; سنڌي شخصيتون: امداد بلوچ

28 June, 2018

امداد بلوچ


امداد بلوچ
الڳ ۽ منفرد طبيعت جو شخص
مٺل جسڪاڻي
امداد بلوچ، مورو کان نيو جتوئي روڊ تي ڳوٺ ھوت خان بھراڻي جي ھڪ غريب ڪٽنب ۾ جنم وٺندڙ ٻارڙو ھو، ته ان ئي علائقي جي ماڻھن کي تعليم پرائڻ لاءِ ميسر موجوده دور جون سھوليتون نه ھيون، ان ھوندي به، ننڍپڻ کان حوصلي ۽ ھمٿ سان، سنڀالي قدم پٺيان قدم کڻندو، ڏاڪي کان ڏاڪو چڙھندو، اڳتي وڌيو، ته وڌندو ئي ويو.
امداد بلوچ پڙھيو، پرايو، ته ھاڻي ڳوٺ ڪو قسمت سانگي، سال ۾ ھڪ دفعو ضرور ويندو آھي، پر ڳچ عرصو عرب ملڪن ۾، گھڻو وقت دبئي ۾ گذاري ٿو.


امداد بلوچ، لکي پڙھي، علم سان گڏوگڏ عمل جي ميدان ۾ عملي تجربو ماڻيندو، اڳتي کان اڳتي وڌندو رھيو، ته پاڻ اڪيلي سر، پنھنجي ئي سر لاءِ نه، سندس ڳوٺ وارن مٽن مائٽن سميت ٻين به گھڻن کي ھمٿائيندو، انھن جي رھنمائي ڪندو، ساڻن ھر قسم جو مثبت سھڪار ڪندو، سوين ماڻھن لاءِ نه صرف سونھين ھجڻ جو ڪردار ادا ڪندو رھيو، پر روزگار سان به لڳائيندو رھيو، ته مختلف ماڻھن جي فردن فردن اخلاقي توڙي مالي به مدد ڪندو رھيو آھي.
امداد بلوچ، معاشري ۾ کنڀين وانگر جنم وٺندڙ سماجي تنظيمن معرفت گھٽ، پنھنجي سر، فرد جي صورت ۾ تمام گھڻو ۽ عام فائدي جو سماجي ڪم به وڌيڪ ڪندو رھيو آھي، ته ساڳمي وقت، ڪجھه پاڻ جھڙن ھڏ ڏوکي شخصيتن جي سھڪار سان به فلاح ۽ بھبود جا ڪيترا ئي ڪم ڪندو رھيو آھي.
امداد بلوچ مروج نصابي تعليم حاصل ڪري، روايتي سندون ماڻڻ سان گڏوگڏ غير نصابي علمي ۽ ادبي مواد به مطالعي ۾ آندو، جنھن ڪري ئي سندس منفرد شخصيت جي تعمير ٿي، ھڪ الڳ ٿلڳ اھڙي نرالي سڃاڻپ ٿي، جو ساڻس واسطي، رابطي، دعا سلام، قرب ڪچھرين ۾ نه صرف سندس عزيز ۽ ننڍپڻ جا ھم-ڪلاسي ۽ ھم-اسڪولي دوست رھيا، پر بيشمار علمي، ادبي، صحافتي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن سان به سندس مثالي ميل ملاقاتون رھنديون پيون اچن.
ذاتي لڳ لاڳاپي وارن سان اچ وڃ، سماجي تعلقات جي نڀاءُ سان گڏوگڏ معزز شخصيتن جي مانَ ۾، کين مڃتا ڏيڻ لاءِ، پاڻ انفرادي طور به قرب-ڪچھريون ۽ محفلون مچائيندو رھيو آھي، پر مختلف سماجي ۽ علمي ادبي ميڙاڪا ڪرائيندڙ تنظيمن ۽ فردن سان پڻ لڳ لاڳاپي ۾ رھي، ساڻن مالي سھڪار به ڪندو رھيو آھي.
ويجھڙائي ۾، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾، منعقد ٿيل ”لٽريچر فيسٽيولس“، ”اياز ميلو“ ۽ اھڙي نوعيت جا ٻيا مختلف پروگرام ۽ مچ-ڪچھريون ڪرائڻ ۾ پڻ سندس مالي سھڪار رھيو آھي.
امداد بلوچ ڪتاب به گھڻا پڙھيا آھن، ساڳئي وقت ڪيترن ئي شاعرن، ڪھاڻيڪارن، دانشورن ۽ صحافين سان لاڳيتيون قرب-ڪچھريون پڻ رھيون آھن.
امداد بلوچ سان ذاتي واسطو پوڻ کان پوءِ خبر پئي، ته ھي پنھنجي الڳ ۽ منفرد طبيعت جو شخص آھي.
امداد بلوچ سان منھنجو پھريون رابطو فيس بوڪ فرينڊشپ وسيلي پنج سال اڳ ٿيو، جنھن کي اڄ پنج سال پورا ٿيا آھن. ان کان پوءِ ساھين سان روبرو ڪچھريون به ٿينديون رھيون آھن. ملڻ ۾ ڪجھه ڏينھن وڌي ويندا آھن، ته موبائيل فون وسيلي به، خاص طور خوشيءَ جي گھڙين ۾ ھڪ ٻئي لاءِ نيڪ نيتون آڇبيون رھبيون آھن.

No comments:

راءِ ڏيندا