; سنڌي شخصيتون: احمد سولنگي

08 June, 2018

احمد سولنگي


احمد سولنگي
جنم ڏينهن جي مبارڪ ھجيس
رکيل مورائي
نوجوان شاعر احمد سولنگيءَ پنجين جنوري ۱۹۷۱ع تي جنم ورتو، جنهن کان پوءِ سندس امڙ چئين نياڻين ۽ هڪ پٽ کي جنم ڏنو ائين احمد سولنگي چئين ڀينرن ۽ هڪ ڀاءُ جو وارث بڻيو. اڳتي هلي اهي سمورا وارثيءَ وارا فرض هن نڀايا، جيڪي  سندس والد نڀائڻ کان اڳ ۾ ئي جواني ۾ وفات ڪري وڃڻ سبب سندس ڪلهن تي رکي ويو هئو. اڳتي هلي احمد نالي واور نينگر سنڌي ٻوليءَ جو هڪ بيمثال شاعر ٿيندو، اهو ڪنهن جي وهم گمان ۾ به نه هوندو، ڇاڪاڻ ته ان خاندان ۾ نه ئي ڪو اڳ شاعر، اديب پيدا ٿيو هئو ۽ نه ئي ان خاندان جون معروضي حالتون اهڙيون هيون، جنهن طرف اڳتي هلي احمد نالي ان نينگر کي وڃڻو هئو، اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته پنجين جنوري نئين سنڌي شاعريءَ لاءِ  سڀاڳ جو ڏينهن آهي.


احمد سولنگيءَ پرائمري تعليم۱۹۷۹ع ۾ مين پرائمري اسڪول  موري ۾ حاصل ڪئي .ميئٽرڪ تائين تعليم هاءِ اسڪول موري ۾ پڙهيو ، هن ۱۹۸۵ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ انٽر مهراڻ ڪالج موري مان ۱۹۸۷ع ۾ پاس ڪئي  بي،اي ۽ ايم اي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ۱۹۹۳ع ۾ پاس ڪئي. نوجواني ڏانهن سفر ڪندڙ احمد سولنگيءَ جي والد گذر ڪري وڃڻ کان پوءِ کيس پالڻ، نپائڻ ۽ پڙهائڻ جو ذمو سندس ڏاڏي محمد سومر سولنگي تي آيو ۽ سندس تربيت سندس امڙ جي ذميواري بڻي جنهن سندس اهڙي تربيت ڪئي  جو اڄ کيس فخر ٿيندو آهي ته سندس اوجاڳا اگهاميا آهن. ڏٺو وڃي ته احمد سولنگي اڄ جيڪي به ڪجهه آهي اهو پنهنجي ڏاڏي جي پورهيي جي پالنا ۽ ان امڙ جي تربيت ۽ اڻ ڳڻين دعائن جو ثمر آهي .ٻيءَ طرح سندس طبيعت تي پنهنجي والد کان وڌيڪ پنهنجي ڏاڏي جي مزاج جو اثر آهي.
احمد جنهن گهر ۾ جنم ورتو اهو هڪ نيڪ پورهيت جو گهر هئو، جنهن ڪري ڏکن ۽ تڪليفن جو مکاميلو احمد سان ننڍپڻ ۾ ئي ٿيو، جنهن سبب پورهيت دوستي، انسان دوستي ۽ وطن دوستي سندس رت ۾ شامل آهي ۽ شعوري طور هو جن حالتن مان سفر ڪري آيو آهي، انهن حالتن جو اولڙو هن جي شخصيت جي الڳ الڳ حصن ۾ گهر ڪري ويٺل آهي، هُو سيرت ۾ پنهنجي امڙ جهڙو، صورت ۾ پنهنجي پيءُ جهڙو آهي ۽ مزاج ۾ گهڻي حدتائين پنهنجي ڏاڏي جهڙو آهي. هن جي خاندان ۾ ڪي لکيل پڙهيل شخص ته ضرور آهن پر ڪابه علمي ۽ ادبي شخصيت  هن جي خاندان ۾ نه رهي آهي، جنهن ڪري اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته سنڌي ادب ۾ اڳتي هلي جيڪا سندس خاندان جي تاريخ جڙڻ واري آهي، ان جي شروعات سندس نالي سان ٿيڻي آهي. سندس ننڍپڻ جي شخصي دوستن ۾ ٻيا به ڪيترائي شخص هوندا پر هڪ شخص نهايت اهم آهي ،جنهن جو نالو غلام نبي جويو  آهي، جنهن کي گهر وارا ۽ احمد ”گڏو“ سڏيندا آهن. احمد جي پسند جي شهرن ۾ سڀ کان اوليت حيدرآباد شهر رکي ٿو، جيڪو هن جي ماسيءَ جو شهر به آهي ۽ محبوبا جو شهر به آهي، هن جي خوابن جو شهر به آهي  ته هن جي ٻارڙن جو شهر به آهي، جتي ئي هو اڄ ڪلهه پنهنجي بي سڪون روح ساڻ، هڪ پر سڪون گهر ۾ رهائش پزير آهي . هن زندگيءَ ۾ ڪيترائي عشق ڪيا آهن پر سندس شخصي زندگيءَ ۾ ٻه عشق مٿانهون درجو رکن ٿا، ٻاراڻي عمر ۾ ڪبوترن سان عشق ۽ وڏيءَ عمر ۾ ڪتابن سان عشق سندس اهم سڃاڻپ طور ياد رکيا ويندا. هو پنهنجي سخت طبيعت رکندي به پنهنجي لباس جي حوالي نهايت نفيس شخص رهيو آهي. اڄ جڏهن هو پنهنجي خوشحال زندگي گذاري رهيو آهي ، تڏهن سندس ان خوش لباسيءَ ۾ وڌيڪ اضافو آيو آهي، خوبصورت ڪپڙا ۽ بوٽ هُن جي ڪمزورين واري لسٽ ۾ شامل آهن .
احمد سولنگيءَ ايم اي ڪرڻ کان اڳ ۽ پوءِ اخبارن توڙي ٻين ادارن ۾ نوڪريون ڪيون پر کيس مناسب نوڪري سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلٰي  سيد  عبدالله شاه مرحوم ڏني، جنهن کيس ۱۹۹۴ع ۾ وزير اعلٰي هائوس ۾ پروٽوڪول آفيسر ڪري رکيو. هي نوڪري سندس زندگيءَ جو اهم موڙ ثابت ٿي، جنهن کيس شديد اداسائي جي ڪيفيت کان ۽ خودڪشيءَ جي رومانس کان ٻاهر آندو ، سيد صاحب جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ، نئين ايندڙ وزير اعليٰ ۱۹۹۶ع ۾ هن کي نوڪري کان فارغ ڪيو ۽ ائين هڪ ڊگهو عرصو وري هو نوڪريءَ کان الڳ رهيو ، پر پنهنجي شاعري کان هڪ پل به پري نه ٿيو.
سنڌي ٻوليءَ جي هن نوجوان شاعر احمد سولنگيءَ جڏهن شعور جي اک کولي ته هن ملڪ  تي بد ترين مارشل لا لڳل هئي. سڄي ملڪ سان گڏ سنڌ ان فوجي راڄ ۾ جلي رهي هئي، چئني پاسي جلسا، جلوس، گولين جا آواز ۽ فوجي لانگ بوٽن جي ٺڪ ٺڪ موجود هئي. اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول سندس ذهن تي جيڪي پهريان اثر وڌا، اهي اڄ تائين سندس شاعريءَ ۾ موجود آهن. سندس شاعراڻي سفر ايڪيهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ داخل ٿيندي جيڪو پنهنجو چهرو ظاهر ڪيو آهي يا سڃاڻپ ڏني آهي، اها هڪ گهڻ رُخي يا گهڻ پاسائين شاعر واري آهي. پر اهو چوڻ مناسب آهي ته سندس اصلي ۽ پهرئين سڃاڻپ هڪ نج شاعر واري آهي. ان سچ کي سنڌي ادب جي تاريخ پاڻ وٽ سدائين لاءِ سانڍي رکندي.
نئين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ کي جنهن تخليقي ۽ تنقيدي اڀياس جي گهرج آهي، اهڙو اڀياسي/ نقاد شايد سنڌ کي اڳتي هلي پيدا ڪرڻو آهي پر هڪ اهم تخليقي شاعر جي حوالي ۾ احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو اڀياس هن صدي جي اهم گهرج بڻبواهڙي پڪ آهي. کيس بابت هي لکڻ ان اڀياس جي لکندڙن لاءِ پهرين ڪڙي ثابت ٿيندي ۽ پڙهندڙن/ لکندڙن لاءِ اڳتي هلي هڪ بنياد فراهم ڪندي، ايڪيهين صدي جي هڪ ننڍي عمر واري وڏي شاعر جي اڀياس لکڻ لاءِ.
احمد سولنگيءَ جو مزاحمتي مزاج، سنڌ جون ٻرندڙ حالتون، قومي ڦرلٽ، طبقاتي ويڇا، انساني حقن جي لتاڙ ۽ جمهوري قدرن جي پائيمالي، اهي سڀ اهڙا موضوع آهن  جيڪي احمد جي ذهني ارتقا وارن شرعاتي ڏينهن ۾ سندس آس پاس موجود هئا، سندس ذهني ارتقا انهن ڳنڀير حالتن ۾ ٿي آهي ۽ ڪنهن به حساس ۽ غير رواجي ليکڪ توڻي شخص جو انهن حالتن جو اثر قبولڻ فطري ڳالهه هئي. احمد تي به اهي اثر ڇتي نموني پيا جنهن جي ردِ عمل ۾هن پنهنجو پهريون شعر رچيو جيڪو هڪ مزاحمتي نظم هئو. غالبن اهو اسي جي ڏهاڪي جو ڇهون سال هئو، سندس اهو شاعراڻو سفر اڄ تائين جاري آهي.
هن جي سموري شاعراڻي سفر جي باريڪين کي سموهڻ شايد ڊيگهه جو سبب بڻجي پر ڪي حقيقتون ۽ واقعا اهڙا آهن، جن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ شايد هن جي شاعراڻي سفر جو احوال اڻ پورو رهجي وڃي.
۱۹۸۳ع ۾ ملڪ اندر عام طور ۽ سنڌ اندر خاص طور جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ هلايل تحريڪ  پهريون محرڪ هو جيڪو احمد سولنگيءَ جي شاعري لاءِ اهم ڳڻي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ان تحريڪ جي اثر هيٺ ئي شاعري جي شروعات ڪئي. ٻاراڻي عمر کان نوجواني ڏانهن ايندي، هن جيڪي شروعاتي شعر لکيا، اهي ان وقت موري شهر ۾ رهندڙ سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر سائين راشد مورائيءَ کان اصلاح وٺڻ لاءَ ڏيکاريل آهن. دراصل هي اهووقت هوجڏهن احمد جي شاعريءَ جي شروعات هئي ۽ جئين شروعات ۾ هر نئون شاعر پنهنجي ڪنهن/ ڪن سينيئر شاعر/ شاعرن کان متاثر ٿيندو آهي تيئن احمد به ان وقت سائين راشد مورائي، عبدالحڪيم ارشد، مير محمد پيرزادي، خاڪي جويي، تاج جويي، مشتاق باگاڻي ۽ ٻين شاعرن کان متاثر هو.
اڳتي هلي هن جي دل ۾ استاد بخاريءَ، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ. شمشير الحيدريءَ، نياز همايونيءَ ۽ امدا حسينيءَ جڳهه والاري ۽ جڏهن هن پنهنجي شعوري عمر ۾ شيخ اياز کي پڙهيو ته هو ان جوئي ٿي ويو. سندس شاعريءَ جو ٻيو دور اهو آهي، جڏهن هو پاڻ کان ٿورو سينيئر شاعرن، حليم باغي، نماڻي سنڌي ، گدا خاصخيلي ۽ ڪجهه ٻين جي اثر هيٺ رهڻ لڳو. اسيءَ وارو سمورو ڏهاڪو سندس شعوري طور واڌ ويجهه وارو عرصو آهي، پر ان وقت به سندس باري ۾ اها ڳالهه آخري آهي ته هن جڏهن اياز کي پڙهڻ شروع ڪيو ته اهو سندس آخري ڏاڪو هو.
اڳتي هلي احمد جڏهن شخصي ۽ شاعراڻو چڱوئي مرتبو حاصل ڪري ورتو ۽ اياز سان سندس شخصي ويجهڙائي ٿي ته اياز کيس ڏسي ۽ ملي چهري تي خوشگوار تاثر آڻيندي چيو هئو ته ”احمد توکي منهنجي دعا آهي“ ۽ مان سوچيان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي مهاڪويءَ جي اها دعا نه رڳو  احمد جي هن ڪتاب سان گڏ آهي، پر شايد اها دعا سندس شاعريءَ سان سدائين گڏ رهي. اياز هن جو جنون به هو ته پڙهڻ جي عشق جي انتها به . اياز جي ڪتابن کي هن محبوبا جيان سنڀاليو ان وقت اياز جا جيڪي به ڪتاب اڻ لڀ هئا . اهي هن وڏي جاکوڙ ڪري هٿ ڪيا . اياز کي  گهرو پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءَ هن پنهنجي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ لوڪ شاعريءَ کي نهايت سنجيدگيءَ ۽ ڌيان سان پڙهڻ شروع ڪيو. جيڪڏهن ائين چئجي ته هن پنهنجي سنڌي ڪلاسيڪي/ اساسي شاعريءَ ۽ لوڪ شاعريءَ کي ايتري ڌيان سان پڙهيو آهي جيتري ڌيان سان سندس ڪنهن به همعمر ۽ همعصر شايد ئي پڙهيو هجي، ته غلط نه ٿيند .
احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ تي ايندڙ وقت ۾ سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌي قوم فخر ڪندي اهڙي پڪ هن جي شاعري ڏياري ٿي. هو ايندڙ دور جوهڪ اهڙو شاعر آهي، جيڪو سنڌ جي جديد شاعريءَ کي عالمگير سطح تي کڻي ويندو، جيڪڏهن سندس شاعريءَ کي مناسب مترجم ملي سگهيو ته. هن جي شاعريءَ ۾ هڪ ٻوليءَ ۽ قومي پيڙا، ڏک، غصو ۽ تهذيب توڻي ثقافت ۽ جديد قدر گڏجي هڪ اهڙو سنگم پيدا ڪري بيٺا آهن، جو شايد ئي اڄ جي سنڌي شاعريءَ ۾ هن جي شاعريءَ کان ٻاهر ملي سگهن. اڄ احمد سولنگيءَ جو جنم ڏينهن آهي، کيس جنم ڏينهن جون گهڻيون گهڻيون واڌايون.


احمد سولنگي
شعر ۽ شعور جو دل آويز سنگم
عزيز گوپانگ
احمد سولنگي تي لکڻ ائين آهي، جيئن ترار سان ترار لکڻ يا کِنوڻ سان کِنوڻ لِکڻ.
شعر ۽ اُن ۾ استعمال ڪيل رديف، ڪافيي، استعاري، ترڪيب، وزن، بحر ۽ مضمون جي باري ۾ لکڻ اهڙوئي آهي، جيئن ڪنهن دوا جا اجزاءِ ترڪيبي يا ان ۾ شامل مختلف جزن جي مقدار ۽ فارمولي بابت ڄاڻ ڏيڻ. جيڪو ڪم ماهر نقاد ئي ڪري سگهن ٿا.
مان شاعر هجڻ جي حيثيت سان  احمد جي خيال جو اهو داستان اوهان وٽ کڻي آيو آهيان، جيڪو ايندڙ دور جا ٻار پنهجن وڏڙن کان ڪجهه هن ريت ٻڌندا ته ”احمد سولنگي ۲۱ هين صدي جو اهو شاعر هو، جنهن کي شعر چوڻ جو شعور هو“. وڏڙا نوجوانن کي اهو به ٻڌائيندا ته احمد جي دور جي ٻين شاعرن جو ذڪر گهڻو نٿو ملي، تڏهن به سندس شاعري کي پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان دور ۾ سنڌ سٺا شاعر پيدا ڪيا هوندا.
احمد سولنگي اهڙي ڪنهن وڻ مثل شاعر آهي، جنهن مان روز ڪجهه ڏار ٽوڙي، انهن مان فٽ پٽيون ٺاهي، سندس قد ڪاٺ ماپيو ويندو آهي، سندس دور جي شاعرن جو ڏانهس اهو رويو ڏسي مون ڪٿي لکيو هو ته شاعر عمارتون يا پلازا ته ناهن ٿيندا، هڪٻئي کان ننڍا يا وڏا، شاعر ته بس شاعر ٿيندا آهن، وڏا به پنهنجي ليکي ۽ ان کان به وڏا پنهنجي ليکي!
شاهه لطيف کان پوءِ ڪنهن سوچيو هو ته اياز پيدا ٿيندو! مگر اياز پيدا ٿيو، جنهن کي اوهان ۽ اسان سڀني ڏٺو ۽ ٻُڌو، ساڳيءَ ريت ڪٿي پئه لڳو ته اياز کان پوءِ احمد پيدا ٿيندو! مگر احمد پيدا ٿيو، پر هتي ڏکيائي اها درپيش آهي ته احمد کي ڪير ڏسي نٿو، هونئين به ڪوتاهه قد پيرن کان ڏسڻ شروع ڪندا آهن. انهن جي نگاهه ڪنهن جي ماٿي تي پوندي ئي ڪانهي، احمد کي پنهنجي دور ۾ جنهن مخالفت جو منهن ڏسڻو پيو آهي ان مخالفت ۾ تنقيد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، ۽ پويان اٽو به ته ڪونهي، رڳو رَک آهي، جلئي جگر ۽ سڙئي ساهه جي.
۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ اسان ائين وڄندا هئاسين جيئن جنگين ۾ نغارا وڄندا آهن، اسان جا سينئر شاعر زڪام جو بهانو ڪري گهرن کان نڪرڻ ئي ڇڏي ويا هئا ۽ جونيئر شاعر مشاعرن ۾ پنهنجي واري نه اچڻ تي ڪاوڙ ۾ ورتل هوندا هئا، اهوئي دور هيو جڏهن مون احمد کي ڏٺو ۽ ٻڌو، هو ڏسڻ ۾ ته سٺو هئو پر ٻڌڻ ۾ ان کان به وڌيڪ سٺو لڳو، سنڌي شاعرن ۽ اديبن هن کي پنهنجي قطار ۾ ائين بيهندي ڏٺو جيئن کير جي سطح تي گل تري بيهندو آهي.
چوندا آهن ته خوبصورتي عورت جي ۽ ذهانت مرد جي دشمن ٿيندي آهي، مگر احمد کي اهي ٻئي دشمنيون گڏ پلئه پيون. هن مٿان خوبصورتي ۽ ذهانت ائين گڏ لٿيون جيئن ڪنهن ٽاريءَ تي هڪ ئي وقت ٻه رنگين پوپٽ لهي اچن، جيڪي ٽاريءَ کي ته ڇا پوري چمن کي رنگين ڪري ڇڏين.
مان سنڌ جو پهريون شاعر آهيان، جنهن کي پاڻ کان علاوه ٻيا شاعر به وڻندا آهن ۽ مون کي احمد سڀني کان وڌيڪ وڻندو آهي، ذري گهٽ پاڻ جيترو، انهيءَ جو سبب اهو به آهي ته اڪثر شاعر ڪڏهن ڪڏهن وڏا شاعر لڳندا آهن، مگر هي جڏهن ڪڏهن لڳندو آهي.
سنڌ جي شاعرن جا نالا ۽ تخلص ئي هڪجهڙا نه، سندن شاعري به جاڙن ٻارن وانگر هڪجهڙي آهي، جن کي پنهنجا ماءُ پيءَ به سڃاڻي ناهن سگهندا.
سنڌ ۾ گذريل ٽيهن سالن کان جيڪا شاعري ٿي رهي آهي،  انهيءَ شاعري فن کان خيال ڏانهن نه پر خيال کان فن ڏانهن سفر ڪيو آهي، ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ به رڳو تخليقن جي مٿان نالا رکڻ وارو ڪم ٿيندو رهيو ته ڪهڙو غزل ۽ ڪهڙي وائي آهي، اهڙي ادبي ماحول ۽ رُجحان ۾ احمد سولنگي اهڙن ٻن ٽن شاعرن ۾ ڳڻجي ٿو، جن فن کان خيال ڏانهن سفر ڪيو.
احمد سولنگيءَ جي خوبصورتي اها به آهي ته هن وٽ مڃتا ۽ تقليد جو فرق چٽو آهي،  هو اياز کي مڃي ٿو پر ان جي تقليد نٿو ڪري، ڇوته هو هوشيار شاعر آهي، هن کي خبر آهي ته تقليد اڳتي هلي ڪجهه به  پيدا ڪندي، احمد پيدا نه ڪندي.
اها ڳالهه سچل به سمجهي پئي، ان ڪري هو لطيف جي چالاڪ جملي جي چڪر ۾ آيو ئي ڪونه ۽ هن سندس چاڙهيل ڪُني جي ڍڪ لاهڻ کان بهتر سمجهيو ته بکيو ئي سمهي رهي، جيئن سچل پنهنجي خيال جا گهوڙا لطيف جي اصطبل ۾ ڪونه ٻڌا، ايئن احمد به پنهنجي تصور جا صنوبر پنهنجي دور جي ڪنهن به شاعر جي باغيچي ۾ ڪونه پوکيا.هُن سورج به پنهنجو جوڙيو ۽ سورج مکي به پنهنجا پوکيا.
احمد جنهن دور ۾ وڏو شاعر ٿي اڀريو آهي، انهيءَ ۾  بيشڪ سندس محنت ۽ ڏات جو وڏو عمل دخل آهي، پر گهڻو حصو انهن شاعرن به ملايو آهي، جن جي شاعري ۾ چمڪندڙ چنڊ، اونداهين رات، ٽمڪندڙ تارا، جڳمڳ ڪندڙ جگنو، روشن ڏينهن، پٺي سان لڳل بکايل پيٽ، ٽڙندر مکڙي، لڏندڙ لام، وهندڙ درياهه، بيٺل ڍنڍ، اوپرو مسافر، وحشي بگهڙ، وفادار دوست، ۽  ٻرندڙ ٽانڊا، اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي استعارا  ۽ تشبيهون استعمال ڪري، سنڌي شاعري جو اهڙو حشر ڪيو جهڙو هو ڪري پئي سگهيا.
شاعري جو اهڙو تاڃي پيٽو ستر جي ڏهاڪي کان نوي واري  ڏهاڪي جي آخر تائين رهيو، جنهن کان پوءِ سنڌي شاعريءَ هڪ ٻئي تاڃي پيٽي جي صورت اختيار ڪئي، جنهن ۾ اسان جي شاعرن زرعي اصطلاحن کي ڪمال ڪاريگريءَ سان پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو ۽ اهو ڪجهه هن ريت هيو.
ساهن جي فصل ۾ جهار جو لهڻ، دل کي پکين جو چڳڻ، خيالن جا هر هلڻ، جيءَ ۾ جاٽون لڳڻ، ٽوپي جيان اڊڙڻ، لڙڪن جو ريج اچڻ، وصل جي ڀيل ٿيڻ، هِجر جو هارپو ڪرڻ.
شاعري ۾ متعارف ڪرايل انهيءَ زرعي سڌاري، سنڌي شاعريءَ جو جيڪو حشر ڪيو ان کان احمد چڱي ريت واقف هئو. هن کي خبر هئي ته شاعر اسلوب سان نه، خيال سان وڏا ٿيندا آهن، تشبيهن سان نه، تفڪر سان وڏا ٿيندا آهن، تجربن سان نه، ندرت سان وڏا ٿيندا آهن، پراون ڪُنن جا ڍڪ لاهڻ ۽ چاڙهڻ سان نه، پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ پنهنجا ڏيئا ٻاري ئي ڪجهه ٻاري سگهندا آهن.
احمد جي اها ئي خوبي هئي، جنهن کيس سندس عهد جي بنهه وڏن شاعرن جي صف ۾ اچي بيهاريو.
احمد سولنگي موري جو ۽ مان ڪنڊياري جو آهيان، مگر مون بابت حقيقت اها آهي ته مون ننڊ ڪنڊياري ۾ ڪئي ۽ خواب سانگهڙ ۾ ڏٺا، ائين احمد جنم ته موري ۾ ورتو پر سندس شعور حيدرآباد جي واسنگين جي مٿان پليو ۽ وڏو ٿيو. هن تنقيد ائين برداشت ڪئي، جيئن ڀلو عاشق ڪوجهي معشوق جامهڻا سهندو آهي. هن تنقيد کان وڌيڪ طعنا برداشت ڪيا پر هُن شاعري نه ڇڏي، هونئن به هو پاڻ کي ڪيئن پئي ڇڏي سگهيو! هو جيڪو آهي ئي شاعري، جيڪو آهي ئي استعارو، جيڪو آهي ڪنعايو، جيڪو آهي ئي تشبيهه، جيڪو آهي ئي مام، جيڪو آهي ئي شام، موري جي شام! جنهن کي راشد جو آواز ۽ احمد جو پرواز ڪڏهن به رات ٿيڻ نه ڏيندا.
احمد! تنهنجي دور جا شاعر توکي وڏو شاعر مڃين به کڻي پر تون اعتبار نه ڪجانءِ، هي سڀاڻي ڦرندي دير به نه ڪندا، انهن اياز سان به ائين ئي ڪيو هو، انهن لطيف سان به ائين ئي ڪيو هو ۽ هي توسان به ائين ئي ڪندا!
تون پنهنجي عهد جو هڪ بنهه وڏو شاعر آهين، مان پنهنجي اها راءِ، تاريخ سان گڏ تو وٽ به امانت طور رکان ٿو.
باقي جيڪڏهن اوهان اصرار ڪندا ته مان احمد جو ڪتاب اڳيان رکي اوهان کي اهڙا شعر ٻڌائي سگهان ٿو، جن ۾ لکيل لُڙڪ پڙهندس مان ۽ انهن جي آلاڻ توهان پنهجي اکين ۾ محسوس ڪندا، پکين جو ذڪر آئون ڪندس پر اُنهن جي اُڏار اوهان جي آسمانن کي ڪڇيندي، آئون درد هن جو لکيل پڙهندس پر آهه اوهان جي اندران نڪرندي، هن جي خيال جو ڪينواس ٽن چئن ڦٽن جو تراشيل ڪاٺ جو ٽڪڙو ناهي، هن جو ڪينواس هي پوري ڌرتي آهي، جنهن مٿان هو لُڙڪ به پينٽ ڪري سگهي ٿو ته انهن لُڙڪن جو نمڪين ذائقو به، هو هجر ۾ ڀرندڙ لمحا به پينٽ ڪري سگهي ٿو ته وصل جو انتظار به، هن جي شاعريءَ ۾ يورپ جا ڪيسينوز به نظر ايندا ته سنڌ جون اوجاڳيل درگاهون به، هو جڏهن سرمد جو ذڪر ڪري ٿو ته اڏيءَ تان اڏندڙ سندس رت جون  بوندون نرڙ تي لڳندي محسوس ٿين ٿيون ۽ بلاول کي پڙهندي سندس هڏن جا ٽڙڪاٺ پڙلاءُ  بنجي اسانجي ڪنن ۾ گونجن ٿا ۽ هو مڌ جو ذڪر اهڙي ته ڪمال سان ڪري ٿو جو زاهد شراب جي معنيٰ ثواب لکڻ لاءِ مجبور ٿين ٿا.
ڪنهن به وڏي شاعر يا تلخيق ڪار جي پهرئين سڃاڻپ اها آهي ته هو پنهنجي دور جي مروج اسٽيٽسڪو کي چئلنج ڪري، ۽ ٻي سڃاڻپ اِها به آهي ته سندس دور ۾ سندس دشمن سندس دوستن کان گهڻا هجن!
احمد انهن ٻنهي معيارن تي پورو لهي ٿو.
سڀاڻي جڏهن احمد جي همعصرن جا نالا ڪتابن ۾ سونهري اکرن سان لکيا ويندا تڏهن انهن اکرن وارو اسڪرپٽ ڪير پڙهي به ڪونه سگهندو، مگر احمد پنهنجن گيتن ۾ ٻارن کي ائين ياد ايندو، جيئن شام ٿيڻ تي پکين تي پنهنجا آکيرا ياد پوندا آهن.


احمد سولنگي

عهد جو ممتاز شاعر..

رزاق سهتو

پکيءَ جي پرواز کي ڪوئي روڪي سگھيو آهي. پکي سرحدون اورانگھي مختلف ملڪن جو سير ڪندا آهن. ڪائنات ۾ ڀورن ۽ ڪارن ڪَڪرن جيان رڳوآسمان نه پر ڌرتيءَ جو به سيرڪندا آهن. پکي پرن جي سهاري سڀ اڪاري وڃن ٿا شاعري به ائين سرحدن جي محتاج ناهي جڏهن شاعري، موسيقي ۽ آواز جو سنگم جڙي ٿو ته ساري ڪائنات جھومي پئي ٿي. هر دل سوز انسان من هٿان مجبور ٿي شيما ڪرماني ۽ نگھت چودريءَ جيان پير کڻندي نرت ڪرڻ لڳي ٿو. اهڙي شاعري ڪرڻ هر شاعر جي ڀاڳ ۾ ناهي پر احمد سولنگي مها ڀاڳوند آهي جو شاعري کي پکين جهڙي پرواز ڏئي سرحدن جي قيد کان آزاد ڪري ڪائناتي رنگ ۾ رنڱي موسيقيت سان نرت ڪرڻ تي محبور ڪري ڇڏي ٿو.

بک، عشق، وطن جو ڪو به مذهب ناهي هوندو. اهڙي طرح شاعري به مذهب کان آزاد آهي. شاعري انسان جي اندر ۾ وسندڙ روح کي ائين ريجھائيندي آهي جيئن ماءُ روئندڙ ٻار کي پرچائيندي آهي. شاعري نٽهڻ اس ۾ نم جي گھاٽي ڇانو آهي ته يتيم ٻار جي لاءِ امنگن جي عڪاسي به آهي اهڙا ئي اهڃاڻ احمد جي شاعريءَ ۾ آهن جن کيس مفرد شاعر ڪري بڻائي ڇڏيو آهي.

عشق آزاد ڪري ٿو ليڪن،

عشق جو قيد خدائن کاڌو.

روميءَ جي رقاصا جو، ڪنهن پير ڪڇيو آهي.؟

هي رقص عبادت آ ۽ روح جي اُجرائي.

منصور ڪري پردو، جڳ ۾ ٿو جيئي تنها

شبليءَ کي سزا گل جي، ڀوڳائي اڪيلائي.

ساري عالم جي انسانن جوبک گڏيل مسئلوآهي. بک جواحساس اهوئي ڄاڻي جنهن ڪيترا ئي ويلا لنگھڻ تي گذاريا هجن. احمد سولنگي شاعريءَ ۾ بک کي اهڙي ته پيرائي ۾ بيان ڪري ٿو جو اندر جھري پوي ٿو. بت ۾ ڀونچال مچندي، جسم جو تنتي سرشتو بي ترتيب ٿي وڃي ٿو. اندر ۾ بک جو احساس اجاڳر ڪري اکين کي آلو ڪري ڇڏي ٿو.

بک ويڙهي، سمهي پيا آهن،

ڏسُ ننڍا ٻارڙا ۽ هن جو گھر.

هر تخليقڪار ٻن اهم راهن جو مسافر هوندو آهي. خارجي ۽ داخلي. خارجي جو مطلب مادي حقيقتون ۽ خارجي واقعات آهن. داخلي مان مراد ذهني طاقت جيڪا مادي حالات جي درميان مقصديت کي ترتيبوار ڪري هڪ تمثيلي ڪائنات جي تخليق ڪندي آهي. احمد سولنگيءَ کي شاعريءَ جي حوالي سان پرکجي ته هو داخلي ۽ خارجي حوالي سان هڪ نئين رسم رواج ٿو تخليق ڪري، هو ڪنهن جي به نقالي ڪو نه ٿو ڪري.

هر انسان ۾ اهو پيدائشي لاڙوهوندي آهي ته ٻئي جي مقابلي ۾ پنهنجي وڏائپ ۽ مٿانهپ جي پاسي کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي. ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي جو انسان ۾ جا صلاحيت هوندي آهي سا بلنديءَ ۽ مٿانهپ جون واٽون تلاش ڪندي مورڳو ئي ختم ٿي ويندي آهي. جنهن ڪري نقاليءَ ۽ پرمتڙائپ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ئي نه رهندو آهي. جڏهن ذهن جي داخلي قوت نقاليءَ جي مرض ۾ گرفتار ٿيندي آهي ته پوءِ ان شاعر مان تخيل جا سمورا حوصلاگم ٿي ويندا آهن ۽ داخلي قوتون مرده ٿي وينديون آهن پر ان جي ابتڙ احمد سولنگي وٽ داخلي قوتن ۾ خودداري ۽ پاڻهپي جومادو موجود آهي هن ڪڏهن ناهي چاهيو ته سندس ذهني طاقتون ۽ داخلي قوتون نقاليءَ ۽ پرمتڙائپ جي خطرناڪ مرض ۾ گرفتار ٿين. جنهن جي ڪري سندس تخليقي تعمير ۽ انفرادي اصلاح به ٿيندي رهي آهي. سندس شاعري ۾ نهٺائي نمرتا ۽ جدو جهد جا جوالا مکي به موجود آهن. هن جي شاعري ۾ خطي کانسواءِ عالمي ليول تي ٿيندڙ سانحن ۽ سورمن کان علاوه محبت، عشق، ڪندڙ ڪردارن جي موجودگي به ملي ٿي. شاعري ۾ ماضي جي ڪردارن سان گڏ حال جي اهميت کان غافل ناهي. رومي، منصور، شبلي، بسم الله خان، مائڪل اينجلو، راڻا سر، همير ڪولهي، قرت العين طاهره، مريم جي مٽي، هڪڙي يهودي ڇوڪري، کيمي ڪولڻ وغيره. کانسواءِ احمد سولنگي ڪي پنهنجا ڪردارتخليق ڪري انهن کي امر ڪري ڇڏيو آهي.

هٿ ڪنگڻ کي درسنيءَ جي ڪهڙي ضرورت، احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ پرکيو اٿم ته هلندڙ دور جو ذهين ماڻهون ۽ شاعرآهي. جنهن جي هٿن جي آڱرين ۾ قلم آهي پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتن سان شاعريءَ کي اهڙي ته مڪلمتا بخشي ٿو جو پڙهندڙ حيرانيءَ جون حدون اورانگھي ديوانگيءَ واري ڪيفيت ۾ هليو وڃي ٿو. ڪو به شاعر روح ۾ پيهجي ويندڙ ڪلام تيسائين ڏئي نه سگھندو جيسائين منجھس ڪا غير معمولي قوت موجود ناهي. اهڙي قوت هن شاعر ۾ موجود آهي. صرف مواد جي ڀرٿي ڪرڻ ڪا به حيثيت نٿو رکي جسين شاعر ۾ لياقت، اسلوب موجود ناهي. ڪڏهن به فنا نه ٿيندڙ اها شاعري آهي جيڪا پنهنجي نياپي، سنيهي ۽ رسد يا پيغام ۾ معياري هجڻ سان گڏ فني لحاظ سان مضبوطيءَ جوسنگم هجڻ گھرجي. معيار جو ڪاٿو وقت، حالتن ۽ واقعن جو محتاج ناهي هوندو پر شاعري اها آهي جيڪا پڙهندڙ تي سحر انگيزي تاري ڪري ڇڏي ۽ احمد جي شاعري ائين ئي آهي. پاڻ ڏانهن چقمق جيان ڇڪيندڙ، سماج ۾ پيدا ڪيل جمود ٽوڙيندڙ شاعري هجڻ سان گڏ سندس عهد جي نرالي شاعري آهي جيڪا محسوس ڪرائي ٿي ته شاعري ڪيترن ئي ارتقائي ۽ تجرباتي مرحلن مان گذري آهي. سندس شاعري ۾ سنڌ جي جھانگيئڙن، سانگيئڙن، جي ڏکن سورن ۽ سورمن، جوڌن ۽ دودن جي ڪٿا سان گڏ ڳڀي جي ڳولا، ٿرن برن ۾ مينهن جو پوڻ، ڪولهاڻين جودک درد بيان ڪيل آهي. سندس شاعري لڳاتار ڪنهن منزل طرف وڌي رهي آهي. اها پنهنجي راهه تان ڀٽڪي ناهي، نئوان نئوان تجربا، خيال، ويچار، نيون نيون تشبيهون، ٻوليءَ جا لفظ، لهجا، امنگ ۽ اتساهه سان ڀريل نثري نظم، غزل ايتري تائين جوشاعريءَ جي اندر ماحول به نئون کڻي آيو آهي. تڏهن ته کيس عهد جو ممتاز شاعر چوان ٿو.

احمد جي شاعري ٻاٽ اونده ۾ ايندڙ روشن صبح جي نويد آهي. اهڙو سج جنهن مان روشنيءَ جون لاٽون اڀري پونديون ۽ سماج سک جو ساهه کڻندو. سندس ڪويتائن ۾ زندگي جي شناس آهي، جذبات جي اڀرڻ ۽ ماٺو ٿيڻ جو سرور آهي. مشاهدي مان پِرايل سڪون ۽ اضطراب واري ڪيفيت آهي. ڳوڙهن ۽ مرڪن سان ڀريل شاعريءَ جون سٽون آهن ته انسانيت جي تعمير جو درس به ملي ٿو. مطلب ته سندس شاعري حياتيءَ جوآئينوآهي جنهن ۾ هر هڪ پنهنجي زندگيءَ جي تصوير ڏسي ٿو. شاعر جي خيالن ۾ نفاست، فصاحت ۽ بلاغت جدت ۽ سادگي، سهنجائي، لفظن جي سحر انگيزي، موقعي ۽ محل جي سڃاڻپ ۽ ادراڪ، مشاهدي جي مضبوطي، منظر نگاري ايتري ته سگھاري پسي سگھجي ٿي جوڪوئي انسان جيڪو شاعري کان نا آشنا آهي پرهن کي دل آهي ته ان کي متاثر ڪرڻ لاءِ احمد جي شاعري کيس پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيندي.

پهچندي ئي روح جي پاتالَ ۾،

ڪا ٻَڌي وئي ڳنڍ سوگھي ساهه جي،

ديد جا وئي دراورانگھي هانو ۾،

ڪا سيالڻ هير،وارث شاهه جي.

ڪوٿڌولمحو نه مون مان ٿو لنگھي،

۽ نه ڪوئي چاندنيءَ جو آبشار،

چنڊ ناهي نيهن جي نگريءَ مٿان،

رات ڪاري چوءَطرف آ بيڪنار.

باک ڇلڪايا گلابن جا گلاس

پوپٽن پيتا شرابن جا گلاس

مون گناهن جا رکيا ترتيب سان

ڪنهن رکيا وچ ۾ ثوابن جاگلاس.

احمد جي مٿيون شعر پڙهي فارسيءَ جي ڪنهن گمنام شاعر جو شعر ٿو ياد پويم ته

خلق مي گوئي چرا،

جام بجان مي خري،

اين سخن با ساقيءَ ماگو

که ار زان کرده است

(ماڻهون پڇن ٿا ته جان ڏيئي جام ڇوٿووٺين؟

ڪهڙو نه سهڻوجواب ڏنائين ته اها خبر منهنجي

ساقيءَ کان پڇو جنهن جام جي قيمت کي سستو

ڪيوآهي)

جيسين بُکيو پيٽ ڀري

تيسين پالڻهار نه سُمهه 

مٿين بند سان فلسفي ۽ شاعر رابندر ناٿ ٽيگور جا لفظ ٺهڪي اچن ٿا ته هو چوي ٿو ته؛ “جڏهن مان انسانن جي تاريخ متعلق ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري چڪس ته تڏهن “ورڊس ورٿ” جيان گھڻو ڪري اداس رهڻ لڳس.” ورڊس ورٿ جو هميشه اهو ويچار اداس رکندو هو ته “انسان، انسانن سان ڇا نه ڪيو آهي.” سو انسان کي بکيو رکڻ ۾ انسانن جو ئي ڪردار آهي جنهن کي احمد سلاست سان بيان ڪيو آهي. اهو ئي سندس شاعريءَ جو معراج آهي ته هر عام ئي خاص تائين سندس شاعري رسائي ماڻي ٿي.

لهرون، پکي، ڪنارا، وسڪارَ سارَ ۾ ڏس!

نيرا اٿاهه ساگر، پنهنجي نهارَ ۾ ڏس!

ڪي زلف سرڪشيءَ ۾، زنجير ٿي پون ٿا،

گھرا سنگين گھيرا، ٻانهن جي هار ۾ ڏس

ڏي جھول ۾ گلابي، جوڀن جا ڦول مون کي،

تون ئي گلاب پوکيا، پنهنجي خمارَ ۾ ڏس.

ڪنهن چنڊ جي تمنا، پاڳل ڪيو اسان کي،

ڪي رات جا ستارا، پنهنجيءَ پچار ۾ ڏس.

مجذوب جي پيرن جي پازيب ٿيان آئون،

درويش! نگاهن سان هڪ وارنهاري ڇڏ

مٽيءَ جي پنوڙي ۾ هي ساهه ستل آهي،

سجدي ۾ وڃي احمد! انسان اٿاري ڇڏ.

لڇمڻ ڪومل احمد جي غزل جي تمام گھڻي تعريف ڪئي آهي پر خبر ناهي ڪهڙي نوهه ۾ اها ڳالهه ڪري ويو آهي ته “غزل جي روايتي رخ واري شاعريءَ جي موجود گيءَ هوندي احمد سولنگي کڻي ڪا اعلي قسم جي اميجريا فيلسوفاڻا نقطا نه اڀاريا آهن.” مان لڇمڻ سان سهمت ناهيان جيترا به غزل هن شاعر جا پڙهيا اٿم انهن ۾ اهي ٻئي شيون موجود آهن يعني اميجري ۽ فلاسافي. اچو ته انهن ٻنهي جي وصف ٿا رکون جيئن اسان کي احمد جي غزلن ۾ اهي ٻئي ڳالهيون پسڻ ۾ سولائي ٿئي.

Philosophy is a way of thinking about the world, the universe, and society. It works by asking very basic questions about the nature of human thought, the nature of the universe, and the connections between them. The ideas in philosophy are often general and abstract.

Philosophy is the study of general and fundamental problems, such as those connected with reality, existence, knowledge, values, reason, mind, and language. The word “philosophy” comes from the Ancient Greek (philosophia), which literally means “love of wisdom”.

  Imagery means to use figurative language to represent objects, actions, and ideas in such a way that it appeals to our physical senses. Usually, it is thought that imagery makes use of particular words that create visual representation of ideas in our minds. The word “imagery” is associated with mental pictures.

پڙهندڙ احمد جو ڪو به غزل کڻي پرکي سگھن ٿا. پڪ اٿم ته منهنجي ڳالهه سان سهمت ٿيندا ته اهي ٻئي شيون سندس شاعريءَ ۾ موجود آهن، جيڪي لڇمڻ کي نطر ناهن آيون. مثال طور غزل جا ڪجھ بند هتي رکون ٿا.

هي دورسوچ لوچ جو، پيڪر نه ٿي سگھيو،

فنڪارجي تراش جو پٿر نه ٿي سگھيو.

ڪڏهين گلاب پوک مان، گوليون ڦٽي سگھيون

ڪنهن گل جي پنکڙيءَ منجھان، خنجر نه ٿي سگھيو.

ڪيڏي نه اڃ اساٽ رهي روح جي اندر

درياهه ڪنهن به ريت، سمندر نه ٿي سگھيو.

هيرهند ور، ڪينجھر ڪپ

چنڊ چمي، پيونوريءَ چپ

سپ ۾ موتي ٿا سپجن

من ۾ سرجي تانگھ تڙپ

تنهنجي اهڙي نيڻ نهار

جھڙي جھرڪيءَ باز جھڙپ

مونکي ويٺا روز ڪکين

تنهنجي ساروڻين جا سَپ

نثري نظمن ۾ ته انتها جي درجي جي بلوغيت، بي ساختا اظهار جو درياهه موج ۾ آهي. سندس نظمن ۾ اها اورچائي آهي جو چاهي ته رواري وجھي، وڻيس کلائي وجھي وڻيس محبوب جي سارجي تڙپ کي مثبت روپ ڏئي عاشقن کي دلداري ڏئي. سندس نظمن ۾ اهڙو ئي ربط ۽ رواني آهي جهڙي گھوڙن جي ٽاپول جي نرالي آواز ۾ هوندو آهي. نظم پڙهندي ائين لڳي ٿو پاڻ ڄڻ چانڊوڪيءَ ۾ باکاٽڙي گلن جي باغ جو گس وٺيون پيا هلون.

پنهنجن پنهنجن پيرن ۾

پنهنجي پنهنجي دلدل آ،

پنهنجو پنهنجو رستو ۽

پنهنجي پنهنجي منزل آ

سبز جزيرا پنهنجا  ۽

پنهنجو پنهنجوساحل آ،

سڀ کي پنهنجي ميگھا رُت

پنهنجو پنهنجو بادل  آ،

پنهنجي پنهنجي عصمت ۽

پنهنجو پنهنجو آنچل آ                                                                                                    

نئون سج ڳيريءَ جي کنڀڙاٽين سان،

ڏکڻ ايشيا تي نوان رنگ اُ ڻندو

سڀن سرحدن تان هوائون مٽينديون

دلين مان محبت جو درياهه ڦٽندو.

هاءِ هماليه جيڏا ماڻهون،

ڇپرڇاٽون،

جن جون واٽو

هندوڪش مان نڪتيون

پنک پنک جيئن پيراڏامي

فرش عرش مان نڪتيون

باکون لاٽون.

هتي احمد سولنگيءَ بابت سندس شاعريءَ تي مقدمو لکندي لڇمڻ ڪومل جا جملا کيس پنهنجي عهد جي شاعرن کان نِشانبَرُ ڪري اسان جي سامهون ڪارونجھر جيان ڪَر کڻي اچي بيهارن ٿا. هو لکي ٿو ته؛

“احمد سولنگيءَ کي مان هتي نئين نسل جي نئين شاعري جي علامت (Symbol ) ڪري ٿو کڻان. ان ٽهيءَ جا اڪثر شاعر فئشن پرستيءَ طرف مائل ٿي (Stream of consciousness) (شعور جي ڌارا) بدران Mainstream (روايت پرست ڌارا) طرف لڙهندا ويا. جتي شاعري خود شاعرن مٿان نازل ٿيڻ جو فطرتي عمل ٿيڻ جڳائي، اتي هُو پاڻ شاعريءَ مٿان نازل ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي افراتفريءَ واري دور ۾ ڪيترن کي لُڙ ۾ مزو لڳي ويو ۽ هو راتورات شاعر ٿي ويا. پر جيڪا شاعريءَ لاءِ اندر جي سُوجھ ٻُوجھ گھربل آهي، ان تقاضا تي احمد سولنگيءَ جهڙا ڪي ٿورا ئي تخليقڪار کَرا ثابت ٿي سگهيا. ڪاريءَ ڪُک مان ڄاول هن نامراد نسل جو شعور جڏهن بالغ ٿيڻ لڳو ته سندن اڱڻ جي سڪل ڇٻر تي ماڪ جون ٻه چار بوندون ئي بچيل هيون.”

تاريخ ۾ هر پل کُلي سيوهڻ جي گھٽي ٿي،

پکراج ۽ زرقونَ جيان رنگ  چِٽي  ٿي،

محڪوم جي هر ٻانهن جي ٻَل ساڻ ٻِٽي ٿي،

ارغون، مغل لئه ٿئي هيءَ تنگ مِٽي  ٿي

اڄ واجھ وجھي وقت ڏي، سيوهڻ ٿي ڏسي سنڌ.

ڪيڏو تيجُ ٽِڪون

          وينگس تنهنجي ويس ۾

مهڪن پيئون ماڪ ۾

ڪيئي رنگ رُتون

          وينگس تنهنجي ويس ۾

روپ سنهرا سج جا،

رم جھم روشنيون

          وينگس تنهنجي ويس ۾

اُس نپايوگج ۾،

ڪرڻن جون ڪرچيون

          وينگس تنهنجي ويس ۾

احمد سولنگي انسانيت جو خوبصورت مُک پسڻ لاءِ سدا بيقرار لڳي ٿو. اهي حالتون، سماج جا قدر جيڪي ماڻهوءَ کي بيڪار، بدنما ۽ ڪسمپرسي واروجيون گھارڻ تي مجبور ڪن ٿيو تن جي مخالفت ڪئي آهي ۽ انهن قدرن، حسناڪين، خوشحالي جي حمايت ڪري ٿو جنهن جي هجڻ سان انساني زندگي سهڻي ۽ حسين بڻجي پوي مطلب هو فطري طور حسن ۽ محبت جو پيڪر آهي. کيس جسماني سونهن، حسن متاثر ڪري اندر جي پياس کي پئي اجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس من ۾ پئي سونامي آئي آهي. اهڙو دلنشين، دلربا اظهار سندس شاعريءَ ۾ ڪنهن خوبصورت پهاڙ جيان اوچو نظر اچي ٿو. سندس شاعري مستقل جي مستقبل جي شاعري آهي جا اڳتي هلي ڀرپور طريقي سان اڀري سامهون ايندي ڇو ته سندس زندگيءَ ۾ ڪي چند پرکيندڙ ٿي سگھن ٿا. باقي ته ذاتيات جي عينڪ پائي سندس شاعري کي ڏسي رهيا آهن. جڏهن ذاتي اوگُڻن جي ڌوڙ هٽندي آهي ته شاعر ۽ شاعريءَ جا گڻ ائين نشانبر ٿي پوندا آهن جيئن وڏي وسڪاري کانپوءِ وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا، حسين پهاڙيون نکري پونديون آهن.

کڻن ساهه وڻ ٿا،

وڻن کي ملي ڪا عجب دلڪشي آ،

وڻن تي لٿا رنگ ملهارجا ڪيئن،

وڻن سان هوا جي رهي  گفتگوٿي،

وڻن جي مٿان چاندني چنڊ اوتي،

وڻن سان تکي اس رهي روبرو ٿي

وڻن منجھ ڪوئل پڪاري سنڀاري.

رسيلن چپن سان،

چمن چاهتوٿا،

رکن دل جون دل تي

سڌيون آرسيون ٿا.

(عبدالرزاق سھتو جي فيسبڪ ٽاييم وال تي رکيل ۲۷ جون ۲۰۲۰ع)

No comments:

راءِ ڏيندا