; سنڌي شخصيتون: غلام حسين خواجا - حميده گهانگهرو

13 June, 2018

غلام حسين خواجا - حميده گهانگهرو


غلام حسين خواجا
ڏک ڀريو وڇوڙو
حميده گهانگهرو
ڪي ناگهاني اوچتو جا موت ڏاڍو جهوري ڇڏيندا آهن. يقين نه اچڻ واري صورت ۾ ڪيئي سوال ذهن ۾ گهمندا ڦرندا رهندا آهن پر ڪنهن به سوال تي وس نه هلي سگهندو آهي. بلڪل اهڙي طرح ٽيون ڏينهن اوچتو هڪ خبر ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ هئي. اسڪول جي زماني کان تنظيمي سرگرمين ۾ تمام گهڻو حصو وٺي شاگردن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اسڪول يونين جو ساٿي غلام حسين خواجا هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.


زندگي ڪيڏي خوبصورت، اميدن، خواهشن، مقصدن، جدوجهد تي ڀرپور آهي. انسان دنيا ۾ اچي ٿو ته آسمان جي اوچائي کان به وڌيڪ سنهري خواب اُڻي پاڻ کي جاکوڙي بڻائي بلڪل بدلايو ڇڏين ٿا. اها خبر ڪنهن کي ناهي هوندي ته هن جي زندگيءَ جو سفر ڪيترو آهي پر تڏهن به هو پنهنجي وس وت کان وڌيڪ جاکوڙي ٿو. غلام حسين خواجا جي شعوري زندگيءَ جو سفر به اسڪول ۾ پڙهندڙ هڪ نوجوان سان گڏوگڏ مقصد کٽي حاصل ڪرڻ لاءِ اُن قافلي ۾ شريڪ ٿيو. هي ۱۹۷۵ جو زمانو هو، محرابپور هاءِ اسڪول ۾ صرف ڇوڪرا پڙهندا هئا پر ايئن نئين پينل به هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيوسين، سڀ کان وڏو مسئلو مئٽرڪ کانپوءِ باقي تعليم ڪيئن حاصل ڪجي ها. ان ڪري اسڪول يونين جو بنياد پيو ۽ اسان N.S.F جي پليٽ فارم تائين اسڪول يونين کٽڻ ۾ ڪامياب  ٿي وياسين. غلام حسين خواجا تمام گهڻو سرگرم هو. هيءُ محراب پور جهڙي ننڍڙي شهر ۾ شاگردن جو احتجاج سڀني شهرين لاءِ اتساهه جو سبب هو ۽ ان کان وڌيڪ شهر ۾ هڪ وڏي تعليمي اداري جي بنياد رکڻ تي شهر جي ماڻهن جو ديرينه خواب هو، جن کي هنن پورو ٿيندي ٻئي ڏٺو ۽ اها ئي جدوجهد آخر رنگ لاتو، ڪافي حد تائين ڪاميابي ٿي. توڻي جو کڻي محرابپور شهر ۾ ڪو ٻيو وڏو هاءِ اسڪول نه هئو پر شهر ۽ پسگردائي ۾ تمام گهڻي آبادي هئي، جنهن لاءِ هي اسڪول ناڪافي هو ۽ ڪاليج جو هئڻ تمام ضروري هو. غلام حسين پنهنجي تمام ساٿين سان گڏجي رستي جو انتخاب ڪيو، جنهن تي هو زندگيءَ جي آخري لمحن تائين عوام جي حق سچ جي آواز کان الڳ نه ٿيو. هن پنهنجي هلندڙ جاکوڙي منزل ۾ قومپرستيءَ جا به لهرون لوڏا ڏٺا پر پوءِ ڪافي عرصي کان شهيد مرتضيٰ ڀٽو کان متاثر ٿي مرتضيٰ ڀٽو پيپلزپارٽي ۾ جاکوڙي رهيو.
هي سچو ۽ کرو انسان ڪڏهن به پنهنجي لاءِ اها روايت قائم نه ڪري سگهيو، جيڪا اسان وٽ اڪثر وڏين پارٽين ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ رهنما ننڍا گهر مٽائي وڏا گهر وٺندا آهن ۽ اڪثر ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ رهڻ کي اوليت ڏيندا آهن.
غلام حسين خواجا جي اوليت سندس جدوجهد کي برقرار رکڻ ۽ طبقاتي سماج ۾ ڦرلٽ جو خاتمو ۽ غريبن، محنت  ڪندڙن جي حقن جي ڪا پاسداري نٿي ٿئي. تئين هن جي ذاتي زندگيءَ کي اوليت ڏيڻ بجاءِ عوام جو ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو ۽ ادبي ماڻهو پيدا ڪيا. اڄ غلام حسين خواجا جي پونيئرن ۾ سندس  فيملي سان گڏ شهر جا سڀ ماڻهو ۽سنڌ جو سجاڳ عوام جنهن غلام حسين کي سياسي طور پڙهيو ۽ سمجهيو. هن جي وڇوڙي جي ڏک ۾ شريڪ آهي.
تحريڪن جي تسلسل ۾ ڪيترا ماڻهو ايندا آهن، ڪيترا ويندا آهن، غلام حسين جي هڪ خاصيت هوندي هئي ته سندس هٿ ۾ ڪو نه ڪو ڪتاب يا ڊائري ۽ اخبار ضرور هوندي هئي، هٿ جي لوڏ ۾ کنيل ڪتاب ڄڻ سماج جي ظلم جبر کي هيءُ للڪاريندو هجي ته آخر صبح اچڻو آهي،
منهنجي لاءِ هي چند لفظ کڻڻ ائين ناهي ته ڪو وڏي سياسي ڪردار تي لکي رهي آهيان. بلڪ اسڪول جي زماني يعني ۱۵-۱۶ سالن جي نوجوان جي زندگي ۶۲ ورهين تائين به ڪيتري ڪمٽيڊ رهي، انهيءَ ڪري کيس ياد ڪرڻ سندس حق آهي.


No comments:

راءِ ڏيندا