيهه ڏانهن وريو آهي، جتان ڪو به نه موٽيو آهي؛ ۽ لاڙڪاڻي جي جاڙل شاهه پاڙي جي هڪڙي گهر جي ڊرائنگ روم ۾ فڪري بحثن جي هڪ دور جي پڄاڻي ضرور ٿي چڪي آهي، جتي هر سوچيندڙ ذهن جي آجيان ڪرڻ لاءِ هڪ هڏڙين مٺ جهونو شخص سدائين اتاولو رهندو هو ۽ اسان جهڙا ڪيترائي سيکڙاٽ ماڻهو، ادب، فلسفي، سياست، سماج ۽ سائنس متعلق ٿوري وقت ۾ گهڻو ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
ڪامريڊ سوڀو، سنڌ جو املهه سرمايو هو/ آهي، جنهن سنڌ کي عقل تي آڌاريندڙ، وهمن، وسوسن توڻي هر قسم جي ڦرلٽ کان آجي سماج بنائڻ لاءِ بنيادي قسم جو ڪم ڪيو، ۽ پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙڪين گهڙين تائين پنهنجي فڪر ۽ فهم جو پرچارڪ رهيو، مايوسين جي گهيري ۾ آيل سنڌي سماج ۾ هُو، اهڙو پراميد ۽ اڏول ڪردار هو، جنهن جي وجود ۾ استحصال کان آجي، سکي ۽ ستابي سنڌي سماج لاءِ تڙپ ۽ ولوڙ هر وقت موجود هوندي هئي. سنڌ ۾ سماج وادي فڪر جي پکيڙ ۽ پرچار ۾، سندس ڪم مائيدار ۽ ڳڻپ جوڳو رهندو آيو ۽ هو پنهنجي ذاتي ڪردار ۾ به ٻڌيءَ  جي هڪ اهڙي علامت بڻيل رهيو، جنهن پنهنجي فڪري صحبت سان سنڌ جي اڻ ڳڻيَن ترقي پسندن ۽ وطن دوستن جي اونداهي جڳ ۾ ڏياٽيون ٻاري ڇڏيون هيون.
سنڌ سڀيتا جي صدين جي تاريخ جي جيئري سڃاڻپ، مهين جي دڙي ويجهو ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ مڇي ماني لائق ٽنورمل گيانچنداڻيءَ جي گهر ۳۱ مئي ۱۹۲۰ع ۾ اک کولي، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڀر واري ڳوٺ بگي مان حاصل ڪئي، ۽ سن ۱۹۳۷ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان انٽر آرٽس ۽ ۱۹۳۹ع ۾ مهان ڪوي ٽئگور جي برپا ڪيل “شانتي نڪيتن” ۾ سُر ۽ سرود جي وديا پرائڻ ويو ۽ ۱۹۴۱ع ۾ پرڻي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ لاءِ پيءُ جي ڀرپور اسرار تي اتان ذهني طور هڪ مڪمل ۽ ميچوئر ماڻهو بڻجي موٽ ڪيائين ۽ پوءِ ڪامريڊ، ڪراچيءَ ۾وڪالت پڙهڻ شروع ڪئي، ۽ هڪ سماج واد ڪارڪن جي حيثيت ۾ حشو ڪيولراماڻي، سائين  ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين.
حقيقت ۾ سندس حقيقي معنيٰ ۾ ذهني اوسر ٿي ئي ان اداري ۾ هئي. شانتي نڪيتن ۾ سکيا دوران جتي رابندرناٿ  ٽئگور جهڙي ٻُهڳڻي شخصيت موهن جي دڙي وٽان آيل ماڻهوءَ کي پنهنجي خاص ڌيان، قرب ۽ شفقت جي نظر سان نوازيو، اتي کيس ان دؤر جي ملڪ جي چوٽيءَ جي اڳواڻن ۽ انقلابين جهڙوڪ مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، سڀاش چندر بوس ۽ سوميندر ناٿ ٺاڪر جهڙين شخصيتن سان مُکاميل ٿيڻ جو موقعو به مليو. هن ئي اداري ۾ نوجوان سوڀي جي ملاقات پنا لال داس گُپتا سان ٿي، جيڪو تن ڏينهن ۾ هڪ وڏو ڪميونسٽ اڳواڻ هو. هُن سوڀي جي مَن ۾ ملڪ مان بک، بيماري، بدحالي، جهالت ختم ڪرڻ ۽ اميريءَ ۽ غريبيءَ  جي فرق کي مٽائڻ  يعني سوشلزم لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو جذبو جاڳايو؛ جنهن لاءِ سوڀو پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ لکي چڪو آهي ته: ”مون کي سياست جي گهاٽي جهنگ مان پيچرو ڏسيندڙ سندس ذات (پنا لال داس گپتا) جي ئي رهي آهي. سچ پچ ته شانتي نڪيتن مان سوڀي جي ذهن جي ڪايا پلٽجي پئي، ۽ هُو هڪ سچي انقلابيءَ جي حيثيت ۾ انساني سماج جي نئين اڏاوت لاءِ پنهنجون وکون کڻندو رهيو. شانتي نڪيتن ڇڏڻ وقت، جڏهن نوجوان سوڀي کي ٽئگور پاڻ وٽ گهرايو، ۽ سوال ڪيائين: ”هن اداري مان اوهان ڇا پرايو؟“، (اهو سوال، ٽئگور هر ان شاگرد کان ڪندو هو، جيڪو علم پرائي ويندو هو)، سوڀي جواب ڏنو: ”مان هت آيو ته هڪ ٻار جي حيثيت ۾ هيس، پر مڙس ماڻهو بڻجي وڃي رهيو آهيان“، نوجوان سوڀي جي ان جواب سان ٽئگور لاجواب ٿي ويو هوندو. ڪامريڊ سوڀو، من جي مُڪتي، ان رابندر ناٿ ٽئگور جي درسگاهه مان پرائي نڪتو، جنهن درسگاهه جي شاگردن کي اڪثر اهو درس ملندو هو:
ڇڏي ڏيو، اهي ڀڄن ڳائڻ،
منتر آلاپڻ، تسبيح سورڻ،
سڀ در بند ڪري،
مندر جي ان اڪيلي ۽ اونداهي ڪوٺيءَ ۾،
تون ڪنهن کي پوڄين پيو؟!
پنهنجون اکيون کول، ۽ ڏِسُ ،
تنهنجو خدا، تنهنجي سامهون آهي ئي ڪو نه!
هو اتي آهي، جتي هاري سخت ٻني کيڙي رهيو آهي،
۽ جتي سڙڪ ٺاهيندڙ، پورهيت پٿرَ ڪُٽي رهيو آهي،
هو انهن سان گڏ آهي،
اسَ ۾ به، ته مينهن ۾ به،
۽ سندس لَٽا به مٽيءَ سان ڀڀوت آهن،
پنهنجي، پوڄا واري اها پاڪ اَلفي لاهه،
۽ هو بهو ان وانگر دُڌِڙ ۾ لهي اچ،
مُڪتي؟ ڪٿي آهي اها مُڪتي؟!
اسان جي ڀُتار، پنهنجي خوشيءَ ڪارڻ،
تخليق جا ٻنڌڻ، پنهنجي مٿان مڙهيا آهن،
هو اسان سان سدائين لاءِ جڪڙيل آهي،
پنهنجي ذڪر ۽ فڪر کان ٻاهر نڪري آءُ،
۽ پنهنجي گلن ۽ واس کي پاسي ڪر،
ڀلا ڪهڙو حرج آهي، جيڪڏهن تنهنجا،
لٽا ليڙون ٿيا، ۽ چُٽا لڳي ويَن،
هُن سان مِلُ، ۽ ساڻس گڏجي،
پورهيو ڪر، ۽ پگهر وهاءِ!!
(رابندر ناٿ ٽئگور)
ڪامريڊ سوڀو، پنهنجي وهيءَ ۾ سماج واد فڪر سان سلهاڙجڻ جو سبب بيان ڪندي، چئي چڪو آهي ته: ”مون ڏٺو ته بهترين ڪم ڪندڙ، پرخلوص، اَورچ ۽ تربيت يافتا ماڻهو ڪميونسٽ ئي هئا ۽ اڄ تائين منهنجو، اِهو ئي رايو آهي ته بهترين پڙهندڙ، سوچيندڙ، محنتي ۽ انٽرنيشنل آئوٽ لُڪ رکندڙ ماڻهو ڪميونسٽ ئي آهن. مون ڪميونسٽ تحريڪ سان پنهنجي جيڪا وابستگي رکي، سا آءٌ اڄ به رکندو پيو اچان، ڇو ته مون کي وڌ ۾ وڌ شائستگي، محبت ۽ وسيع النظري، قومن جي تڪليفن ۽ مسئلن جو حل، زباني ادب، چاهه ۽ فضيلت ان ئي فڪر جي طبقي وارن ماڻهن ۾ نظر اچي ٿي“.
شاگرد تحريڪن، ٽريڊ يونين سرگرمين ۽ انقلابي جدوجهد ۾ حصي وٺڻ ۽ خاص ڪري ڪميونسٽ پارٽيءَ سان لاڳاپيل هجڻ  سبب ڪامريڊ سوڀي کي ڪيترا ئي ڀيرا قيد ۽ بند جي مصيبتن کي منهن ڏيڻو پيو، ڪامريڊ جي پوري جوانيءَ ۾ جيل ته سندس ٻيو گهر هو؛ انهن عذابن ۽ اذيتن باوجود به ڪامريڊ پنهنجي عظيم انقلابي جدوجهد تان هٿ نه کنيو؛ پر انهيءَ سببُ سندس حوصلي ۾ بلندي ۽ خيالن ۾ پختگي آئي ۽ هو پنهنجن انقلابي نظريي تي اٽَلُ ۽ اَڏولُ رهيو.
ملڪ ٺهڻ کان پوءِ جولاءِ ۱۹۴۸ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي پابندي مڙهي ويئي، ان جي سمورن اڳواڻن توڻي سرگرم ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به جيل ڀيڙو ٿيو؛ گهرو معاملن واري تڏهوڪي وزير مسٽر شهاب الدين ڪامريڊ سوڀي کي آڇ ڪئي ته “تون ڀارت وڃ، اسين تو کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڪامريڊ سوڀو، ڌرتيءَ ڄائو هو، ۽ ڌرتيءَ ڄائو هجڻ جو ثبوت کيس ورندي ڏيندي ڪجهه هيئن ڏنائين: ”تون پاڪستان ۾ پناهگير آهين، مان ته سنڌ ڄائو ۽ صدين جي صدين کان هتي آباد آهيان. مان سنڌ ڪيئن ڇڏيندس؟ مان سنڌ نه ڇڏيندس“!
ڪامريڊ سوڀو، سنڌوءَ ڪناري رهندڙ ۽ سنڌوءَ جو پاڻي پيئندڙ هن ڌرتيءَ جو اهڙو حلالي پٽ هو، جنهن مصيبت ۾ ميدان ڇڏڻ سکيو ئي نه هو؛ هُو پنهنجي سوچ سان، پنهنجي نظريي سان، پنهنجي ڌرتيءَ سان، پنهنجي خوابن سان، آدرشن سان گڏ ميدان تي، ڏکيائين جي طوفانن ۾، مصيبتن جي واچوڙن ۾، فڪري زلزلن ۾، رَوين جي ٻوڏن ۾، پنهنجن جي دوکن ۾، هڪ سُچيت انقلابيءَ، محب وطن، سڄڻَ ۽ ساٿيءَ  جي حيثيت ۾ پير پختا ڪري بيٺو رهيو، ۽ تيستائين بيٺو رهيو، جيستائين سندس ساهه جي سڳي جي تَندُ ٽٽي پئي.
ڪامريڊ، انصاف ۽ مساوات تي مشتمل سماج جي اڏاوت لاءِ نه رڳو سياسي طور پاڻ پتوڙيو، پاڻ کي پنهنجي گهر کي بک ۽ ڏک ڏنا، قيد ۽ بند جون سختيون سهيون، عذاب ڀوڳيا، تڪليفون ڪاٽيون، پر قلمي محاذ تان به سماجي برابريءَ ۽ سراسريءَ لاءِ خوب پتوڙيو، ۽ پنهنجي لکڻين ۾ اميدن جا ڌيئا ٻاري، جڳن تائين روشني جاري رکڻ جو بندوبست به ڪري ويو؛ ”اڍائي روپيا“ جي عنوان سان ۱۹۳۸ع ۾ پهرين ڪهاڻي لکڻ وارو ڪامريڊ سوڀو، نوجوانن جي رهبريءَ لاءِ هيٺين ڪتابن سان پڙهندڙن جي جهولي ڀري ويو آهي: (۱) ڪڏهن بهار ايندو (ڪهاڻيون)، (۲) تاريخ جا وساريل ورق (ڪالم)، (۳) تاريخ ڳالهائي ٿي، (۴) وڏي وٿ هئام (ڪالم)، (۵) روشنيءَ جي پنڌ ۾ (آتم ڪٿا)، (۶) تاريخ بولتي هي (اردو ۾)، (۷) انقلابي ڪي موت  (اردو ۾)،  (۸) سنڌ ڪي انقلابي رهنما (اردو ۾)، (۹) ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، (۱۰) سنڌ ايڪويهين صديءَ جي ڏاڪي تي، (۱۱) انٽرويوز (۱۲) تقريرون (۱۳) خاڪا ۽ مضمون شامل آهن. (انهن ڪتابن منجهان ڪجهه ڪتاب، اڻ ڇپيل/ ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهن).
ڪامريڊ سوڀي جي ۷۲ هين جنم ڏڻ وقت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺايل تقريب جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت ۾، نالي واري دانشور امان الله شيخ پنهنجي تقرير ۾ کيس ڀيٽا ڏيندي، يوناني ڏندڪٿا ۾ ”بغاوت“ جي علامت بڻيل پروميٿويس سان ڀيٽيندي ”سنڌ جو پروميٿويس“ قرار ڏنو هو، امان شيخ پنهنجي تقرير ۾ چيو هو: ”يوناني ديومالا ۾ آهي ته پروميٿويس اصل ۾ ديوتائن جو لاڏلو ۽ دل گهريو دادلو هيو. پر انهيءَ لاڏلي، حضرت انسان کي پهريائين قدرت جي لڪل خزاني منجهان باهه ٻارڻ جو هُنر سيکاريو، باهه جهڙي قيمتي خزاني جي ظهور ٿيڻ تي ديوتائن منجهان خداوند زيوس، پروميٿويس تي سخت ڏمرجي پيو ۽ حڪم ڏنو ته کيس سنگهرن ۾ سوگهو ڪري، جبل جي چوٽي تي قابو ڪري، مٿانئس ڳِجهه کي ڇڏيو وڃي؛ انهي ڳِجهه تي ذِمو رکيو ويو ته پروميٿويس جي جگر کي سڄو ڏهاڙو ٽُڪيندي ۽ پَٽيندي رهي؛ جيستائين باغي پنهنجي غلطي تي  پشيماني ڪندي معافيءَ جو طلبگار ٿئي. اها نامراد ڳِجهه سڄو ڏهاڙو سوگهي ٿيل باغيءَ جي جِگر کي ٽُڪيندي رهي؛  پر رات جي پيٽ ۾ هو وري تازو توانو  ٿي ويندو هيو. باغي سڄو ڏهاڙو اهڙي عذاب ۽ پِيڙا منجهان لنگهندي به آڻ مڃڻ، پڇتائڻ ۽ جُهڪڻ کان نابري واري ويٺو. ائين سمجهجي ته پروميٿويس جو ڪردار بغاوت، ڄاڻ، پختي عزم ارادي ۽ اصول پرستي جي علامت آهي. اهڙي ريت  ڪتابي زندگي ۾ پروميٿويس جو ڪردار مون لاءِ نه رڳو متاثر ڪندڙ رهيو آهي پر ”بغاوت“، ”ارڏائپ ۽ ”اڻٽر“ بڻجڻ واري هستي لاءِ جيئري جاڳندي حياتي ۾ ووڙائو رهيو آهيان. ڇو ته انساني منُ جنهن به ڪردار جو نقش يا گهاڙيٽو پنهنجي ذهن ۾ سٽيندو آهي، ان جي عام زندگي ۾ ڪٿي نه ڪٿي چرندڙ ڦرندڙ اهڃاڻ ۽ علامت ملي  پوندي آهي. مان به اڄ کان چوٿائي صدي کن اڳ جيئري جاڳندي پروميٿويس سان مليو هيس ۽ ان رفاقت ۽ اڪير جو اهڙو ته پيچ اٽڪيو جو اڄ تائين سندس سدا بهار سحر جي ڪشش منجهان آجو ٿي نه سگهيو آهيان. اهو ڪردار يعني بغاوت، ڄاڻ، پختي عزم ۽ اصول پرستي وارو جيئرو  پروميٿويس  آهي سوڀو گيانچنداڻي، جنهن کي سندس ۷۲هين ورهيه ۾ پير پائڻ تي واڌايون ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون“! ”سنڌ جو پروميٿويس“ ۷۲ ورهين مان ۹۵ ورهين تائين ته پهتو، پر سندس زندگي، جوانيءَ کان وٺي ان وقت تائين، پروميٿويس جي ارڏائيءَ جو هوبهو مثال بڻي رهي.
ملڪ ۾ جنرل ايوب جي پهرين مارشل لا (۱۹۵۸) کان پوءِ فوج ڪامريڊ سوڀي جي گهر جو گهيرو ڪيو، ملٽرءَ جي ڪنهن ميجر جنرل ساڻس ملي، نظربنديءَ جا وارنٽ ڏيکاريا ۽ گهيري جو سبب پيش ڪيو. ڪامريڊ سوڀي پڇيو: ”منهنجي نطربنديءَ جو سبب ڪهرو آهي؟“، ميجر جنرل وراڻيو: ”هڪ ته تون هندو آهين، ٻيو ڪميونسٽ ۽ ٽيون سنڌي، تنهن ڪري ملڪ لاءِ تون خطرناڪ ماڻهو آهين“؛ ڪامريڊ جو ٻيو سوال هو: ”پهريان ٻه سبب ته سمجهه ۾ اچن ٿا، ڇا سنڌي هجڻ به ڏوهه آهي؟“، جواب آيو: ”ها، سنڌي هجڻ به ڏوهه آهي“!، سنڌ جو قومي شاعر ۽ سوڀي جو جِگري يار شيخ اياز، ته ان روئداد کان پوءِ پنهنجي مزاه جي حس استعمال ڪندي، ڪامريڊ سوڀي کي ”ٽه-مُنهين“ بلا چوندو هو؛ پر وقت بدليو، زمانا بدليا، ماڻهو بدليا، آستانا بدليا، پرک ۽ ڪسوٽيءَ جا پيمانا بدلايا، ۽ نه بدلي ته سنڌين متعلق عسڪري اسٽيبلشمينٽ جي سوچ نه بدلي، جيڪا سوچ، سنڌين متعلق ۱۹۵۸ع واري دور جي هڪ عسڪري ڪاموري جي هئي، اها سوچ، ۲۰۱۴ع واري ساڳي اداري جي ساڳي رينڪ جي ڪاموري جي سنڌين لاءِ ساڳي آهي.
سنڌ وطن ۽ سنڌي ماڻهن ڏانهن ذميوار ۽ ڪميٽڊ رهندڙ، هڪ ٻي روشن ضمير اديب، طارق اشرف جي خيال ۾ ڪامريڊ سوڀو، هڪ اهڙو ماڻهو هو، ”جنهن سان ملڻ کان پوءِ حب الوطني ۽ شرافت جا ڪوٽ، ماڻهو پنهنجي اندر ۾ اڏجندي محسوس ڪندو آهي“!
سچ ته ڪامريڊ سوڀو، پنهنجي زندگي ۽ جدوجهد ۾ لطيف جي هيٺين خيالن جو هڪ جيئرو جاڳندو مظهر هو، جيڪو پنهنجن خيالن جي خوشبوءِ سان سنڌي سماج کي سدائين واسيندو رهندو.
جوڳي تي جڙاءُ، نسورو ئي نيهن جو،
پتنگ جنءَ پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ،
آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنئارن ڪڪورئو.
(لطيف)



ڪامريڊ سوڀو
اڻ وسرندڙ ڪردار....!
مراد پندراڻي
ڪڏهن ويٺي ويٺي ئي عجيب خيال ذهن اندر اهڙا ته سوال اٿاريندا آهن جو دل انهن سوالن جي جواب ڳولهڻ کان ئي قاصر رهجيو وڃي ۽ پوءِ مايوس ٿي ڪري حالتن اندر ٿيندڙ اٿل پٿل مطابق حقيقت کي مڃڻو ئي پوندو آهي. اهڙي صورتحال کي گذريل ڪجهه ڏينهن کان منهن ڏئي رهيو آهيان ۽ ذهن اندر بار بار اهو سوال اڀري رهيو آهي ته واقعي اسان لاءِ عظيم سياسي استاد، ڏاهو، کاٻي ڌر کي اتساهه بخشيندڙ ۽ مظلوم ماڻهن لاءِ درد رکندڙ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي هاڻي اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو؟ ۽ هن ۸ ڊسمبر تي ان عظيم اڳواڻ جي پهرين ورسي طور ملهائڻ لاءِ تقريبون منعقد ٿينديون ۽ مختلف شهرن اندر ان جي ڪردار ۽ عظيم جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.! اسان وٽ چيو اهو ويندو آهي ته اسان مرده پرست آهيون ۽ پنهنجي انمول ڪردارن کي مرڻ کانپوءِ ئي ياد ڪندا آهيون پر ڪامريڊ سوڀي جي زندگي جي حوالي سان ڏسجي ته ڪجهه سالن کان وٺي ڪري پرڀات طرفان ان جي زندگيءَ ۾ هر سالگرهه توڙي ثقافتي ڏينهن ملائڻ واري روايت هجي يا وري نام نهاد قبائلي جهيڙن کي روڪڻ لاءِ امن ريلي هجي ڪامريڊ سوڀي کي زبردست نموني ڀيٽا پيش ڪندي اهو احساس ڏياريو ويو ته هو اسان لاءِ تمام وڏي هستي ۽ املهه ڪردار رکندڙ انسان آهي. انهي سڄي صورتحال ۾ ڪامريڊ سوڀي جي سالگرهه ملهائڻ واري روايت کي ڏسندي هاڻي باقائدگي سان گهڻن ناليوارن ماڻهن کي زندگي ۾ ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي جيڪو تمام مثبت عمل چئي سگهجي ٿو.
ڪامريڊ سوڀي جي وڇوڙي کي سال پورو ٿي ويو آهي ۽ ان جون يادون اسان لاءِ مشعل راهه آهن، ملڪ اندر خاص طور تي سنڌ ۾ انساني حقن جي ڳالهه هجي يا ڪنهن مظلوم طبقي سان تعلق رکندڙ واقعو مزدور يا هاري هجي انهن جي حقن جي پاسداري ۾ اڳڀرو رهندڙ ۽ مذهبي اقليت سان تعلق هوندي به اسان کي ڪڏهن اهو محسوس نه ٿيو ته هو هندو آهي ڇاڪاڻ ڪامريڊ سوڀي مذهب کي هڪ پاسي تي رکي انسانيت کي اوليت ڏئي ڪري هميشه لاءِ امر ٿي ويو. ملڪ اندر وڌندڙ تنگ نظري جي باوجود ڪامريڊ پاڻ کي تمام همت ۽ حوصلي سان اسان جي سماج اندر موجود اوڻائين کي روڪڻ لاءِ معاشري جي انهن مڙني طبقن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي جدوجهد کي پنهنجو مشن سمجهي ڪري اڳتي وڌندو رهيو جيڪي هر وقت حقيقي جدوجهد سان سلهاڙيل آهن، اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي اوسي پاسي ۾ ٿوري حد تائين ئي سهي بهتري ڏسون ٿا ان ۾ گهڻي ڀاڱي ڪامريڊ سوڀي جو به حصو آهي.
ڪامريڊ سوڀو جسماني طور تي اسان کان هميشه لاءِ ڏور ضرور هليو ويو آهي پر سوچن، خيالن ۽ ارڏائپ سبب هو اسان سان گڏ آهي ۽ هن طبقاتي سماج اندر جڏهن به مظلوم طبقن جي حقن لاءِ ويڙهه وڙهي ويندي ته ڪامريڊ سوڀي جي سوچ ئي هوندي جيڪا اسان کي پنهنجي منزل تائين تمام سٺي نموني وٺي هلندي. چوندا آهن انسان پنهنجي ڪردار سبب وڏو بڻجي ويندو ۽ بنا ڪنهن ڪردار جي ڄڻ ته پيدا ئي نه ٿيو ۽ پنهنجي معاشري اندر انفرادي هجي يا جتماعي طور ڪجهه اهڙا ته ڪم ڪري وڃي جو پويان واهه واهه هجي. ڪامريڊ سوڀو به انهن انسانن منجهان هڪ هو جيڪي پنهنجي ڪردار سبب هميشه لاءِ زندهه رهجي ويندا آهن ۽ هر شعور رکندڙ دانشور هجي يا سياسي ليڊر، ٽريڊ يونين ليڊر هجي يا وري شاگرد ليڊر انهن سڀنن لاءِ ڪامريڊ هڪ عظيم ڪردار رکندڙ ڏاهو ۽ ترقي پسند سياست کي پنهنجو ايمان سمجهندڙ سچو ۽ کرو انسان هو.
گذريل سال ڪامريڊ سوڀي جي هميشه لاءِ اسان کان جدائي ته اسان لاءِ وڏو خال پيدا ڪري وئي آهي جنهن کي ڀرجڻ لاءِ صديون لڳي سگهن ٿيون. سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ سياسي ۽ سماجي ماڻهن ته زبردست نموني ڪامريڊ سوڀي کي ڀيٽا پيش ڪئي، پر کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ دوست الائي جي ڇو هن عظيم اڳواڻ کي اها ڀيٽا نه ڏئي سگهيا جيڪا هن جي شخصيت ۽ ڏاهپ سبب کيس ملڻ گهرجي ها. ڪڏهن ڪڏهن تمام گهڻو افسوس ٿيندو آهي ته جنهن سوچ سان ڪامريڊ سوڀي جهڙو ارڏو انسان سلهاڙيل هجي، انهي سوچ سان واسطو رکندڙ ماڻهو ڇو ڀلا ايئن ڇڙ وڇڙ آهن.؟ ملڪ جي موجوده صورتحال کي ڏسجي ته حقيقت ۾ ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻهن لاءِ تمام گهڻي پيماني تي موقعا موجود آهن پر اڄ اهي سڀ مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن يا وري مڪمل طور تي ويهجي ويا آهن.
اسان جيڪڏهن تازو مڪاني چونڊن جو ئي مثال وٺون ته کاٻي ڌر سان ئي تعلق رکندڙ عوامي ورڪرز پارٽي جي دوستن چونڊن ۾ حصو به ورتو ۽ انهن کي ڪجهه ڪاميابي به ملي آهي. تنهن ڪري اسان کي جيڪڏهن ڪامريڊ سوڀي جي پيغام کي تمام سگهاري نموني عام ماڻهن تائين پهچائڻو آهي ته پوءِ هاڻي به وقت ناهي ويو ۽ سياسي طور تي سنجيدگي سان فيصلو ڪرڻو پوندو ته جيئن ملڪ اندر وڌندڙ انتهاپسندي کي ترقي پسند سوچ سان ئي ناڪام بڻائي سگهجي.
حڪمران جيڪي پاڻ کي وڏي فخر سان سيڪولر ۽ جمهوريت پسند سڏرائن ٿا ۽ وڏيون دعوائون به ڪن ٿا پر ڏسجي ته انهن جا ڪم  ئي ابتڙ آهن، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ سوڀي جي عظيم شخصيت کي مان ڏيندي صوبائي حڪومت ۾ رهندڙ پيپلزپارٽي جي مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻن ڪيترا ئي ڀيرا ڪامريڊ سوڀي جي تڏي تي ويهي واعدو ڪيو هو ته اهي لاڙڪاڻي اندر جناح باغ وٽ يادگار ٺهرائي ڪري ڪامريڊ سوڀي جي خدمتن ۽ سياسي ڪردار کي مڃتا ڏيندا، پر انتهائي افسوس آهي جو سال پورو ٿي ويو آهي پر يادگار بابت ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. اها حڪمرانن جي بي حسي يا غلط بياني چئجي جو هن عظيم شخصيت کي مرڻ پڄاڻان به ڀيٽا ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن، پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت خاص طور تي چيئرمين بلاول ڀٽو کي شايد ان حوالي سان ڄاڻ نه به هجي پر پارٽي اندر ٻين سينئر اڳواڻن کي ته گهڻي ڀاڱي خبر آهي پوءِ ايتري حد تائين ڪن لاٽار مان ڇا سمجهجي.!
ڪجهه ڪردار حقيقت ۾ ايترا ته مهان هوندا آهن جو انهن کي وسارڻ ڪنهن به انسان جي وس ۾ ناهي هوندو ۽ ڪامريڊ سوڀو به انهن عظيم ۽ انمول ڪردارن منجهان هڪ آهي. اڄ به جيڪڏهن لاڙڪاڻي کي جتي ڀٽن جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو ته وري ترقي پسند سوچ سبب ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهي، ڇاڪاڻ جو ڪامريڊ سوڀو دنيا اندر تاريخي ورثي جي حيثيت رکندڙ قديم ماڳ موهن جي دڙي جي پاسي ۾ رهڻ سبب موهن جي دڙي جي ماڻهو طور به سڃاتو وڃي ٿو. انهي لاءِ موهن جو دڙو ۽ ڪامريڊ سوڀو هڪ ٻئي سان ايتري حد تائين مليل آهن جو هڪ ٻي جي وجود جا حصا بڻجي چڪا آهن ته پوءِ اهڙن ڪردارن کي ڀلا ڪير وساري سگهي ٿو.!



ڪامريڊ جو هڪ اڻ وسرندڙ انٽرويو
رکيل مورائي
اهو اوڻيهه سئو نوي يا ايڪانوي سال هُئو، مان ماهوار ساڃاهه رسالي جو جوائنٽ ايڊيٽر هوس ۽ خاڪي جويو صاحب ايڊيٽر ۽ ٻيو سڀ ڪجهه خير. هو حيدرآباد ۾ رهندڙ هئو ۽ مان ڪراچيءَ ۾ ساڃاهه لاءِ هڪ ڪرمچاريءَ طور خدمتون انجام ڏيندو هوس، انهن ڏينهن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، حسن اسڪوائر جي هڪ فليٽ ۾ رهيل هئو ۽ ڪنعيو اڃا حال حيات هئو.
خاڪي جوئي صاحب خيال ڏيکاريو ته ڪامريڊ سوڀي کان هڪ اهڙو انٽرويو ڪجي، جيڪو سندس زندگيءَ جو يادگار انٽرويو هجي، ايئن اسان اياز صاحب جو هڪ يادگار انٽرويو به ڪيو هئو جيڪو پڻ سندس زندگيءَ جو يادگار انٽرويو جهڙوڪ هئو، اهو پرجو شيخ نياز نمبر ٿي شايع ٿيو، بهرحال خاڪيءَ ڪامريڊ سوڀي کان ٽائيم ورتو، انٽرويوءَ لاءِ مان ۽ خاڪي ۽ فوٽن لاءِ اسان جو دوست شبير سومرو (سُقراط سيتائي) گڏجي ڪامريڊ جي گهر تي پهتاسين، لڳ ڀڳ منجهند جو ٽائيم هئو.
ملڻ سان ئي ڪامريڊ چيو ته ”تون فقير محمد لاشاريءَ جو ڀاءُ آهين نه؟“ مون کيس ٻڌايو ته مان سندس دوست آهيان ۽ توهان سان گڏجي ملڻ آيا هئاسين خاڪيءَ کيس منهنجو تعارف ڪرايو ته ڪامريڊ مرڪي ڏنو، پوءِ ساڻس حيدرآباد کان ڪراچيءَ تائين هڪ سرد رات جو سفر به ٿيو جنهن بابت ڪنهن ٻئي ڀيري!
اسان سوچيو هئو ته ساڃاهه جي ڏهن صفحن کان پندرنهن صفحن تائين فوٽن سان گڏ ڪامريڊ جو انٽرويو سٺو ڪري ڇاپبو، پر جيڪو ٿيو سو اهو سمورو اسان سوچ جي ابتڙ!
اسان وٽ چار کن ڪيسٽون هيون ٽيپ رڪارڊ جون، سوالن جي به هڪ لسٽ ٺهيل هئي، انٽرويو چالو ٿيو، ڪامريڊ ڳالهائڻ شروع ڪيو ته هڪ تاريخ کلي پئي، هڪ سمنڊ هُئو، جنهن جو ٻيو ڪنارو اسان جي اکين کان اوجهل ٿيندو ويو. ڪامريڊ جا جواب ايترا تفصيلي ۽ ڊگها ٿيندا ويا، جو اسان جي لکيل پندرنهن سوالن مان فقط چار کن سوال ئي پورا ٿيا ته اسان جي ٽيپ رڪارڊ جون چار ئي ڪيسيٽون پوريون ٿيون ۽ ٻاهر سج موڪلائڻ جي ڪوشش ڪئي. اڌ انٽرويو به نه ٿي سگهيو.
ڪامريڊ کي ڏهاڪو ڏينهن کن ڪراچيءَ ۾ رهڻو هئو، طئي اهو ٿيو ته هاڻ باقي رهيل سوال ٻئي ڏينهن تي رڪارڊ ڪبا، مون کي غير سرڪاري اداري ۾ ملازمت هئي، صبح جو اٺين کان رات جواٺين وڳي تائين، نيٺ طئي اهو ٿيو ته باقي انٽرويو خاڪي جويو صاحب ڪندو ۽ سچ پچ ان انٽرويوءَ تي خاڪيءَ هڪ کان وڌيڪ ڏينهن سيڙايا.
جڏهن ڪيسٽن تان خاڪيءَ اهو سمورو مواد اتاريو ته مواد جو هڪ هڪ سوال ايترو ٿي ويو جو ساڃاهه جا ڏهن کان پندرنهن صفحا والاري بيٺو، ٻيءَ صورت ۾ ان کي ڪتابي شڪل ڏجي. جيڪا مالي حالت خاڪيءَ جي نه هئي ۽ پوءِ ايئن ڪيو ويو جو ڪامريڊ جو هڪ جواب ان سوال واري عنوان سان مضمون جي شڪل ۾ هلايو ويو ۽ ڪيترن ئي پرچن ۾ پوءِ اهو انٽرويو مضمونن جي صورت هليو ۽ بيحد ڌيان سان پڙهيو ويو. اهڙي شاهدي ساڃاهه جا ان دور جا پرچا ڏئي سگهندا. البت شبير سومري جيڪي ڪامريڊ جا فوٽا ڪڍيا، اهي اهڙا هئا جهڙا هڪ دور ۾ اياز صاحب جا اسان جي دوست خدا بخش ابڙي ڪڍيا هئا ۽ ڪيترن سالن تائين اهي الڳ الڳ هنڌن تي استعمال ٿيندا رهيا، پر واضح هجي ڪامريڊ جا مشهور ٿيندڙ ۽ الڳ الڳ هنڌن تي استعمال ٿيل فوٽو اياز صاحب جي فوٽن کان اڳ ۾ نڪتل هئا ۽ مان سمجهان ٿو ته شبير سومري جي ڪڍيل انهن نوجهڙا فوٽو وري ڪوبه شخص ڪامريڊ جا نه ڪڍي سگهيو ۽ نه ئي ساڃاهه جي انٽرويو جهڙو انٽرويو ڪامريڊ کان ٻيو ڪير وٺي سگهيو، ٻنهي حوالن لاءِ ساڃاهه جا اهي پرچا ڏسي سگهجن ٿا مون فقط رڪارڊ کي درست ڪرڻ چاهيو آهي ۽ بس!


ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
هڪ تاريخ ساز شخصيت
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
ڪجھ ماڻهو پنهنجي شخصيت ۾ جيئري جاڳندي تاريخ هوندا آهن، ۽ اهڙا ئي ماڻهو تاريخ ساز ڪوٺائيندا آهن. اهي نه رڳو تاريخ ٺاهيندا آهن پر کين تاريخ کي بدلائڻ جي طاقت به هوندي آهي. اهي پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان صدين جي ڪڌين روايتن کي ميٽي هڪ نئين تاريخ رقم ڪندا آهن. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جو شمار اهڙن ئي مها پُرشن ۾ٿئي ٿو. سندس شخصيت نه رڳو سنڌ جي زنده تاريخ جو اولڙو آهي، پر سندس جدوجهد، مظلوم ماڻهن کي شڪست قبولڻ بداران حوصلي سان جيئڻ جو ساهس به بخشيو آهي.
ڪامريڊ سوڀي سان منهنجي نياز منديءَ جو تعلق اڌ صديءَ تي مشتمل آهي. مون هن کي سدائين هڪ متحرڪ شخص طور ڏٺو آهي، هو پنهنجي ترقي پسند سوچ ۽ ڪميونسٽ نظريي کان پَل به پري نه ٿيو آهي، روس جي ٽٽڻ کان پوءِ جتي کاٻي ڌر جا ڪيترا ئي ديوَ ڪري ۽ ڊهي پيا اتي ڪامريڊ ثابت قدم رهيو.
سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آءٌ لاڙڪاڻي جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هيس ته علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي پروگرامن ۾ ڪامريڊ کي ٻُڌڻ جا موقعا ملندا هيا. چوندا هيا ته ’ڪامريڊ سوڀو لِونِگ ليجنڊ آهي‘، انهن ئي ڏينهن ۾ ٻڌو هيو ته بنگال جي ڏاهي رابندرناٿ ٽئگور کيس A Man from Mohen jo Daro جو لقب ڏنو آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪامريڊ سان ملاقاتون ته ٿينديون هيون ۽ سندس سياسي ۽ سماجي ڪرادار جي به پروڙ هئي پر اڃا ساڻس ويجھڙائپ ۽ محبت جو رشتو قائم نه ٿيو هيو. مان مئٽرڪ ۾ پڙهندڙ اسڪولي شاگرد ۽ ڪامريڊ سنڌ جو ليجينڊ، سو خواهش هوندي هئي ته ان لِوِنگ ليجينڊ سان روح رچنديون ڪجن ۽ جلد ئي اهڙو موقعو فراهم ٿي ويو. پهرين ملاقات ۾ ئي ڪامريڊ جي شخصيت اهڙي ته باوقار ۽ رعبدار لڳي هئي جو مان پاڻ تي سندس احترام واجب سمجھيو. اڳتي هلي جڏهن قلم سان ناتو مضبوط ٿي ويو ته علمي ادبي مشڪل آسانيءَ لاءِ ساڻس ڪچهريون ڪندو رهيس، مون محسوس ڪيو ته ڪامريڊ کي ادب، سياست، سماج ۽ تاريخ جي موضوعن تي اڻ کٽ ڄاڻ آهي. اهي ئي ڏينهن هيا جڏهن سنڌ جي سياسي ۽ سماجي اشوز تي ڪامريڊ شاندار ليڪچر ڪيا، مون کي لڳندو هيو ته هو پنهنجي زبان سان ئي نه پر روح سان پيو ڳالهائي، سنڌ ان وقت به هن جي عشق جو محور هُئي ۽ اڄ تائين سندس محور ۽ مرڪز رهي آهي ۽ مون کيس سدائين مظلوم سنڌي ماڻهو جي ڀرجھلي طور ڏٺو آهي.
مان اڄ تائين جڏهن به وٽس ڪنهن علمي ۽ ادبي معاملي جي معلومات لاءِ ويندو رهيو آهيان ته مون کي هميشه اهو ئي محسوس ٿيو آهي ته هن جي دل جا دروازا ئي نه پر سندس ڪتب خاني جا دروازا به علم جي پياسن لاءِ کليل رهن ٿا. مون سندس لائبريري مان استفادو ڪيو آهي ۽ ڪامريڊ هميشه خنده پيشاني سان ڪتاب ڏنا آهن. ڪامريڊ، سچل ادبي مرڪز جي به ڪيترن ئي ادبي پروگرامن ۾ صدارت ڪري اسان کي اعزاز بخشيو آهي ۽ سواءِ علالت جي هن ڪڏهن انڪار ۾ جواب نه ڏنو آهي، هو سنڌ جي ماڻهن سان پنهنجي زندگيءَ جا تجربا ۽ تاريخ جا سبق ونڊڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، اڄ ۹۲ سالن جي عمر ۾ به هن جي اندر ۾ هڪ اهڙي دل ڌڙڪي ٿي، جنهن ۾ سندس جذبا ۽ امنگون جوان آهن، اڄ به هن جي اکين ۾ سنڌ جي خوشحالي جا خواب آهن، اڄ به هو چاهي ٿو ته سنڌ ۾ شانتي نڪيتن جهڙو ڪو ادارو جُڙي پوي. مون کي ياد آهي هڪ ڀيري اسين سچل ادبي مرڪز طرفان شيخ اياز سيمينار جي سلسلي ۾ کيس صدارت جي گذارش ڪرڻ لاءِ ويا سين، انهن ڏينهن ۾ هو تازو ڀارت ياترا تان موٽيو هو. رسمي خير عافيت بعد ڪامريڊ اوطاق مان اٿي گھر ويو ۽ واپسي تي مون سان گڏ آيل دوست ۽ مون کي هڪڙي ڪتاب جي هڪ هڪ ڪاپي ڏئي چيو ”هي ضرور پڙهجو، هي مهاڀارت آهي. مان پنهنجي دوستن لاءِ انڊيا مان ان جون کوڙ ڪاپيون کڻي آيو آهيان.“
مون کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته مون ”ڪُل پاڪستان ادبي ڪانفرنس“ ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد ويندي ڪامريڊ سان هڪ ئي جهاز ۾ ڀر واري سيٽ تي سفر ڪيو. اهو هڪ يادگار سفر هيو. سفر دوران ادب، سياست، سماج، رياستي ڏاڍ، پيڙيل قومن جي امر ڪردارن، سياسي ۽ سماجي انقلابن ۽ تبديليءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ جوڌن جي حوالي سان هڪ نه وسرندڙ ڪچهري ٿي. مون ان ڪچهريءَ ۾ محسوس ڪيو ته ڪامريڊ جي اندر ۾ ڪا جوالا مُکي آهي جا سندس لفظن ۾ ظاهر پئي ٿئي. هن جڏهن به مظلوم ۽ محڪوم قومن جو ذڪر پئي ڪيو تڏهن سنڌ ۽ سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن سان ٿيل زياديتن کي به ظاهر پئي ڪيو. اها منهنجي وڌيڪ خوش قسمتي هئي جو اسلام آباد ۾ به اسان جو هڪ ئي هوٽل ۾ قيام ٿيو ۽ لنچ ۽ ڊنر جي ٽيبلن تي ڪيترن ئي اديبن سان گڏ ڪامريڊ جي بي باڪ گفتگو مان به گھڻو سکڻ جو موقعو مليو. مون نه رڳو ان ڪانفرنس دوران پر هر وقت اهو ئي محسوس ڪيو آهي ته ڪامريڊ جي سوچ رنگ، نسل ۽ مذهبي ڀيد ڀاءُ کان مٿاهين آهين. هن جي اندر ۾ محبتن جا مڻ آهن. بقول شاعر:
جو بهي پيار سي ملا هم اُسي ڪي هو لئي
ڪامريڊ جي حسنِ اخلاق جي باري ۾ ڇا چئجي، جهڙي ريت ميويدار وڻ هميشه جھڪيل رهندو آهي اهڙي طرح سندس طبيعت ۾ به حلم ۽ هيٺاهين حد درجي جي آهي. هن پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان جيڪا ڪميٽمينٽ ڪئي آهي، ان تي اڄ تائين نه رڳو ثابت قدميءَ سان قائم آهي پر ان رند ۽ پنڌ تي سندس سفر وڏي سگھ ۽ سچائيءَ سان جاري آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ کيس ڪيترا ئي ڀيرا آڇ ڪئي وئي ته جيڪڏهن انڊيا وڃڻ چاهي ته کيس هر ڪا سهولت مُهيا ڪئي ويندي، مگر ڪامريڊ جو هر ڀيري هڪڙو ئي جواب هيو ته ’منهنجو خمير هن مٽيءَ سان جُڙيل آهي، تنهن ڪري مان پنهنجو سنڌ وطن ڇڏي ڪيڏانهن به نه ويندس، منهنجو مرڻ ۽ جيئڻ هن ڌرتيءَ سان ئي آهي.‘
ڪامريڊ جي گھڻ ڳُڻي شخصيت بابت سنڌ جي قداور شخصيتن جيڪي لفظ لکيا آهن، انهن مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته سنڌ جو هي عظيم انسان ڪيڏين محبتن لائق آهي. شيخ اياز جيڪو سندس هم رفيق ۽ جيل جو ساٿي به هيو ۽ جيڪو کيس ”سنڌ جو مست قلندر“ سڏيندو هيو، هڪ جاءِ تي لکي ٿو ”سوڀي گيانچنداڻي جهڙي آزاد طبيعت ۽ گھري صداقت جي حامل شخصيت، مون ڪنهن ٻي شخص ۾ ڪانه ڏٺي آهي. هو هڪ پهاڙ وانگر اڏول شخص آهي، جنهن کي ڪا آنڌي يا طوفان لوڏي نه ٿو سگھي.“ جڏهن ته ڊاڪٽر اياز حسين قادري، ڪامريڊ لاءِ لکيو آهي ته ”هڪ مها رشي مهاراج هماليا جي ڪنهن دامن ۾ گھاٽن وڻن هيٺان، ورهن کان رياضت ۽ تپسيا ۾ مشغول هو. هن کي ته رڳو اها خبر هئي ته هماليه دنيا جو سڀ کان بلند پهاڙ آهي، هڪ ڏينهن هن هماليه جي چوٽيءَ ڏانهن نگاهه ڪئي ته ڏٺائين ته هماليه کان پريان به هڪ چوٽي آهي، جيڪا هماليه کان به بلند آهي. کيس تعجب ٿيو. هن گُرو کان پڇيو ’مهاراج ڇا هماليه کان به بلند ڪا شي هوندي آهي؟‘ گُرو جواب ڏنو ’ها انسان.‘
سنڌ ڌرتيءَ تي جڏهن اسان ان بلند تر انسان جي ڳولا ڪريون ٿا ته اسان جي نظر ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي تي اچي ٽڪي بيهي ٿي. حقيقت ۾ سندس شخصيت اسان جي لاءِ گھڻ پاسائين رنگين هيري جهڙي آهي. هو هڪ ئي وقت هڪ غير متنازع سياستدان، ڪُل وقتي سماجي ورڪر، عالم فاضل، دانشور ۽ مذهبي فرقه پرستيءَ ۽ تعصب جي جنون کان آزاد، بني نوع انسان جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ شخص آهي.
ان حوالي سان ڪامريڊ جي هم عصر ۽ ويجھي دوست محمد ابراهيم جويو جي راءِ به ڏاڍي وزندار آهي. هن لکيو آهي ته ”سوڀو گيانچنداڻي جو نالو جڏهن به زبان تي اچي ٿو ته ذهن جي ڪينواس تي هڪ اهڙي جري ۽ دانشمند شخصيت جو خاڪو اڀري ٿو اچي، جيڪو پنهنجي مقصد ۽ آدرش سان نه فقط ڪميٽيڊ آهي، بلڪه ان جي ڪاميابيءَ لاءِ هر ايثار ۽ قرباني ڪرڻ لاءِ به هر وقت تيار رهندو آهي.“
ڪامريڊ سوڀو پنهنجي ڌرتي ۽ نظريي سان ان حد تائين ڪميٽيڊ آهي جو هو اڄ ۹۲ سالن جي عمر ۾ به هر تڪليف کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ته تيار آهي، پر پنهنجي آدرش کي قربان ڪرڻ لاءِ هرگز تيار ناهي. ڪامريڊ پنهنجي عمر جي ڏهين ڏهاڪي ۾ به ڪيترين ئي سردين گرمين کي سهندي، جيل ۽ قيد ڪاٽيندي به وڏي همت، حوصلي ۽ مضبوط اعصاب سان پنهنجي فڪر جي جوت جلائيندو ٿو رهي، ۽ اها جوت جڳ ۾ جڳمڳائيندي نظر اچي ٿي. آشا آهي ته سندس اهو فڪري ۽ نظرياتي سفر سدا جاري رهندو، جنهن کي قائم رکڻ لاءِ هن ڪيئي تڪليفون سَٺيون آهن.
(ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ طرفان آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ۹۲ هين جنم ڏينهن جي حوالي سان ۹ مئي ۲۰۱۲ تي منعقد ڪيل پروگرام ۾ پڙهيل)






ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
مهين جو دڙو جي ڳاڙهسري مٽي مان ڳوهيل سنڌ جو امر وجود،
جنهن تي سندس جنم ڀومي ابد تائين ناز ڪندي رهندي
آصف رضا موريو
ميخائل باڪونن جو چوڻ آ هي ته؛ ”انقلابي اهڙي ماڻهو کي چئبو آهي جيڪو مقصدي واٽ لاءِ پاڻ کي ارپن ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ ذاتي دلچسپيون، جذبات، وابستيون ۽ جائدادون سندس مقصد اڳيان اهميت ڪو نه رکنديون آهن. ايتري تائين جو سندس نالو به ڪو نه هوندو آهي ڇو ته انقلابي کي هڪ دلچسپي، هڪ مقصد ۽ هڪ شديد جذبو پنهنجي اندر سمائي ڇڏيندو آهي جنهن کي اسان انقلاب جو نالو ڏيندا آهيون.“ ڀانئجي ٿو ته جڏهن به ميخائل جي من ۾ هي خيال جڙيو هوندو تڏهن پڪ سان سنڌ جي ارڏي، بيباڪ ۽ بهادر پٽ ڪامريڊ سوڀراج گيانچنداڻي جهڙي ڪنهن مها منت جي جدوجهد کي اڳيان رکي اسريو هوندو. ڇو ته هو ٻڏندڙن ٻوڙي پتنگ جيڪو پهه ڪيو ان ۾ ڪڏهن به اوتڙ نه اوليو، توڙي سر سدائين سوريءَ اڳيان رهيو.
ڪامريڊ جا وڏڙا صدين کان سنڌ جي شهر نوشهروفيروز جا رهواسي رهندا آيا جتان سندس تڙڏاڏو پنهنجي والد سان گڏ هجرت ڪري مهين جو دڙو جي الهندي ڪلهي تي رٿيل ٻنڊي نالي هڪ واهڻ ۾ رهائش پذير ٿيو. جتي ۳ مئي ۱۹۲۰ع ڌاري ڪامريڊ سوڀي جيون انند وٺي گوندر گس ورتو. ڪامريڊ جي پڙڏاڏي ڀائي گيانچند جو ڀاءُ سيرڏنومل بي اولاد هيو تنهن ڪري هن گيان چند جي پٽ پرڀداس کي هنج ورتو. پرڀداس جي پٽ نرمل کي ٽي پٽ هيا جن مان هڪ ڪامريڊ سوڀراج، ٻيو ڪيولرام ۽ ٽيون ڀائي مل.
ٻنڊي گوٺ ۾ ورهاڱي کان اڳ گهڻو تڻو آبادي هندو لوڪن جي هوندي هئي جن مان ڳچيرڙا خاندان ورهاڱي کان پوِءِ بگڙيل حالتن آڌارت پنهنجا ماڳ، ويراڳ، پنگهٽ، ٿاڪ، پيچ ۽ منڊليون سنڌ کي ارپي ناگپور (هندستان) جي فٽڪا ڪالوني ۾ وڃي ٿائنڪا ٿيا هئا جتي اڄ به سندن پونئر آباد آهن.
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۵ درجا پنهنجي ڳوٺ کان وٿيرڪي وسندي بگيءَ جي اسڪول مان ۽ انگريزي جون ۴ جماعتون قمبر جي هاءِ اسڪول مان پرائي پنجين (انگريزي) جماعت اي وي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان پڙهي سند حاصل ڪئي. ۱۹۳۷ع ۾ انگريزي جي ۶ ۽ ۷ جماعت پڙهڻ لاءِ ڪامريڊ ڪراچيءَ جي اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي جتان حاصل محنت بعد ۱۹۳۹ع ۾ اولهه بنگال جي جڳ مشهور ودياگهر شانتي نڪيتن ڪاليج (بردوان) ۾ وڌيڪ پڙهڻ ويو جتان ۱۹۴۱ع ۾ هن گريجوئيشن ڪيائين. ان سال ئي ڪامريڊ وڪالت (ايل ايل بي) ڪرڻ لاءِ ايس اي شاهاڻي لا ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي جتي ليکو تلساڻي ۽ گوبند مالهي سندس ڪلاس فيلو هئا جن سان سندس نينهن جو ناتو سموري ڄمار قائم رهيو.
ڪامريڊ جي سياسي زندگي جي اوسر به شانتي نڪيتن ۾ ئي ٿي هئي جو ان ودياشالي ۾ ڪامريڊ کي رابندر ناٿ ٽيگور ۽ بيشمار ٻين عظيم عالمي وديارٿين کان گهڻو ڪجهه سکڻ، ڪرتڻ ۽ ڪڙهڻ جو موقعو مليو جنهن سبب سندس شخصيت ۾ هڪ باوقار نکار پيدا ٿيو. اتي ئي سندس ملاقات مهاتما گانڌي، جواهر لعل نهرو، سڀاش چندر بوس، سوميندر ناٿ ٺاڪر “ٽيگور جو ڀاٽيو” وغيره جهڙن عظيم انقلابي اڳواڻن سان به ٿي. اهڙن بيدار مغز استادن ۽ مانجهي ماڻهن جي سنگت مان پرائيندڙ آدرشي آيتن ڪامريڊ سان ايندڙ زندگي ۾ پنهنجي لاءِ جهد جي ڀوُءِ چونڊڻ ۾ سهڪار ڪيو.
شانتي نڪيتن ۾ علم و گيان جي حاصلات سان گڏ ڪامريڊ ادبي دنيا جي مهان استادن، انقلابين، ڏاهن، فلسفين ۽ مفڪرن جي بهترين ڪتابن جو ڳوڙهو مطالعو ڪري پنهنجي من مندر ۾ هڪ فڪري ديوتا جوڙي ورتو ته ڪنهن اهڙي مثالي معاشري جي جوڙجڪ ڏيڻ جي جدوجهد ڪئي وڃي جتي انسان ڀائيچاري، برادري ۽ سماجي انصاف جي ماحول ۾ ذات، پات، عقيدي، مذهب ۽ رنگ نسل جي مَتِ ڀيدِ کان آجي هڪ پرسڪون، روح افزا ۽ امن پرور زندگي گذاري سگهي. مقصدي محاذ جي حاصلات لاءِ هن جسوڌڻ جيهي سنڌي جي اڳيان سدائين اينگلز اکيون، مارڪس جي زبان، ساڙيهه جي سڪ، قلمي سٿ، امرتا راهه ۽ حق جي ڳالهه ڪندڙ هر شخص رهيو. علي احمد بروهي چواڻي ته “شانتي نڪيتن جي تعليم ۽ تربيت ڪامريڊ جي من مان ڪروڌ، موهه ۽ اهنڪار جي دائري مان ڪڍي هڪ صاف سٿرو انسان بڻائي ڇڏيو”.
ڪامريڊ عملي طور سياسي زندگيءَ جي ابتدا سڀ کان پهريون هشو ڪيول راماڻي جي وديارٿي تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندي ڪئي. ان دور ۾ ئي جڏهن سنڌ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو بڻياد پيو ته ڪامريڊ کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. ۱۹۴۲ع ڌاري جڏهن ڪامريڊ وڪالت پڙهي رهيو هيو تڏهن ڪانگريس ۸ آگسٽ تي بمبئي ۾ Quit India جي قرارداد پاس ڪرائي جنهن ڪري برطانوي سرڪار هندستان جا مک سياسي اڳواڻ گرفتار ڪري جيل موڪليا جن ۾ ڪامريڊ جا ساٿي گوبند مالي، انند تيواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سيتل درياڻي وغيره به شامل هئا جڏهن ته ان دوران ڪامريڊ پردي پٺيان رهي تحريڪ جي هر ممڪن رهنمائي ڪندو رهيو. پرجنوري ۱۹۴۳ع ڌاري مٺارام هاسٽل جي ٽينس ڪورٽ ۾ جهنڊي جي سلامي ڪرائڻ بعد ليڪچر ڏيندي کيس به گرفتار ڪيو ويو.
اهڙي ريت ڪامريڊ جي سياست ۾ عوامي خدمت جو سلسلو جيڪو وديارٿي تحريڪ ۽ سنڌ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن کان شروع ٿيو، هلندي هلندي ڪميونسٽ پارٽي، نيوي جي بغاوت، سنڌ هاري ڪميٽي، ٽريڊ يونينن، الاٽي تحريڪن، هارين جي ڪورٽ، روپوشين، نظربندين، گرفتارين، جيل ياترائن، زمينداري، وڪالت ۽ حادثن جا ٽيڏا ڦڏا رستا وٺيون ۸ ڊسمبر ۲۰۱۴ع ۾ سندس ٿر اڪري وڃڻ (ديهانت) جي ناسوت تائين هي لوڪ ۽ پرلوڪ سڌارڻ واري صدي جيڏي تمام ڊگهي مسافري تي مشتمل نظر اچي ٿي جنهن ۾ هن نوح پاڻ کي اهڙو بهترين ناکو ثابت ڪيو جهڙو جکرو ورلي ڪو سنڌ جوڙي.
ڪامريڊ سوڀو منهنجي ياداشت ۾ واحد ڪردار هيو جنهن سان ڪو به لکاري پنهنجي مرضي مطابق اهو انٽرويو نه ڪري سگهندو هيو جنهن جو خاڪو اهي پنهنجي ذهنن ۾ تيار ڪري ايندا هيا. اسان هن سان صرف ڳالهيون ڪري سگهندا هئاسين جن جي شروعات به (گهڻو ڪري) هو پاڻ ۽ پنهنجي مرضي سان ڪندو هيو پر جيڪڏهن شروعات سامهون وارو ڪندو هيو ته ڪامريڊ سوال جو جواب ڏئي ان کي پنهنجي مرضي جي ڳالهين، يادن ۽ معاملن ڏانهن وٺي ويندو هيو جتان وري کيس واپس آڻڻ ڪنهن شهسوار جو ڪم هوندو هيو. اهڙي ئي ڪا ڳالهه هڪ واري ڄام ساقي به ڪئي هئي ته “جڏهن اسان ڪامريڊ سوڀي سان ملندا آهيون ته اسان ڪو نه ڳالهائيندا آهيون ڇو ته اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته سوڀو ڳالهائي ۽ اسان کيس ٻڌؤن”.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن مان انور ڏنگڙائي جي لکيل ڀٽائي ڊڪشنري لاءِ ڪامريڊ کان راءِ وٺڻ سندس گهر حاضري ڏني ته کيس ڏسي پهريون دفعو مون کي لڳو ته هي شينهن پوڙهو ٿي چڪو آهي ڇو ته هو نه رڳو جسماني طور تي ڪمزور لڳو پر نظر به گهڻي ويهجي وئي هئس ان لاءِ ئي مون کي به ڪو نه سڃاتائين جنهن کي هو سدائين موڪلائڻ مهلين چوندو هيو ته؛Asif do come to me you are just like tranquilizer for me.
آخري ڏهاڙن ۾ ته هو ملڻ جلڻ به گهٽائي ويو هيو. ان ڏينهن مون کي سندس پوٽو اويناش (نرمل جو پٽ) اندر وٺي ويو. اڱڻ ۽ ويرانڊي کان پوءِ هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ رکيل کٽ جي ڏاکڻي حصي ۾ نيم خماريل انداز ۾ ستل ڪامريڊ گهڻو تڻو نرٻل، اُٻاڻڪو، اڪيلو، ويڳاڻو ۽ سماج کان اوپرو اوپرو لڳو. سندس کٽ جي اترين حصي ۾ کوڙ ساترا رسالا، ڪتاب، ڪتابڙا ۽ ٻه ميگنيفائينگ (ننڍو وڏو) گلاس رکيل هئا. مان ڪمري ۾ وڃي سندس پيرن کي ڇُهي حسب دستور آشيرواد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن اکيون کوليندي مون ڏانهن نهاريو پر سڃاتائين ڪونه ۽ پڇائين؛ “اَبا ڪير آن”؟ مون سندس هٿ پڪڙيندي وراڻيو؛ “سائين آصف رضا موريو آهيان”. نالو ٻڌي کٽ تي اٿي ويهي رهيو ۽ وڏي پاٻوهه مان ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين؛ “معاف ڪجانءِ يار نظر ڪم نه ٿي ڪري...تون به الائي ڇو مهينن جا مهينا ٽٻي هڻي ويندو آهين”. مون هٿ ٻڌي عرض ڪيو؛ “قبله زماني جي ڪم ڌنڌن سوڙھو ڪري وڌو آ نه ته جيڪر روز ڀيرا ڀريان”.
ڪامريڊ: “موريا شادي ڪيئي يا اڃان ساڳيا پرڪار اٿئي ۽ ڀاڻين محمد پريل ڪيئن آ، ايس پي ٿيو يا نه”. هن پنهنجا پير کٽ تان لاهيندي پڇيو.
سائين هاڻي پراڻن ڄارن مان نڪري ويو آهيان ۽ ادا، اڃان تائين ڊي ايس پي آ”. مون کٽ ڀرسان رکيل ڪرسي تي ويهندي چيو.
ڪامريڊ: “ڀاڻين سٺو ماڻهو آ سلام ڏجانس”.
سوال: “توهان سان ملاقات اٿس ڇا”؟
ڪامريڊ: “کوڙ ڀيرا، تو کي ته خبر آهي مان سڄي عمر پوليس ۽ سرڪاري ادارن جي نظرن ۾ رهيو آهيان”.
سوال: “ڇا اڃان به ادارا توهان تي نظر رکن ٿا”.
ڪامريڊ: “ٻيو نه ته....هفتو ڏيڍ پهريون به ايئرفورس جو هڪ رٽائرڊ ماڻهو ڪچهري ڪرڻ آيو ته جيئن منهنجي راءِ موجوده حڪومت متعلق ڄاڻي سگهي”.
سوال: “اڄڪلهه ڪجهه لکو ٿا يا نه”.
ڪامريڊ: “لکڻ ته هاڻي ڏکيو ٿي پيو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو دوست انٽرويو وٺي ويندو آهي، جيڪي ڇپيندا رهندا آهن”.
سوال: “ويجهڙائيءَ ۾ ڪير ڪير انٽرويو وٺي ويو آ”.
ڪامريڊ: “ڪجهه ڏينهن اڳ ڊان اخبار وارو مولا بخش ڪلهوڙو انٽرويو وٺي ويو. محمد علي پٺاڻ به سوانح عمري لکي رهيو آهي، جيڪا سنڌي رسالي سوجهرو ۾ ڇپجي ٿي. ابتڪ چينل وارو ياسين بخشي به ڳالهه ٻولهه ڪري ويو هيو”.
سوال: “شهر جي ادبي سرگرمين ۾ اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو”.
ڪامريڊ: “طبيعت جي حساب ڪتاب سان ويندو رهندو آهيان”.
سوال: “توهان جي کٽ تي رکيل ڪتاب ۽ رسالا ٻڌائن ٿا ته پڙهائي زور شور سان هلي ٿي”.
ڪامريڊ: “ها پڙهائيءَ کي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهجي”.
سوال: “اڄڪلهه ڇا پڙهي رهيا آهيو”؟
ڪامريڊ: “اخبارون ته باقاعدگي سان پڙهندورهندو آهيان. ڪجهه رسالا به باقي ڪتاب جيڪو وڻيو. ڪجهه ڏهاڙن کان گرمي زور وٺي وئي آ، بجلي وارا به ڏمريا پيا آهن. آرام ئي ڪونهي. ذهني پيڙهائون الڳ آهن. مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ٿڌ جو موسم چڱو هوندو آهي”.
سوال: “اڄڪلهه توهان جي طبيعت ڪيئن آهي”؟
ڪاريڊ: “اهو دم خم ته هاڻي ناهي رهيو، ٽنگن ۽ گوڏن ۾ گهڻو سور رهي ٿو، هڏن جي مخ جو مسئلو به ڳمڀير ٿي ويو آ، ڇا ڇا ٻڌايانءِ گهڻو ڪجهه آ”.
سوال: سائين هي سمورا شيلف جيڪي توهان جي لائبريري کپائڻ کانپوءِ خالي ٿي ويا هئا سي وري ڀريل تريل ٿا لڳن”.
ڪامريڊ: “ڪجهه عرصو پهريان سنڌي ادبي بورڊ وارن کان اڌ قيمت تي ڪتاب خريد ڪري گهرائي انهن ۾ رکيا آهن ڇو ته سڄي عمر جا ڀريل شيلف خالي ۽ ويران ٺهن ڪو نه پيا”. وري مرڪندي چيائين؛ “ڪجهه ته تو وارا چوري ڪري ڏنل ڪتاب به ته اڳ ۾ ئي پيا هئا ياد اٿئي يا وسري ويئي”.
مون به کلندي ٻڌايم؛ “ياد آهي سائين ڇو ته ان ڏينهن توهان منهنجي محنت جي ڪمائي لٽي ورتي هئي”.
ٿيو ائين هيو جو جڏهن ڪامريڊ سنڌي ادبي بورڊ وارن کي پنهنجي لائبريري وڪڻي رهيو هيو تڏهن انهن ڪتابن وغيره جي فهرست (جنهن تي سودو ٿيڻو هو) مون ٺاهي هئي. اتفاق سان ڪامريڊ جي گهر ۾ رکيل کوڙ شيلفن منجهان هڪ شيلف ۾ پيل ڪتابن جي لسٽ مون کان ٺاهڻ رهجي وئي هئي جيڪي اصولي طور وڪري ۾ شامل نه هئا پر اهو شيلف به حميد سنڌي جا ماڻهو ڳڻي ويا هئا. مون سودي ٿيڻ کانپوءِ ڪامريڊ کي ٻڌايو ته “سائين هن شيلف جا ڪتاب لسٽ ۾ شامل ناهن، تنهن ڪري توهان کين اهي ڪتاب کڻڻ نه ڏجو.” پر ڪامريڊ چيو؛ ”نه! هو سڀئي شيلف ڳڻي ويا آهن ان لاءِ هاڻي اهي به کين ڏيڻا پوندا”. مون ڪامريڊ سان ضد ڪرڻ مناسب نه سمجهندي عرض ڪيم؛ “سائين هن شيلف ۾ ڪجهه ناياب ڪتاب موجود آهن. ڀلا مون کي اجازت ڏيو ته انهن مان ڪجهه کڻي وڃان”. ان ڳالهه تي ڪامريڊ ناراض ٿيندي چيو؛ “خدا جا ٻانها اها بي ايماني آهي. هو ڇا چوندا ته سوڀو بي ايمان آ! اڳتي اهڙو ڪسو ڪم نه سوچجان”.
سڀني شيلفن جون چاٻيون مون وٽ هونديون هيون ۽ مون کي خبر هئي ته ڪنهن وقت به شاهنواز لائبريري جي گشتي گاڏي، ڪتابون کڻي ويندي. ڇو ته ڪامريڊ ثقافت کاتي وارن کي چيو هيو ته؛ “منهنجي ڪتابن جو ڪارنر، لاڙڪاڻو جي لائيبرري ۾ کوليو وڃي ته جيئن هن شهر جي ايندڙ نسل منهنجي محنت مان مستفيد ٿئي”. ان لاءِ شام جو چئي پنجين وڳي ڌاري جڏهن ڪامريڊ حسب دستور اوطاق ۾ رکيل ٻن ننڍڙين کٽن منجهان هڪ تي سمهي کونگهرا هڻڻ شروع ڪيا ته مون ان اڻ لکيل شيلف مان ٽي چار سئو ناياب ڪتابون ڪڍي اوطاق جي اولهه ۾ واقع ننڍڙي ڪمري ۾ پيل بيڊ ۽ صوفن جي هيٺان رکي ڇڏيون ته بعد ۾ اتان کڻي وٺندس. ان وقت مان ڪنهن ڪم ڪار سانگي شهر نڪري ويم. رات جو ڪامريڊ جي گهر واپس پڄي ڏٺم شيلف خالي لڳا پيا هئا ۽ ڪامريڊ صوفي تي اداس لڳو ويٺو هيو. مون کي ڏسندي ٻڌايائين ته “مالڪن گاڏي موڪلي هئي ڪتاب کڻائي ويا”. مون پنهنجي تسلي لاءِ صوفن جا اڇا ڪور مٿي ڪري هيٺان ڏٺو ته هائو ٻيلي ڪتاب موجود هئا، جيڪي اتان ڪڍي مون صوفن تي رکڻ شروع ڪيا ته ڪامريڊ حيرت مان تنبيهي انداز ۾ چيو؛ “موريا هي ڇا ڪيو اٿئي، هنن کي خبر پوي ها ته مون لاءِ ڇا سوچين ها”. تنهن تي مون کيس عرض ڪيو ته “سائين ڪنهن جي همٿ آهي جو توهان جي صوفن ۽ بيڊ جا ڪور کڻي هيٺان ڏسي ها”. ڪامريڊ ڪاوڙيل انداز ۾ چيو؛ “پر تون مون کان ته پڇين ها”. مان کيس ياد ڏياريو؛ “توهان کان ته پڇيو هيم پر توهان اجازت ئي ڪو نه ڏني هئي”. اهو ٻڌي ڪامريڊ خاموش ٿي ويو. پر جهٽ کانپوءِ ٿڌڙي لهجي ۾ پڇيائين؛ “موريا ايترا ڪتاب ڪاڏي ڪندين”. مون ڪتاب هڪ ٻئي مٿان سٿيندي وراڻيو ته؛ “قبله ڪندم وري ڇا؟ پنهنجي لائبريري ۾ وڃي رکندس ۽ پيو پڙهندس”. ڪامريڊ منهنجي جواب تي کلندي چيو ته؛ “انهن مان ڪجهه ڪتاب منهنجي هنن خالي شيلفن ۾ رکين ته تنهنجي مرضي”. سندس لهجي تي مون کان کل وهي وئي ۽ سڀئي ڪتابون هڪ شيلف ۾ رکي، چار پنج ڪتاب سندس اجازت سان پنهنجي گهر کڻي آيم.
ڪامريڊ: “موريا تون ان ڏينهن مون کي بدنام ڪرڻ جي ڪا ڪسر ڪو نه ڇڏي هئي”. اهو چئي هن کٽ تي پلاسٽڪ جي ٿيلهِي ۾ فوٽو اسٽيٽ ٿيل ڪجهه پنا مون ڏانهن وڌائيندي چيو ته؛ “هي ان مئگزين جو نمونو آهي جيڪو مان شانتي نڪيتن ۾ پڙهڻ دوران ڪڍندو هيم. ان جي هڪ ڪاپي انهن مون ڏانهن موڪلي ڏني آهي”.
سوال: ”ڇا توهان جو شانتي نڪيتن وارن سان اڃان به رابطو آهي”. مون اهي ڪاغذ پلاسٽڪ جي ٿيلهِي مان ٻاهر ڪڍندي کانئس پڇيو.
ڪامريڊ: “انهن سان رابطو ڪو نه آهي، پر ٿيو ائين جو منهنجو دوست ڊاڪٽر مبارڪ علي ۽ ڪراچي يونيورسٽي جو ڊاڪٽر جبار، شانتي نڪيتن گهمڻ ويا هئا. تن اتي منتظمن کي ٻڌايو ته “اسان جو هڪ هندو سنڌي دوست ۱۹۴۱ع ۾ هتان گريجوئيشن ڪري ويو هيو، سو اڃا تائين جيئرو آهي”. منتظمن حيران ٿي ان سال جا رجسٽر کولرايا ۽ اتي منهنجو نالو موجود ڏسي، انهن تحفي طور مون ڏي هي ميگزين، انگريزي ۽ بنگالي ۾ لکيل گيتا انجلي به موڪلي هئي”.
سوال: ”گيتا انجلي تي ئي ٽيگور کي ادب جو نوبل انعام مليو”.
ڪامريڊ: “جي ها”.
سوال. “پر سائين کيس اهو انعام ڪيئن مليو هيو، جو اسٽاڪ هوم ڪميٽي ۾ ته بنگالي، هندي يا اردوزبان ۾ لکيل ڪتاب قابل قبول نه هوندا آهن”.
ڪامريڊ: “گيتا انجلي جو انگريزي ۾ ترجمو آئرلينڊ جي هڪ شاعر ڪيو هيو”.
سوال: “کيس اهو انعام ڪڏهن مليو هيو”.
ڪامريڊ: “بالشويڪ انقلاب کان ۴ سال پوءِ ۱۹۱۳ع ۾”.
سوال: “توهان ڪڏهن ڪاري پاڻي ويا آهيو، جتي سياسي اڳواڻن ۽ باغين کي سزا ڏني ويندي هئي”؟.
ڪامريڊ : “مان ته ڪو نه ويو آهيان ڪڏهن به، پر منهنجا گهڻا ڪامريڊ اتي رهيا هئا. دراصل ڪنهن دور ۾ انڊومانِ ۽ نڪوبار نالي اهي ٻه جزيره هوندا هئا جن کي ڪارو پاڻي چوندا هئا. متحده بنگال جي چيف منسٽر فضل الحق ۱۹۳۵ع ۾ جڏهن سڌارا آندا ته هن شانتي نڪيتن جي ويجهو ڪاري پاڻي جي سزا ڪٽيندڙ تمام قيدين کي گهرائي انهن مان بنگالين کي بنگال موڪليو ۽ باقي ٻين قيدين کي بلڪپور ڳوٺ ۾ ڪئمپين جهڙا جهوپڙا ٺهرائي رهائش ڏئي کين حڪم ڪيو ته؛ “سمورو ڏينهن گهمن ڦرن، يا کائن، پيئن، ڪمائن پر رات پئي واپس ڪئمپن ۾ هليا اچن”.
سوال: ”توهان انڊيا به ايندا ويندا رهندا آهيو. ڪڏهن پاڪستاني هئڻ ناطي توهان لاءِ اتي گهمڻ ڦرڻ جو مسئلو نه ٿيندو آ؟”.
ڪامريڊ: ”مون کي اتي ڪو خاص مسئلو ڪو نه ٿيندو آهي ڇو ته اندر ڪمار گجرال جهڙا اتي کوڙ دوست آهن، جيڪي اڳواٽ ئي ادارن کي منهنجي سفارش ڇڏيندا آهن”.
سوال: ”انڊيا ۾ توهان جون گهڻو تڻو ڪهڙيون مصروفيتيون هونديون آهن؟”
ڪامريڊ: ”مان اتي مٽن مائٽن ۽ دوستن احبابن سان ملڻ ڪرڻ کان علاوه گهمندو ڦرندو آهيان. سنڌي، بنگالي ۽ هندي زبانن ۾ ليڪچر به ڏيندو آهيان.“
سوال: ”ڇا اتي سنڌي آباديون به مستحڪم آهن؟“
ڪامريڊ؛ ”ناگپور ۾ ته سنڌي تمام گهڻا آهن. اتي سنڌي ۽ هندي زبانون ڳالهيون وينديون آهن. پر سنڌي اتان جي پسنديده زبان آهي ۽ اها ٻي ڳالهه آهي ته رياست طرفان زور هئڻ ڪري، گهڻو تڻو هندي ڳالهائي ويندي آهي. توڙي جو اتي اسڪرپٽ به هندي وارو هلندو آهي پر سڀ کان گهڻيون ڪتابون سنڌي ۾ ڇپيون آهن. موريا منهنجو مجسمو جيڪو حفيظ قاسماڻي ٺاهيو هو، ان جي نڪ ۽ مٿي ۾ ٿورڙا ڏار ٿي پيا آهن. ڪو ماڻهو سجهئي جيڪو اهو ٺيڪ ڪري ڏئي”.
ان وقت ڪامريڊ جو پٽ نرمل ڪمري ۾ آيو، جنهن سان مون کي حال احوال ڪندي ڏسي ڪامريڊ موقعي جو فائدو وٺي، چيلهه سڌي ڪرڻ جو چئي سمهي پيو ۽ ڪجهه منٽن ۾ کونگهرا به هڻڻ شروع ڪيائين. جنهن سان مون ڀانئيو ته هزار دنياوي پيڙائن ۽ پريشانين جي باوجود هي نجابي شخص قلبي سڪون ۽ روحاني سرور جي دولت سان مالامال آهي. جيڪڏهن هن پنهنجو پاڻ بي ضميرن هٿن ۾ وڪيو هجي ها ته ساڙولي عمر جي هن دردناڪ حصي ۾ چند لمحن اندر کيس ننڍ ڪٿي اچي ها.
ڪامريڊ هيو ئي اهڙو مٽيءَ، گاهه ۽ ماڻهن جي ويجهو رهڻ وارو گنگا جر جکرو جيڪو هن وقت توڙي جو اسان جي وچ ۾ موجود ڪو نه آهي پر هو مهين جو دڙو جي جڳت ڄڻڻي جي محبوب مهامنت جيان انسان جي انقلابي جدوجهد، اورچائي، انسان دوستي ۽ دائمي بقا جي اهڙي علامت بڻجي چڪو آهي جنهن جي آڏو زندگي ڀر وقت، حالات ۽ رياست جي سگهاري سورمن کي به سندس گوڏن هٿ رکي آشيرواد وٺندي ڏٺو ويو. سنڌ جي هن سورهيه مشائخ ۽ سچ جي سرمنڊل جي سموري جدوجهد گواهه آهي ته هو ڪل وقتي جوڌو جنم ڀرت کان اگني وهنجي مٽيءَ واس وٺڻ تائين نه ڪڏهن پنهنجي مقصد تان هٽيو، نه جابر قوتن اڳيان جهڪيو، نه ڪڏهن شڪست کاڌائين، نه پوئتي ڀرڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن گوڏا کوڙيا پر حياتي جي هر ويل مخلوق کي آزاريندڙ آنڌين خلاف جهيڙيندڙ، اڏول، قدآور ۽ فاتح رهيو. سدائين رڪابين پير رکڻ واري هن جسکري خلاف حضوري حج نه ڪرڻ جي پاداش ۾ٺڳي جا ٺاهه ٺاهيندڙ رياستي جوڪرن کٺناين جا اڱڻئين اوتارا ٺاهي اڳرايون، جلدايون ۽ سختيون جوٽيون پر هن حبيبن هيڪاندي لاهري حق گهٽيون ڇڏيون نه کيس ڪڏهن ٿڪجي ويهندي ڏٺو ويو پر هن سدائين ڪانئرن جي ڪنن ۾ واڄٽن جيان وڄندي سرير جا سانگ پورا ڪيا.
شيخ اياز جي ڪامريڊ متعلق هيءَ راءِ ڪيتري نه ٺهڪندڙ ته “سوڀو گيانچنداڻي جهڙي آزاد طبيعت ۽ گهري صداقت مون ڪنهن ماءُ جي لعل ۾ ڪونه ڏٺي. ڄڻ ته هو هڪ اونچو پهاڙ آهي جيڪو هر طوفان ۾ ثابت قدم بيٺو آهي. واگهه جا جيڪڏهن ڏنڊ ڪڍيا وڃن ۽ ننهن اڊيڙِيا وڃن تڏهن به واگهه واگهه ئي رهندو آهي، جنهن جي هيبت هاٿيءَ جي دل کي به ڪوئو بڻائي ڇڏيندي آهي”.
موت کي سدائين ميڇون ڏيندڙ سنڌ جو سورهيه ڪامريڊ سوڀراج گيانچنداڻي انسان دوستي، حب الوطني، نظرياتي سياست، آزاد قلم ڪاري، علم ادب پروري ۽ شخصي سچائيءَ جو هڪ اهڙو رفيع الدرجات معيار هيو جنهن جو مثال اتهاس کي پنهنجي ئي پنن، زمانن، دورن ۽ اوقاتن ۾ ڳولڻ سان ورلي ڪو ملي سگهي.




ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي

جنهن جو جنم خود زندگي لاءِ اعزاز هو
زرار پيرزادو
اڄ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي چوٿين ورسي آهي پر هنن ليجنڊز جي گهاريل زندگي اسانجن شعوري حواسن تي ايڏي ته حاوي آهي جو سچ پڇو ته اسان اهو سمجهون ئي نٿا ته ڪو ڪامريڊ سوڀي کي وڇڙي چار ورهيه ٿي ويا آهن.
ڪامريڊ سوڀو انهن ليجنڊس مان هڪ هو جن جو جنم خود ”زندگي“ لاءِ اعزاز هو، ڪامريڊ نه رڳو پنهنجي زندگيءَ جو حق ادا ڪيو پر ٻڌايو ۽ سمجهايو ته زندگي هيئن گذاربي آهي.
سندن زندگي سراپا ”انقلاب“ هئي. اهو هڪ ئي وقت سنڌ ۾ پيدا ٿيل هندو، سنڌي ۽ ڪميونسٽ هيو، ان ڪري سڄي ڄمار ”هٽ لسٽ“ تي هو!!، ان باوجود هن ڪڏهن سنڌ نه ڇڏي، نه ئي جلاوطن رهيو.
ڪامريڊ سوڀو بيشڪ حق، سچ، مزاحمتي ۽ انقلابي تاريخ جو تسلسل هو ۽ هُن اهو سمورو فخر لائق ورثو باوقار نموني نئين نسل ڏانهن ڪاميابي سان منتقل ڪري ڏيکاريو ۽ ان ڏوهه ۾ ڀوڳيو به.
هو بظاهر اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر پنهنجي پٺيان جيڪو عظيم ۽ جديد سائنسي ۽ نظرياتي فڪر پنهنجين ڪيل تقريرن، ادبي لکڻين، مضمونن، ليڪچررن، ڪالمن، انٽرويوز ۽ آتم ڪٿا ۾ ڇڏي ويو آهي، تن کي سهيڙڻ لاءِ ڪامريڊ سوڀي جي عمر جيتري الڳ ڄمار گهرجي، يعني ان ڪم لاءِ ڪنهن کي سڄي زندگي ارپڻي پوندي.
ايڏو ڪائناتي علمي خزانو ڪيئن سهيڙجي، سندس تقريرون ڪيئن پنن تي لاهجن، سندس اڻ ڇپيل تحريرون ڪيئن ڪتابي شڪل ۾ آڻجن، سو ڪم ڪنهن چيلينج کان گهٽ نظر نٿو اچي.
هي هماليا جبل جيڏو اوچو فڪري ڪم جيڪو ڪامريڊ سوڀو ڪري ويو آهي، تنهن کي سهيڙڻ به ذري گهٽ ناممڪن ٿو لڳي. ان لاءِ ئي ته وڏين شخصيتن جي لاڏاڻن کان پوءِ سندن نالن تي چيئرز، اڪيڊيمون، سوسائٽيون، فائونڊيشن ٺاهيون وينديون آهن.
ڪامريڊ سوڀي جي نالي تي فائونڊيشن ته سندس ٽيجهي تي قائم ٿي هئي پر اها نالي ماتر ئي رهي آهي. اها فائونڊيشن ٻيو ته ٺهيو پر ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جو ڪو يادگار به قائم نه ڪرائي سگهي آهي.
اسان جي اها الائي بدقسمتي آهي، الائي خوشقسمتي جو اسان وٽ شخصيتون ڪم ڪنديون آهن، ادارا نه....
سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڪامريڊ سوڀي جي عظمت جا مينار کڙا ڪرڻ جي ڪامريڊ سوڀي کي نه پر اسان کي ان جي فڪري رهنمائي جي ضرورت آهي. اهو ڪامريڊ سوڀي جو روشن خيال ۽ ترقي پسند فڪر ئي آهي جيڪو اسان کي موجوده انتهاپسندي ۽ بنياد پرستي واري باهه ۾ سڙي خاڪ ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿو.

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
سندس جدوجهد کي سرخ سلام
سجاد ظهير
سنڌ جي سياسي تبديلي ۾ کوڙ سارن اهڙن ماڻهن جو ڪردار آهي، جن کي وسارڻ تاريخ سان ويساهه گهاتي جي برابر آهي، اسان وٽ مختلف سياسي هلچل جا دور رهيا آهن. هن ملڪ جو ٺهڻ حادثو چئو، ڀلي کڻي ڪا ٻي ڀيٽ ڪيو. پر هاڻي هيءُ اوهان جي اڳيان آهي. اسان وٽ بنياد پرست سياست تمام گهڻو قبضو ڪيو ويٺي آهي. ننڍي کنڊ جي سياست جو اندازو لڳائجي ته اسان وٽ سيڪولر سياست جا بنياد ۱۹۱۷ع واري انقلاب کان پوءِ ملن ٿا. ان لاءِ ٽن ماڻهن جا نالا کڻڻ گهرجن. جڏهن ته اسان وٽ پهريون نالو سائين جي ايم سيد جو ڳڻائبو آهي. جڏهن ته سائين جي ايم سيد سيڪولر سياست جي شروعات پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪئي آهي. سيڪولر سياست جا پهريان اڏيندڙ سنڌ جا سوشلسٽ هُئا، انهن منجهان ڪامريڊ سوڀو گيان چنداڻي هڪ به آهي.
ڪامريڊ سوڀو هڪ اٽل اردان ۽ آخري وقت تائين عوامي فڪر سان ڳنڍيل رهيو. هوءُ اسان جي سياسي تاريخ جو تمام وڏو اهم نانءُ آهي.
ڪامريڊ سوڀي موهن جي دڙي لڳ، ڏوڏڪري ويجهو، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻنڊي ۾ ۳ مئي ۱۹۲۰ ع جنم ورتو، جيڪو اسان کان ۴ سال اڳ ۸ ڊسمبر ۲۰۱۴ع ۾ وڇڙي ويو، اهو سچ آهي ته اسان کيس اهو ريٽو سلام پيش نه ڪري سگهياسين، جنهن جو هُو حقدار هو، ڪامريڊ سوڀو سنڌ جو نه پرسموري دنيا جو انقلابي هو، جنهن کي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا کان ويندي سموري دنيا ۾ خراج پيش ڪيو ويو ۽ سندس کي خراج پيش ٿيندو رهندو، سندس سنگت ۾ برِصغير جي آزادي جا تمام وڏا ڏاها ۽ وطن پرست جَي پرڪاش نارائڻ کان ويندي آءِ ڪي گجرال تائين ۽ پي سي جوشي کان ويندي سيد سجاد ظهير تائين شامل رهيا.
اسان کي تاريخ  ياد ڏياري ٿي ته هُن ٽيگور جي شانتي نڪيتن منجهان اعليٰ تعليم پرائِي جتي برِصغير جي تمام وڏن ڪميونسٽن ۽ آزادي پسندن کيس هڪ پختو انقلابي بڻائي موڪليو. شانتي نڪيتن آزادي جي شعلن جو مرڪز هُئي، ان سوڀي کي واپسي تي لاڙڪاڻي ۾ ترسڻ نه ڏنو، جلدي ئي ۱۹۴۱ع ۾ سوڀي گيانچنداڻيءَ قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو سوچيو ۽ ڪراچي اچي ويو. ڪراچي ان وقت عوامي سياست سان گڏ، شاگرد سياست جو پڻ مرڪز هو، مٺارام هاسٽل کان ويندي ڊي جي سائنس ڪاليج تائين ”تون ڪيئن نه ڏيندين آزادي“ جا نعرا هُئا. رابندر ناٿ ٽيگور جي شانتي نڪيتن منجهان حاصل ڪيل انقلابي سياسي حڪمت عملي جو مظاهرو هن سنڌ اسٽوڊينٽ فيڊريشن مان سياسي شروعات طور ڪيو. جتي ڪامريڊ سوڀي ڪراچي جي سامراج مخالف شاگرد تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، جنهن جي اڳواڻي ڪامريڊ حشو ڪيول راماڻي ڪري رهيو هو، اتي الله بخش سومري (ان وقت جي وزير) جي ڀائٽي جنهن هڪ شاگرد کي چماٽ وهائي ڪڍي هُئي، ڪامريڊ سوڀي ان عمل تي، ڪاليج ۾هڙتال جي ڪال ڏئي حڪومت کي لوڏي ڇڏيو هو، ڪامريڊ کي ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو هو، سمورن شاگردَ سوڀي جي قيادت ۾ ان وقت جي وزير الله بخش سومري جي ڀائٽي کان معافي گهرائڻ جو مطالبو ۽ ڪامريڊ سوڀي جي ريسٽيڪيشن واپس وٺڻ واري مطالبي کي مڃرائڻ کانسواءِ پوئتي هٽڻ لاءِ تيار نه هُئا، سوڀي جو مطالبو هو ته چماٽ هڻندڙ شخص سڄي اسيمبلي جي اڳيان معافي وٺي، ائين ٿيو وزير جي ڀائٽي کي اسيمبلي جي اڳيان معافي وٺڻي پئي، هيءُ اڳواڻي ڪامريڊ سوڀي جي هُئي.
اسان کي تاريخ  ياد ڏياري ٿي ته  هن حشو سان گڏ سموري سنڌ جا دورا ڪيا ۽ شاگردن کي انگريز راڄ جي خلاف جوڙيو، ڪجهه وقت کان پوءِ هو سنڌ اسٽوڊينٽ فيڊريشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. سنڌ اسٽوڊينٽ فيڊريشن سنڌ ۾ ترقي پسند شاگردن جي سگهاري تنظيم هُئي. جنهن جو تعلق ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا سان هو. ان جدوجهد دوران ۱۹۴۳ع ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو، ڏيڍ سال کان پوءِ ۱۹۴۴ع ۾ کيس آزاد ڪيو ويو. سن ۱۹۴۵ع ۾ هن ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا ۾ شموليت ڪئي. ڇاڪاڻ جو شاگرد ونگ کان پوءِ پارٽي ۾ شموليت لاءِ هڪ سياسي پختو ٿيڻ لازمي هوندو هو، جيڪو اڃان تائين اشتراڪي سياست جي هڪ خاص روايت آهي. سنڌ جي هن اڏول آدرش وادي ۽ مارڪسسٽ پوئتي مڙي ڪين ڏٺو. ڪامريڊ سوڀي سنڌ جي مختلف شهرن خاص طور تي ڪراچي جي مزدور تحريڪ ۾ وڌي چڙحي حصو ورتو، پورهيتن جي يونين سازي کان ويندي، انهن جي سياسي ۽ سماجي سجاڳي ۾ عملي ڪردار ادا ڪيو. هن پهنجي ٻين ڪامريڊ ساٿين خاص طور تي ڪامريڊ نارائن بيچر ۽ اي ڪي هينگل سان گڏجي ٽرام، ٻيڙي جي پورهيتن، شوورڪرز، پورٽ، شپنگ، هوٽل ۽ ٻين صنعت جي مزدورن کي ٽريڊ يونين ۾ آڻي کين پورهيت سياست جو نه رڳو حصو بڻايائين پر انقلابي بنيادن تي انهن جي تربيت به ڪئي.
اسان کي تاريخ  ياد ڏياري ٿي ته فيبروري ۱۹۴۶ع ڌاري بمبئي ۾ نيوي جي سپاهين جدوجهد شروع ڪئي. جنهن کي “جهازين جي جي بغاوت” پڻ سڏيو وڃي ٿو. ان ۾ ڪامريڊ سوڀي ڀرپور حصو ورتو. ان جي ڏوهه ۾ هوُ گرفتار ٿيو. هيءُ بغاوت حقيقت ۾ برطانوي نيوي جي هندستاني ملازمن  شروع ڪئي هئي ۽ انهن جو مطالبو هو ته انهن جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن، جيڪي نيوي ۾ڪم ڪندڙ انگريز ملازمن کي مليل سهولتون  آهن. کين به ان جي مطابق اهي حق ملڻ گهرجن. هن بغاوت جي اڳواڻي ڪميونسٽ پارٽي ڪري رهي هُئي. جلدي ئي هن تحريڪ جو دائرو بمبئي کان ڪراچي، ديرا ڌون ۽ بنگال تائين پکڙجي چڪو هو. هن بغاوت کي دٻائڻ لاءِ انگريز فوج بمبئي ۾ سوين هندستاني جهازين جو قتل عام ڪيو،  جنهن ۾ اسان جي خطي جو نوجوان ڪميونسٽ انقلابي اڳواڻ  ڪامريڊ ميرا داد به شامل هو. هو پنهنجي هٿن ۾ ريٽو جهنڊو کڻي مزدورن جي قيادت ڪندي  بمبئي ٽائون جي ٻاهران برطانوي سپاهين جي گولين جو نشانو بڻيو. ڪراچي ۾ هن بغاوت جي اڳواڻي ڪامريڊ سوڀي وٽ هُئي.
اسان کي تاريخ  ياد ڏياري ٿي ته ڪامريڊ سوڀي گيان چنداڻي جي عظمت ۽ وڏائي جو هڪ مثال اهو به آهي ته آگسٽ ۱۹۴۷ع  ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي موقعي تي پنهنجي ڪٽنب ۽ مٽن مائٽن جي تمام گهڻي دٻاءُ باوجود پنهنجي جنم ڀومي سنڌ کان الڳ ٿيڻ تي انڪار ڪيو، ورهاڱي کان پوءِ انقلابي فڪر ۽ نظرئي کان ڊنل حڪمرانن کيس سنڌ کان هندستان موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي  ته هن اهو چئي انڪار ڪيو ته ”هيءُ منهنجي ابن ڏاڏن جو وطن آهي، جنهن کان مون کي ڪوبه الڳ نٿو ڪري سگهي“  ۱۹۴۸ع ۾ پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن جو بنياد پيو ( جيڪا ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل هئي)  ۽ ملڪ جو ناميارو مزدور ليڊر مرزا ابراهيم جنهن جو صدر چونڊيو ويو جڏهن ته ڪامريڊ سوڀي کي ان جو جوائنٽ سيڪريٽري بڻيو.
انهن ڏينهن ۾ هڪ واقعو تمام گهڻو مشهور ٿيو جڏهن ڪامريڊ سوڀو ڪراچي ۾ فيڊريشن جي مامرن جو انچارج هو .ڪراچي انهن ڏيهن ۾ ملڪ جي گادي جو هنڌ هو  هڪ مقامي هوٽل ۾ گڏيل قومن سميت مختلف ملڪن جا سفارتي مرڪز هوندا هئا، هڪ ڏينهن هڪ ويٽر جيڪو يونين جو ميمبر هو، گڏيل قومن واري سفير جي ڪمري ۾ چانهن کڻي ويو، ڪمري ۾ داخل ٿيڻ وقت سندس پير قالين ۾ وچڙي ترڪي ويو ۽ هوءُ چانهن سميت هيٺ ڪري پيو، ان تي سفارتي ملازم هن کي چماٽ وهائي ڪڍي ويٽران زيادتي جو اطلاع يونين آفيس ۾ ڏنو ته يونين تڪڙو ئي جنرل باڊي جو اجلاس ڪوٺائي، هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو. يونين جي ميمبرن هڙتال کي سگهاروبڻائڻ لاءِ نيڪال جي نالين کي بند ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري هوٽل جو زمين وارو حصو ڪني پاڻي سان ڀرجي ويو، ان منزل تي گڏيل قومن سميت مختلف سفارتي لاڳاپن جا مرڪز هئا .سمورن ملڪن جا سفير ان ڳڻتي واري صورت ۾ ڀڄندا اچي سويت يونين جي سفير وٽ حاضر ٿيا، چيوته هي يونين ڪميونسٽ پارٽي جي آهي ۽ اوهان به ڪميونسٽ پارٽي جا آهيو ان لاءِ انهن کي هڙتال ختم ڪرائڻ جي سفارش ڪريو. اهي سمورا سفيرسوويت يونين جي سفير سان گڏجي پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي آفيس پهچي ويا، (ان وقت ٻئي آفيسون گڏ گڏ لائٽ هائوس وٽ هونديون هيون) جتي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي موجود هو. ڪامريڊ سوڀي هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ اهو شرط رکيو ته هڙتال ختم ڪرائڻ لاءِ سمورا سفير فيڊريشن جي جنرل باڊي ۾ اچن. گڏيل قومن جو سفير ۽ چماٽ هڻندڙ ملازم اسان جي مزدور (ويٽر) کان معافي وٺن. پاڻ کي دنيا جو مالڪ سمجهندڙ گڏيل قومن جي سفير کي اهو مطالبو تسليم ڪرڻو پي. گڏيل قومن جي سفيران جنرل باڊي جي اجلاس ۾ ان مزدور کان پنهنجي ملازم سميت معافي گهري تڏهن وڃي هيءُ هڙتال ختم ڪئي وئي. هي ڪامريڊ سوڀي جي اڳواڻي جو شاندار مثال آهي.
ڪامريڊ سوڀي جي زندگي جا ڪيترائي پاسا آهن هن ۱۹۵۳ ۾ ٿيندڙ صوبائي چونڊن دوران ” هاري تحريڪ “ جي پليٽ فارم تان حصو ورتو. هي هاري تحريڪ جي عروج جا ڏينهن هئا. سوڀو ان جو ميمبر هو، هُوءَ ضلعي منجهان هاري ڪميٽي جو اميدوار هو، ان چونڊن ۾ جيتوڻيڪ هاري ڪميٽي ڪا به ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي، پر سوڀي جي چواڻي ”ان وقت ڪميٽي جي اڳيان چونڊون کٽڻ نه پر ان ۾ شامل ٿي پارٽي لاءِ ماحول جوڙڻو هو” انگريز دور کان پوءِ به سوڀي جيل ڏٺا، نظر بند رهيو ۽ قيدَ ڪاٽيا. سوڀي ان سموري جدوجهد دوران ڪيترا ئي ڪتاب ۽ مضمون لکيا جن جو اردو ترجمو پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ۲۰۰۳ع ۾ هن هڪ خانگي چئنل سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پاڻ چيائين؛ ”منهنجو جهيڙو اهو آهي ته، هر ٻار کي ننڍپڻ کان کير ملي، کاڌو ملي ۽ دوائون ملن اهو ئي سبب آهي جو منهنجي جدوجهد اڄ به سوشلزم لاءِ آهي“.
ڏٺو وڃي ته ڪامريڊ سوڀو، اسان جي سماج جو تمام وڏو دانشور هو، هوءُ برِصغير جي انهن ٿورن ترقي پسند اديبن مان هو جنهن علمي سان گڏ عملي ڪردار به ادا ڪيو. ڪامريڊ سوڀي جي آدرش اشتراڪيت تي سوچڻ ۽ ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، جيڪي ماڻهو ان کي ناڪام سمجهن ٿا اهي پاڻ جدوجهد جي قابل ناهن رهيا. ڪامريڊ سوڀو هڪ عالم کان ويندي دانشور، ڏاهي کان ويندي کاهوڙي، مفڪر کان ويندي سرواڻ جهڙن لقبن جو مرڪز بڻيو رهيو. هوءُ اشتراڪيت پسند هو، اهو سندس وڏو ڏوهه هو، هُو ان جي پرچار زندگي جي آخري گهڙين تائين ڪندو رهيو. پنهنجو ايمان انهيءَ جي نظرئي تي قائم رکيائين .سوڀو انهيءَ قافلي جو نمائندو هو جيڪي دنيا ۾ مارڪسي فڪر جي ادبي تحريڪ جي طور تي سڃاتا وڃن ٿا. سوڀي گيانچنداڻي سنڌ ۾ انقلابي تحريڪ جو دماغ هو، جنهن دنيا جي وڏن ڏاهن سان ملاقاتون ڪيون. هن شانتي نڪيتن مان جيڪو انسانيت ۽ انقلاب جو درس پرايو ان جي پرچارڪ زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين ڪندو رهيو. هو هر محاذ تي وڙهندو رهيو. هن عوامي نجات واري فلسفي ۽ ان جي اصولن تي ڪڏهن به سودي بازي نه ڪئي. هن جي قافلي جا کوڙساٿي غير مسلم هجڻ ڪري ڪري پنهنجي جنم ڀومي کي ڇڏي ويا، پر سوڀي سنڌ کي پنهنجو مادرِ وطن سمجهي ان ۾ رهڻ پسند ڪيو. هن سختيون سٺيون پر ڌرتي سان غداري نه ڪئي. اڄ اسان تي فرض لاڳو ٿئي ٿو ته پنهنجي ڪردارن کي بهتر بڻائي سوڀي جي پيروي ڪريون. چئون ته ڪامريڊ سوڀو ۽ سندس جدوجهد ڪيئن وسرندي، هو پنهنجي عوامي جاکوڙ ۽ فڪري تحريرن ۾ هميشه گڏ گڏ رهندو.

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
سندس جنم ڏڻ ۽ فڪري سفر
عبداش پنهور
سياسي هلچل ۾ سُر راڻو، اڻٿڪ جدوجهد جي عمل ۾ سُر سسئي، ويڙهيچن سان وچن ۽ وفا ۾ سندس مارئي ۽ قد ۾ ڊگهو صفا ڪنڌار مڙس ماڻهو. دليل ۾ سنڌو درياءُ، جيڪو مرڪندي ڪيترائي ڀيرا اها ڳالهه چٽي طرح سان ٻڌائي ويو ته ”مون کي پنهنجي ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ڪجهه عهديدار چون ٿا ته اوهان ۾ سنڌي قومپرستيءَ واري بوءِ اچي ٿي، تڏهن مان انهن کي صاف ٻڌائي ڇڏيو ته مان ڇا ڪيان، پنهنجي تاريخ ڏانهن ڏسان ٿو ته منهنجي پٺيان موهن جو دڙو تهذيب جي عالمي علامت بڻيل آهي، جنهن تاريخ تي سموري انسان ذات کي ناز ۽ فخر آهي ۽ رهندو“. اهڙو مهان دليل رکندڙ ننڍي کنڊ جو تمام وڏو ڏيهه ڏاهو ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي، جيڪو ۳ مئي ۱۹۲۰ع ۾ ٻنڊي ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ڳوٺ ٻلهڙجي ڀرسان آهي. اڄ جي تاريخ سنڌ جي سوڀي جي سالگرهه جي تاريخ آهي. پاڪستان ۾ پهريون اختلاف راءِ جو نالو ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي. اڄ ديس دنيا ۾ صحافتي آزادي جو ڏينهن پڻ صحافي ملهائيندا آهن. صحافت ۽ سياسي سفر جو سفير ڪامريڊ سوڀو سنگم آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ننڍي کنڊ جي آزادي واري تحريڪ دوران ئي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا سان جوڙ ٿيو. اهو قلب ڪروڌ هن کي تعليم حاصل ڪرڻ دوران ڪلڪتي ۾ لڳو. رابندر ناٿ ٽئگور کان سڀاش چندر تائين تنهن زماني ۾ کاٻي ڌر جي سياست جا دليل موجود هئا. اهو هڪڙو دليل هڪ طرف ته ٻئي پاسي آل انڊيا مسلم ليگ جي سياست هئي، جيڪا پاڻ کي وري آل انڊيا ڪانگريس جي تمام وڏي مخالف ڌر تصور ڪندي هئي. وڌيڪ انهي بحث ۾ پوڻ جي ضرورت ناهي. جمعيت علماءِ هند سميت کاٻي جي سياسي نظرياتي بيهڪ جا دليل به جيڪڏهن قبول نه ڪجن تڏهن به ته ”ٻه قومي نظريو“ ليگي سياست جو نفعو ۽ نقصان سنڌ تاريخ ۾ تمام گهڻو ڀوڳي چُڪي آهي.
سنڌ جو سوڀو ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي بانين مان هڪ اهم اڳواڻ رهيو آهي. ۱۹۴۸ع واري آل انڊيا ڪميونسٽ پارٽي جي ۵ مارچ واري ڪانگريس ۾ منظور ڪيل ٺهراءُ جنهن ۾ ورهاڱي کي قبول ڪندي پاڪستان لاءِ ڌار تنظيم جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ۸ مارچ ۽ ۰۹ مارچ ۱۹۴۸ع تي گڏيل فيصلي سان ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان نالي ڌار تنظيم جو اعلان ڪيو ويو. تڏهن ڪامريڊ سجاد ظهيرکان حسن ناصر تائين پهرين جوڙ ۾ قيادت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي وٽ رهي. ورهاڱي کان پوءِ هڪ سنڌي هجڻ ٻيو وري ڪميونسٽ هجڻ تمام خطري جي ڳالهه هئي. تڏهن ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي تي پهريون تمام وڏو دٻاءُ اهو ته هو به سنڌ ڇڏي وڃي. اهڙي خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سندس خطرناڪ صورتحال تي وڌيڪ ان کي خطرناڪ فيصلو وٺڻو پيو ته سنڌ ڇڏڻ بدران ڌرتي مان جبري جلاوطني قبول ڪرڻ بدران هن ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت ڇڏي ڏني. جيل قبول ڪيا، سختيون قبول ڪيون پر ڀارت لڏي ويلن وانگر هن پنهنجي ڌرتي نه ڇڏي. اهو اعزاز صرف سنڌ جو سوڀو لهڻي ته هن جبري جلاوطني جو فيصلو قبول نه ڪيو. سندس ڄمار جيڏا ڪيترائي سياسي اڳواڻ تنهن زماني ۾ ڀٽڪيل هئا پر سنڌ جو سوڀو صاف سٿرو انمول انقلابي آدرشي ڪردار هو. جيڪو سنڌ هاري ڪاميٽي جي سرگرمين ۾ پورهيت هلچل جي سرپرستي ڪندو رهيو، جيڪو مزدور جدوجهد ۾ ڪارڪنن جي سرپرستي ڪندو رهيو، جيڪو سنڌي ادبي سنگت ۾ سنڌي اديبن جي فڪري رهبري ڪندو رهيو. بدر ابڙو کان انور پيرزادو تائين سنڌي اديبن جي هڪ سموري ول انهي جو هڪڙو تمام وڏو شاهڪار دليل آهي. بهترين ترقي پسند اديب ۽ ڏيهه ڏاهو سنڌ جو سوڀو سنسار جي سوالن کي هر دور ۾ اجاگر ڪندو رهندو هو. سندس قلم ڪهاڻي ڪڏهن به پنڌ ڪندي نه ٿڪي. سندس حياتي جون سرگرم گهڙيون سموري سنڌ جو گڏيل تاريخ جو شاندار رڪارڊ آهن. لالچي ليڊر کوڙ پر سنڌ پرستي جو ولولو ۽ وهلور بڻيل سوڀو ڪڏهن به لالچي ليڊر شپ جو رتبو حاصل نه ڪيو.
لاڙڪاڻي مان چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کان محترمه بينظير ڀٽو شهيد تائين پ پ قيادت هن کي ذاتي طور تي تمام ويجهو رهي پر هن ڪڏهن به سُون تي سيڻ نه مٽايا. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ساٿي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ ڄام ساقي کان شهيد بشير خان قريشي تائين سنڌ پرست ڪارڪنن لاءِ ته لاڏلو رهيو پر هن ڪڏهن به ڳنڀير حالتن هوندي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. اهو جدوجهد جو تسلسل ۸ ڊسمبر ۲۰۱۴ع تائين جياپي جي سوال سان گڏ جاري رهيو. جيڪو ڪيترين بيمارين جو مقابلو ڪندي انهي تاريخ تي دم قدم ڀومي ڀر ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو پهريون ڀيرو نالو تنهن زماني ۾ ڊي ايس ايف سنڌ جي اڳواڻ علي حسن چانڊيو جي واتان ٻڌو هو. سنڌ پرست اڳواڻ علي حسن چانڊيو کي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ڪيترو ڀائيندو ۽ پيار ڪندو هو، اهو احوال ڪتابي صورت ۾ پڻ موجود آهي. علي حسن چانڊيو جڏهن ايس اين ايم جو ڪراچي ڪنوينشن ڪيو، تڏهن جلسي ۾ خاص مهمان طور به ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي اعزاز ڏنو هو. علي حسن چانڊيو جڏهن ڪراچي ۾ سنڌ سورمي ڪانفرنس ۸ مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن تي ڪرائي، تڏهن خاص خطاب جو اعزاز ٽنڊو بهاول جي شهيدن جي امڙ جيجل جندومائي کي ڏنو هو، جڏهن جيجل جندو کي اسٽيج تي سڏايو ويو هو، تڏهن سمورو پنڊال اٿي بيهي احترام طور جذبي جو اظهار ڪيو هو. ساڳيو ئي احترامي رتبو ڪراچي ڪنوينشن ايس اين ايم دوران ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي لاءِ لوڪ اڀياس ڪيو هو.
ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي جي پورهيت هلچل جو اهو دور آهي جڏهن ڪامريڊ برڪت آزاد جهڙا اڳواڻ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ سرگرم عمل هوندا هئا، جڏهن رڪن الدين قاسمي، محمد بخش سومرو، اعزاز نظير، مولانا عزيزالله جروار، مولانا خان محمد نوحاڻي جهڙا کڙپيل هاري جاکوڙي ڪارڪن ٽاڪوڙا مچائي پورهيت دشمن سوچ کي ڏيهاڙي جي بنياد تي ٽانڊا ڏيندا رهندا هئا. جڏهن ورهاڱي کان پوءِ نوان نادر شاهه آيا ۽ سنڌ جون زمينون ڪوڙن ڪليمن تي نيلام ٿيڻ شروع ٿيون ته سڀ کان وڌيڪ وڏي مخالف سنڌ هاري ڪاميٽي قيادت ڪئي هئي، باقي سڀ ڪردار نون نادر شاهي ٽولي سان گڏ هئا، جيڪي ڪالهه برطانوي انگريز سامراج جا ڇاڙتا هئا اهي سنڌ جون زمنيون ڦٻائڻ لاءِ هڪدم مها پاڪستاني بڻجي ويا، ڪنهن به ٻڙڪ نه ڪڍي ته سنڌ جي ماڻهن سان اهو ظلم بند ڪيو وڃي، سواءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جي باقي سڀ جا سڀ ڪردار تاريخ ۾ خاموش نظر اچن ٿا.
جڏهن به ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي سنڌ ياد ڪندي، تڏهن سندس شاهڪار لکڻيون به ضرور ياد پونديون. سنڌي ادبي سنگت سان گڏ انجمن ترقي پسند مصنفين کان گلڊ رائٽرس تائين ڪامريڊ سوڀو فڪري رستو اختيار ڪندڙ اڳواڻ رهيو آهي. هارين، پورهيتن جو انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ترقي پسند دانشور طور جمهوري هلچل جو پڻ اڳواڻ رهيو. هن ڪڏهن به آمريت کي پنهنجو نه ڪيو. هڪ بهترين وڪيل قانون جي شعبي سان گڏ صحافتي شعبي ۾ پڻ عملي طور سلهاڙيل رهيو. ڪامريڊ سوڀو گياچنداڻي پنهنجو پاڻ کي موهين جي دڙو جي تاريخ جو تسلسل سمجهندڙ اڳواڻ رهيو. هن ڪڏهن به سنڌ جي سلامتيءَ جي سوال تي سوديبازي نه ڪئي. جبري جلاوطني کي هن رد ڪيو، قيد قبول ڪيا، جبري حالتن جو مقابلو ڪيو پر پنهنجي ڌرتي سنڌ ۽ پنهنجو ڏاڏاڻو ڏيهه نه ڇڏيو. سنڌ لاءِ سندس فڪري ووءِ ووءِ اها وات وائي رهي ته ”عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آهي“ لاکيڻي لطيف جي انهن سٽن کي عملي طور هن مانُ ڏئي مهان رکيو. سنڌ جو اهوئي سوڀراج تاريخ ۾ سرخرو ئي رهندو ته سنڌ ۾ ٻيو ڪو سوڀو ڪير سڏائي؟ سوڀراج جي جنم ڏڻ تي اڄ وچن وفا جو عزم اظهار ڪرڻ آهي، جيڪڏهن پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه سان صدين کان صدين تائين سرخرو رهڻو آهي ته سنڌ جو سوڀو ضرور ياد ڪجو سنڌيو! سوڀو سوچ سفر ۾ زنده آهي ۽ زنده رهندو موهين جو دڙو تاريخ مثل سوڀو سنڌ آهي ۽ جيڪو سنڌ سنواري سو جيئندو رهندو.


ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي سوين سالگرهه
زرار پيرزادو
¨ اڄ ننڍي کنڊ جي تمام وڏي ڏاهي، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداني جي جنم ڏينهن جي سوين سالگرهه آهي يعني ننڍي کنڊ جي آدرشي دنيا لاءِ جشن جو ڏينهن آهي.
¨ اڄ ڪورونا سبب لاڪ ڊائون جو ماحول آهي نه ته ڪامريڊ سوڀي جي اڄوڪي سوين سالگره تي سنڌ ۾ ميلا متل هجن ها جتي ڪٿي جشن جون تقريبون رٿيل هجن ها.
¨ ڪامريڊ سوڀو ۳ مئي ۱۹۲۰ تي ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ جنم ورتو هو. ۸ ڊسمبر ۲۰۱۴ع تي جڏهن سندن لاڏاڻو ٿيو ته ان وقت سندن عمر ۹۴ سال هئي. پر هُو پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي ”جيئري جاڳيندي تاريخ“ هُئڻ جو رتبو ماڻي چُڪو هو.
¨ پاڻ وٽ ويجهي تاريخ ۾ ابراهيم جويو صاحب هڪ اهڙي شخصيت هئي جنهن جيئري پنهنجي سوين سالگرهه ملهائي هئي.
¨ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي انهن ليجنڊ، تاريخ ساز، ماڻهو ساز ۽ اداري ساز شخصيتن مان هڪ آهي جن جون ورسيون نه پر سندن زندگين کي ملهائڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته هي اهي ماڻهو هئا جن خود زندگين کي حقيقي معني ۾ زندگي بخشي هئي.
¨ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي انهن شخصيتن مان هڪ هو جيڪي جڏهن ڳالهائيندا هيا ته ايئن ڀائنبو هو ڄڻ ڪو ڪتاب ڳالهائي رهيو آهي ڄڻ ڪو سبق آهي جيڪو پاڻ پڙهائي رهيو آهي ڄڻ علم جو ڀنڊار  هو.
¨ ڪامريڊ سوڀو انهن شخصيتن مان هڪ آهي جن هن خطي ۾ نظرياتي ۽ اصولي سياست کي متعارف ڪرايو ۽ ان عيوض سڄي ڄمار رياست جي عتاب ۾ رهيا. پر پو به هُو شعور جا سج اڀاريندا رهيا ۽ جهالت جي اونداهه کي پنهنجي شعور سان ڀڄائيندا رهيا.
¨ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداني هڪ ئي وقت هندو، سنڌي ۽ ڪميونسٽ هو سندس اهي ٽئي حوالا رياست لاءِ خطرناڪ هيا. هُو هر وقت موتمار ڌمڪين جي توب آڏو هوندي به موت کان نه ڊنو ۽ پنهنجي نظرئي تي ثابت قدم رهيو
¨ ڪامريڊ سوڀي جي وڏي ڳالهه اها هئي ته هن تمام تر سختين باوجود سنڌ نه ڇڏي ۽ سنڌ ۾ ئي پنهنجي حياتي جا ڏينهن پورا ڪيا ۽ پنهنجي جسم ۽ هڏين جي رک کي سنڌو درياهه جي حوالي ڪري ڇڏي، پاڻکي سهڻيءَ جو اعزاز پڻ ڏياريو.
¨ ڪامريڊ سوڀي جي سياسي جدوجهد جو مقصد هر قسم جي استحصال کان پاڪ سماج قائم ڪرڻ هو جنهن ۾ هر ماڻهو کي جيئڻ جا بنيادي حق مليل هجن.هن جي اکين جي سرحدن اندر ماڪسي ۽ سوشلسٽ نظام جو خواب ڀٽڪي ۽ لڇي رهيو هو جنهن جي ساڀيان لاءِ هو سڄي ڄمار پتوڙيندو رهيو.
¨ جيڪو شخص پنهنجي ذات لاءِ نه پر ٻين لاءِ جيئندو آهي، پنهنجي زندگي عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏيندو آهي تنهن جو پوءِ تاريخ به پيڇو ناهي ڇڏيندي. ۽ ان کي ڪنهن نه ڪنهن، سالگرهه يا ورسي جي بهاني پئي ياد ڪندي آهي.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي جڏهن به ڪامريڊ سوڀي گيانچنداني جي سالگرهه يا ورسي جا ڏينهن ايندا ته اهي ساڳي وقت هر دور جي انقلابي، نظرياتي ۽ ترقي پسند سياست لاءِ احتساب جو ڏينهن بڻجي سندن رهنمائي پڻ ڪندا رهندا


سوڀو گيانچنداڻي
زندھ انقلاب ھو
ڊاڪٽر عنايت لغاري
سوڀو گيانچنداڻي سنڌ جي ۲۰ هين صدي جي گهمندڙ ڦرندڙ تاريخ هو، ۽ بري صغير جي ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ قومپرست سياست جي ڌارائن جي وهڪري ۽ خيال کان سندس شعور نه صرف واقف هو پر هن جو ڪٿي نه ڪٿي انهن سان تعلق هو. لاڙڪاڻي جي لب مهراڻ تعلقي ۽ ڳوٺ ٻنڊي جو هي قدآور سگهارو ماڻهو شيخ اياز چواڻي موئن جي دڙي جو ماڻهو هو. رابندرناٿ ٽيگور جي شانتي نڪيتن ۾ وڻن هيٺان چاخڙيون پائي گريجوئيشن ڪرڻ وارو سوڀو شايد سنڌ جو اهڙو ماڻهو به هو جنهن جيترو پڙهيل ۽ ڪڙهيل ڪي ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو ٻيا هوندا، سياست، ادب، فلسفو ۽ تاريخ هن کان گهڻن ٻڌو، سکيو، بحث هيٺ آندو هوندو.
سوڀو نيچر آف ٿنگس، هيولاڪ ايلس، کاجو راهو ،اجنتا، الورا، اصلوڪي ڪولهي، ڀيل، سنتال ۽ لاڏائو توڙي ميلائي قبيلن ۾ ڪوچي کان روما۽ پوءِ جتن جي ملڪان ملڪ پنڌن جو پتو رکندڙ هو.
مارڪس، لينن سندس نظرياتي ماخذ هئا. طبيعتن هو ٽئگور ڏي لاڙو رکندڙ هو، سوڀي جي ڳالهين ۾ ايم اين راءِ، حشو ڪيولراماڻي، سجاد ظهير، عبدالله ملڪ، ايان ۽ اڻڳڻت ٻيا ته هوندا ئي هوندا هئا، حيرت اها ته هن وٽ ويٺلن ۽ ايندڙ ويندڙن ۾ ڪڏهن به ڪير شامل ٿي ٿي سگھيو، جنهن ڪڏهن لال گر بخشاڻي کي پارٽي جو ڪل وقتي ڪارڪن بڻائڻ کان انڪار ڪيو هو، سندس خودسر ۽ آزاد طبع سبب ان جو ئي ٻيوآزاد منش جونيئر اڄ عدالت جو سرموڙ آهي. سوڀي ۾ مارڪس واد ۽ تصوف سان گڏ قومپرستي ڪيئن محلول هئي، انهي تي ڪنهن کي پي ايڇ ڊي ڪرڻ گھرجي.
ها پر هن لاءِ سدائين سياست“ انقلاب زنده آباد” هئي، هو پنهنجي ايقان ۾ مرڻ گھڙي تائين ڪميونزم، مارڪس وادي انقلاب کان نه هٽيو هو. سوڀو پنهنجي طبيعت ۾ تُز سنڌي ماڻهو هو، قربان بگٽي جهڙو جماعتيو به هن وٽ، رسول بخش پليجو به هن وٽ مهمان، مير ٿيٻو، رحيم بخش جعفري (مون کي سوڀي سان ملائڻ وارو رحيم بخش جعفري هو ۱۹۸۶ع ۾ ) امداد چانڊيو به هن وٽ ته ڄام ساقي، جمال نقوي به هن وٽ، آريسر به سندس گھر واري بيٺڪ تي ويٺل، ته بشير قريشي سان به ملاقاتون، سوڀو سندس زندگي ۾ ان تلخ ترين تجربي منجھان به ڪمال حوصلي سان گذري ويو، سندس پٽ ڪنعيو سٽ نه سهي سگھيو ۽ پنهنجي زودِ حساسيت سبب ڄڻ ته آتم هتيا ڪري ويو، مون کي اڄ ڪو بار پنهنجي من تان لاهي ڇڏڻ گھرجي.
ڪنعيي جي تڏي تي ويٺل سوڀي جا مون کي چيل لفظ آهن، ها مگسي ڪنعيو commited suicide
اهو الڳ داستان آهي ته ڪنعيو ڪيئن پاڻ هڪ گھڻ پڙهيو ذهين ماڻهو هو ۽ ڪيئن هو نفسياتي عارضي ۾ مبتلا ٿي سوڀي لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جو باعث بڻيو جو سندس علاج تي خرچ ڪرڻ لاءِ سوڀي پنهنجا ذري گھٽ سمورا ڪتاب سنڌ جي ثقافت کاتي کي کپائي ڏنا.
انڊيا ۾بابري مسجد ڊاهڻ ايوڌيا رام مندر واري معاملي ۾ هتي به خوف وارو ماحول هو .سوڀي جي اوطاق گاڏڙ آفيس جيڪا گهر سان ئي گڏ هئي(هاڻ ته اهو گهر فراق جي ڳاه ڳاهي سنگ مروڙي داڻا ڌارئون ڌار ڪري ڇڏيو آهي) ۾ ويٺي رات ويل تائين دنيا جهان جي موضوعن تي ڳالهيون ٿينديون هيون جڏهن هر طرف کان ڌمڪيون ۽ ٻوسٽ وارو ماحول هو سوڀي جون ڳالهيون انگريزي جي رومانوي شاعري کان هلي سمبارا جي ناچ ۽کاجو راهو توڙي الوره جي جنسي آسڻن واري شاهڪار سنگتراشي تائين نڪرنديومن هيون.
مون سندس منهن تي يا من ۾ ڪڏهن خوف محسوس نه ڪيو .رات جو ديرسان هاسٽل تي واپس ورندي ڪيترن ئي وڪاڻل قومي ڪارڪنن ۽ ڪمائو پٽن توڙي جههادي جوانن جون ڌمڪيون اڃان ياد آهن انهن کي ڏينهن ۾ سوڀو شام جي پسار ڪرڻ جو بهانو ڪري نڪري پوندو هو ۽ ڪنهن گهٽي ڪنهن رستي جي موڙ تي بيهي ڪوئل جيان ڪو ڪو ڪو ڪري وٺندو هو ته حيرت ٿيندي هئي ته هي ماڻهو هيئن به آهي؟جيئن سندس من ۾ ڪا ڪوئل ڪوڪندي هجي سيهڙن جي لارڪاڻي لڏي آيل ڪلهوڙن جي آئسڪريم کيس وڻندي هئي يا کارائڻ چاهيندو هو ته پرين جي شهر جي نم جي ٻور جي خوشبو ۽ موهن جي دڙي جي ماڻهو جون ڳالهيون ،اهي مڌ ماٽا مٽ آهن جن جو نشو پاڻ کان اڃا لٿو ئي ناهي.
ڪوئي ڪامريڊ ڪيئن ٿئي؟
بيخوف هجي، موت جي منهن ۾ مسڪرائي سگهي، وطن ۾ رهي، رياست جي پوري زور باوجود ملڪ نه ڇڏي، شرڻارٿي نه ٿئي،
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کيس پارٽي ۾ اچڻ لاءِ چوي ته انڪار ڪري، اويڪيوئي پراپرٽي ڪيسن ۾ هندن سامهون علي نواز لهر جو وڪيل ٿئي سندس وڏو ڀاءُ قيمتراءِ، پنجائت جو عهديدار ٿئي ته کيس چرچي ۾ چيڙائي وجهي. پاڻ تي ٿيندڙ تنقيدي سنگ باري جو جواب نه ڏئي ۽ کلي چوي ته عيسيٰ صليب تي ئي چيو هو (Fo rgive them who know not)انهن کي معاف ڪيو جيڪي نه ٿا ڄاڻين.
ڀائرن ڀينرن سان نڀائي ٻارن سان نڀائي، وري ٻارن جي ٻارن سان ئي نڀائي، ڌرم رواج کي شخصي آزادي تي حاوي ٿيڻ ئي نه ڏئي، لوڪ جي جذباني وهڪري ۾ وهي نه وڃي، هر ڏکئي ڏولاءُ ۾ ڏاهپ ساڻ جيئي، چونڊ کٽي وڃي، اعلان ٿي وڃن، نتيجا واپس ورن، چاولا جا چلڪڻا ۽ اصل حڪمران ايئن ڪن ته ٽهڪ ڏئي چئجي اسان کي جيڪو ڪرڻو هو ڪيوسين.
ڪوئي پنهنجو ئي گهرڀاتي ايف آءِ آر ڪرائي ٿاڻي تي ويهرائي ڇڏي، ته به اف نه ڪجي،
کيس ڪڏهن ڪنهن خلاف ايئن ڳالهائيندي نه ٻڌجي جو محسوس ٿئي ته هو نفرت ، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ منجهان ڳالهائي رهيو آهي.
جڏهن شيما ڪرماني پنهنجي شاگردن سميت کيس ڀيٽا ڏيندي رقصان هجي، ته به هو انقلاب جو نعرو هڻي.جڏهن شمشان ۾ ڪنعيي جو اگني سنگسار ڪري واپس وري ته انقلاب زنده آباد جو نعرو هڻي.
الاهي جي ڪيترا پاسا آهن، قصا در قصا.
زندگي جي ان حصي ۾ جڏهن هن کي نحيفي ۽ نزاري هئي،سنڌ جي سڄڻن، سندس چاهيندڙن وساريو نه هو ، ۽ ننڌڙي ٿي ويل گهر ۾ (ورهاست سبب) سوڀو جيئن نرمل سندس وني،۽ ٻارن ۾ سرچيل هو، اهو شايد نرمل سندس پتني ۽ ٻارئي ڪري سگهيا.
آغا خان ۾ داخل هوندي جڏهن هڪ همراهه اڳ پيل گلدستو کڻي سوڀي کي اهو اڳ مليل گلدستو پيش ڪندي فوٽو ڪڍرائڻ شروع ڪيو ته، نرمل منهنجي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو ته بابا هن تي نهڪر نه ڪندو.
نرمل جو بابا ايئن هو جيئن هو ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي هو.

سوڀو پنهنجي وجود ۽ خيال ۾ زنده آباد انقلاب هو.


ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي

“مين  فرام موهن جو دڙو” - ۳ مئي  ڪامريڊ جو جنم ڏينهن۔

غ ح ڪٽپر 

شيخ اياز اڪثر ڪري ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان لاڙڪاڻي ۾ ملڻ ايندو هيو، کانئس ڪو پڇندو هيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن سان ملڻ ٿا وڃو ته چوندو هو؛ “مان موهن جي دڙي سان ملاقات لاء ٿو وڃان۔ شيخ اياز ڪامريڊ سوڀي کي “موهن جو دڙو” سڏيندو هيو۔

ڪامريڊ سوڀي ۳ مئي ۱۹۲۰ع ۾  موهن جي دڙي جي ڇانو ۾ هڪ  ننڍڙي  ڳوٺ  ٻنڊيء ۾ جنم ورتو۔  هن۱۹۳۷ ۾ بمبئي يونيورسٽيء مان  مئٽرڪ پاس ڪئي ۽۱۹۳۸ ۾ ڊي جي سائنس ڪاليج مان انٽر ميڊييٽ  ڪيائين جتي  ڊاڪٽر گربخشاڻي، اين بي ڀٽاڻي، منگهارام ملڪاڻي ۽ پروفيسررام پنجواڻي سندس استاد  رهيا۔۱۹۳۹ع ۾ ھو رابندر ناٿ ٽيگور جي قائم ڪيل “شانتي نڪيتن” ۾ تعليم پرائڻ  ويو۔ اتي  ڪامريڊ کي  ٽيگور  “مين فرام موهن جو دڙو”  سڏيندو هو۔ ٽيگور جي عمر ان وقت ۸۰ سال هئي۔ ٽيگور سر جو ٽائيٽل انگريزن کي واپس ڪيو۽ جنهن سال ٽيگور اهوٽائيٽل  واپس ڪيو، علامه اقبال ساڳيو ٽائيٽل ان سال قبول ڪيو۔ انهن ڏينهن ۾ شانتي نڪيتن ۾ ھندوستان جي آزاديء خاطر ڏينهن ملهايو ويوجنهن ۾ ڪامريڊ تقرير ڪئي جنهن جو وڏو چرچو ٿيو۔ اها تقرير جيل ۾ بند هڪ دانشور قيديءَ پنا لال داس گپتا کي ايترو ته متاثرڪيو جو هن سوڀي کي نياپي ۾ چيو ته،

“ٽيگور اسان کي لولي ڏئي سمهاري ڇڏيوهو، پرتو پرديسي سنڌيء اسان کي ننڊ مان جاڳايوآھي”۔

ڪامريڊ  سوڀي کي ڪميونسٽ نظريي ڏانهن قائل ڪندڙ اهوئي پنالال داس گپتا هيو، فيض احمد فيض کي ڪميونسٽ  بنائڻ واري ڊاڪٽر رشيده جهان هئي  جنهن جومڙس  امرتسر ڪاليج جوپرنسيپال هيو۔

ڪامريڊ سوڀي تي حشو ڪيولراماڻي ۽ پرچي وديارٿيء جو به وڏو اثر هيو۔ حشو ڀريا روڊ جو ۽ پرچو وديارٿي لاڙڪاڻي جي ڀرسان خيري ديري جو هيو۔

ڪامريڊ  سوڀي ۱۹۵۰ ۾ گجرانوالا ھاري ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي چيو هو ته  لياقت خان عرف مڪا مون کي چوي ٿوته انڊيا هليو وڃ پر کيس خبر هجڻ گهرجي ته مان هن ڌرتيء جوڄائوآھيان هتان هرگز نه ويندس۔

جڏهن سڀ ڪميونسٽ جيل ۾ يا روپوش هيا، جنرل اڪبر، فيض احمد فيض، ظفرالله پوشيني وغيره پنڊي سازش ڪيس تحت جيل ۾ وڌاوياهئا ته فيض چيو،

يه داغ داغ اجالا يه شب گزيده سحر

وه انتظار تھا جس کا يه وه سحرتونهيں

جڏهن مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ سجاد ظھير ڪميونسٽ پارٽيء جو جنرل سيڪريٽري هيو تڏهن ان جي سينٽرل ڪاميٽي تيرهن ماڻهن تي مشتمل هئي جن مان  ڪجھ جا نالاهي آھن۔

سجاد ظھير، سوڀو گيان چنداڻي، سبط حسن، حسن ناصر شھيد، دادا فيروزالدين منصور  وغيره۔ انهن سڀني سينٽرل ڪاميٽيء  جي ميمبرن مان اهو ماڻھو جيڪو آخر ۾ انتقال ڪري ويو اهو ڪامريڊ  سوڀو گيانچنداڻي هيو۔


سوڀو گيانچنداڻي

(مان سنڌ نه ڇڏيندس، سنڌ منھنجي ڌرتي آهي)

فقير محمد سنڌي

هن جھان ۾ ڪيترا ئي اهڙا شخص آهن جن اصولن، نظرين، انسانيت، سک ۽ سلامتيءَ لاءِ پنھنجون زندگيون گذاريون. اُهي شخص دنيا جي گولي تي سج جيان روشن آهن، چنڊ جيان پنھنجي نور مان خلقِ خدا کي هر وقت سوجهرو ڏيڻ ۾ شامل عمل آهن. اهڙو ئي خوبصورت انسان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جنھن مُھين جي دڙي جي مِٽيءَ جو حق ادا ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر ڪونه ڇڏي.

ڪامريڊ سوڀي جا خوبصورت خيال آهن ته:، بندوق جي ناليءَ سان انقلاب ته اچي سگهي ٿو پر هڪ بندوق جي ناليءَ مان خوشحال گهر اڏي نه ٿو سگهجي. مھان انسانن جي زندگي جي سڄي نظر ايندڙ وقت تي هوندي آهي، ايندڙ وقت تي نظر رکندي پنھنجي قوم لاءِ جدوجھد جو عمل شروع ڪندا آهن. ڪامريڊ سوڀي شرپسنديءَ کي پنھنجي مَنَ ۾ ڪٿي به جڳهه نه ڏني ۽ هر وقت امن جو پرچارڪ رهيو، تنھنڪري هن کي ڪافي تڪليفون ڏسڻيون پيون. هر تڪليف کي اکين تي رکي ڪامريڊ سوڀو پنھنجي منزل طرف وڌندو رهيو.

سماج ۾ ڪانئر ماڻهو تمام گهڻا آهن، جيڪي انسان سچ جي ڳولها ۾ آهن انهن سان شيطاني وير رکندڙ گهڻا جيوَ آهن، اهي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان پريشاني ۽ مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. پر سنڌ ڌرتي تي رهندڙ مھان ماڻهن صدين کان وحدانيت ۽ انسان دوستيءَ جا گھوارا رهيا آهن، جيڪي هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن جو هر ڏک ۽ سور ۾ گڏ رهيا آهن، ان لاءِ سخاوت انسانيت جو هڪ بنيادي اخلاق ۽ ڏَسُ پڻ آهي.

ڪامريڊ سوڀي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، مان پھريان انقلابي آهيان، منھنجي خواهش آهي ته مون کي پڇاڙيءَ تائين انقلابي دوستن جو دوست، ساٿين جو ساٿي ۽ مظلومن جو گهڻ گهرو سمجهيو وڃي. سوڀي گيانچنداڻي جي انهن جملن تي مونکي سائنسدانن جي هڪ تجويز ذهن تي تري آئي آهي ته، ۱۵- جنوري ۲۰۰۵ع تي ”گلوب اينڊ ميل“ ڪانفرنس ٿي ته اُتي سائنسدانن تجويز ڪيو ته اسان پنھنجي زندگيءَ ۾ سخاوت جي ذريعي بھترين انقلاب پيدا ڪري سگهون ٿا. انهن سائنسدانن مان هڪ سائنسدان Erin Andersen  چيو ته اسان پنھنجي مشاهدن ذريعي هي معلوم ڪيو آهي ته، جيڪي ماڻهو ٻين جي مدد ڪن ٿا انهن جي حياتياتي سگهه وڌيڪ ڪم ڪري ٿي. جيڪڏهن انهن کي ڪو آپريشن ڪرائڻو پوي ٿو ته انهن ماڻهن جا زخم، عام ماڻهن جي نسبت جلد ئي ٺيڪ ٿي ويندا آهن.ا هڙي طرح فلوريڊا يونيورسٽيءَ جي ايڊز تي تحقيق ڪرڻ واري ٽيم جو چوڻ آهي ته ٻين جي مدد ڪرڻ وارا ماڻهو ڊگهي ڄمار ماڻين ٿا.

ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي پنھنجي سڄي عمر سنڌ جي ماڻهن لاءِ خدمت ڪندي گذاري، ان لاءِ هن کي ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار، ترجمه نگار، علم سياسيات ۽ جيل وڃن تائين سڀ جو سڀ شيون گڏ کڻي پئي هليو. سنڌ جو متحرڪ شخص ڪامريڊ سوڀو ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ شاندر نموني حصو ورتو، سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت هن جون محبوب تنظيمون هيون. ملڪ جي ماڻهن لاءِ جدوجھد ڪندي ڪامريڊ سوڀي پنھنجي زندگيءَ ۾ سياسي چونڊن ۾ ۳-ڀيرا حصو ورتو، پر ۱۹۸۸ع واري اليڪشن ۾ ڪامريڊ کي سوڀ ملي ۽ هن کي هٿ وٺي هارايو ويو.

ڪامريڊ سوڀي جھڙو ماڻهو هجي ۽ آرام پسند هجي اهو ٿي ئي نٿو سگهي، پنھنجي زندگيءَ م پھريون ڀيرو ۲۵-جنوري ۱۹۴۲ع ۾ هندستان خالي ڪريو تحريڪ ۾ حصو وٺڻ دوران گرفتار ٿيو. اهڙي طرح ڪامريڊ پنھنجي سڄي زندگيءَ ۾ ۶ ڀيرا جيل کي سلام ڪري چڪو هو. ۱۹۴۸ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان کي ڪالعدم تنظيم قرار ڏنو ويو ته ان وقت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به جيل وڃي پھتو، ان وقت جي گهرو معاملن واري تڏهوڪي وزير مسٽر شھاب الدين ڪامريڊ سوڀي کي آڇ ڪئي ته تون ڀارت وڃ، اسين توکي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

ڪامريڊ سوڀي ڌرتيءَ ڄائو هجڻ جو ثبوت ڏيندي کيس چيو ته،”پاڪستان ۾ پناهگير آهن، مان ته سنڌ ڄائو ۽ ڪيترين ئي پيڙهين کان هتي آباد آهيان، مان سنڌ ڪيئن ڇڏيندس؟ مان سنڌ نه ڇڏيندس، سنڌ منھنجي ڌرتي آهي تنھن کي ڇڏي وڃڻ جو مان سوچي به نٿو سگهان. منھنجي لاءِ سنڌ ۽ امڙ ٻئي هم معنى آهن، اڄ مان به پنھنجي سنڌ امڙ جي ٿڃ پي مان جوان ٿيو آهيان ۽ ها اهو سمجهي ڇڏ، مان ميدان ڇڏي ڀڄندس ڪو نه.“

واقعي ڪامريڊ انسان دوستيءَ جو سگهارو، سڀ کان اُتم اعلى آدرش هو، جنھن پنھنجي وطن جي مِٽيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان عشق ڪيو هو. ان لاءِ ڪامريڊ سوڀي کي سنڌ ۽ ٻاهرين ملڪ جي ماڻهن مختلف لقب ڏنا، جن ۾ ”سنڌ جو قلندر“، ”ڌرتيءَ جو پُٽ“، ”مُھين جو ماڻهو“، ”ايشيا جو عظيم ڏاهو“ ۽ ٻيا ڪيترائي برجستا لقب آهن. ڪامريڊ کي اهي لقب رات پيٽ ۾ ڪو نه مليا پر هن پنھنجي حياتيءَ ۾ تمام گهڻي محنت، جفاڪشي ڪئي، تعليم جي معاملي ۾ ڪامريڊ سوڀو ۱۹۳۹ع ۾ مھان ڪوي ٽئگور جي برپا ڪيل شانتي نڪيتن ۾ سُر ۽ سرود جي وديا پرائڻ ويو جتي سندس حقيقي معنى ۾ ذهني اوسر ٿيس ۽ جتي ٽئگور جھڙي اعلى پايي جي شخصيت مھين جي دڙي مان آيل ماڻهوءَ تي خاص توجهه ڪرڻ فرمائي.

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي وطن دوستيءَ جو هڪ اعلى شھڪار هو. مھين جي دڙي جي مٽيءَ جو قرض هن مھان انسان سٺي نموني نڀائي ڏيکاريو. شاهه لطيف جو سُر حسيني بيت ٿو ياد اچي ته:

تون ڪيئن پاتو پاند، پلئه پرديسين سين؟

متيون موڙهيئي سيئي، ڪيئي ڪوهيارو ڪانڌ،

رُلي ڀانئي راند، ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو.

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ٽنور مل جي گهر ۳- مئي ۱۹۲۰ع تي ڳوٺ ٻنڊي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ڪامريڊ جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو ته شروعاتي تعليم پنھنجي گهر مان ئي حاصل ڪئي. ان دور ۾ سنڌ ۾ فارسي ۽ عربي تعليم جو عروج هيو، ڪامريڊ فارسي ۽ سنڌي ٻئي ٻوليون سکيون پر گُرمکي تي به سٺي مھارت رکندو هو ۽ انگريز ٻولي تي تمام گهڻو عبور حاصل هئس. پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪمالِ فن جو ايوارڊ ماڻيندڙ ”مُھين جو ڪنگ پريسٽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي“ مڃيل استادن جو شاگرد هو، ۽ پنھنجي استادن تي ڪامريڊ ناز به ڪندو هو، جن ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ استاد، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ٽي ايم آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر ديو هارٽ، اين بي بٽاڻي، ايل ايڇ اجواڻي، منگها رام ملڪاڻي، رام پنجواڻي وغيره هئا.

زندگيءَ جي ايتري سفر ۾ ڪامريڊ جون خواهشون هيون جن ۾ ڪامريڊ جا ٻه سفرناما آهن، هڪ آمريڪا ۽ انگلينڊ جو سفر جيڪو ۱۹۹۹ع ۾ ڪيائين ۽ ٻيو سفر جيڪو ۲۰۰۶ع ۾ هندستان جو سفر ڪيائين. ٽئين ڪامريڊ جي خواهش هئي ۽ جنھن جو اظھار عبداللطيف نطاماڻي ليبر هال لاڙڪاڻو ۾ ٿيل محمد ابراهيم جويي جي سئو ساله پروگرام جي صدارتي تقرير ۾ به ڪيو هئائين ته ”آءٌ به شل ۱۰۰ سال عمر ماڻي سگهان“، پر افسوس ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۸-ڊسمبر ۲۰۱۴ع تي ۹۴-سالن جي عمر ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ۹- ڊسمبر ۲۰۱۴ع تي سندس ڪريا کي سنڌوءَ حوالي ڪيو ويو.

 

(ڏھاڙي اردو لاڙڪاڻو ۾ ۱۴ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



سوڀو گيانچنداڻي

موهن جي دڙي جي مٽي جو ماڻهو

دولت رام کتري

موهن جي دڙي جي شاندار تاريخ ۽ تهذيب جي تسلسل جو ٻيو نانءُ “سنڌ” آهي. ۽ سنڌ اسان جي محبتن جو ڀرم آهي. سنڌ جي شعوري تاريخ ۾ جيڪي فرد ڪڏهن به نه جهُڪيا سدائين پنهنجو پاڻ کي جلائي، روشن ڏيئي وانگر گُگهه اوندهه ۾ روشني پيدا ڪندا رهيا. اُنهي شعوري تاريخ جو هڪڙو نالو سوڀو گيانچنداڻي به آهي. جنهن جي فڪر ۾ “سنڌ” جاڳندي هُئي. موهن جي دڙي جي مٽيءَ جو هي ارڏو انسان سنڌ سان محبت جي علامت بڻيل هو. ڪامريڊ سوڀو سنڌ ۾ ترقي پسند فڪر جو سگهارو آواز ۽ هڪ تاريخ هو. جنهن کي اسان جي نسل پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ٻُڌو. ۽ انهي جي شخصيت مان اتساهه ورتو. هن شخص جي ڏاهپ مان اسان جي نسل ادب، فلسفي، سياست، سماجيات، ثقافت، ٻولي متعلق ڄاڻ وٺي گهڻو ڪجهه پرايو. سوڀو انقلابي سوچ رکندڙ جدوجهد جي علامت پڻ هُيو.

گذريل ڏينهن سوڀي گيانچنداڻي جي لکڻين جو مطالعو پئي ڪيو سوڀي جي آتم ڪهاڻين کي جڏهن پڙهجي ٿو يا ٻُڌجي ٿو تڏهن سوڀي جي فڪري خوابن ۽ حقيقتن جي پهرين اوليت”سنڌ” نظر اچي ٿي. ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ۽ سندس ڀوڳنائن جو سفر به طويل رهيو آهي پر هو زماني جي ناخذائن آڏو ڪڏهن به نه جهُڪيو. سنڌ جي هن باضمير ماڻهو سختيون سٺيون، جيلن ۽ ٿاڻن کي قبول ڪرڻ گهُريو پر ڌرتي سان ويساهه گهاتي جو تصور نه ٿي ڪيو. ان جي سوچ ۽ لوچ ۾ سنڌ سمايل هئي حالتن جون سنگينيون جڏهن سنڌ مٿان زبردستي مڙهيون ويون. ۽ اصلوڪن ڌرتي ڌڻين کي لڏائڻ جا جتن ڪيا ويا تڏهن به سوڀي سنڌ نه ڇڏي ۽ وقت جي اختيار ڌڻين کي وڏي واڪي ايئن چيو ته ؛

هي ڌرتي منهنجي ماءُ آ،

جنهن ۾ مُنهنجو ويساهه آ.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سوڀي کي جيل ۾ واڙيو ويو. تڏهن انهي وقت جي گهرو معاملن واري وزير شهاب الدين سوڀي کي آڇ ڪئي ته جيڪر تون سنڌ ڇڏي ڀارت وڃين ته توکي اسان آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. تنهن تي سوڀي وڏي جرئت ۽ بهادري سان گهرو معاملن واري وزير کي ايئن چيو هو ته “تون ته پاڪستان ۾ پناهگير آهين مان ته سنڌ ڄائو آهيان. ۽ هن ڌرتي جو ڌڻي آهيان. مان ته صدين کان هتي آباد آهيان. مان سنڌ هرگز نه ڇڏيندس تون ڪير ٿيندو آھين مون کي سنڌ مان لڏائڻ وارو. “سوڀي جي انهي جرئت ڀرئي جواب سنڌ جي ٻين هندن کي پڻ حوصلو ڏنو. سنڌ ماءُ سان محبت ڪندڙ ڪامريڊ سوڀي ڏکين حالتن ۾ به سنڌ نه ڇڏي هن سموري زندگي پنهنجن مفادن کي اهميت نه ڏني هن سنڌ لاءِ جيئڻ سکيو ۽ سنڌ لاءِ مرڻ سکيو جڏهن سنڌ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جو ذڪر نڪرندو آهي ته اهو سوڀي جي ذڪر کان سواءِ اڻ پورو هوندو جيتوڻيڪ سوڀو ڪميونسٽ خيالن جو ماڻهو هو ۽ ان جي سڃاڻپ هڪ ڪميونسٽ طور هئي پر “سنڌ” هن جي ساهن ۾ سمايل هئي ۽ هن آخر تائين پنهنجي ڌرتي ماءُ سان ناتو نڀائي سنڌو جي جل ۾ پرواڻ ٿي ويو. سنڌ ۾ هي اڄ جيڪا شعور جي لهر نظر اچي ٿي اُن ۾ سوڀي جو وڏو حصو شامل آهي. توڙي جو هن جي سياسي جدوجهد جا مختلف پاسا رهيا آهن. پر ون يونٽ واري دور ۾ سوڀي جون تقريرون ۽ تحريرون سنڌ لاءِ سجاڳي جو پيغام کڻي آيون هُيون. ون يونٽ واري دور ۾ جڏهن سياسي جدوجهد پنهنجا جوهر ۽ جلوا ڏيکاريا هُئا تڏهن سنڌ ۾ مزاحمت جي هڪ چُڻنگ اڀري آئي هُئي. انهي دور ۾ سنڌ جا مزاحمتي شاعر پنهنجي شاعري ذريعي نوجوانن جي دلين کي گرمائيندا ۽ اتساهيندا هُئا. انهن مزاحمتي شاعرن جي گيتن ۾ هڪ للڪار هوندي هُئي ۽ سنڌ جا نوجوان سياسي منڊلين ۽ ڪچهرين ۾ وڏي سُر ۽ سوز ۾ ابراهيم منشي جُون هي سٽُون ڳائيندا هُئا ته :

ڪتيُون ڪيئي قيد ۾ گُذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين،

سرنهن پيلا جهليندي گُل، اُنهن کيتن ۾ ملنداسين.

انهي دور ۾ ڪامريڊ سوڀي جي لکڻين، تحريرن سنڌ کي سجاڳي جو نئون دڳ ڏنو. ڪامريڊ سوڀي، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ ٻين اديبن شاعري جي ڪيل تاريخي جدوجهد ون يونٽ جي ٽٽڻ جو سبب بڻي ۽ سنڌ جي قومي سڃاڻپ وري پروان چڙهي. سنڌ جي قومي تحريڪن کي نئون رُخ مليو ۽ سنڌ ۾ سياسي جدوجهد تحرڪ ورتو. جڏهن سوڀي پنهنجيون اکيون پوريون تڏهن سنڌ هڪ عظيم انسان کان محروم ٿي ويئي هن جي آخري سفر ۾ سنڌ جي اديبن شاعرن ڀٽائي جي بيتن جي گونجار سان هن کي الوداع ڪيو ھو انهي کان پوءِ سنڌ جي هن عاشق جي ارٿين “هاٺين” کي سنڌو ۾ پروان ڪيو ويو ھو تڏهن ايئن محسوس ٿيو ته علم ۽ ڏاهپ جو ڀنڊار سنڌو ۾ سمائجي ويو سوڀي جي فڪر جي آبياري جيئن ته سنڌو جي جل ڪئي هئي تڏهن ته سوڀي پنهنجي وصيت ۾ چيو هو ته منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي ارٿين (ھاٺين)کي سنڌو ۾ پرواڻ ڪجو ته جيئن مرڻ کان پوءِ آءُ سنڌو جي امرت جل ۾ ملي وڃان

منهنجي سوڀي سان زندگي ۾ صرف ٻه ڀيرا روبرو ملاقاتون ٿيون ھيون سندس حياتي ۾ سوڀي سان صرف ھڪ ڀيرو ڳالھه ٻولھ ٿي ھئي ڳالھ ٻولھه دوران ھن پنهنجي ھم عمر پروفيسر شامداس جوشي جا حال احوال پڇيا ھئا سوڀي سنڌ کي فڪري شعور ڏنو. ۽ ڌرتي جي ماڻهن کي سنڌ جي خوشحالي جا خواب ڏنا. سوڀي جي ساهه جو سڳو ضرور ٽُٽو پر هُن جا آدرش آخر تائين اُتم رهيا. سوڀو پنهنجي اصولن ۽ آدرشن ۾ وڏو ماڻهو هو ۽ هن مصيبتن ۾ ميدان ڇڏڻ سکيو ئي نه هو. سوڀي جي تاريخي ڪردار کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي. سوڀو سنڌ وانگر اسان جي ساهن ۾ جيئرو رهندو ۽ هو اسان جي دلين ۾ هميشه امر رهندو. سوڀو سنڌ جي تاريخ جو سوجهرو ۽ علم جو ڀنڊار هو جنهن جي ڏاهپ کي عالمي سطح تي مڃتا مليل هئي هن پنهنجي ڌرتي ماءُ سنڌ سان آخر تائين نڀايو هن مهان ڏاهي جي خدمتن کي مڃتا ملڻ گھرجي ھا سرڪار کي هن جي نالي ڪو ادارو قائم ڪرڻ گھرجي ھا ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ هن جي نالي لائبريريون به قائم ٿيڻ گهرجن ھا ته جيئن سنڌ جو نئون نسل هن مان لاڀ حاصل ڪري سگهي. پر الائي ڇو سرڪار پاران ھن مھان ماڻهوَ جي ڪم کي مڃتا ڪونه ملي سگهي؟؟؟ سوڀو سنڌ جي تاريخ جو مهاساگر هو. اهڙو مهان انسان ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندو آهي.

سوڀو سورهيه سنڌ جو، ماڻهو هيو مهان،

املهه هي انسان، جيئندو پيو تاريخ ۾،

جيئندو پيو تاريخ ۾ ماڻهو هي مهان،

ڇڏڻو آ جهان موت ناهي مهڻو. (نامعلوم)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۵ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)




سوڀو، سوشلزم ۽ سنڌ!

رام اوڏ

تاريخ جي دل تي ڪي ماڻهو قوم جو نظرياتي ڏَڍ هوندا آهن، جن جي زندگي جو فڪر ۽ فلسفو ڌرتيءَ جي دامن تي سچ ۽ سونهن جيئن سُرهاڻ بڻجي ذهنن کي روشن صبح جي آس لاءِ اُتساھ ڏيندو آهي. تاريخ جي ڪُک ورلي ڪو محب وطن کاهوڙي پيدا ڪندي آهي. سنڌ جي مردم خيز مٽي ۾ سوڀي گيانچنداڻي جو ڄمڻ اسان لاءِ پوري هڪ صدي جو سهارو رھيو آهي. اهو سوڀو جنهن کاٻي ڌُر جي باوقار سياست ڪئي ۽ سندس سياسي آئڊيئلزم ۾ ايوان ۽ اقتدار نه هئا، جاڳ ۽ جدوجهد جو دڳ سوڀي جي روح ۾ هميشه هلچل مچائيندو رهيو.

ڌرتي جي ڪينواس تي انقلاب جا تصور اڻيندڙ اهو سوڀو، جنهن کي حالتن جهوريو ضرور ھو پر هوُ جهڪيو نه ھو. سنڌ جي ھن اڏول سپوت ۽ عاشق جي سموري زندگي سرمائيدار ۽ جاگيردار قوتن خلاف جهڙيندي گذري. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سرمائيدار ٻين جي رَت ۽ ست تي پلجندو رهي ٿو. هوُ پورهيت کي ايتري اُجرت ڏئي ٿو، جو هوُ صرف زندھ رهي سگهي، ۽ هن جي سرمائي کي سگھ بخشي. پرولتاري پيٽ پالڻ لاءِ اُجرت تي پنهنجي سگھ ۽ صلاحيت وڪرو ڪري ٿو ۽ سرمائيدار خريد ڪري ٿو. ائين سرمائيداري غلامي کي به ڄڻي ٿي. پيداواري وسيلن يعني ٻنين، فيڪٽرين، ڪارپوريشنس وغيره تي چند سرمائيدار قابض آهن. جيڪي پورهيت طبقي سان اقتصادي ۽ اخلاقي جُٺيون ڪندي ذاتي ملڪيت ۾ اضافو ڪن ٿا.

هڪ سرمائيدار پنهنجي سرمائي کي اڃا وڌائڻ لاءِ مسڪين مزدور کي اقتصادي طور محدود رهڻ جي رسي ٻڌي ڇڏيندو آهي. هُو چاهيندو آهي ته ٻين جي پورهئي تي ايتري ملڪيت ميڙي جو سندن آئينده پيڙهيون به مزدور جي ان ڪمائي مان پلجنديون رهن. هڪ مزدور جي زندگي جي پيڙا جي اهڙي پسمنظر ۾ بر صغير جي هن ڪيونسٽ اڳواڻ ساڻ محنت ڪش مزدور جي جيون ۾ هڪ تبديلي جي خواب، جنهن کيس تاريخي طور طبقائي جدوجهد سان ڳنڍي ڇڏيو. ائين سوڀو هاري مزدور جي حقن لاءِ ميدان ۾ لٿو ۽ استحصالي قوتن سان وڏي ديده دليري سان ٽڪر کاڌي. جيلن جون سلاخون ۽ سختون سوڀي جي Idealist جوهر کي جهڪائي نه سگهيون. قيد خانن ۾ ڪارل مارڪس ۽ ولاديمير لينن جون لکڻيون سندس سوچ ۾ لھرون پيدا ڪنديون رهيون. جيون جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ سوڀو جسماني طور پوڙهو هوندي به ذهني طرح جوان ھو ۽ نظرياتي طرح پنهنجي آدرشي جدوجهد کان هٽيو نه ھو. نظرياتي محاذ تي سوشلسٽ سوچ رکندڙ سوڀي سرمائيدارن جي ڪارستانين کي للڪاريو ھو. سنڌ ۾ صدين کان موجود وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري کي ڊاهڻ لاءِ سوڀي جو ضمير وڙهندو رهيو.

سوڀي سچ جي سوڀ خاطر اذيتون ۽ ايذاءُ برداشت ڪيا پر پير پوئتي نه ڪيا. مونجھ، مايوسي ۽ ويڳاڻپ جي گهڙين ۾ هن جون انقلابي اُڏارون حقيقت پسندي جي هڳاءُ سان روشن خيالي جو روپ رهيون ۽ ھن جي عقل ۽ دليل جي نشاط ثانيه (Renaissance) ڏند ڪٿائن کي ڏنگيندي رهي. سنڌ ۾ جتي سياسي طرح نعري باز سياسي روايتون پلجن پيون ۽ سنڌ ۾ پارٽين جو ميلو متل آهي، اُتي سوڀي جهڙا فرد ادارا رهيا. سوڀي ترقي پسند سوچ جو ڦهلاءُ خوشحال سنڌ جي خواب طور ڪيو. هو سدائين سنڌ جي حقن لاءِ عملي توڙي لکڻين ذريعي جاکوڙيندڙ رهيو. هوُ سڌو، کرو، سچو واقعي موئن جي دڙي جو ماڻهو ھو. سندس اصولي سياست ۾ دورن جي آمرن سان ٽڪراءُ ائين آهي، جيئن روپلي ڪولهي جي ڪارونجهر جي پهاڙن تي انگريزن خلاف ويڙھ! شيخ اياز لکيو آهي:

واجهَه وِجھ تون، وَڍ ڏي، رت وهي ته به رڙھ،

پوئين وير به وِڙھ، ويريءَ ساڻ وجود جي.

ائين ڏکڻ ايشيا جو هي جهونو ڪميونسٽ شانتي نڪيتن جي ڏينهن کان ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي سياست جي تاريخ جو گواھ ھو. سوڀي ۲۱ سالن ۾ ورهاڱي کان اڳ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا ۾ شموليت اختيار ڪئي. هو ۱۹۴۱ع ۾ وديارٿي هلچل ۾ سرگرم رهيو، پوءِ ۱۹۴۲ع ۾ Quit India Movement (هندستا ڇڏي وڃو تحريڪ) ۾ هو ۽ جيل ياترائون ڪيون. ۱۹۷۰ع دوران ذوالفقار علي ڀٽو سوڀي کي بار بار آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پ پ پ جوائن ڪري پر پاڻ شموليت کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.

سوڀي جي سنڌ سان جذباتي وابستگي رهي، هن لاءِ ڪبير جي لفظن جيان” ڌرتي ماتا تم بڙي، تم سي بڙا نه ڪوئي “جيان ڌرتي اُتم رھي. انقلاب جي رومانس سان گڏ ڌرتي سان عشق سوڀي جي رڳن ۾ رهيو ئي رهيو. سوڀي تي دٻاءُ وڌو ويو هو ته ھو سنڌ ڇڏي هند هليو وڃي، پر موئن جي مٽي مان ڳوهيل هن ماڻهو سنڌ ڌرتي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سنڌ لاءِ محبت سوڀي جي رڳن ۾ روليشن ڪندي رهي. ان کانسواءِ سوڀي کي ۸ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع جي مارشلا وقت سائين جي ايم سيد چيو: ”سوڀا! هندوستان هليو وڃ. اهو تنهنجي لاءِ سٺو رهندو، تو کي هتي وڌيڪ نه رهڻ گهرجي. “سوڀي جا جواب ۾ هي لفظ هئا؛ ”ڪڏهن به نه، مان ڇو وڃان؟ هي منهنجي ڌرتي آهي مان هتي وڏو ٿيو آهيان، آئون توهان سان هر صورت ۾ گڏ هوندس“. سوڀي چيو ته سندس سنڌي ڪامريڊ دوستن به ملڪ ڇڏڻ جي اصلاح ڏني پر ھن هنن کي چيو ته؛ “مون هتي رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي مان ڌرتي جو پٽ Son of the Soil آهيان، سنڌ ڇڏڻ برداشت نٿو ڪري سگهان. ”

حسن پرست انسان دوست بنگالي اديب، شاعر، مصور ۽ تعليمي ماهر رابندر ناٿ ٽئگور (۱۹۴۱-۱۸۶۱) سان گهاريل سوڀي جا ڏينهن ڏاڍا سونهري رهيا. بين الاقوامي يونيورسٽي شانتي نڪيتن ۾ سوڀو ۱۹ مئي ۱۹۳۹ع تي پڙهڻ لاءِ ويو.

سوڀو پنهنجي آتم ڪٿا “روشني جي پنڌ ۾” ۾ هڪ ياد ائين لکي ٿو:

شانتي نڪتين ۾ رهڻ دوران مان ٽئگور جي شخصيت جو ويجهي کان ڳوڙهو مطالعو ڪيو، هو ان وقت اسي (۸۰) ورهين جو هيو ۽ وقت به وقت جيڪي موسمي فنڪشن ٿيندا هئا، تن ۾ کيس موجود ڏسندو هوس. هڪ دفعي ۲۱ فيبروري ۱۹۴۰ ع ۾ سازن تي سندس ئي ڪنهن ڌن تي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جو ناچ ٿي رهيو هو ته هن اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي پنهنجي ڀڳل ٽٽل آواز ۾ گيت ڳائڻ شروع ڪيو. سڀ ساز ۽ ناچ بند ٿي ويا ۽ گرو ديو سڏڪن ۾ گيت ڳايو ۽ پوءِ هڪ ٻيو گيت به ڳايو جنهن سڀني ٻڌندڙن کي ٻاتاڙي ڇڏيو. بعد ۾ پنهنجي بنگالي استادن کان پڇيم ته؛ “اهو ڪهڙو گيت هو جنهن ٽئگور کي ايڏي جنون سان ڳائڻ لاءِ آپاريو؟” استادن ٻڌايو ته ان گيت جو حاصل مطلب اهو هو ته بهار جا وسڪارا آيا آهن ۽ مان ايڏو نظر کان ويهي ويو آهيان جو صرف هير کي ئي محسوس ڪري سگهان ٿو ته بهار اچي ويو آهي. پر آسمان تي هلندڙ ڦرندڙ ڪڪرن کي ۽ انهن جي رنگن کي ڏسي نٿو سگهان. (۲۷)

ٽئگور سنڌين جي سونهن سادگي، نياز ۽ نوڙت کي واکاڻيو هو. هڪ ڏينهن ٽئگور سوڀي کان اها به شڪايت ڪئي ۽ پڇيو: سنڌ ڌرتي ايتري بي امن ڇو آهي. هتي ايترا ڌاڙيل ڇو آهن؟ ۽ اوچتو ياد ڪندي پڇيو: ”توهان اسان جي بهترين ماڻهو ۽ شانتي نڪيتن جي ماهر آرڪٽيڪٽ مجمودر بنگالي کي ڇو ماريو، جيڪو موئن جي دڙي ۾ آرڪيالَجسٽ هو. ” سوڀي وراڻيو هڪ بروهي ڌاڙيل مجمودر کي دادو ويجهو ان ڪري ماريو ته هن سمجهيو شايد هو موئن جي دڙي مان سون کوٽي رهيو هو، تنهنڪري هڪ رات ڪئمپ تي حملو ڪيو ۽ مجمودر کي ماري ڇڏيو.

ٽئگور هڪ ڏينهن چيو ته؛ انهي ڇوڪري کي گهرايو جيڪو موئن جي دڙي کان آهي. ائين ٽئگور سدائين سوڀي کي موئن جو ماڻهو ڏيندو هو.

سوڀي کان حياتي ۾ لقب مليا آهن، جن جو نعم البدل دنيا جي ڪنهن به اداري جو ايوارڊ يا سرٽيفڪيٽ نه آهي. هڪ لقب رابندر ناٿ ٽئگور ڏنو The Man From Moen Jo Daro يعني موئن جي مٽي جو ماڻهو ٻيو Son of the Soil يعني ڌرتي جو پٽ، جيڪو سوڀي پنهنجو پاڻ کي ڏنو آهي.

جتي انسانن جي اڪثريت مُٺ جيترن ماڻهن جي غلام نه هجي، جتي ظلم جي پاسداري ڪندڙ ڌريون هيڻن تي هلائون نه ڪن، جتي غربت جي ڪري ڪنهن جا ٻچا بکيا نه رهن، جتي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کي هر اڇي ۽ ڪاري جا اختيار نه هجن، جتي ڦورو ۽ لُٽيرن جو راڄ شهر ۾ دهشتگردي جي ڌپ نه پکيڙي، جتي انسانيت لاءِ احترام هجي، جتي امن ۽ برابري هجي، جتي انڌ بجاءِ عقليت کي اوليت هجي: اهو سوڀي جي زندگي جو فلسفو آهي. شيخ اياز سوڀي جي ڪتاب “وڏي وَٿ هُئام” جي مهاڳ ۾ ”منهنجي توسان نظرياتي دوستي به آهي، ” سان اگڏ اهو به لکيو ته؛ “سوڀو هڪ سياسي مفڪر آهي، هن لاءِ سماج آدرش کان وڌيڪ، سپرين ڪوئي به ٿي نٿو سگهي.” موت پڄاڻان سوڀي جي زندگي جا نظرياتي آدرش ئي ھن جي جياپي جو سبب آھن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سوڀو ۽ سنڌ!

رام اوڏ

ڏکڻ ايشيا جو هي جهونو ڪميونسٽ شانتي نڪيتن جي ڏينهن کان ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي سياست جي تاريخ جو گواھ ھو. سوڀي ۲۱ سالن ۾ ورهاڱي کان اڳ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا ۾ شموليت ڪئي، هو ۱۹۴۱ع ۾ وديارٿي هلچل ۾ سرگرم رهيو، پوءِ ۱۹۴۲ع ۾ Quit India Movement (هندستا ڇڏي وڃو تحريڪ) ۾ هو ۽ جيل ياترائون ڪيون. ۱۹۷۰ع دوران ذوالفقار علي ڀٽو سوڀي کي بار بار آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پ پ پ جوائن ڪري پر پاڻ شموليت کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.

سوڀي جي سنڌ سان جذباتي وابستگي رهي، هن لاءِ ڪبير جي لفظن جيان “ڌرتي ماتا تم بڙي، تم سي بڙا نه ڪوئي” جيان ڌرتي اُتم رھي. انقلاب جي رومانس سان گڏ ڌرتي سان عشق سوڀي جي رڳن ۾ رهيو ئي رهيو. سوڀي تي دٻاءُ وڌو ويو هو ته ھو سنڌ ڇڏي هند هليو وڃي، پر موهن جي مٽيءَ مان ڳوهيل هن ماڻهو سنڌ ڌرتي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان کانسواءِ سوڀي کي ۸ آڪٽومبر ۱۹۵۸ع جي مارشلا وقت سائين جي ايم سيد چيوٰ: “سوڀا! هندوستان هليو وڃ. اهو تنهنجي لاءِ سٺو رهندو، توکي هتي وڌيڪ نه رهڻ گهرجي”. سوڀي جا جواب ۾ هي لفظ هئا: “ڪڏهن به نه، مان ڇو وڃان؟ هي منهنجي ڌرتي آهي، مان هتي وڏو ٿيو آهيان، آئون توهان سان هر صورت ۾ گڏ هوندس”. سوڀي چيو ته سندس سنڌي ڪامريڊ دوستن به ملڪ ڇڏڻ جي اصلاح ڏني پر ھن هنن کي چيو ته، “مون هتي رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مان ڌرتي جو پٽ Son of the Soil آهيان، سنڌ ڇڏڻ برداشت نٿو ڪري سگهان”.

حسن پرست انسان دوست بنگالي اديب، شاعر، مصور ۽ تعليمي ماهر رابندر ناٿ ٽئگور (۱۹۴۱-۱۸۶۱) سان گهاريل سوڀي جا ڏينهن ڏاڍا سونهري رهيا. بين الاقوامي يونيورسٽي شانتي نڪيتن ۾ سوڀو ۱۹ مئي ۱۹۳۹ع تي پڙهڻ لاءِ ويو. سوڀو پنهنجي آتم ڪٿا “روشني جي پنڌ ۾” ۾ هڪ ياد ائين لکي ٿو: “شانتي نڪتين ۾ رهڻ دوران مان ٽئگور جي شخصيت جو ويجهي کان ڳوڙهو مطالعو ڪيو، هو ان وقت اسي (۸۰) ورهين جو هو ۽ وقت به وقت جيڪي موسمي فنڪشن ٿيندا هئا، تن ۾ کيس موجود ڏسندو هوس. هڪ دفعي ۲۱ فيبروري ۱۹۴۰ع ۾ سازن تي سندس ئي ڪنهن ڌن تي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جو ناچ ٿي رهيو هو ته هن اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي پنهنجي ڀڳل ٽٽل آواز ۾ گيت ڳائڻ شروع ڪيو. سڀ ساز ۽ ناچ بند ٿي ويا ۽ گرو ديو سڏڪن ۾ گيت ڳايو ۽ پوءِ هڪ ٻيو گيت به ڳايو، جنهن سڀني ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ پنهنجي بنگالي استادن کان پڇيم ته، ‘اهو ڪهڙو گيت هو، جنهن ٽئگور کي ايڏي جنون سان ڳائڻ لاءِ آپاريو؟’ استادن ٻڌايو ته ان گيت جو حاصل مطلب اهو هو ته بهار جا وسڪارا آيا آهن ۽ مان ايڏو نظر کان ويهي آهيان، جو صرف هير کي ئي محسوس ڪري سگهان ٿو ته بهار اچي ويو آهي. پر آسمان تي هلندڙ ڦرندڙ ڪڪرن کي ۽ انهن جي رنگن کي ڏسي نٿو سگهان.”

ٽئگور سنڌين جي سونهن سادگي، نياز ۽ نوڙت کي واکاڻيو هو. هڪ ڏينهن ٽئگور سوڀي کان اها به شڪايت ڪئي ۽ پڇيو: سنڌ ڌرتي ايتري بي امن ڇو آهي. هتي ايترا ڌاڙيل ڇو آهن؟ ۽ اوچتو ياد ڪندي پڇيو: “توهان اسان جي بهترين ماڻهو ۽ شانتي نڪيتن جي ماهر آرڪٽيڪٽ مجمودر بنگالي کي ڇو ماريو، جيڪو موهن جي دڙي ۾ آرڪيالَجسٽ هو؟” سوڀي وراڻيو ته هڪ بروهي ڌاڙيل مجمودر کي دادو ويجهو ان ڪري ماريو ته هن سمجهيو شايد هو موهن جي دڙي مان سون کوٽي رهيو هو، تنهنڪري هڪ رات ڪئمپ تي حملو ڪيو ۽ مجمودر کي ماري ڇڏيو. ٽئگور هڪ ڏينهن چيو ته انهيءَ ڇوڪري کي گهرايو، جيڪو موهن جي دڙي کان آهي. ائين ٽئگور سدائين سوڀي کي موهن جو ماڻهو سڏيندو هو. سوڀي کي حياتي ۾ لقب مليا آهن، جيڪي دنيا جي ڪنهن به اداري جو ايوارڊ يا سرٽيفڪيٽ جي نعم البدل نه آهن. هڪ لقب رابندر ناٿ ٽئگور ڏنو The Man From Moen Jo Daro يعني موهن جي مٽي جو ماڻهو ٻيو Son of the Soil يعني ڌرتي جو پٽ، جيڪو سوڀي پنهنجو پاڻ کي ڏنو آهي.

شيخ اياز سوڀي جي ڪتاب “وڏي وَٿ هُئام” جي مهاڳ ۾ “منهنجي توسان نظرياتي دوستي به آهي،” سان گڏ اهو به لکيو ته، “سوڀو هڪ سياسي مفڪر آهي، هن لاءِ سماج آدرش کان وڌيڪ، سپرين ڪوئي به ٿي نٿو سگهي.” موت پڄاڻان سوڀي جي زندگي جا نظرياتي آدرش ئي ھن جي جياپي جو سبب آھن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا